”توکي ساري ساھه“ تي هڪ نظر!
”ويجهي قرب ڇانوري ۾ سَدا
نينهن جا ڌاڳا وٺي وينداسين!
ساڙ رهندو ”صنم“ نه ڪنهن دل ۾،
ٻِجُ محبت جو ڇَٽي وينداسين!“
صنم سنڌو ڀنڀرو جي شاعري جي هن مجموعي تي نظير حسين ملاح پنهنجا خيال ڪجھ ريت اوري ٿو ته: ” صنم سنڌو هڪ تسلسل آهي ان پيغام جو جيڪو صدين کان هلندو رهي ٿو. اهو پيغام هر پڙهندڙ تائين لکڻين جي صورت ۾ پهچندو آهي. لکڻين ۾ خاص ڪري شاعري واري لکڻي تمام گهڻي مقبول ۽ مشهور رهي آهي. دور قديم ۾ به ته دور جديد ۾ پڻ! هن دور ۾ صنم جهڙيون شاعرائون تمام گهٽ آهن. هن وٽ تمام اوچا خيال به آهن ته احساس به، جذبا به آهن ته جوش به، اميدون به آهن ته خواب به! اهڙي طرح صنم جو جيڪو لکڻ سان ناتو آهي اهو تمام گهرو آهي ۽ قدرت هن کي ڏات به ڏني آهي ته ڏانءُ به ۽ هن پنهنجي لکڻين ۾ ڄڻ روح ڦوڪيو آهي. هر ليکڪ جي لکڻي جڏهن دل جي دروازي تي دستڪ ڏيندي آهي ته ان وقت محسوس ٿيندو آهي ته ان ليکڪ جي اڏام ڪيتري آهي مان ائين ضرور چوندس ته صنم جي لکڻين ۾ اثر آهي ۽ دل کي جهنجوڙڻ وارو احساس پڻ.
کائي ويو بارود خوشين کي
ٿي سُڃ صنم سنسار ويو آ
سجاد سومرو، توکي ساري ساھ بابت ڪجھ هن ريت لکي ٿو ته: ”صنم سنڌو جي شاعري رات جي راڻي جيان سرهي آهي. جنهن جي خوشبو پري پري تائين پکڙجي پڙهندڙن کي سرهو ڪري ٿي ڇڏي. صنم ۾ اُهي سڀ خوبيون آهن جيڪي هڪ سٺي شاعره ۾ هئڻ گهرجن. آئون سندس لاءِ دعاڳو آهيان ته شال ڏات جي ديوي مٿس سدا مهربان رهي ۽ ھُو ساڻيھ کي ” توکي ساري ساھ“ جهڙا انمول ڪتاب ڏئي ادب جي ڏيئي کي روشن ڪندي رهي! هن ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل محترمه شاهده کوکر صاحبه لکيو آهي جن جو تعلق لاڙڪاڻي شهر سان آهي. محترمه شاهده کوکر جا هن ڪتاب بابت تاثرات ڪجھ هن ريت آهن: ” صنم سنڌو ڀنڀرو جا ڪچا ڦڪا شعر فني حوالي سان ٿي سگهن ٿا پر انهن ۾ فڪر حالتي بياني آهي. صنم جي شاعري اڪثر موضوعاتي شاعري آهي ۽ اها شاعري ٻڌائي ٿي ته شاعره جون اوجاڳيل اکيون سماج جي مڙني رخن کي ڏسي رهيون آهن“. هي آهن ڪجھ سُڃاڻ ۽ اهل دل ماڻهن جا رايا جيڪي صنم سنڌو ڀنڀرو جي ڏات بابت قلمبند ٿيل آهن. هن ڪتاب بابت هاڻ پاڻ هلون ٿا ڪتاب جي ليکڪا جا خيال معلوم ڪرڻ ته سندس ويچار پنهنجي هن مجموعي بابت ڪهڙا آهن. صنم سنڌو ڀنڀرو پنهنجي هن ڪتاب ۾ پنهنجي پاران ۾ لکي ٿي:
منهنجو هي پهريون شعري مجموعو آهي. ”توکي ساري ساھ“، مون کي بيحد خوشي ٿي رهي آهي ته اڄ منهنجي سالن جو قلمي پورهيو ڇپجي ڪتابي صورت ۾ پڙهندڙن جي هٿن تائين رسيو آهي. زندگي جو سفر تڏهن سجايو ٿيندو آهي جڏهن ٻين جي لاءِ جيئڻ جي ڪوشش ڪندڙ انسان جي عظمت ڀري آيت پڌري ٿيندي آهي. منهنجي لکڻ جو خاص عنوان ڌرتي وارن جي زندگي، اها زندگي جيڪا سڪون لاءِ واجهائيندي واجهائيندي تمام پري نڪري وڃي ٿي. اها زندگي جنهن جي اکين ۾ ارمان جون نديون آهن جيڪي ايتريون ته گهريون آهن جو قلمڪار جي ڪويتا کي به سمائي سگهن ٿيون. پنهنجي گهراين جي گُهٽَ ۾ جيتري ڌرتي وشالتا آهي ايترا ئي انسان جا ڏک گِهرا آهن جن کي سمجهڻ لاءِ حساس اکين جو هجڻ لازمي آهي.
هن وقت سنڌي ادب ۾ عورت شاعرائون به سُٺي نموني پاڻ ملهائي رهيون آهن. جيتوڻڪ اڪثر عورتون شاعري ڪري رهيون آهن تڏهن به اها ڳالھ سُٺي سمجهڻ گهرجي ته ادب ۾ به عورتن کي مان ڏنو ٿو وڃي جيڪو حقيقتن به کين ملڻ گهرجي. صنم سنڌو ڀنڀرو جو تعلق ضلع خيرپور ميرس جي شهر راڻيپور سان آهي. هن ئي شهر ۾ سچل جو آڳند به آهي. سندس روحاني لاڳاپو سچل سان به رهيو آهي ۽ سچل کي شاعري ۾ عقيدتن هڪڙي ميار ڏيندي صنم سنڌو ڀنڀرو پنهنجي هڪڙي وائي ڪجھ هن ريت به لکي آهي ته:
سنڌ ۾ غيرن جا گند ڏسي،
پنهنجن جا هاٿي وارا ڏند ڏسي،
سچل رُوح روئي ٿو.
ٿر ۾ ماروئڙن ۽ مورن جا،
سُڪل ساڻا ساڻا سَنڌ ڏسي،
سچل رُوح روئي ٿو.
مٺڙو ڳالهائي ماروئڙن کي موهن ٿا،
ڦورن جا هي ڦند ڏسي،
سچل رُوح روئي ٿو.
دين، ايمان ۽ احساس کان عاري،
دولت اڳيان جهڪيل ڪنڌ ڏسي،
سچل رُوح روئي ٿو.
دردن جي واچوڙي ورايو صنم کي،
سنڌ جا ويران ٿيل هنڌ ڏسي،
سچل رُوح روئي ٿو.
صنم سنڌو ڀنڀرو جي هن ڪتاب کي سنڌيا پبليڪيشن حيدرآباد ڇاپيو ويو آهي. 128 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 150 روپيه رکي وئي آهي. فيبروري 2019 ۾ شايع ڪيو ويو آهي. جنهن جو ڇپيندڙ زاهد ٻٻر ۽ ڪمپوز ڪندڙ زبير سومرو آهي.