ڪينيا جا ڪجهه بوهري
علي ڀائي (Ali bhai Mulla Jeevanjee) لاءِ سندس پڙڏوهٽي زرينا پٽيل ٻڌايو ته هو 1856ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڄائو هو. يعني انگريزن 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪئي، ان کان تيرهن سالن بعد ڄائو. تن ڏينهن جي ڪراچي ۾ رهندڙ بوهرين وانگر جيوانجيءَ به گجراتي ۽ سنڌي ڳالهائي ٿي ۽ هن جي فئمليءَ جو سنڌي هندن وانگر انڊيا جي مختلف شهرن ۽ اوڀر آفريڪا ۾ سنهو ٿلهو بزنس هليو ٿي.
زرينا پٽيل اڄ ڪلهه جي سٺي ليکڪا، جنرلسٽ، آرٽسٽ ۽ انسانن جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪندڙ مڃي وڃي ٿي. ڪينيا مان نڪرندڙ انگريزي رسالي ‘Awaaz’ جي ايڊيٽر پڻ آهي. سندس رسالو سائوٿ ايشين هسٽري ۽ ڪلچر کي فوڪس ڪري ٿو. سال ٻه اڳ نئروبي جي بلڊر مافيا ۽ ڪجهه سياستدانن جيوانجي پارڪ جي ڪجهه حصن تي قبضو ڪرڻ چاهيو ٿي جنهن جي بچاءَ لاءِ زرينا پٽيل ڪراچيءَ جي ايڊلجي ڪواسجي وانگر اخبار ۾ ڪالم لکي ۽ عوام جون ريليون ڪڍي پارڪ کي آزاد ڪرايو. زرينا پٽيل هڪ سٺي ليکڪا به آهي. ۽ سندس ڪجهه ڪتاب آمريڪا جي مشيگان اسٽيٽ يونيورسٽي پريس پڻ ڇپيا آهن، جهڙوڪ:
• Challenge to Colonialism
• Unquiet: The life & Times of Makhan Singh
زرينا پٽيل هڪ ڪتاب پنهنجي ناني جيوانجي بابت پڻ لکيو آهي جنهن ڪتاب جو نالو ئي آهي: The Grand old man of Kenya- “Alibhai Mulla Jeevanjee”
علي ڀائي 34 سالن جو هو ته 1890ع ۾ هو اوڀر آفريڪا لڏي آيو هو. ڪينيا جا جيڪي اوائلي بزنيس مئن ۽ مخير حضرات (Philanthropist) هئا انهن مان هڪ آهي. نئروبي شهر لاءِ شروع ۾ لکي چڪو آهيان ته اهو ڪو پراڻو شهر ناهي. 1895ع ڌاري جڏهن انگريزن ممباسا کان ڪمپالا تائين ريلوي لائين وڇائڻ جو سوچيو ته ان وقت هن شهر جو نه نالو هو ۽ نه ڪو گهر به ٺهيل هو. پوءِ انگريزن هن شهر واري هنڌ کي مزدورن ۽ انگريز آفيسرن جا ڪواٽر ٺاهي اها حيثيت ڏنائون جيڪا اٽليءَ وارن جڏهن ڪراچي کان حيدرآباد سپر هاءِ وي ٺاهيو هو ته نوري آباد کي ڏني. نئروبي درياء جي ڪناري تي ۽ مٿاهين Elevation تي هجڻ ڪري ٿڌڪار سبب هرڪو هتي رهڻ لڳو ۽ ويهارو سالن اندر نئروبي هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي مان شهدادپور ۽ ٽنڊو آدم جهڙو ٽائون ٿي ويو. علي ڀائي جيوانجيءَ ان زماني ۾ يعني اڄ کان 90 سال کن اڳ پنهنجي هڙون زمين خريد ڪري هي خوبصورت پارڪ ٺهرايو ان کان علاوه عوام لاءِ هن ٻيا به ڪم ڪيا. هو وڏو سخي مرد هو. قدرت طرفان هن جو بزنيس ڏينهون ڏينهن وڌ ٿيندو ويو. جنهن ڳالهه ۾ هن هٿ وڌو ٿي اها سون ٿي پئي ٿي. هن انگريز حڪومت جي به ڪافي رهنمائي ڪئي پر ساڳي وقت هو ڪينيا جي ماڻهن ۽ ڪينيا جي رهندڙ انڊين جي آزادي لاءِ پڻ وڙهندو رهيو. هن ”ايسٽ آفريڪا انڊين نئشنل ڪانگريس“ جو بنياد رکيو جيڪا اڳتي هلي انگريزن جي راڄ خلاف طاقتور تحريڪ ثابت ٿي. زرينا پٽيل علي ڀائي جيوانجي جي زندگي تي لکيل ڪتاب ”ڪينيا جو بزرگ شخص“ ۾ ان تحريڪ بابت پڻ لکيو آهي. جيوانجي بوهري پهريون غير گورو (Non-white) هو جيڪو ليجسليٽو ڪائونسل (Legco) جو ميمبر ٿيو جيڪا 1905ع ۾ ٺاهي وئي هئي. جيوانجيءَ ڪينيا مان The Africa Standard نالي 1901ع ۾ انگريزي اخبار ڪڍي جيڪا هاڻ East African Standard جي نالي سان سڏجي ٿي.
283 صفحن جي ڪتاب ۾ زرينا پٽيل پنهنجي ناني علي ڀائي جيوانجي جي مالي زندگيءَ بابت لکيو آهي ته هو ڪيئن غربت مان اڀري ملڪ جو امير ترين ماڻهو بڻجي ويو. وري نصيب جو اهڙو ڦيرو آيو جو هو بيحد مسڪين ٿي ويو. هن جو الهه تلهه چٽ ٿي ويو. جيوانجي 1901 ۾ ممباسا ۾ بوهرا مسجد ٺهرائي جنهن کي هن پوءِ وري وڏو ڪرايو ۽ وڌيڪ خوبصورت بڻايو. 1969ع ۽ 1970ع وارن ڏينهن ۾ اها مسجد اسان به ڏٺي جنهن جي اڳيان بيهي فوٽو ڪڍراياسين. پر هاڻ ممباسا وڃڻ تي اها مسجد نه ڏسي حيرت ٿي. خبر پيئي ته اها مسجد 1982ع ۾ بوهرين خود ڊاهي ڇڏي جو چيو ويو ته ان جو قبلو درست نه آهي. زرينا پٽيل کي ان جو ڏاڍو ڏک آهي ته سندس ناني جي ٺهرايل تاريخي مسجد کي ڊهرايو ويو. هوءَ ان ڳالهه جو ڏوهه پنهنجن بوهري عالمن کي ڏئي ٿي. ”نئروبي ۾ رهندڙ بوهري سؤ سالن کان هن مسجد ۾ نماز پڙهي رهيا هئا،“ زرينا ٻڌايو، ”مسجد جا عامل (امام) به اهي ٿيندا رهيا ٿي جيڪي سيدنا appoint ڪيا ٿي. هڪ سئو سالن تائين نئروبي جا رهاڪو هن مسجد ۾ نماز پڙهندا رهيا پر ڪڏهن به، ۽ ڪنهن کي به هن مسجد جي قبلي ۾ نقص نظر نه آيو پر، 1982ع ۾ ان وقت جي موجوده سيدنا ’برهان الدين صاحب‘ کي هڪدم محسوس ٿيو ته هن مسجد ۾ قبلو صحيح رکيل ناهي!“
زرينا پٽيل چيو ته توڻي کڻي قبلو درست نه هو ته به سڄي مسجد ڊهرائي پٽ ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. زرينا جو اهو الزام آهي ته ڪينيا جي بوهرا مذهبي ڪميونٽي AMJ(علي ڀائي مولا جيوانجي) جي ڪنهن به سياسي، ثقافتي، معاشي خذمت (Contribution) کي فخر جي نگاه سان نٿي ڏسي. علي ڀائي جيوانجيءَ بوهرا ڪميونٽي توڙي عام پبلڪ لاءِ ڪينيا، انڊيا ۽ پاڪستان ۾ ڪيترائي خير جا ڪم ڪيا آهن. ڪيتريون ئي مسجدون، قبرستان، ڪميونٽي هال، اسڪول، پارڪ، باغيچا، رستا ۽ دڪان جيڪي جيوانجيءَ ٺهرايا انهن جو تفصيلي احوال زرينا پٽيل پنهنجي ڪتاب The Grand Old Man ۾ ڪيو آهي جيڪو مون کي پڪ آهي ته اسان پاڪستانين، خاص ڪري ڪراچيءَ جي بوهرين لاءِ دلچسپ ثابت ٿيندو جو جيوانجيءَ جا وڏا ڪراچيءَ ۾ رهندڙ انهن اوائلي بوهرين مان آهن جيڪي سر چارلس نيپيئر جي سنڌ فتح ڪرڻ کان به اڳ ڪراچيءَ ۾ رهيا ٿي ۽ سنڌي، ڪڇي ۽ گجراتي ڳالهايو ٿي.
نئروبي ۾ جيوانجي پارڪ ۾ انگلنڊ جي مهاراڻي وڪٽوريا جي لڳل مورتي (Statue) اڄ تائين قائم آهي. هيءَ 1906ع ۾ لڳائي وئي هئي جنهن جي نقاب ڪشائي ڊيوڪ آف ڪناٽ ڪئي هئي. ڊيوڪ آف ڪناٽ نالي سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ ۾ اهم روڊ آهن ۽ دهلي ۾ ڪناٽ پليس نالي شاپنگ سينٽر پڻ آهي.
ڪينيا جي هڪ ٻي اهم سماجي ۽ سياسي بوهري شخصيت سيف الدين ڪريم ڀائي انجار والا ٿو ياد اچي. جنهن جو واسطو ايشيا ۽ ايسٽ آفريڪا جي نامياري ٽريڊنگ ڪمپني ”طيب علي عبدالحسين ائنڊ ڪمپني“ وارن سان آهي. سيف الدين انجار والا ڪينيا جو تمام مشهور وڪيل ۽ ڪينيا جي آزادي ڪارڻ جدوجهد ڪرڻ وارن مان هڪ آهي. پاڻ 15 ڊسمبر 1932ع تي نئروبي (ڪينيا) ۾ سيٺ ڪريم ڀائي عبدالحسين انجار والا جي گهر ۾ ڄائو. ننڍي هوندي کان سيف الدين پڙهائي ۾ هوشيار هو. نئروبي جي عليڏنا وسرام هاءِ اسڪول مان هن هميشه ٽاپ ڪيو. هو نه فقط پڙهائيءَ ۾ مٿاهين درجي جو شاگرد هو پر راندين ۽ ڊبيٽ تقريرن ۾ ساڻس ڪو مقابلو ڪري نٿي سگهيو. ننڍپڻ کان هن ۾ اعلى قسم جي ليڊر شپ جون خصلتون نظر آيون ٿي جن ڳالهين کي هن پاڻ به سمجهيو ٿي. اهو ئي سبب آهي جو هن پيءُ جو هيڏو بزنيس ڇڏي پڙهائيءَ کي ترجيح ڏني.
سيف الدين نئروبيءَ مان تعليم مڪمل ڪري قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ ”لنڪن ان انگلنڊ“ ڪاليج ۾ داخلا ورتي. هي ٻي وڏي لڙائي ختم ٿيڻ بعد (Post war) وارا سال هئا. ايشيا ۽ آفريڪا جا ڪيترائي ملڪ پنهنجن يورپي آقائن مان جان ڇڏائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا هئا. سيف الدين جي انگلنڊ ۾ ڪيترن ئي ملڪن جي هم خيال شاگردن سان ملاقات ٿي جيڪي اڳتي هلي پنهنجن ملڪن جا سياسي ليڊر ٿيا. هن اهڙين آفريڪي تنظيمن جي دل و جان سان مدد ڪئي ٿي جن آفريڪي ماڻهن سان ٿيندڙ ناانصافي ۽ رنگ ۽ نسل تي نفرت جي خلاف آواز اٿاريو ٿي.
سيف الدين انجار والا 1954ع ۾ اعلى پوزيشن سان امتحان پاس ڪيو ۽ بئريسٽر ٿيو. ان بعد نئروبي موٽي اچي وڪالت شروع ڪئي. سيف الدين ايمانداري، قانوني ڳالهين ۾ نيڪ صلاح ڏيڻ، ڪورٽ ۾ ٻين کي مطمئن ڪرڻ جي آرٽ ۽ پرفارمنس ۾ سڄي ڪينيا ۽ ڀر وارن ملڪن ۾ مڃيو ويو ٿي. ڪينيا جي آزادي جي تحريڪ ۾ هن سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيو. گاما پنٽو، ڪي.پي. شاهه، ڪي.ڊي. تراوادي، چنن سنگهه ۽ ٻين ڪينيائي انڊين سان گڏجي هن ”گروپ 31“ ۽ ”ڪينيا فريڊم پارٽي“ (KFP) ٺاهي. آزاديءَ بعد هو هڪ آزاد ميمبر جي حيثيت سان ممباسا جي علائقي مان ڪينيا پارليامينٽ جو ميمبر پڻ چونڊيو ويو. ڪينيا جي KANU سياسي پارٽيءَ سندس تمام گهڻي عزت ڪئي ٿي جو هو تمام گهڻو پڙهيل ڳڙهيل ۽ قابل وڪيل هو. کيس پئسي جي لالچ نه هئي بلڪ هر وقت غريب عوام جي خذمت ڪيائين ٿي. ملڪ جي پهرين صدر جومو ڪينياتا کيس ”سماجي خذمتن“ جو وزير به بڻايو. ان بعد ٻي اليڪشن ۾ هن سياست مان رٽائرڊ ٿي. مرڻ گهڙيءَ تائين وڪالت جاري رکي. پاڻ ڪيترن ئي خيراتي ٽرسٽن جو چيئرمئن ٿي رهيو. جهڙوڪ سر يوسف علي ٽرسٽ، مدرسة المحمد يا ايڊوڪيشن سوسائٽي، بوهرا ڊسپينسري ليگ ۽ پنهنجي فئملي جو ٽرسٽ T.G.K انجار والا چئرٽيبل ٽرسٽ.
پنهنجي زال حياتي ٻائي سان گڏجي هن مڪاني سخي ماڻهن جي مدد سان سڄي ملڪ ۾ Mkomani نالي ڪلنڪون کوليون جن مان ڪينيا جو هر باشندو فائدو حاصل ڪري سگهيو ٿي. 1995ع ۾ سندس وفات ٿي.