لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

رٺي آهي گهوٽ سان

”رٺي آهي گهوٽَ سان“ ڪِتاب پهاڪن ۽ چوڻين جو مجموعو آهي. هن ڪِتاب جو پهريون ڇاپو ”نيو فيلڊس“ پبليڪيشن وارن 1996ع ۾ ڇپرايو. هن ۾ الطاف شيخ پنهنجي ملڪ ۽ ڪجهه ٻين ملڪن جا گڏ ڪيل پهاڪا ڏنا آهن. ڪيترن پهاڪن سان گڏ هن دلچسپ سمجھاڻيون ۽ چرچا لکيا آهن.
  • 4.5/5.0
  • 4114
  • 1238
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book رٺي آهي گهوٽ سان

مهاڳ

ڪنهن ڪتاب جو مهاڳ / پيش لفظ يا تعارف لکڻ جي به هڪ عجيب روايت آهي. ڪيترن عالمن جو چوڻ آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ڪتاب پاڻ ڪجهه نه هوندو آهي، پر ان کي مهاڳ اهم بڻائيندو آهي. ڪيترن جو خيال آهي ته، مهاڳ جو مقصد پڙهندڙ کي ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏيارڻ هوندو آهي يا وري ليکڪ، ڪنهن وڏي عالم يا نقاد کان پنهنجي ڪم جي باري ۾ مهاڳ جي صورت ۾ سَند وٺندو آهي. سنڌيءَ ۾ مختلف ڪتابن جي لکيل مهاڳن يا تعارفن کي وڏي اهميت حاصل آهي. شيخ اياز جي ڪتابن تي ابراهيم جويي ۽ رشيد ڀٽيءَ جا مهاڳ جيڪي نه رڳو سندس ڪم ۽ ذات جو مڪمل ۽ سگهارو تعارف آهي. پر جنهن دور ۾ اها شاعري ۽ ٻيون لکڻيون سِرجيون، ان جو پڻ سياسي، سماجي ۽ ادبي تحريڪن جي حوالي سان احاطو ڪيل آهي. اهڙي طرح لوڪ ادب اسڪيم جي ڇپيل مختلف ڪتابن تي ڊاڪٽر بني بخش بلوچ جا لکيل تعارف، لوڪ ادب جي مختلف صنفن بابت ڄاڻ ۽ فڪر جو اهم خزانو آهي.
پير حسام الدين راشدي، درازا ۾ سچل ڪانفرنس تي ڪيل هڪ تقرير ۾ چيو هو ته، شاهه لطيف ان ڪري وڏو شاعر ٿي، پنهنجي عوام ۾ اڀري آيو، جو کيس گربخشاڻيءَ جهڙو شارح مليو. جڏهن ته شاهه جي ڀيٽ ۾ سچل جي گهٽ مقبول هجڻ جو سبب کيس گربخشاڻيءَ جي معيار جو شارح نه ملڻ آهي.
علمي طرح مونکي ان راءِ سان اختلاف رهيو آهي ته، اصل ليکڪ يا شاعر جو ڪم ڪنهن به طرح، ڪنهن نقاد، شارح، مهاڳ يا تعارف لکندڙ جو محتاج ڪونه هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ديڳڙيءَ ۾ ڪجهه هوندو ئي ڪونه ته نقاد، شارح يا تعارف ڪرائيندڙ ڇا ڪري سگهندو. تنهن ڪري تنقيد / تشريح ۽ تعارف اصل ڪم کي پڙهندڙ تائين پهچائڻ جو صرف هڪ ذريعو آهي. باقي اصل ڪم ته ڪتاب جي اندر موجود آهي، جيڪو عوام يا ادبي تاريخ ۾ پنهنجو مقام پاڻ پيدا ڪندو.
الطاف شيخ جي هن ڪتاب، چئن ٻولين جي پهاڪن ۽ چوڻين جي ڳٽڪي، ”رُٺي آهي گهوٽ سان..........“ جو مهاڳ لکڻ پنهنجي لاءِ هڪ اعزاز سمجهان ٿو. هي مهاڳ جا ڪجهه صفحا لکندي، نه ته مان ليکڪ کي متعارف ڪري رهيو آهيان، نه ئي ڪتاب يا ڪتاب ۾ موجود مواد کي: ان يقين سان ته، ليکڪ پنهنجي پڙهندڙن ۾ ايترو ته ڄاتل سڃاتل، مقبول ۽ پيارو آهي جو ڪيترا ته منهنجي وچ ۾ اچڻ ئي برداشت نه ڪندا.
جيتريقدر ڪتاب جي مواد جو تقلق آهي، ان ۾ چئن جيئرن جاڳندن، ترقي پذير سماجن جي طبقي طور طريقين، فطري لاڙن، اخلاقي ۽ سماجي قدرن کان علاوه نفسياتي رجحانن ۽ روين جي ننڍڙين سٽن ۽ جملن يعني پهاڪن ۽ چوڻين ۾ عڪاسي ٿيل آهي. جن کي الطاف نه رڳو چونڊي گڏ ڪيو آهي، پر انهن ۾ موجود معنائن کي سندن سماج جي حوالي سان پڙهندڙ کي روشناس ڪرايو آهي، ته پوءِ منهنجو ڪم ڪهڙو ٿيو؟ بس،ا ايترو ئي ته مان هڪ پياري ماڻهوءَ ۽ ليکڪ جي اهم ڪتاب جو مهاڳ لکي رهيو آهيان. جنهن جو پهرئين ڪتاب کان ئي پڙهندڙ رهيو آهيان ۽ زندگيءَ جو پهريون غير ملڪي سفر سندس ڪتاب جي پڙهڻ جي اثر ڪري ئي ڪيو هوم، ان مقصد سان ته موٽي اچي مان به سفرنامون لکندس. اڄ جڏهن ڪيترائي ملڪ گهمي، انهن ۾ ڳچ عرصو رهي، اتان جي ماڻهن، انهن جي روين ۽ روايتن بابت گهڻو ڪجهه ڄاڻي چڪو آهيان. ڪيترائي دلچسپ، رنگين، ڏک ۽ راحت ڏيندڙ واقعا به زندگيءَ جي گذريل ڏينهن تي پنهنجا اثر ڇڏي چڪا آهن. پر اڃا تائين سفرنامي لکڻ جي همٿ ساري ڪونه سگهيو آهيان. اهو ته الطاف کي جس آهي جو ايڏي وڏي معلومات جو خزانو ترتيب سان سنڌي ماڻهن ڏانهن منتقل ڪري رهيو آهي.
انساني سماج ۾ ٽن قسمن جا ماڻهو عظيم ٿين ٿا. پهريان اهي جيڪي پيءُ ڏاڏي جي ڪمن، اعمالن ۽ اخلاقن ڪري مشهوري ماڻين ٿا ۽ پوءِ پاڻ به وڏا ڪم ڪري وڃن ٿا. ٻيا، اهي جيڪي عظيم ڪم ڪري عظمت کي رسي وڃن ٿا، ٽيان اهي جن کي دوست ۽ خليفا يا پبلڪ رليشن عظيم بڻائي ٿي. الطاف شيخ عظمت جي ٻئي نمبر واري قسم ۾ اچي ٿو ته، هن عظيم ڪم ڪري، ماڻهن کي، پنهنجي ويجهائي وارن ماڻهن کي، پنهنجي ٻولي ڄاڻيندڙ ماڻهن کي تعليم ڏئي، هن انفرميشن ٽيڪنالاجي جي دور ۾ گهڻي ۾ گهڻي ڄاڻ منتقل ڪري رهيو آهي. ڄاڻ سان گڏ ٻوليءَ ۾ نوان اصطلاح گهڙي انهن کي واهپي ۾ آڻي، ٻوليءَ کي جديد گهرجن پوريون ڪرڻ جي اهل بڻائڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي. اهو ڪم بغير ساهي پٽڻ جي لڳاتار ٽيهن سالن کان ڪري رهيو آهي، ذهني ۽ فڪري سچائيءَ سان بغير ڪنهن لالچ يا لوڀ ۽ تعريف جي محتاجيءَ جي.
ٻاراڻي ڪلاس ۾ هڪ سبق پڙهيو هئو سين ته هڪ جهاز سمنڊ ۾ ٻڏي رهيو هو. جهاز جا مڙيئي مسافر ۽ عملي جا ماڻهو پريشانيءَ وچان هيڏي هوڏي ڊوڙي رهيا هئا. پر انهن ۾ موجود هڪ ماڻهو، پنهنجي ڪرسيءَ تي آرام سان ويٺو هڪ ڪتاب پڙهي رهيو هو. پريشان ماڻهن مان ڪنهن پڇيس ته، ”جهاز ٻڏي رهيو آهي ۽ تون هتي ويٺو آرام سان پڙهي رهيو آهين؟“ جنهن جي موٽ ۾ چيائنس ته، ”جهاز ٻڏي رهيو آهي ته آءُ ڇا ٿو ڪري سگهان، هرو ڀرو پريشان ٿي پنهنجو وقت ڇو وڃايان. جهاز ٻڏي ويو ته آءُ به ٻين سان گڏ ٻڏي ويندس ۽ جيڪڏهن بچي ويس ته ڪتاب جي مطالعي مان حاصل ڪيل علم اڳتي زندگيءَ ۾ ڪم ايندو،“ الطاف جو لاڳيتو لکڻ به جهاز جي ان مسافر وانگر آهي، جيڪو وقت وڃائڻ نٿو چاهي ۽ مليل وقت جي هر پل کي هن جهاد، ڄاڻ ڏيڻ جي علمي جهاد لاءِ وقف ڪري چڪو آهي. جنهن کي هن نفسا نفسي سماج ۾ ڪابه مشڪل روڪي نٿي سگهي ۽ ڪوبه ڪم، هن ڪم کان وڌريڪ اهم نٿو لڳي.
سنڌيءَ ۾ مرزا قليچ بيگ ۽ شيخ اياز کان پوءِ الطاف شيخ ئي آهي، جنهن نه صرف گهڻو لکيو آهي پر سندس هر ڪتاب نوان پڙهندڙ پيدا ڪيا آهن. گهڻي لکڻ جي حوالي سان ٿي سگهي ٿو ته ٻيا به ڪي ليکڪ هجن، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن موضوع تي لکي ڪتابن جو انگ وڌرائيندا هجن. باقي پڙهندڙن تائين رسائي جيڪا مٿين ليکڪن کي پنهنجي دور ۾ رهي آهي، اها ٻين کي گهٽ نصيب ٿي آهي.
هي موجوده دور جو سند باد ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ابن بطوطه ۽ مارڪو پولو آهي، جنهن ڪولمبس وانگر ڀل آمريڪا جهڙو ڏورانهون ملڪ ڳولهي نه لڌو هجي. پر سنڌين جي دل جو اهڙو حصو ڳولڻ ۾ ضرور ڪامياب آهي. جنهن تي سندس حڪمراني آهي. اها حڪمراني ڪنهن تخت ۽ تاج جي محتاج ڪونه آهي. اها محبتن ۽ احساسن جي حڪومت آهي. جيڪي محبتون هن ليکڪ کي مليون آهن، ڪيترا اهڙين محبتن لاءِ تمنائون ڪندا هوندا.
الطاف مئرين انجنيئر، تعليم دان، دانشور، سفرناما لکندڙ ۽ هڪ تخليق ڪار کان علاوه فوٽو گرافر به آهي. فوٽو گرافيءَ جي ان شوق هن کي ٻاهرين ۽ سطحي تصور ڏسڻ کان علاوه تصوير ۽ منظر جي اندر ليئو پائي لڪل منظر ڏسڻ جي قوت پڻ ڏني آهي. هن پڙهندڙ جي اڳيان منظر جا مڙئي رُخ کولي رکي ٿو ۽ هن ۾ اهي منظر اندر جي اک ۽ دل جي اونهائيءَ سان ڏسڻ جي صلاحيت پيدا ڪري ٿو. اهو ئي سبب آهي جو هو جڏهن ڪنهن نظاري منظر ڪشي توڙي روين جي روشنيءَ ۾ ڪردار نگاري ڪري ٿو ته ائين ڀاسندو آهي ته اهو منظر پڙهندڙ جي اڳيان آهي ۽ ذڪر ڪيل ڪردار سان اسان جو پنهنجو واسطو پئجي رهيو آهي.
جهاز ۾ چڙهي، سفر دوران جهاز ۾ اندر ۽ ٻاهر گڏ ڪم ڪندڙ اسٽاف توڙي سمنڊ کان ٻاهر پهچڻ تي مقامي ماڻهن سان سنڌ جي ماڻهن کي اهڙي طرح واقف ڪرايو آهي جو سفرناما پڙهندڙ هر سنڌي انهن ڪردارن سان نه صرف پاڻ کي واقف ۽ لاڳاپيل سمجهي ٿو پر الطاف جي دوستن کي دوست، سٺو رويو رکندڙن کي سٺو ۽ مخالفن کي پنهنجو مخالف سمجهي ٿو. الطاف جنهن سچائيءَ سان پنهنجي ڪلاس فيلوز _ گڏ ڪم ڪندڙن ۽ واسطي ۾ ايندڙ ڪردارن سان پڙهندڙن کي شناسائي ڏئي ٿو ته پڙهندڙ کي انهن ڪردارن سان هڪ قسم جي اُنسيت پيدا ٿي پوندي آهي.
الطاف جي سفرنامن، سنڌي پڙهندڙن ۾ پهريون ڀيرو سفر ڪرڻ ۽ دنيا ڏسڻ جو اُتساهه پيدا ڪيو. مان ڪيترن اهڙن سنڌي پڙهندڙن کي ذاتي طرح سڃاڻان جن سنگاپور، ملائيشيا، ٿائيلينڊ ۽ جپان وغيره ڏانهن سفر الطاف جي سفرنامن پڙهڻ کان پوءِ ڪيو.انهن مان جن پنهنجي سفر دوران اهي مزا نه ماڻيا ۽ بوريت جو شڪار ٿيا، انهن الطاف کي ڏوهي ڄاڻايو ته وڌاءُ ڪري اُتساهه ۽ شوق ٿو پيدا ڪري. جن الطاف جي ٻڌايل حقيقتن توڙي پيش ايندڙ واقعن کان وڌيڪ ڏٺو ۽ گهميو، تن چيو ته گهڻو الطاف کان رهجي ويو آهي يا وري ڪن اخلاقي، سياسي ۽ سماجي مجبورين ڪري لکڻ کان لنوائي ويو آهي. هن پنهنجي سفرنامن ۾، پيش ايندڙ واقعن ۽ ڄاڻ کي معصومانه ۽ ٻاجهاري انداز سان نهايت سؤلو ۽ دلڪش ڪري پيش ڪيو آهي. سندس ٻولي ۽ لکڻ جو طريقو سادو، پُر لطف ۽ عام فهم آهي. جنهن مان پڙهندڙ کي تفريح سان گڏ تمام گهڻي معلومات به ڏئي ٿو. هر شيءِ کي ائين ئي بيان ڪري ٿو جيئن اها آهي يا وري جيئن هو ڏسي ٿو.
الطاف شيخ جي سفرنامن پڙهڻ سان سڀ کان اهم ڳالهه اها ڀاسندي آهي ته ليکڪ پنهنجي مطالعي ۽ ڄاڻ جي رعب رکڻ بدران پنهنجي پڙهندڙ کي معلومات ڏئي ايڊيو ڪيٽ ڪرڻ چاهي ٿو. جنهن شيءِ جي کيس ڄاڻ نه آهي ان جو اظهار ڪري ٿو. ائين ڪرڻ سان هو چين جي ان چوڻيءَ کي پنهنجي لکڻين ۾ ثابت ڪري ٿو ته، ”جيڪو پنهنجي اڻ ڄاڻائي قبول ڪري ٿو، اهو هڪ دفعو ظاهر ٿئي ٿو. پر اهو جيڪو پنهنجي اڻ ڄاڻائيءَ کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو اهو هر وقت ظاهر ٿيندو رهي ٿو.“ چين جي اها چوڻي اسان جي سماج ۾ اسان جي چوڌاري موجود اهڙن ڪردان لاءِ پڻ هڪ آئينو آهي. جيڪي پنهنجي نااهليت ۽ بي علميءَ کي مڃڻ بدران مختلف حيلن بهانن سان لڪائڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا ۽ هميشه خوار ٿين ٿا.
مغرب جا ماڻهو سفر جا ڪوڏيا ۽ موڪلون ٻين ملڪن ۾ گذارڻ کي وڏي اهميت ڏيندا آهن. ڪيترا ته سال جا ڏهه مهينا گڏهه وانگر ان ڪري ڪمائيندا آهن ته باقي ٻه مهينا دنيا جي ڪنهن حصي جو سفر ڪرڻ لاءِ ثمر ڪٺو ڪري سگهن. ان ڪري ان دنيا ۾ سفرنامه (Travelogue) ٻئي سموري ادب کان گهڻو پڙهيا ويندا آهن. اسان جا ماڻهو مغرب جي ابتڙ ڀرسان واري ڳوٺ ۾ وڃڻ کي پرديس پيا ڀاسندا آهن ۽ پرديسي سڏائيندا آهن. اهو الطاف جو ڪمال آهي ته سفرنامن کي اهڙو ته مقبول بنايو اٿئين جو هڪ سروي مطابق دعوى سان چئي سگهجي ٿو ته اڄ سنڌ ۾، ٻئي سموري ادب جي ڀيٽ ۾ سفرناما وڌيڪ پڙهيا وڃن ٿا، ۽ اهو سمورو ڪريڊٽ الطاف شيخ اڪيلي جي سِرَ تي آهي. الطاف اهي سفرنامه سنڌيءَ ۾ ۽ سنڌين لاءِ لکيا آهن پر سندس سفرنامن جي ڌاڪ ۽ مڃتا انهن ملڪن ۽ علائقن ۾ به اوتري آهي، جيتري سنڌ ۾ جو کيس ڪيترن ئي اعزازن سان نوازيو ويو آهي.
شيخ اياز جي هڪ مشاهدي ته ”سنڌ کان ٻاهر سنڌ کي موهن جي دڙي ۾ ڊاڪٽر بني بخش بلوچ جي لوڪ ادب تي ڪيل ڪم جي ڪري سڃاتو وڃي ٿو، “ جيڪڏهن اهو اضافو ڪجي ته وڌاءُ نه ٿيندو ته، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ سنڌ کي الطاف شيخ جي سفرنامن ڪري به سڃاتو وڃي ٿو. الطاف سنڌين لاءِ اهو ڪم ڪيو آهي جيڪو يورپين، خاص ڪري انگريزن ۽ عربن ارڙهين ۽ اڻوهين صديءَ ۾ مختلف ملڪن جا سفر ڪري پنهنجي ماڻهن کي انهن ماڻهن ٻولين، رسمن، روايتن ۽ ادب متعلق معلومات ڏيڻ سان گڏ، پنهنجي ٻوليءَ جي ادب کي به مالا مال ڪيو.
الطاف جو هيءُ ڪتاب، سنڌي، ملئي، چيني ۽ جپاني پهاڪن ۽ چوڻين جو مجموعو (Anthology) آهي. پهاڪن مان اصل مراد آهي ڏاهپ جو قول، نصيحت جو نڪتو، مقولو، سياڻپ جو سخن، ڪنهن واقعي جو ٿورين لفظن ۾ اشارو جيڪو ڪنهن کي مثال طور ٻڌايو وڃي. گهڻي سوچ ويچار ۽ ڳڻ ڳوت کان پوءِ ڪو پهيل مسئلو، جيڪو پوءِ ڪنهن سماجي گروهه، فيصلي يا راءِ طور قبول ڪيو هجي. اڳئين جڳ ۾ ڪنهن ڏاهي ڪو پيچيدو مسئلو پهي، ان جو ڪو آسان حل ٻڌايو هجي ۽ اهو ساڳي ٻولي واپرائيندڙ سماج ۾ قبول ڪيو ويو هجي ۽ هر ڪنهن جي وات اچي پهاڪو بڻيو هجي. مثال طور، ”صبر جنين ساڻ، تير نه گُسي تن جو“ يا ”لکيو منجهه نراڙ، قلم ڪياڙيءَ نه وهي“. اهڙي طرح ڪنهن ڏکئي وقت ڪنهن مشڪل مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ چئن چڱن ويهي، گڏيل راءِ سان ڪو فيصلو ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ ساڳئي قسم جي مامري کي حل ڪرڻ لاءِ اهو ”پهاڪو“ ٿي ڪم آيو. تنهن ڪري پهاڪي جي معنى آهي، ڳڻيل ڳوتيل ڳالهه، سوچيل سمجهيل نڪتو ۽ توريل تڪيل فيصلو يا مڃيل اصول، اهڙو قاعدو يا قانون جنهن ۾ جامع لفظن ۾ ڪا مصلحت، حڪمت، ڏاهپ ڪا نصيحت ۽ هدايت هجي.
(The Wisdom of many and the wit of the one)
پينگوئن ڊڪشنري آف پراوريس مطابق پهاڪي جي تشريح هيئن به ڪري سگهجي ٿي ته، ننڍو پر جامع ٻول، جيڪو ياد ڪرڻ ۾ سولو هجي، جنهن ۾ صلاح، خبرداري، اڳڪٿي يا تجزياتي مشاهدو بيان ڪيل هجي.
پهاڪا آڳاٽي زماني کان دنيا جي اڪثر قومن، گروهن ۽ قبيلن ۾ رائج رهيا آهن. قديم هند، چين، روم، يونان عرب، ترڪ ۽ ايران سميت مشرق ۽ مغرب جي ترقي يافته، ترقي پذير توڙي پوئتي پيل سماجي گروهن ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون سندن ذهني اوسر، نفسياتي رجحانن ۽ طبعي لاڙن جا ڀرپور اهڃاڻ آهن. پهاڪا انسانذات جي ڏاهپ ۽ ظرافت جا عجيب اظهار آهن. جن ذريعي هر گروهه پنهنجي ملڪ ۽ ماحول، پنهنجي سماجي ۽ فطري لاڙن ۽ ٻوليءَ جي وسعت، لفظي سٽاءَ ۽ معنوي نزاڪت مطابق صدين جا تجربا نروار ڪري ٿو. پهاڪا، ٻوليءَ ۾ انساني جيوت جي آتم ڪهاڻي آهي. هي قومن جي زباني يعني اڻ لکيل تاريخ آهن. ڪنهن به قوم جي سچي سماجي تاريخ يعني علمي، ادبي ثقافتي، نفسياتي اوسر، ڪمال ۽ زوال، حرفت ۽ هنر، رنج ۽ راحت، رسم ۽ رواج، مجسلي رنگ ۽ ڍنگ. انساني سڀاءَ رويا معلوم ڪرڻ لاءِ ان قوم جي لوڪ ادب جو سائنسي اڀياس وڏي مدد ڏئي ٿو. لوڪ ادب جي اهم صنف پهاڪا وري اهڙي اڀياس لاءِ جيڪو مواد مهيا ڪن ٿا، اهو معاشري جون سچايون اهڙي ته چٽائيءَ سان پيش ڪري ٿو جو مستند تاريخ معلوم ڪرڻ لاءِ بنياد ملي پوي ٿو.
پهاڪا ظاهر ۾ ته هڪ ئي سماج ۽ ان ۾ رهندڙ مختلف گروهن جي سوچ ۽ فڪر جو اظهار نظر ايندا آهن. پر اصل ۾ اهي ان سماج جي اڳ جي تاريخ يعني ٻاهران آيل ماڻهن جي اچي آباد ٿيڻ، مختلف تباهين يا جنگين جي نتيجن ۾ پيدا ٿيل حالتن ۾ اُسرندڙ فڪر ۽ مسلسل جدوجهد جو اظهار به هوندا آهن.
پهاڪا لوڪ ڏاهپ جا اهڃاڻ آهن. جيڪي اخلاقي به ٿي سگهن ٿا ۽ ضروري ناهي ته اهي اهڙي سچائيءَ تي ٻڌل هجن، جيڪا هر ڪنهن لاءِ قابل قبول هجي. مثال طور؛ ”ڄٽ ۽ ڦٽ چڱو“ سان ڪيترائي سهمت نه هوندا. هي ڏاهپ جا اهي نسخا آهن، جيڪي هڪ نسل جي فڪر ۽ ويچار کي بغير ٺاهه ٺوهه جي ٻين تائين پهچائين ٿا.
چئن مختلف سماجن مان چونڊيل هي پهاڪا ۽ چوڻيون رڳو هڪ مرڪب مجموعو ڪونه آهن پر چئن ملڪن جي عوام جي سماجي تاريخ انهن ۾ لڪل آهي. جنهن ذريعي عوام جي ذهني سوچ ۽ ارتقا کان علاوه سندن ثقافت ۽ نفسياتي لاڙن جي سُڌ پڻ پڙهندڙ کي ملندي. چئني سماجن ۾ استعمال ٿيندڙ پهاڪا ۽ چوڻيون الڳ الڳ ڀاڱن ۾ ڏئي هر هڪ پهاڪي جي سمجهاڻي ۽ وضاحت ڏنل آهي. انهن مختلف ملڪن جا پهاڪا هڪ هنڌ ڏسي شايد ڪي پڙهندڙ ۽ عالم اها تقاضا ڪن ته انهن جو ڀيٽا اڀياس ڏنو وڃي ها. پر جدا جدا قسم جي سماجن ۽ انهن جي الڳ جوڙ جڪ جي ڪري انهن روين جي سوچ جي اظهار لاءِ جيڪڏهن هڪجهڙا پهاڪا ميسر آهن ته انهن جي ڀيٽ مثالن سان ڪئي وئي آهي.
هن مجموعي ۾ وڏو حصو سنڌي پهاڪن جو آهي. سنڌي زبان جي مختلف پهاڪن، اصطلاحن ۽ چوڻين کي وقت به وقت گڏ ڪري ڇپايو پئي ويو آهي. جنهن جي هر دؤر ۾ الڳ الڳ اهميت ۽ ڪارڻ رهيو آهي. 1853ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي معياري صورتخطي مقرر ٿيڻ کان پوءِ ضرورت ٿي ته گهڻي ۾ گهڻا ڪتاب شايع ٿين. سنڌيءَ ۾ ڪتابن لکڻ تي انعام به رکيا ويا. پهاڪن جي اهميت ۽ ننڍڙي جملي ۾ وڏي ڳالهه سمايل واري سوچ کي نظر ۾ رکندي پهاڪا گڏ ڪيا ويا ته وري انگريز عملدارن کي سنڌيءَ سان واهپي ۾ ۽ وڌيڪ ويجهو آڻڻ لاءِ سنڌي پهاڪا گڏ ڪري انهن جي انگريزيءَ ۾ معنى ڏني وئي. ڪن عالمن وري اسڪولي شاگردن جي سماجي شعور ۽ ٻوليءَ جي سمجهه ۽ واڌ آڻڻ لاءِ انهن کي جوڙي سمجهاڻيون ڏنيون. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ گڏ ڪيل پهاڪن ۾ وري پهاڪن جو تاريخي پس منظر، انهن ۾ لڪل سماجي ۽ تاريخي واقعن جي سمجهاڻيءَ کان علاوه پهاڪن جي بنياد لهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
سنڌ کان علاوه ڀارت ۾ به ڪيترا سنڌي اديب پهاڪا گڏ ڪري ڇپائي رهيا آهن. انهن تائين دسترس نه هجڻ ڪري چئي نٿو سگهجي ته انهن پهاڪن کي گڏ ڪري ڇپائڻ جو مقصد ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته اها ڳالهه روشن سج وانگر چٽي ۽ سگهاري آهي ته اهو سمورو علمي ڪم ٻوليءَ ۽ ان جي لوڪ ادب جي خزاني ۾ واڌاري کان علاوه سماجي اوسر ۽ ٿيندڙ تبديلين کي سمجهڻ ۾ وڏو مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. اڳ جا جمع ڪيل پهاڪا، هڪ خاص سماج ۾ اُسريل هئا. اڄ جڏهن ٻوليءَ کي اهو ساڳيو سماج ميسر نه آهي ته ڪيترائي اڳ جا پهاڪا، پنهنجي اصل سمجهاڻي ۽ مفهوم وڃائي ويٺا آهن. ان جي بدران نئين سماج ۾ نوان پهاڪا اُسري رهيا آهن ۽ پراڻا پهاڪا نئين تبديل ٿيندڙ سماج جي گهرجن مطابق تبديل ٿي رهيا آهن.
الطاف جي گڏ ڪيل پهاڪن جو هي ڳٽڪو، ٻوليءَ جي ايندڙ محقق کي پڻ اڄ جي استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ ۾ اڳ جا رائج پهاڪا، هن دور جي ٻوليءَ جي روايتن کي سمجهڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. الطاف ڪوشش ڪري هر پهاڪي جي معنى ۽ سمجهاڻي ڏيڻ کان علاوه استعمال ڪرڻ جي مقصد جي اپٽار ڪئي آهي. جنهن سان ٻولي ۽ ان جي واهپي واري سماج سان گهٽ واسطو رکندڙ ماڻهوءَ کي پڻ پهاڪو سمجهڻ ۽ پنهنجي مرضيءَ ۽ ضرورت مطابق استعمال ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
پهاڪا هڪ سيني کي ٻئي سيني تائين ۽ هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين هلندا، موجوده روپ ۾ پهتا آهن. تنهن ڪري لفظن ۾ ٿوري ڦير ڦار ضرور آئي هوندي؛ ٿي سگهي ٿو ته ڪي پڙهندڙ اهو محسوس ڪن ته اهو پهاڪو ائين نه، هيئن هجڻ گهرجي؛ مثال طور ڪتاب ۾ آيل پهريون پهاڪو:
”مئو مري به نٿو، مئي کان سواءِ سري به نٿي“
ڪنهن وري اهو پهاڪو هئين ٻڌو هجي ته،
”مئو نه ٿو مري، نڪو ٿو منجو ڇڏي“
انهن ٻنهي پهاڪن ۾ نه صرف لفظن جو فرق آهي، پر مفهوم ۽ مقصد به ڌار ڌار آهي. هڪ ٻيو پهاڪو آهي،
”مينهن پنهنجي ڪارنهن ڏسي ڪانه، گانءِ کي چوي هل ڙي پڇ ڪاري“
ڪاري ٻيو وري هيئن چوي ته:
”مينهن پنهنجي ڪارنهن نه ڏسي، ڳئونءَ کي چوي هل ڙي پڇ ڪاري“
هن پهاڪي ۾ رڳو لفظن جي ڦير ڦار آهي. گانءِ لفظ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سنڌي هندو ڳئونءَ لاءِ استعمال ڪندا هئا. هاڻي جڏهن سنڌي هندو موجوده سنڌي سماج ۾ هڪ ننڍڙي ۽ بي اثر ٿورائي آهي. تڏهن اهڙي قسم جا لفظ به استعمال ۾ ڪونه رهيا آهن ۽ تمام گهٽ سنڌي گانءِ استعمال جا لفظ به استعمال ٿا ڪن ۽ ٿي سگهي ٿو ته ان جي معنى به نه سمجهندا هجن. اهڙي طرح ڪنهن عمل تي پڇتاءُ ڪندي ڪو چوي ته، ادا، ”مون گانءِ کاڌي“ ته شايد ئي ڪو ان ۾ لڪل مقصد سمجهي سگهي جو اهڙي قسم جا اصطلاح يعني ”گانءِ کائڻ“ اڄ جي سنڌي سماج ۾ گهٽ استعمال ۾ آهن.
گهڻا سنڌي پهاڪا نج سنڌيءَ ۾ هجڻ ڪري، اڄ جي سنڌيءَ جنهن جي ٻوليءَ تي ٻين ڌارين لاڳاپي ۾ ايندڙ ٻولين جو اثر آهي لاءِ سمجهڻ شايد ڏکيا ٿين. الطاف کي ان ڳالهه جو احساس آهي، تنهن ڪري نه رڳو پهاڪي جي سؤلي سنڌيءَ ۾ سمجهاڻي ڏني اٿائين پر جتي ضرورت محسوس ڪئي اٿائين، اتي جو استعمال ۽ وڌيڪ سمجهاڻيءَ لاءِ ساڳي معنى وارو ٻيو پهاڪو به ڏنو اٿائين. مثال طور:
”خالي چڙو، وڄي گهڻو“
جي سمجهاڻي ڏئي ٻيو پهاڪو به ڏنو اٿائين ته، ”سکڻي ڪُني گهڻو اڀامي.“ يا وري ”کيتي سِر سيتي“ جي سمجهاڻيءَ ۾ اهو ڏيڻ ته، ”ٻنيءَ لاءِ سٺو ڀاڻ، زميندار جي جُتيءَ جي مٽي آهي.“
بهر حال جتي به ضرورت محسوس ڪئي اٿائين يا ڪو ٻيو اهڙي معنى ۽ مفهوم وارو پهاڪو سجهي آيو اٿس ته اهو به سمجهاڻيءَ خاطر ڏنو اٿائين ته ڪٿي ٻين ٻولين ۽ سماجن ۾ استعمال ٿيندڙ ساڳي معنى وارا پهاڪا ۽ چوڻيون به ڏنيون اٿائين.
مثال طور؛ ”اُماڙ ڏنل ڪتي، تارا ڏسي ڊڄي“ جي سمجهاڻيءَ ۾ اردو ۽ جپاني سماج مان پهاڪا ڏنا اٿائين. اهڙي طرح هن مجموعي ۾ مٿي ذڪر ڪيل چئن ٻولين کان علاوه، انگريزي، روسي، ٿائي ۽ اردوءَ جي ڪيترن پهاڪن کان به روشناس ڪرايو اٿائين.
سنڌ کان علاوه ٻين ٽن ايشيائي ملڪن جي پهاڪن کان سنڌين کي روشناس ڪرائڻ وارو الطاف جو ڪم نهايت ساراهه جوڳو آهي. الطاف، جيڪو اڳ مختلف ملڪن جا، اتان جي ترقي ۽ ماڻهن جي رسم رواج ۽ قاعدن قانون کان سنڌي پڙهندڙن کي واقف ڪندو رهيو. هاڻي انهن مان ڪجهه سماجن مان پهاڪا ۽ چوڻيون چونڊ ڪري، سنڌيءَ ماڻهوءَ کي انهن سماجن جي نفسياتي رجحانن ۽ فطري لاڙن کان پڻ واقف ڪيو آهي. پهاڪن ۽ چوڻين ذريعي ڏنل ان معلومات مان لڳي ٿو ته، اهي ٽئي سماج، سماجي روين ۽ عقيدن ۾ سنڌي سماج سان ڪافي مشابهت رکن ٿا. مثال طور عورت بابت پهاڪا، ويساهه ۽ چوڻيون ظاهر ڪن ٿيون ته انهن سماجن ۾ به سنڌي سماج وانگر، عورت جي حيثيت ٻئي درجي واري آهي. هن مجموعي ۾ گهڻي ۾ گهڻا پهاڪا عورت بابت ڏنل آهي، جيڪي گهڻو ڪري عورت جي خلاف آهن.
هن باشعور، انصاف پسند ۽ ترقي پسند سوچ جي ماڻهوءَ وانگر، الطاف به عورتن بابت تسليم ٿيل ۽ رائج پهاڪن کي ناانصافي ۽ نا برابريءَ تي ٻڌل سمجهي ٿو. ان جي ڪارڻن جو جائزو وٺندي چئي ڏئي ٿو ته، ”جڏهن دنيا ۾ اديب، اخبار نويس، پرنٽر، پبلشر گهڻا مرد حضرات هوندا ته پوءِ ظاهر آهي اهڙي ڳالهه عورت لاءِ ئي چئي ويندي. مثال لاءِ ”عورت کي عقل ڏائي کڙيءَ ۾ ٿئي ٿو“ ڏٺو اٿائين. پر وري ڪٿي ڀوڳ جي موڊ ۾ آهي ته عورت بابت لطيفا ٻڌائيندي به هٻڪيو ڪونه آهي. جيئن عورت جي راز دل ۾ نه رکڻ واري عادت جو ذڪر ڪندي، چيني پهاڪن واري ڀاڱي ۾ هڪ گفتگو جو ذڪر ڪري ٿو ته؛
ڪنهن پڇيو ته، ڪميونيڪيشن يعني نياپو پهچائڻ جو سڀ کان تکو طريقو ڪهڙو آهي _ ؟
ٽيليفون. ٽيليفڪيس ........ ڀلا ٽيليويزن _ ؟
نه، انهن مڙني کان وڌيڪ ٽيل _ اي _ وومن (Tell a woman) آهي.
گڏيل ۽ هڪ جهڙن موضوعن کان علاوه هر سماج جي پنهنجي الڳ سڃاڻپ پڻ پهاڪن ذريعي ٿئي ٿي. جيئن ملئي پهاڪن ۽ چوڻين مان ظاهر ٿئي ٿو ته ملئي سماج ۾ جانور، مڇيون، جيت جڻيا، ڏيڏر، واڳون ۽ نانگ بلائون، ڏينڀو ۽ ڪوريئڙو نهايت اهم آهن. ڪيترائي پهاڪا انهن جي ذڪر ۽ عادتن جي مشاهدي تي ٻڌل آهن. مينهن، ساوڪ ۽ چراگاهه به هن سماج ۾ وڏي اهميت رکن ٿا ۽ عام جام آهن. چيني سماج ۾ وري وقت جي اهميت کان علاوه سفر ڪرڻ جي اهميت آهي، جو ”هڪ هفتو ٻاهر رهڻ کي گهر ۾ هزار هفتا رهڻ تي فوقيت آهي.“ اهڙي طرح هي پهاڪو ته، ”سون جو انچ، وقت جو هڪ انچ به نٿو خريد ڪري سگهي.“ واضح ڪري ٿو ته چيني سماج ۾ وقت جي اهميت، دنيا جي ڪيترن سماجن کان وڌيڪ آهي. جيئن انگريز سماج ۾ مڃيل چوڻي آهي ۽ اسان وٽ به اڄ ڪلهه مشهور ٿي رهي آهي ته:
وقت دولت آهي، ضايع نه ڪيو. Time is money don’t waste it
ساڳئي نموني چپان جي مشيني ڀڄ ڀڄان واري سماج جي هن هڪڙي مثال مان ئي ثابتي ملي ٿي. جڏهن الطاف هڪ بوڪ اسٽال تان شاعريءَ جو ڪتاب وٺندڙ ڇوڪريءَ سان گفتگو ڪئي.
”شادي شده آهيو _؟ مون پڇيو مانس
”نه“ هن وراڻيو.
”پڪ توهان جو آئيڊيل مڙس شاعر هوندو.“
”باهه ڏيان شاعر کي، ان کان ته ڪنهن رازي، واڍي، ڪنڀار يا لوهار سان شادي ڪرڻ پسند ڪنديس، ها البت شاعري پسند اٿم.“
ڪيترا سياح، چيني، ملئي توڙي جپاني سماجن کي هڪ ئي سماج جون شاخون چون ٿا. ان سلسلي ۾ هو ماڻهن جي طبعي بناوت، کائڻ، پيئڻ ۽ پچائڻ جي طور طريقن، توڙي هڪجهڙي موسم کي مثال بڻائين ٿا. بهرحال انهن سماجن کان علاوه سامي لوڪن جي سماج ۾ به پهاڪن، اصطلاحن ۽ چوڻين کي وڏي اهميت حاصل آهي. يهودين ۽ عربن ۾ ته اڄ سوڌو خاص احتياط ۽ اهتمام سان پهاڪا جوڙيا ويندا آهن. انهن جي استعمال ڪندڙن کي عزت، مان ۽ بزرگي واري حيثيت ڏني ويندي آهي. عرب ۽ اسرائيل جا فلالا جسٽ (Philologists) توڙي جديد مشرقي تهذيب ۽ لوڪ ادب جا ماهر (Orientalist and folklorists) پهاڪن کي گڏ ڪرڻ ۽ انهن جون سمجهاڻيون ڏيڻ ۾ مصروف رهيا آهن.
پهاڪا تاريخ جي ٿلهن ڪتابن مان هٿ ڪونه ايندا آهن جوانهن جو جنم ڪتابن ۾ نه، پر عوام جي دلين ۾ ٿيندو آهي. اهي دليون ڦولهي پهاڪا گڏ ڪرڻ، ڪنهن جوهري ۽ وينجهار جو ڪم آهي. الطاف بيشڪ اهو وينجهار آهي، جنهن ڪيترا اهڙا پهاڪا هن ڪتاب ۾ آندا آهن، جيڪي اڳ جي ڪتابن ۾ آيل ڪونه آهن. هي الطاف جو وڏو ۽ اهم پورهيو آهي ۽ پورهيو ڪوبه اجايو ڪونه ويندو آهي. الطاف جو هي پورهيو گهڻن کي اتساهه ڏياريندو ۽ هن کان پوءِ ان سلسلي جو وڏو ڪم ٿيندو. جنهن ۾ اڳ ڇپيل ۽ ٻين نون پهاڪن کي عوام جي سينن مان ڪڍي، هڪ هنڌ گڏ ڪري علمي ۽ سماجي تشريحون ڏيئي، تاريخي واقعن سان ڀيٽي پيش ڪيو ويندو ۽ الطاف جو هي پورهيو اهڙي طرح ساب پوندو ۽ پنهنجو ملهه ماڻيندو.
هي ڪتاب پنهنجو ملهه پاڻ مقرر ڪندو، تعريف، واکاڻ يا ويا کيا ڪرڻ شايد اهڙي قسم جي ڪتاب تي ڪو خاص اثر نه وجهي.
قاسم ٻگهيو
سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو
26 مارچ 1995ع