ھڪڙو ھيو راجا - چراغ حسن حسرت
ھڪڙو ھيو راجا
(ريخته ڪھاڻي)
هڪڙو هيو راجا ۽ هڪڙي هئي سندس ڌيءَ، جنهن کي ماڻهو ارملا چئي سڏيندا هيا. ان راجڪماريءَ کان اهڙي ڀل چڪ ٿي جو راجا کيس پرڻائڻ جو پڪو پهه ڪيو ۽ شڀ گهڙي ڏسي، سوئيمبر جو بندوبست ڪيائين.
سوئيمبر جي ڏھاڙي، راجا سجايل هٿيارن تي مورڇل رکي، اچي تخت تي ويٺو. تخت جي ساڄي کاٻي، کشتري هٿيار کنيو ۽ برهمڻ پوٿيون پڪڙيون بيٺا هيا. راجڪماري ارملا، هٿن تي مهندي لايو، اکين ۾ ڪجل پايو، راجا سان گڏ ويٺي هئي. سندس وار ڀنئورين ڀرا، اکيون نشيليون، چپ اهڙا جهڙا ڳاڙهن گلن جون ٻه پنڙيون سرديءَ جي موسم ۾ ٿڙڪنديون هجن. جيڪي وڏا وڏا سورما ۽ گھوٽ، راجڪماريءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ آيا هيا، سي کيس ڏسندي ئي ششدر ٿي ويا ۽ دل ئي دل ۾ چوڻ لڳا؛ ”اها هٿ اچي ته جياپي جو سهارو ٿي پوي. سدائين راجا سان گڏ رهون ۽ صبح شام پيا مال پڙا ۽ پوريون ڪچوريون کائون.“
انهن ماڻهن منجهه، هڪڙو ڇوڪرو به هيو، جيڪو گو سائين گرڌر سوامي جي مهاراج وٽ پڙهندڙ هيو. هيو ته ڪنهن ڀنگيءَ جو پٽ، پر سندس جوڀن ۾ اهڙي جوت هئي جو راجڪماريءَ جي دل، اَٺ ئي پهر منجھس اٽڪيل هئي. کيس ڏسندي ئي راجڪماريءَ جي اُڻ تُڻ، پنهنجو پاڻ ئي ويندي رهي. ايتري ۾ راجڪماريءَ کي بُک لڳي، سا دهي پيڙا کائڻ لڳي. پيڙا کائيندي کائيندي، خبر ناهي ڪهڙي ڳالهه سندس من ۾ آئي جو مشڪي ڏنائين. سندس موتين جهڙن ڏندن جي چمڪاٽ سان، اوسي پاسي تجلو ٿي ويو. اهو ڏسندي ئي سمورا سورما، راجا جي موديءَ وٽ پهتا ۽ پنهنجو ۽ پنهنجي گھوڙن جو خرچ وٺي، گھر هليا ويا. ها! ٻه سورما، اڃا تائين ڪونتل ڪڏائي ڪڏائي، پنهنجا ڪرتب ڏيکاري رهيا هيا. انهن ٻنهي منجھان هڪ ته ساڳيو ئي ڇوڪرو هيو، جنهن منجهه راجڪماريءَ جو ڌيان لڳل هيو. ٻيو هڪڙو گھوٽيو هيو، جيڪو ٻئي ڏيھ مان آيل هيو.
اهي ٻئي ڄڻا، پورا ٻه ڪلاڪ وڙهندا رهيا. جيترا داوَ پيچ، کين آيا پئي، سي سمورا پورا ڪري چڪا. هاڻ سج لِڪڻ تي هيو ۽ ان جي ڳاڙهن ڳاڙهن ڪرڻن منجهه، سونهري روپ وارا ڪنڊا، جن کي پٿرن منجهه ٽاڪيو ويو هيو ۽ ڪاراڻ مائل ڳاڙهيون پيليون وائنٽيون جيڪي ڪانسن مٿان ڦڙڪي رهيون هيون، پنهنجي چمڪ ڌمڪ ڏيکارڻ لڳيون. ٻنهي سورمن جو ساهه اُڦريل هيو ۽ ائين ڏِکَ ڏئي رهيا ته ڄاڻ چوُر ٿي ڦهڪو ڪيائون. اُپڪائي ان ڇوڪري، گھوڙي کي ڊيڙائي، ٻئي سورمي جي ڇاتيءَ تي ائين ڀالي جي ڇڙهي ٺوڪي جو هو وڃي پٽ تي پيو. مڙني جي واتان واه واه نڪري وئي. اهو ڏسندي ئي راجڪماريءَ جا ڳٽا، ڳاڙها ٿي ويا ۽ تارا ٽمڪڻ لڳس.
راجا چيس: ”منهنجي راڄ ۾ جيڪو ڪجهه آهي، اڄ سو سمورو مان توکي ڏئي سگھان ٿو، جيڪو گھرڻو اٿئي سو گھُر!“
ڇوڪري چيو؛ ”مهاراج! مون کي اهڙو ڪو لکي ڏيو ته اوهان جي ڏيهه ۾ جيترو به زميني تيل آهي، مون کان سواءِ ٻيو ڪو ڪڍي نه سگھي!“
راجا چوڻ لڳو؛ ”ٻه سال ٿيا آهن، سمنڊان پار جي ڪنهن ڏيهه جا ماڻهو هتي آيا هيا. چيائون پئي ته؛’هن ديس ۾ هنڌ هنڌ تي زميني تيل آهي.‘ تن به اهائي گھُر ڪئي پئي جا تون ٿو ڪرين. پر انهن جي ڳالهه ته ڪوڙي نڪتي ۽ اهي پنهنجي ڏيهه موٽي ويا هليا. سچ اهو آهي ته منهنجي راڄ ۾، ڪٿي به زميني تيل ناهي.“
اهو ٻڌي، اهو ڇوڪرو پهرين راجا جو ٻوٿ تڪيندو رهيو ۽ پوءِ؛ ”وڏو دوکو ٿيو!“ چئي، گهوڙي کي اڙيون هڻندو، اک ڇنڀ ۾، مڙني جي اکين کان اوجھل ٿي ويو. راجا چوڻ تي هيو؛ ”خبر ناهي هن کي ڇا ٿيو!“ ته، اوسان خطا ٿي ويس ۽ ڌرتيءَ تي ڦهڪو ڪيائين ۽ رڙيون ڪندي چوڻ لڳو؛”اڙي! هو ته ارملا کي هتي ڇڏيون هليو ويو!“
***
(اوهينريءَ جي تتبع تي لکيل ٺيٺ اردو ڪهاڻي)