صدين جون صدائون، ٻڌن ٿيون هوائون !
نه نه ائين قطعي ڪونه آهي. اسين شاد و آباد ٿي سگهون ٿا، سڪون جو ساھ کڻي سگهون ٿا. اچو ته هن ڌرتي کي پنهنجي حُسانڪي موٽائي ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون. پنهنجي شهر، پنهنجي ڳوٺ توڙي پنهنجي اوس پاس جي خبر چار لهون. جتي جيڪا ڪمي پيشي آهي انهي جي ياد دهاني اتان جي ذميوار فردن کي ڏيارون ته جئين اسان جو ايندڙ نسل ڪو سک جو ساھ کڻي سگهي، ڪا بهتر تعليم حاصل ڪري سگهي، کين ڪا سُٺي زندگي نصيب ٿي سگهي، باقي اسان جي ايندڙ نسل جو ٻيڙو ته هاڻ ٻڏل ٿو نظر اچي. ڪٿي به ڪنهن حڪمت عملي يا بهتري جي اچڻ جا امڪان نظر نه ٿا اچن. جنهن سبب اسان پنهنجي سُڃاڻپ وڃائي رهيا آهيون. ترقي ته اسان کان ڪوھ ڏور پري نظر ٿي اچي پر گهٽ ۾ گهٽ معاشري کي ته وڌيڪ بگاڙ کان بچائڻ لاءِ تحرڪ ۾ اچون، نه ته اسان جي ايندڙ نسلن جو حشر آفريڪا جي ٻارن جهڙو ٿيندو. اسان وٽ سڀ ڪجھ هوندي به ڄڻڪ ڪجھ ڪونه آهي. غريب جي ٻار جي حالت اڄ به اُها ئي آهي جيڪا حالت سندس ورهيه اڳ هئي. ڪا به تبديلي، ڪا به نواڻ سندس زندگي ۾ رونما نه ٿي سگهي آهي. سڀني جا سور ساڳيا آهن، سڀني وٽ اڻ هوند جا خزانا ڀريا پيا آهن، ڪنهن وٽ به هوند جي ڳالھ ڪونه آهي. ڀائيچاري ۽ ميٺ محبت ته ڪڏهوڪي موڪلائي وئي آهي پر اِن جي باوجود اجتماعي ڀلائي وارو جذبو اڃا ڪجھ ماڻهن ۾ پساھ کڻي پيو. اچو ته انهي جذبي جي پاسداري ڪندي پنهنجي آئيندي بابت سوچ ويچار ڪريون.
شين کي تبديل ٿيندي ڪو گهڻو وقت ڪونه لڳندو آهي. بس ضرورت هوندي آهي همت، خود اعتمادي ۽ پاڻ تي ڀاڙڻ جي، جي اسان اڄ سست روي جو شڪار ٿياسين ۽ پنهنجي مستقبل جي بهتري لاءِ ڪا ڪوشش نه ورتيسين ته پوءِ پڪ ڄاڻو ڪوبه مسيحا يا اڳواڻ اسان جي تقدير کي بدلائڻ لاءِ آسمان کان مٿان نازل ڪونه ٿيندو. اجتماعي طور سڀني جي ڀلائي لاءِ انهن ئي ماڻهن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو جن وٽ شعور آهي، جن وٽ سمجھ آهي، جن وٽ عقل، ڏاهپ ۽ فهم آهي. جن وٽ دنيا کي کاٻي اک سان ڏسڻ جو ڏانءُ آهي. باقي گهڻائي کي شمار نه ڪجي ڇو ته اڪثر طور گهڻائي غلط به هوندي آهي. اهو قطعي ممڪن ڪونه آهي ته گهڻائي هميشه حق ۽ سچ تي هجي، ڇو ته دنيا جي تقدير کي انهن ئي ماڻهن اڄ تائين تبديل ڪيو آهي جن جو تعداد بنھ ٿورو هيو. ڀلي اسان ٿورا ئي هجون پر مجموعي طور بهتري آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهون ٿا. اسان جا اِرادا اسان جي مستقبل کي محفوظ ڪري سگهن ٿا. زماني جون گرم هوائون گهڻن ئي جذبن جو قتل ڪن ٿيون. گهڻن جي خوابن کي چڪنا چور ڪن ٿيون. گهڻن کي نا اميدي جي گهيري ۾ آڻن ٿيون. گهڻيون ئي معصوم مکڙيون هنن هوائن جي ڪري ڪومائجي وڃن ٿا. انهن جي اِها حالت هڪ نئي صدا بڻجي ڪري هوائن ۾ سفر ڪري ٿي. اهو سفر ٿڪو نه آهي پر جهڪو ضرور ٿيو آهي. اِهل دل ماڻهو انهي هوا جي تيز واءُ کي سمجهي وٺن ٿا. سندس رخ جو اندازو هڻي ڪري ٻين کي آگاهي ڏين ٿا ته ٻيلي هوشيار ٿيو. همٿ کان ڪم وٺو. خود اعتمادي جو هٿيار استعمال ڪريو. پر ماڻهو الائي ڇو ڪن لاٽار ڪيون ويٺا آهن. هنن صدائن کي ڪابه موٽ ڏيڻ لاءِ تيار ڪونه آهن. جنهن سبب هن صدائن جي سفر کي اڃا تويل ٿيڻو پيو آهي. هن ڌرتي جي هر گهٽي، هر رستو، هر واهڻ توڙي وستي انهي اميد سان پساھ کڻي رهي آهي ته هنن صدائن کي هڪ ڏينهن ضرور ڪا نه ڪا مثبت موٽ ملندي، جنهن موٽ جي صورت ۾ گل ٽڙڻ لڳندا، گلستان ۾ بهار جي موسم جي آمد ٿيندي، حسين جوانيون خودڪشين جو کاڄ ڪونه بڻبيون، مفلسي ۽ غربت مسڪينن کي ڪونه ڳڙڪائيندي، نوجوان روزگار جي تلاش ۾ دربدر ۽ خوار ڪونه ٿيندا. هنن صدائن جو سفر هاڻ مڪمل ٿيڻ تي آهي.
(روزاني اڳواڻ حيدرآباد13 جون 2019ع)