وينس
جينوئا جو بحري بندر جو حامل شهر ميٿان سڀئي شهر سير و تفريح يعني سياحت جا مشهور مرڪز ٿي پيا آهن. تنهن کان سواءِ آئوسٿا، برگامو، بِريسڪا ۽ ڪومو نالن وارا شهر اٽليءَ جي ثقافتي ورثي جا درخشان گهوارا آهن. انهيءَ علائقي ۾ موجود گارڊا، ڪومو ۽ ميگيوري ڍنڍون توڙي حَسين واديون ثقافتي ورثي جا زندھہ مثال آهن. تنهن کان سواءِ هتي جي پهاڙين وادين ۾ برفاني راندين جا مرڪز آهن. سيسٽِريئَر، ڪورميئيئَر، بريئول، سورينيا، لِوگنو ۽ بورميو نالن سان موجود آهن. ڏکڻ اٽليءَ واري ڀاڱي کي ميزوگِيورنو بہ سڏيو وڃي ٿو. روايتي کاڌي پيتي جي هوٽلن سان آراستہ آهي. جتي کاڌو سستي اگھہ تي دستياب آهي. هتي جا تمام حَسين سامونڊي ڪِنارا عام طور تي ڏيهي ماڻهن جي تفريح جا ماڳ آهن. پر اڄڪلھہ اتي پرڏيهي سياح بہ وڏي انگ ۾ نظر ايندا آهن. هن علائقي جي نيپلز ۽ پومپيئي شهرن ۾ سياحن جو گهڻو تعداد ايندو آهي. ايملِفي ڪوسٽ راويلو، بينيوينٽو، ڪيسرٽا، سالرنو ۽ پوزولي بہ هن علائقي جا اهم سياحتي ماڳ آهن. اَيبِريُوزو نالي قدرتي پارڪ يورپ ۾ سڀني کان وڌيڪ سائو سُتابو پارڪ آهي. اَيبِرِيُوزو نيشنل پارڪ گرانساسو ۽ مونٽي ڊيلا لاگا نيشنل پارڪ مائيلا نيشنل پارڪ ۽ سائرينٽي ويلينو ريجنل پارڪ سدائين هزارين سياحن کي پاڻ ڏانهن آڻڻ جي قدرتي طور ڪشش رکندڙ حَسين واديون آهن. انهن پارڪ ۾ ٽيهن کان وڌيڪ جهنگلي جيوت جا قدرتي علائقا موجود آهن. اتي يورپ جي ستر سيڪڙو جهنگلي جيوت کي پاليو ۽ سنڀاليو پيو وڃي. ايپيوليا واري علائقي ۾ تاريخي شهر ليسي، بيري ۽ ڪيليبريا پنهنجي حَسين ساحلي ڪِناري سبب سياحن جي دلچسپيءَ جو باعث مشهور آهن. موسائيل علائقي جا مُکيہ شهر ڪيمپوباسو ۽ اسرنيا آهن. هتي اهميت جو حامل ماڳ ڪِسٽل پيٽروسو واري باسيليڪا آهي، هن علائقي جو مُکيہ شهر ڪيٿينزيرو هجڻ باوجود گهڻا ماڻهو ريگيو ڪيليبرا شهر ۾ رهن ٿا. اٽليءَ جي ٻيٽن ۾ سسلي سڀني کان وڏو ٻيٽ آهي. جنهن تي پالرمو ميسِينا ۽ ڪَيٽينِيا سهڻا شهر آباد آهن. جتي قديم آثار ڪثرت ۾ موجود آهن. حَسين سامونڊي ڪِنارا ۽ مخصوص روايتي کاڌا تيار ڪري پيش ڪندڙ ڪيترائي هوٽل ۽ ريسٽورينٽ موجود آهن. هن سسلي ٻيٽ تي هڪڙو اهم ماڳ ”وال ڊي نوٽو“ نالي سان موجود آهي. سن 1693ع واري خطرناڪ زلزلي کان پوءِ بَروڪ طرز تعيمر جون حامل ڪيتريون ئي سهڻيون عمارتون اَڏيل آهن. اٽليءَ ۾ دنيا جا تمام گهڻا نهايت قديم سياحتي ماڳ مڪان موجود آهن. انهن جو تعلق قديم رومي جمهوريہ سان آهي. انهن مان ڪجهہ هيٺيان شهر جهڙوڪ: پومپيئي، نيپلس، اِسڪيا، ڪيپري ۽ خصوصاً بائتاءِ شاهوڪار رومي سماج جا گهوارا هئا. اڄ بہ پومپيئي اٽليءَ جو ٽيون نمبر ۽ عالمي سطح تي اٺيتاليهون نمبر شهر قرار ڏنو ويو آهي، جتي هڪ سال دؤران پنجويھہ لک سياح سير ۽ تفريح لاءِ ايندا رهن ٿا. اٽليءَ جي گاديءَ وارو شهر روم تہ دنيا ۾ سياحن لاءِ اڃا بہ وڌيڪ پُرڪشش ماڳ طور وڌيڪ مشهور ٿيندو وڃي. سن 2006ع ۾ روم جي سير تي 63 لک پرڏيهي سياح آيا. سن 2014ع ۾ ستاسي لک اَسي هزار سياح آيا. تڏهن روم دنيا ۾ چوڏهون نمبر شهر قرار ڏنو ويو. جتي هيتري وڏي انگ ۾ سياح گُهمڻ آيا. روم شهر ۾ اسان ڪي اهڙا آثار بہ ڏٺا جيڪي سڪندر جي وقت جا ٺهيل آهن. مثال: روم شهر وچ ۾ ڪيئي اهڙيون پُلون آهن جيڪي اڄ بہ صحيح سلامت ۽ استعمال ۾ آهن. روم شهر ۾ ڏسڻ لائق مُکيہ ماڳ جهڙوڪ؛ ڪولوزيئم، سينٽ پيٽرو وارو باسيليڪا يعني گرجا گهر، پَينٿيئَنس ۽ ٻيا بہ ڪجهہ ماڳ مڪان عالمي ثقافتي ورثي ۾ شامل ڪيا ويا آهن. جيڪي گڏيل قومن جي اِداري جي سارسنڀال هيٺ آهن. تنهن کان سواءِ ٽِريوي ڦوهارو، پياز انيوون، رومن فورم، ڪيسٽل سينٽ وارا اينجيلو، سينٽ جان ليٽران وارو باسيليڪا، اسپَينشِ اسٽيپس ولا بورگيز پاڪ ٽراسٽيوفيئر ۽ جينيڪِيُولم سياحتي ماڳ مڪان آهن، سجاڳي ۽ نئين روشنيءَ واري عرصي دؤران تجديد ۽ ترقيءَ واري يورپ جي تاريخي دؤر ۾ اٽليءَ جي شهر فلورينس فن تعمير ۽ ٻين فنونِ لطيفه ۾ خوب ترقي ڪرڻ سبب مشهور آهي. جڳ مشهور مصور ۽ مجسمه ساز جو گَهڙيل حضرت دائود عليہ السلام جو سهڻو مجسمو بہ هن فلورينس ۾ نصب ٿيل آهي. فلورينس شهر ۾ مختلف فنون جا ڪيترائي عجائب گهر بہ موجود آهن.
پالرمو شهر سسلي ٻيٽ جي بادشاهت دؤران ان جي ۽ رومي ڪليسائي سلطنت جو ڪليسائي سلطان فريڊرڪ ثانيءَ جي ماتحت گاديءَ وارو شهر ٿي رهيو. پالرمو شهر پنهنجي تاريخ، عمارت سازيءَ ۽ مخصوص کاڌن جي ڪري عالمي سطح تي شهرت حاصل ڪئي آهي. تنهن کان سواءِ پالرمو شهر يوناني، رومي، عرب، وچ يورپ ۽ ازيگونيئَن ثقافتي جي ميلاپ جو پڻ حامل شهر آهي.
اٽليءَ جو بولوگنا اهو شهر آهي، جتي اولھہ وارن ملڪن ۾ پهرئين يونيورسٽي قائم ڪئي وئي، پر دنيا جي پهرين يونيورسٽي موراڪو ۾ آهي، جيڪا اڄ بہ قائم آهي. هن شهر جي پڻ شاهوڪار تاريخ هنر ۽ ڪاريگري، صنعت ۽ حرفت توڙي اعليٰ قسم جي مخصوص کاڌن تي مشتمل آهي. اٽليءَ جا کاڌا مون کي ڪونہ وڻن. مون کي ترڪي ۽ لبناني کاڌا وڻندا آهن.
اٽليءَ جو ”باري“ شهر پنهنجي بندر يونيورسٽيءَ سان گڏ سينٽ نڪولس واري شهر طور سُڃاڻي ۽ سَڏجي ٿو. اهو شهر ايپُوليا علائقي جو مرڪز شهر نيلسن کان پوءِ ڏکڻ اٽليءَ ۾ ٻئي نمبر تي اقتصاديائي مرڪز طور ڳڻيو وڃي ٿو. اسان کي زيورڪ کان وينس وڃڻو هو. جيڪو باءِ روڊ نَون ڪلاڪن جو سفر هو. تنهنڪري اسان کي موٽر وي تي ٻنپهرن جو لنچ ۽ شام جو چانھہ پي، ٿورو ٿَڪ لاهي پوءِ اڳيان وڃڻو هو. سو اسان لنچ لاءِ هڪ هنڌ موٽر وي تي پنهنجي گاڏي بيهاري باٿ روم مان فريش ٿي اچي پنهنجي ڊائيننگ ٽيبل تي ويٺاسين. هت اهڙي موٽر وي جي هوٽلن تي ماني خود ڪائونٽر تان کڻي اچي کائڻي ٿي پئي. باقي ماني کاڌل ٿانوَ هنن ئي کنيا. اسان اٽليءَ جا پيزا، ٿورا چانور، سلاد ۽ جوس کنيو. هوٽل اندر تمام گهڻي رش هئي ۽ ملڪ ملڪ جا لاتعداد ماڻهو نظر آيا. توهان کي هاڻ دنيا جي هر ملڪ ۾ چيني سياح بہ وڏي تعداد ۾ نظر ايندا. اسان جي هوٽل جي ڊائيننگ هال ٻاهران شيشي مان ٻاهر جو نظارو بہ ڏاڍو روح کي ريجهائيندڙ هو. ۽ هڪڙا سياح پئي آيا تہ ٻيا پئي ويا. اسان بہ ماني کائي ٻاهر اچي ڪافي فوٽا ڪڍيا، پوءِ پنهنجي ڪار ۾ چڙهي روانا ٿي وياسين. آئون چاهيان پيو تہ توهان کي موٽر تي هلندي هلندي سڄي اٽليءَ جي شهرن ۽ ماڳ مڪانن جي باري ۾ ٻُڌائيندو هلان. جيئن توهان جو ڪڏهن اٽليءَ وڃڻ ٿئي تہ، آئون ئي توهان جو گائيڊ هجان.
اٽليءَ جو جينوئا شهر يورپ جي تاريخ جي وچئين دؤر ۾ بحري بندرن تي مشتمل اهم رياستن مان هڪ هو. هي نهايت دولتمند ۽ ڪثير جهتي عوامل جو حامل شهر آهي. سندس بحري بندر تجارت، عمارت سازيءَ ۽ سياحت جو اهم شهر آهي. ڪولمبس جينوئا شهر ۾ ڄائو هو. جينس سوٽ ۽ ان ۾ ڪم ايندڙ ٿلهو سوٽي ڪپڙو اَوَل اَوَل جينوئا وارن ڪاريگرن تيار ڪيو هو. پيزا پڻ اٽليءَ جي جهونن شهرن مان هڪ آهي. اهو پڻ بحري بندر واري رياست جو حامل رهيو آهي، هن شهر ۾ وچئين تاريخي دؤر دؤران ڪيتريون ئي محل ماڙيون اَڏيون ويون هيون. جيڪي اڄ تائين عالمي سياحن واسطي پُرڪشش آهن. پيزا شهر ۾ هڪڙو عاليشان ٽاور بہ ٺهيل آهي، اهو ٺهڻ کان ڪجهہ وقت پوءِ هڪ طرف جُهڪي پيو ۽ جيتوڻيڪ سَوين سال گذرڻ باوجود اڃا تائين سالم بيٺو آهي ۽ ڪِرڻ يا ڀَڄي پوڻ کان بچي ويو آهي. پيزا شهر جي مشهوريءَ جو ڪارڻ اتي قائم ”لا نارميل يونيورسٽي“ بہ آهي. تمام گهڻا سياحت، مُڙيل ۽ جُهڪيل پيزا ٽاوَر ڏسڻ خاطر هتي ايندا رهندا آهن.
پيزا شهر وارو جُهڪيل ٽاوَر ڪنهن جي بہ نظر کان اوجهل ٿي نٿو سگهي. هي وچئين دؤر ۾ تعمير ٿيل شاهي گهنڊ وارو ٽاوَر دنيا جي عجوبن مان هڪ آهي. جنهن جي بناوت پڻ حيران ڪندڙ آهي. هي ٽاور هتي جي جڳ مشهور عمارتن ڊُومو بيپٽسٽري جي ڀر واري سبز ميدان تي اَڏيل آهي. مذڪورہ جُهڪيل ٽاور سان هي ناگهاني حادثو سن 117ع ۾ پيش آيو. ٿيو هيئن تہ ٽاور جي منصوبي موجب ڪُل اَٺن طبقن يا ماڙن مان جڏهن شروعاتي ٽي ماڙ اَڏجي تيار ٿيا تہ، ٽاور جو ڪجهہ حصو زمين اندر ويهي رهيو ۽ اهو هڪ طرف جُهڪي پيو. تنهن کان پوءِ لڳاتار 180 سالن تائين انهيءَ جي جُهڪاءُ کي درست ڪري ان کي سِڌو ڪرڻ لاءِ سڄي دنيا جي ڪيترن ئي ڪاريگرن کي گُهرايو ويو. نيٺ سن 1350ع ڌاري هڪ ماهر تعميرات نالي ٽوما سوڊي اينڊرياڊ اپونٽيڊيرا (Tomasso di Andrea da Pontedera) هي ڏُکيو ڪم ڪرڻ قبول ڪيو ۽ ٽاور جوڙ راس ڪيائين. گذريل اَٺن صدين کان وٺي اڄ تائين اهو پنهنجو جُهڪاءُ برقرار رکيو اچي. 1999ع ۾ پيزا ٽاور جي جُهڪاءُ واري حيثيت کي متاثر ڪرڻ بنا ان جي بنيادن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ محتاط طريقي سان ڪم شروع ڪيو ويو تہ، جيئن هن تاريخي علامت کي ڪِرڻ کان بچايو وڃي ۽ هن جي جُهڪاءُ واري جڳ مشهور علامت بہ برقرار رهي. ان مقصد لاءِ ڊرل ذريعي احتياط سان مٽي ڪڍي ان جي جاءِ تي شيهو لڳايو ويو، جو پيزا ٽاور جو جُهڪاءُ بہ متاثر نہ ٿيو ۽ جادوئي ٽاور پنهنجي پوري جوڀن سان برقرار رهيو. ٽيورن يا ٽورينو سارڊينيا ٻيٽ جي گاديءَ واري شهر کان پوءِ اٽليءَ جي گاديءَ وارو هنڌ بہ مقرر ٿيو. اهو واقعو سارڊينيا ٻيٽ اٽلي رياست ۾ زِم ٿيڻ وقت عمل ۾ آيو. ٽيورن شهر ۾ دنيا جي مشهور فياٽ موٽر ڪمپني پڻ قائم آهي. هي شهر حقيقتاً اٽليءَ جو وڏو صنعتي مرڪز آهي، جتي موٽرن جي ڪيترن ئي ڪارخانن سان گڏ هوائي جهاز ٺاهڻ جا پڻ ڪارخانا قائم آهن. دنيا جا مشهور فٽ بال راند جا ٻہ ڪلب جيُو وينس فٽ بال ڪلب ۽ ٽورينو فٽ بال ڪلب موجود آهن. سن 2006ع ۾ سياري واريون اولمپڪ رانديون هن ٽيورن شهر ۾ منعقد ٿيون هيون. اٽليءَ جو شهر وينس جنهن کي اُتي جا ماڻهو ”وينيزيا“ بہ چوندا آهن. سمنڊ جي ڪِناري تي تانگهي پاڻيءَ اندر اَڏيو ويو آهي. تنهن ڪري وينس شهر جا سمورا رستا ۽ گهٽيون خشڪ نہ پر پاڻيءَ سان ڀريل آهن ۽ شهر ۾ اچڻ وڃڻ ۽ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين پهچڻ لاءِ ٻيڙيون ۽ لانچون هلايون وينديون آهن. تنهنڪري هي شهر سڄي جهان ۾ مشهور آهي. ميورينو ٻيٽ وينس شهر سان ملندڙ آهي، جتي نرالي قسم جا شيشيا تخليق ڪيا وڃن ٿا. جن وسيلي مختلف شين کي ننڍو ۽ وڏو ڪري تحقيقي عمل ڪيو وڃي ٿو. وينس شهر ۾ سينٽ مارڪ واري اسڪوائر ۾ سياحن جا اونهاري دؤران سدائين ڳاهٽ هوندا آهن. سن 2016ع جي نومبر جي مهيني ۾ سياح تمام گهڻي تعداد ۾ آيا، تہ سرڪار کي انهن کي مُنهن ڏيڻ ڏُکيو ٿيو پيو ۽ هن عجيب ثقافتي ورثي جي حفاظت بابت تشويش ٿي پئي. اٽليءَ جي اقتصادي حيثيت يورپ ۾ چوٿون نمبر وڏي قومي اقتصادي قوت جي حامل آهي. انهيءَ جي نامينل جِي. ڊي. پي دنيا ۾ اَٺون نمبر وڏي آهي. دنيا ۾ ترقي يافتہ ۽ مستحڪم اقتصادي ملڪ هجڻ ڪري اٽلي يورپيئن يونين، يوروزون او. اِي. سي. ڊي جي سيون ۽ جي ٽوينٽي نالن سان معاشي/مالياتي اِدارن يا تنظيمن جو تخليقڪار ميمبر ٿي آهي. سن 2016ع ۾ 514 ارب ڊالرن جو برآمدي واپار ڪري دنيا جو اَٺون نمبر وڏو برآمدي واپار ڪندڙ ملڪ قرار ڏنو ويو، اٽليءَ جي پرڏيهي واپار جو تقريباً 59 سيڪڙو يورپيئن يونين جي ملڪن سان ٿيندڙ آهي. مارڪيٽ ۾ ڀائيواري حساب سان ساڻس ڀائيوار ملڪ جرمني 12.6 سيڪڙو، سوئٽزرلينڊ 5.7 سيڪڙو، برطانيہ 4.7 سيڪڙو ۽ اسپين 4.4 سيڪڙو ڀائيوار آهن. عالمي جنگين دؤران اٽليءَ جي زراعت تي مشتمل اقتصادي نظام کي سخت ڇِيهو رسيو، پر هن قوم عالمي جنگين کان پوءِ گُهربل محنت ڪري نہ فقط پنهنجي معيشت کي مثبت انداز سان سنڀالي پاڻ ڀرو ڪيو، پر پنهنجي معيشت جو مُکيہ وسيلو صنعت کي بنائي اٽلي دنيا جو مضبوط معاشي سگھہ وارو ملڪ ٿي پيو ۽ عالمي واپار ۽ برآمدات ۾ دنيا جي مُکيہ ملڪن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. هيومين ڊولپمينٽ انڊيڪس نالي عالمي اقتصادي تجزيہ ڪندڙ اِداري جي رپورٽ موجب اٽليءَ جو معيار زندگي تمام اوچو آهي. اڪانامسٽ جريدي موجب اٽلي دنيا جي ملڪن ۾ اَٺين نمبر تي زندگيءَ جي اعليٰ ترين معيار جو حامل ملڪ آهي. اٽليءَ ۾ پوري دنيا اندر ٽئين نمبر تي سون جو سڀني کان گهڻو ذخيرو موجود آهي. اٽلي يورپيئن يونين جي سڀني ملڪن ۾ ٽئين نمبر تي سڀني کان گهڻو حصو ڏيندڙ ملڪ آهي. اٽلي خانگي ملڪيت جي حوالي سان بہ دنيا جي شاهوڪار ترين ملڪن ۾ شامل آهي. هي ملڪ گهڻي صنعت پيداوار اپائيندڙ ۽ دنيا ۾ تمام گهڻي روانگي تجارت ڪندڙ ملڪ پڻ آهي. مثال طور: ڪيتريون ئي مشينون، ڪلون، موٽر ڪارون ۽ ٻيون آٽو موبائيل گاڏيون، روبوٽ، دوائون، گهرو سامان، فرنيچر، مختلف کاڌا، ڪپڙو ۽ تيار ڪپڙا وغيرہ ڏيساور ۾ وِڪڻندو آهي. تنهنڪري انهيءَ جو روانگي واپار زبردست آهي. صنعتي واپار سان گڏ اٽلي زرعي شعبي مان بہ تمام گهڻو ڪمائيندڙ ملڪ آهي. مثلاً: اهو دنيا ۾ سڀني کان گهڻو شراب ٺاهيندڙ ۽ دنيا ۾ وِڪرو ڪندڙ ملڪ پڻ آهي. اٽليءَ جي آٽو موبائيل انڊسٽري دنيا ۾ تمام اعليٰ قسم جون موٽرون ۽ گاڏيون ٺاهيندڙ ملڪ آهي، تہ انهيءَ سان گڏ بحري جهاز، روزمره ڪم ايندڙ مشينري، اوزار ۽ دنيا جي جديد فيشن جي مصنوعات تيار ڪندڙ ملڪ بہ آهي. انهن سمورين مصنوعات جي تياري ۽ واپار کان سواءِ عشرتي مصنوعات جو يورپ ۾ سڀني کان وڏو مرڪز ۽ پوري دنيا ۾ ٽيون نمبر سڀني کان وڏو مرڪز آهي. مٿي ڄاڻايل سمورن مثبت پهلوئن سان گڏ اڄڪلھہ اهو سالياني ترقيءَ ۾ لاٿ جو مرتڪب بہ ٿيو آهي. سرڪاري قرض ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ معيار زندگيءَ ۾ اُتر ڏکڻ جو فرق شروع ٿيو آهي. مثلاً: اتر ۽ وچ اٽليءَ جي ماڻهن جي سالياني في ڪس آمدني، يورپيئن يونين جي سراسري سالياني في ڪس آمدنيءَ کان گهڻي آهي. ان جي ڀيٽ ۾ ڏکڻ اٽلي ۾ اها يورپيئن يونين واري سراسري في ڪس آمدنيءَ کان گهٽ آهي. بيروزگاري بہ ڪجهہ قدر وڌي آهي. هاڻي وري اٽليءَ جي معيشت ۾ سُڌاري جي لهر چالو ٿي. بئنڪاري نظام ۾ اصلاح آندو ويو ۽ روانگي واپار ۾ اضافو ٿيڻ سبب معاشي ترقيءَ ۾ واڌارو ٿيڻ لڳو. يورپي يونين ٺهڻ کان پوءِ هي ملڪ هاڻ يورپي يونين جي گهٽ معيشت وارن ملڪن جي گهڻي مدد ڪري جنهن جو مثال يونين ۽ پورچوگال آهن ۽ اسپين بہ اڳ اهڙو ترقي يافتہ ملڪ ڪونہ هو. جهڙو اڄ آهي. يورپي ملڪن ۾ اسپين جهڙي نموني پنهنجي ملڪ کي سياحت ڪري هرهنڌ انفراسٽرڪچر ٺاهيو آهي. وڏن سان گڏ ننڍن شهرن ۾ بہ اهڙي ترقي يافتہ نظام يورپ جي مون کي چند ملڪن ۾ ڏسڻ ۾ آيو. اسان کي سوئٽزرلينڊ جي شهر زيورڪ مان نِڪرندي ڇھہ ڪلاڪ کن ٿي ويا هئا. پهرين ٽن ڪلاڪن ۾ اسان هڪ هنڌ تَرسي ماني کاڌي ۽ اسان هاڻ چاهيو ٿي تہ ڪٿ بيهي چانھہ پيئون ۽ ڪجهہ آرام ڪري پوءِ اڳيان وڃون. اسان هڪ جڳھہ تي جت بي مثال هوٽلون هيون. اُت هڪ ڪار اسٽينڊ ۾ پنهنجي ڪار بيهاري حَسين پهاڙين، ڍنڍ ۽ چؤطرف سرسبز ڊگهن وڻن ۽ ڪشادن پارڪن مان گُذرندا اچي هڪ هوٽل ڀيڙا ٿياسين، يورپ ۾ هت اهڙين وچ وچ تي هوٽلن ۽ پئٽرول پمپ، ٽڪ شاپس ۽ عاليشان باٿ رومن تي وڏي رش ٿئي. پر هت هوٽل ٻاهران بہ وڏي تعداد ۾ ماڻهو ٻاهر بہ ماني، ڪافي يا آئيس ڪريم کائي رهيا هئا. هينئر سنڌ ۾ بہ مُک سُٺا رستا ٺهڻ ڪري ٺٽي ڪراچيءَ وچ ۾ روڊ رستن تي بيشمار سُٺيون هوٽلون کُلي ويون آهن. اسان ڪڏهن ڪڏهن گهاري ڀرسان هڪ تمام وڏي هوٽل تي ويهي ڪافي وقت هن هوٽل تي ماني کائيندا هئاسين. هوٽل ٻاهران ايئرڪنڊيشن، سوئمنگ پول، ٻارن جي راندين لاءِ پلي گرائونڊ بہ ٺهيل آهي، پر هاڻ انهيءَ هوٽل ۾ جيڪا پهريائين رش هئي سا هاڻ ڪانهي. هونئن بہ مون ڏٺو آهي تہ هوٽل، وڪيل ۽ ڊاڪٽر مشهور ٿي وڃن تہ، پوءِ اهي صرف پنهنجي نالي ڪري سڄي زندگي ڪمائيندا رهندا آهن.
اسان اسڪول دؤر پوءِ ڪاليج دؤر ۾ اڪثر انگريزي فلمون ڏِسڻ حيدرآباد کان ڪراچيءَ ايندا هئاسين. صبح سوير ريل ڪار ۾ حيدرآباد کان ڪراچيءَ وڃبو هو. گُهمي ڦري فلم ڏسي پوءِ واپس رات جو اُتان نَوين بجي خيبر ميل ۾ چڙهي ٻارهين بجي حيدرآباد واپس پهچي ويندا هئاسين ۽ ڪراچيءَ ۾ هميشہ اسان ڪوشش ڪري ڪيفي اسٽوڊنٽس تي ماني کائيندا هئاسين ۽ هاڻ هن هوٽل جو نالو اسٽوڊنٽس برياني آهي. اڄ تائين هوٽل اڄ بہ نئين سِر ٺهيل ٽي ماڙ هوٽل آهي ۽ ان جون ڪيتريون برانچون ڪراچيءَ جي ٻين علائقن ۾ بہ آهن. تنهن کان سواءِ سپر هاءِ وي تي بہ ڪيتريون وڏيون وڏيون هوٽلون ٺهي ويون آهن. اسان حيدرآباد کان رات جو ڪڏهن ٻني ويندا آهيون تہ ٽنڊي محمد خان ۾ ماتلي روڊ تي ٽنڊي محمد خان ۾ هڪ هوٽل ٻاهران سَوين ماڻهو رات وقت اُت ماني کائيندي نظر ايندا آهن. اسان ڪڏهن ڪڏهن انهيءَ هوٽل تان تِڪا، ڪباب يا ڪڙهائي گوشت پيڪ ڪري وٺي ويندا آهيون. سڀ ائٽم ڏاڍا لذين هوندا آهن.
آئون فيمليءَ سوڌو گهڻو ڪري ڀٽ شاھہ جي ميلي تي ويندو آهيان. هن سال بہ آئون، مِنا، سپي، رانيہ ۽ مناهل ڀٽ شاھہ ميلي تي وياسين. ڏاڍي بُک لڳي، جيتوڻيڪ سڀني ماڻهن لاءِ درگاھہ اندر لنگر جو وڏو پيماني تي بندوبست ٿيل هو ۽ بيشمار ماڻهن لنگر تان ماني وٺي پئي کاڌي ۽ڏِسڻ ۾ سُٺي ۽ تازي نظر پئي آئي. سو اسان ڀٽ شاھہ درگاھہ هيٺان سيڙهين تان هڪ مٺائيءَ واري جي دڪاندار کان پُڇيو تہ ڀٽ شاھہ ۾ ماني کائڻ جي ڪا سُٺي هوٽل آهي. سو اسان کان پُڇئين تہ توهان وٽ پنهنجي گاڏي آهي. مون کيس ها ۾ جواب ڏنو تہ، پاڻ چيائين تہ، سائين هالا هتان کان چند ميلن تي آهي، هالا کان ٿورو ٻاهران سپر مدينہ نالي هڪ کاڌي جي ڏاڍي سُٺي هوٽل آهي. اُت وڃي ماني کائو، مِنا ۽ سِپي جڏهن بہ ڀٽ شاھہ اچن تہ هالا شهر مان تمام گهڻيون هالا جو روايتي سامان خريد ڪن، جنهن ۾ کٽن جا پاوا، صنديلون، ويلڻ ۽ ڪاشيءَ جا گُلدان، ڪونڊيون، فَراسيون، سوسيءَ جا ڪپڙا ۽ اجرڪون ۽ مون لاءِ ۽ محبوب فرخ لاءِ کدر جا ڪپڙا ۽ ٻيو پڻ ڪافي سامان خريد ڪن. سو هالا تہ وڃڻو ئي وڃڻو هو. اسان ٻہ ميل کن اڳيان وياسين تہ هڪ پئٽرول پمپ ڀرسان تمام وڏي هوٽل هئي. هوٽل اڳيان بَسُون، ويگنون ۽ ڪافي ڪارون بيٺل هيون ۽ هن هوٽل ٻاهران عام ماڻهن لاءِ ۽ پُٺيان فيمليز لاءِ وڏي ايئرڪنڊيشن هوٽل هئي، جتي وڏي تعداد ۾ ڪافي ماڻهو پنهنجي فيملين سان گڏ ماني کائي رهيا هئا. ڀرسان ئي صرف هوٽل گراهڪن عورتن ۽ مردن جا صاف سُٿرا باٿ روم هئا. انهيءَ سان گڏ وڏي ڪمري ۾ مسجد هئي. جنهن اندر ايئرڪنڊيشن لڳو پيو هو ۽ سڄي مسجد ۾ نئون صاف ُٿرو ڪارپيٽ وڇايل هو. هوٽل اندر ٻاهران هڪ ئي وقت ٻہ سؤ کن ماڻهن جي هڪ ئي وقت ويهي ماني کائي سگهيا ٿي. مانيءَ جا برتن ۽ ماني ايڏي تہ سُٺي هئي جو منهنجي ڏُوهٽيءَ رانيہ چيو تہ بابا هتان ڪجهہ پيڪ ڪري کڻي هلون.
سو اسان بہ هت اٽليءَ جي موٽر وي تي هوٽل مان ماني کڻي اچي ٻاهر هڪ ٽيبل تي ويهي ماني کاڌي. چؤطرف سَوَن جي تعداد ۾ ٽوئرسٽ ويٺل هئا. جيڪي مختلف زبانون ڳالهائي رهيا هئا. پر اسان کي هت هڪ بہ ماڻهو انگريزي ڳالهائيندي ڪونہ ڏٺو. اسان جيئن تہ وڏي مسافريءَ کان پوءِ هت پهتاسين تنهنڪري هت ڪجهہ وقت آرام ڪري پوءِ اڳيان پنهنجي منزل اٽليءَ جي هڪ حسين عجوبو شهر وينس هئي. اٽلي تمام شاهوڪار ملڪ آهي، پر ملڪ جي روڊ رستن جو اهو اسٽينڊرڊ ڪونہ هو، جيڪو يورپ جي ٻين ملڪن جو هو. هت مانيءَ ۾ پنهنجي آچار سان ملندڙ جُلندڙ آچار بہ فريءَ ۾ ڏيندا هئا. هت موسم يورپ جي ملڪن جهڙي ٿڌي نہ پر پنهنجي ملڪ جهڙي گرم آهي. جنهنڪري گهر ۾ بہ پنهنجي ملڪ جهڙا هئا. مثلاً: گهرن ۾ دَريون، ورانڊا ۽ ڇِتين ۾ پَکا لڳل هئا. هتي ڪافي تعداد ۾ ماڻهو مڇون بہ رکندا آهن، اڄڪلھہ يورپ جا ماڻهو وڏي تعداد ۾ ننڍيون ڏاڙهيون بہ رکن. اڳ ائين ڪونہ هوندو هو. پر هينئر ڄڻ اهو يورپ ۾ فيشن ٿي ويو هو. اسان جت ويٺا هئاسين اُت هڪ پهاڙيءَ تان آبشار جو پاڻي بہ هيٺ ڪِري رهيو هو. هن منظر جا وڏي تعداد ۾ ماڻهو فوٽا ڪڍي رهيا هئا ۽ اسان بہ هت هڪ ٻئي جي ڪيترا سارا فوٽا ڪڍيا.
اسان هاڻ اٽليءَ جي موٽر وي تي اچي پنهنجي اٽليءَ جي آخري منزل وينس ڏانهن وڃي رهيا آهيون، اسان کي هاڻ وينس پهچڻ ۾ اڃا بہ ٽي ڪلاڪ لڳندا. آسمان ۾ وڏا وڏا اڇا ڪڪر تيزيءَ سان ڊوڙي رهيا آهن. ٻہ طرفي موٽر وي وچ ۾ فٽ پاٿ نما ننڍي گُلن ۽ وڻن لاءِ ٺهيل جڳھہ جنهن تي ننڍا وڏا وڻ ۽ گُل لڳل آهن. جيڪي هوا ۾ لُڏي لمي رهيا آهن. ٻنهي طرفن کان روڊ جي مڪئي، ڪڻڪ، جوئر جو فصل ۽ زيتون جا وڻ وڏي تعداد ۾ پوکيل آهن. سڄي يورپ ۾ زيادھہ ۾ زيادھہ زراعت اٽلي ۾ ٿئي ۽ اٽليءَ جو زيتون جو تيل سڄي دنيا پنهنجي استعمال لاءِ وٺي. چون ٿا تہ زيتون جي تيل جي استعمال سان دل جون بيماريون گهٽ ٿين ۽ انهيءَ ڪري اٽليءَ ۾ دل جون بيماريون سڄي دنيا ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٿين. دنيا ۾ صرف هڪ ماڻهو اهڙو آهي، جنهن جي دل ساڄي طرف آهي سو بہ اٽليءَ جوآهي. اٽليءَ جي گاديءَ واري شهر لاءِ سڄي دنيا هزارن سالن کان چئي ٿي ته:
1. Rome was buring Nero was fiding.
2. Rome was not build a day.
3. Do in Rome as Roman do.
4. All Road Leads to Rome.
آخري سِٽ ۾ اهو ڄاڻايل آهي تہ، سڄي دنيا جا رستا صرف روم شهر ڏانهن وڃن ٿا. پر هاڻ سائين دنيا جا سڀ روم نہ پر آمريڪا ۽ هاڻ چين ڏانهن بہ وڃڻ شروع ٿيا آهن. واقعي دنيا تي پهريائين يونانين، پوءِ رومنس پوءِ مسلمانن. مسلمانن کان پوءِ انگريزن تنهن بعد آمريڪا ۽ هاڻ لڳي پيو تہ چين بہ ايندڙ ويهن سالن ۾ چائينا بہ هڪ تمام وڏو سپر پاور ٿي دنيا ۾ اُڀرندو، جنهن جون جهلڪيون هينئر ئي دنيا ڏسي رهي آهي. پاڻ وٽ پاڪستان ۾ گهڻو وقت اڳ ڪارن، ٽرڪن ۽ بسن وانگر ٽريڪٽر بہ آمريڪا ۽ يورپ جا استعمال ٿيندا هئا. ڪارن ۾ فورڊ، بيوڪ، شيورليٽ، فيئٽ، فاڪس ويگن ۽ ٽريڪٽرن ۾ فيئٽ، ميسي فورڊ استعمال ٿيندا هئا، پر جاپان جي ڪارن ۽ روس جي ٽريڪٽرن اچڻ ڪري اها ٽرانسپورٽ جي ٽريڊ پاڪستان ۾ ڄڻ تہ هميشہ لاءِ ختم ٿي وئي، پر يورپ ۾ هر هنڌ يورپ جا ئي ٽريڪٽر استعمال ٿيندي ڏٺا ۽ هينئر بہ اسان ڏسي رهيا آهيون، زمينن ۾ اٽليءَ جو ٽريڪٽر فيئٽ جت ڪٿ ڪم ڪري رهيا آهن. اٽليءَ جو سامونڊي ڪِنارو وسيع هئڻ ڪري سڄي دنيا مان غير قانوني ماڻهو پهريائين سامونڊي جهازن ۽ ٻيڙين ۾ چڙهي اٽليءَ ۾ اچڻ کان پوءِ يورپ جي ٻين ملڪن ڏانهن وڃن. انهن غير قانوني ماڻهن ۾ پاڪستاني پنجابين جو بہ وڏو تعداد هوندو آهي، ڪيترا ماڻهو انهيءَ غير قانوني سفر ۾ سامونڊي جهازن ۾ ساھہ گُهٽجڻ سبب مري ويندا آهن، تہ ڪي وري ٻيڙيون اُٿلڻ ڪري ٻُڏي مري ويندا آهن. انهيءَ غير قانوني ڌنڌي ۾ اٽليءَ جا جهازران ۽ ماڻهو بہ وڏي تعداد ۾ شامل هوندا آهن. هونئن بہ اٽليءَ وارن جو نعرو آهي ته: Via- San- Pietro يعني؛ عورت، پئسو ۽ ڏوهه.
اٽلي قديم رومي شهنشاهت کان وٺي عظيم روايتن جو حامل رهيو آهي. اوڻيهين صديءَ جي اڌ ۾ ملڪي اتحاد ٿيڻ کان وٺي يعني هن علائقي جي سمورين ننڍين رياستن جو اٽليءَ ۾ شامل ٿيڻ کان وٺي 1946ع تائين اٽليءَ ۾ بادشاهت قائم هئي. تنهن کان پوءِ هتي پارليامينٽري جمهوري نظام حڪومت قائم ٿيو ۽ 1948ع ۾ جوڙيل آئين موجب حڪومت هلي رهي آهي. انتظامي لحاظ کان ملڪ ڪيئي ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. جن کي ترتيبوار ريجن، پروانس ۽ ميونسپالٽيز سَڏيو وڃي ٿو. اهي سمورا مڪاني ادارا ڪافي حد تائين خودمختيار آهن. خصوصاً ريجن جيڪي اقتصادي ترقيءَ جي لحاظ کان ٻين انتظامي ايڪائين کان گهڻو مختلف آهن. سياسي طور ملڪ ۾ گهڻيون پارٽيون ۽ تنظيمون آهن، ڪرسچن ديموريٽڪ پارٽي ۽ اٽليءَ جي ڪميونسٽ پارٽي ملڪ جون مُکيہ سياسي پارٽيون آهن. جيڪي ڪُل ووٽن جو ٽيون يا چوٿون حصو اڪثر بيشتر حاصل ڪنديون آهن. تنهن کان سواءِ ننڍيون سياسي پارٽيون پڻ ڪافي تعداد ۾ موجود آهن. انهن ۾ ساڄي ۽ کاٻي مرڪزي ڌُر جي خيالن جون حامل تنظيمون اچي وڃن ٿيون. مجموعي طرح ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ ڪنهن بہ پارٽيءَ کي واضح اڪثريت حاصل ٿي نہ سگهي آهي ۽ هيل تائين سموريون مخلوط حڪومتون نهايت ڪمزور ٿي رهيون آهن.
اٽلي يورپي اقتصادي (E.E.C) ۽ ڪائونسل آف يورپ جو ميمبر آهي. تنهن کان سواءِ ٻين عالمي تنظيمن سان پڻ وابستہ آهي. جاگرافيائي طور يورپ جي ڏکڻ واري دنگ تي هئڻ سبب ٻي عالمي جنگ کان پوءِ واري عرصي دؤران اٽلي ناٽو (NATO) واري فوجي معاهدي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
رومي اقتدار کان اڳ واري اٽلي ملڪ ۾ گهڻن ئي نسلن جا ماڻهو آباد هئا. جن جي رهڻي ڪهڻي توڙي گفتار ۽ سماجي صورتحال هڪ ٻئي کان مختلف هئي. انهن سمورن نسلن ۾ علائقائي توسيع پسنديءَ جو رجحان ڪارفرما هو. منجهن پاڙيسري رياست يونان جي ماڻهن جون خوبيون جهڙوڪ: شانُ، شوڪت، علمي پختگي ۽ فنونِ لطيفه سان لڳاءُ پڻ موجود هو.
جيتوڻيڪ رومي سلطنت جي فتح کان پوءِ سموريون ننڍيون رياستون گڏيل شاهي رياست ۾ متحد ٿي ويون ۽ هڪڙو عاليشان متحد سياسي ثقافتي ۽ سماجي نظام برپا ٿيو هو. جنهن کي سال ۽ صديون ٿي ويون آهن. مگر ماڻهن جي اڪثريت علائقائيت ۾ مبتلا آهي ۽ اهي قديم علائقائي ايڪائين، جهڙوڪ: ليٽيم، ڪيمپينيا، اپوليا، بروٽيئم، نوڪانيه، سامينيئم، پائيسينيئم، امبريا، ايٽروريا، وينيٽيا، لگوريا وغيرہ سان واڳيل رهيا آهن.
اٽلي جي قديم ايٽرسڪن قوم جي مذهب جو بنياد يونان ۽ روم وانگر گهڻن ديوتائن ۽ ديوين تي مشتمل هو. زندگيءَ جي مختلف مسئلن جي حل لاءِ انهن ديوين ۽ ديوتائن جي پوڄا ڪئي ويندي هئي. مختلف قسم جا صدقا ۽ قربانيون ٿينديون هيون.
سندن عقيدي موجب ڪائنات سورهن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. جتي مختلف ديوتائن جا الڳ الڳ آستانا آهن. مثلاً: مُکيہ ديوتا اوڀر طرف رهن ٿا. مادي ديوتا ڏکڻ طرف رهندا آهن. ڪٺور ۽ جابر ديوتا اولھہ طرف ۽ سڀ کان وڌيڪ طاقتور ۽ قادر ديوتا اُتر طرف رهندا آهن. ايٽرسڪن ماڻهن جو اهو بہ عقيدو هو تہ جاندار توڙي غير جاندار هر قسم جي مادي ۾ رهندڙ آهن. لاطيني لِيکڪن سندن مذهبي عقيدن کي ڊسيپلنيا ايٽرسڪا نالي ۾ مرتب ڪيو آهي.
سندن آسماني يا جنت مڪين عظيم ديوتا ٽِن (Tin) يا ٽِنيا (Tinia) آهي. ان جي حيثيت رومي ديوتا جپيٽر ۽ يوناني ديوتا زئيس واري آهي. هن ديوتا وٽ کنوڻ وارا هٿيار آهن. عظيم ماءُ ديوي يونِي (Uni) آهي. اها رومي ديوي هيرا ۽ جونو جي برابر آهي. سيٿلائن رومي ديوتا ولڪين جي برابر آهي.
ٿرمس يوناني ديوتا هرمس ۽ رومي ديوتا وانگر مرڪزي جي برابر آهي. اهڙيءَ طرح يونانين ۽ رومين ايٽرسڪن ماڻهو وٽ پڻ وڏي ديومالا قائم هئي. سندن ڪريا ڪرم پڻ رومين ۽ يونانين سان ملندڙ آهن.
ايٽرسڪن ماڻهو اوائل ۾ لاشن کي ساڙي سندن رَک مخصوص برتنن ۾ محفوظ ڪري رکندا هئا. بعد ۾ قبرن ۾ دفن ڪرڻ شروع ڪيائون ۽ اهي تابوتن ۾ پڻ رکندا هئا. ۽ انهن تي فوتيءَ جي تصوير ٺاهيندا هئا.
اسان پهريائين وينس پهچي پنهنجي ڪار ڏھہ منزلا ڪار پارڪنگ جي ستين ماڙ تي پارڪ ڪري پوءِ هيٺ لفٽ ۾ لهي ات ننڍي ريل ۾ چڙهي، اها ريل بلڪل دبئي ايئرپورٽ ۽ لنڊن جي گيٽ وڪ ايئرپورٽ تي هلندڙ ننڍي ٽرين جهڙي هئي؛ جنهن اسان کي آڻي سمنڊ ڪناري لاٿو. جتان اسان هڪ شِپ ۾ چڙهي اچي انهيءَ جيٽي تي لٿاسين، جنهن جيٽي لاءِ اسان جي اُت انتظار ڪندڙ گائيڊ اسان کي چيو هو، اسان وڏي لانچ ۾ چڙهي هلندا هلندا اچي انهيءَ جيٽي تي پهتاسين. هي سج لٿي جو وقت هو ۽ سج لهڻ جو منظر بلڪل اهڙو هو، جهڙوڪ پاڪستان ۾ هوندو آهي. اسان جي لانچ اسان کي آڻي انهيءَ جيٽي يا پتڻ تي لاٿو، جت اسان کي لهڻو هو. اُت اسان جي انتظار ۾ هڪ اڌڙوٽ عورت بيٺل هئي. جنهن اسان کي ڏسڻ شرط پنهنجو تعارف ڪرايو ۽ اسان کي وٺي اچي اسان جي ٻن ڪمرن واري گهر تي پهچايو، جيڪو نور محمد ٻہ ٽي مهينا اڳ بُڪ ڪرائي ڇڏيو هو. جيڪو اسان کي تمام سستو پيو. هن گهر ۾ ٻہ بيڊ روم، هڪ ڊرائينگ روم، هڪ ننڍو پارڪ ۽ هڪ مناسب ڪِچن هو. هن اسان جا پاسپورٽ وٺي انهيءَ جا فوٽا ڪڍيا. ۽ ٽي فارم اسان کي ڏنا تہ، اسان انهن کي ڀري واپس سندس حوالي ڪريون، باقي اسان جي هن گهر لاءِ رقم اڳ ۾ ئي ڏنل هئي، هن مائيءَ اسان کي سمجهايو تہ، واپس وڃڻ مهل قُلف ڏئي پوءِ توهان ڀلي هليا وڃجو. سڀ سمجهاڻيون ڏئي پاڻ اسان کان موڪلائي هلي وئي. وينس جا گهر ٻاهران گهڻو ڪري انهيءَ پُراڻي حالت ۾ برقرار آهن. جيڪي هي گهر سِرن سان ٺهيل سؤ سال اڳ هئا. سو جو مِنا هي گهر ٻاهران ڏٺو تہ ڏاڍي ناراض ٿي تہ، هي مون کي ڪٿي وٺي آيا آهيو. پر جڏهن هي شاندار گهر اندران ڏٺئين ۽ منجهس پيل غاليچا ۽ فرنيچر ڏٺئين تہ حيران ٿي وئي. اسان ٿوري دير آرام ڪري، پهريائين گهر جو جائزو وٺي، پوءِ ڪِچن ڏٺوسين تہ ان ۾ ضرورت جي هر شيءِ اسان کان اڳ هت رهيل ڇڏي ويا هئا ۽ اسان بہ وري وڃڻ مهل انهيءَ کان وڌيڪ سامان ڪِچن جي استعمال جو هت ڇڏي پوءِ روانا ٿياسين. اسان سوچيو تہ هت ڪجهہ چڪر ۽ گهر لاءِ ضروري سامان خريد ڪري پوءِ اچي ماني تيار ڪري کائون ۽ آرام ڪريون. سو اسان جنهن رستي تان لانچ مان لهي هت آيا هئاسين تہ ان رستي رش بلڪل ڪانہ هئي. پر جڏهن گُهمڻ واري علائقي ۾ داخل ٿياسين تہ ايڏي تہ رش هئي جو اسان اها رش ڏسي گهمڻ تان ئي هٿ کنيو، نہ تہ اسان جو خيال هو تہ اسان رات جو هن رنگينن گونڊولا ۾ سير ڪنداسين، پر هيڏي ساري رش اسان جو خيال بدلائي ڇڏيو. اسان گهر لاءِ ٻن ڏينهن جو سامان خريد ڪري اچي گهر ڀيڙا ٿياسين ۽ خيال ڪيوسين تہ صبح سوير اُٿي گونڊولا ۾ گُهمنداسين، سو وٺي اچي گهر پهتاسين. مِنا ماني تيار ڪئي سا کائي سُمهي رهياسين. هت سڀني ڪمرن ۾ پَکا بہ لڳل هئا ۽ واقعي جي هت پکا نہ هجن ها تہ ننڊ ڏاڍي مشڪل سان اچي ها. دستور مطابق مِنا سوير اُٿي چانھہ ۽ ناشتو تيار ڪيو، جيڪو کائي اسان صبح ڇهين بجي وينس جي سير تي نِڪتاسين، تہ اسان ماڻهن جي رش ڏسي حيران ٿي وياسين. گونڊولا ۾ چڙهڻ لاءِ بہ ماڻهن جون لائينون لڳيون پيون هيون. پراگ شهر ۾ بہ وڏي رش هئي، پر هت وينس ۾ انهيءَ کان بہ گهڻي رش هئي. اسان گونڊولا وارن کان پُڇيو تہ ڪيترا پئسا وٺندا. هن چيو تہ اڌ ڪلاڪ گُهمائڻ جا ٻارهن هزار پاڪستاني روپيا حڪومت طرفان اسان جي في مقرر ٿيل آهي. سو اسان هڪ ترڪي جوڙي کي پاڻ سان شامل ڪري اهو چڪر لڳايو تہ اهو اڌ ڪلاڪ جو سفر اسان کي ڇهن هزارن ۾ پيو. ترڪيءَ وارا بہ زال مڙس ٻہ ڄڻا هئا، پر ٻيڙيءَ ۾ لهڻ کان پوءِ اسان وري ڏٺا بہ ڪونه. اسان کي وينس گُهمڻ لاءِ هڪ ڏينهن ۽ هڪ رات هو. صبح سوير اسان کي هتان کان آسٽريا جي گاديءَ واري شهر ويانا وڃڻو هو. سو اسان هت سينٽ مارڪ چرچ، ريالٽو برج، ڊوگز پيلس، مارڪو پولو جو گهر ۽ هتان جي مارڪيٽن مان ڪجهہ چمڙي جو سامان خريد ڪيو. چمڙي جي سامان جون شيون وينس جون سڄي دنيا ۾ مشھور آهن. بوبيءَ ٻٽون ۽ جُتو خريد ڪيو. منا پنهنجي ۽ ٻارن لاءِ پَرس خريد ڪيا. جيسين هنن مارڪيٽن مان خريداري ڪئي، تيستائين آئون اچي ٻاهر هڪ بينچ تي ويهي رهيس، تہ سمنڊ ۾ بيشمار سياح ننڍين ننڍين ٻيڙين ۾ جنهن کي هت چون ”گونڊولا“ ۽ وري وڏين گونڊولائن ۾ ميوزڪ وارو بہ هڪ ماڻهو هوندو آهي، جيڪو سڄي سفر ۾ ميوزڪ وڄائيندو رهندو آهي. راج ڪپور فلم ”میرا نام جوکر“ ۾ جيڪو گانو ”جانے کہاں گئے وہ دن گذرے تھے تیری یاد میں“ وينس جو گونڊولا ۾ وڄايل هڪ ميوزڪ تان نقل ڪيو آهي. هت تمام گهڻي رش هئڻ ڪري ٿوري دير لاءِ جيڪي سياح ٿَڪي پَٽ تي ويٺا، ڪجهہ دير لاءِ تہ کين پوليس ويهڻ ڪونہ ڏنو ۽ اُٿاري ٿي ڇڏيو. اسان مارڪو پولو جي گهر اڳيان ڪافي فوٽا ڪڍيا. مارڪو پولو ابن بطوطہ وانگر وڏو سياح هو. ابنِ بطوطہ وڏو عالم فاضل هو. مارڪو پولو ۽ هن جو پُٽ نڪولو بہ سياح هو. جيڪو منگول دؤر ۾ پهريون يورپيئن جو سياح هو، جيڪو چين ويو. سترهن سالن جي عمر ۾ مارڪو پولو جي قبلائي خان سان ملاقات ٿي. جيڪو هن کان ايڏو تہ متاثر ٿيو جو هن مارڪو پولو کي پنهنجي انڊيا ۽ برما ۾ سفير مقرر ڪيو. چوويهن سالن جي وقت کان پوءِ هي جڏهن واپس وينس آيو تہ، هن کي وقت جي حاڪمن سان اختلاف ڪري جيل حوالي ڪيو ويو. هي وڏو واپاري ۽ ليکڪ هو. جيل مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ شادي ڪيائين ۽ کيس ٽي ٻار ٿيا. پاڻ آخر ۾ وينس ۾ رهيو، جت سندن وفات ٿي، کيس هڪ چرچ ۾ دفن ڪيو ويو. اسان ٻنپهرن جي ماني بہ هت کاڌي، شام ڌاري گهر وياسين. ٿورو آرام ڪري گُهمندا ڦرندا اچي سمنڊ ڪناري انهيءَ مُک چؤڪ تي بيٺاسين. جت رات جون رنگينون ۽ روشنيون پنهنجي عروج تي هيون. چؤطرف روشنين جي جهرمر لڳي پئي هئي ۽ هزارن جي تعداد ۾ مختلف قومن جا ماڻهو مختلف زبانون ڳالهائيندا، هڪ عجيب منظر لڳي رهيو هو. مرد عورتون پٽ تي ليٽي، هڪٻئي مٿان ليٽي، هڪٻئي کي پيار ڪري هر ڳالھہ کان بي نياز ڪچهريون ڪري کلي رهيا هئا. ڪي ماڻهو دنيا مان ڪهي اچي هت شاديءَ جون تقريبون کُلي ٻيڙيءَ ۾ ڪندا آهن. انهن جوڙن لاءِ اسپيشل گونڊولا يا ان کان بہ وڏيون ٻيڙيون تيار ڪندا آهن. جنهن ۾ گهوٽ ڪنوار شاديءَ جي لباس ۾ هڪ مٿاهين هنڌ تي ويٺل هوندا آهن ۽ سندن مهمان هيٺ ويٺل هوندا آهن. مهمانن لاءِ هت مانيءَ ۽ راڳ جو بہ لاجواب بندوبست ٿيل هوندو آهي، مهمانن لاءِ وچ ۾ پيل کاڌو بہ هڪ ننڍي خوبصورت شيشي جي ٻيڙيءَ ۾ پيل هوندو آهي. هر مهمان اُن شيشي جي ٻيڙيءَ مان پنهنجو کاڌو کڻي کائي اهڙي تقريبن ۾ شراب، وائين ۽ شيمپئين جا تہ ڊرم ڀريا پيا هوندا آهن. آخر ۾ سڀ مهمان گڏجي ڳائيندا آهن. هي ميڙو سڄي رات هلندو رهندو آهي. مون سان گڏ توهان بہ وينس جي سياحت جي باري سربستو احوال ٻُڌو.
اٽليءَ جو جڳ مشهور شهر وينس پنهنجي نرالي بيهڪ، اڏاوتي اسلوب ۽ آرٽ سبب دنيا جي سياحن يا سيلانين لاءِ تمام گهڻي اهميت توڙي ڪشش جو باعث آهي. سن 2017ع جي انگن اکرن موجب انهيءَ سال وينس شهر ۾ سراسري طور تي روزانہ سَٺ هزار سياح گُهمڻ ايندا رهيا. اهڙيءَ طرح هڪ سال ۾ اٽڪل ٽي ڪروڙ سير ۽ سفر جا شوقين سيلاني هتي ايندا رهندا آهن. تنهنڪري ايتري گهڻي تعداد ۾ سياحن جي هتي اچڻ ڪري گهڻا گچا پيھہ ٿئي ٿي. جنهن سبب شهر جو سماجي توڙي فضائي ماحول تي منفي اثر پوڻ اڻٽر ٿيو پوي. سن 2017ع ۾ اقوام متحده جي يونيسڪو اداري طرفان وينس شهر کي بہ دنيا جي انهن شهرن جي فهرست ۾ شامل ڪرڻ بابت غور ڪيو ويو. جيڪي شهر جنگين يا ٻين ماحولياتي اسباب پٽاندڙ تباھہ ۽ برباد ٿيڻ وارا آهن ۽ خطرناڪ صورتحال جا حامل آهن. شهر جو ماحول خراب ڪندڙ سياحن جو تعداد گهٽائڻ لاءِ گُهربل پاليسي مرتب پئي ٿي ۽ شهر ۾ هلندڙ ڪروز ٻيڙين جو تعداد گهٽائڻ جو بہ فيصلو ڪيو ويو آهي.
حقيقت ۾ سڄي ملڪ جي سير ڪرڻ واري حسب معمول جامع پروگرام موافق وينس شهر جو سير اولين ترجيح جو سدائين حامل رهيو آهي. جنهنڪري شهر جي اقتصاديات جو مُکيہ دارومدار شهر جي سياحتي سرگرمين جي معروضي حالتن تي آهي. مزي جي ڳالھہ اها آهي تہ، شهر جي معيشت جو دارومدار ارڙهين عيسوي صديءَ کان وٺي گهڻي ڀاڱي سياحتي ڪمائيءَ تي رهيو آهي. انهيءَ جي گواهي شهر جي تاريخي دستاويزن ۾ محفوظ آهي. اوڻيهين عيسوي صديءَ ۾ وينس شهر شاهوڪار، صاحبانِ حيثيت ۽ مزاجاً لطف ۽ لذت جي شوقينن سياحن ۽ سيلانين لاءِ وندر ۽ ورونهن جو آماجگاھہ ٿي رهيو، جتي مذڪور بيان ڪيل افراد ڊينيئلي هوٽل ڪيفي فلوريين ۽ اهڙين ٻين شهر ۾ موجود ڪيترين ئي رهائش جڳهين ۽ معياري کاڌي پيتي توڙي لطف ۽ لذت جي جوڳي بندوبست وارين هوٽلن تي عموماً شائقينن جا سدائين ڳاهٽ هوندا هئا ۽ اهڙين سياحتي سرگرمين جو تسلسل سڄي ويهين عيسوي صديءَ دؤران جاري ۽ ساري رهيو. جنهنڪري وينس شهر وڌيڪ شاهوڪار، ترقي يافتہ، لُطف ۽ لذت جي حوالي سان ساري جڳ ۾ مشهور ٿيو تہ، ٻئي طرف شادماني ۽ خوشيءَ وارن آڳاٽن مقامي ڏهاڙن کي جديد انداز ۾ بحال ڪري ملهائڻ جي شروعات سن اوڻيھہ سؤ اَسي واري ڏهاڪي ۾ ٿي ۽ رقص ۽ موسيقيءَ تي مبني جلوس ۽ جلسا شهر جي رونق جون علامتون ٿي پيا. جن ۾ هڪ سالا ۽ ٻہ سالا ڪيترائي جشن ملهائجڻ لڳا.
ساليانہ فلمي ميلا ۽ ناٽڪي ڏڻ زور شور سان منعقد ٿيندا پئي رهيا آهن. انهن مجلس، ميلن ۽ جلسن جلوسن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ مذڪورہ مزاج وارا شائقين حضرات دنيا جي ڪُنڊ ڪڙڇ کان ڪهي وينس اچن ٿا ۽ پنهنجي من جون مُرادون پوريون ڪن ٿا. انهن مجلسن ۾ ڪيتريون ئي مقامي ثقافتي سرگرميون وڏي پيماني تي منعقد ٿينديون رهنديون آهن. موجودہ دؤر ۾ تہ وينس شهر ۾ سير تفريح، وندر ورونهن توڙي لطف ۽ لذت جي حوالي سان تمام گهڻا ماڳ مڪان، تاريخي جڳهيون، گِرجا گهر، محل ماڙيون، هوٽل، ڪيفي، ٿيئٽر، سئنيمائون ۽ نائيٽ ڪلب وغيرہ شهر جي هر گهٽيءَ ۽ گهيڙ تي ايندڙ شائقين جي آجيان خدمتگار، عُلمائن ۽ حورن مثل دائمي طور حاضر آهن. مثال طور: لڊو ڊي وينيريا نالي مشهور مرڪز ۾ فلمي صنعت سان وابستہ اداڪارن، اداڪارائن ۽ سندن چاهيندڙ شائقين حضرات هزارن جي تعداد ۾ سدائين لُطف ۽ لذت ماڻڻ ۾ مشغول رهندا آهن، تہ ٻئي طرف سينٽ مارڪ وارو باسيليڪا يعني گرجا گهر يعني عيسائين مذهب وارن لاءِ قائم ڪيل عبادتگاھہ پنهنجي تعميراتي حسن سبب تاريخ جي عالمن، اديبن ۽ سياحن جي دلچسپيءَ جي مرڪز طور موجود آهي. تنهن کان سواءِ وينس شهر جي مُکيہ گهٽي ۽ بازار طور گرانڊ ڪينال بہ مخصوص نقشو ۽ نظارو نروار ڪريو بيٺو آهي. پيازاسين مارڪو وري ساڳئي علائقي ۾ هڪ عاليشان سپر مارڪيٽ جي صورت ۾ خريدارن لاءِ نهايت پُرڪشش مرڪز آهي، جتان منا ٻہ دفعا کاڌ خوراڪ جو سامان خريد ڪيو. جيئن تہ هيءُ دنيا جو واحد شهر ديومالائي فڪر جي حامل جادوگر انجنيئرن سمنڊ جي تانگي پاڻيءَ واري ڪناري ڀرسان پاڻيءَ ۾ تعمير ڪري انسانذات کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. سڄي شهر جي رستن بدران پاڻي موجود آهي ۽ شهر ۾ اچڻ وڃڻ ۽ گهرن گهاٽن ۾ داخل ٿيڻ توڙي انهن مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ مختلف قد ڪاٺ جون ننڍيون ٻيڙيون ۽ وڏا ٻيڙا ترندا هلن ٿا. ڇو تہ وينس شهر ۾ نرالي انداز سان ٽرئفڪ جو واحد وسيلو ٻيڙيون ئي آهن، قديم روايتي ٻيڙيءَ جو نالو گونڊولا آهي. ڳن وسيلي هٿ سان هلائي ويندي آهي. وينس شهر جي آبي رستن ۽ گهٽين ۾ ڪِروز شپس يعني جديد بحري ٻيڙين ۾ سير ڪرڻ، جن ۾ کائڻ پيئڻ ۽ رهائش کان سواءِ راڳ، ناچ ۽ عشرت ڪلب بہ موجود آهن. تنهنڪري سياحن توڙي لُطف ۽ لذت جي طالبن کي شهر ۾ موجود هوٽلن ۽ ڪلبن ۾ وڃڻ جي ضرورت نٿي پوي. تنهنڪري ڪروز شپس ۾ سير ۽ تفريح ڪرائڻ شهر جي معيشت ۾ چڱو خاصو قرار ڏنو پيو وڃي. سن 2015ع جي انگن اکرن موجب انهيءَ سال وينس جي ڪروز شپس ۾ سير ڪندڙ شائقين حضرات هڪ سؤ پنجاھہ ملين يورو کان بہ وڌيڪ پئسا کپايا، جيڪي اوڻيھہ ڪروڙ ٽيھہ لک آمريڪي ڊالرن کان بہ گهڻا پئسا آهن. وينس شهر کي دنيا ۾ سيلانين کي ڦاسائيندڙ شهر سَڏيو ويندو آهي. دنيا ۾ ڪجهہ ماڻهن جو خيال آهي تہ، وينس شهر پنهنجي نرالي بيهڪ ۽ پنهنجي جديد ثقافتي سرگرمين سبب هڪ اهڙو طلسمي عجائب گهر محسوس ٿو ٿئي، جتي روايتي عجائب گهرن جي ابتڙ، جتي نمائش لاءِ سجايل سموريون شيون بي جان هونديون آهن. پر هن طلسمي عجائب ۾ سموريون شيون جيئريون جاڳنديون سجايل ۽ سنواريل آهن، تنهنڪري وينس شهر نہ پر اهو هڪ زندھہ جاويد عجائب گهر آهي. واقعي اها ڳالھہ سمجهہ ۾ نٿي اچي تہ اهڙو عجوبو ڇو ٺاهيو ويو، يا هي شهر هت ڪهڙي مقصد لاءِ جوڙيو ويو. هن شهر کي ڏسي ماڻهو اهو سوچڻ تي مجبور ٿيو پوي. مون هن جهڙو شهر ٻيو سڄي دنيا ۾ ڪِٿ بہ ڪونہ ڏٺو.
اولھہ يورپ توڙي دنيا جي ٻين شهرن جي ابتڙ پرڏيهي شوقين ماڻهن لُطف ۽ لذت جي دائمي حصول خاطر وينس شهر ۾ پنهنجون جايون جڳهيون سڄي دنيا جي ڀيٽ ۾ تمام وڏي اگھہ ۾ خريد ڪري وينس شهر کي پنهنجو دائمي مسڪن ۽ پنهنجو وطن اختيار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڇاڪاڻ تہ شهر جا اصل رهواسي، غير متوقع طور تي پنهنجي گهرن جي سندن گُمان کان تمام گهڻي قيمت ملڻ سبب ڌارين ماڻهن کي تمام گهڻي خوشيءَ سان وِڪڻڻ لڳا آهن ۽ ٻين شهرن ۾ گهر خريد ڪري اتي پنهنجا ڪاروبار ڪندي خوش پيا گُذارين. وينس جي انهن شهرين طرفان پنهنجا گهر وِڪڻي وڃي ٻين شهرن ۾ آباد ٿيڻ واري عمل کي اٽليءَ جي صاحبان ادراڪ Elegant Decay يعني وينس جي اصل رهواسين جو شاندار زوال قرار ڏنو آهي. وينس شهر جي تاريخي ماحول شهر سان وابستہ ڪينالن، هوٽلن، ڪلبن، عشرتگاهن ۽ شهر ۾ موجود سياحتي مرڪزن، ٿئيٽرن ۽ موسيقي گهرن جي ڪمائي جديد بحري ٻيڙين جي وينس شهر جي ڪينالن ۾ سياحن کي سير ڪرائڻ سبب تمام گهڻي گهٽجي وئي آهي، ڇو تہ شهر ۾ ملندڙ سموريون گهربل شيون سياحن کي انهن تفريحي ڪروز ٻيڙين ۾ حقيون تَڪيون مهيا ڪيون ويون آهن. تنهنڪري اٽلي سرڪار جي ٽرانسپورٽ واري وزارت دنيا جي مختلف ڪروز شپس جي ڪمپنين تي وينس شهر ۾ اچڻ تي بندش لڳائڻ بابت سنجيدگيءَ سان سوچي رهي آهي. جيئن تہ وينس شهر معيشت جي خوشحالي بحال ٿئي. جيڪا هن وقت ايليگينيٽ ڊِڪي جي شڪار آهي. سن 2013ع ۾ اٽلي سرڪار چاليھہ هزار ٽن ۽ ان کان وڌيڪ وزني ڪروز تفريحي ٻيڙين جي وينس شهر ۾ داخل ٿيڻ تي بندش لڳائي هئي، جنهن کي هڪ مقامي عدالت رد ڪري ڇڏيو. پر ڪجهہ بين الاقوامي ڪروز ڪمپنين ڄاڻايو تہ جيستائين وينس جي معيشت ۾ سُڌاري خاطر ڪنهن مستقل حل کي حاصل نٿو ڪيو وڃي، تيستائين اسين سرڪار طرفان لڳايل بندش کي قبول نہ ڪنداسين. مثلاً: انهن مان پي اينڊ او ڪروز شپس ڪمپني اونهاري جي مند لاءِ سمورا چڪر لڳائڻ بند ڪري ڇڏيا. هالينڊ آمريڪا ڪروز ڪمپني پنهنجو هڪڙو ڪروز جهاز الاسڪا روانو ڪري ڇڏيو. ڪُونارڊ ڪروز ڪمپني بہ شهر ۾ پنهنجا چڪر گهٽائڻ لڳي. نتيجتاً سن 2016ع جي ڀيٽ ۾ عالمي ڪروز ڪمپنين يارهن ڏهائي چار سيڪڙو سندن چڪر گهٽائي ڇڏيا. هيءَ خبر پڻ عجب ۾ وِجهندڙ آهي تہ، وينس شهر هڪڙي سامونڊي ڍنڍ Lagoon جنهن جي ايراضي يا پکيڙ 550 چورس ڪلوميٽر آهي، انهيءَ تانگي پاڻيءَ واري سامونڊي ڍنڍ ۾ 118 ننڍڙن جزيرن يا ٻيٽن تي اَڏيو ويو. انهن جزيرن کي ملائڻ لاءِ 177 ڪينالن تي چار سؤ ننڍيون وڏيون پُليون اَڏيون ويون.
اوڻيهين عيسوي صديءَ ۾ سمنڊ جي ڪِناري يا خشڪيءَ تي پهچڻ لاءِ شهر جي خشڪيءَ کي ويجهي جزيري کان ڪِناري تائين پاڻيءَ اندر هڪڙو پڪو پختو رستو ٺاهي شهر ۽ ڪِناري کي انهيءَ رستي وسيلي ڳنڍي شهر ۾ ٻيڙين کان سواءِ انهيءَ رستي وسيلي داخل ٿيڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويو. بعد ۾ انهيءَ رستي کي وڌيڪ ويڪرو، اُوچو ۽ گُهرج آهر وڌيڪ پختو ۽ مضبوط بنائي انهيءَ تي ريل گاڏي هلائڻ لاءِ ريل جي پٽڙي وِڇائي وئي ۽ ريل گاڏي هلائڻ شروع ڪئي وئي. ضرورت پٽاندڙ پونٽا ڊيلا لبرٽا رستو ۽ ٽرمينل پارڪنگ لاءِ گُهربل مراعاتي بندوبست ٽروچيڪو جزيري تائين پيازيل روما جي تعمير ويهين عيسوي صديءَ دؤران ڪرائي وئي. اهو ريل گاڏيءَ وارو رستو شهر جي اترئين طرف رسڻ تائين محدود هو. باقي شهر جي مرڪزي علائقي توڙي اڳتي اوڀر- ڏکڻ ۽ اولھہ طرف وارن جزيرن ڏانهن وڃڻ ۽ اچڻ اصلوڪي طريقي يعني پاڻيءَ تي ٻيڙين وسيلي ٿيندو آهي. وينس سڄي يورپ کنڊ اندر واحد وڏو شهر آهي. جنهن ۾ اڃا تائين ڪارون، موٽرون يا ٽرڪون ڪونہ هلنديون آهن. وينس شهر اندر واهن ۽ ڪينالن ۾ اصلوڪي هلندڙ ٻيڙيءَ جو نالو گونڊولا آهي. اهي ٻيڙيون شهر جي ماڻهن ۽ سياحن کي سير ڪرائڻ ۽ هڪ جزيري کان ٻئي جزيري يا ڪِناري تي پهچائڻ جو واحد ذريعو هئي، پر هاڻي ڪروز بحري جهازن انهن ٻيڙين جو ڌنڌو صفا ڦِٽائي ڇڏيو آهي. تنهنڪري هاڻي انهن ٻيڙين جو تعداد بلڪل گهٽجي ويو آهي ۽ انهن ٻيڙين ۾ ڪڏهن شاديءَ جا ڪجهہ ڄاڃي کنيا وڃن ٿا، تہ ڪڏهن ڪنهن جنازي کي اُڪاريو وڃي ٿو ۽ وِرلي چند سياح انهن ۾ سير ڪندي ڏسبا آهن. ڪجهہ سال اڳ انهن گونڊولا ٻيڙين جو تعداد گهٽجي اچي ست ٿيو. پر 2017ع ۾ فقط ٽي گونڊولا ٻيڙيون بچيون هيون. جن ۾ قسمت سانگي ڪو سير سفر ڪري ٿو. اصل ننڍين گونڊولا ٻيڙين کان ڊيگھہ ويڪر ۾ وڏيون ٻيڙيون سَوَن جي تعداد ۾ موجود آهن. اندازن انهن ٻيڙين لاءِ چار سؤ کن ناکئن کي لائسنس يا پروانا مليل آهن. انهن ٻيڙين کي بہ عموماً گونڊولا نالي سان ئي سَڏيندا آهن. انهن ٻيڙين ۾ مسافرن جي ويهڻ جي سِيٽن کي سُٺي رنگين ڪپڙي سان ڍڪيو ۽ سجاديو ويو آهي. انهن ٻيڙين جي مهريءَ ۾ ڌاتوءَ جون پٽيون لڳل هونديون آهن. انهن وڏين ٻيڙين کان سائيز ۾ گهڻيون ننڍيون ۽ ساديون ٻيڙيون بہ ٿوري تعداد ۾ موجود آهن. انهن ننڍين ٻيڙين جو نالو ”سَينڊولو“ آهي. جزيزن تي مشتمل هن ديومالائي شهر اندر موجود ڪينالن ۾ ٻيڙين وسيلي هڪ جزيري کان ٻئي جزيري ڏانهن وڃڻ کان سواءِ پنڌ وڃڻ لاءِ شهر جي مڙني جزيرن کي جزيرن کي وچ ۾ موجود پاڻيءَ جي ڪينالن ۽ واهن تي ننڍيون وڏيون چار سؤ کن پُليون اَڏي ملايو ويو آهي. انهن پُراڻين پُلين ۾ سڀني کان وڏي پُل ”رائلٽو برج“ گرانڊ ڪينال تي ٺهيل آهي، جيڪا قديم پر شاندار ڊزائين جي حامل قديم پُل آهي. هن پُل تي هميشہ رش هوندي آهي، خاص ڪري فوٽا ڪڍڻ وارن جي. اسان وانگر وقت گذرڻ سان وڌيڪ ضرورت پيدا ٿيڻ سبب وينس شهر جي گرانڊ ڪينال تي ويهين عيسوي صديءَ دؤران هڪ ٻئي پويان ٻہ ٻيون بہ پُليون اَڏيون ويون ۽ ايڪهين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ ساڳئي گرانڊ ڪينال تي هڪڙي وڌيڪ عاليشان پُل تعمير ڪئي وئي ۽ سن 2011ع ۾ انهيءَ کي ٽرئفڪ لاءِ کوليو ويو. انهيءَ پُل جو نالو Ponte della Constituzione رکيو ويو آهي. پيازيل روما بس ٽرمينل واري علائقي کي وينزيا سانٽا لِيُوسِيا ريلوي اسٽيشن سان ملائيندڙ نهايت ڪارائتي پُل آهي. ويهين صدي عيسويءَ ۾ گرانڊ ڪينال تي اَڏيل پُلن جا نالا هيٺ لِکجن ٿا:
1. پونٽ ڊبل اڪاڊميا، 2. پونٽ ڊيگلي اسڪالزي اي. سي. ٽي. وي وينس شهر ۾ ٽرانسپورٽ جي سرڪاري ڪمپني آهي. پر شهر ۾ ٽرانسپورٽ جو مُکيہ وسيلو شهر جي ڪينال ۾ هلندڙ موٽر بحري بسون آهن. اهي سرڪاري موٽر بسون آهن. تنهن کان سواءِ خانگي ٽيڪسي موٽر گاڏين جي سروس پڻ موجود آهي. ٿوري مفاصلي لاءِ ۽ فقط واڻج واپار ڪرڻ ۽ ٿوري وقت لاءِ چڪر لڳائڻ واسطي گونڊولا ٻيڙيون تہ شهر ۾ هر هنڌ حقيون موجود آهن، تنهن کان سواءِ وينس پِيپل مووَر نالي سان شٽل ٽرين پڻ مسافريءَ جو سُٺو ذريعو آهي. جنهن وسيلي ٽرونچيٽو جزيري کي پيازيل روما واري ڪار پارڪ سان ملايو وڃي ٿو. جتي سياح ٻين وسيلن ذريعي اچي رسندا آهن. انهيءَ پيپل مووَر ريل گاڏيءَ جو آخري اسٽاپ ميري ٽائيم ڪروز ٽرمينل وٽ آهي. لڊو ۽ پيليسٽرينا ٻہ اهي جزيرا آهن، جيڪي وينس شهر کي ايڊريئيٽڪ تانگي سمنڊ کان ڌار ڪندڙ آهن، انهن جزيرن تي روڊ سروس جاري آهي. وينس شهر بابت ڏهن حقيقت جو بيان هيٺ درج ڪجي ٿو:
1. وينس شهر ڪينالن يا واهن اندر ٺهيل شهر سڏيو وڃي ٿو.
2. وينس شهر ۾ چار سؤ سترهن پُليون اَڏيل آهن، جن مان ٻاهتر پُليون خانگي طور صاحب حيثيت ماڻهن جي ڪمپنين طرفان اَڏايون ويون.
3. شهر ۾ گهرن جا جريان نمبر رستن مطابق نہ پر ضلعن مطابق مقرر هئڻ ڪري صحيح گهر ڳولڻ ۾ ٽپالين کي پڻ گهڻي ڏُکيائي ٿيندي آهي. آڱوٺي واري قاعدي جو مقصد ويجهڙائيءَ ۾ موجود ڪو دُڪان يادگار وغيرہ معلوم ڪرڻ آهي.
4. شهر جي ڪينالن ۾ هلندڙ گونڊولا ٻيڙين جو تعداد 350 ۽ گونڊ واري ٻيڙين جو تعداد 400 آهي.
5. سن 1608ع ۾ شهر جو انتظام هلائيندڙ ڪائونسل آف ٽين (Council of Ten) فيصلو ڪيو تہ، ڪارنيوال جي ڏڻ دؤران ماسڪ ڀلي پهريا وڃن. هن قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ کي ٻہ سال سخت پورهئي سان قيد، عوام جي سامهون مار ڏيڻ ۽ پلر آف شيم نالي ٿنڀ سان ٻَڌڻ واريون سزائون ڏنيون وينديون هيون.
6. وينس شهر ۾ 177 ڪينال آهن. انهن مان سڀني کان وڏو ڪينال گرانڊ ڪينال سَڏجي ٿو. اهو شهر کي ٻن ڀاڱن ۾ تقسيم ڪندڙ ڪينال پڻ آهي.
7. سين مارڪو بيل ٽاوَر، جنهن کي ڪيمپينائل بہ سَڏين ٿا. اهو ٻارهين عيسوي صديءَ ۾ اَڏيو ويو هو. 1902ع ۾ ڊهي پيو. انهيءَ کي نئين سِر ۽ اصل جي هُوبهُو تعمير ڪيو ويو. اهو ٽاور 98.6 ميٽر يعني 300 فوٽن کان بہ وڌيڪ اُوچو آهي.
8. هيءَ بہ هڪ ڀوائتي حقيقت آهي تہ وينس شھر هر سال هڪ کان ٻہ ميٽر زمين اندر ويھندو يا غرق ٿيندو رهي ٿو.
9. شھر جي آدمشماري گُذريل پنجاھہ سالن دؤران هڪ لک ويھہ هزارن مان گهٽجي سٺ هزار وڃي بچي آهي.
10. ڪجهہ ماهرن جو خيال آهي تہ وينس شھر سن 2030ع ڌاري سنسان شھر ٿي ويندو. جنھن کي ڏِسڻ لاءِ سياح فقط ڏينھن دوران اچڻ لڳندا.
پر آئون ايئن ڪونہ ٿو سمجهان دُنيا اندر گرميءَ جي وڌڻ ڪري ڌرتيءَ تي ڪافي اثر شروع ٿيا آهن، پر آهستي آهستي ڪجهہ تہ اثر ضرور ٿيندو. اسان رات جو دير سان پنھنجي جڳھہ تي اچي پھتاسين. سنڌيءَ ۾ چوندا آهن تہ ’ميلو متو ڇڏجي‘، سو اسان بہ هي هيڏو سارو متل ميلو ڇڏي اچي پنھنجي گهر کير سان ڊبل روٽي ۽ ٿورو ڊائيٽ آئيس ڪريم کاهي سُمھين پياسين. اُٿاسين تہ نور محمد پنھنجي ڪمري ۾ ڪونہ هو. شايد سوير سويروينس تي سج جي ڪنوارن ڪرڻن جو ديدار ڪرڻ ٻاهر هليو ويو هو. هو جڏهن ٻاهران موٽيو تہ محسوس ٿيو تہ بلڪل تيار ٿي ٻاهر ويو هو ۽ نور محمد آيو تہ اسان گڏجي ناشتو ڪيو. مون ناشتي ۾ واڱڻ تريل ۽ ڌونئرو کاڌو. مِنا اُٿڻ شرط سڀ سامان پئڪ ڪري رکي ڇڏيو هو. هونئن بہ آئون مِنا ٻاهر گُهمڻ وڃون تہ تمام ٿورو سامان پاڻ سان کڻون. مثلاَ َ مھيني جي ٽوئر تي ٻاهر وڃون تہ صرف ڇھہ وڳا ڪپڙن جا کڻون ٻہ سُمھڻ لاءِ چار پائڻ لاءِ ٻيون دوائون، اسان دوائون ٽوئر جي پورن ڏينھن جون کڻون ڇو تہ ٻاهر ڊاڪٽر جي تجويز ڪيل دوا جي پرچيءَ کانسواءِ دوا بلڪل نہ ڏين. تنھن ڪري اها مڪمل ڏينھن جي ٽوئر کان بہ چئن پنجن ڏينھن جون وڌيڪ دوائون کڻون. ٻي هر ضرورت جي شيءَ هوٽل، فليٽ يا گهر ۾ اُنھن طرفان مھيا ڪيل هوندي آهي. سو اسان جو ايترو گهٽ سامان ڏِسي ڪڏهن ڪڏهن دُنيا جي ايئرپورٽن تي اسان کان پُڇندا آهن تہ هيڏي وڏي سفر ۾ ايترو مختصر سامان!، اهو مختصر سامان اسان کي هر هنڌ ڪيري ڪرڻ ۾ ڏاڍي آساني ٿيندي آهي. ٻيو ايترو گهٽ سامان ڏِسي چيڪ ڪرڻ تہ پري پر ڏسندا بہ ڪونہ آهن، سو اهو مختصر سامان کڻي ۽ ڪيترو سارو فالتو کاڌي پيتي جو سامان فرج حوالي ڪري اسان پھرئين بوٽ ۾ پوءِ انهيءَ ريل ۾ چڙهي اچي انهيءَ پارڪنگ بلڊنگ پهتاسين، جت اسان جي ڪار بيٺل هئي. اسان ڪار کي صفا ڪري ڪار ۾ ويهي اچي روڊ ڀيڙا ٿياسين. اسان کي هت بہ اٽلي ملڪ جي ڪافي حصي ۾ سفر ڪري پوءِ آسٽريا جي ملڪ ۾ داخل ٿيڻو هو. اٽلي هميشه يورپ جي ٻين ملڪن جو غلام ٿي رهيو آهي. هن تي حڪومت ڪرڻ وارن ۾ جرمني، فرانس، اسپين ۽ آسٽريا شامل آهن. اٽليءَ تي يارهين صدي عيسويءَ ۾ مسلمانن بہ حملو ڪيو ۽ ڪجهہ ٽڪرا پنھنجي حڪومت ۾ شامل ڪيائون. اٽليءَ ۾ پھريون دفعو 1861ع وڪٽر ايمائوٽل سڄي ملڪ ۾ بادشاهت قائم ڪئي ۽ پاڻ بادشاھہ ٿيو. اٽلي ٻنهي عالمي جنگين ۾ جرمنيءَ جو اتحادي هو ۽ ٻنهي جنگين ۾ کيس زبردست شڪست ۽ تذليل کي مُنهن ڏسڻو پيو. اٽليءَ جي تاريخ ۾ ٻہ عظيم بادشاھہ ٿي گُذريا آهن. جيڪي تاريخ ۾ اڄ بہ ڏاڍا مشهور آهن. هڪ جيوليس سيزر ۽ ٻيو قسطينن، جنهن ترڪيءَ جو شهر استنبول ٺاهيو، جنهن جو پهريون نالو قسطنطنيہ هو ۽ پوءِ استنبول رکيو ويو. ترڪيءَ يورپ جا ڪيئي ملڪ فتح ڪيا. پر استنبول هنن کان فتح ڪونہ ٿيو.
استنبول ان وقت ٻي دنيا جي عظيم طاقت رومين وٽ هو. پوءِ ترڪيءَ جي بادشاھہ سلطان محمد ثاني استنبول پنجن حملن کان پوءِ فتح ڪيو، تڏهن هن جي عمر صرف ويھہ سال هئي. انهيءَ جنگ تي ترڪيءَ وارن هينئر هڪ لاجواب ٽيليويزن سيريز Rising of Empire ٺاهي، جيڪا ڏسڻ گهرجي. اٽليءَ جون مٿيون پاسو تمام امير آهي ۽ هيٺيون پاسو اهڙو امير ڪونهي. اسان انهيءَ هيٺئين پاسي جي علائقي مان هلندا ويانا شهر ڏانهن وڃي رهيا آهيون. يورپ کنڊ آسٽريليا کان پوءِ دنيا ۾ ننڍي ۾ ننڍو کنڊ آهي، جنهن جي ڪُل آدمشماري 73 ڪروڙ آهي. يورپ جي سڀني ملڪن کي ملائي هڪ ملڪ ٺاهجي. اهو تصور پهرين پهرين نائين صديءَ ۾ شارليمان ڏنو، تنهن کان پوءِ نيپولين جو خيال هو تہ، سڄو يورپ فتح ڪري کيس هڪ ملڪ ۾ تبديل ڪريان. هٽلر ائين زوريءَ زبردستيءَ يورپي ملڪن تي حملا ڪري يورپ کي هڪ ملڪ ڪرڻ ٿي چاهيو پر اهو خواب نيٺ 1999ع ۾ يورپ جي ٻارهن ملڪن هڪ ٺاھہ تحت يورپي يونين قائم ڪري انهيءَ کي سچو ڪري ڇڏيو. انهيءَ جو هيڊ ڪوارٽر هنن بيلجيئم جي شهر برسلز ۾ قائم ڪيو. 2004ع ۾ يورپي يونين جي ملڪن جو تعداد وڌي پنجويھہ ٿي ويو ۽ هنن هاڻ سڀني ملڪن جي ڪرنسي يورو ٺاهي، پر انهيءَ تي سڀئي ملڪ راضي ڪونہ ٿيا. يورپ کنڊ تي اهو نالو يونان جي فيڪس جي ڌيءَ يوروپا جي نالي پٺيان يورپ پيو. پندرهين صديءَ ۾ يورپ جي چئين ملڪن اسپين، پورچوگال، فرانس ۽ برطانيہ جهازرانيءَ ۾ ايڏي تہ ترقي ڪئي جو هو پنهنجي انهيءَ طاقت جي سهاري سڄي دنيا جي ملڪن تي قابض ٿي ويا ۽ ائين انهن ملڪن مان سڄي دولت ڦري لٽي وڃي پنهنجا ملڪ آباد ڪيا. ٻي عالمي جنگ ۾ اهي ملڪ ايترا تہ ڪمروز ٿي ويا جو نيٺ کين انهن ملڪن مان نڪرڻو پيو.