شاعري

ڪونجون ڪرڪن روھَ تي

ھن ڪتاب ۾ چئوسٽا، بيت، دوھا، وايون ۽ ترائيل شامل آھن. مھاڳ ۾ شيخ اياز لکي ٿو؛ ”مون باهوءَ تان چؤسٽي جو فارم کنيو آهي جيئن ساميءَ تان سلوڪ ۽ ڀٽائي تان بيت جو فارم کنيو آهي. ’ڪونجون ڪَرڪن روھ تي‘ ۾ باهوءَ جي مابعد الطبيعات (Metaphysics)  نہ آهي ۽ منھنجي شاعري ۾ جو فلسفو آهي ان جي ڪائي هڪ سٽ باهوءَ سان يا ٻي ڪنھن سان نہ ٿي ملي. ها، اهو ضروري آهي تہ ڪيترن چؤسٽن ۾ مون پنھنجي نقطہ نگاھ کان هن ڪائنات جي وحدت بيان ڪئي آهي. انھن ۾ ڪجهه چؤسٽا ڪراچيءَ جي حالات جي باري ۾ بہ آهن. اُن دؤر جي دهشتگرديءَ جي عڪاسي ڪن ٿا.“

  • 4.5/5.0
  • 10
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شيخ اياز
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڪونجون ڪرڪن روھَ تي

چوسٽا (سلطان باهوءَ جي نالي)

ساري رات اسان جاڳون ٿا جهونجهڪڙي اکِ لڳي هُو
ورهڻ جئن ڪا ڪاري اُڀ ۾ تارا تڪي تڳي هُو
ڇا ڇا پٺتي رهجي ويو آ ڪير نڀائي اڳي هُو
حال ته اچڻو وڃڻو آهي حال ته سڀ کي ٺڳي هُو

*

ڳاڙهي ڊاک اُنهيءَ جي وَل تي هي چانڊوڪي هُو،
رُت بسنتي آئي آهي، ٻيرِ ته ڏس ڪئن ٻوڪِي هُو
سورَ اُڀاريا ڪُوڪي ڪويل ڇو نه ڪيو ڪجهه تو ڪِي، هُو
گَرچه گلاب جيان اڄ تازي ناهي پريت پروڪي هُو.

*

بيٺو عشق نچائي ڪنهن کي ٿيا ٿيا هُو
ڪُن اندر ڦيراٽيون کائي پيئي نيا هُو
هيءَ اڪيلي ناوَ انهيءَ جو ڪير کِوَئيا هُو *
اونداهي اڌ رات انهيءَ جي هيا هيا هُو.

*

چنڊ کجيءَ جي ٻانهن ڳچيءَ ۾ پائي هيٺ نهاري هُو
نيرو نَڀ درياهه جيان ٿو چندر مان کي تاري هُو
پِپل پاڙ ٻَرن ٿا ڏيئا ويو ٽارين کي ٽاري، هُو
نيڻ اڃا تائين ٿا لوچن ساڳي نينهن نظاري، هُو.

*

باهو تو جو عشق ڪيو سو نانهه اَجايو وڃڻو هُو،
مان ڄاڻان ٿو جنهن جنهن تڙ تي آ توکي ڀيرو ڀڃڻو هُو،
چنڊ ڇڪي ٿو سينڱ، انهيءَ کي تيرُ ته توتي سڃڻو هُو
هُو هڪڙي ڏينهن ته اچڻو آهي، ماڻهوءَ موتُ ته مڃڻو هُو.

*

سِجُ ٻڏي ويو پاڻيءَ ۾ ۽ نديءَ تي آ سانجهي هُو،
چوڌاري وڻ سانت سمايا، اونده ڪنهن آڳانجهي، هُو
سانت سمندر وانگر ڇُلڪي، موڙهو من جو مانجهي هُو
ٿو جهوپيءَ ۾ ڏيئو ٽمڪي، ٿالهيءَ ٿالهيءَ ڪانجهي هُو.

*

هي جا پوڙهي چيلهه چٻيءَ سان ڪاٺيون ڍوئي هُو،
مڙس اُنهيءَ جو ڪئِن نه اگهائيءَ ۾ ٿوروئي، هُو
گهر پهچي هوءَ هُن لَئهِ چانور ويٺي سوئي، هُو
ڀاڳ اڳي جئن ساڳ سرنهن جو، ڪنهن کي لوئي، هو؟

*
هو باهو سلطان به آهي، بُلي شاهه به هُو،
ڄڻ ته ڀٽائيءَ جي آويءَ ۾ آ اوچو اوڙاهه به هُو
شال فريدا هن کي سمجهين مهر به هُو ۽ ماهه به هُو
آهي امن پيام انهيءَ جو، سڀ سان آهي ٺاهه به هُو.

*

دم مان آهه عدم نڪتو ۽ دم مان نڪتو آدم هُو، هر
هَر ڪنهن کي جي مرڻو آهي، موت اجايو آ غم هُو،
سهڻي تنهنجا وارَ هوا ۾ ڇا زلفِ پُرخم هُو
موت اڳيان ميهار نه ڪوئي، ناهي ڪوئي ڄڻ ڏم هُو.

*

آڪاس سمندر وانگر آ، ۽ چنڊ تري ٻيڙي جان هُو
آنءُ ته ڪوئي ڪوڏ به ناهيان، سُرکي ڪيئن سمايان، هُو
ماهيگير گهريا گهڙن ۾ گهِلي ڄار مڇين سان، هُو هُو
جيڪيو سڀ کي رزق رسائي، واري آنءُ انهيءَ تان، هُو.

*

موٽي ڪو به نه آيو آهي، ڏَس ڏئي جو ڪوئي هُو
مٽيءَ هيٺان ڪو به نه ٻولي آهي سانت سڀوئي هُو
ساکَ نه رهندي ڪنهن به سَکيءَ جي لاکَ نه هوندي لوئي هُو
ڪنهن کي سار نه رهندي باهو ڇا پاتي ڇا کوئي، هُو. *

*

ڪنهن کي ڪَل نه آهي ڪائي، ڪنهن نه سڀاڻو ڄاتو هُو،
نيٺ ندي جا سمنڊ سمائي تنهنجو انت نه پاتو، هُو،
جهرڻي وانگر گيت اچي ٿو، ڪير چوي ڪنهن ڳاتو هُو!
پريت ته آئي نشي وانگر، ڇا ڪنهن يار سڃاتو هُو؟

*

جوٺي جڳ جي جُٺ وساري ائٽ مٿان ٿي ڪَتي هُو
پير پٿون ۽ راهه اڻانگي پنڌ ڪندي ٿي وتي هُو

لُوهَ لڱن کي لهسايس پَروئي ڏهاڙي تتي هُو
عُمر انهيءَ لئه سوال مُنجهايا مڌ مزي تي مَتي هُو.

*

ڪنهن جو ڪنهن جو ڏک روئيندين ڪيئي گل ۽ لالا هُو،
غالب وانگر ڪيئي تن جا ڪالهه غزل سراها، هُو،
رَبا! سُهڻيون تو دنيا ۾ خلقيون آهن ڇا ڇا هُو

نقش مٽائين ٿو ائن تن جا جيئَن مصوَر پردا، هُو.

*

وڻ جون ٽاريون چانڊوڪيءَ ۾ جيئن لڏن، تئن ٻانهون، هُو
ڪيڏيون سانت سمايون آهن در دوندن جون دانهون هُو؟
اُتر واءُ ته ناهي سَر تي آهن ڪيئي آهُون هُو!
ٻيا سڀ جا رستا باهو سپنا سپنا راهُون هُو.

*
مسجد جي مينار مٿان جيئن چنڊ رُلي ٿو، هُو
قطرهءِ شبنم شاخِ گل تان جِيئن ڪِري ٿو، هُو
’هو‘ ئي ’هو‘ جو وَرد ڪبوترَ جيئن ڦِري ٿو، هُو
منهنجو روح تڏهن گنبذ ۾ ايئن گهِري ٿو، هُو.

*

’رانجهو‘ ’رانجهو‘ هير ڪري ٿي رانجهو جهنگِ سيال ڪٿي هو؟
رانجهو سوچي رانجهو لوچي، رانجهو سنگَ خيال ڪٿي هُو؟
هير سدائين ڳولي پنهنجو مستقبل ۽ حال ڪٿي؟ هُو
مڇي ڳولي باهو، هُن لئه جڳ ۾ ڪيڏا جال ڪٿي؟ هُو *

*

عشق الله سان جنهن کي ڪونهي باهو ڪهڙو ماڻهو، هُو
هر ڪنهن کي ٿو چيري ڦاڙي چيتي جهڙو ماڻهو، هُو
جيڪيو اُڃ اُجهائي سڀ جي پاڻيءَ ٻهڙو ماڻهو، هُو
ڪک به هلڪو آهي جنهن کان اهڙو اهڙو ماڻهو، هُو.

*

سورج مُکيءَ جي کيت جيان مان ننڊ ڪيان ٿو، هُو
سجَ اُڀري کان اڳ ۾ ئي ڇا لاءِ اُٿان ٿو، هُو
سج اُڀري ٿو دور اُفق ۾ آنءُ ڏسان ٿو، هُو
تون ڇا ڄاڻين آنءُ عبادت ڪيئن ڪيان ٿو، هُو.

*

ڪويل ڪوڪي ٿي سانوڻ ۾ مينهن پوي ٿو، هُو
ڪو ته اُنهيءَ آواز ۾ آهي ڪجهه ته چوي ٿو، هُو
ڌرتيءَ کي آڪاش منجهاران ڪو ته سڏي ٿو، هُو
عشق الله جو توکي پنهنجي طرف ڇِڪي ٿو، هُو

*

سڀ ماڻهو مهمان هيا گهر ڪنهنجو ناهي، هُو
ڪيڏا نه پرندا اُڏري ويا سَر ڪنهنجو ناهي، هُو
روز سڀان پَرُ ٿيڻو آ پَرُ ڪنهنجو ناهي، هُو
موت رڳو پاڇائون آڏَر ڪنهنجو ناهي، هُو.

*

هو چوڏس جو چنڊ ٻري ٿو، سَهو گوارِ ٿو کائي، هُو
ڪَنڊيءَ پٺتان دور شڪاري، ڪاتَر ٿو اُڇلائي، هُو
چنڊ ڏسي ٿو اُن کي پرتان بيوس ٿي ٻاڏائي، هُو
ڪهل نه ڪائي ڀيلَ، چپن تي مُرڪ پئي لهرائي، هُو.

*

باهو، چانئٺ تي آيو ٿي، دروازو ڪئن ٻوٽين، هُو
آهي هي آواز ازل جو ان کان ٻوڙو ڇو ٿين، هُو
هو جو ايڏو ويجهو آهي، تنهن لئه ڇو ٿو ڪاهين، هُو
جيءَ ۾ جهاتي پاءِ ڙي باهو، سڀ ڪجهه تون آهين، هُو

*

توريت پڙهيو، انجيل پڙهيو، قرآن پڙهيو سي هُو
رومي، سعدي، حافظ جو ديوان پڙهيو هُو
آهه اهو ئي ڏک نه ڪڏهن انسان پڙهيو سي هُو
ڪو نه سڃاتا درد سندس، درمان پڙهيوسي هُو.

*

باهو تو پنجاب ڏٺو آ، سنڌ به ڏيکاريانءِ، هُو
چولستان جيان هت ٿر ۾ ڪرهي تي تاريانءِ، هُو
جي ٻاجهر ڪاٿي ٻاجهه ڪري مان سنگ پَٽاريانءِ، هُو
چوڄ منجهان ڍوڍي جي ڳٽي مان کاريانءِ، هُو.

*

ڀَتُ، پُلاءُ نه سيرو آهي، لاشَ ڪرن ڪِئن، هُو
سج چڙهي ويو آ پورهئي ۾ ڪير وَهي هِئن، هُو
لاسيا ڪَمُ ٻنيءَ ۾ ڪن ٿا ڍور ڍڳي جئن، هُو
همرچو جئن ٿو ڪو ڳائي تيز ٿين تئن، هُو. *

*

سُگهڙ آءُ تڏي تي منهنجي هيءَ ڳجهارت ڀَڃُ، هُو
”اڳتي نهر مٺي پاڻيءَ واريءَ مان تون وَڃ“، هُو
سانجهي اُڀ مان ايئن لهي ٿي جئن اَمڙ جي ٿڃ، هُو
ٿڪجي ويهه نه ڪنهن وڻ هيٺان ڳالهه ته منهنجي مڃ هُو.

*

ميان متان تون لاهين پنهنجِي کائُڙَ کٿِي، هُو
ان وانگر هن ٻوريءَ ۾ ڪا چيز نه اَٿي، هُو
هيڏيءَ رستيءَ مان ميڙي جا، تو آ سَٿي هُو
ان کٿيءَ جي تو نه ڪڏهن آ قيمت ڪٿي، هُو.

*

گڏجي ٻوريون ٿا هو ڪاهن ڪير اُٺن تي، هُو،
چانڊوڪيءَ ۾ جن کي ڪارا کيسَ پُٺن تي، هُو
مولا مهر ڪئي آهي تو هيل مُٺن تي، هُو
هيل وڌي ولهار ويا ڪيڏا نه بُٺن تي، هُو.

*

رات لڙي آ اُڀ ۾ تارا ٽِم ٽِم ڪن ٿا، هُو
هيءَ ڪتيءَ جي مُند، ڪڪر ڇو رم جهم ڪن ٿا، هُو
آهه طلسمي رات ستارا سِم سِم ڪن ٿا، هُو
جنهن ۾ ڪيئي چانڊوڻا ڄڻ چِم چِم ڪن ٿا، هُو.

*

باهو آءُ ڀٽائيءَ کي تون تنبوري تي ڏِسُ، هُو
جنهن جا بيت ٻڌي بادل مان چَنڊ ڪڍبو سسُ، هُو
ڇا هن جي وائي آهي، ڪو ناهي جنهن جو جَسُ، هُو!
وک وڌائي جنهن تي ڪرهو لاهي آرِسُ، هُو.

*

ڏينهن تتي جو پاڇاوان ڪن جيئن کجيءَ جا ڦرها، هُو
سانوڻ سارَ اچي ٿي ڏاڍي، ڏينهن جڏهن ٿين سَرها، هُو
مينهن ڦڙيءَ بن ماروئڙا اڄ ڪيڏا آهن اَرها، هُو
شال ڀِٽن تي آنءُ ڏسان ڪلهه وانگر ڪَرها، هُو.

*

اَنُ جڏهن ايمان ٿئي ٿو، رب ٿئي ٿو مانِي، هُو
هيءَ صدي گذري ويئي جا آهه رڳي ناداني، هُو
هيئن ڪڏهن اڳ ۾ ماڻهوءَ لئه ٿي آ ماني ڪانِي؟ هُو
هيئن ڪڏهن اڳ ۾ ماڻهوءَ جي جيءَ نه ڳوليو جاني؟ هُو.

*

باهُو، ڪئن ڪرلاهو ٿيندا مئا مصنف، هُو
زنده ماڻهو ڪو نه لڀن ٿا مليان پيو ڪَف، هُو
ڪالهه سموري سنڌ ڪَٺِي هئي ڪيڏي هئي صف، هُو
ورلي ٿي ٿو پنهنجو ڪنهن سان هاڻِ تعارف، هُو

*

تو به ائين پيريءَ ۾ پاتو باهو سَچُ اَڪيلو؟ هُو
يا ته هئي تنهنجي محفل ڪو ماڻهوئڙن جو ميلو، هُو
تولئه مون جئن تنهائي هئي ڇا ڪو وِهه جو ويلو؟ هُو
ڀانت ڀانت جا نار رهن ٿا، هونءَ ته دنيا ٻيلو، هُو.

*

ڦِرندو واءُ، ٻنيءَ ۾ رهندو سنگ نه ڪانو، هُو
ڪنهن کي ڪو به بقاءُ نه آهي، ڇا تي ٿين ديوانو، هُو
ڀل تون مال ڏسي وٺ پنهنجو کولي ڏِس تون خانو، هُو
ناهه ڪفن کي ڪوئي کيسو، هرڪو ايئَن روانو! هُو.

*

موتي آنءُ ورهايان ويٺو ڪو به نه جهَلي جهولِي، هُو
آنءُ خزاني وانگر پنهنجي آهه ڪويتا کولي، هُو
ديشَ ديشَ ڪَويءَ ڪنهن ناهي، مون وانگر هئن ٻولي، هُو
سِٽ سِٽ پچڪاري آهي ڄڻ، ٻول ٻول آ هولِي، هُو.

*

مينهن جيان تون منهنجي من ۾ لاتا اڄ وسڪارا، هُو
سِٽ سِٽ ۾ ڀرجي آيا ڪيئي ڪڪر ڪارا، هُو
ڪو به اُڃارو نانهه ڀريا مون تن لئه ٽوڀا سارا، هُو
تن ۾ ڪئن نه تَرن ٿا اڀ جا ٽمڪي ڪيئي تارا، هُو.

*

باهو تولئه ٽاهو ها ڇا ڌرتيءَ جا سُک، هُو
تو به ڏٺا ها مون وانگر ڇا ڏونگر جيڏا ڏک، هُو
ڪيڏيءَ ٻوسٽ ۾ گذري آ، ڪائي وائُک، هُو؟
ڪيڏي ڀينگ اٿم چوڌاري ڪيئن لهي بُک، هُو.

*

باهو هڪ الله ته آهي سڀ ڪنهن جو رکوالو، هُو
ماڻهوءَ پنهنجي من تي ڇاجي لاءِ هنيو تالو، هُو
ڌوٻيءَ وانگر مون من ڌوتو، آهه اڃا ڪجهه آلو، هُو
ڇاتي هي انسان ڪُڏن ٿا؟ نالو! ڇاهي نالو، هُو؟

*

ڪورو آهه ڪڏهن کان پيارا آءُ اُمايون دلو! هُو
ماڻهوءَ جو ايمان ٿيو آ رب مان ڪيڏو ڍلَو! هُو
ڄڻ سارو ويران لڳي ٿو روحانيت – ڳِلو! هُو
آ اڳ جئن ويساهه ڀَلو، اڄ تَنهن جو ڪَيون بِلو! هُو.

*

بادل مان سانجهي بکي ٿي، سونُ بکي جئن ڏنگي، هُو
توکي ديد پوي ٿي ڪائي انڊلٺ ڪنهن هئن ونگي، هُو؟
رات لٿي آ، چندرما جو ناهي ساٿي سنگي، هُو
حيرت ۾ حيران ٿيان ٿو رنگ بڻائي رنگي، هُو.

*

ڪنهن ڪيئن ڏٺو، ڪنهن ڪيئن ڏٺو، تون رب ته ساڳو سائين، هُو
تون بادل ٿي برسائين ٿو، تون ڪويل ۾ ڪُرلائين، هُو
تون وڻ وڻ ڦُڙ ڦُڙ وانگر آن تون وسڪارا وَرجائين، هُو
هي باهو تنهنجوئي بندو آ شال اُنهيءَ ڳَرلائين، هُو.

*

ساري ڌرتي رَتُ جا ٽوڀا ماڻهوءَ اُڃ نه لٿي، هُو
مٽي ڍيرَ ڪري ڪنهن آهي سِر سِر مٿان سَٿي، هُو
سون جيان درياهه وهي ٿو، آهي سانجهي لَٿي، هُو
باهو عمر گهڻا پَل آهي عمر نه ڪنهن ڪَٿي، هُو.

*

بندي وان ته آنءُ به آهيان گهَر جي بندي خاني ۾، هُو
سارو ڏينهن وڃي ٿو گذري غالب جئن ويراني ۾، هُو
هاڻي اوتَ به ڪا نه وجهان ٿو مان پنهنجي پيماني ۾، هُو
ايئَن تصور ڇانيو آهي ڄڻ آهيان مئخاني ۾، هُو.

*

ڪورنگيءَ ۾ ڪير مُئو آ، ڇا هِي ماڻهو ناهي، هُو
هي لانڍيءَ ۾ لاش کڻن ٿا، ڪير پُڇي ڪير اهي، هُو
شهر ڪراچي ڪيئي مردا، ڪو به نه رکي ٺاهي، هُو
ميڙاڪو ڏِس آهه ڪيو ڪيڏو نه ڳِجهن چؤراهي، هُو.

*

لَٽو ناهه لڱن تي هن کي سيءُ پيو ٿو ساڙي، هُو
اَڪ سُڪا ٻاري ڪاٽي ٿِي رات جڏهن ڪا پاڙي، هُو
ڪوئي مسافر آيو تنهن ۾ آ ليڙي کي لاڙي، هُو
کَٽ ڍلي مهمان ملي آ، تانگهَه پيو ڄڻ تاڙي، هُو.

*

آهه اکين ۾ واري هن جي لُوءَ ۾ پئي لُوساٽي، هُو
کبڙ ڇانوَ پيو هو ڳولي جنهن ۾ منجهند ڪاٽي، هُو
ڪنڊيءَ پَن چَري ٿو هن جو اُٺ اُڀاري ڳاٽي، هُو
ڪير مٿي تي آڻي پيئي گهر مان لسيءَ ماٽي، هُو.

*

نِم جي ڇانوَ ٿڌي آ ڪيڏي آءُ ته ڪو دم ويهون، هُو
پاڻُ به ڄڻ آڪاس جيان آ، آءُ انهيءَ ۾ پيهون، هُو
هن ڌرتيءَ جون ڪوڙيون ڳالهيون چئجن ڪيهون ڪيهون، هُو
ٻار ته ڪيڏو خوش لڳي ٿو کائي ويٺو پيهون، هُو.

*

باهو نانءُ خدا جو سچو ٻيو سڀ آهي فاني، هُو
جڳ گهڙيءَ جو ميلو آهي ڪوئي خان نه خاني، هُو
حرص هوس انسان ۾ آهي ڄڻ ساري ناداني، هُو
هي جيڪو مانڊاڻ، انهيءَ جو ڪو ته لڳي ٿو باني، هُو.

*

باهو مون شيطان ڏٺا اسٽالَن وانگر، هُو
نيٺ ڀڄِي پيا اُتر واءُ ۾ ڪانن وانگر، هُو
ڄڻ ته ٽٽل تنبوري نڪتل تانن وانگر، هُو
پو به ڳچيءَ ۾ آهن ڪِن جي ڳانن وانگر هُو.

*

هاڻي ڇا ٿيندو بس ويئي منهنجي عمر اَجائي هُو،
اُن جي ڪيئن تلافي ٿيندو بيت هجي يا وائي هُو
نيٺ ته مٽي آ پاينده ناهي صورت ڪائي هُو
باهو جي مون مرشد گهرجي ڪافي آهه ڀٽائي هُو.

*

ڪو به نه وهڻو آهي باهو هرڪو مِٽي هُو
قبر مٿان چانڊوڪي آهي سڀ جي چٽي هُو
ڪير نه آهي جنهن هن جڳ سان ڪو نه ڪئي آ ڪِٽي هُو
انڪاري آ ڪير خدا کان، ڪنهن جي قسمت ڦٽِي هُو.

*

ڪو به انهيءَ کان ڪو نه بچيو آ موت مِڙن ڏي اچي هُو
ڪاريهر جئن ڪاٽ انهيءَ کي ڪير انهيءَ کان بچي هُو
عمر ڪري ٿو ضايع پنهنجي جو دنيا جي ڏچي هُو
ڪيڏو خوش آن هٿ وتو آ تنهنجو مرشد سچي هُو.

*

باهو ڪاهوءَ تي بيهان مان يا هڙپا ۾، هُو
هي شي آهه فنا جي زد ۾ فرق ڏسان ڇا ۾، هُو
آ انسان حقيقت ڪهڙي؟ قطرو دريا ۾، هُو
ڪهڙي معنيٰ رکندو آهي ذرو صحرا ۾، هُو.

*

باهو رنگ برنگي دنيا ڪيسين رهڻي آهي، هُو
دُک جي دين اُنهيءَ ۾ توکي ڪيسين سهڻي آهي، هُو
نيٺ ته ٻيڙي سِير وٺي ٻي پاسي ڪهڻي آهي، هُو
ماڻهوءَ کي ٻيو جيون ملندو موت ته ننهڻي آهي، هُو.

*

سَهو مري ٿو جيئن اچانڪ ڪولهيءَ جي گهوٻاٽي، هُو
لاڙي ايئن اچانڪ هرڪو پنهنجي ڳاٽي، هُو
موت جيان آرام نه ڪوئي، ماڻهو ناهي گهاٽِي، هُو
ڪو به نه رهڻو آهي، هرڪو ڏينهن وڃي ٿو ڪاٽي، هُو.

*

ڪير چوي هي رات ڪٽي، مان ننڊ منجهان جاڳان، هُو
ڪير چوي ڪنهن وقت مهارون موڙيان ماڳان، هُو
ڪير چوي ڪنهن وقت کَٽِي ٿئي دل منهنجي راڳان، هُو
ڪير چوي ڪا چيز ملي آ مون کي اڄ ڀاڳان، هُو.

*

هُو ۽ تو ۾ فرق اجايو، وچ ۾ آهه حياتي، هُو
هو ته ميان آئينو آ، تو اِن ۾ جهاتي پاتي، هُو
آ ڪنهنجي تقدير وري اڄ انالحق لئه آتي، هُو
آنءُ چوان ٿو، ڏَرُ نه انهيءَ کان ناهي موت مماتي، هُو.

*

نيٺ ته وسڻو آهي، ڪلهه کان وِڄ پئي ٿي چِمڪي، هُو
ڪاري اُڀ ۾ ڪوئي تارو ٽِم ٽِم ٽِمڪي، هُو
ڇا هو اچڻو آهي هئن ڇو جيءُ پيو ٿو جهمڪي، هُو
منهنجي من ۾ ڇو وسڪارو ڇَم ڇَم ڇِمڪي، هُو.

*

هاڻي ڇا کي ياد ڪرين ٿو جا گذري سا گذري، هُو
اَڀريءَ واءُ لڳِي گل ڇاڻيا، خواب جيان خوشبُو ٿي، هُو
هاڻي سارَ اجائي آهي ڇا ڏکي ڇا سُکي، هُو
آهي آخر سمنڊ سمائي ڪهندي ڪهندي ندِي، هُو.

*

موت ملاقاتي ٿيڻو هو، آنءُ لنوايو هُن کي هُو
هونءَ ته هڪ عمر ملي هئي آنءُ گنوايو اُن کي هُو
ندي تارئون تار وهي ٿي، آنءُ وساريو ڪُن کي هُو
سڙهه جڏهن ڦاٽي ويا سارا، مان وساريان ٿو تُن کي هُو.

*

تارن جي تِر مِر ائِن مون کي ساري رات سَتائي هُو
جئن تنبوري تڻ تڻ منهنجي من کي پيئي گهائي هُو
تنهنجو نالو جو وِسري ويو واهوندو ورجائي هُو
تون جا رويا آهين ڪئن ڪو توکي تن سان لائي هُو.

*

توبِن ڪئن ڪاٽيان مان هيڏي رات پهاڙن جيڏي، هُو
ڪيئن چئجي مان ننڊ مان اٿندس ننڊ اچي پئي ايڏي، هُو
بَند نه مون دروازو هوندو جي تون ايندينءَ جيڏي، هُو
تنهنجي ٺڪ ٺڪ نيٺ نه آئي، آس هئي مون ڪيڏي، هُو.

*

آهه هَڏي جِي هيرَ انهيءَ کي نفس ته آهي ڪُتو، هُو
هُن جو شوق شراب اهو ئي جهڙو پاڻي تُتو، هُو
ساري ساري رات نه آهي ڇا لئه باهو سُتو، هُو
ننڊ انهيءَ کان دور رهي آ ننڊ نه آهي ڇُتو، هُو.

*

باهو دنياداري آهي ڪوُڙي ساري هُو
چانڊوڪيءَ ۾ سون جيان آ ساري واري، هُو
ساوا پَن ڏين ٿا من کي ڪئن دلداري، هُو
وَر ساري سان ڌرتي اڳ کان آهي نياري هُو.

*

لکُ به آهي ڪَکَ برابر، سڀ لئه موت پڄاڻان، هُو
پوءِ حياتيءَ کان ڇا آهي آنءُ اُهو ڪي ڄاڻان، هُو
پوئين ننڊ جڏهن تو ايندي هوندءِ ڪو نه وهاڻان، هُو
ڪيڏي ڀينگ لڳن ٿا سارا ڌرتيءَ هيٺان ڀاڻان، هُو.

*

باهو ڪوڙ فريب ڪيئه سو آڏو ايندءُ، هُو
رب سوا ٻي واهر ڪهڙي؟ ڪو به نه ڏيندءُ، هُو
رب سوا ٻيو مُرشد آخر ڪهڙو ٿيندءُ، هُو
در ٻوٽيندين، پوءِ به باهو موت سڏيندءُ، هُو.

*

باهو رب رکي ٿو جنهن کي لُوهَه نه تنهن کي لڳي، هُو
هر شيءِ ڪو پاڇائون آهي جڳ ته سڀ کي ٺڳي، هُو
آندو چنڊ پلئه ۾ پنهنجي آ ڪنهنجي رت جَڳي، هُو
سمنڊ ازل کان ڇوليون ماري اَبد ڪنان ڀي اڳي، هُو.

*

باهو اڄ افطار ڪري، هت رهڻو ناهي هلڻو آ، هُو
هي جڳ سارو جوٺ، اُنهيءَ ۾ ڪيسين جيءُ بهلڻو آ، هُو
سنڀت ڪر اي سنگي ساٿي ٽاڻو مورُ نه ٽلڻو آ، هُو
هر شيءِ هت ئي رهڻي آهي جيءُ اجايو جلڻو آ، هُو.

*

آکيرن ۾ ننڊ ڪندا سڀ ٻولڙيون ٻولي، هُو
ڪئن چئجي اڄ تير اڏامي ڪنهن کي ٿو ڳولي؟ هُو
موت شڪاري پنڇيءَ وانگر نڪتو آ پر کولي، هُو
ايِئن لڳي ٿو اڳتي صحرا ٿو ڪوئي ڇا ڇولي هُو.

*

موت ته هر ڪنهن ڏي اچڻو آ موت ته وڃڻو ناهي، هُو
ايِئَن لڳي ٿو خالي هَٿين هيل نه ٽرڻو آهي، هُو
هن کي ڪا پرواهه نه آ، جي ٺاهه پيو ڪو ٺاهي، هُو
ماڻهن کي هو پيرن هيٺان ڳاهه جيان ٿو ڳاهي هُو.

*

الف الله انهيءَ کي اڳتي باهو ڪجهه ڀي ناهي، هُو
ب کان پوءِ بلائون ڪيئي ڏاهه رڳو ڪنهن ڏاهي هُو
هي دنيا سَؤ رنگ ڪري ٿي تنهنجي من کي ٽاهي هُو
پاڻ پَويِن ڇالاءِ پيو تون پنهنجي ڦندي ڦاهي هُو.

*

آنءُ فنا جي زد ۾ جئن تون، باقي باهو الا هُو
سڀ ڪو آهه قبر جو لقمو آنءُ به تو جئن اي باهو
مٽيءَ هيٺ اڪيلو ماڻهو ڪو به نه جنهنجو ڪرلاهو
ٺڪر ٺوٻر آهي گهُر گهُر، انت ته سڀ جو آ ڪاهو. *

*

خُم تي خُم ڀر ڀر اي ساقي، ساغر ڪهڙي شيءِ آهي
روح ٿيو مدهوش، پيو ٿو ڪاهڪشان ڏي ڪاهي
ماڻهوءَ مورک کان پڇجي، جي آخر ڇا ٿو چاهي
توکي ڪو نه وَراڻي سگهندو هن کي ڪو به پتو ناهي.

*

بالڪنيءَ ۾ چار ڪبوتر شام لٿي خاموش لڳالا،
سارا در ٻوٽي ٿي جڳ تي، ننڊ الله تعاليٰ جا تالا،
باهو تون ڇو جاڳين ويٺو ننڊ ته آهي مڌ جا پيالا،
ڪنهنجي سارا اچي ٿي توکي تنهنجا نيڻ ٿيا ڇو آلا.

*

خانه بدوشو ڪهڙي تر ۾ خيما کوڙيو ٿا،
ڇا جي لاءِ سفر ۾ پنهنجي، ايڏو لوڙيو ٿا،
آهه حياتي پَٽ جيان ڇو رنڍا روڙيو ٿا،
هِن جنم کي پنرجنم سان ويٺا جوڙيو ٿا.

*

باهو آهن مينهن ڦڙين جئن تون وٽ ڪيئي ڪتاب، اَلا!
ڪو نه سوالَ سلن ٿا توکي تن جا ڪي به جواب، اَلا!
آءُ، سڏيو وهندي نديءَ ۾ آ توکي مهتاب، اَلا!
باهو سنگُ ڪرين جي سمجهي ڇو ٿِين خوار خواب اَلا!

*

ڪٿ به نه بيٺي لهر، هلي وئي اڳتي منجهه چناب اَلا!
جندڙي ماڻهوءَ جي آهي ائِن ساري خيال خوابُ اَلا!
تند ڇڳي جي چُپ ٿي ويندو پنهنجو روح ربابُ اَلا!
ڪو به گناهه نه آهي باهو ناهي ڪو به ثواب اَلا!

*

پڃري طوطو روز رڙي ٿو پنهنجي مانيءَ لاءِ
وڻ تي ڪالهه تنواريندو هو پنهنجي جانيءَ لاءِ
ڪيئن وَري اُن کي موٽائين ڪهڙي موٽَ جوانيءَ لاءِ
پيريءَ آندي آهي پنهنجي سوچ فقط سرگردانيءَ لاءِ.

*

ڪيئن دريءَ مان چنڊ ڏسين ٿو، هيرايل ميدانن جا؟
پنهنجو ڪمرو نيٺ وسائيئه ايذايل انسانن جا!
موم بتيءَ تي بيت لکين ٿو، کيتن جا کليانن جا
*من ۾ جهاتي پائي باهو ڍِڳ ڏسين ٿو ڌانن جا.

*

جوڀن جو رس آهي ائن جئن ڪارونجهر ماکِي
شايد تو نه ڏٺي آ ٿر ۾ ڪائي ويساکِي
نانهه ٿيو تون وارياسي تي چانڊوڪيءَ ساکِي
تون ڇا ڄاڻين ڪنهن ڌرتي جو تون آهين راکِي!

*

واهوندي جو واءُ لڳي ٿو لوڪ چوي ٿو سيءُ ويو
آهه لڳي پئي اچ وڃ ڪنهنجي ماءُ وئي يا پيءُ ويو
ڪنهن تي ڪو ويساهه نه آهي هوءَ يا هيءُ ويو
ڇا ڪنهن سوچيو آ ماڻهوءَ تي ڪاڏي هُن جو جيءُ ويو.

*

جُڳ جگانتر گذري ويا انسان اڳي جئن آهي
چيري ڦاڙي هن ۾ جو حيوان اڳي جئن آهي
ساري دنيا ناس ڪندو، نادان اڳي جئن آهي
درد اڳي جئن آهي ۽ درمان اڳي جئن آهي.

*

ڄاڻي ڄاڻڻهار اَزل کان اڄ تائين سڀ ڪجهه
اُن جو غيب اگر تون ڄاڻين، تون پائين سڀ ڪجهه
تون هستيءَ جو تاڃي پيٽو، کولائين سڀ ڪجهه
ڳاتو ٿي سنسار جڏهن کان، تون ڳائين سڀ ڪجهه.

*

لنگهُه اڳيئي طي آ باهو عشق انوکي گهِٽي،
ڪنهن سان اڙبو انگ، اِئين جئن چانڊوڪي چٽي،
وقت وڃي ٿو گذري سڀ جو موت ڪري ٿو مِٽي،
ڪير جدا ٿيو، ڪنهن پياري کان، ڪنهنجي قسمت ڦٽي؟

*

منهنجو پيار ڪٿي آ ڪوئي ڏس نه ڏيندو ڇا؟
هن جو پار ڪٿي آ، هُن ڏي گسَ نه ويندو ڇا؟
هن تي ڇانوَ گهڻيري هوندي سِجُ مڃيندو ڇا؟
ٿوري ننڊ ڪري هو مون ڏي موٽي ايندو ڇا؟

*

ڪويل جو آواز اچي ٿو اُٻَ هلي پيئي
واهوندي جو واءُ ويو دک ڌرتيءَ جا نيئي
نينگرُ نينگرِ اِيئَن لڳن ٿا وَلِ ڦُٽا ٻيئي،
ميوا، مڃر، ماکيون آهن ماروئڙن ڪيئي.

*

رستي تي هو ايِئَن ڪريو جئن پکي ڪري روڙهي *
لاش پيو آهي ڪو اونِي لوئيءَ کي اوڙهي
ڪيئي ڪاروُن روُڪي رکيون پوءِ ته دڳ سوڙهي
اک منجهاران لار نه ڪئي پر ڪنهن جي ڀي ڳوڙهي.

*

باهو تون جو ڪُجهه چاهين جو ٿيڻو آ سو ٿيڻو آ،
ٻاهر جو سنسار ٻَري ٿو ڏنُ انهيءَ کي ڏيڻو آ،
تنهنجي وَس نه آهي پيارا ڪيسين توکي جيڻو آ،
جيڪو ڪوئي جام ڀري ٿو توکي ان کي پيڻو آ.

____________
* کِوَئي (هندي): ناکئو.
* کوئي (اردو):وڃائي.
* جال: ڄار.
* نوٽ: لاس، ليڏاڻ ڪڍڻ يا لاباري وقت ڪبي آهي. ان لاءِ مزوري نه وٺبي آهي، رڳو کاڌو کارائبو آهي.
* ڪاهو:ڪاهوءَ جو دڙو.
* ڌان: ٿر ۾ اَن کي چوندا آهن. اصل سنسڪرتي لفظ آهي.
* روڙهو:ڄار جي ڪام جا گهوٻاٽي وانگر ڌڪ هڻڻ لاءِ ڪم آڻيندا آهن.