ڪھاڻيون

سُک وَندِي

انجنيئر عبدالوھاب سھتي ڏيھي ۽ پرڏيھي ادب مان او ھينري، ليو ٽالسٽاءِ، فرينڪ رچرڊ اسٽاڪٽن، موپاسان، عزيز نيسن، چراغ حسن حسرت، غلام عباس، قدرت الله شھاب، گلزار ۽ سيد گلزار حسنين جون چونڊ 24 ڪھاڻيون، هن ڪتاب ”سُک ونديءَ“ ۾ آنديون آهن، ۽ انهن سڀني ڪھاڻين کي سلوڻِي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. انھن ڪھاڻين بابت ڇا چوئجي! ۽ ترجمي جي ٻوليءَ بابت ڇا لکجي! سھتو صاحب ڪھاڻين ۾ بہ ڀَڙُ، تہ ٻوليءَ جو بہ وينجهارُ. سندس مھارت ۽ ڪماليت ترجمي ۾ آشڪار آهي.

Title Cover of book سُک وَندِي

پيش لفظ

ڪھاڻي ته هر ماڻهوءَ جِي آهي، ڪا مختصر، ته ڪا طويل! ڪا ڏکن ۾ ڏڌل، ته ڪا سکن سان سرشار! ڪا وقفي دوران وندر، ته ڪا جنگ و جدل سان ڀرپور جُھد! ڪا پيار جِي پُڪار، ته ڪا نفرت جو ڀڀڪو! ڪا زندگيءَ جو ذرو، ته ڪا موت جِي جَجهائي!

ڪھاڻي ته ساهدارن جِي به آهي! ڪھاڻي گدڙ جِي به آهي، ته شينھن جِي به! ڳجهه جِي به آهي، ته ڳيري جِي به! ڀنئور جِي به آهي، ته ڀنڀوريءَ جِي به! مانگر جِي به آهي، ته پَلي جِي به! ۽ ڪھاڻي نِمُ جِي به آهي، ته ڪِرڙ ۽ ڪانڊيري جِي به!

ڪھاڻي فطرت جِي به آهي! ڌرتيءَ، چنڊ، سج، ستارن، ڪَتين، جُهرمٽن، ٽيڙُن، خلا ۽ آسمان جِي ڪھاڻي! هوا، باهه، پاڻيءَ، کنوِڻ، انڊلٺ ۽ جُهڙ جِي ڪھاڻي! جهنگ، برپٽ، صحرا، سمنڊ، درياءَ ۽ ڏونگر جِي ڪھاڻي!

ڪھاڻي ته مادي، شَڪتيءَ ۽ وقت جِي به آهي!

ڪھاڻي سَچ ۽ ڪَچ جِي به آهي، ٻولي ۽ گونگائپ جِي به آهي، اجرڪ ۽ اوگهڙ جِي به آهي، خوشبوءِ ۽ بدبوءِ جِي به آهي، ته بُوءِ جِي به آهي!

ڪھاڻي دينُ ۽ ڌرم جي به آهي، ته ڪُفر جِي ڪيفيت جي به!

ڪھاڻي تُنھنجِي، منھنجِي، هِن جِي، هُن جِي، اُن جِيِ، ڪنھن جِي، سڀ جِي آهي! جي، ڪا به ڪھاڻي ناهي، ته اُها به ڪھاڻي آهي!

ڪھاڻي چَؤڏسا آهي! اها هيٺ-مٿي، اندر-ٻاهر، هر هنڌ آهي! ان ڪري ڪھاڻي اڳُ به هئي، هاڻي به آهي ۽ آئنده به هوندي! اها ماضي، حال ۽ مستقبل آهي! ڪا ڪھاڻي لکِي وئي آهي، ڪا لکجي پئي ۽ ڪا اڃا لکجڻي آهي!

ڪھاڻيون سوين، هزارين، لکين لکيون ويون آهن. ڪا مون لکِي، ڪا تو لکِي، ته ڪا عبدالوهاب لکِي! ۽ ايئن... بنھه ايئن، ڪا ڪھاڻي او هينري، لِيو ٽالسٽاءِ ۽ فرينڪ آر. اسٽاڪٽن لکِي، ڪا ڪھاڻي موپاسان ۽ عزيز نيسن لکِي، ته ڪا ڪھاڻي چراغ حسن حسرت، غلام عباس، قدرت اللھ شھاب، گلزار ۽ سيد گلزار حسنين به لکِي آهي! انهن لکيل انيڪ ڪھاڻين مان، ڏينھن-رات جي ڪلاڪن جيتريون، فقط ۲۴ ڪھاڻيون، هن ڪتاب ”سُک ونديءَ“ ۾ آنديون ويون آهن، ۽ انهن سڀني ڪھاڻين کي سلوڻِي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي انجنيئر عبدالوهاب سَھتي.

سھتي صاحب جِي هاڻي ته ادبي طور تي پَڪي ۽ پُختِي سڃاڻ پھاڪن ۽ چوڻين تي گهڻي ۾ گهڻو ڪم ۽ تحقيق ڪندڙ محقق جي آهي، پر سندس پڙهندڙن کي ڀليءَ ڀت خبر آهي ته هُن ادبي دنيا ۾ اول اول ڪھاڻيڪار طور ئي پاڻ کي مڃرايو هو ۽ ساندهه ٽي ڪتاب سندس ڪھاڻين جا ڇپيا هئا: ”هراس“، ”جڏهن بُت ئي چوي ڪافر“ ۽ ”هَٿ جِي وَڍِي“. ممڪن آهي ته اهي ٽئي ڪتاب سندس ”ڪھاڻي-ڪليات“ جي صورت ۾ ڇپجي اچن! بھرحال، ڀَلي ڳالهه آهي ته هُن تخليق کان پوءِ ترجمي ۾ به ڪھاڻيءَ جي چونڊ ڪئي آهي. انهن ڪھاڻين بابت مان ڇا چوان! ۽ ترجمي جي ٻوليءَ بابت ڇا لکان! سھتو صاحب ڪھاڻين ۾ به ڀَڙُ، ته ٻوليءَ جو به وينجهارُ. سندس مھارت ۽ ڪماليت ترجمي ۾ آشڪار آهي. اميد رکجي ته هُو سنڌي ادب ۾ ترجمو ٿيندڙ ڪھاڻين ۾ واڌارو ڪندڙ اِن سٺي سلسلي کي هلائيندو ايندو.

ساٿ سلامت،

ڊاڪٽررياضت ٻرڙو 
۱۵ ڊسمبر ۲۰۲۲ع، لاڙڪاڻو