لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

رٺي آهي گهوٽ سان

”رٺي آهي گهوٽَ سان“ ڪِتاب پهاڪن ۽ چوڻين جو مجموعو آهي. هن ڪِتاب جو پهريون ڇاپو ”نيو فيلڊس“ پبليڪيشن وارن 1996ع ۾ ڇپرايو. هن ۾ الطاف شيخ پنهنجي ملڪ ۽ ڪجهه ٻين ملڪن جا گڏ ڪيل پهاڪا ڏنا آهن. ڪيترن پهاڪن سان گڏ هن دلچسپ سمجھاڻيون ۽ چرچا لکيا آهن.
  • 4.5/5.0
  • 4114
  • 1238
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book رٺي آهي گهوٽ سان

جپاني پهاڪا ۽ چوڻيون

JAPANESE PROVERBS




• هوٽل ۾ مانيءَ جي لذت جو مدار خذمتگار ڇوڪريءَ جي سونهن تي آهي.
(جن هوٽلن ۾ ماني سٺي نه هجي، ان ۾ گهٽ ۾ گهٽ خذمتگار ڇوڪرين جا چهرا ته چڱا هئڻ کپن. پر چوندا آهن ته مانيءَ جو شوقين مينو پيش ڪندڙ ڇوڪريءَ ڏي نهارڻ کان اڳ مينو کي غور سان جانچي ٿو)
• غربت انسان جي خوشي گهٽايو ڇڏي.
• نانگ کان وڌيڪ عورت کان خبردار رهجي.
(خبر ناهي ڪهڙي خيال کان جپاني مرد لاءِ جپاني عورت خطرناڪ آهي. ڌارين ماڻهن کي جپان ۾ رهڻ بعد ان جي ابتڙ محسوس ٿئي ٿو)
• ٽوڪيو ۾ جيڪا تڪليف رسي، ان جو بدلو ناگا ساڪيءَ ۾ نه وٺجي.
(هڪڙي جي ڏوهه جي سزا ٻئي کي ڏيڻ نه جڳائي)
• پنهنجي ڀاڳ جي نجومين کي به خبر نٿي پوي.
(اها ڳالهه صحيح آهي ۽ پوءِ جڏهن نجومين کي پنهنجي ڀاڳ جي به خبر نه آهي ته پوءِ ٻين جي مستقبل جي ڇا ڄاڻ ڏيندا.
اتر هندستان جي الور جي مهاراجا سري سوائي جئيسنگهه هزار رپيا هڪ ڏينهن جي حساب سان هفتي کن لاءِ بمبئيءَ جو وڏو نجومي مسٽر الاسٽر گهرايو. ساڻس ٻين به ڪيترن انعام اڪرامن ڏيڻ جو وعدو ڪيو ويو هو. مقرر وقت تي جڏهن نجومي الور اسٽيشن تي پهتو ته سندس آڌر ڀاءُ لاءِ ڪير به نه آيو. سڄي رات هو اسٽيشن تي ڌڪا کائي ٻئي ڏينهن ٽانگي ۾ چڙهي مهاراجا جي محلات تي پهتو پر دربان ۽ سپاهين کيس مهاراجا سان ملڻ جي موڪل ڏيڻ بدران کڻي جيل اماڻيو. يڪو مهينو جيل ۾ دانهون ڪوڪون ڪندو رهيو ۽ خوار ٿيندو رهيو. ان بعد هن کي جيل مان ڪڍي مهاراجا آڏو پيش ڪيو ويو. نجوميءَ پنهنجي غم جو داستان ٻڌائيندي چيو.
”مون کي اهڙي خبر هجي ها ته الور پهچڻ تي مون سان هيءَ تعدي ٿيندي ته آئون جيڪر بمبئي ڇڏيان ئي نه ها.“
مهاراجا همدرديءَ ڪرڻ بدران چيو: ”تو لاءِ اها سيکت ضروري هئي. جڏهن توکي پنهنجي ٻئي ڏينهن جي خبر نٿي پوي ته سڀاڻي ڇا ٿيڻو آهي ته مون کي سڄي سال جو حال ڪيئن ٻڌائي سگهندين؟“)
• پاڻ ۾ ايترو قرب جيترو منڊارين بدڪن جو.
(منڊراين چيني بدڪن جو قسم آهي، جن جو هر وقت نر مادي جوڙو جوڙو ٿي هلي ٿو ۽ کن ساعت لاءِ به هو هڪ ٻئي کان جدا نه ٿين)
• سٺو جوڙ ۽ سٺو موقعو حاصل ڪرڻ لاءِ صبر ضروري آهي.
(صبر جو ڦل مٺو ٿئي ٿو ۽ تڪڙ ڪم شيطان جو ثابت ٿئي ٿو)
• گهرو ويڙهه ۽ اتراهين هوائن ۾ هڪ ڳالهه ساڳي آهي. شام ڌاري ٻئي ٺاپر ۾ اچيو وڃن.
• پئسو آهي ته ڌاريان به سلامي ڀرين ٿا. غربت ۾ ويجها مائٽ به ڇڏيو ڏين.
(سکئي جو سڀ ڪو سلامي، غريب کي ڪو ليکي ڪونه)
• گانگٽ جو سردار گانگٽ ئي هوندو آهي.
• ستل ڍڳيءَ مٿان ڪچرو اڇلڻ.
(ڪمزور ۽ غريب ماڻهوءَ مٿان بهتان هڻڻ)
• شراب کان پاسو ڪرڻ تي جيڪو پئسو بچي ٿو، ان مان ڪوبه محلات نٿو ٺهرائي سگهي.
(ويلي بچائڻ ۾ ڪهڙا ڪوٽ ٺهرائي سگهبا)
(هڪ دوست ٻئي کي سگريٽن پيئڻ کان منع ڪندي چيو: ”ڏس تون روزانو ڏهه سگريٽ پئين ٿو، يعني ويهين رپئي جا. سي مهيني ۾ ٿيا ڇهه سؤ رپيا ۽ سال ۾ ست هزار رپيا کن ۽ ڏهن سالن ۾ ستر هزار ۽ جي گذريل ٽيهه سال سگريٽ نه پئين ها ته سوا ٻه لک رپيا هجنئي ها، جنهن جو گهر ٺهرائي سگهين ها.“
ٻئي همراهه سڄي ڳالهه ٻڌي پهرين کي چيو: ”چڱو ڀلا تون ته چاليهه سالن کان سگريٽ نٿو پين. تون ٻڌاءِ سگريٽ جي بچيل پئسن مان ڪهڙو گهر ٺهرايو اٿئي؟“)
• درياهه تي پاڻي کڻي هلڻ.
(بيوقوفي ڪرڻ)
• سخت طوفان به جبلن کي ريڙهيو نٿا سگهن.
• ڍڳي جي پڇ کان بهتر آهي ته ڪڪڙ جو وات ٿجي.
• وقتي طور عقلمند پاڻ کي بيوقوف به سڏائي ٿو.
• اهو تتر جيڪو ٻولڻ کان گريز ڪري ٿو شڪار ٿيڻ کان بچي سگهي ٿو.
• ڪالهه جو دشمن اڄ جو ساٿي.
• پئسو سو ملي باقي فقير هر هڪ ڏي مرڪي نهاري ٿو.
• پنهنجي غلطي مڃڻ ڏاهپ جي نشاني آهي.
• حد کان وڌيڪ گهرائي مصيبتون پيدا ڪري ٿي.
• (جيئن سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته: ”هجتي لعني“ يا انگريزيءَ ۾ آهي ته ( Familiarity breeds contempt
• عطر جي چور مان خوشبوءِ ئي ايندي.
• ڀاڻ جيترو به ڪم نه اچڻ
(بيحد بيڪار ماڻهو)
• ڊگهي تقرير اٻاسيون پيدا ڪري ٿي.
• ڪڏهن ڪڏهن سڌي وڻ جون به ڦڏيون شاخون ٿين.
• هر ڪا ٻلي ڪئا کائي ٿي، هر سرڪاري ڪامورو رشوت کائي ٿو.
• شراب، جوا ۽ رنڊي بازي اهڙا فعل آهن، جيڪي ماڻهن جي تباهي آڻين ٿا.
• چور ڪجهه نه ڪجهه پٺيان ڇڏيو وڃي، پر باهه سڀ ڪجهه تباهه ڪريو وڃي.
• کڻي ڪنهن جو ماءُ پيءُ مري ويو هجي ته به ماني کائڻ بعد ڪجهه دير آرام ڪجي.
• مقابلي جي ڇٽهين ئي طريقن مان بهترين طريقو ڀڄڻ آهي.
(يعني جتي پڄي نه سگهجي اتي ڀڄي جان ڇڏائجي)
• سادو ماڻهو پنهنجو در هڪ انچ کليل ڇڏي ٿو، بيوقوف ٽي انچ ۽ چريو در کي بند ئي نٿو ڪري.
• ڊيوٽيءَ لاءِ اون ۽ جسم تي گوڏ هر وقت گڏ گڏ هجي.
• اس ۾ سڙيل (ڏينهن لڳل) مينهن، چنڊ کي به تتل سج سمجهي ڇر ڪيو وڃي.
• هر ڳالهه ٿڌي دماغ سان سوچجي.
(ذري پرزي ڳالهه تي جوش يا چڙ نه ڪجي. دماغ کي ٿڌو رکجي. اهڙي ماڻهوءَ کي بلڊ پريشر ۽ دل جون بيماريون به گهٽ لڳن ٿيون ۽ زندگيءَ ۾ ڪامياب به رهي ٿو.
انگريزيءَ جي مشهور اديب برنارڊشا کان ڪنهن صحافيءَ پڇيو: ”توهان جي وڏي عمر جو ڪهڙو راز آهي؟“
هن جواب ڏنو: ”آئون هميشه مٿو ٿڌو ۽ پير گرم رکان ٿو.“
صحافي هن جي ان قول کي اخبار ۾ ڇاپيو. ماڻهو عمر وڌائڻ لاءِ مٿي تي برف رکڻ لڳا ۽ پير باهه تي سيڪڻ لڳا. نتيجي ۾ سڄي شهر ۾ نمونيا وڌڻ لڳي. هوسڀ احتجاجي جلوس جي شڪل ۾ برنارڊشا جي در تي پهتا.
برنارڊشا هنن کي چيو: ”مٿو ٿڌو رکڻ سان منهنجو مطلب هو ته مون کي ڪاوڙ ڪڏهن به نٿي اچي ۽ پير گرم رکڻ سان منهنجي مراد هئي ته آئون هميشه پنڌ هلان ٿو.“)
• تنهنجي صلاح پنجن ڊالرن مٽ آهي، پر تنهنجو صبر ڏهن برابر آهي.
(يعني جيسين ڪو صلاح نه گهري ته ماٺ ۾ رهڻ کپي)
• هاري ٻج ڇٽڻ تي ڪانگ کوٽي ڪڍڻ تي.
• شڪست (هار) کاڌل جنرل کي پنهنجين جنگين جو ذڪر ڪرڻ نه جڳائي.
(ان تي جپاني ڪيترو عمل ڪن ٿا، ان جوا ندازو انهن خودڪشين مان لڳائي سگهجي ٿو، جيڪي جپانين ٻي وڏي لڙائي هارائڻ بعد شرم کان ڪيون)
• ٽاچني توڙي کڻي ننڍي آهي پر ڳهي نٿي سگهجي.
• گهر جي ڪامن کي اڏوهي لڳي سگهي ٿي، پر در جي هٿئي کي هرگز نه.
(اها شيءِ جيڪا هر وقت استعمال ۾ آهي، ان کي جيت جڻيون نٿو لڳي)
• ويندي ڀلن گهوڙن کي به ڪڏهن ڪڏهن چهبڪ جي ضرورت پوي ٿي.
• کائڻ جون چاپ اسٽڪس ڊگهيون چونڊجن، ليڊري لاءِ طاقتور ماڻهو ڳولجن.
• نانگ جي وات ۾ ڏيڏر.
(هي سنڌيءَ ۾ پڻ پهاڪو آهي. معنى عجيب صورت ۾ ڦاسڻ. وات ۾ ڏيڏر معنى ڳهڻ به ڏکيو ته ڪڍڻ به ڏکيو. يا ٻي معنى ۾ ”ماٺ ڪيان ته مشرڪ ڪڇان ته ڪافر“)
• نانگ اڳيان ڏيڏر جو اچڻ.
(عجيب مصيبت ۾ ڦاسڻ، يعني ڏيڏر لاءِ ڏکيو وقت اچڻ)
• بانس جي لڙهي ۾ وجهڻ سان نانگ سڌو نٿو ٿئي.
• شڪار ناهي ته سٺا تير ڪمان ۽ ڪتا به ڌوڙ پيا پائين.
(جنهن شيءِ ۾ انسان جي ضرورت پوي ٿي ان جي هو پڇا ۽ اڻ تڻ رکي ٿو)
• کنوڻ گوڙ کان خراب آهي.
(ظاهر آهي ته گوڙ فقط آواز پيدا ڪري ٿي پر کنوڻ جنهن ۾ اليڪٽرڪ ڪرنٽ آهي، ماڻهو ماريو رکي)
• ڪن هنڌن تي نر ڪڪڙ بدران مادي ڪڪڙ ٻانگ ڏئي ٿي.
• اهو گهر جنهن ۾ سج جي آمد ناهي، اتي ڊاڪٽر جو اچڻ عام رهي ٿو.
• ڪابه شيءِ بيڪار ناهي، ويندي رسيءَ جون پڇڙيون.
(سياڻا ماڻهو هر شيءِ کي ڪم ۾ آڻين ٿا. ان تان مون کي ياد آيو ته جپان ۾ ڪاسائي چوندو هو ته ڍڳي ٻڪري جي هر شيءِ ڪم ۾ اچي ٿي. گوشت، جيرا، بڪيون، ويندي آنڊا اوجهري مغز، پاوا کائڻ ۾، کل مان بوٽ ۽ ٻيو سامان ٺاهين. سڱن ۽ هڏن مان جيلي ۽ دوائون. مطلب ته ڪابه شيءِ ضايع نٿي ٿئي سواءِ جانور جي ڪِيڪ جي جيڪا ڪاتي ڦرڻ مهل ڪڍي ٿو)
• ٻين کي سڌارڻ کان اڳ پهرين پنهنجو پاڻ کي سڌارڻ کپي.
• گهوڙي کي سڃاڻڻ لاءِ هن تي سواري ڪرڻ ضروري آهي.
• ٻين جي جهيڙي ۾ پنهنجو پاڻ کي ٽنبڻ نه کپي.
• سنڌيءَ ۾ چوڻ آهي ته: ”پراوا ٽٽَ پنهنجي ڳُئي ۾ وجهڻ“
• ٽيون دفعو گار تي، گوتم ٻڌ جي مورتيءَ کي به چڙ لڳي ٿي.
(سهپ جي به هڪ حد ٿيندي آهي، جيڪو ماڻهو صبر ۾ آهي ڪجهه نٿو چوي، ٿي سگهي ٿو بگڙي به پوي)
• عذر وارو وڏي ڄمار پائي ٿو.
(ڪيترا ماڻهو عذر جي تڪليف کان چاهيندا ته ان کان موت اچي پر جلد مرڻ بدران ويتر هنن جي حياتي انگهي پوندي آهي ۽ ساڳي وقت خوش چڱا ڀلا وفات ڪري ويندا آهن. بهرحال قدرت جا عجيب کيل آهن، تڏهن ته سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته قدرت جڏا جياري مرڪندا ماري. جنهن جي جيڪا رات قبر ۾ ڪٽڻي آهي، اها ئي گذرندي پوءِ ڀلي هو ڇا به ڪري)
• انسان جو سينو ڏک درد لڪائڻ لاءِ بهترين ٻٽون آهي.
• سياڻا باز پنهنجا چنبا لڪائين.
• ٿڌي پاڻيءَ ۾ وهنجڻ کان اڳ ڪراڙي ماڻهوءَ کي چڱيءَ طرح سوچڻ کپي.
(اهڙا بهادريءَ جا ڪم ڪرڻ کان اڳ انسان کي پنهنجو ست سارڻ کپي ته آيا، هن ۾ ايتري سگهه آهي. ان ڪري سياڻا چوندا آهن جيڪو ڪم ڪري نه سگهجي، ان ۾ هٿ نه وجهجي، ان تان مون کي ”اڏامڻ نه اچي ته هٿ نه لائجي“ وارو چرچو ياد اچي، جيڪو ”ڪاوش“ اخبار ۾ ان جي ايڊيٽر محمد علي قاضيءَ لکيو آهي ته:
هڪ همراهه پنهنجي طوطي سان گڏ هوائي جهاز ۾ سوار ٿيو. سفر دوران ايئر هوسٽس کي طوطي پنهنجي چهنب هنئي. مائيءَ پٺيان مڙي ڏٺو ته طوطو هو ۽ ماٺ ٿي ويئي. ٿوري دير بعد ايئر هوسٽس وري اتان لنگهي ته طوطي وري کيس ٺونگو هڻي ڪڍيو. مائيءَ ڪاوڙ مان پويان ڏٺو پر طوطي کي ڏسي کلي ڏنائين. مائيءَ کي جو کلندي ڏٺائين ته طوطي جي مالڪ سمجهيو ته قصو خير جو آهي. هاڻ جيئن مائي موصوف اتان لنگهي ته همراهه کڻي کيس هٿ هنيو.هاڻ مائيءَ جو پويان ڏٺو ته هن ڀيري طوطو نه پر طوطي جو مالڪ هو. بس پوءِ ته مائي ايئر هوسٽس وٺي رڙيون ڪيون ته جهاز جي پائليٽ سوڌو سڄو اسٽاف اچي گڏ ٿيو ۽ فيصلو ٿيو ته هلندي جهاز مان طوطي ۽سندس مالڪ کي سزا طور ٻاهر اڇلايو وڃي. اهڙو فيصلو ٻڌي طوطو زور زور سان کلڻ لڳو.طوطي جي مالڪ ڪاوڙجي چيس:
اهو سڀ ڪجهه تنهنجي ڪري ٿيو تون ٺونگو نه هڻيس ها ته آءُ به هٿ نه هڻانس ها.“
طوطي وراڻيس: ”مونکي ته اڏامڻ اچي ٿو. توکي اچي ٿو _ ؟ جي نٿو اچي ته پوءِ هٿ ڇو هنئي.“)
جلدي کائڻ، جلدي مٽڻ، جلدي ڳڻڻ شايد هنر سمجهيو وڃي ٿو.
انڌي کي نانگ جو ڪهڙو ڊپ.
ٽن ڏينهن بعد دلپسند مهمان به مصيبت ثابت ٿئي ٿو.
(جيئن اڙدوءَ ۾ چوڻي آهي ته: ”دو دن مهمان تيسري دن بلائي جان.“
سندن وارن هڪ ڏينهن جي وڌيڪ رعايت ڪئي آهي ۽ چوڻي آهي، ”چار ڏينهن چاهه جا پوءِ وٺ پاسا واهه جا“)
• زندگيءَ جو سفر ڊگهو آهي ۽ پاڻ سان کنيل بار تمام ڳرو.
• ڏيڏرن پيٽان ڏيڏر ئي ڄمن ٿا.
(ڪانوَن جو اولاد ڪانوَ ٿئي ٿو)
• ڦاسڻ کان پوءِ پکي جو افسوس ڪرڻ ڪهڙي ڪم جو ته جيڪر هو ڄار کان مٿي اڏامي ها.
(ٻين لفظن ۾ ڦاٿي کان پوءِ ڦٽڪڻ ڪهڙو)
• سٺي گهوڙي لاءِ چهبڪ جو پاڇو به ڪافي آهي.
(جيئن پاڻ وٽ چوڻي آهي ته ٽٽونءَ کي ٽارو تازيءَ کي اشارو)
• شراب ۽ دير سان اٿڻ انسان کي غربت ڏانهن جلد پهچائين ٿا.
• شراب غمن کي في الحال ميڙڻ لاءِ سٺو ٻهارو آهي.
• زال جي ڪرتوتن جي خبر مڙس کي اڪثر آخر ۾ ئي پوي ٿي.
• سٿڻ مان ڪپڙو ڪڍي قميص ۾ چتي هڻڻ.
(اجائي محنت ڪرڻ، مسئلو قائم رهڻ)
• ڪجهه ديوتا انسان کي تباهه ڪن ٿا ته ڪجهه بچائين ٿا.
• ماڻهن جو وات بند ڪرڻ کان بئراج بند ڪرڻ سولي آهي.
• آسمان کان ڌرتي تائين ڊگهو اڳٺ.
(تمام ڊگهي ڪهاڻي، اڻ کٽندڙ ڳالهه، اجائي بڪواس يا ڇتي ڪوريءَ واري ڊيگهه. ڪي وري ان مفهوم لاءِ ”رام ڪهاڻي“ استعمال ڪن)
• هٿين خالي دشمن خطرناڪ آهي، جو هن کي ڪجهه به وڃائڻ جو ڊپ ناهي.
• پوڙهين کي ويسر جي عادت آهي ۽ جوانن کي ”نه _ سوچڻ“ جي.
• ٻن گهاٽن دوستن جي وچ ۾ به ٿورو گهڻو تڪلف ضروري آهي.
(هڪ ٻئي سان گهڻو گهرو ٿيڻ سٺي ڳالهه ناهي)
• ڊاڪٽر اهو ئي چاهي ٿو ته گهڻي کان گهڻا بيمار ٿين ۽ ٻائو اهوئي چاهي ٿو ته گهڻي کان گهڻا مرن.
• ڪمزور گهوڙو دانهن وڏي ڪري ٿو.
• بارش ڇنل جهوپڙيءَ جي ڇت تي گهڻي زور سان وسي ٿي.
(ڪمزور ڍڳيءَ تي مڇر گهڻا)
• کٽل جو گهر، گهٽيءَ جو ڪتو به سڃاڻي ٿو.
(چنڊي جو گهر ئي پڌرو)
• خوشي ۽ خالي پيٽ جي دوستي ڪڏهن به ٿي نٿي سگهي.
• منحوس صورت واري کي ڪڏهن به دڪانداري ڪرڻ نه کپي يا چيني ان لاءِ چوندا آهن ته ”جنهن کي کلڻ نٿو اچي اهو دڪان تي نه ويهي“
• سال جي پهرين ڏينهن تي گهر جي خرچ جو ڪاٿو ڪجي.
• شاديءَ جي پهرين ڏينهن تي زال کي درست ڪجي. ان لاءِ سنڌيءَ ۾ محاورو آهي، پهرين ڏينهن ٻلي مارڻ.
(هڪ همراهه پنهنجي دوست کان سندس زال جي فرمانبرداريءَ جو سبب پڇيو.
”مون شادي جي پهرين رات زال جي اڳيان ٻليءَ کي ماري وڌو. اهو ڏسي منهنجي زال ڊڄي وئي ۽ هاڻ منهنجو هر چيو مڃي ٿي.“ دوست ٻڌايس.
همراهه کي ڳالهه وڻي ۽ ان رات پنهنجي ڪمري ۾ ٻلي ويهاري ڇڏيائين ۽ موقعو ڳولي زال جي موجودگيءَ ۾ ٻليءَ کي ڪهاڙيءَ سان ٻه اڌ ڪري رکيائين.
اهو لقاءُ ڏسي، ڊڄڻ بدران زال بجا گهروڙي چيس: ”ماريا! ٻلي جي مارڻي هئي ته پهرين رات ئي مارين ها. هاڻ ٽن سالن بعد هليو آهين ٻليءَ جو ساهه ڪڍڻ“)
• ويندي دوزخ ۾ به پئسي جي هلي ٿي.
(مطلب اهو ئي ته اڄ جي دور ۾ هرڪو پئسي واري جو خيال ڪري ٿو. اڄڪلهه پئسو وڏو پير آهي)
سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”نه عيسى نه موسي بڙا پير پيسا.“
• پيار جي پهرين شروعات خوشيءَ جو خاتمو آڻي ٿي.
(خوشيءَ جو خاتمو آڻي يا نه پر عقل جو ضرور آڻي ٿي تڏهن ته انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته:
(First sigh of love, is the last of wisdom.)
• ڪنهن جو انتظار ڪرڻ بدران ڪو ٻيو اسان جو انتظار ڪري ان ۾ وڌيڪ رومانيت آهي.
• علم جي شروعات الف ب کان ئي شروع ٿئي ٿي.
(ڪوبه ڄمندي ڄام نٿو ٿئي. ٿورو ٿور ڪري هو سکي ٿو)
• بانس جي لٺ سان تارن کي ڇا ڌڪ هڻي سگهبا.
• ڪفن دفن کان واندو ٿيڻ بعد ڊاڪٽرن جو ئي ذڪر هلي ٿو.
(ته فوتيءَ کي ڪهڙي بيماري هئي.ڪهڙن ڊاڪٽرن جو علاج ڪيائين. ڊاڪٽر جو ڏوهه هو يا دوا جو، وغيره.
مريض جي وفات بعد، سندس وصيت جي پوئواري ڪندڙ وڪيل وٽ، ڊاڪٽر پهتو، جيڪو آخري ڏينهن ۾ مريض جو علاج ڪري رهيو هو.
”وڪيل صاحب! منهنجي علاج جي فيءَ لاءِ ضروري سمجهيو ته قسم نامون به لکي ڏيانوَ ته مريض مرڻ کان اڳ منهنجي علاج هيٺ هو.“
”ان جي ڪا ضرورت ناهي،“ وڪيل ڌيرج سان وراڻيو، ”هن جو موت ئي وڏي ثابتي آهي ته هن ضرور توکان علاج ڪرايو هوندو“)
• جپاني فوجُي جبل جي سونهن ان کي ڪڏهن به متاثر نٿي ڪري، جيڪو بک ۾ پاهه آهي ۽ سيءَ ۾ ڏڪي رهيو آهي.
(خالي پيٽ تي ڪابه سونهن، ڪابه شاعري سمجهه ۾ نٿي اچي)
• اهو ڪانگ جيڪو بدڪ جي اهل ڪري ترڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، هڪ ڏينهن پڪ مرندو.
(جيئن اڙدوءَ ۾ چوڻي آهي ته: ”ڪوا چلا هنس ڪي چال اپني ڀي کهو بيٺا.“)
• گوڏن سان به صلاح ڪجي.
(جيئن سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته، ٻوڙن سان به صلاح ڪجي. معنى هڪ معمولي کان معمولي ماڻهوءَ سان به صلاح ضرور ڪجي. ٿي سگهي ٿو هو ڪا ڪم جي ڳالهه ٻڌائي وٺي جيڪا وڏي نقصان کان بچائي)
• جنهن وٽ ٽي پاءُ اٽو آهي ان کي پنهنجي زال جي مائٽن جي ڪاڻِ ڪڍڻ نه کپي.
(ڪوشش ڪري زال جي مائٽن اڳيان هٿ نه ٽنگجي)
• بادام جي وڻ هيٺان عشق ۾ گهايل ڇوڪريءَ کي، چلهه تي رکيل ديڳڙيءَ لاءِ به لمحو پل سوچڻ کپي.
(عشق جو نشو اهڙو آهي، جنهن ۾ ماڻهو خوابن خيالن جي دنيا ۾ غرق ٿيو وڃي پر ان هوندي به انسان کي گهرجي ته دنيا جي ڪجهه ضروري ڳالهين تي به ٿورو ڌيان ڌري)
• انسان عادتن جو غلام آهي:
هڪ دفعو ڪابه عادت پوي ٿي ته ان مان جان ڇڏائڻ ڏکيو ڪم ٿيو پوي ۽ نه فقط انسان عادت جو غلام ٿيو پوي پر منهنجي خيال ۾ ڪيترا جانور به عادت کان مجبور ٿيو پون. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”عادت عضوو آهي.“
هڪ ٽانگي واري ٿوري ٿوري دير بعد لهي گهوڙي اڳيان شرنائي وڄائي نچيو ٿي. مسافرن پڇيس ته هي ڇا ٿو ڪرين. وراڻيائين:
”هي سرگس جو گهوڙو آهي. عادت کان مجبور آهي. ٿوري ٿوري پنڌ بعد جيسين هن اڳيان ڪو نچي نٿو تيسين هلي نٿو“)
• ٻيڙيءَ جي چور کي ٻيلي ۾ ڳولڻ.
(پنهنجي بيوقوفيءَ جو ثبوت ڏيڻ. ظاهر آهي ته ٻيڙيءَ جو چور ٻيڙيءَ سميت پاڻيءَ تي ئي هوندو. ٻيڙيءَ کي مٿي تي رکي شهر جو رخ ته هرگز نه رکندو. ان تان مون کي حضرت ابراهيم بن آدم جو قصو ياد اچي ٿو. هي بزرگ شروع وارن ڏينهن ۾ بلخ جو بادشاهه هو. هڪ رات پنهنجي محل ۾ ستو پيو هو ته آڌيءَ رات جو اوچتو هن جي اک کلي. خبر پيس ته ڪو ماڻهو سندس محل جي کڏ تي هلي رهيو آهي. پاڻ رڙ ڪري پڇيائينس: ”تون ڪير آهين ۽ هتي هن وقت ڇا ڪري رهيو آهين؟“
هن شخص جواب ڏنو: ”آئون تنهنجو دوست آهيان ۽ هتي توهان جو اٺ پيو ڳوليان.“
پاڻ ٻڌي تعجب مان فرمايائين: ”ڀلا اهو به ڪو ٿي سگهي ٿو ته کڏ تي اٺ ملي!“
هن شخص ٺهه پهه جواب ڏنس: ”ته پوءِ ڀلا اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو ته اطلس ۽ زرين جا وڳا پائي عيش عشرت ۾ ننڊون ڪرڻ واري کي محل ۾ خدا ملي وڃي؟“
ٻئي ڏينهن ئي پاڻ تخت ۽ تاج کي ٿڏي ڇڏيو ۽ فقيرن وارو وڳو پائي شهر کان ٻاهر هليو ويو)
• ڪنجوس ماڻهو ميڻ بتي بچائڻ لاءِ پنهنجي آڱر به ساڙڻ چاهيندو.
(جيئن اسان وٽ چوڻي آهي ته ڪنجوس چاهيندو آهي ته چمڙي وڃي پر دمڙي نه وڃي)
• ڪانگ تي به عشق جو ڀوت سوار ٿي سگهي ٿو.
(پهاڪي واري جو شايد اهو مطلب آهي ته عشق اها شيءِ آهي، جنهن جي چڪر ۾ نه فقط انسان پر جانور به ڦاسيو پون. جيئن مثال مشهور آهي ته هڪ دفعي نظر جي ڪمزور ڪمي هڪ فوجيءَ جي ترندڙ ٽوپلي کي ڪڇون سمجهي ان تي عاشق ٿي پئي هئي)
• پستا به ٿا پنهنجو قد ڀيٽين.
(پستو جنهن جي ڊيگهه بادام، اخروٽ ۽ نيزي کان به ننڍي آهي، انهن جو پنهنجو پاڻ ۾ قد ماپڻ ائين آهي جيئن ڪوجهي شڪل جا پنهنجو پاڻ ۾ سونهن جو مقابلو ڪن)
• چانڊوڪي راتين ۽ سٺي رڌل ڀت کائڻ کان ڪير بيزار ٿيندو.
(جپان ڀت کائيندڙ قوم آهي. جپان ۾ چانور ”ان _ نور“ آهي. چانور ”ڳئون ماتا“ يا ”کير پير“ جپان جي ماڻهن جي جياپي جي تند آهن. جپاني زبان ۾ چانورن تي ڪيتريون ئي چوڻيون، پهاڪا، گيت ۽ لوڪ ڪهاڻيون آهن)
• ڪوجهي شڪل جي صورت ۾ سج لٿي مهل ڇٽيءَ هيٺ سهڻي لڳي ٿي.
• جهنم ۽ ظالم زالون هڪ ئي ٽولي سان تعلق رکن ٿيون.
• اعلى اخلاق واري جو ٻٽون سنهو ئي ٿئي ٿو.
(هو حرام جي پئسي کان پري ڀڄي ٿو)
• بهتر آهي ته ڪجهه چوڻ بنان محفل مان اٿجي.
(اجايو سجايو غلط ڳالهائي ٻئي جي دل آزارجي يا ڪو ڦڏو فساد پيدا ڪجي، ان کان بهتر آهي ته ماٺ مٺوڙي ۾ اٿي وڃجي)
• چاهي عطر يا کٿوري هجي، گهڻي سنگهڻ سان دماغ وٺي ٿو.
(هر شيءِ جو استعمال حد اندر ڪجي، گهڻائيءَ مان سٺو نتيجو نٿو نڪري)
• پياڪ شراب جي نقصانن کان اڻ واقف آهي.
اڻ پياڪ شراب جي فاعدن کان اڻ واقف آهي.
• گدرن جي پوک ۾ هرگز قدم نه رکجي، متان ڪو ڀلجي توهان کي چور سمجهي.
• منهن تي ڇنڊا لڳڻ سان ڏيڏر ماٺ ۾ رهن ٿا.
• اڀاڳ سڀاڳ پاڻ ۾ تاڃي پيٽي مثل آهن.
(يعني ڏک سک هر وقت گڏ رهن ٿا، جيڪو سک ۾ آهي ان تي مصيبتون به اچي سگهن ٿيون ۽ جيڪو تڪليف ۾ آهي، ان کي دل لاهڻ نه کپي، ڪنهن وقت به سٺا ڏينهن اچي سگهن ٿا)
• سمنڊ کان وڌيڪ شراب جي جام ۾ گهڻا ماڻهو ٻڏن ٿا.
• کيکڙا پنهنجي جسم مطابق ڌرتيءَ ۾ سوراخ کوٽين ٿا.
(کيکڙا هر وقت سمنڊ جي ڪناري تي نٿا ملن. مقرر وقتن تي جيڪو شايد سمند جي Tide تي مدار رکي ٿو، زمين اندر گهڙيو وڃن)
• مٺي پاڻيءَ جو کوهه جلد سڪي ٿو.
• ظالم حاڪم شينهن کان به خطرناڪ ٿين ٿا.
• فيصلو ڪرڻ کان اڳ ٻنهي ڌرين جي ڳالهه ضرور ٻڌڻ کپي.
• بک هڪ ماڻهو ماري ٿي، شراب هزار ماڻهو.
• هر پسونءَ کي هن جي اڌ جيترو روح آهي.
• جيڪي درياهن تي رهن ٿا، انهن کي درياهه ۾ ئي ٻڏڻو آهي.
• عورت اها وفادار جيڪا دير تائين جاڳي مڙس جو انتظار ڪري.
(گهٽ ۾ گهٽ جپاني مرد اهو چاهي ٿو ۽ جپاني عورت ئي اهڙي وفاداريءَ جو ثبوت ڏئي سگهي ٿي. هن ماڊرن دور ۾ جڏهن هند سنڌ ويندي عرب ملڪن جا ماڻهو به پنهنجين زالن کي دعوتن پارٽين ۾ پاڻ سان گڏ وٺي هلن ٿا، اتي اڃان، جپاني مرد ڪوشش ڪري اڪيلو نڪري ٿو يا گرل فرينڊ / محبوبه سان گڏ دعوتون کائي ٿو ۽ جپاني زال صبر ۾ گذاري ٿي. حيثيت وارا جپاني مرد آفيس يا ڌنڌي ڌاڙيءَ تان شام جو گهر موٽي پوءِ تيار ٿي شام ملهائڻ لاءِ اڪيلا ڪلبن ۽ پارٽين ڏي رخ رکن. پوءِ رات جو دير سان نشي ۾ ڌت گهر پهچن. سندن زالون ڪَهيون کولي بوٽ لاهينديون ۽ پوءِ کين ڊگهو ڪري کٽ تي سمهارينديون. صبح جو آفيس وڃڻ وقت کين اڳواٽ اٿي تيار ڪيل لنچ جو ٽقن ڏيئي مرڪي موڪلائينديون. ان کي هو نارمل زندگي سمجهن ٿيون. ڪيترن کي ته اها به خبر ناهي ته ڪيترن ملڪن ۾ مڙس جي دير سان اچڻ تي سندن زالون لاهي موچڙو بيهنديون آهن. جيئن هي مثال آهي:
هڪ صاحب کان سندس دوست پڇيو: ”ڪالهه رات جڏهن تون نشي ۾ مست ٿي دير سان گهر پهتين ته تنهنجي زال ڇا چيو؟“
هن صاحب ککو وکو ٿي جواب ڏنو: ”ڪجهه به نه! ۽ هي اڳيان ڏند ته هونءَ به آئون ڏينهن ٻن بعد ڪڍائڻ وارو هوس.“)
• سڪل هٿ کان آلي هٿ ۾ ٻاجهر جا گهڻا ڪڻا اچن ٿا.
(جيئن چيني زبان ۾ چوڻي آهي ته سڪل آڱر تي ڪهڙو لوڻ لڳندو)
• ڇا گول هجڻ ڪري ڪميءَ کي چنڊ جهڙو سمجهجي.
(چنڊ جهڙو سهڻو ٿيڻ لاءِ ٻين به خاصيتن جي ضرورت آهي)
• عياشيءَ جو انجام غم آهي.
• مشغول شاهوڪار ماڻهو، مشغول پيڪدان وانگر آهي، ٻئي جلد خراب ٿين ٿا.
• جنهن کي توهان جنت سمجهو ٿا ٿي سگهي ٿو اهو جهنم ثابت ٿئي.
(جنهن کي توهان سک سمجهو ٿا، ٿي سگهي ٿو ته اهو ڏک جو ڪارڻ بنجي ۽ غم رسائي. مطلب اهوئي ته هر ڳالهه جي فيصلي تي تڪڙو نه پهچجي۽ صبر ۽ شڪر کان ڪم وٺي حالتن جو مقابلو ڪجي)
• هر ڪتو پنهنجي گهر جي در اڳيان بهادريءَ سان ڀونڪي ٿو.
(جيئن پاڻ وٽ چوڻي آهي ته: ”گدڙ به پنهنجي ڏر تي شينهن آهي“)
• ٽٽ نڪرڻ بعد ٽنگن کي ڀڪوڙڻ اجايو آهي.
• ڪٿي پٿر ترن ٿا ڪٿي ته پن به ٻڏيو وڃن.
(مٿيون جپاني پهاڪو بلڪل هن سنڌي شعر مطابق آهي:
پن ٻوڙين پاتال ۾ پهڻ تارين تون)
• هر وقت خبردار رهجي، ڇو جو ماڻهو ڪنهن وقت به چور ٿي سگهي ٿو ۽ چڻنگ وڏو ڀنٽ پيدا ڪري سگهي ٿي.
• عشق جي ڪا دوا ناهي.
(عشق جي بيماري ته پنهنجي مرضيءَ سان لڳي سگهي ٿي نه ڇڏي سگهي ٿي. سنڌيءَ ۾ چون ”لڳيءَ کي لعنت.“)
• هزار ٺڪر جا ديڳڙا هڪ مُترڪي سان ڀڃي سگهجن ٿا.
• ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي بيهودگي ٿي سگهي ٿي ته هڪ ٻڌ بکشو جنگ جي ڳالهه ڪري.
(ٻڌ ڌرم ۾ انسان يا جانور کي مارڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر جيت جڻئي، وڇون چيلاٽي کي مارڻ به ڏوهه سمجهيو وڃي ٿو. ان ڪري ٿائيلينڊ جهڙن ملڪن ۾ ڪاسائي به ڪو ٻڌ نظر نه ايندو. اتي ٻڌن جو رهنما، يعني ٻائو ٻانڀڻ ڪيئن ٿو جنگ جي ڳالهه ڪري سگهي، جنهن ۾ انسان انسان کي ماري ٿو)
• هڪڙي ئي ڏينهن جا ٻه صبح نٿا ٿي سگهن.
• غريب ماڻهو اهو ئي چاهي ٿو ته کيس زال سٺي ملي.
• ڪاوڙ کي پنهنجو دشمن سمجهڻ وارو سياڻو آهي.
• چڙ جا تکا ماڻهو دل جا سٺا ٿين ٿا.
• ذلالت جي زندگيءَ کان موت سٺو آهي.
اها چوڻي سنڌيءَ ۾ ان طرح مڪمل آهي ته ذلالت جي زندگيءَ کان عزت جو موت بهتر آهي.
• هر نئون نوڪر پهريان ويهه ڏينهن سٺو ڪم ڪري ٿو.
• ڪتي کي توهان ٽي ڏينهن کارايو، ٽي سال هو توهان کي ياد رکندو.
• هزارين سولجر هڪ جنرل ٺاهين ٿا.
• ٺوڙهي جبل تي سڪل وڻ به سونهن آهي.
• عورت تي ڪڏهن به ڀروسو نه ڪجي، ڀلي کڻي هن ست پٽ ڄڻي ڏنا هجن.
(جيئن شروع ۾ لکي آيو آهيان ته ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ به آفريڪا وانگر هر ڳالهه جو الزام يا هر برائيءَ جي پاڙ عورت کي سمجهيو وڃي ٿو. جپان جي عورت هاڻ مڙئي معاشري ۾ عزت ماڻي رهي آهي نه ته هوءَ هميشه سورن ۾ رهي آهي)
• سگهڙ عورت کي خرچ جو بچاءُ ڪرڻ کپي.
(ڪيتري حد تائين بچاءُ يا ڪنجوسي ڪرڻ کپي، اها هر هڪ جي پنهنجي پنهنجي حد آهي. ٻه ڄڻا پنهنجين زالن جي بچت ڪرڻ جي هڪ ٻئي سان نفرت ڪري رهيا هئا. هڪ چيو:
”منهنجي زال کي بچت جي ايڏي عادت آهي، جو جڏهن سندن ڪڇو پراڻو ٿيندو آهي ته ان کي اڇلڻ بدران منهنجي لاءِ ٽاءِ ٺاهي رکندي آهي.“
ٻي چيو: ”اهو ته ڪجهه به نه آهي، منهنجي زال ته منهنجي پراڻي ٽاءِ مان پاڻ لاءِ ڪڇو ٺاهيندي آهي“)
• چاهي هن کي کائڻ لاءِ ڪجهه نه مليو هجي ته به جنگجو Samuri
پنهنجا ڏند ڪاڙيءَ Tooth _ pick سان کوٽيندو نظر ايندو.
(ڏند کوٽڻ معنى گوشت کاڌو اٿس، يعني نه هوندي به ڪوڙو شان رکڻ. جيئن چوندا آهن ته: کٽل آهيون ته به خان آهيون“)
• اهو جيڪو اڪيلو گهمي ڦري ٿو اهو ديوتا آهي يا وري جانور.
(چوندا آهن ته انسان سماجي جانور آهي. هو ڪٽنب، ساٿين سنگتين سان گڏ گذاري ٿو. اڪيلو جانور ئي رهي سگهي ٿو)
• بهانا ۽ پلاستر هر شيءِ تي هلي سگهن ٿا.
• مالڪن کي وڙهندو ڏسي هنن جا ڪتا به وڙهڻ شروع ڪن ٿا.
• ڪوبه ڪٽنب ٽن پيڙهين کان وڌيڪ امير نٿو رهي.
(يعني اميري غريبي ايندڙ ويندڙ شيءِ آهي. پئسي تي ناز نه ڪجي. ٿي سگهي ٿو اڄ جنهن وٽ دولت آهي سڀان اهو ڪنگال ٿي وڃي)
• اکيون به ايترو ئي ڳالهائي سگهن ٿيون، جيترو وات.
(بلڪ ڪيتريون ڳالهيون جيڪي وات سان بيان نه ڪري سگهجن، اهي اکين سان سمجهائي سگهجن ٿيون.
تڏهن ته طالب المولى چيو آهي ته:


اکــيــون ۽ مـيـنــهــن ٻــئــي نه اکـــــر هيڪڙي،
هو موسم جو محتاج ٿيو، هي وسن راتو ڏينهن،
هن ۾ نرجا نينهن هو طالب! وسن هر وقت تي.
يعني عشق جي معاملي ۾ ته اکيون ئي ڳالهائين ٿيون، اکيون ئي التجا ڪن ٿيون، اکين کي ئي محبوب ڏسڻ جو انتظار رهي ٿو)
• بيواهه زال جي گهر ۾ ٿلها ڪوئا نظر نه ايندا.
(ظاهر آهي مڙس بنان غريب عورت وٽ ايترو گهڻو نه هوندو)
• بدڪردار زال سٺ خراب فصلن برابر آهي.
(۽ بدڪردار يا خراب مڙس؟ان جو ذڪر جپاني پهاڪن توڙي ادب ۾ ڳولي به نٿو ملي)
• نوان ڪپڙا پائڻ واري ڪنيز کان غريب مڙس جي زال ٿي رهڻ سٺي ڳالهه آهي، پوءِ ڀلي کڻي پائڻ لاءِ پراڻا ڪپڙا هجن.
• عمر سان گڏ ادرڪ (سنڍ)، دال چيني ۽ ماڻهو ڌپ ڪريو وڃي.
• سست ماڻهو کائڻ ۾ تکا ٿين ٿا.
• ڦٽا ڪن ۽ بم بارودن تي ويٺل ماڻهو به ڏينهن ۾ ٽي دفعا سگريٽ پيئي ٿو.
• ڪمزور ڪتو مالڪ لاءِ شرمندگي آهي.
• هر ڏيئي جي هيٺان اوندهه ٿئي ٿي.
(بقول اڙدو چوڻيءَ جي: چراغ تلي انڌيرا)
• پيريءَ ۾ اولاد جو چيو مڃڻ کپي.
• اگهاڙي ماڻهوءَ به ڪڏهن ڪجهه وڃايو آهي.
(هو ڇا چوندا آهن ته ڍڳونه ڍور ڇا کڻندو چور)
• سهن کي ڦاسائڻ کان اڳ سندن کلون نه ڳڻڻ کپن.
(ٻين لفظن ۾ بيضا ڏسي ٻچا ڳڻڻ شروع نه ڪجن، نه ته گيهه جي دلي وارو حال ٿيندو)
• ميڙ ميڙ آهي پوءِ ڀلي اهو فقيرن جو هجي.
• غريب کي ئي غريب جو خيال ٿئي ٿو.
(اها ڳالهه صحيح آهي ته جنهن ڏک نه ڏٺا هوندا ان کي ڏکويل جو ڪهڙو خيال)
• اڻپورو ڪم ائين آهي جيئن پٺي ڪپيل کڙکٻيتو.
(کڙ کٻيتي جي سونهن روشنيءَ سان آهي، جيڪا هن جي پڇ ۾ ٿئي ٿي ۽ ظاهر آهي، سندس پٺيون اڌ ڪٽجڻ تي هن جي ڪا حيثيت نٿي رهي)
• ڇڻيل گل وري موٽي ٽاريءَ ڏي نٿو وڃي _ اهڙيءَ طرح ڀڳل آرسي وري سڄو اولڙو نٿي ڏئي.
• سرءُ جي آسمان وانگر ماڻهوءَ جي دل بدلجندڙ ٿئي ٿي.
(جيئن اسان وٽ چوڻي آهي ته انسان جي دل ۽ درياهه تي ڪهڙو ڀروسو)
• سچ ورلي سهڻو لڳي ٿو ۽ سونهن ورلي سچ ثابت ٿئي ٿي.
• ڀتين کي ڪن ٿين ٿا ۽ بوتلن کي وات.
• ڪوڙ بي ٽنگو ٿئي ٿو ۽ پر اسڪينڊل کي کنڀ ٿين ٿا.
• گهر ۾ شينهن ٻاهر ڪوئو.
• سٺي هنرمند کي نوڪري ڳولڻ جي ضرورت ناهي.
(هن وٽ ماڻهو هلي اچن ٿا)
• عورت جي زبان اهو خنجر آهي، جنهن کي ڪڏهن به ڪٽ نٿي لڳي.
(ٿي سگهي ٿو ته اها چوڻي ڪنهن لوهار ٺاهي هجي، عورت کي هر ماڻهو پنهنجي نموني سان ڏسي ٿو، جيئن هڪ هنڌ ”عورت _ عوام جي نظر“ ۾ پڙهيو هوم جيڪو ڪجهه هن ريت آهي :
• بقول ڪاسائيءَ جي: ”عورت اها ڪاتي آهي، جيڪا ذبح ته ڪري ٿي پر رت نٿي وهائي.“
• بقول صحافيءَ جي: ”عورت خبرون ٺاهڻ جي مشين آهي.“
• بقول شاگرد جي: ”عورت اهو ڪتاب آهي جيڪو هر مرد جي سليبس ۾ شامل آهي.“
• بقول ڌوٻيءَ جي: ”عورت اهو ميرو ڪپڙو آهي جيڪو تعريف جي صابڻ سان ڌوئي سگهجي ٿو.“
• بقول بورچيءَ جي: ”عورت اها ديڳڙي آهي، جيڪا فيشن جي چلهه تي سڙي ٿي.“
• بقول ڊرائيور جي: ”عورت اها گاڏي آهي، جنهن جون بريڪون اڪثر خراب رهن ٿيون.“
• بقول درزيءَ جي: ”عورت اهو لباس آهي، جيڪو پراڻو ٿيڻ تي ڏسڻ جهڙو نٿو رهي.“
• بقول سائنسدان جي: ”عورت اهو چقمق آهي، جنهن جي ڪشش کان ڪوبه مرد محفوظ ناهي.“
• بقول شاعر جي: ”عورت قدرت جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. جنهن جي پهرين ايڊيشن حوا جي نالي سان دنيا جي مارڪيٽ ۾ آئي.“
• بقول فلمساز جي: ”عورت هڪ ئي وقت محبوبا ۽ زال جو رول ادا ڪري نٿي سگهي.“
• ميڙ کي ڏسي پوءِ ان موجب واعظ شروع ڪجي.
(يعني جنهن قسم ۽ سطح جا ماڻهو هجن، انهن جي ذهني سوچ مطابق ليڪچر ڏجي يا ”مُنهن ڏسي مٺائي گهرجي“)
• ٻليءَ لاءِ نوٽ ڪهڙي حيثيت رکن ٿا.
• ڪوٽ ۽ ڪٽلي پراڻي ٿيڻ تي سٺي خذمت سرانجام ڏئي ٿي.
• ٿڌي نهار ۽ ٿڌي کيڪار کان ٿڌو ڀت ۽ ٿڌي چانهن بهتر آهي.
• گهٽ خرچائو زال سان شادي ڪجي پوءِ ڀلي ان جي ڳولا ۾ سڄو بوٽ گسي وڃي.
(۽ ڀلا مڙس ڪهڙو هجي؟ ڊاڪٽر، انجنيئر، سائنسدان يا ڪو ٻيو؟)
زال پنهنجي مڙس جي ٽائي کي محبت سان لوڏيندي چيو:
”توهان ڪڏهن به رومانٽڪ نٿا ٿيو. مون واري فلاڻي ساهيڙيءَ جو مڙس ته هر وقت هن کي چنڊ، تارو ۽ هير جهڙن رومانوي لفظن سان سڏي ٿو. توهان مونکي ڪڏهن ڍڳي ته ڪڏهن ٻڪري يا رڍ چئو ٿا.“ مڙس جواب ڏنس: ”تنهنجي ساهيڙيءَ جو مڙس ماهر فلڪيات آهي ۽ توکي ته خبر آهي ته آئون ڊاڪٽر آف ڍور يعني جانورن جو ڊاڪٽر آهيان.“)
• گل جي خوشيءَ ۾ پوپٽ کي ڪوريئڙي جو ڄار نظر نٿو اچي.
• پيار آهي ته محبوبا جي منهن تي نڪتل ڦرڙي به تر لڳي ٿي.
• ماڪوڙيءَ لاءِ چند ڦڙيون مينهن جون به ٻوڏ مثال آهن.
• جڏهن عقاب ننڊون ڪن ٿا تڏهن ننڍڙا پکي سک سان لاتيون لنون ٿا.
• زندگيءَ جا چار ڏهڪاءَ آهن: زلزلو، گوڙ، باهه ۽ پيءَ.
• غربت چار سؤ چئن بيمارين کان به خراب آهي.
• شاعري عورت ۽ مرد جا تعلقات بهتر ڪري ٿي.
(ياد رهي ته شاعري ۽ نه شاعر. پوڪوهاما (جپان جي هڪ شهر) جي بڪ اسٽال تان ڪتاب وٺي رهيو هوس ته ڀر ۾ بيٺل هڪ جپاني ڇوڪريءَ پنهنجي لاءِ شاعريءَ جو ڪتاب ورتو.
”شادي شده آهيو؟“ مون پڇيو مانس.
”نه.“ هن وراڻيو.
”پڪ توهانجو آئيڊيل مڙس شاعر هوندو.“
”باهه ڏيان شاعر کي. ان کان بهتر ڪنهن رازي، واڍي، ڪنڀار يا لوهار سان شادي ڪريان. ها البت شاعري پسند اٿم.“)
• رڌل ڀت وڻن تي نٿو ڦٽي.
• مائٽ بيوقوف، ٻار عقلمند.
(جيئن پاڻ وٽ چوڻي آهي ته ”ڀلن پيٽان ڍلا، ڍلن پيٽان ڀلا.“ تيئن جپانيءَ ۾ مٿين چوڻي آهي ته ”اويا باڪا، ڪوريڪو.“)
• گهٽ لاڏ ڪوڏ ۾ پليل عورت وڌيڪ چاهي ٿي.
جبل جي سونهن سندس اوچائيءَ ۾ نه پر ان تي بيٺل وڻن ۾ آهي. ماڻهوءَ جو مان سندس ٿولهه جي ڪري نه پر سندس عقل جي ڪري آهي.
• بيوقوف کان وڌيڪ ٻي ڪا خطرناڪ شيءِ ناهي.
• ڪنجين جي پهري تي چور وهارڻ.
(پنهنجي جلدي ڀينگ ڪرائڻ)
• رئندڙ ٻار ۽ مئجسٽريٽ تي ڪنهن جو وس.
• مري ويل ٻار جي عمر ڳڻڻ.
(اهو ڪم ڪرڻ جنهن مان ڪو فائدو نه هجي)
• جيڪي جيئن ٿا، انهن کي ضرور مرڻو آهي.
• جيڪي ملن ٿا، انهن کي ضرور وڇڙڻو آهي.
• (جيئن انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي:
• We meet to depart & depart to meet.
• عورت جي پيار حاصل ڪرڻ لاءِ ٽن شين جي ضرورت آهي. ”اچي
اوشي.“ (پهرين همت)، ”ني ڪاني (ٻي دولت) ۽ ”سان اوتوڪو.“ (ٽي شڪل شبيهه)
• پهرين نمبر تي بيضوي منهن پوءِ گول.
(اهي جپاني عورت جي منهن جا درجا آهن. يعني پهرين نمبر تي سهڻي شڪل واري اها آهي جنهن جو منهن بيضوي آهي ۽ ٻي نمبر تي گول منهن واري. ان بعد ٽئي نمبر تي اچي ٿو تانگهو منهن، چوٿين تي چورس ۽ پنجين تي ڊگهو منهن. اهو جپاني پهاڪو ٻڌي پنهنجي ننڍي کنڊ جي سونهن ۽ سيرت جو معيار ۽ عورت جا چار قسم ڌيان ۾ اچن ٿا. پدمڻي، ڪامڻي، استري ۽ آخري نمبر تي شنکڻي.
• چوڻي آهي ته:

پدمڻي تو پلڪ نيندر، پهر نيندر ڪامڻي.
اڌ رات جاڳي استري اور سورج جاڳي سنکڻي
يعني پدمڻي فقط پل اڌ ننڊ ڪري ٿي ۽ ڪامڻي پهر کن. استري اڌ رات سمهي پوءِ اٿي ٿي ۽ سنکڻي سج اڀرڻ تائين سمهي ٿي.
پـــدمڻي تو سات برسي، پانچ برسي ڪامڻي.
تين برسي استري اور ٻارهين ماسي سنکڻي.
پدمڻيءَ جهڙي نازڪ ۽ خوبصورت عورت سگهو سگهو ٻار نٿي ڄڻي، پر ستن سالن کانپوءِ ڄڻي ٿي. ڪامني پنجن سالن جي انٽرول کانپوءِ استري ٽن سالن کانپوءِ ۽ سنکڻي هر ٻارهين مهيني)
• باندر ٻئي باندر جي ڳُئي ڏسي کلي ٿو.
(جيئن پاڻ وٽ چوڻي آهي ته ”مينهن چوي رڍ کي هل ڙي پڇ ڪاري هل.“ تيئين جپانيءَ ۾ مٿين چوڻي ته: سارو نو شري ورائي.“)
• مئل ڪوئي کي ڪٿي به دفن ڪري سگهجي ٿو.
• سک مان ڏک ڦٽي ٿو ۽ ڏک مان سک.
• لاهين پٺيان چاڙهيون ۽ چاڙهيون لاهيون.
• جيڪو پئسا کسي ٿو اهو جيل ۾ وڌو وڃي ٿو، پر جيڪو حڪومت کسي ٿو اهو شهنشاهه سڏيو وڃي ٿو.
• مهلن تي دوست ئي مدد ڪن ٿا.
(پر دوست جي ضرور پڪ ڪجي ته دوست ئي آهي يا دوست جي روپ ۾ دشمن. شام جي وقت مڙس گهر ۾ گهڙيو ته زال پوسٽ ۾ مليل لفافو هٿ ۾ ڏنس، جنهن ۾ رات جي فلم شو جون ٽڪيٽون هيون. لفافي جي ٻاهران لکيل هو. ڀلا ٻڌايو ته ڪهڙي دوست وٽان آهن؟
زال مڙس ٻن چئن ڄڻن جا ڌڪا هنيا ته فلاڻي يا فلاڻي دوست موڪليون هونديون. اتي فلم شروع ٿيڻ جو وقت به اچي ڀريو هو سو اهو فيصلو ڪيائون ته جلدي هلي فلم ته ڏسجي پوءِ پيا معلوم ڪنداسين ته ڪهڙي دوست موڪليون آهن.
هنن جي فلم تي وڃڻ تي پٺيان چور آيو سو الهه تلهه چٽ ڪري وين. هي جڏهن فلم تان موٽيا ته سندن نالي لفافو پيل هو. کولي ڏسن ته اُن ۾ لکيل هو: ”هاڻ ته خبر پئجي ويئي هوندي ته ڪهڙي دوست فلم جي ٽڪيٽ موڪلي.“)
• ڌارئين جي باغ جو گلاب هميشه وڌيڪ ڳاڙهو لڳي ٿو.
• جيڪڏهن توهان کي پٽ سان پيار آهي ته هن کي سفر ڪرڻ ڏيو.
• ان گهر ۾ جتي سڄو ڏينهن گهر جا ڀاتي ساز سرندا وڄائيندا رهن، ان جي رڌڻي ۾ کائڻ لاءِ ڇا هوندو.
• سهڻي عورت کان ايترو ئي پري ڀڄڻ کپي جيترو ڳاڙهن مرچن کان.
• ڌڪاريل ٻار کي ڪنهن جو ڊپ نٿو ٿئي.
• ٻليءَ جو نڪ ۽ عورت جون دڏيون هڪ جيتريون ٿڌيون رهن ٿيون.
• نوَ سؤ انوانوي نڪ ڪٽيل ڀولڙا نڪ واري ڀولڙي تان کلن ٿا.
• کوهه ۾ ڏيڏر جي بڇڙي ٽان ٽان سندس محبوبا لاءِ مٺو راڳ آهي.
• عورت جي سوچ سندس نڪ تائين رهي ٿي.
(يعني ڪو گهڻو نٿي سوچي. ٻين اکرن ۾ عورت بي عقل آهي، جيئن سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي: ”عورت جو عقل ڏائي کڙيءَ ۾ ٿئي ٿو.“)
• شاعري ڪرڻ کان بهتر آهي ته چانور پوکجن.
(پيٽ ڀريل آهي ته شاعري به پوءِ سمجهه ۾ اچي ٿي. بهتر اهو آهي ته محنت ڪري اهو ڪم ڪجي جنهن سان پيٽ ڀري سگهجي. ان بعد ٻيا شوق ڪجن)
• تتر پنهنجو منهن ته لڪائي ٿو، پر پڇ جو خيال نٿو رهيس.
(هي ائين آهي جيئن شتر مرغ جيڪو پنهنجو منهن مٽيءَ ۾ لڪائي سمجهي ٿو ته کيس ڪير نٿو ڏسي ۽ جهلجيو پوي)
• ڪڏهن ڪڏهن ڀولڙا به وڻن تان ڪريو پون.
(عقلمند ۽ قابل ماڻهن کان به غلطيون ٿي سگهن ٿيون)
• سفر هميشه ڪنهن ساٿيءَ سان ڪجي ۽ جي اهو زندگيءَ جو سفر آهي ته نهٺائيءَ سان ڪجي.
(ٻين لفظن ۾ زندگيءَ جي سفر ۾ هڪ ٻئي جو خيال رکڻ کپي ۽ سٺو سمجهوتو هجڻ کپي، پر ڪڏهن هيئن به ٿيندو آهي ته:
هڪ مئنيجر پنهنجي سهڻي سيڪريٽريءَ کي چيو:
”هاڻ شادي ته پاڻ ڪري ورتي آهي، اها ڳالهه منهنجي زال کان ڳجهي رکجانءِ ۽ هوشيار رهجانءِ جيڪڏهن هن کي پنهنجي شاديءَ جي خبر پئجي وئي ته هوءَ پنهنجو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيندي.“
سيڪريٽريءَ مرڪندي چيو: ”توهان کي به منهنجي مڙس کان خبردار رهڻو پوندو ڇو ته هو وڏو ظالم انسان آهي. ڳالهه ڳالهه ۾ کڻيو پستول ڪڍي.“)
• پيءُ جي دعا جبل کان به مٿاهين آهي، ماءُ جي دعا سمنڊ کان به گهڻي اونهي آهي.
• بيوقوف ماڻهوءَ جو ڪو علاج ناهي.
• پنهنجن چڱن اعمالن ذريعي پنهنجن وڏن جي ناموس وڌائڻ کپي.
(پر اسان جهڙي ترقي پذير ملڪن ۾ پنهنجن وڏن جي چڱن ڪمن تي پاڻ پڏايون ٿا)
• زالون ۽ تڏا جڏهن نوان آهن ته سٺا لڳن ٿا.
• هر سهڻي چمڙي واري عورت ۾ ست نقص به آهن.
• جيڪو پنهنجي اڻ ڄاڻائي قبول ڪري ٿو، اهو هڪ دفعو ظاهر ٿئي ٿو، پراهو جيڪو پنهنجي اڻڄاڻائيءَ کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، هو هر وقت ظاهر ٿيندو رهي ٿو.
• ڪئنچي ۽ بيوقوف ماڻهو سان خيال سان هلجي.
• اڌاري آندل ٻلي شايد ئي ڪو ڪوئو جهلي.
(پِنَ جي ماني کائڻ وارو ڪاڻو ملهه ڇا وڙهندو)
• ڏهه ماڻهو ته ڏهه خيال.
• جيڪو ماڻهو گهڻيون زالون رکي ٿو، اهو جهٽ کٽي پئي ٿو.
• هر ماڻهو ولايت وڃڻ وقت پنهنجا اخلاق گهر ۾ ڇڏيو وڃي.
• جنگجو ۽ سون ڀلي کڻي ائين پيو هجي ته به انهن تي ڪَٽُ نٿي چڙهي.
• مرڻ وقت هرڪو سچ ڳالهائي ٿو.
• افواهه يڪدم وڌيو ٻيڻ ٿيو پوي.
• ڌارئين تي ڪڏهن به اعتبار نه ڪريو. ٿي سگهي ٿو هو چور هجي.
• پنهنجي تعريف جڏهن ماڻهو پاڻ شروع ڪري ٿو ته پوءِ ٻيو هرگز نٿو ڪري.
• اڪيلائيءَ ۾ انسان کي پنهنجي ضمير سان سچو هئڻ کپي.
• انسان پاڻ هڪ ٽهي جيئي ٿو، پر سندس نالو ڪيتريون ئي ٽهيون زنده رهي ٿو.
• سٺيون تجويزون ڪاڪوس ۾ سوچڻ سان اچن ٿيون.
• اوندهه ۾ يا پري کان بيٺل هر عورت سهڻي لڳي ٿي.
• اهو ڪاسائي جيڪو رڍ جي منڍي ٽنگي ڪتي جو گوشت وڪڻي ٿو.
(بدديانت واپاري)
• هرڪو مڙس اهو سمجهي ٿو ته سندس محبوبا حسن جي چيني ديوي يانگ ڪئائي فاءِ جهڙي آهي.
• گهڻو نرم دل ٿيڻ به سٺي ڳالهه ناهي.
(چوندا آهن ته نه ايترو کٽو ٿجي جو هرڪو ٿوڪاري ڇڏي ۽ نه ايترو مٺو ٿجي جو هرڪو ڳهي وڃي)
• درياهه کڻي اونهو نه هجي، پر خبرداريءَ سان پار ڪجي.
• وڏيون اميدون ڪڏهن ڪڏهن مايوسي آڻين ٿيون.
• اونهارو ختم ٿيڻ تي وڻ جي ڇانوَه وسريو وڃي.
(ڪم لٿو، ڊکڻ وسريو)
• تڪڙي فقير کي ٿورو ملي.
• وڏو پٽ کڻي بيوقوف هجي پر هن جو گهڻو خيال رکيو وڃي ٿو.
• بيوقوف پريشانين کان ڇٽل رهن ٿا.
• پنهنجو پاڻ کي فيوجي جبل سان ڀيٽڻ.
(پنهنجو پاڻ کي وڏو ماڻهو سڏرائڻ جي ڪوشش ڪرڻ)