بيت
جيسين ٿي پرڀاتِ، سِجُ اُڀاري سون جان.
متان چئين شاعري، ”ڪو نه نڀايو تو“
پوئينءَ گهڙيءَ جو تنهنجا ڳل ڇُهي ڏٺا.
اڄ تائين اَلهام جئن پيو شعر اَچي،
جِيئين مورُ نچي ڪارونجهر جي ڪورَ تي.
ڇِڊيءَ تانيءَ جو اوڄو ناهي شاعري،
گهاٽي کان گهاٽو اُڻيو آ اڄ ڪالهه مون.
ساري عمر چئن آ ڪو نه ڏٺو آئون،
لائون ڏنائون مونکي توسان شاعري.
ننڊ اچي به ته ڪيئن، ٿي ڌونڌاڙي شاعري،
چوي پئي هيئن ”لک، اڃا لکڻو اٿي.“
هو جيڪي سُرخاب اُڏرن پيا آب تي،
ايئين منهنجا خواب توکان مٿي شاعري.
رستو اَؤکو شاعري، ورتو آهي تو،
پرتو آهي تو جيڪي هن جنسار ۾.
منهنجي لاءِ نجات تون ئي آهين شاعري،
سارِي رات جيڪا مون جاڳي لکي.
ميان تنهنجي شاعري اَجرڪ تي ڇاپو،
تون منهنجو آپو سمجهي سگهندين ڪينيڪي.
پاڻ وهيڻي ڪا نه آهه هي جا منهنجي ڏات،
مون کي آڌيءَ رات لِکائين ٿو تون ميان!
جيئين ڪرڻا چنڊ جا، سِٽون آڻين تون،
تن کي ماڻين تون، ايڏيءَ اوندهه ۾ پڙهي.
اڃا اڱر رکَ ٿي اُجهاڻا ناهن،
چڻنگن جئن آهن سٽون اڃا ساهه ۾.
ائن ٿو لکين بيتَ جئن ڪرِين ٿو اَنَ ڇاڻ،
پوءِ ڪڍين ٿو پاڻَ ڏڏر هر هڪ سٽ مان.
هر ڪو هِڪَ تصوير، بيتُ نه آهي ماڻهئو!
ٻي شاعرَ تقدير ناهي هيءَ مصوري.
شاعر پکي پار جا سڀني نه ڪُڙلاءُ،
ڪوڪي پکي واءُ ٻُرِي ڪري ٻولڙيون.
ڀٽائيءَ جو بيت جئن ڪالهه هيو آيت،
ڪا به وِلايت مَٽُ نه تنهنجي شاعري.
مان ئي بلي شاهه هان، مان ئي هان باهو،
تنهنجو ڪرلاهو، گهايل تنهنجي گهاوَ سان.
ڪهه مڪرني ناهيان اُتيئي آئون،
خسرو ڏنائون مونکي پوري کنڊ ۾.
غالب وانگر ڇو نه ننڊ اچي ٿي رات جو،
شايد آهه پتو نه اڳتي ڪاڏي ٿا وڃون!
جان جو پڙهيو غور سان، مون ابنِ عربي،
هر دنيا طلبي، ڄڻ دل مان ڌوپي وَئي.
بيٺو اوهيڙا ڪري جڏهن وسڪارو،
*ٿر مٿان ٿارو، ڪاش ڏسين ها ڏانگڙو!
lڪڏهن کاري ڇاڻ ۾ تون مان رباني،
ڳاتي زباني ساڳي سِٽَ اتفاق سان.
ڪيڏا ڪيا واهَڻين سنڌريءَ سان وَڙَ، بيتَ!
ٻُڌي مون نَڙَ بيت گهُوري ڏٺو ڳائڻو.
اڃا منهنجي ڏات کي ٻه سَؤَ سال کَپن،
جن تان انت ٽپن درد ڀريا هي دوهڙا.
ڪاڪ وري جڙندي ٻيهر ايندا مينڌرا،
رچنا ته مڙندي پاڻ ڊهي ٺهندي پئي.
اُٿي پوئين پهر جو اِئين اوندهه ۾،
پکين چَههَ چَههَ ۾ تنهنجا گيت سمائيا.
هلي پيو ٿو نار، کوهه کٽيئي ڪو نه ٿو،
ڪوئي انت نه پارُ آهي منهنجي ڏات جو.
ويرو تار وجود ۾ آهين ئي آهين،
ناهين پراهين مون کان ڪويتا ڪٿي.
بيماريءَ جو بسترو مان ۽ قلمَ ساکَ،
جيسين اُڀري باک چوڌاري چانگارَ سان.
اَڃا منهنجو پنڌڙو کُٽو نه آهي،
وَڌيا ڪُجهه ساهي، ڏکن پيڙا پيرڙا.
ڪَتيون راسيون سانجهه کان بيٺي ڏٺائين،
پَرهو تو تائين پهتو نه آڪاس ۾.
هيڊَ ڳڙيءَ جا ڪيترا آهن پساري،
ڪيڏي نِڪاري تِن جي ادب ڳالهڙي.
جئن سِم ۾ اَؤڀڙ، اڄڪلهه دانشور ائين،
ان ۾ اوچا بڙ اُڀري سگهندا ڪينڪي.
ايڏا شاعر شاعريءَ آنا ڪانيءَ ۾،
مڇردانيءَ ۾ مڇر ڀُون ڀُون ڪن پيا.
پوءِ به چڙهي ڀِٽَ تي ڀريان آنءُ گهَڙا،
توڙي ڀٽوُنئڙا ڏنگن منهنجي ڏاتِ کي.
متان سمجهين کوهَه جو مون کي ڪاڻيارو،
مان جو پاڻيارو مون لئه واٽهڙيون گهڻيون.
ڪالهه ٻُڌايا ڀَٽَ جو گَنگ ڪويءَ جا گيت،
مون ۾ ڇا ڇا گيت صدين کان پوءِ اڀريا.
جنهن تي ٻه ٽي ڪنگ سو نديءَ پيٽ ڏسو،
لکو يا نه لکو آهه ته جيئرو هائڪو.
ٻاهر بارش ٿي وسي ڪيڙا ڪتابِي!
اُفق عنابي آهي ڄڻ ته شراب جئن.
ڪونجون ڪرڪن روهه تي ڇيڙي سانتِ – ستار،
ڄڻ ڪنهن موسيقار جي موسيقي واءُ ۾.
ٻيجل پنهنجيءَ تند سان ڪاٽيو پنهنجو ڪنڌ،
ڇا نه سُريِلو پنڌ، راڳيءَ ڪيو راهه ۾!
ٻيءَ لئه رت وهانءِ جا ڳائي پئي ڳيچ،
مُنڊي پائي چيچَ، وَر وَر ڏسي ٽِڪَ کي.
ٻُڌي تنهنجي کنجرِي نچن پيا پير،
چئُه تون آهين ڪيرَ، نينگر نَگر پارَ جي؟
وَڄن پيون کنجريون آڌيءَ جو ڪنهن جون،
نانهه سڃاتو مون اڃا ان آواز کي.
ڪارائي ڪائي آ تنهنجي آواز ۾،
ڪونج ڪري وائي وڍي وئينءَ انگڙا.
مانڌاڻيءَ آواز آيو اَسُر وير جو،
اڱڻ ۾ ڪو قاز، ڪَرڪي پيو مُنڌ جي.
ڇوريون ڪيئي ڇيڄ ۾ پنڙا لڏن ٿا،
تارا ٻڏن ٿا پرڻي رات رمي وَئي.
اڃا سوجهاڪو چَهه چَهه آهي ٻيرِ تي،
ڄڻ پورو خاڪو آهي ڪنهن تصوير جو.
توکي پٿر مان گهڙي ڏنم جيڪو روپ،
اُهو روپ انوپ ڏِسي ڏات ڏڪي وئي.
ڇيڻِي سنگ تراش جي پَٽ تي ڏٺي مون،
”ڪٿي آهين تون؟“ مُرڪي سوچيو مورتيءَ.
ڪهڙي ڪاشيگر جوڙيو توکي نينگري؟
چَئُه، تون ڪهڙي گهَر، ٿيندينءَ پيالي پريت جي؟
رُنو بت تراش بُت ڏسي سِرَ کانسواءِ،
پوء، هُن سوچيو ”ڪاش مان به هجان ها جنگ ۾!“
ڪَنڌَ ٽُٽي ويا ڪانهن جئن، ناهي جام ٽُٽو
مئخانو نه کُٽو، ڪيئي رند رَمي وَيا.
رات مڌو شالا جهونجهڪڙي ۾ ائن لڳي، *
ڄڻ ته سندم پيالا اُڏريا ٿي آڪاس ۾.
آخر رهندي ڪيترو اِها سُرت اَڃان،
ساقي ڪيئن چوان اوتيندو رَهه اوت کي!
ڳاڙهي غاليچي مٿان نيرِي صراحي،
چاهي نه چاهيِ جرڪي پئي جام ۾.
اکين – صراحيون ڀرجي ڀرجي ٿيون اچن،
جام و مينا جون ڪري ڪري ڳالهڙيون.
جوئر جا ڪانا وَڏا ٿيا ٻنيءَ ۾،
هُرکر وَنيءَ ۾ سينڌو نه ٿي سامهون.
ڇا هِي پڙو، ٻانڌڻي اُنهيءَ جي آهي،
ڀَر تي ٻَئِي لاهي جيڪا آهه نياڻ ۾.
ڇٻر تي ليٽي آريٺي جي ڇانوَ ۾،
هوءَ ننڍي نيٽي ڀري پئي گهاگهرو.
رَنيون چوڙين کانسوا مُرن وٽ ساٽيون،
اُنهن ڪئن ڪاٽيون تارن ڀريون راتڙيون!
ڪِن جي لاءِ وجهن پيا سِڪ وچان ليئا،
ڏهرن ۾ ڏيئا ۽ تارا آڪاس ۾؟
لالڻ ميندي لاءِ، سڀان ڏينهن وهانوَ جو،
اُٿِي ريٽو پاءِ، آيو آهي رنگجي!
چنڊ وڌائون پاکڙي هڪڙي پاسي ڏي،
ٻي پاسي توکي، جيئَن نه نِوي پاکڙو.
ٻوليءَ ۾ ٻيهارَ، آنءُ نه اچڻو آهيان،
هونءَ ته اڪيچار ايندءِ نَؤٽڻ کيڏڻا.
اڳتي ننڊ گهڻي ميان هاڻي ڪهڙو ننڊ؟
پوپٽُ مٿان گهنڊَ رهي رهندو ڪيترو!
دل کولي رابيل، توکي سڳنڌون ڏنيون،
هاڻ به وڃڻ ويل خزانا خوشبوءِ جا.
جيئن ڪرڻا چنڊ جا لهرن مَٿ لُڇن،
تيئين منهنجي مَن، آهن تنهنجون ڳالهڙيون.
جيئين تتر ڪارڙا پڃري ۾ ڦٿڪن،
تيئين منهنجي مَن، آهن تنهنجون ڳالهڙيون.
پرين تنهنجي ويڙهَه تي منهنجو جيءَ جڙاءُ
جنهن ڏي هَٿَ وڌاءِ، چنڊ ڏسي ٿو عيد جو.
جيئين مڻئي ٽِڪ، ايئين نينهن نگاهه ۾،
مون کي تُنهنجِي ڇِڪَ، ڇِڪي پنهنجي پاڻ مان.
هَٿ پرينءَ مينديءَ رتا جهڙا گُل انارَ،
جيئن ڪيائين پيارَ منهنجا ڳل ٽڙي پيا.
تنهنجو بدن بوسڪي، جنهن جي مٿان گج،
ليئا ٿو سورج پائي لئيءَ جي پٺيان.
پُٺي کُنڀيءَ وانگيان ظاهر هئي گَج منجهان
پريان توکي مان ڪيئن سُڃاتو سُندري؟
سائو گَجُ گلن سان، ڪُلهي ڪيائين ٻانهَن،
دل مان نڪتي دانهن، جوڀن جاڙَ ڪري وئين.
تنهنجو تَنُ ايئين پرين جيئين اَڇو پَٽُ،
پَريان ئي پَرگهٽ، ڍيرا ٻه ڊولائتا.
ڇا ڇا لڄاريءَ لوئيءَ سان پنهنجا ڍڪيا،
پر چوليءَ ڄاريءَ اڳ پسايا انگڙا.
ڇا جيڪو ميهار هو، هُيو سهڻيءَ خوابُ؟
چوڏينهن رات چنابُ پُڇي پئِي چنڊ کان.
هندورو هالارُ آ منهنجي لاءِ ته هوتَ،
ناهي ڪا ڳڻ ڳوت مونکي تنهنجي پيار ۾.
نه ڪي دڙ درياهه جا نه ڪي ڀَؤُ سيسارَ،
سهڻيءَ کي ميهار ڇڪيو ايڏي ڇوهَه ۾.
پکو پونهارن سان متان جوڙين تون،
جي تون مڃين مون، چيتِ نه تن جو چانئنٺون.
مون کان پنڌ نه مورُ، اڳتي ٿي ڀنڀور ڏي،
ٿيندو نيٺ اَ سورُ، آرياڻيءَ هِن رات جو.
توڙي هُيسِ ڪَڇَ ۾ ککيءَ جو کارو،
ڪينجهر ڪنارو، نوريءَ ويندي واسيو.
نوري کٿوري هئي توڙي اَڏيءَ اوٽَ،
ڄام تماچيءَ گهوٽَ چونڊي ورتي چاهه مان.
گذري ڪَتِي ناهرِي مٿان آيو پوهُه
راڻا ايڏو ڊَوههُ! مومل سوچي ماٺِ ۾.
نيٺ ته ايندو واهرو کاهيءَ مان کڻندو،
نيٺ ته مون وڻندو سائو گاهه پٽن تي.
هي جو چاهَت چِت ۾ ان جو انت نه مُور،
پويون ناهي پُور ڪڏَهن جيوَن ناوَ جو.
ڪيئي پيارا نانوَ وٺي سگهان ڪينڪي،
هُرن اندر هانوَ ڪُرن مون ۾ ڪيترو!
هُئِي بيتِي پاڻ تي اڃا اڌوري،
ڪالهه اُها پوري آنءُ ڪئي هئي روس ۾.
هو جا آئي گارگِي ڪاريءَ گَجَر جيئن،
سا مون ڪارڻ ڪيِئَن ڪَپي وئي پاڻ کي!
ڇانگا مانگا ۾ هُن سان لٿا ڏينهڙا،
ڄڻ ڪنهن ڇايا ۾ گذري ويئون ڪي گهڙيون.
۽ هو جيڪا ماٺ، ٻاڦ نه ٻاڦي ٻاهران،
توڙي ڪاٺَئون ڪاٺِ ساهه انهيءَ سان سنگهرين.
ڇُڙئي پاڻيءَ ۾، توسان روح رچنديون،
عمر وهاڻيءَ ۾ ڇاڇا مون آ سارِيو؟
ڪيڏيءَ شدت سان وري مون اڄ ياد پيون،
منوءَ ڪيئن سَڳيون ڇوڙي پَئي ٻَڌيون. *
ڪاڏي هلينءَ ڪامڻي، تون پائي پَنڙا؟
ڪيسين هي ڪَنڙا لوڏيندا تَن لوءِ ۾!
تنهنجي چاهَه چُرون، ڪَيون پنهنجي ساهَه ۾،
ڪهڙي طرف سُرون، چئني طرفين تون هئينءَ.
ماضيءَ جهڙي اي ڪَوي ميڙي چونڊي ناهه
جيڪي چاهين چاهِه سار – ٽجوڙين ڪيتريون.
مُسرت جا ڏينهڙا ڪڪر ڪتيءَ جا،
پاڇا بتيءَ جا ڪاري ڪارونڀار ۾.
ٺٽي نگر راتڙي ڀوريءَ ماڃر ساڻُ، *
ڀانيان پنهنجو پاڻُ آهه تماچي تڙ – ڌڻي.
اَلا هڪ گهڙي مِلي کسيئهِ سڀ ڄمار،
مون سان تنهنجي تارَ ڳنڍي رهي ڳجهه ۾.
صدين جي سيلاب ۾ ڏٺو هوندو سانءِ،
ايِئَن لڳي ٿو ڀانءِ پل لئه ڪٿ آهين ملي!
آهي ڪنهن ڪنهن روپ ۾ چنبيليءَ – خوشبُو
اڳ به آهي توُ واسيو منهنجي واٽ کي.
جيئن نيري چانهه لڳي شفق رنگ ۾،
ايئين ئي تون آنهه سيني منهنجي سانوري.
تون ڪئن لڌو اوچتو ڀُلِي منهنجو ڀاڻُ،
سانورڙِي تو ساڻُ منهنجو من اڙجي ويو.
عينڪ لاهه ته مان ڏسان تنهنجي چهري کي،
چڱيءَ پَر پرکي توکي مُنهنجي عاشقي.
اکيون اکين ساڻ ڳالهائين ٿيون ڳجهه ۾،
آڇي پنهنجو پاڻ آهن ڄڻ آسائتيون.
سانورڙي توساڻ آ منهنجي سِڪ اِئين،
ٿئي شام جئين سانجهيءَ جي آڪاس ۾.
توڏي ٿَڪُ نه ٿَڪُ، پير نه مون ساهيا ڪٿي،
مون کي سارو لَڪ پَٽُ پٽيهر ٿي لڳو.
تون ئي نانهه اَنانهه ۾ تون ئي منهنجي آنهه
جيئين ڪائي سانهه اوچي اُڏري واءُ ۾.
پاريهر جهڙا پرين ٻيهر اُڏري آءُ!
تنهنجو لونءَ لڳاءُ مون ۾ ٻَر ٻَر ٿو ٻُري.
ڪِن ڪِن جي لئه پيا سِڪَ وچان ليِئا
ڏهر ۾ ڏيِئا يا تارا آڪاس ۾.
پوئين دم ديدار لئه ڪيڏو من وِسڪي،
گوڏن ڀر گِسڪي، جيءُ جڏو تو پار ڏي.
مون کي چاڙهي چيِئَن تون پو ٿو پڇين ڪيئن؟
”توسان ٿيندو هيئن ايءُ به تو ڄاتو هيو؟“
هوءَ جا نِنائين آئي منهنجي راهه ۾،
انهيءَ سدائين چاڙهيو مون کي چيِئَن تي،
هيل ته ڏکڻ زور سان لڳي ٿو ڏاڍو،
مون من تو ڪاڍو، ساري توکي سپرين.
پڃري ۾ ڦاٿِي هئي منهنجي هڪ مئنا،
ڪيڏا بي چئنا اُن به ڏنم ڏينهڙا.
تون بن جيئڻ – ڏنڊ، ڀري ڀريان ڪيترو،
تون جا منهنجو چنڊ آهين آڌيءَ رات ۾.
تنهائيءَ ۾ تون چمڪين پَئي چنڊ جان،
توسان منهنجِي مون ڄڻ ڇوليون درياهه جون.
باد – صبا ۾، آ تنهنجي خوشبو پرين،
مان توکي ڇا ۾ ڍڪي ڍڪيان لوڪ کان؟
پاڻ ته وئين ڦهلجي، منهنجو ڪهڙو ڏوهه،
تو ۾ مُنهنجو موهه، ڪيسين گهاري گيِتَ ۾.
تنهنجا تيل ڦليل ۽ ڦُلن جا جُوڙا،
راتيون راسوُڙا ڇم ڇم سارا ڏينهڙا.
تو جنهن تورَ تَلور جي ٻيهر ايندينءَ تون،
ويجهي ٿيندينءَ تون منهنجي تورئي کيت ۾.
ماهي مکڻ جيئَن تنهنجا ڳَل منهنجا پرين،
ٻيو مان ڪيان ڪيئن، ڳُڻ تنهنجي جي ڳالهڙي.
ڪهڙي ڀاوَ مکڻ، تنهنجا ڳَلَ ڏسي پڇيو
”تنهنجو هر لکڻُ، لک لهي ٿو نينگري.“
ڇوريءَ چهرو باهه تي مکڻُ جئن ماٽيءَ
وڌائين ٻاٽيءَ پَلِي سوئي پاند ۾.
هي جا ڏوڌيءَ ڌيءَ آهي اڇي کير جئن
اَک ڏسي آڏيءَ مينهن ڏهي ٿي واڙ ۾.
ايندينءَ منهنجي در وري ماٽئين ڏيندينءَ کيرُ
تنهنجين اکين نِيرُ، رُڪِي رُڪَندو ڪينڪي.
ڇاڻين پئي ٻيرَ، ڀرين پئي ٽوڪري،
چئُه تون آهين ڪيرَ؟ ايڏو تون ڇو ٿي وڻين!
ٻهراڙيءَ جي نينگري ڏسي ٿي ڪونجون
سوچي ڪيسين مون، نِيرَ هوندا نينهن تي!
هو جو تنهنجي دَرِ آهي نم جي ڇانوَ جئن،
ڪعبي ڪاشيءَ ڪَرِ موُر نه تنهن لاءِ پنڌڙا.
مَلين پئي ميٽ ۾ جئن ليمي جا پَن
توکي ڏسي مَن ريٽيون ساريون ڪامڻيون.
چنڊ وڌائون پاکڙي هڪڙي پاسي ڏي
ٻي پاسي توکي جيئن نه نِوي پاکڙو.
ڇوريءَ ڳالهيون ساهه ۾ ڄڻ ٿي آيون وِڄُ
”ڇاتيءَ ايئن نه ڇِڄ ٻاهر سيِرون سيءَ جون.“
سَوَڙ سوڙهي ڪا نه آ، اوري آءُ سُري
ڪيڏي ناهه لُري لانڍيءَ سنهيون ڪاٺيون!
آلا ٽوئا راتڙيون ڏک نسورا ڏينهَن،
اَمڙ، مونکي نينهَن، ڇا لئه ڇيڇاڙيو اِئين؟
ڇوري ڪجهه ته چئي پَئي اکيون ڪري هيٺ،
آهي هن جو نيٺ پَتو پيو پيءُ کي.
ڇوري ڇتِي رات چوريءَ ٽپي کُڏ تان،
آهي عورت ذات هيريءَ سنديءَ هير سان.
ڪيئن وساري اڄ ڀلا پنهنجيءَ پياريءَ کي،
ڪارو ڪاريءَ ڏي، چنڊ ڇڪي تو چيٽ جو.
ڪَکن جي پترِي ڏنل آڏيءَ اک ڏسي،
ڇورِي ڇوري کي، سامائِي آ نينگري.
ڏِسي پَتر مان، پوتيءَ ڍَڪي انگڙا،
هوُ جو لؤڻن سان آهه نئون پاڙيسري.
اَملهه آتڻ تي ڪَهِي، آيو آ مون ڪاڻ،
گهاٽو اَمُل آڻِ، بيٺو آنهه بجير ڇو؟
لائِي، ڀڳڙا، ريوڙيون ٽيئي هن جي پاندِ
۽ ڪيڏي هيڪاند آهي پِپِر پاڙ ۾.
ٻهراڙيءَ جي نينگري ولوڙي چاڏِي،
ڪري اَک آڏي، ڏسي پئي ڏير کي.
ڏهندي مينهِن ڏِسي پيو توڏي ڏوجهارو
ڪيڏو لشڪارو، ڇوري تنهنجا ڏرگلا. *
سکيءَ بئنسر سون جي دهرِي دل ڇڪي
ڪٿي اکِ ٽڪي جهالر ٿي جهلڪا ڪري.
جيئين چُميون نار جون تيئين ڪيسو ڦُل
ڪيڏا ڪيا هُل اَلن اُتر واءُ ۾.
جيئين ٻه قيدي وَڃن هڪ هجي زنجير
آهي تيئن اُڪيرَ تنهنجي منهنجي ڳالهڙيءَ.
جهُري جاڙ ڪَري جڏهن، جوڀَنُ توسان مُنڌَ،
تنهنجي آنءُ سُڳنڌَ هُوندس آدجڳاد ۾!
توسان منهنجو پيارُ، جيئين ماڪ گُلاب تي،
هي سارو سنسارُ خوشبوءَ سان واسي وَيو.
مون ۾ اکيون ڪيتريون تُنهنجون اکيون ٿيون!
ساريُون سَکيون ٿيون، گڏ جمنا ۾ جيءَ جي!
آنءُ ته سوچان ٿو پيو، تون مون لئه آن ڪيرَ؟
آندي آهه اَوير، جنهن هئن رُت رابيل جي!
تنهنجي مُنهن جو موتيو، من ۾ اُترَ هيرَ!
جيءَ پئي ڇو جهير؟ اُن کي مرجهايل ڏسي؟
تنهنجي منهنجي عاشقي آهي لوڙهي جئن،
پير دنيا کي ڪِئن مان اُن کان ٻاهر رکان؟
ويندي ڄڻ ته وڄين پئي تنهنجو کُماچ،
نيلوفر جو ناچُ جيئين اُتر واءُ ۾.
هوءَ جا لڇي سور سان اُن سان لڇان آنءُ
آهي منهنجو هانءُ گويا هن جي گود ۾.
متان ڪَهارو ڏوليءَ کي لوڏو اَچي!
اڄ هن جو سارو ساهه پيو پيڪي وڃي.
ٽڙن ٿا ڪؤنپل تو ۾ هَٿ – ڇهاوَ سان،
ڌرتي جيئن ڪريَل ڪيڏو ناهين ڪامڻي!
اَڄ به مون ۾ ٿيون وڄن ڄڻ ٿِي سارنگيون،
ڪلهه جي نارنگيون توتان آنءُ ڇني وتيون.
هي جو آهي ٻارڙو، تُنهنجي نشاني،
اَمرتا جاني آهه اسان جي پيار جي.
هي جا ڳُنڍِ اُڪنڍ جِي، اجائي ناهي،
مون توکي چاهي پاتو سڀ سنسار کي.
ٽاريون سلهاڙيون جيئين گهاٽي جهنگ ۾،
تئن تون مون لاڙيون ٻانهون هڪٻئي ڪنڌ ۾.
*ڏِسُ هي ٽنڊريل ٽاريون وسي پيو مينهن،
مون ۾ منهنجو نينهن آهي ايئِن کڙي پيو!
ڪيڏا اُترڙو، ڪَڪا پن ڇاڻي پيو،
ڪيڏو نه ڪَرڙو، ٻهراڙيءَ ۾ وائُرو!
هي ڏس اوچو بَڙُ، ڦان ٿي ڪِريو اوچتو،
وسري ويندو وَڙُ جو هن ڌرتيءَ سان ڪيو.
امڙ جهوٽو ٿِي ڏئي پينگهو لُڏي ٿو،
اُن ۾ ڪڏي ٿو ابهم پائي بانبڙا.
ڀُرٽ ٻَڌائين ڳنڍِ، هڪڙي پاسي چيلهه تي،
ڪيڏي اَت اُڪنڍ، ٻي پاسي سان ٻارڙو.
هي جو اَمڙ پيارُ، آهي پنهنجي ٻار سان،
ڄڻ سارو سنسار، آ اُن جي آغوش ۾.
توتَڙ ڪيئن ڪڍي ڏارو ايِئين ئي چڱو،
سڀني کي ٿِي ڏي ٿورو ٺڪر ٿانوَ ۾.
آکيري ۾ آ سُتل، هي جو ڍانڍيئڙو،
ڪهڙو اوسيئڙو آهي اُن جي ننڊ ۾؟
پکي خواب لهن ساري وطن ٽاريون،
ڪاريءَ رات ڪَهن اونداهي آڪاس ۾.
ائين ڀِٽ جي ڳاٽَ تي بيٺو آهي ڪيرُ،
ڪهڙو مُڙس مٿير، ساري ڪارونڀار کان.
ٻُنڊو ڏئي واڙ کي ستو گهر ريڍارُ،
بگهڙ ڪيو وارُ چانڊوڪيءَ ۾ چنڊ جي.
وينڊي ڪُتي پونگڙو اُنهيءَ جي لَڪ لَڪ! *
متان ٿئين ڪَڪ! ٻُوٽي رک ڪتاب کي.
تِڙڪو نانهه تلاءَ ۾ نه ڪو ڀرسان وڻُ،
نه ڪو ڪَنڌيءَ ڌڻ، نيرو پاڻي ماٺ ۾.
ڇَڄَ، اِها ڇَڙَ ڇَنڊَ، ڪيسين اُتر واءُ ۾،
اَمڙ! تنهنجي جَنڊ آهي اوسيئڙو گهڻو.
هو جو اولهه کان اچي پيو لاڙِي مينهن،
اُنهيءَ اُجلو ڏينهن ڪيڏو ڌنڌلائي ڇڏيو.
چونڊي ڪَتيءَ جا چڀڙ نينگرڙي وئي گهر
اُٿي، اَمڙ تَر! ڪجهه ته کائون مينهن ۾.
اونهاري جي تِرورن ڀَر ڪري ڀالا،
ماڻهن ميڄالا سيرون ڪَيا سِج سان.
وسڪاري پاڻيءَ ڏهرن ۾ ٽوڀا ڀريا،
جن تي وهاڻيءَ، ٻَرن پيا ڏيئڙا.
آهِليون، اُڀ ڪَپريون ڀٽون دور وڃن،
افق منجهه ٻُڏن ڄڻ سنجها جي سمنڊ ۾.
ڏکڻ اولهه جي هوا، اڏامي وارِي،
ٿي کامي واري ڪيڏِيءَ تپت لَڪ ۾!
کائُڙ سريون وِيَروُن وهن ٿيون ٽمٽار،
هن ڀيري وسڪاري ٿر کي ورسائي ڇڏيو.
رس چُوسي ٿي نينگري جوئر ڪاني جي،
ڪانگڙ تي جهِرڪِي، پيئي ڏسي ريس سان.
هي ڀانڊي ۾ ڀَتُ، اڳيان بکيا ٻارڙا،
ڪيئي ڏينهن اُستُ جيڪي کائي ٿيا کٽا. *
هي ڪُڙميءَ ڪوڏر جنهن جي دل بيهجي وئي،
سوچي سوچي گهَرِ هن جي سُڌِ رسائيو.
مٿان ڪکن جهوپڙو، جهرڪيءَ آکيرو،
ڌرتيءَ تي ميرو، پيو آهي اوڍڻو.
ڪپهه جا ڏينو، ڏسِي پيو پوک ۾،
اڃا ته پينو، جڏهن ٻڌي ڳٺڙيون!
ڪَکَن ڏَروُن اونهيون متان هٿ وجهين! *
يا تن لتاڙين، پانڌي پنهنجي پنڌ ۾.
ڇٻيءَ ۾ ڇالاءِ ٽانگر وڌءِ نينگري،
ڪيڏو سيءُ هواءِ پاڻيءَ ڇنڊو ڪينڪي!
هو ڪينجهر ۾ ڪانگڻيون ويٺل پاڇل تي،
ڪيئن ته سِج – ٻُڏي ڪارنهن منجهه سمائيون.
ڪکن ڇٻيءَ ۾ رکيل هي تازا زيتون،
وِلهي ٻارَ جنُونَ، وَنهئي لڳن ڪينئرا.
مائِي مريڙو پَٽي آئي جهولَ ۾،
گهر ۾ اوسيئڙو، ابهم سڀ آسائتا.
وليون ٻوٽا ڪيترا، هڪ سرنگهوءَ وڻ،
برسي ٿو سانوڻ، ڀرسان لانڍين جي مٿان.
هوڙيا ٿا ٻوليِن ٻولي پائر پار جي،
جنهن کي ٿا ڳوليِن تنهنجا کائڙ جهوپڙا.
ڪينجهر مٿان چنڊ ۽ ڪپر تي ڄاريون،
جن هيٺان کاريون، ڇڏي ويون ماڱريون.
گاڏي پئِي ڪڙٻ جي وڃي رستي تي،
ڏس ته ڪيِئَن ڇڪي، چُوسن ڳنا ٻارڙا.
ڌؤنرو وِلوڙي، مکڻ چاڏيءَ ۾ ڇڏي،
در ڏي ٿي ڊوڙي، آيو آنوادا ڏئِي.
ڀاڻيجيءَ ۾ ڀيڻ ڄڻ پيو آنءُ ڏسان،
چئجي ڪيئن ڪٿان، شروع جو سلسلو.
رڙيون ۽ ريهاٽَ دادي پرتي رَب کي،
نه ڄاڻان هن جاٽَ کُٽِي ڪهڙيءَ جاءِ تي.
پيِري پاسيري رکِي مان تو من – مانديءَ
پنهنجي سيرانديءَ هَٿ سَهلايو هَٿ سان.
ميان ويڄ! بُکن جهوريو منهنجي جيءَ کي،
اٿندي هَڏ ڏکن ننڊ نه اچي رات جو.
ڏس! هو سُڪو وَڻُ، جنهن ۾ گؤنچ ڦٽي پيا،
ڇو توکي اڻ تڻ، هيڻو هاٺيءَ کي ڏسي.
ٿورو پريان ٿي اچي ڀُورين جي ڀڻڪار،
ڏس هو ڏنورَن ڏار، نمن پيا واءُ ۾.
متان آکيرو، ڍانڍيئڙي جو ڊاهِئين!
نيٺ ته رُت ڦيرو کائي ۽ موٽي اچي!
تون جئن نيري چانهه، ڪنڊيءَ تي ڪائي گهڙِي،
يا اُڏري جئن سانهه ڇاڇر ۾ ڇيرون هڻِي.
ڏکڻ اولهه جي هوا اڏارِي وارِي،
ٻهڙو پاڻيارِي، پوءِ به گهر پهچي ويا.
اَڪ، ٿوهر ۽ ڳاڱيون، ارڻي ۽ گگراڻ،
سڀئي مينهَنِ ڪاڻ، ڏسن پيا اُڀ ڏي.
ڌڻي ناهي، ڌڻَ وڃن ٿا گوڌول ۾،
سامهون سُڪا وَڻَ اُفق تائين روشني.
گهرڙا، رستو وائڙو، واريءَ تي ڪُتو
نيٺ وڃي کُتو، ڌَپ وتائين ڍونڍ جي.
ڪيڏي چپ چپات آ، ناهي ڪو انسان،
آ رستو ويران، گهرڙا بند، ٻه ٻارڙا.
سارو گهر ڀان ڀان ڪري هيکلڙيون ڀينر،
جن مان ونيءَ وَر رات مري ويو ماٺ ۾.
ڪنڌيءَ ڪيئي جهوپڙا ڊونڊيون هيٺ تَرن،
ٻيڙين منجهه گهَرن دُکي پئي باهڙي.
هي واريءَ لس ليٽ ۽ وچ ۾ ترائي،
ڪئن ڳلي آئي اُن جي هرڻي اُڃ ۾.
طنبيلو، گهوڙو، جنهن جي سَئس سَماءَ ۾،
ٻُڏي نه ٻوڙو، هيکل جي هڻڪار کي.
آڏا ڏونگر، ڀُئن گهڻي اُڏرِي ٿڪِي ڪونج،
رڳو هن جي گونج رهندي هن سنسار ۾.
ڦَڳُڻ ڦوڳَ ڦُلاريا نَگر تي نائو،
نيگر هٿ پائو ڇا نه سُريلي جندڙي!
هنج اڳي جئن هنجرون ڪينجهر لاءِ اچن،
ڇا ڪو آهه وچن جيڪو تن کي ٿو ڇڪي؟
پوڙهو مُڙسالو پيو، وڃي ٻنيءَ ۾،
آيو وَنيءَ ۾ ’ويٺس ڇو ونهواهه ۾؟‘
ڇوڪر جهلي ڇيلڙي ڪوسي ڪئي ڪَڇَ،
تَنهنجي پُٺيءَ اڇ ٺهڪِي هن جي هٿ سان.
جهوپِي ڄانڀي کيت ۾، رَڙو رَڙ آئي،
ڪنهن کي هي دائي ڄڻائي وئي ٻارڙو؟
هي جو هَر ڪاهيلُ پريان ڪَنڊيِن اوٽ کُٽي
اُتي ٻني تي، مرندو هو ويڙهاند ۾.
رَنڊا روڙن زائفان، پريان مڙسالو،
پهتا ئي نه اڃان، هر ڪنهن وَرُ پنهنجو ڏٺو.
مڙس ته دانگوڙو، وَني سوني جي ڏَلِي
ڀڃان ڪئن کوڙو، مان تن جي تقدير جو؟
ٻهڪي پئي نينگري پينگهي پُٽَ لُڏن،
جن کي دعائون ڪَن آيون وَيون وانڍ ۾.
ٻهڪي پئي نينگري در تي دُهل وڄن،
آندو دهلارين اوڙي پاڙي ساڙَ ۾.
ڪڏهن ڪڏهن ڌيئڙيون امڙ سان اورِين،
تُراڙي تورِين پنهنجا سارا ڏکڙا.
ڪاڏي نِئي ٿِي پَئِي گاڏيي گُجَر کي؟
ساريندي گهَر کي جو ڳوڙها ڳاڙي پئي!
جوُاني جهوٽو، گهڙيءَ ۾ گذري وئي،
ٻاريندي ٻوٽو رَمي وئي راتڙي.
ڪڏهن گُل گُلاب جا ڪڏهن پَتيون واءُ،
دل ٿي چوي ’آءُ‘ هيرون هرکائن پيون.
اکيون اوهيڙا ڪري ويڙهي منجهه وَسن،
ڇا ڇا ٿا نه ڇَڏن، ماڻهو سَفَر سانگ ۾!
تِتر کرڙي اُڀَ ۾ هيٺان هي هالارُ،
ڪيڏو توتي پيارُ، آيو مونکي جندڙي.
پکين گهُمرا واءُ ۾ ائِين جيئين تون،
نِوِڙي هيٺ لتون پاڻيءَ منجهه پُسائئين.
هي جي ننڍڙا ٻارڙا ڪوهَر کائن ٿا،
توکي ڳائن مُرڪِي پنهنجي ماٺ ۾.
ڇنڊا اَچن ٿا ڇُلڪا ٿِي ٻيڙي ڪري،
پَلا نچن ٿا ٻني ٿورو ٻاهران. *
پنهنجِي رِڍَ ڏُهي وٽو رکي کير جو،
پيو مڙس ڊَهي ڪيڏا هڻي هڏڙا!
متان ڪچي انبڙي ڌوڻي توکي واءُ،
توکي تنهنجي ماءُ ڪنهن جي لاءِ ڄڻي وئي؟
انگل آرا ٻار جا اهڙا ٻي ڪا شيءِ،
عُمِر! اڄ مون لئه ڪيڏيون آنديون سوکڙيون.
ڪجاوي ۾ ڪامڻي، چنڊ به ڏوليءَ سيئن،
آهي ڄاڃيءَ جيئن هُن سان هُن جي واٽ ۾.
ڪينجهر ڪنڌيءَ اوڏڙا هَنجر ڪُر ڪُر ڪن،
ڇو ائن منهنجي مَنِ پيا ولوڙا اوچتو؟
پکين ڦڙڪُون واءُ ۾ ڍوري ۾ پاڇا،
ايهِو، ٻيو ڇا ڇا ڪنهن پل ۾ پيهي وَيو!
لسيءَ چؤنرِي ڪَڇَ تي، اڳيان چَؤڙُن پوکَ،
گهر وارِيءَ کي اوکَ، گهوٽُ لڻي ٿوکيت ۾.
ولر گهُمرا ڏِين جُهڙالي آڪاس ۾،
بوندون ٽپ ٽپ ٿِين پرڙن مَٿ اڏام ۾.
جَر – ڪاوا جرڪن چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي،
ڪنڌيءَ سَر سَر ڪن ٻُوڙا پيا واءُ ۾.
متان سارس مارئين ٻاهر ٻنيءَ ۾،
جنهن جِي وڻيءَ ۾ واءُ کنڍيريا کنڀڙا.
هٿ وڌو نينگَر توڙي گاڏيءَ ڏورڻيءَ،
سارو رستو پَر جهولي پيو پينگهه جئن.
هُو جا ٻيرِ بهار ۾ مالهيءَ ٿي ڇانڊي
اُن هيٺان لانڍيِ اُترڙو اوتون ڪري!
شاديءَ کان پو نينگريءَ ڇا آهي چيٺِي،
کٽولي ويٺِي اڱڻ ۾ اوري پئي.
هي جو ڪُڻڪو ٻار جو بيماريءَ آيو،
دنيا ٻيءَ آيو جاڏي هن جو پيرڙو.
لوُلِي نينگر چيلهه تي گهڙو رَکائي،
سُر ۾ سمائي، پنهنجي اگهائِي هَلِي.
اڇڙِي ڇَڙي ٿِي اُجري ڪَري پاڻ جئن،
منجهند لڙي ٿي، آڀون سيڪي اَن جا.
ٻار وهاري هنج ۾ ڏَئِي کيڏوڻو،
پکيءَ کي چوڻو کارائي ٿي مائِڙي.
ڏئي ابهمَ لَولڙي ٺري پئي ماءُ،
جيئين ڏکڻ واءُ، هيرون آڻي هنج ۾.
هي جا چانهڪ، سانوڙي انهيءَ مان نينگر، *
وڃي پيئي گهر، گهڙو کڻي ڪَڇ ۾.
چِٽَ ته هئي چيٽ ۾ پر هاڻي ويساکُ
آهي جيءُ هلاک، ايڏو اُس چڀي پئي.
ڄڻ ڪي سانجهيءَ ڏيک ۾ آهن وڇونءَ ڏنگَ
مينهون چڙا چنگَ، وڃن پيا واٽ تي.
lسنگهڙ ڪري ٿيون اچن مينهُون ڍنڍ منجهان
نينگرڙو تن سان موٽي پيو ماڳ ڏي.
ڪيچڙ واريءَ چِڪ مان پاڻيءَ جو ڇپڪو،
ڪَلِ منجهان ٽپڪو، ڇو هئن وڇ ڇرڪي پئِي؟
پريان پريان اُڀ ۾ ڏس هُو هرڻ کڏيُون،
ڪيڏو دُور ڪُڏيون راسيون، مُنيون، ڪَڍروُن!
هيڙها، ٽاريون توت جون چڙِيون چَهه چَهه ڪن،
سارُون روز اچن بيگاريءَ تي باغ جون. *
جڏهن سرنهن گُل ڪيا وڌي ويو ويساهه،
آهي ساڳو چاهه منهنجو تو ۾ جندڙي.
اڃا ڄڻ آڪاس تي آهي ڪُجهه لُڙاٽ،
پوءِ به نکٽَ لاٽ ٿوري ٽِم ٽم ٿي ڪري.
اُڏرن ٿيون ڪونجون آڌيءَ جو آڪاس ۾،
پر ڌرتيءَ تان تون تن کي ڏسندو ٿو رهين.
وَڻ ڪِناري ڳَهريا، سانجهي، بتيلو
ٻُري ٿو ٻيلو، پکي موٽيا ماڳ تي.
ڪٺا سڀ ڀاتي گاڏين، بيلَ جُٽِن پيا،
ڪُٽيندي ڇاتِي آهن لڏ پلاڻ ۾.
ڇوڪر آگهيءَ ماءُ سان چمنيءَ جو دونهون،
ٿئي ٿو سونهون آرهڙ جي آڪاس جو.
تئيءَ منجهه تَري پيو ڪيرُ اِهي گهيچا،
نيڻ نه تنهن نيچا اُتَر باهه، اُماڙيون.
چڙِيون کيت چڳي ويون هاڻي هٿ نه هڻ،
باقي داڻا کڻ جي تن کان رهجي ويا.
ڇڻي گُل گلاب جي چيو اي خوشبو،
مون ڀانيو ٿي تو، سدا منهنجي ساٿي آن!
خوشبوءَ پر آهن مگر گلابن پاڙون،
اِنهن کي جاڙون سَهڻيون آهن سيءَ جون.
دنيا ساري ڌوڙِ ڇو ٿو ڌوڙ ڪَٺِي ڪرين،
ڇو تون ايڏي ڪوڙَ آهين ائن ڪاهي پيو؟
هي جو تنهنجي جيب ۾ غيب ڀريل آهي،
جيب ڀريل آهي، اڻ ڄاتل امڪان سان.
ڦِر نه لاٽونءَ جيئن تون ڪڏهن ڏَور به ڏس،
جيڏا توکي جِسُ جي تون هَٿُ ڏسي وٺين.
اهو ممڪن ئي نه آ کوڙي هو مُونو،
ڍڳي جو ٿونو، هَٽِي هَٽي ڪينڪي.
کارو پاڻي تَر وٺي مِٺو بيهي مَٿِ،
ماڻهوءَ جو مُلهه ڪَٿِ هن جو ڳالهائڻ ڏسي.
اکين بدران ٿا لڳن هڏن جا کوپا،
ماڻهو يا ڀوپا، وڃن پيا واٽ تي.
ڏسِي ڏائيءَ اک سان واڻئي وَٽيءَ مَپ
چوي پئي، ”لپَ، اَڃان آهي پَوِڻي“
هلِيون ڇڇڙن تي جئين ڏين لامارا،
هت ماڻهو سارا دولت ائن ڦاسائِيا.
ڪيڏن نوٽن جي ٿَهي تنهنجي کيسي ۾،
ميان تِيسي ۾، وساريو ٿي ماڻهپو.
پوکي ڪانڊيرا چاهين پَٽ ڪنوار کي،
ميان من ميرا سڀڪجهه آڏو ٿو اچي.
اَڪُ به آهي کوهه تي سائو ۽ گهاٽو،
ايڏِي وِهه آڇو، هي جو منهنجو سنگتي؟
هن دنيا ۾ دوستيءَ تي جي ڀاڙيندين،
ڳوڙها ڳاڙيندين ٿڌا ساهه ڀري ڪري.
الله! هي انسان جي ظالم ۽ جاهل،
مون کي آئي کِل انهن کي اشرف چئي.
ڪوڙُ اٿي ڪوراڙِ جئن وڪوڙي ويندءُ،
نه ڄاڻان نيندءِ ڪهڙي آوهه ۾ ميان!
بي قدرن کي ڀُلَ جو جيسين ٿي احساس،
تيسين منهنجو سواس رهندو ڪو نه سرير ۾.
دانشور دهڪن تنهنجي ڪوتا کي ٻڌي،
ٽوهه وليون ٽهڪن جئن اونهاري اُس ۾.
باقي جيئَڻ ڏينهڙا هاڻي تنهنجي ڪَڍ،
مان ماڻهوءَ جا وَڍ سَهِي سهان ڪيترا.
متان ماڻهوءَ سان، گهڻو ٿين هجائتو،
اڄڪلهه ماڻهوءَ مان نڪري ويو آ ماڻهپو.
ايڏيون ڪَشِ نه ڪوڙڪيون اَڏي ٻه واٽيون،
پکين کنڀڙاٽيون پٽجي اچن ڦٿڪندي.
چوڌاري لوساٽَ اُماڙيون آڪاس ۾،
ڦهلِي ڄَر ڄراٽَ ڪنهن هيءَ ڏني چوچڙي؟
ڪُني ۾ ڏوئي ڀرسان بکيا ٻارڙا،
پيٽي سڀوئي ڪجهه نه رکي پاڻ لئه.
ڪنهن جي ڪفن کي ڏٺئِه ڪي کيسا،
پئسا ڪندين ڇا؟ پئسا پئسا ٿو ڪرين.
سونجهي سوُنجهي مُنهَن، وَني وٺجانءِ گهوٽ لئه،
متان توکي نُنَهن، اڳتي ڏولاوا ڏئي.
سنڌڙي تون ائن هيکلي، جيئين راجسٿان،
پر مون سنڌ سمان هيکل ڪا نه ڏٺي هُتي.
ڀائين ٿي ڌنارَ سڀ، سنڌڙي بگهڙ تون،
تڏهن نانهه مٿئون ٻوٽي توتي ماس جي.
برقعي مان ٻاهر ڊگهو هَٿ ڪري بيِبي،
اڃا غريبي، ساڳي آهي ڏيهه ۾.
چڪري ويلڻ ساڻ هوءَ ويلي پئي مانڙي،
آهي سنڌ سٻاجهڙي، صدين کان ساڳي اڃان.
هي جي ٽانڊا چُلهه ۾ انهن مٿان رَک،
هاڻي ٿيندي ڪَک، ڀڀڙ ٻيا ڀڙڪاءِ ڪي.
ڪئن تون ننڍي کنڊ ۾ گل بچائي وئين،
توڙي ڏائي وئين، توڙي ساڄي سڏ تي.
پوڇانڊي ويهِي، لاهه نه پنهنجو ڏينهڙو،
ڀِٽَ چوٽيءَ نيهي، ڏس ڳاڙهيءَ ڳاڙهاڻ کي.
مارڪس، فرائڊ، ڊارون ويهين صديءَ جي،
ڪيڏي کَنڊُ کسي! ۽ پوءِ سڀ کئِه ٿي ويا!
ڪوڙو ڪُتو سنڌ جي نالي ۾ ڀَؤنڪي،
ڪوئي نه چَؤنڪي، هڏو هن جي وات ۾.
رني ڪوٽ جي ڀت تان سانڊو ڏسي ٿو،
ٽانڊو ڏسي ٿو ڪوئي آرهڙ اُڀ ۾.
مذهب توڙي قوم جو نالو ٻوڙيائون،
باهيون ڏنائون ٻار ڪيائون ڪوڪلا.
ڏهاڙي کاري ڪالهه ويو هڙتال ۾،
ٻچا بُک ماري، چريو ڪنهنجي چُرچ تي.
هيءَ نه رڪنا باد، هيءَ ته آهي روهڙي،
پوءِ به مون کي ياد اڄ حافظ ڇو ٿو اچي؟
آنءُ ٿنڀي سان ٽيڪ ۽ فتح پور سڪري،
ڪاڏي ويا نڪري هو جي مُهرا وقت جا.
گانڌيءَ رڙ ڪهڙي ڪئي جڏهن ڍُرڪي ويو؟
نه ڪي ڪنهن ڄاتو ڇا ٿي سوچيو گاڊ سي!
تولئه لڏون، چور مون هُن لئه رُکو روٽُ،
مان ٿو چوان موٽُ پنهنجي اِن انياءَ تان.
هوُ جي ڊڳڙُ ٻارڙا ڳڀا ڳڀا ڪَن،
تن جا ٻوڙي دَن ڇا پاتِئه منهنجا ڌڻي!
سنڌي پنجابي ڪڏهن ڪو نه ڏسي ٿي ٻوڏِ،
سڀني ساڳي گوڏِ سڀني ساڳو چولڙو.
ماڻهوءَ اندر بُک جا ڀڀڙ ٿا ڀڙڪن،
متان هو ڪڙڪن رنڀي ڪنهن راڪاس جان.
قُبي ڪڙولو سون جو ڏوران ڏسي ٿو،
پو مَن ڦسي ٿو، هيڻو ڏسي حال کي.
ڄَٽ هنيا جي زَٽ ٿي، مون ته لڳي ويا طاق،
وڏيري اوطاق، ڳالهيون موڙا چم جا.
سنڌ جو وڏو مرض آ ان جي ڪچهري،
منجهند، ٽپهري، سومهياڻي، گذري وئي.
مون کي ماضي ئي وڻي، حال نه مستقبل،
جنهن کي ڪوئي حل آهي نه حالات جو.
چوکنڊيءَ چوڌار ٿي چنڊ ڏنو ڦيرو،
هاري وڏيرو، چار سران ڪاشيءَ سنديون!
ٽپو ڏيندي لومڙِي ڪوٺي مٿان، سوچِ!
مُري موچَ نه لوچِ، تولئه ٻيا ڀي گهر گهڻا.
توکي آزادي ڏئي، هي جو ڍوڍو ساڳَ،
۽ پهچائي ماڳَ اِن کان ڪجهه ناهي ڀَلو.
ڏس، هو اجرڪ جون پڳون کيڙيءَ کُرچيل پير،
ڪَهڙا مُڙس مٿير، جَن ڪُهاڙيون ڪَڇ ۾.
هو جي نازي فوج سان ايڏيو وڙهيو ها،
آخر انهن ڇا ايئين قربانيون ڏنيون؟
دنيا ستر سال ۾ ڪيڏو ڦِري وئي؟
ايڏو ڦِري وئي ناهي ست سؤ سال ۾.
گُهگهَه ڪيا گرڙاٽ رات لٿي آهي،
پوري ٿي آ جاٽَ ماڳ لڳي ٿو ويجهڙو.
آهي جڳ – وسار تکيءَ نديءَ وهڪ جئن،
ڪنهن کي هن سنسار سدا ناهي ساريو.
هي سارو سنسار آ سپني جي سپنو،
تو آهي سمجهيو، جنهن سپني کي ساڀيا.
ڇا سمجهيئه ڪنهن ساڻُ تنهنجي هي ناتو.
ڳوڙهو ڳُجهه پاتو، جنهن ۾ تو سنسار جو.
سچي ٿيڻي ناهه سا، ڪُوڙي ئي رهندي،
ڊهندي ۽ ٺهندي ڪايا هِن سنسار جي.
تون به ته پهريون لفظ هئين، وئين ڦهلندو،
اڳتي ٽهلندو هن ساري سنسار ۾.
ڄاتُئِه ڄاڻڻهارَ تو جو منهنجي چِت ۾،
تڏهن تو ٻيهارَ مونکي ڏني جندڙي.
پورو ڪرڻو آهه مون اڃا سو پيغام،
جيڪو سارو عام هڪٻئي جي ويجهو ڪري.
مان ئي سارو دشت هان، مان ئي حُدي خوان،
هي منهنجو ايمان واڳون تنهنجي وس ۾.
منهنجي ننڊ ڦٽائين ڇو ٿو ميان تون؟
ڇو ٿو ڏئين مون جاڳڻ جون ايڏيون گهڙيون؟
مان ئي شاهه حسين هان مان ئي بلي شاهه،
منهنجو سارو ساهه توسان واڳيو ديسڙا.
دنيا طالب ڍونڍ جي ڪُتا ڦيريون ڪَن،
تيريون ميريون ڪن حصي تي هرکي ڪري.
دنيا طالب ڍونڍ جي ڪيڙا ڪيڙا تَنُ،
مور نه آهي مَنُ، جيڪو بُلي آکيو.
ڏئين ته ڏاتار ٿين، ڏمرجين به ته ڏي،
ويندين هِت ڇڏي سڀ ڪجهه هن سنسار ۾.
جاڳن ساري رات جي ڀاڳن جَن نه ننڊَ
تِن لئه وڳا گهنڊ ڪو نه سُڃاتئِه ڪاپڙي.
هي جو تنهنجو دٻدٻو هي جو لوڪَ – وڌاءُ،
نيٺ ته مٽيءَ پاءُ مِٽيءَ سان مٽي ٿئي.
واري ذات ڪُذات کي پيار ڪَيان سڀ سان،
ڪبيرا، توکان پوءِ نه آيو مون جيان!
نانڪ کان پو آنءُ آيو هان اسرار مان،
متان منهنجو نانءُ سمجهو گهٽ گرنٿ کان.
ڪيرِتَنن وانگر ڪهڙي گونج هُئي اِها، *
هيٺ ڪَنن وانگر بادل آيا باک جا.
رات شِوالي مان، جهانءِ ٻُڌي مون جهانجهَه جي،
چيو هاڻ ميان، لڏجي جيڪر لوڪ مان.
ماڻهو سڃاڻو، جي مون کي تاريخ مان،
ڀوريو نه ڀاڻو، آنءُ اوهان لئه جو اَڏيو.
مان جو چوان ٿو ائين ڪنهن به نه ڄاتو آ
ڪنهن به نه پاتو آ ائين ڳجهيءَ ڳالهه کي.
ميان ڳالهيون ڳُجهَه جون ڳُجهيون رهڻ ڏي،
تن کي ساهَه سَلي هوند نه هيڪاندو ٿئي.
ڪهڙيون سليان آنءُ ڳاهُون تنهنجون ڳالهڙيون!
پوءِ به پليان آنءُ پاڻ نه ٿو اسرار کان.
هو جا لهروئي، وري ايندي ڪينڪي،
ڪنهن هي ڳالهه چئي، آنءُ ته موٽيو آهيان.
هي جا گهڙي لهر جان وڃِي نه موٽي،
انهيءَ کي جوٽي جيڪر ڪنڌيءَ سان ڇڏين؟
سڀ ڪجهه تنهنجو روپ آ، تون جو آنهه اَروپ
توڙي آنهه الوپ ڄڻ ڪنهن شيءِ ۾ ڪو نه آن.
قادر مطلق تون، ڦهلي وئين اوچتو،
۽ ڏيکاريئِه مون هي لِيلا سنسار جي.
اڳ ۾ رڳو هڪُ هيو پوءِ به رڳو هِڪُ
وچ ۾ لِڪو لِڪُ آهي تنهن اسرار جي!
مون کي ڪنهن جي ڪاڻ آ جي تون پرچين مون،
منهنجو رڳو تون دنيا ڪوُڙا آسرا.
هاڻي شڪ يقين کان مٿي آهيان آنءُ،
هر شيءِ تنهنجو ٿانءُ ٻُري پيو ٻُوجهه سان.
ميان، متان موت کان ڪڏهن گهٻرائين!
متان من لائين هن جوٺي سنسار سان.
ڪيڏِي ڳاڙهي اوتَ بادل ڪَن ٿا شام جو،
پري ڌڪي موتَ، ويجهو آءُ وجود جي.
چکڻو آ، هر شخص کي اِن جو ذائقو، *
ايڏو ڏر آ ڇو، ميان توکي موت جو؟
ڳالهه ٻُڌِي تو موت جي، خارَ اَچي ٿي پَر
موتُ ته پيغمبر سدا ساريندا هُيا.
ميان سنئين راهه تي ڪٿي تون ايندين،
تڏهن اوريندين جڏهن موت مٿان اچي!
آيو آهين موت، ترس ته هلون ٿا ميان!
اڃا آهي اوتَ ٿوري منهنجي جام ۾.
هٿ مان ڪرِي موت جي جام نه آ ممڪن،
رِندو! پوئين کِن پيو اوتيندس اوت کي.
هرڪو هٿيڪو آهي گهڙيءَ موت جي،
ڪنهن جو ڪو ٺيڪو ناهي هن جهان ۾.
ڇا ڪو آهي، موت ٿو جنهن نه ڇڏي رڙڪي،
سڀ تي ائن ڪڙڪي وِڄُ ڪري جئن وَڻ تي.
ڇڏيندءُ ڪنهن جاءِ تي متان ڀائين موت،
فاني هرڪو فوت اَوس ٿيندو اوچتو.
هتان ٽرون ٿا نيٺ ته ٿڌي ساهه سان،
نيٺ ته مرون ٿا، مٽيءَ سان مٽي ٿيون.
رات کُٽي ٿِي ڏينهن ٿئي، آئي آهه پِرَهه
اسين روز گرهه، ٿيون پيا موت جا.
نه ڪي ڪنهنجي هار آ نه ڪي ڪنهنجي جيتَ،
موت ڏئي ٿو ميتَ ٽهڪ انهن تي جي مُئا.
ڪنهن کي دهو موت جو اڳ ۾ پوي ٿو،
۽ هو چوي ٿو ڪيئي ڳوُڙهيون ڳالهيون.
هي جا لاٽ لُڙاٽ آ، هي جا رَئيءَ رَءُ،
مونکي مور نه ڀَوءُ مرڻو ناهي آدمي.
ڪٿان ٿو ڪوري ڪپي تنهنجا انگڙا،
هن جي ئي ٿوري تون ڄڻ وَڻ اَنار جو.
ڪڏهن هي سوڙها، وَرَ وراڪا راهه ۾،
ڳاڙيندي ڳوڙها ملي ويندا پاڻ ۾؟
مَٿو نه ڦيراءِ تون ٻيڙيءَ ثمر تي،
پُڳيون نه ڀر تي ڪيئي ٻڏيون سِير ۾.
جيڪو سڀ ڄمار تو ڪيو اتيا چارُ،
اُن جو توکي بارُ، آهه گهڙيءَ ۾ لاهڻو.
پل جو پاڇائون اَٿي، هي تيرو ميرو،
ڪنهنجو آکيرو سدا لڏيو لام تي؟
لڳ لاڳاپا لوڪ سان سارِي لب لالچ،
روح نه تنهن سان رَچ ڪجهه به نه آهي جندڙي.
ڪکن ترها ڪيترو سهارو ٿيندا؟
آخر ٻوڙيندا اچي تکيءَ سِير ۾.
پيسي سان تون مائٽي پئسو ئي سڀڪجهه
ڪيئن پائيندين ڳُجهه اونهي جي اسرار جو.
ڪنهن جي لاءِ ڪٺا ڪَيئِه دَنَ اهي ديرا،
ڇڏيئِه جي پيرا وڏي کيپ کٽي وئي.
سَرايون ڇالئه اڏين، ميان تون مهمان،
آهي ڇا انسان؟ رات رهي رمندو رهي.
چَتون پڃري ۾ پيو ٻولڙيون ٻولي،
ڪڏهن در کولي اُڏري ويندو اوچتو!
گانيون، گابا، واڙِ، ماڻهو، مانيءَ جي پنڊي،
پَئي پئِي راڙِ چَٻ چَٻ جي آواز سان.
ڏاند نه هَڻُ ائن ڏورڻو، متان گاڏيءَ کي،
ايئين ڊوڙائي اونڌي ٿئي اڌ تي!
سوچي پير وڌائجانءِ وهه گهڻي واٽَن
متان سپ ڪاٽن ڏرڙ نه ڏسين واٽ تي!
وِهُه گهڻو واٽن جيسين توڙ پُڄائئين،
کپر ٿا ڪاٽن ور ور ويندي ماڳ ڏي.
وجهي پير رڪاب ۾ گهُوريائين منزل،
پوءِ نه وريس دِل، مُنهن موڙيائين ماڳ کان.
ڪاڏي ويو قافلو ائين ڇڏي باهِه،
مَچ اجهاڻو ناهه چڻنگون ڪيڏيون واءُ ۾!
رات رهڻ ڏينديم اڄ محفل آهه مَتي،
رِم جهم آهه ڪَتي اَمل پيو اوتجي.
ميان! تون ڏاتارُ، متان هٿ ڊگهو ڪَرين،
تو وٽ پاراپارُ ٻئي دنيائون مُٺ ۾.
تو ڇا سمجهيو رزق جو آهيان مان محتاج،
منهنجو سارو ڪاج پاڻ پيو پورو ڪري.
توکي لڳي ڪا نه آ اڃا لهر لپاٽَ،
کُلندءِ نيٺ ڪپاَٽ ڪنڌيءَ ويندين ڪيترو؟
ڪيئن پيو ٿو رِٿجي ماڻهوئڙن ميلو،
شل نه ڀڄي ڀيلو ترندي ترندي تار ۾!
ڪئن چئجي هي ميز تي آ پوئين ماني،
آهن مهمانِي مڙئي جيئڻ ڏينهڙا.
ڪوڙي ڪهاڻي جوٺا جوڀن ڏينهڙا،
ماڻِي نه ماڻِي ڳالهه مڙيوئي هڪڙي.
اڪيلو ايندين ميان، اڪيلو ويندين،
ڪشتيءَ ۾ نيندين ڪو به مسافر ڪينڪي.
ويا وڃڻهارَ، روڪي روڪيا ڪينڪي،
روئي روئي يارَ سهمِي ويا سانت ۾.
سارون ئي سارون، اکٽ مون وَٽ سانت ۾،
هي ڪنهنجون ڪاروُن، ڪير ڪَري ٿو سَڏڙا.
اڌ ۾ ڪير ڪتاب ڇڏي ويو اوچتو،
رُٺو ڄڻ ته رباب، اُن جي تارَ ٽٽي پئي!
ڇانگون ڪري راتِ، وڳر ويا پار ڏي،
مونکي ڏيئي ماتِ، جر ۾ ڇڏي جيئرو.
ڪالهه ٻڌو مون ڪُنڊ ۾ ڏکويل ڪُڻڪو،
جنهن جو هر ڀُڻڪو، ڀوري هڪ جهان کي.
آنءُ ته روڪيان ٿو گهڻو رُٺا ڪو نه رهن،
پوئين پهر ڪَهن جونجهڪڙو جهيرو ڪري.
جيئين پن هواءِ ۾ اهڙو تو اَسٿان،
ميان، تون انسان، آخر مٽيءَ موٽڻو.
ڏِس هوُ اَبُر چِٽَ جا نيري آڪاس ۾،
اُهي منهنجا مِٽ، تو منهنجي ڪهڙي مِٽي؟
دنيا سڀ دوکو، جيڏو سؤلو پنڌڙو
ايڏو ئي اوکو لاڏاڻو هن لوڪ مان.
سڀ ڪجهه رهڻو هِت، آ تنهنجي تون سواءِ،
تون ڇا ڄاڻين جِت تنهنجو پڄندو پنڌڙو.
هي جا جَبل روڻَ، تنهن مان گهُلي وائرو،
ڪري ڄڻ ته پروڻَ توکي پيو جندڙي.
هو جي جبل لَڪَ مون ماريندا ڪينڪي،
مَٿي سِڌي نَڪ چڙهڻو آهيان چوٽِئين.
ڪيڏو ڪشالو ڪاريءَ رات ڪُهنگ جو،
ڄڻ ڪوئي ڀالو ويو پئي ڀونءِ تان.
وڃ نه ويجهو جهنگ جي ڀڀڙ ٿا ڀڙڪن،
ڪوراڙيون ڪڙڪن واٽهڙو ويندا ڏسي.
ڪيئي چارا پيچرا ڪيئي وڪڙ ورَ،
جيسين پهچو گهرَ ٿاٻا ايندَوَ ڪيترا.
ميان ماڻهن ساڻ، ٿورو گهارين جي چڱو،
آهي تنهنجو پاڻُ، پورِي دنيا پاڻ ۾.
دنيا ڀن ڀن جانوَر ٻُري ٿو ٻيلو،
تيسين جهميلو جيسين آهين جيئرو.
ڪاڏي ٿا ڊوڙن وڻ وڻ آهي ڀاڄ ۾؟
صدين کان ووڙن جيڪي ڪُجهه ملي نٿو.
هاڻي جيئين چيچڙو پينهين پيو هڏَ،
هاڻي ڪائي کَڏ آئي آهي ويجهڙي.
نِهري هوندءِ بانهِڙي، هي پر نه ڄاتوءِ
جيون هڏا هوءِ ڪاٽي پنهنجا ڏينهڙا.
هي جا آهي ککڙِي انب ٿئي ٿي ڪيئن؟
ڇا ڪو چوندو هِيئن، ڪجهه به نه اچي سوچ ۾!
سڀ تنهنجي حڪمت هُئِي آنءُ ته ڏٺو هيئن
ڏانڊيءَ ڪيڙو ڪيئن پهتو پنهنجي کاڌ کي.
ڪيڏا پکي آئِيا پاڻيءَ جون پاٽيون،
لُنءِ لُنءِ بولاٽيون ’تون‘ ’تون‘ جي تنوار جون.
آنءُ اگر هان آنءُ ۽ هوُ آهي مون سان،
’تون‘ جي تات ڪيان، ڪهڙيءَ واهر واسطي؟
جر تي ڦوٽو جيئن اَڌُ ڪري ٿو وائرو،
تون پڻ آهين تيئن پنهنجي جيءَ جٽاءَ ۾.
هي جيڪو مڻهيار موتي پوئي اُڀ جا،
اُن جو پارُ اَپارُ مون کي جي ڏيئي سگهين؟
وٽوهڙ ڪنهن ڪاٺ جِي صدا ٿئي ٿو،
ڪجهه ته ڏئي ٿو توکان مڱِي مڱتو!
کنڊ هجي يا کيرُ نينگر ٿورا ڏينهڙا،
نيٺ ته نيڻين نير آهي سڀ لئه انت ۾.
بئنسر پنهنجي لال جي لاڙئون ڪو نه گهراءِ،
مِٽِي نه بهلاءِ باقي ٿورا ڏينهڙا.
وڃايئِه اڌ زندگي اجائي پٺتان،
سجائي پٺتان، او شل تو مهلت ملي!
رُکي ماني کاءُ، سُکيو ڏينهن گذار تون،
ننڊ نه اهڙو سماءُ، جهڙو بکئي پيٽ تي.
ڪَنڊي ٻيڙي جيِئن پئي لهواري ڌوُڪي،
ايئين پڻ توُڪي گهڙيون آهين سِير ۾.
ڪَرمنڊل ۾ ڪينَ، سامي سَڳَ پٺيان ويا،
هر ڪنهن نيٺ زمينَ، ڪم آڻي ٿي کاڌِ جئن.
جيئڻ هڪ درياهه آ تون مان ٻه لهرون،
ڪو نه ڪٿي ٺهرون سڌو وڃون سمنڊ ۾.
اِئين چَئُه ته پڪَ سِجُ سڀاڻي اڀرندو
ميان آڻ نه شڪ اَگهِيءَ آڌيءَ رات ۾.
ڀِڀُ نه شل ڀرجي ڪڏهن، نِڀُ نه شل وسري
چنڊ ستارن کي، ماڻهو تُڇ چئي ڇڏي!
ڪَنڌُ ته ڌوڻين ٿو، ڄاڻين ٿو ڇا ٿو پڙهين؟
ڄڻ تون لوڻين ٿو، دلي لوڻيون کارڪون!
دليون ٺڪر ٿانوَ جئن ٿڌيون ڪرين جي
ڪائي ڳالهه مٿي، ان کان آهي ڪينڪي.
لاهي وڌيئه لوڪ جا ڪيڏا عمامه!
تنهنجا دمامه واڄٽ ڪن وجود ۾.
جيڪي ڏوران ئي ڏسن سارن رستن کي،
تون تن مستن کي، ڇالئه پيو ڇيڙئين.
تنهنجا ڀِن ڀِن وَن سورج، تارا ۽ ڪتيون
ٻُڌ هي وڻن – پَن جي توکي ڳائن پيا.
دستڪَ دَر تي ڏي اڃا سَرلو ڪري سَڏ،
هُو جو توسان گڏ اوري ٿي آواز تي.
_________________
* ٿارو: فطرت پرست آمريڪي اديب، ڏانگڙو:- قوس قزح، انڊلٺ
l رباني: غلام رباني آگرو.
* مڌوشالا (هندي): مئخانو.
* مَنو:مصنف جي ڪلاس فيلو، ماضيءَ جو هڪ واقعو.
* مصنف جي ماضيءَ جي هڪ واردات.
* ٻَنو:سنڌ جي هڪ شهر جو نالو.
* چانهڪ ۽ سانوڙي: گاهه جا قسم جي اُتر ۾ مينهن کان پوءِ ٿيندا آهن.
l سنگهڙ ڪرڻ: مينهن جو هڪٻئي پٺيان اچڻ.
* بيگاري: شڪارپور جو هڪ واهه.
* وينڊو ڪُتو:ڪُتي جو هڪ قسم.
* اُست:اُٺڙيءَ جو کير.
* ڪَکَن:نانگن.
* چيِئَن:ڦاهي.
* لشڪارو(پنجابي): چمڪ. *ڏرگلا:ڪنن جا زيور.
* ٽنڊريل ٽاريون: گُلن ۽ پنن جون ڳتيل ٽاريون.
* ڪيرِترن:ڌرمي گيت.
* کُل نفساً ذائقة الموت.