راشد شر جي تحقيقي ڪتاب لاءِ لکي ڏنل محقق جو تعارف
ڪائنات جي هن سڄي ڪارونهوار کي سمجهڻ لاءِ ڳوڙهي علم جي ضرورت پوندي آهي، ان علم سان ئي شين جي ڇنڊ ڇاڻ ٿيندي آهي، علم جي وسيلي ئي مختلف شين ۾ فرق ڪري سگهجي ٿو ۽ کين سمجهي سگهجي ٿو. اسان جو هي سدا ملوڪ سُڄاڻُ دوست راشد شر ڳچ عرصي کان علم ادب سان سلهاڙيل هڪ اهڙو چمڪندڙ ستارو آهي جنهن جي چمڪ سندس فڪري تحريرن وسيلي نمايا ٿيندي رهي ٿي. راشد جي لکڻين ۽ تحريرن ۾ جملن جي روانگي، توڙي ٻولي جو اسلوب پڙهندڙن کي حيران ڪريو ڇڏي. پاڻ ادب جو شاگرد هجڻ جي حيثيت سان وقت بوقت پنهنجي لکڻين ۾ سماج جي مختلف پهلوئن کي اجاگر ڪندو رهي ٿو.
سندس ڪالمن، مضمونن، مقالن ۽ ڪهاڻين ۾ سماجي ڪردار ائينءَ هوبهو ڏيکاريل هوندا آهن جيئن اهي پنهنجي اصلي رنگ ۽ روپ ۾ هوندا آهن. انساني جذبا، اميدون جڏهن ڪنهن جي نيڻن ۾ گهر ڪري ويهنديون آهن ته انهي محل راشد جون سڀئي سوچون، فڪر جون سڀئي ڦرهيون انهن نيڻن جي آسري تي پنهنجو سڀ ڪجهه تياڳڻ تي تيار ٿي وينديون آهن. راشد جي مزاج توڙي طبيعت ۾ جيتري قدر مٺاس، پنهنجو پڻ ۽ سادگي آهي سندس تحريرن ۾ به ساڳيو رنگ ۽ ڍنگ، توڙي سمجهاڻي سمايل آهي، کيس هر هڪ معاشرتي ناانصافي،اڻ برابري ۽ ناپيد توڙي ناڪاره ٿيل فرسوده ريتن ۽ رسمن تي ڪروڌ ايندو آهي.
سندس قلم هميشه سچ لکڻ ۽ سچ کي ئي ترجيح ڏيڻ پسند ڪيو آهي، راشد جو قلم هميشه انهن معاشرتي پهلوئن کي اجاگر ڪيو آهي جن پهلوئن تي اسان جي معاشري جا اڪثر ماڻهو يا ته سوچيندا ناهن يا ته وري انهن پهلوئن تي سوچڻ ضروري ناهن سمجهندا اسان جي هن دوست انهن ڌڪاريل معاشرتي اصولن جي پاسداري ڪندي پنهنجي قلم جي ذريعي هڪ پاڪيزه معاشري اڏڻ جي واٽ جو گس ڏيکاريو آهي. راشد کي هڪ ئي وقت ادب جي مختلف صنفن تي عبور حاصل آهي، هو نثر توڙي نظم جي صنفن سان سٺو نڀاءُ ڪرڻ جو ڄاڻو آهي. ڳالهه عالمي ادب جي نڪري يا پنهنجي لاکيڻي لطيف جي فڪر ۽ فلسفي جي اسان جو هي دوست سڀني موضوعن ۽ مضمونن سان هڪ جيترو انصاف ڪندڙ ليکڪ آهي، دنيا جا انقلابي اڳواڻ هجن يا سماجي شخصيتون، سڀني سان معتبراني طريقي سان پاڻ ملهائي ٿو، کيس ڪهاڻيون، مضمون، ڪالم ۽ مقالا لکڻ جو جيڪو بنيادي وسيلو آهي اهو سندس مطالعي ۽ مشاهدي جو وسيع هجڻ، ڇو ته مطالعي ۽ مشاهدي سان فڪر جا نوان گس متعارف ٿيندا آهن. جنهن سان ليکڪ کي نوان عنوان ۽ پهلو لکڻ لاءِ ملندا آهن.
راشد جو به گهڻو وقت ڪتابن سان گذريو آهي اڃا به کڻي ائين چئجي ته ڪتابن جو گهڻو وقت راشد سان گڏ گذرندو آهي، ڪتاب سان سندس ان لاڳاپي ۽ ويجهڙائپ کيس ادبي دنيا ۾ نمايا ٿيڻ تي مجبور ڪيو آهي ۽ سندس خيالن جي پرواز کي ايترو مٿي ڪيو آهي جو سندس سوچون ڪائنات منجهه موجود هر هڪ چرپر کي نوٽ ڪرڻ لڳن ٿيون ۽ کيس لکڻ تي اتساهينديون رهن ٿيون، راشد جي انهي گفتار ۽ اسلوب گهڻن ئي بند توڙي اونداهه ذهنن ۾ شعور جي لاٽ ٻاري ڪيترائي روشن خيال ذهن تيار ڪيا آهن. راشد جي سمورين تحريرن مان سندس هي مونوگراف انڪري به پنهنجي هڪ الڳ حيثيت رکي ٿو جو سندس هي هڪ تحقيقي ۽ اهم ادبي محنت آهي.
سندس هن اهم ساراهه جوڳي ڪامياب تحقيقي مونوگراف جي نه صرف راشد کي مبارڪ هجي بلڪه ادب جي سمورن شاگردن کي به سنڌي ادب جي هڪ ڪلاسيڪل شاعر تي هن جامع انداز ۾ ٿيل تحقيق جون اڻ ڳڻيون واڌايون هجن ڇو ته سنڌ جي هن اهم ڪلاسيڪل صوفي شاعر خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي ڪلام تي ڪيل تحقيق سنڌي ادب لاءِ هڪ جامع تحفن ۾ به ڳڻي سگهجي ٿو جنهن کي پڙهڻ سان ڪيترن ئي ادب جي شاگردن استادن ۽ محققن جي علم ۾ اضافو ٿيندو.
(راشد شر جي تحقيقي ڪتاب تي لکيل محقق جو تعارف، هي ڪتاب سنڌ سلامت گهر تي موجود آهي)