ٻن دلين جو ميلاپ نه ٿي سگهيو
Weep Not, Child ٻن حصن ۾ ورهايل آهي ۽ سندس 18 چئپٽر آهن. ناول جو پهريون حصو جارج (Njorge) جي تعليم سان تعلق رکي ٿو. جارج هن ناول جو اهم ڪردار آهي، جنهن جي سڄي ڪتاب ۾ اها خواهش (goal) آهي ته هو جيترو ممڪن ٿي سگهي. گهڻي کان گهڻو تعليم يافته ٿي سگهي. ڪتاب جي ٻئي حصي جو تعلق ڪينيا ۾ وڌندڙ انقلابي قوتن ۽ انگريزن خلاف هنگامن بابت آهي.
ناول جي ڪهاڻي هن ريت آهي ته: جارج نالي هڪ نوجوان ڇوڪري کي سندس ماءُ اسڪول وڃڻ لاءِ زور ڀري ٿي. هي پنهنجي ڪٽنب جو پهريون ٻار آهي، جنهن کي اسڪول ۾ پڙهائڻ لاءِ سندس والدين همٿ ساري آهي. جارج جا ماءُ پيءُ، جارج ۽ سندس ٻين ڀائرن سان گڏ جئڪب نالي هڪ مڪاني شيدي جي زمينن تي جهوپڙي اڏي رهيا ٿي. جئڪب انهن ماڻهن مان هو جنهن ڌارئين ڏيهه کان آيل هنن گورن غاصبن جي چمچاگيري ڪري پئسو ٺاهيو هو. جئڪب مسٽر هائلنڊس نالي هڪ جاگيردار انگريز وٽ ڪمدار هو. جارج جو هڪ ڀاءُ ڪمائو ڳوٺ جي واڍي وٽ ڪم سکيو ٿي. سندس وڏو ڀاءُ جنهن کي انگريز سرڪار ٻي عالمي لڙائيءَ ۾ هڪ ٻئي ڀاءُ سان گڏ زوريءَ وڙهڻ لاءِ لڳايو هو، ان جي دماغ تي پنهنجي ڀاءُ جي موت ۽ پنهنجي ڏکويل تجربن جا پريشان ڪندڙ اثر موجود آهن. جارج جو پيءُ گوٿو (Ngotho) جيڪو تر جو هڪ معزز ماڻهو مڃيو وڃي ٿو اهو مسٽر هائلنڊس جي فصل جي نظرداري ڪنهن اجوري جي ڪري نٿو ڪري پر اهو سوچي ڪري ٿو ته هيءَ زمين سندس ڏاڏن پڙ ڏاڏن جي آهي ۽ ٿي سگهي ٿو هڪ ڏينهن وري کين واپس ملي وڃي.
اسڪول ۾ پهرين ڏينهن وڃڻ تي جارج جي ملاقات هڪ وِهاڪي (Mwihaki) نالي ڇوڪريءَ سان ٿئي ٿي. جيڪا انگريز جاگيردار جي شيدي ڪمدار ۽ چمچي جيڪب جي ڌيءَ آهي. وهاڪي جارج کان هڪ سال مٿئين ڪلاس جي شاگردياڻي آهي. جارج کي اها بيحد وڻي ٿي ۽ ساڻس دوستي رکڻ چاهي ٿو. گهر ۾ جارج جي ڀاتين جي سڀ کان وڏي وندر ڪچهري آهي. شام جي وقت جارج جو پيءُ گوٿو ڪانڀ ٻڌي وهندو هو ۽ چوڌاري جارج جا سڳا ۽ ويڳا ڀائر ۽ گوٿو جون ٻئي زالون يوڪابي (Nyokabi) ۽ جيري (Njeri) سندس چوڌاري دائري ۾ ٿي وهندا هئا. هڪ ڏينهن جارج جو پيءُ گوٿو پنهنجي گهر جي ڀاتين کي ٻڌائي ٿو ته ڪيئن هي زمينون، جن تي اڄ انگلنڊ جا گورا قبضو ڪري پنهنجيون سمجهي ويٺا آهن. اهي اسان جي ڏاڏن پڙ ڏاڏن جون آهن.
هن ناول ۾ ليکڪ ڏيکاري ٿو ته جارج پنهنجي ڪلاس جي سڀني شاگردن ۾ هوشيار آهي. هن کي هڪ ئي سال ٻه ڪلاس ڪرايا وڃن ٿا. اهڙي طرح هو ساڳي ڪلاس ۾ اچي وڃي ٿو، جنهن ۾ جئڪب جي ڌيءَ وِهاڪي آهي. هڪ ڏينهن جاگير تي ڪم ڪندڙ پورهيت مزوري وڌائڻ لاءِ هڙتال تي سڏ ڏين ٿا. جارج جي پيءَ گوٿو کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته هو پنهنجي ماڻهن جو پاسو کڻي يا انگريز جاگيردار جو. ڇو جو انگريز ۽ سندس چمچي ڪمدار جئڪب جو پاسو نه کڻڻ تي هن جي نوڪري هلي وڃڻ جا امڪان هئا. آخرڪار هو اهو فيصلو ڪري ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ هو پورهيتن جي ميٽنگ ۾ شامل ٿئي. جيتوڻيڪ سندس ٻئي زالون کيس ائين ڪرڻ کان جهلين ٿيون. ميٽنگ دوران پورهيت پگهار وڌائڻ لاءِ نعرا هڻن ٿا ۽ اتي اوچتو اوچتو وهاڪي جو پيءُ جئڪب نمودار ٿئي ٿو. هو هن اسٽرائيڪ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جنهن تي جارج جي پيءُ گوٿو حملو ڪيو. پوءِ ته ٻئي هڪ ٻئي کي مار ماران ۾ لڳي ويا. سڀني چيو ته اڄ ٻنهي جا لاش ئي کڻڻا پوندا. بهرحال جئڪب بچي ويو ۽ هن گوٿو کان بدلو وٺڻ جو قسم کنيو. جارج جي فئمليءَ کي زميندار جي زمين تان ٽپڙ ٻڌايا ويا ۽ نوڪريءَ مان به ڪڍيو ويو. ان بعد جارج جي پڙهائيءَ جو خرچ سندس ڀائر هِتي هُتي پورهيو ڪري ڀرڻ لڳا.
وِهاڪي ۽ جارج جي وچ ۾ سندن پيئن جي جهيڙي ڪري ڪا دُوري نٿي اچي. هو هڪ ٻئي جا سٺا دوست رهندا هلن ٿا ۽ اسڪول ۾ به ڪاميابي حاصل ڪندا رهن ٿا. اڳتي هلي هنن جي ان ڪري جدائي ٿئي ٿي جو وِهاڪي هاڻي هڪ اهڙي اسڪول ۾ داخلا وٺي ٿي، جيڪو فقط ڇوڪرين لاءِ آهي ۽ بورڊنگ اسڪول هجڻ ڪري هن کي هاسٽل ۾ رهڻو پوي ٿو. جارج جو ٻيو اسڪول به سندس گهر ڀرسان ئي آهي.
سڄي قوم سان گڏ هنن جو ڌيان به جوموڪينياتا تي هلندڙ ڪيس جي فيصلي تي آهي. جومو ڪينياتا هن ديس جي مڪاني ڪارن ماڻهن جو پيارو ليڊر آهي جيڪو ڪينيا جي آزاديءَ خاطر تحريڪ هلائي رهيو آهي ۽ انگريزن جي ڦر مار جي خلاف آهي. ڪينيا جي وڏي اڪثريت اهو سوچي رهي هئي ته هو اجهو ٿو آزاد ٿئي ۽ ملڪ کي به آزاد ڪرائي، پر جوموڪينياتا هي ڪيس هارائي ويو ۽ کيس جيل اچي ويو. انگريزن سمجهيو ته جومو کي قيد ڪرڻ سان سندس تحريڪ ماٺي ٿي ويندي، پر ائين نه ٿيو. سڄي ملڪ ۾ احتجاج ۽ گوڙ گهمسان جي لهر شروع ٿي وئي. ساڳي وقت انگريز سرڪار هن ملڪ جي ڪارن کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ هنن تي وڌيڪ مارڪٽ ۽ گوليون هلائڻ شروع ڪري ٿي.
انگريز جاگيردار مسٽر هائلنڊس ۽ سندس چمچو ڪارو ڪمدار مائو مائو تحريڪ جي وڌندڙ احتجاج ۽ ماڻهن کي بندوقن جي زور تي دٻائڻ لڳا. مائو مائو ڪينيا جي مڪاني باشندن جي اها تحريڪ هئي، جن نٿي چاهيو ته انگريز کين بي گهر ڪري، سندن ڌرتيءَ جا مالڪ ٿي رهن. هنن پنهنجي وطن ڪينيا کي معاشي، سياسي ۽ تهذيبي طور هڪ آزاد ملڪ ڏسڻ چاهيو ٿي. پر انگريز جن هندستان ۽ سري لنڪا کي ته آزاد ڪري ڇڏيو هو پر هنن نٿي چاهيو ته ڪينيا کي ڇڏي ڏجي. ان ڪري مائو مائو تحريڪ جي هڪ هڪ ميمبر کي ڳولهي ان کي موت جي ننڊ ٿي سمهاري. جيئن آزاديءَ جي اٿندڙ آواز جو ڳلو گهٽجي وڃي. وِهاڪي جي پيءُ جارج جي پيءُ گوٿو کان بدلو وٺڻ لاءِ هن تي الزام هنيو ته هو مائو مائو تحريڪ جو ليڊر آهي ۽ سڄي فئملي کي جيل موڪلڻ جي ڪوشش ڪيائين. انگريز جاگيردار مسٽر هائلنڊس جارج کي اسڪول مان ڪڍائي تفتيش (interrogation) لاءِ موڪليائينس. ٻنهي پيءَ پٽن کي پڇاڻي دوران سخت مار ڏني وئي. پيءُ ته بلڪل مرڻينگ حالت ۾ گهر موٽيو. انهي دوران ڏسندي ئي ڏسندي ملڪ جون حالتون بيحد بگڙجڻ لڳيون. سندن ڳوٺ مان ڇهه ڪارن کي پوليس رات جي اوندهه ۾ گهران ڇڪي وئي. جيڪي واپس نه موٽيا. ٻئي ڏينهن جهنگ ۾ سندن لاشن کي جانور ۽ ڳجهون پٽي رهيون هيون.
هڪ ڏينهن بورڊنگ اسڪول مان موٽڻ تي وِهاڪيءَ جي جارج سان گس پنڌ تي ملاقات ٿي وئي. پيءُ جي جهيڙي ڪري هنن جي تعلقات ۾ رخنو پئدا نه ٿيو هو. ان بعد جارج ڪنهن اهم اسڪالر لاءِ داخلا جو ٽيسٽ ڏئي ٿو جنهن ۾ هو مٿاهين نمبر ۾ پاس ٿئي ٿو. جارج جي ههڙي ڪاميابيءَ جو ٻڌي سڄو ڳوٺ خوش ٿئي ٿو ۽ چندو ڪري جارج کي تعليم لاءِ هاءِ اسڪول موڪلين ٿا.
ڪجهه مهينن بعد جئڪب قتل ٿي وڃي ٿو. مائو مائو تحريڪ جو ڪو ميمبر هن کي سندس آفيس ۾ قتل ڪري ڇڏي ٿو. هن قتل ۾ جيتوڻيڪ جارج جي فئمليءَ جو ڪو به هٿ نه هو پر ان جو سڄو ڏوهه جارج جي ڀائرن تي ٿاڦيو وڃي ٿو ۽ ڪمائو (جارج جي ڀاءُ) کي عمرقيد جي سزا اچي وڃي ٿي. جارج جو ٻيو ڀاءُ بورو، مائو مائو جو وڃي ليڊر ٿئي ٿو. جارج جو پيءُ جيڪو پوليس جي وحشياڻي مار ڪري کٽ تي پيل هو اهو زخمن جو تاب نه جهلي آخر مري وڃي ٿو. فقط جارج ۽ هن جون ٻه مائرون جيل کان ٻاهر رهن ٿيون. مائرن ۽ پنهنجي پيٽ گذر لاءِ جارج پڙهائي ڇڏي ٿو ڏئي ۽ سخت نااميد ٿي پوي ٿو.
جارج کي هاڻ فقط اها اميد وڃي رهي ٿي ته من سندس محبوبا وِهاڪي هن جي ڪا مدد ڪري سگهي. پر هوءَ پنهنجي پيءُ جي قتل ٿيڻ تي سخت غم ۽ غصي ۾ آهي. جارج هن کي پيار جو واسطو ڏئي ٿو پر هن تي ايڏو ته خوف طاري آهي جو هوءَ جارج سان شادي ڪرڻ لاءِ دل نٿي ٻڌي سگهي. جارج آخر هي شهر ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ٿو ۽ پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو اجهائڻ لاءِ خودڪشيءَ جو پڪو پهه ڪري ٿو، پر جيئن ئي سندس مائرن کي خبر پوي ٿي ته هو هن کي ريهي ريڀي ان ڳالهه تان لاهين ٿيون. ناول جي آخر هڪ بيحد مايوسي جي ماحول ۾ ٿئي ٿي جنهن ۾ جارج پنهنجا هوش حواس وڃائي ويهي ٿو...
هن ناول جي ليکڪ گوگي واٿيونگو لاءِ هتي ٻه اکر وڌيڪ لکندو هلان ته پاڻ 5 جنوري 1938ع تي ڄائو، يعني اسان واري امر جليل کان 4 سال ننڍو آهي. هن جا ٻيا به ڪيترائي ناول، افسانا، مضمون ۽ ڊراما لکيل آهن. پر مٿيون ناول ”ويپ ناٽ، چائلڊ“ واقعي ماسٽر پيس آهي. ڪينيا ۾ ڪنهن کي نوڪري يا بزنيس لاءِ گهڻو وقت رهڻ جو موقعو ملي ته هن کي ڪينيا جي ڪلچر، آزاديءَ لاءِ جدوجهد ۽ تاريخ کي سمجهڻ لاءِ هي ناول ضرور پڙهڻ کپي.
گوگي واٿيونگو کي پڻ آزادي جي جدوجهد ۾ جيل اچي ويو هو ۽ 1977ع ۾ جيل مان آزادي ملڻ بعد هو آمريڪا ۾ رهيو جتي هن اتي جي Yale يونيورسٽيءَ ۾ ڪجهه سال پڙهايو. ان بعد نيويارڪ يونيورسٽي ۽ يونيورسٽي آف ڪئليفورنيا ۾ پڻ پروفيسر جي حيثيت سان Comparative Literature ۽ پرفارمنس اسٽڊيز ٻه سبجيڪٽ پڙهايا.
گوگيءَ مٿيون ناول 1964ع ۾ ان وقت لکيو جڏهن هو انگلنڊ جي University of Leeds ۾ پڙهي رهيو هو. هن ناول جي ان ڪري به گهڻي اهميت آهي جو هي انگريزي زبان جو پهريون ناول آهي، جيڪو ڪنهن آفريڪي لکيو ۽ آفريڪا ۾ ڇپيو. يعني اوڀر آفريڪا ۾ ڇپيو. Weep Not, Child بعد گوگيءَ (Ngugi Wa Thiong’o) ٻيا به ڪيترائي ڪتاب لکيا. جن مان هڪ ٻيو ناول “The River Between” سال 1965ع ۾ لکيو. جيڪي پڻ تمام گهڻو مشهور آهي. اهو ناول به مائو مائو بغاوت جي پس منظر ۾ لکيو ۽ ان ۾ هن عيسائين ۽ غير عيسائين جي وچ ۾ ناڪام معاشقن بابت لکيو آهي. گوگيءَ جو هي ڪتاب ڪينيا جي سيڪنڊري اسڪولن جي سليبس تي رکيل آهي.
آفريڪا جي غلام حسين وساڻجي کان ميران تائين
ڪينيا ۾ انگريزن جي حڪومت کان وٺي اڄ به ننڍي کنڊ جي ماڻهن جو وڏو تعداد رهي ٿو. اڄ جيڪي ممباسا، نئروبي يا ڪينيا جي ٻين شهرن ۾ سک، گجراتي، ملباري، مارواڙي ۽ سنڌي نظر اچن ٿا، انهن مان ڪيترا ٽي يا چوٿين جنريشن جا آهن. 1970ع ۾ ممباسا ۾ جيڪي بوهري کوجا، سنڌي هندو يا ميمڻ ڪاٺياواڙي دڪاندار ملندا هئا، اهي ٻڌائيندا هئا ته هنن جا پيءُ يا ڏاڏا هتي آيا ۽ ممباسا ۾ رهندڙ بلوچن جا وڏا ته سڀ کان گهڻو اڳ آفريڪا جي ڪناري وارن شهرن ۾ پهتا. ڪينيا جي تاريخ، تهذيب، ثقافت، انگريزن جي راڄ جا داستان نه فقط هتي جي مڪاني شيدين قلمبند ڪيا آهن، پر ان سلسلي جا ڪيترائي ناول ڪينيا ۾ رهندڙ انڊين به لکيا آهن. اهڙن مان هڪ ايم.جي وساڻجي آهي جنهن جو 2003ع ۾ ڇپيل “The In Between World of Vikram Lall” ناول ڪينيا جي انگريز راڄ جي عڪاسي ڪري ٿو. هي ناول هڪ افسانوي (Fictional) يادگيريون آهن، ان ڪينيا جي انڊين شهريءَ جون، پنهنجي انڊين ورثي جون ۽ پنهنجي فئملي بابت جيڪو ڪينيا ۾ انگريز راڄ جي ڏينهن ۾ انڊيا کان لڏي نئروبيءَ ۾ اچي رهي ٿو. هن کي ان وقت ۽ انگريزن جي وڃڻ بعد پاڻ کي ڪينيا ۾ Adjust ڪرڻ ۾ ڪهڙيون مشڪلاتون سامهون اچن ٿيون، انهن جو احوال ڏنل آهي. ايم جي وساڻجي (سڄو نالو معيز غلام حسين وساڻجي) کي هن ڪتاب تي Giller Prize به ملي چڪو آهي.
غلام حسين 30 مئي 1950ع تي ڪينيا جي گاديءَ واري شهر نئروبيءَ ۾ ڄائو ۽ سندس اسڪول وارا ڏينهن دارالسلام ۾ گذريا جيڪو اڄ ڪلهه تنزانيا جو شهر آهي.
غلام حسين جو آغا خانين سان تعلق آهي ۽ سندس ڏاڏو 1925ع ۾ ٺٽي پاسي جي ڪنهن ڳوٺ کان ممباسا آيو هو. هي ۽ هن جهڙا ٻيا، جن جا وڏا سنڌ يا بلوچستان کان هتي آيا، اڄ ڪلهه انڊين ڪينين سڏجن ٿا جو انهن ڏينهن ۾ جڏهن هنن جي وڏن پنهنجو وطن ٺٽو، تلهار، حيدرآباد، شڪارپور، ڪوئيٽا ۽ سبي ڇڏيو، ان وقت اهي شهر انڊيا جا شهر سڏيا ويا ٿي ۽ اڄ به اهڙن ماڻهن جي پاسپورٽن تي ان وقت کان لکيل ”انڊين“ هلندو اچي. بهرحال معيز غلام حسين جيڪو پنهنجي ذات ”وساڻ جي“ سان M.G.Vassanji سڏائي ٿو، منهنجي نظرن ۾ بيحد قابل ۽ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو آهي ۽ کيس سندس ڪتابن تي ڪيترائي بين الاقوامي ايوارڊ ملي چڪا آهن. دنيا ۾ هي پهريون اديب آهي، جنهن کي Giller Prize ايوارڊ ٻه دفعا ملي چڪو آهي. مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب تي سال 2003ع ۾ ۽ هڪ ان کان اڳ 1994ع ۾ The Book of Secrets تي ايوارڊ مليو.
يونيورسٽي آف نئروبيءَ ۾ پڙهڻ دوران وساڻجيءَ کي آمريڪا جي مساچوسيٽس انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي ۾ نيوڪليئر فزڪس پڙهڻ لاءِ اسڪالر ملي. ان بعد هن يونيورسٽي آف پينسلوانيا مان Ph.D مڪمل ڪئي. ان بعد 1978ع ۾ ڪئناڊا نوڪري لاءِ هليو ويو. ٻه سال نوڪري ڪرڻ بعد هن لکڻ جو سوچيو ۽ 1980ع ۾ ٽورنٽو اچي رهيو. اڄ ڪلهه هو ٽورنٽو ۾ ئي آهي ۽ پنهنجي زال نورجهان عزيز ۽ ٻن پٽن سان گڏ رهي ٿو. وساڻجي جي ناولن ۽ افسانن ۾ گهڻي ڀاڱي انهن انڊين جو احوال آهي جيڪي اوڀر آفريڪا ۾ رهن ٿا. جن ٻه ٻه دفعا هجرت ڪئي. هڪ انڊيا کان آفريڪا ڏي. ان بعد آفريڪا کان انگلنڊ، آمريڪا وغيره ڏي. معيز غلام حسين وساڻجي جا ڪجهه ناول ۽ افسانن جا مجموعا هن ريت آهن:
• The Gunny Sack – هي سندس پهريون ناول آهي، جيڪو 1989ع ۾ ڇپيو.
• No New land (1991ع)
• Amriika (1999ع)
• The Assassin’s Song
• Uhuru Street (افسانن جو مجموعو جيڪو 1992ع ۾ ڇپيو).
• When She was a Queen (2005).
آفريڪا جي گهٽ ڄاڻ رکندڙ اهو ئي سمجهن ٿا ته آفريڪا اونداهو کنڊ آهي، جتي جا ماڻهو تعليم ۽ ٽيڪنالاجي ۾ پٺتي پيل آهن. آئون به ننڍي هوندي اهو ئي سوچيندو هوس. پر پوءِ سئيڊن جهڙي يونيورسٽيءَ مان تعليم دوران پنهنجن آفريڪي ڪلاس ميٽن سان جڏهن خيالن جي ڏي وٺ ٿي ته مون کي بيحد حيرت ٿي ته هو ڪن ڪن ڳالهين ۾ اسان کان به سلجهيل آهن. ڪينيا جهڙن ملڪن جي سياستدانن جي زندگيءَ جو احوال پڙهيم ته معلوم ٿيو ته کين ڄٽ چوڻ ائين آهي جيئن؛ مينهن ڍڳيءَ کي، پڇ ڪاري سڏي. آفريڪي ماڻهن جي لکيل ڪتابن، ٺاهيل فلمن ۽ آرٽ جي دنيا مان سندن ذهانت جي خبر پوي ٿي. اسان جي ننڍي کنڊ جا ماڻهو اسماعيلي، بوهري، ڪڇي، سک، گجراتي، سنڌي هندو ۽ ٻيا، جيڪي پنهنجو وطن ڇڏي واپار وڙي، پورهئي مزوري يا ڪنهن ٻئي روزگار لاءِ ڪينيا، يوگنڊا يا آفريڪا جي ٻين ملڪن ۾ پهتا، انهن جي اولاد ڪيترين تعليمي ڳالهين ۾ نالو پئدا ڪيو. آفريڪا جي يونيورسٽين مان پڙهي آمريڪا ۽ انگلنڊ جي يونيورسٽين ۾ اتي جي مڪاني گورن انگريزن ۽ آمريڪن کي پڙهايو. اهڙن مان هڪ ”علي الامين مزروئي“ هو. جيڪو 1933ع ۾ ممباسا ۾ ڄائو ۽ دنيا ۾ مشهور ليکڪ مڃيو وڃي ٿو. پاڻ آفريڪن ۽ اسلامڪ اسٽڊيز جو تعليمي ۽ سياسي ليکڪ سڏجي ٿو.
علي مرزوئيءَ ممباسا جي اسڪولن مان بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ بعد 1960ع ۾ مانچسٽر يونيورسٽي انگلنڊ مان B.A ڪئي ۽ نيويارڪ جي ڪولمبيا يونيورسٽيءَ مان M.A ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان Ph.D ڪئي. ان بعد هو مڪاريري يونيورسٽي ڪمپالا (يوگنڊا) ۾ پوليٽيڪل سائنس جو هيڊ ۽ 1966ع ۾ سوشل سائنسز فيڪلٽيءَ جو ڊين ٿي رهيو. هن يونيورسٽيءَ ۾ هُن 1966ع کان 1973ع تائين نوڪري ڪئي. ان بعد عيدي امين جي حڪم تي ته ڪو به انڊين آفريڪا ۾ نه رهي، علي مرزوئيءَ کي به ملڪ بدر ٿيڻو پيو ۽ 1974ع ۾ هن کي يونيورسٽي آف مشيگان ۾ پروفيسري ملي وئي، جتي هو 1978ع کان 1981ع تائين افرو آمريڪن ائنڊ آفريڪن اسٽڊيز سينٽر جو ڊائريڪٽر ٿي رهيو. 1989ع ۾ هو بنگهمٽن يونيورسٽي ۽ اسٽيٽ يونيورسٽي آف نيويارڪ جو Albert Schweitzer پروفيسر ٿي رهيو جيڪو بيحد وڏو اعزاز آهي. نوڪري جي آخري سالن ۾ جومو ڪينياتا يونيورسٽي آف ائگريڪلچر ۽ ٽيڪنالاجي، نئروبي جو چانسلر ٿي رهيو ۽ 1999ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. پاڻ BBC جي ٽيليويزن سيريز The Africans: A Triple Heritage کان آفريڪا ۽ يورپ ۾ مشهور آهي.
اهڙو ئي هڪ ٻيو آفريڪا جو رهاڪو انڊين محمود ممداني آهي جنهن کي انگريزي، هندي ۽ گجراتي سان گڏوگڏ فرينچ، پنجابي، اڙدو ۽ آفريڪي سواحلي، گولاح ۽ لگانڊا زبانون به آيون ٿي. پاڻ 1947ع ۾ ڪمپالا ۾ ڄائو ۽ اڄ ڪلهه آمريڪا جي ڪولمبيا يونيورسٽي ۾ ائنٿروپالاجي ۽ پوليٽيڪل سائنس جو پروفيسر آهي. محمود ممداني جو ڏاڏو آفريڪا آيو هو. بنيادي تعليم ڪينيا ۽ يوگنڊا مان حاصل ڪئي. ان بعد 1962ع ۾ جيئن ئي يوگنڊا کي خود مختياري ملي ته ممدانيءَ کي اعليٰ تعليم لاءِ آمريڪا طرفان اسڪالر شپ ملي. هن B.A يونيورسٽي آف پٽسبرگ مان ۽ M.A ٽفٽس يونيورسٽي مان ڪرڻ بعد 1974ع ۾ هارورڊ يونيورسٽيءَ مان Ph.D ڪئي.
ڊاڪٽوريٽ ڪرڻ بعد ممداني يوگنڊا پهتو ته عيدي امين ٻين انڊين سان گڏ، هن کي به ملڪ بدر ڪري ڇڏيو. هو ڏيهه نيڪالي وارا ڏينهن انگلنڊ ۾ رهيو، پر پوءِ سگهو ئي کيس تنزانيا جي يونيورسٽي آف دارالسلام ۾ نوڪري ملي وئي. عيدي امين جي سعودي عرب ڀڄي وڃڻ ۽ ملٽن اوبوٽي جي نئين صدر ٿيڻ تي ممداني يوگنڊا موٽي آيو ۽ اتي جي ماڪريري يونيورسٽي ڪمپالا ۾ نوڪري ڪئي. ان بعد 1996ع کان 1999ع تائين يونيورسٽي آف ڪيپ ٽائون (سائوٿ آفريڪا) ۾ پڻ پروفيسر ٿي رهيو.
پروفيسر محمود ممدانيءَ تمام گهڻو ۽ تمام سٺو لکيو آهي، مطالعي جي شوقينن لاءِ هتي ڪجهه ڪتابن جا نالا لکندس، جيڪي ممدانيءَ مختلف وقتن تي لکيا آهن:
• From citizen to Refugee
• Politics & Class Formation in Uganda
• When Does a Settler Become Native
• Good Muslim Bad Muslim وغيره وغيره.
پروفيسر ممداني انڊيا ۽ پاڪستان جي ماڻهن ۾ ايترو مشهور نه آهي جيترو سندس زال آهي. سندس زال جو نالو کڻندس ته انڊين فلمي دنيا جا شوقين هن کي ضرور سڃاڻندا. منهنجي به ساڻن واشنگٽن ۾ يوگنڊا جي قومي ڏينهن واري فنڪشن تي ڪينيا جي هڪ دوست سڃاڻپ ڪرائي ته مون کي به حيرت ٿي هئي. پروفيسر ممداني جي زال نيو يارڪ ۾ رهندڙ انڊين فلم ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر مِيرا نَير آهي جنهن جو ”سلام بامبي“ ۽ ”مسي سپي مسالا“ انگريزي فلون ڏاڍيون مشهور ٿيون ۽ يورپ ۽ آمريڪا ۾ وڏي شوق سان ڏٺيون ويون.
ميرا نير (Mira Nair) به ڪافي پڙهيل ڳڙهيل ۽ قابل عورت آهي. سندس مڙس پروفيسر ممداني وانگر ميرا به هارورڊ يونيورسٽي جي گريجوئيٽ آهي، پر هنن جي ملاقات يونيورسٽيءَ ۾ نه پر ڪمپالا (يوگنڊا) ۾ ٿي، جڏهن مِيرا 1988ع ۾ پنهنجي انگريزي فلم Mississippi Masala (مسي سپي مسالا) جي سلسلي ۾ پهريون دفعو يوگنڊا پهتي هئي. پروفيسر ممداني وڏي عرصي کان يوگا ڪندو آيو ٿي. ميرا فلم جي شروعات فلم جي عملي جي يوگا ڪرڻ سان ڪئي ٿي، جنهن لاءِ هن کي ممداني سان صلاح مشورو ڪرڻو پيو هو.
ميرا 1957ع ۾ انڊيا جي اوڙيسا جي شهر روڙڪيلا ۾ هڪ سرڪاري ڪاموري جي گهر ۾ ڄائي. هن بنيادي تعليم شملا جي هڪ ڪانوينٽ اسڪول مان حاصل ڪرڻ بعد دهلي يونيورسٽي مان سوشالاجي ۾ گريجوئيشن ڪئي جنهن کان پوءِ هڪ ڊراما ڪمپني ذريعي اسٽريٽ ٿيٽر ۾ حصو ورتو. 1976ع ۾ جڏهن هوءَ 19 سالن جي هئي ته هن کي اسڪالر شپ ملڻ تي آمريڪا وڃڻو پيو ۽ هارورڊ يونيورسٽيءَ مان ساڳي سجبڪيٽ سوشالاجي ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪئي.
ميرا جي پهرين فلم سلام بامبي آهي، جيڪا هن 1988ع ۾ ٺاهي. هيءَ فلم هندي ۽ انگريزي زبانن ۾ آهي. ميرا هن فلم جي ڪهاڻيڪار، ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر آهي. هن فلم جا اداڪار آهن، شفيق سيد، هنسا وٺل، چندا شرما، انيتا ڪنور، نانا پاٽيڪر ۽ رگوير ياديو. هيءَ فلم بمبئي جي گهٽين ۾ هلندڙ رول ٻارن بابت آهي، جنهن ۾ ڏيکاريل بي گهر ٻار سچ پچ ممبئي جي گهٽين جا آهن جن کي ائڪٽنگ جي ٽريننگ ڏني وئي. 1989ع ۾ ميرا هڪ ”سلام ٻالڪ ٽرسٽ“ نالي سوسائٽي ٺاهي جنهن ذريعي فلم ۾ ڏيکاريل تقريباً سڀني ٻارن کي روزگار سان لڳائي گهر گهاٽ مهيا ڪيو ويو. ميرا جي هيءَ سوسائٽي اڄ به ممبئي، دهلي ۽ ڀوبن شِور شهر جي گهٽين ۾ گهمندڙ بي گهر ۽ يتيم ٻارن جي سار سنڀال جو بندوبست ڪري ٿي. هن فلم ۾ ڪرشنا جو رول ادا ڪندڙ شفيق سيد اڄ ڪلهه بئنگلور ۾ رڪشا ڊرائيور آهي.
ميرا جي هڪ ٻي فلم جيڪا فقط انگريزي زبان ۾ آهي، مسي سپي مسالا آهي، جيڪا 1991ع ۾ آمريڪا ۽ انگلينڊ ۾ رليز ٿي هئي. هن فلم ۾ ڊينزل واشنگٽن، روشن سيٺ، ساريتا چوڌريءَ ۽ شرميلا ٽئگور پڻ ائٽڪنگ ڪئي آهي. 1972ع ۾ يوگنڊا جي صدر عيدي امين هڪ ڏينهن صبح جو اٿڻ سان اهو حڪم جاري ڪيو ته سندس ملڪ ۾ رهندڙ سڀ انڊين (جن ۾ هندو، مسلمان، گجراتي، ڪڇي، آغا خاني، سنڌي اچي ويا ٿي) 30 ڏينهن اندر هٿين خالي يوگنڊا ڇڏي وڃن ۽ سندن جاين، جڳهين، دڪانن ۽ واپار تي مڪاني شيدين، خاص ڪري عيدي امين جي سپاهين خوب جاوا ڪيا. ڪجهه عرصي لاءِ ته هنن عيش ڪيو پر پوءِ جيئن ته واپار جهڙو ڪاروبار هلائي نه سگهيا ۽ نه دنيا ۾ ساک قائم ڪري سگهيا، ان ڪري هن ملڪ جي حالت اهڙي تباهه ٿي وئي، غربت ۽ مهانگائي ايتري وڌي وئي جو اها ئي قوم عيدي امين جي ايترو ته خلاف ٿي وئي، جو ملڪ جو هي ڊڪٽيٽر پنهنجو ملڪ ڇڏي سعودي عرب ۾ وڃي لڪيو. ٻي ڳالهه ته ڪينيا يا يوگنڊا جي ملڪ ۾ جيڪي انڊين (جن ۾ گهڻائي گجراتي کوجن، بوهرين، ڪڇين، هندن ۽ سني مسلمانن جي هئي) اچي Settle ٿيا، اهي بندوق جي زور تي نه آيا. هنن کي انگريزن پورهئي ۽ دڪان هلائڻ لاءِ سڏايو. آفريڪا ۾ رهي، هنن خير جا ڪم ڪيا. امن امان سان هليا. پنهنجي اولاد کي پڙهايو، جن مڪاني شيدين کي تعليم ڏني. ڊاڪٽر، وڪيل، انجنيئر ٿي ڪينيا ۽ يوگنڊا جي عوام ۽ ملڪن جي خدمت ڪئي ۽ هاڻ سندن ٽي چوٿين ٽهي هتي رهي ٿي ۽ هنن گجرات کي نه پر يوگنڊا ۽ ڪينيا کي ئي پنهنجو وطن سمجهيو ٿي ته هڪ ڏينهن ملڪ جي دماغ ڦريل صدر ۽ ظالم ڊڪٽيٽر کين بي گهر ۽ بي وطن ڪري ڇڏيو.
ميرا نير جي انگريزي فلم ”مسي سپي مسالا“ دراصل هڪ اهڙي ٿرڊ جنريشن، يوگنڊا جي انڊين فئملي جي ڪهاڻي آهي، جيڪا يوگنڊا جي گاديءَ واري شهر ڪمپالا ۾ رهي ٿي جنهن کي 1972ع ۾ عيدي امين جي حڪومت ملڪ بدر ڪري ڇڏيو آهي. هن فئملي جو پيءُ (روشن سيٺ) پنهنجي زال (شرميلا ٽئگور) ۽ ڌيءَ مينا (ساريتا چوڌري) سان گڏ مسي سپي (USA) هليا وڃن ٿا، جتي هنن جي مائٽن جو موٽل بزنيس آهي. 1990ع ۾ چوويهه سالن جي ڌيءَ مينا جيڪا انيل (رنجيت چوڌري) جي موٽل مانٽي ڪرسٽو ۾ صفائيءَ جو ڪم ڪري ٿي ڊميٽرس (ڊينزل واشنگٽن) نالي هڪ آفريڪي آمريڪن (يعني آمريڪا جي هڪ شيدي جنهن جا وڏا آفريڪا مان غلام بڻجي آمريڪا آيا) سان عشق ٿي وڃي ٿو. ڊميٽرس ان ساڳي موٽل ۾ غاليچا صاف ڪرڻ جو ڪم ڪري ٿو. هاڻ سڄو چڪر اهو هلي ٿو ته هڪ طرف انڊين ڇوڪري آهي ته ٻئي طرف شيدي. مينا جا مائٽ ان ڳالهه کي خراب ٿا سمجهن ۽ نٿا چاهين ته ڇوڪريءَ جي شادي هڪ شيديءَ سان ٿئي پر ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جو هڪ ٻئي سان بي انتها پيار آهي ۽ ڇوڪري (مينا) پنهنجي عاشق ڊميٽرس جي گاڏيءَ ۾ هن سان گڏ ڀڄي وڃي ٿي. انهي دوران يوگنڊا جو عيدي امين هليو وڃي ٿو ۽ ان جي جاءِ تي چونڊيل نئون صدر ملڪ مان تڙيل انڊين کي يوگنڊا موٽڻ ۽ پنهنجي ملڪيت حاصل ڪرڻ لاءِ اعلان ڪري ٿو. جئه ڪمپالا موٽي پنهنجي گهر کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪري ٿو.... وغيره وغيره.
هن فلم جي ڪهاڻي نيويارڪ جي علائقي بروڪلن ۾ تيار ڪئي وئي جنهن تي ميرا سان گڏ سندس هارورڊ جي ڪليگ تراپوريوالا ڪم ڪيو آهي. مسي سپي واريون سينون مسي سپي جي شهرن گرين ووڊ، گريناڊا، بلاڪسي ۽ اوشن اسپرنگ ۾ ورتل آهن ۽ يوگنڊا واريون ڪمپالا ۾ نڪتل آهن. بهرحال توهان آفريڪا جي تاريخ کان واقف آهيو ۽ فلمن جا شوقين آهيو ته پڪ اٿم ته توهان کي ميرا جون فلمون پسند اينديون. مٿين ٻن فلمن کان علاوه ميرا جي هڪ مزاحيه فلم The Perez Family ۽ مون سون ويڊنگ به ڏسڻ وٽان آهن. دي پرز فئملي 1995ع ۾ ٺهي جيڪا آمريڪا ۾ پناهه وٺندڙ ڪيوبا جي رهاڪن بابت آهي. Monsoon Wedding جي ڪهاڻي سابريانا ڌاون جي لکيل آهي، جنهن جي ڊئريڪشن ميرا نير ڪئي ۽ 2001ع ۾ رليز ٿي. هيءَ هڪ رومانٽڪ قسم جي فلم آهي، جنهن ۾ هڪ روايتي قسم جي پنجابي شادي دهليءَ ۾ ڏيکاريل آهي.