اسماعيلين لاءِ آفريڪي شيدين کي عزت
”ڪنهن وقت؟“ مون پڇيو.
”جنهن وقت به سئچ آف ڪريون ٿا ان وقت هليو وڃي.“
سعودي عرب ۾ ٽي سال نوڪري ڪرڻ بعد جڏهن دادو جي هڪ فئملي پنهنجي ڳوٺ موٽي ته انهن جو چئن سالن جو ٻار معصوميت مان پنهنجي ماءُ پيءُ کان پڇي ٿو ته ”هتي لائيٽ آٽوميٽڪلي ڪيئن هلي وڃي ٿي؟ جدي ۾ ته پاڻ جڏهن سئچ آف ڪريون ٿا تڏهن ئي لائيٽ وڃي ٿي.“
ممباسا ٻيٽ سنگاپور ۽ پينانگ ٻيٽن کان به ننڍو آهي. سندس ڊيگهه 15 ڪلوميٽر ۽ ويڪر 13 ڪلوميٽر آهي. ممباسا جو اهو روڊ موئي (Moi) ايوينيو آهي جيڪو انگريزن جي راڄ ۾ ۽ ان بعد به ڪافي سال ڪلنڊني روڊ جي نالي سان سڏيو ويو ٿي. هن روڊ تي هاٿيءَ جي نيشن (Tusks) جهڙو اڇي رنگ جو ٺهيل دروازو هر ٽوئرسٽ جي نظر جو مرڪز رهندو اچي. چئن هاٿي ڏندن جي شڪل مان ٺهيل ٻه دروازا اصل عاج جا نه پر ڪنهن ڌاتوءَ جا آهن جن کي هاڻ زنگ لڳي چڪو آهي ۽ مرمت جي سخت ضرورت آهي. هنن دروازن اڳيان بيهي اسان به جوانيءَ جي ڏينهن ۾ (ستر واري ڏهي جي شروع وارن سالن ۾) چڱا فوٽو ڪڍرايا هئا. اسان جو جهاز جڏهن به ممباسا ۾ لنگر انداز ٿيندو هو ته اسان جون شامون هن روڊ (ڪلنڊني) تي گذرنديون هيون جتي ڪيترن ئي گجراتين، کوجن ۽ سنڌي هندن جا دڪان هئا جن مان هڪ جو نالو ته ”سنڌ جنرل اسٽور“ هو. پر هاڻ انهن دڪانن مان هڪ به نظر نه آيو. يوگنڊا ۾ عيدي امين جي ظلمن جي ڊپ کان ڪينيا جا به ڪيترائي انڊين هي ملڪ ڇڏي ويا. بهرحال هن روڊ تي ٺهيل ڪئسل هوٽل، استنبول بار، ڪينيا ڪافي هائوس اڃان به ساڳين نالن سان قائم آهن.
دنيا جي ٻين شهرن وانگر جن تي انگريزن ۽ يورپين جو راڄ هو، پنهنجن پراڻن گورن حاڪمن جا نالا بدلائي نوان رکيا ويا آهن. موئي ايونيو جي بلڪل سڌائيءَ ۾ وهندڙ (parallel) روڊ جو نالو هيل سلاسي روڊ رکيو ويو ۽ ان جي سڌائيءَ وارو روڊ ملڪ جي پهرين صدر جومو ڪينياتا نالي آهي. انهن ٽنهي اهم روڊن کي ملائڻ وارا رستا آهن: شيبو روڊ، سنيفو ڪومبو اسٽريٽ، ڊيگو روڊ وغيره. موئي روڊ اوڀر ۾ نڪرما روڊ ٿيو وڃي. اتر ۾ جتي نيو پيپلز هوٽل ۽ الناصر لاج آهن، مصر جي وزيراعظم عبدالناصر نالي روڊ گذري ٿو. اهڙي طرح ڏکڻ ۾ نريري ايوينيو پڻ آهي.
موئي روڊ تي جتي هاٿيءَ جي ڏندن جا ٻه دروازا ٺهيل آهن ۽ جتي ٽوئرسٽ آفيس پڻ آهي اتان اتر ڏي ويندڙ روڊ آغا خان نالي آهي. آغا خانين (اسماعيلين) جا مماباسا توڙي نئروبيءَ ۾ ڪيترائي سماجي ۽ تعليمي ڪم آهن. اوشنڪ هوٽل وٽ هڪ روڊ جو نالو پرنس ائنڊريو پڻ آهي. باقي وڪٽوريا ۽ ڪئينس روڊ جهڙا رستا هتي پڻ زيب النسائون اسٽريٽ ٿي ويا آهن. هن روڊ جي هيٺان بلڪل سمنڊ جو ڪنارو ڏئي وهندڙ روڊ ماما نگينه روڊ آهي، جنهن تي ڪيترائي تعليمي ادارا آهن. هي روڊ اتر ڏي وڃي نريري ايوينيو ۽ مبارڪي روڊ سان ملي ٿو.
ڪينيا جي ڪيترن ئي شهرن سان اسان جي ننڍي کنڊ جي ماڻهن جون يادون وابسته آهن. ممباسا ۾ ته هڪ سڄي گهٽي بلوچن جي آهي، جن جا وڏا پسني گوادر ۽ عمان کان لڏي آيا هئا. ان کان علاوه لامو ڀرسان هڪ سڄو ڳوٺ بلوچن جو آهي. آغا خانين جي موجوده امام پرنس ڪريم آغا خان جو ننڍپڻ ڪينيا جي گاديءَ واري شهر نئروبيءَ ۾ گذريو. شروعاتي تعليم، هن گهر ۾ پرائيويٽ ٽيچر ذريعي حاصل ڪئي. هن جي ڏاڏي آغا خان سوم، علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ جو هڪ اسڪالر مصطفيٰ ڪمال، ٻنهي ڀائرن پرنس ڪريم ۽ پرنس امين کي رکي ڏنو هو.
ننڍي کنڊ جي ٻين ماڻهن سان گڏ ڪيترائي سنڌ ۽ گجرات پاسي جا آغا خاني آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري جي شهرن ممباسا، ملينڊي، لامو، زئنزيبار (زنجبار)، دارالسلام ۽ هوڏانهن وڪٽوريا ڍنڍ جي ڪناري وارن شهرن ڪمپالا ۽ جنجا (جيڪي هاڻ يوگنڊا ۾ اچن ٿا) رهيا ٿي. اهڙي ئي هڪ فمئليءَ جو ذڪر مون پنهنجي هڪ سفرنامي ”هي ٻيٽ هي ڪنارا“ ۾ ڪيو آهي ته ڪيئن هڪ غريب ڇوڪرو گجرات کان سڙهن واري ٻيڙيءَ ذريعي پهرين زئنزيبار اچي هڪ گجراتي جي دڪان تي نوڪر ٿئي ٿو پوءِ آهستي آهستي پئسو گڏ ڪري پاڻ به دڪان کولي ٿو. وطن وڃي فاطمه نالي هڪ ڇوڪريءَ سان شادي ڪري وري آفريڪا اچي ٿو ۽ هاڻ زئنزيبار بدران وڪٽوريا ڍنڍ واري شهر ۾ ڪاروبار ڪري ٿو. هو ڪيئن مشڪلاتن کي منهن ڏئي ٿو. لوفر قسم جا شيدي هن جي دڪان جي ڦُر ڪن ٿا، جهيڙو ڪن ٿا، انهن کان علاوه هڪ آدم خور قسم جو شينهن سندس گهر تي ان وقت حملو ڪري ٿو جڏهن هن جي زال گهر ۾ اڪيلي، ٿڃ تي هڪ ٻار سان گڏ آهي. هي زال مڙس ڪيئن ان قسم جي ڏاکڙن کي منهن ڏين ٿا ۽ پنهنجي جياپي لاءِ جدوجهد ڪن ٿا، هڪ قسم جو مثال آهي، جنهن مان پڙهندڙن کي Idea ٿي سگهي ٿي ته ڪيئن اسان جي ننڍي کنڊ جي ماڻهن پنهنجي ٻچن جي مستقبل کي بهتر بنائڻ لاءِ پنهنجي وطن جا ڪک ڇڏي پرديس ۾ خطرن کي منهن ڏنو ۽ ڪاروبار ڄمائڻ لاءِ محنت ۽ مزدوري ڪئي. هنن مختلف مڪاني طور پيدا ٿيندڙ سياسي ۽ سماجي حالتن کي به منهن ڏنو ٿي.
1880ع ڌاري يورپي قومن جو آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري تي قبضو ٿي ويو ۽ هنن ناني ڪنڙو ڪري آفريڪا جا حصا پتيون ڪري پاڻ ۾ ورهائي کنيو. ايتريقدر جو زنجبار (Zanzibar) جنهن تي عماني سلطان جي حڪومت هئي اهو به هنن پنهنجي قبضي ۾ ڪري ڇڏيو. هن بيٺڪي راڄ آغا خانين (اسماعيلين) لاءِ ڪيتريون ئي رنڊڪون پئدا ڪيون، هنن جي حق جو خيال نه رکيو ويو. هنن کي مڪمل طرح سياسي آزادي ڏيڻ ۽ مرضي موجب جتي وڻي اتي بزنيس ڪرڻ کان روڪيو ويو. يورپين نٿي چاهيو ته ايشيائي ماڻهو واپار وڙي ۾ سندن مقابلو ڪن يا حڪومت جو حصو بڻجن. هنن اهو به نٿي چاهيو ته انڊيا جا يا ايران ۽ عرب ملڪن جا ماڻهو جتي وڻين اتي Settle ٿيندا رهن.
ڪينيا ۾ رهندڙ اسماعيلين حالتن کي منهن ڏيئي ان موجب هلڻ چاهيو ٿي. خير ان وقت تائين ته نه ڪينيا جو نالو وجود ۾ آيو هو ۽ نه نئروبي جو نالو. جيڪو اڄ ڪينيا، يوگنڊا ۽ تنزانيا آهي، اهو ان وقت ايسٽ آفريڪا سڏيو ويو ٿي ۽ اهو انگريزن جي هٿ چڙهيو. اهڙي طرح چاڊ، زائر ۽ نائيجر جهڙا ملڪ فرينچن حوالي ٿي ويا ۽ انهن ملڪن وارو علائقو سينٽرل آفريڪا سڏبو هو. موزمبق ۽ ائنگولا پورچوگالين رکيا. ممباسا، زنجبار، ڪمپالا ۽ جنجا پاسي رهندڙ اسماعيلين سمجهيو ٿي ته ڪجهه به هجي ته انگريز ۽ سندن حڪومت ڪرڻ جو طريقو وري به ٻين يورپين کان بهتر آهي. هنن کي انڊيا ۾ رهڻ ڪري برطانيا راڄ جو تجربو هو ته انگريزن جي حوالي جيڪي به ملڪ ٿيا (انڊيا هجي يا هانگ ڪانگ، ملايا هجي يا سنگاپور) هنن اتي سيڪيورٽي ۽ مواصلات جو تمام سٺو بندوبست رکيو ٿي. هو انگريزن جي ورڪنگ کان واقف هئا ۽ ساڳي وقت آفريڪا ۾ ڪافي عرصو رهڻ ڪري هو آفريڪا ۽ اتي جي مڪاني ماڻهن کان به واقف هئا. نتيجو اهو نڪتو ته اسماعيلي جيڪي انگريزن کان اڳ جا آفريڪا ۾ ٽِڪيل هئا گذارو ڪري ويا ۽ انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ به ترسي پيا ۽ اڄ تائين آهن ۽ پاڻ به خوشحال زندگي گذارين ٿا ته مڪاني ماڻهن جو به خيال رکن ٿا. بنگلاديش ٿيڻ بعد جڏهن چٽگانگ ۾ پنهنجي ڪلاس ميٽ دوست وٽ گهمڻ ويس ته آغاخانين کي ساڳي پوزيشن ۽ بزنيس ۾ ڏسي مون هن کان پڇيو ته ”توهان پنجابين ۽ بهارين کي ته ملڪ بدر ڪري ڇڏيو پر اسماعيلين کي نه؟“
”ان ڪري جو آغا خاني جهيڙي فساد وارا ماڻهو نه آهن ۽ نه وري مڪاني ماڻهن جي ڪلچر ۽ زبان سان هٿ چراند ڪن ٿا. هو واپار ۽ تعليم ذريعي پاڻ به سکيا ستابا ٿين ٿا ۽ مڪاني ماڻهن جو به خيال رکن ٿا.“
مون کي حيرت ٿي جڏهن مون ممباسا جي ٽيڪنيڪل ڪاليج جي هڪ پروفيسر کان اهو سوال ڪيو ته هن به ساڳيو جواب ڏنو ۽ مون کي ڪينيا ۾ اهي تعليمي ادارا ۽ اسپتالون ڳڻائڻ لڳو جيڪي اسماعيلي ڪميونٽيءَ مڪاني ماڻهن جي خذمت لاءِ ٺاهيا آهن.