توکي ساري سُپرين ڳوڙها ٽَپ ٽَپ ڪَن!
ٽمي پيو مينهڙو ڇَنا ڇَپ ڇَپ ڪن
ڳوڙها ٽَپ ٽَپ ڪن.
سنڌوءَ سِير وڃي پئي لهرون لَپ لَپ ڪن،
ڳوڙها ٽَپ ٽَپ ڪن.
ڪيسين تولئه جيئرا اَڃا جپ تپ ڪَن،
ڳوڙها ٽَپ ٽَپ ڪن.
ھن ڪتاب ۾ چئوسٽا، بيت، دوھا، وايون ۽ ترائيل شامل آھن. مھاڳ ۾ شيخ اياز لکي ٿو؛ ”مون باهوءَ تان چؤسٽي جو فارم کنيو آهي جيئن ساميءَ تان سلوڪ ۽ ڀٽائي تان بيت جو فارم کنيو آهي. ’ڪونجون ڪَرڪن روھ تي‘ ۾ باهوءَ جي مابعد الطبيعات (Metaphysics) نہ آهي ۽ منھنجي شاعري ۾ جو فلسفو آهي ان جي ڪائي هڪ سٽ باهوءَ سان يا ٻي ڪنھن سان نہ ٿي ملي. ها، اهو ضروري آهي تہ ڪيترن چؤسٽن ۾ مون پنھنجي نقطہ نگاھ کان هن ڪائنات جي وحدت بيان ڪئي آهي. انھن ۾ ڪجهه چؤسٽا ڪراچيءَ جي حالات جي باري ۾ بہ آهن. اُن دؤر جي دهشتگرديءَ جي عڪاسي ڪن ٿا.“
بٽڻن کي دٻائيندي فونٽ سائيز مٽايو