سنڌسلامت پاران
عبدالحئي پليجي ھن سفرنامي ۾ ترڪيءَ جي شھر استنبول ۽ يورپ جي مختلف شھرن ۽ ملڪن جيئن ويانا ۽ وينس جي گھٽين، گسن ۽ ماڻھن جو انتھائي گھري مشاهدي ذريعي ذڪر ڪيو آهي. هي سفرنامو رڳو زور بياني ۽ ٻوليءَ جي حُسن تي ٻڌل ناهي بلڪہ ترڪي، ويانا ۽ اٽليءَ جي تاريخي سياسي ۽ سماجي حالتن جي گھري تجزئي ۽ تاريخي بيان تي ٻڌل سفرنامو آهي. پليجي صاحب کي پنھنجي سفر دوران جيڪي بہ شيون نظر آيون آهن جيئن شھر، رستا، ماڻھو، سمنڊ، ملڪ هن وڏي محنت، جفاڪشي ذريعي انھن سمورن شھرن ۽ تاريخي تھذيبي نشانن جا نہ رڳو پير کنيا آهن بلڪہ انھن جي مڪمل تاريخ چٽي ڪئي آهي.
هي ڪتاب مومل پبليڪيشن ٻنون پاران اپريل 2023ع ۾ ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآباد وٽان ڇپايو ويو آھي. مھرباني مور ساگر جي جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي ۽ ٿورائتا آھيون عبدالحئي پليجو جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي)، ڪراچي
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com