سفرناما

استنبول ٽو ويانا وايا وينس

عبدالحئي پليجي ھن سفرنامي ۾ ترڪيءَ جي شھر استنبول ۽ يورپ جي مختلف شھرن ۽ ملڪن جيئن ويانا ۽ وينس جي گھٽين، گسن ۽ ماڻھن جو انتھائي گھري مشاهدي ذريعي ذڪر ڪيو آهي. هي سفرنامو رڳو زور بياني ۽ ٻوليءَ جي حُسن تي ٻڌل ناهي بلڪہ ترڪي، ويانا ۽ اٽليءَ جي تاريخي سياسي ۽ سماجي حالتن جي گھري تجزئي ۽ تاريخي بيان تي ٻڌل سفرنامو آهي. پليجي صاحب کي پنھنجي سفر دوران جيڪي بہ شيون نظر آيون آهن جيئن شھر، رستا، ماڻھو، سمنڊ، ملڪ هن وڏي محنت، جفاڪشي ذريعي انھن سمورن شھرن ۽ تاريخي تھذيبي نشانن جا نہ رڳو پير کنيا آهن بلڪہ انھن جي مڪمل تاريخ چٽي ڪئي آهي.

Title Cover of book استنبول ٽو ويانا وايا وينس

سنڌ سلامت

سنڌ سلامت
www.sindhsalamat.com

سنڌ سلامت جو مشن ۽ مقصد سنڌي ٻوليءَ جي ڊجيٽلائيزيشن ۽ پکيڙ کي وسيع ڪرڻ آهي ۽ پڻ دنيا سان گڏ سندس رفتار سان هلڻ جو سانباهو آهي، ڇو تہ تاريخ هميشه انهن قومن جو احترام ڪيو آهي جن پنهنجي علمي سرمائي جي حفاظت ڪئي آهي. سنڌ سلامت پڻ پنهنجي ٻوليءَ جي بقاء خاطر سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل قيمتي ۽ ناياب ورثي کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ ۽ ان کي نہ رڳو محفوظ رکڻ پر پنهنجي اديبن، ليکڪن، محققن ۽ شاعرن جي علم، هنر ۽ تخليقن کي ڊيجيٽلائيز ڪندي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود سنڌين تائين مفت ۾ آسانيءَ سان پهچائڻ جو عزم ڪيو آهي.
اسان جي خواهش ھئي تہ سنڌي مواد تي مشتمل هڪ اهڙوڪتاب گھر قائم ڪجي جتي هر موضوع تي مشتمل ڪتاب موجود ملن. ڪتابن کي ڳولڻ ۽ ڊائونلوڊ ڪرڻ آسان هجي ۽ اينڊرائيڊ سميت آئي فون يا ونڊوز آپريٽنگ سسٽم سميت هر قسم جي ڊوائيس تي آساني سان آن لائين پڻ پڙهي سگھجي.
۽ اهو سڀ ”سنڌ سلامت ڪتاب گھر“ ذريعي ئي ممڪن ٿي سگھيو. اميد تہ سنڌ سلامت ڪتاب گھر ذريعي سموري دنيا ۾ موجود سنڌي نہ صرف ڀرپور لاڀ حاصل ڪندا پر سنڌ سلامت ڪتاب گھر کي وڌيڪ فائديمند بنائڻ لاءِ پنهنجو پورو ساٿ نڀائيندا.

books.sindhsalamat.com

سنڌ سلامت ڪتاب گھر جي اينڊرائيڊ اپليڪيشن پلي اسٽور جي ھن لنڪ تان ڊائونلوڊ ڪريو:

https://play.google.com/store/apps/details?id=com.sindhsalamat.book