الطاف شيخ جا تازا شايع ٿيل سفرناما
هن ڪتاب مان کنيل: پندرهن ويهه سال اڳ تائين هي يورپي بندرگاهه اگهاڙپ، اگهاڙن، ناچن، اگهاڙين فلمن، چڪلن کان مشهور هئا جن ۾ مڪاني ڊچ، جرمن، پولش، ڊئنش ڇوڪريون پنهنجي جسم جي نمائش يا سودي بازي ڪنديون هيون. هاڻ يورپ جي ايڪانامي اها خراب نه رهي آهي جيڪا ٻي وڏي لڙائيءَ کان پوءِ ڪيترا ڏهاڪا سال رهي. هاڻ ته اهو ڦيرو آيو آهي جو گس ويندي به ڪا يورپي ڇوڪري نٿي ڳالهائي. مجبوري ۽ غربت انسان کي چور ۽ رنڊي بنائي ٿي. اڄ يورپ جو غريب به سکيو ستابو آهي. بندرگاهن واريون گهٽيون جيڪي يورپي عورتن جي چڪلن ۽ ناچ گهرن سان ڀريل هونديون هيون، انهن ۾ هاڻ آفيسون ۽ دڪان ٿيندا وڃن ۽ جيڪي ڪجهه چڪلا ۽ ناچ گهر ايڪڙ ٻيڪڙ آهن، انهن ۾ ورلي ڪا يورپي عورت جسم جي نمائش يا سودو ڪري ٿي. مون نائيٽ ڪلبن جي ٻاهران لڳل اڌ اگهاڙين نچندڙ عورتن جا فوٽو غور سان ڏٺا، منجهن ڪابه يورپي عورت نظر نه آئي. ٿائي، فلپينو، چيني ۽ آمريڪن ملڪن جون هيون. يورپي توڙي ايشين آفريڪن _ ڪابه عورت خوشيءَ سان رنڊي نٿي ٿيڻ چاهي. ”کيس ۽ سندس ٻچن جي سار سنڀال لاءِ سندس مڙس، سندس معاشرو، سندس ملڪ عزت جا ٻه ويلا مهيا ڪري ته هوءَ ڪڏهن به جسم جو سودو نه ڪري.“ ٽيونيشيا جي هڪ عورت جو اخبار ۾ بيان آيو هو ته هوءَ پنهنجي ملڪ ۾ نرس هئي. ”پوءِ ٻاهر نوڪري ڏياريندڙ ايجنسيءَ جي لالچ ۾ آئون ان نوڪريءَ تان استعيفى ڏئي، رکيل پئسو پونجي ايجنٽ کي في ۽ ٽڪيٽ طور ڏئي جڏهن فرانس پهتس ته خبر پئي ته مون کي اتي جي اسپتال ۾ سٺي پگهار تي نرس ٿي ڪم ڪرڻ بدران شراب خاني ۾ روزانو گراهڪن کي خوش ڪرڻو آهي. مون گهڻو ئي Protest ڪيو، پر مالڪ مون کي چٺ ۽ لٺ ڏيکاري مڃرائڻ لڳو. ڀڄي وڃڻ جي راهه نه هئي جو مون کي غير قانوني طور آندو ويو هو ۽ پاسپورٽ پهرين ڏينهن کان مالڪ پاڻ وٽ سوگهو ڪري ڇڏيو هو. پوليس ۾ دانهن کڻي وڃڻ تي پوليس پنهنجي ملڪ جي ماڻهوءَ جو پاسو کڻي غير قانوني آيل کي جيل روانو ڪري ٿي ۽ ان بعد هٿين خالي ملڪ پهچڻ جو الڳ خوف. ان هوندي به هڪ ٻه دفعو ڀڄي نڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ تي مون کي سخت ماريو ويو. هاڻ ان نشي ۾ اهڙي سوگهي ٿي وئي آهيان جو منهنجو ڏينهن رات فقط اهو مقصد رهيو آهي ته نشو حاصل ڪريان ۽ ان لاءِ ڀلي مون کي ڇا به ڪرڻو پوي.“