سادا اکر
مٺل جسڪاڻيءَ جي ڪھاڻي ڪتاب ”ٻوڏ ۽ برسات“ جي پڌري ٿيڻ کان پوءِ، ماھوار مئگزين ”ھمسري آنلائين“ حيدرآباد جي طرفان غلام نبي سومري صاحب فون ڪري، ڪتاب منجھ لکيل مھاڳ بابت ڳالھ ٻولھ ڪئي ۽ ”ھمسريءَ“ ۾ شامل ٿيڻ جي ترغيب پڻ ڏنائين. اول ته ڪا ڳالھ ڪا نه پئي سُجھي ته ڇا ڪجي ۽ ڇا موڪلجي؟ جو سندس زور، ان ڳالھ تي ھيو ته مضمون نه ٿا موڪلي سگھو، ته ڪھاڻيون ئي لکي موڪليو! اھا ٻي ڳالھ آھي ته پنھنجي دل، ٽيھارو سال اڳ، تخليقي ڪھاڻيون لکڻ کان ھٽي، پھاڪن ۽ چوڻين جي دنيا ۾ وڃي ڦاٿي ھئي. اھو موضوع وري ”ھمسريءَ“ ۾ ڇپجڻ جھڙو نه ڀانئيندي، ڪنڌ ڪڍائڻ جي ڪيم. جڏھن ٻئي دفعي فون آئي ته پوءِ ترجمو ٿيل ڪھاڻيون موڪلڻ لاءِ حامي ڀريم. ان کان پوءِ ”ھمسريءَ“ ۾ ھر مھيني ڪھاڻي، پنھنجي چونڊ ۽ چس سان، ترجمو ڪري موڪلڻ لڳس، جيڪا جيئن جو تيئن ڇپجندي به رھي. ھن مجموعي ۾ شامل لڳ ڀڳ سموريون ڪھاڻيون ماھوار ”ھمسري“ ۾ ڇپيل آھن. جڏھن ته ھارڊ ڪاپيءَ يا ڪتابي صورت ۾ اڳي ڇپيل ناھن. اھي پڙھندڙ، جيڪي آن لائين پڙھڻ جا عادي ناھن، تن جي دلچسپيءَ خاطر اھي ڪھاڻيون ڪتابي صورت ۾ پيش ڪجن ٿيون.
ڪھاڻين جي ماخذن ۽ ليکڪن بابت سرسري ڄاڻ، پڙھندڙن جي دلچسپيءَ خاطر، ھيٺ ڏجي ٿي.
راقم جي پھرين پھرين، چونڊ جي نظر پئي وڃي، چراغ حسن حسرت (۱۹۰۴ع-۱۹۵۵ع) جي ڪھاڻين تي، جيڪو پنھنجي سر صحافي، ايڊيٽر، مضمون نگار، شاعر ھئڻ سان گڏ افساني نگار پڻ ھيو. نوَ کن افسانا، سندس ڪتاب ”دھوپ چھاؤں“ (ڇپيندڙ: نيشنل بڪ فائونڊيشن) ۾، مضمونن سان گڏ ڇپيل آھن، جتان سندس سموريون ڪھاڻيون ترجمو ڪري، ”ھمسري“ ڏانھن موڪليون ويون ھيون، جيڪي ھتي شامل ڪيون ويون آھن. افسانن جا ريختہ وارا نالا، ساڳيءَ معنيٰ سان برقرار رکيا ويا آھن. جھڙوڪ: الف ليلا کا نائي، اس کے پڑھني سے بہتسوں کا فائده ہوگا، سراغ رساني کا افسانہ، شاهجہان کي تصوير، قصہ سوتے جاگتے کا، لکڑي کي ٹانگ، کلو قانوني، کيلے کا چھلکا، کسان کا خواب، ايک عورت ۽ ايک تھا راجا. ھتي فقط لفظي ترجمي سان شامل ڪيل آھن.
نيشنل بڪ فائونڊيشن طرفان ڇپايل ڪھاڻي ڪتاب ”عالمي افسانے“ منجھان روسي ليکڪ ليو نڪولووف ٽالسٽاءِ (۱۸۲۸ع-۱۹۱۰ع) جو ھڪ افسانو ”پيالہ“ (Alyosha the Pot)، فرانسيسي ليکڪ گاءِ ڊي موپاسان (۱۸۵۰ع-۱۸۹۳ع) جا ٻه افسانا ”پچھتاوا“ ۽ ”نقلي ہيرے“ (The Diamond Necklace)، آمريڪي ليکڪ وليم سڊني پورٽر عرف او ھينري (۱۸۶۲ع-۱۹۱۰ع) جو ھڪ افسانو ”قصہ کيکٹس سٹي سے آنے والے ايک گاہک کا“ (The Buyer from Cactus City)، امريڪي ليکڪ فرينڪ رچرڊ اسٽاڪٽن (۱۸۳۴ع-۱۹۰۲ع) جو ھڪڙو افسانو ”عورت يا شير“ (Lady or Lion) ۽ ترڪيءَ جي ليکڪ عزيز نيسن (۱۹۱۵ع-۱۹۹۵ع) جو ھڪڙو افسانو ”حقيقت يا خواب“ ترجمو ڪيا ويا آھن.
سنگ ميل پبليڪيشنز لاھور طرفان ڇپايل، گلزار (۱۹۳۶ع) جي لکيل افسانن جو مجموعو ”دھواں“ تان ٽي افسانه ”سانجھ“، ”ادھا“ ۽ ”کس کي کہاني“ ترجمو ڪيا ويا آھن. ٽنھي جو مواد، نيٽ تي رکيل مواد سان پڻ ڀيٽيو ويو آھي. غلام عباس (۱۹۰۹ع-۱۹۸۲ع) جو ”انندي“ ۽ قدرت الله شھاب (۱۹۱۷ع-۱۹۸۶ع) جا ”ماں“ ۽ ”اور عائشہ آ گئي“ نيٽ تان ئي کنيا ويا آھن. جڏھن ته قدرت الله شھاب جو اول الذڪر افسانو، سندس آپ بيتي ”شہاب نامه“ ۽ مؤخر الذڪر افسانو سندس افسانن جي مجموعي ”سرخ فيتہ“ ۾ پڻ شامل آھن.
سيد گلزار حسنين جو تعلق تحصيل ديپالپور، ضلع اوڪاڙه سان آھي. سندس لکيل افسانو ”جاگنگ ٹريک“ نيشنل بڪ فائونڊيشن طرفان ڇپايل، سندس افسانن جي مجموعي ”پتھر چہرے“ تان ترجمو ڪري شامل ڪيو ويو آھي.
اميد ته پڙھندڙ، پڙھڻ پڄاڻان، پنھنجيءَ راءِ کان آگاھ ڪرڻ نه وساريندا.
انجنيئر عبدالوهاب سهتو
۸۹ پروفيسرس ڪالوني-۲
قنبر روڊ- لاڙڪاڻو