سفرناما

استنبول ٽو ويانا وايا وينس

عبدالحئي پليجي ھن سفرنامي ۾ ترڪيءَ جي شھر استنبول ۽ يورپ جي مختلف شھرن ۽ ملڪن جيئن ويانا ۽ وينس جي گھٽين، گسن ۽ ماڻھن جو انتھائي گھري مشاهدي ذريعي ذڪر ڪيو آهي. هي سفرنامو رڳو زور بياني ۽ ٻوليءَ جي حُسن تي ٻڌل ناهي بلڪہ ترڪي، ويانا ۽ اٽليءَ جي تاريخي سياسي ۽ سماجي حالتن جي گھري تجزئي ۽ تاريخي بيان تي ٻڌل سفرنامو آهي. پليجي صاحب کي پنھنجي سفر دوران جيڪي بہ شيون نظر آيون آهن جيئن شھر، رستا، ماڻھو، سمنڊ، ملڪ هن وڏي محنت، جفاڪشي ذريعي انھن سمورن شھرن ۽ تاريخي تھذيبي نشانن جا نہ رڳو پير کنيا آهن بلڪہ انھن جي مڪمل تاريخ چٽي ڪئي آهي.

Title Cover of book استنبول ٽو ويانا وايا وينس

ويانا

اسان هلندي اچي پنهنجي هن مهيني جي پنهنجي ٽوئر يعني هنگري، چيڪ ريپبلڪ، سلووڪيا، جرمني، سوئٽزرلينڊ، اٽلي ۽ هاڻ آخري ستين ملڪ آسٽريا جي گاديءَ واري شهر ويانا پهتا آهيون. اسان کي پنهنجي ڪار ۾ لڳل ڊوائيس آڻي پنهنجي رهائش جي هوٽل تي پهچايو. اسان هوٽل رسيپشن تي پنهنجي سامان سوڌو اچي ويهي رهياسين. جيسين نور محمد هوٽل جي انهن فارملٽيز مان واندو ٿئي تہ پوءِ اسان وڃي پنهنجي ڪمري ڀيڙا ٿيون. جيئن نور محمد ڪمري جي چاٻي کڻي آيو تہ، اسان بہ پنهنجو سامان کڻي اچي ڪمري ڀيڙا ٿياسين. اسان رستي ۾ لنچ ڪانہ ڪئي هئي، سو پهريائين هوٽل وارن کان انڊين ۽ ترڪ هوٽلن جي پُڇا ڪئيسين تہ جيئن رات جي ماني اُت کائجي، جنهن ٻُڌايو تہ ٻن گهٽين کان پوءِ هڪ سُٺي انڊين هوٽل آهي. توهان کي اُت هر قسم جا انڊين کاڌا ملندا. اسان ٿورو آرام ڪري پوءِ شهر گُهمڻ وياسين. ڪنهن زماني ۾ آسٽريا يورپ جو هڪ تمام وڏو ملڪ هو. يورپ جا ملڪ هنگري، چيڪو سلواڪيا، پولينڊ، يوڪرين، رومانيہ، يوگو سلويڪيا ۽ اٽلي هن جي قبضي هيٺ هئا. ۽ ويانا لنڊن ۽ پئرس کان بہ وڏو شهر هو ۽ يورپ پاور فل ترين ملڪ هو. ويانا ۾ گُهمڻ جي لحاظ سان مئي ۽ جون جا مهينا تمام سُٺا هوندا آهن. جڏهن سڄي ملڪ جا گل ٽڙي شهر کي خوبصورت ڪري ڇڏيندا آهن ۽ انهن جي خوشبوءِ باغن ۽ پارڪن ۾ توهان جت ڪٿي محسوس ڪندا. ويانا ۾ ساليانا ڪيئي فنڪشن ٿيندا آهن. جنهن ۾ ويانا ڪارنوال جي موقعي تي هت ڪيترن ملڪن ۽ شهرن جا ماڻهو اهو ڏسڻ ايندا آهن. هونئن بہ ويانا سڄي يورپي جي ثقافت ۽ موسيقيءَ جو هيڊ ڪوارٽر رهيو آهي. جنهن ۾ موزارٽ، انتون بروڪز، جوزف هيڊن، فرانز شو برٽ، جوهان اسٽارٽس، بيٿوون گستار ماهلر، اربن ربگ، آرنلڊ سوهنبرگ جهڙا جڳ مشهور موسيقار پيدا ٿيا، جن هن ملڪ جي ثقافت کي چار چنڊ هڻي ڇڏيا. هن ملڪ ۾ دنيا جا وڏا وڏا ٿئيٽر هر وڏي شهر ۾ آهن، جن ۾ بهار جي موسم ۾ وڏيون وڏيون ثقافتي سرگرميون ٿينديون آهن. جن ۾ موسيقيءَ جا بہ ڏاڍا دلچسپ مقابلا ٿيندا آهن. هنن ملڪن ۾ ايترا تہ سياح اچن، جو هي ملڪ موڪلن ۾ اسڪولن، ڪاليجن کي بہ هوٽلن ۾ تبديل ڪريو ڇڏين ۽ اهي عام هوٽلن کان ڪافي سستيون هونديون آهن. ٻيو هت ماڻهو سياحن کي گهرن ۾ رهائين. اها سڄي يورپ ۾ عام ڳالھہ آهي. تنهن کان سواءِ يوٿ هاسٽلون بہ يورپ جي وڏن شهرن ۾ بيشمار آهن. جيڪي تمام ٿورن پئسن ۾ ڪمرا ڏين. پر انهن هاسٽلن ۾ گهڻو ڪري اٽيج باٿ روم ڪونہ هوندا آهن، پر بورچيخانا هوندا آهن، پر انهن جي رهائش غير معياري هوندي آهي. گهمڻ جي سيزن ۾ اهڙين جڳهين ۾ جڳھہ ڪانہ ملندي آهي. منهنجي نظر ۾ اڳواٽ بُڪنگ جهڙي ٻي ڪابہ سُٺي سهولت ڪانهي، هڪ تہ اڳواٽ بُڪنگ تمام سستي ٿي پوي، ٻيو تہ توهان کي پنهنجي پسند جي هوٽل، فليٽ يا گهر بہ ملي ويندو، نہ تہ بروقت يورپ ۾ سيزن دؤران پنهنجي پسند جي هوٽل، فليٽ يا گهر ملي اهو ڏاڍو ڏُکيو آهي. جي وري ڪڏهن اتفاق سان مليو بہ وڃي تہ، وري ڏاڍو مهانگو ملندو آهي. باقي سيزن کان سواءِ يعني سرديءَ جي موسم ۾ تہ تمام سَستي رهائش ملي ويندي آهي. ڪٿي ڪٿي تہ ٻاهر لِکيو پيو هوندو آهي تہ جي ٻہ ڏينهن رهندا تہ، وڌيڪ هڪ ڏينهن جا توهان کان پئسا ڪونہ وٺنداسين. پر پنهنجي گرم ملڪ جو ماڻهو جي سياري ۾ گُهمڻ وڃي تہ ويٺو بہ سڄو ڏينهن گهرَ ۾ هوندو. اندر تہ گهر سينٽ هيٽيڊ آهن، پر ٻاهر سردي پنهنجي برداشت کان زيادھہ هوندي آهي.
اسان هروڀرو ننڍين ننڍين بازارن مان گُهمندي ڦرندي اچي انهيءَ انڊين ريسٽورينٽ تي پهتاسين، جت اسان کي ماني کائڻي هئي. هوٽل ڪافي ڪُشادي هئي ۽ پڻ سڄي ڀري پئي هئي. هوٽل ۾ هندستاني ۽ پاڪستانين کان وڌيڪ يورپين ماڻهو ماني کائي رهيا هئا ۽ اسان بہ پنهنجي پسند جو آرڊر ڏنو. ماني کائڻ کان پوءِ مِنا کي هوٽل جي ٻوڙ تہ پسند آيو پر برياني پسند ڪانہ آئي. جڏهن هوٽل وارن ماني کائڻ کان پوءِ مِنا کان پُڇيو تہ، ماني ڪيئن هئي تہ مِنا کين چيو تہ شاندار، پر برياني صحيح ڪانہ هئي. تنهن تي پاڻ چيائين تہ هيءَ برياني هئي ڪانہ. اسان هت چانور ۽ ٻوڙ کي اٽڪل سان ملائي ماڻهن کي ڏيندا آهيون. جي عليحده سان برياني ٺاهيون تہ اها بچڻ کان پوءِ خراب ٿي ويندي آهي. پر جي ٻوڙ ۽ چانور جُدا جُدا هوندا تہ اهي خراب ڪونہ ٿيندا آهن. ٻيو تہ اوهان پاڪستاني اسان انڊين کان ڪُڪڙ يا گوشت ٺاهڻ ۾ وڌيڪ آهيو. اسان هندستانين ماڻهن کي تہ اڃا تائين گوشت ۽ ڪُڪڙ تہ رڌڻ ئي ڪونہ اچي. مون کانئس پُڇيو تہ تو ڪيئن محسوس ڪيو تہ اسان پاڪستاني آهيون. پاڻ چيائين تہ، جڏهن مون توهان کان مانيءَ جي باري ۾ پُڇيو تہ توهان چيو تہ شاندار پر اسان هندستاني چئون ڀڙيا. انهيءَ مان اندازو لڳايو تہ توهان پاڪستاني آهيو.
بوبيءَ کي ڪار انهيءَ پارڪنگ مان ڪڍي ٻي پارڪنگ ۾ بيهارڻي هئي. ڇو تہ هي يورپ ۾ گهٽين ۾ گاڏي بيهارڻ جو هڪ مقرر وقت هوندو آهي. انهيءَ مقرر وقت دؤران توهان جي گاڏي نہ ڪڍي تہ گاڏي بيهارڻ تي وڏو ڏنڊ لڳندو. سو بوبيءَ چيو تہ توهان هوٽل تي هلو تہ، آئون گاڏي ٻئي هنڌ پارڪنگ ۾ بيهاري پوءِ کير ۽ ڌونئرو وٺي ٿو اچان. هونئن بہ سڄي يورپ ۾ ڪار پارڪنگ لاءِ پئسا وٺندا آهن. سو بوبي ويو گاڏي پارڪنگ ڪرڻ ۽ اسان هلندا هلندا اچي پنهنجي رهائش جي هوٽل ڏانهن وڃي رهيا آهيون. جيئن پاڻ وٽ گيريز، ڪاسموس ۽ ٻين ٽوئر ڪمپنيءَ وارا پاڪستان کان سواءِ ٻين ملڪن جا ٽوئر ڪرائين تيئن هت يورپ ۾ بہ وڏي تعداد ۾ اهڙيون ٽوئر ڪمپنيون توهان کي هڪ مهيني ٻن هفتن ۽ هڪ هفتي لاءِ ندين ذريعي ڪروزن ۾ هوائي جهازن ۾ ۽ بسن ذريعي سڄي يورپ يا صرف هڪ ملڪ جو ٽوئر ڪرائيندا آهن. ويھہ ٽيھہ سال اڳ اهڙا ٽوئر صفا سَستا هوندا هئا. پر هاڻ تہ گُهمڻ گهر ٻاري ڏياري ڪرڻي آهي. مثال جيڪو ٽوئر هڪ ماڻهو هڪ لک روپين ۾ ٿيندو هو، اهو ساڳيو ٽوئر هينئر هڪ ماڻهو ڇهن لکن جو آهي. يعني؛ هاڻ چئن ماڻهن جو ٽوئر ويھہ لکن جو. اڄ ڊالر آهي هڪ سؤ سَٺ روپيا تہ اهو ڊالر ٽياسيءَ ۾ هو اَٺ روپيا. توهان سوچيو تہ اسان هينئر معاشيءَ طور ڪيترا نہ ڪمزور ٿي ويا آهيون. پاڪستان جا سڀ ايئرپورٽ هينئر هاءِ رسڪ سيڪيورٽي ڪري جهازن کي هت انشورنس وڌيڪ ڀرڻي ٿي پوي ۽ اهي پئسا ايئر لائن وارا پاڻ مان ٿا ڪڍن، انهيءَ ڪري ٽڪيٽون بہ مهانگيون ٿيو وڃن. اسان هلندا هلندا اچي هوٽل تي پهتاسين. اسان ڪپڙا بدلائي ڪچهري پئي ڪئي تہ نور محمد بہ اچي ويو. اسان فون تي پاڪستان، لنڊن ۽ ڊبلن ۾ ٻارن سان ڳالهايو، جيڪو اسان جو هر روز جي معمول ۾ شامل آهي. ۽ ٻئي ڏينهن جي ٽوئر لاءِ پنهنجو پروگرام سيٽ ڪري سُمهي رهياسين، صبح جو سڀني کان اڳ مِنا اُٿندي هئي، جيڪا پهرئين قرآن شريف جو دَور ڪري پوءِ گهر جي سامان کي سيٽ ڪري پوءِ ٻاهر وڃي. اچو تہ توهان کي اڄ ويانا گُهمائڻ کان اڳ آسٽريا بابت احوال ٻُڌايان.
يورپ جي ملڪ آسٽريا واري موجودہ علائقي تي يورپ جي آڳاٽي سيلٽِڪ نسل جي ماڻهن قبضو ڪري پنهنجو اختيار سَوين سالن تائين برقرار رکيو، پر رومي سلطنت طاقت ۾ اچي آسٽريا واري علائقي تي قبضو ڪري پنهنجي سلطنت جو هڪڙو ڀاڱو بنائي ڇڏيو. جڏهن رومي سلطنت زوال جو شڪار ٿي، تڏهن آسٽريا واري علائقي جي مقامي ماڻهن اقتدار تي قبضو ڪري حڪومت ڪرڻ شروع ڪئي. فرينچ بادشاھہ شارليمين، دولت ۽ لشڪر جي زور تي سن 788ع ۾ آسٽريا واري علائقي تي قبضو ڪري فرينچ رياست ۾ شامل ڪيو. نيٺ تقريباً ٻہ سؤ کن سال پوءِ مقامي ماڻهن پنهنجي علائقي جو اقتدار وري حاصل ڪري ورتو ۽ سن 976ع ۾ ملڪ جي حاڪم بيبنبرگ واري ليو پولڊ جي دؤر حڪومت ۾ ملڪ جو نالو آسٽريا رکيو ويو. سن 1276ع ۾ هيبس برگ خاندان جو فرد رُوڊ ولف اول آسٽريا جو بادشاھہ بنيو. جنهن آسٽريا ۾ هيبسبرگ گهراڻي جي سلطنت جي شروعات ڪئي. هيبسبرگ گهراڻي جي آسٽريا ۾ ايندڙ ساڍا ست سؤ سالن تائين حڪومت جاري رهي. هن گهراڻي جي دؤر حڪومت ۾ رياست طاقت حاصل ڪري پنهنجين سرحدن ۾ وسعت آندي ۽ يورپ ۾ آسٽريا طاقتور ۽ خوشحال رياست ٿي پئي. انهيءَ جو يورپ ۾ ڪيترين ئي صدين تائين ڌاڪو ڄميل رهيو. سن 1848ع ۾ هن گهراڻي جو حڪم، فرانز جوزف اول آسٽريا جو بادشاھہ ٿيو ۽ سَتر سال حڪومت ڪري 1916ع ۾ وفات ڪئي. فرانز جوزف ملڪي سياست ۾ مُکيہ تبديليون آنديون. جن مان سڀ کان وڌيڪ اهميت جي حامل تبديلي پنهنجي علائقي هنگريءَ وارن ماڻهن کي حڪمرانيءَ ۾ ڀائيوار ڪيو. انهن اهم سياسي قدم کڻڻ سبب ماڻهو آسٽريا ۾ ٻہ حڪومتون قرار ڏيڻ لڳا. انهيءَ اقتدار جي ورڇ ئي هيبسبرگ گهراڻي جي سلطنت جي زوال جو پيش خيمو ثابت ٿي ۽ سن 1919ع ۾ پهرين عالمي لڙائيءَ کان پوءِ آسٽريا واري هيبسبرگ سلطنت ختم ٿي ۽ آسٽريا جي رياست کي سينٽ جرمين واي سمجهوتي تحت ريپبلڪ قرار ڏنو ويو. سن 1938ع ۾ آسٽريا تي جرمنيءَ قبضو ڪري ورتو. انهيءَ سال آسٽريا ملڪ ٻي عالمي لڙائي کٽندڙ ملڪن پاڻ ۾ ورهائي کنيو. جنهن سبب انهيءَ جي سياسي آزادي ختم ٿي وئي. جيڪا آخرڪار ٻي عالمي جنگ جي نتيجي طور آسٽريا کي ورهائي کڻندڙ ملڪن، روس، آمريڪا، انگلينڊ ۽ فرانس طرفان 25 آڪٽوبر 1955ع ۾ سڏايل گڏجاڻيءَ ۾ ٿيل ويانا سمجهوتي تحت بحال ٿي. انهيءَ سمجهوتي تحت مڪمل آزاد ۽ خودمختيار ملڪ جي حيثيت سان آسٽريا ۾ وفاقي جمهوري نظام حڪومت لاڳو ڪئي وئي. آسٽريا ملڪ ۾ ڳالهايون ويندڙ ٻولين ۾ سڀني کان گهڻي ڳالهائي ويندڙ جرمن ٻولي آهي. جيڪا اسان يورپ ۾ انگريزيءَ کان بہ زيادھہ ڳالهائيندي محسوس ڪئي. جيڪا سڄي ملڪ ۾ سرڪاري ٻوليءَ طور ڪم اچي ٿي. تنهن کان گهٽ ڳالهائيندڙ ويندڙ سلووين ٻولي آهي. جيڪا آسٽريا جي ڪيرنتَيا رياست ۾ سرڪاري ٻوليءَ جو درجو رکي ٿي. انهيءَ کان بہ گهٽ ڳالهائي ويندڙ ڪروٽيئَن ٻولي آهي، جيڪا آسٽريا جي برگينلينڊ ۾ سرڪاري ٻوليءَ طور رائج آهي. انهيءَ سان گڏ هتي هنگريئن ٻولي پڻ ڳالهائي وڃي ٿي ۽ انهيءَ ٻوليءَ کي بہ برگينلينڊ رياست ۾ ڪروٽيئَن ٻوليءَ وانگر سرڪاري ٻوليءَ وارو رتبو حاصل آهي.
آسٽريا رياست جي سڀني کان اول قيام ڊَچي آف آسٽريا نالي سان 17 سيپٽمبر 1156ع ۾ ٿيو. 11 آگسٽ 1804ع ۾ آسٽريا کي سلطنت قرار ڏنو ويو ۽ 12 نومبر 1918ع ۾ انهيءَ کي جمهوريہ بنايو ويو. موجودہ دؤر ۾ آسٽريا جو قومي آزاديءَ وارو ڏينهن/تاريخ 26 آڪٽوبر مقرر ڪئي وئي آهي. ڇاڪاڻ تہ 26 آڪٽوبر 1955ع ۾ آسٽريا کي قابض ملڪن مٿي ذڪر ڪيل ”ويانا سمجهوتي“ مطابق مڪمل طور آزادي ڏني. آسٽريا ملڪ جي قوميت آسٽريائي (Austrian) سَڏجي ٿي. آسٽريا جي شهرين جو 73.6 سيڪڙو عيسائي مذهب جي رومن ڪيٿولڪ فرقي ۾ شامل آهي. آدمشماريءَ جو 4.7 سيڪڙو عيسائي مذهب جي پروٽيسٽنٽ فرقي ۾ شامل آهي. 4.2 سيڪڙو شهرين جو مذهب اسلام آهي. يورپ ۾ گهڻي ۾ گهڻا مسلمان اسان فرانس ۾ ڏٺا. ٻين مذهبن ۽ فرقن سان وابستہ شهرين جو تعداد 3.5 سيڪڙو آهي، غير مخصوص مذهبن ۽ فرقن سان وابستہ ماڻهن جو تعداد 2 سيڪڙو آهي. آسٽريا جي لامذهب ماڻهن جو تعداد 12 سيڪڙو آهي. لامذهب ماڻهن جو تعداد اسان يورپ ۾ هميشہ وڌندي ڏٺو آهي. مٿيان انگ اکر سن 2001ع ۾ ٿيل آدمشماريءَ موجب درج ڪيل آهن. آسٽريا ملڪ جو قومي نشان يا علامت ”ڪارو باز“ آهي. جيئن پاڪستان جو قومي نشان چنبيلي جو گُل آهي. بندس هائيم (Bundeshymne) يا فيڊرل هائيم آسٽريا جو قومي ترانو آهي. آسٽريا جي مُکيہ پيداوار ۾ تعميرات، مشينري، موٽر گاڏين ۽ انهن جي پُرزن، ڌاتن، ڪيميائي شين، ڪاٺ مان ٺهندڙ شين، فرنيچر وغيرہ، ڪاغذ ۽ گتي. اطلاعات سان وابستہ اوزار ۽ مشين جا ڪارخانا موجود آهن. تنهن کان سواءِ گهڻي ڪمائيءَ سبب سياحت کي بہ صنعت جو درجو حاصل آهي. آسٽريا جي زرعي پيداوار ۾ مختلف اناج: پٽاٽا، شگر بيٽ، ميوات، رڍون، دُنبا، سوئر، ڪُڪڙ بہ ڳڻيا وڃن ٿا. يورپ ۽ آمريڪا ۾ حڪومتون زراعت تي تمام گهڻيون رعايتون ڏين، پر غريب ملڪن ۾ قرض ڏيڻ مهل اهو شرط رکن تہ، توهان زراعت تي ڪابہ سبسڊي ڪونہ ڏيندا. پاڪستان سان بہ اهي شرط لاڳو آهن. تنهنڪري انڊيا جي مقابلي ۾ ڀاڻ پاڻ وٽ ٻيڻ تي مهانگو آهي. آسٽريا جي قدرتي وسيلن ۾ تيل، ڪوئلو، لگنائيٽ، ٽِنبر (ڪاٺ)، لوهه، ٽامون، جست، مئگنيسائيٽ، سُرمون، ٽنگسٽين، گرينائيٽ، لوڻ ۽ هائڊرو پاور حاصل ڪيو وڃي ٿو. ملڪ جي روانگي واپار ۾ مختلف قسمن جا اوزار ۽ مشيري، موٽر گاڏيون ۽ انهن جا پُرزا ڪاغذ ۽ گتو، ڌاتن مان ٺهيل سامان، لوھہ ۽ فولاد، ڪيميائي شيون ۽ دوائون، ڪپڙو ۽ کاڌي جون شيون شامل آهن.
آمدني واپار ۾ مشينري ۽ ٻيا اوزار، موٽر گاڏيون، ڪيميائي شيون، ڌاتن مان ٺهيل شيون، تيل- تيل مان ٺهيل شيون ۽ مختلف شيون بہ شامل آهن. آسٽريا جو سِڪو يورپي يونين طرفان رائج ڪيل يورو آهي. آسٽريا جي آدمشماري صرف لاهور جيتري يعني اَسي لَک آهي. سڄي ملڪ جي پکيڙ 83871 اسڪوائر ڪلوميٽر آهي ۽ آسٽريا جي قومي پيداوار 349 ارب، 90 ڪروڙ ڊالر آهي. انهيءَ جي مقابلي ۾ پاڪستان جي آدمشماري ٻاويھہ ڪروڙ ۽ ڪُل ايراضي 796095 اسڪوائر ميل ۽ سڄي ملڪ جي جي. ڊي. پي آهي صرف 343 بلين ڊالر. توهان ڏسو تہ دنيا ۾ معاشي طرح پاڻ ڪٿي بيٺا آهيون. ويانا آسٽريا جو گاديءَ جو هنڌ يا قومي راڄڌانيءَ وارو شهر آهي، تہ انهيءَ رُتبي کان سواءِ ويانا آسٽريا جو سڀني شهرن کان وڏو شهر ۽ آسٽريا جي نَون رياستن مان بہ هڪڙي رياست آهي.
مٿي بيان ڪيل خصوصيتن سان گڏ ويانا شهر گهاٽي آدمشماري يعني شهر جي ميٽرو پوليٽن ايراضيءَ ۾ تقريباً ڇويھہ لک آباديءَ جو حامل شهر ۽ انهيءَ سان گڏ آسٽريا ملڪ جو سياسي ۽ ثقافتي مرڪز پڻ آهي. ويانا يورپين يونين ۾ شامل ملڪن جي شهرن ۾ آدمشماريءَ جي حوالي سان ڇهون نمبر وڏو شهر آهي. پهرئين مهاڀاري جنگ جي نتيجي ۾ آسٽريا جي سلطنت ختم ٿيڻ کان اڳ ويهين عيسوي صديءَ جي شروعات دؤران ويانا جرمن ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهن جو پوري دنيا ۾ سڀ کان وڏو شهر هو، جنهن ۾ ويھہ لک ماڻهو رهندا هئا. بَرلن کان پوءِ ويانا اڄ بہ جرمن ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهن جودنيا ۾ ٻيو نمبر سڀني کان وڏو شهر آهي. جيئن ڪراچيءَ ۾ پٺاڻ، ڪابل ۽ پشاور کان زيادھہ رهندڙ پشتو ڳالهائيندڙن جو شهر آهي. هيءَ دنيا جي گڏيل قومن جي تنظيم U.N.O دنيا ۾ تيل پيدا ڪندڙ ۽ وِڪڻندڙ ملڪن جي تنظيم O.P.E.C ۽ O.S.C.E جو ميزبان شهر بہ آهي. ويانا شهر آسٽريا جي اُڀرندي ڀاڱي ۾ قائم آهي جتان ڪِزيخيا، سلووَيڪيا ۽ هنگريءَ جون سرحدون انهيءَ کي تمام ويجهيون آهن. کيس بلڪل ويجهي علائقي بِرَيٽسلاوا سان گڏجندي ويانا شهر ميٽرو پوليٽن ريجن بنائي ٿو. جنهن ۾ هن وقت ٽيھہ لک باشندا رهن ٿا. سن 2001ع ۾ ويانا شهر جي سٽي سينٽر واري قديم تاريخي عمارت کي يونيسڪو پاران ورلڊ هيريٽيج سائيٽ قرار ڏنو ويو. ۽ جولاءِ سن 2017ع ۾ انهيءَ عمارت کي ورلڊ هيريٽيج اِن ڊينجر واري فهرست ۾ داخل ڪيو ويو. ويانا شهر پنهنجي شهرين جي زندگيءَ جي اعليٰ معيار جي حوالي سان سموري جهان ۾ مشهور آهي. دنيا جي 127 ملڪن بابت سن 2005ع ۾ ڪيل تجزيي موجب، اڪنامسٽ انٽيليجنس يونٽ، ڪئنيڊا جي شهر وينڪووَر ۽ آمريڪا جي شهر سينفرانسسڪو سان گڏ ويانا شهر کي بہ دنيا جا بهترين زندگي گهاريندڙ ماڻهن جي شهر واري اعليٰ ترين مرتبي وارن شهرن ۾ شامل ڪيو. سن 2011ع کان 2015ع تائين ٿيندڙ ساڳين تجزين ۾ پهرئين نمبر تي آسٽريليا جو شهر ميلبورن ۽ ٻيو نمبر ويانا قرار ڏنو ويو. سن 2018ع ۾ ويانا پهرئين نمبر تي آيو ۽ 2019ع ۾ اهو اعزاز برقرار رکيو. واقعي هي شهر سُونهن سان گڏ تمام صاف سٿرو آهي ۽ مِنا جو پسنديده شهر بہ آهي. انساني وسيلن جي عالمي مشاورتي تنظيم 2009ع کان 2019ع تائين ساندھہ ڏهن سالن تائين، پنهنجي سالياني ڪوائلٽي آف لِوِنگ سروي جي نتيجي طور دنيا جي سَوين شهرن جي ڀيٽ ۾ ويانا شهر کي پهريون نمبر قرار ڏنو ويو. هڪ ٻئي گروپ ”مونوڪِل“ سن 2015ع ۾ دنيا جي 25 شهرن جي تجزيي ۾ ويانا کي ٻيو نمبر قرار ڏنو ويو. يُو. اين هيبيٽيٽ (U.U. Habitat) عالمي اِداري جي شمار ۾ ويانا شهر کي سال 2012ع ۽ 2013ع ۾ دنيا جو سڀني کان وڌيڪ خوشحال شهر قرار ڏنو ويو.
انهيءَ کان سواءِ شهري سُڌاري ۽ ترقيءَ بابت منعقد ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جي لڳاتار ميزباني ڪندو رهيو آهي. ويانا شهر ۾ سراسري طور هر سال 68 لکن کان وڌيڪ سياح گُهمڻ ايندا آهن. ويانا شهر ۾ عيسائي مذهب جي رومن ڪيٿولڪ فرقي وارن جو مرڪز بہ قائم ڪيو ويو آهي. شهر ۾ رومن ڪيٿولڪ فرقي وارن عيسائين جا ٽي شاهي چرچ يعني؛ عبادتگاھہ اَڏيل آهن. هن فرقي وارن جي وڏي پادريءَ يعني؛ وڏي مُلئين کي آرڪ بِشَپ چوندا آهن. موجود آرڪ بشپ جو نالو ڪارڊينل ڪرسٽوف اسڪونِبورن آهي. شهر ۾ ڊينيوب نديءَ جي ڪِناري ٻُڌمت جي جاپاني پيروڪارن ۽ ڀڪشوئن سن 1983ع ۾ پيس پَيگوڊا نالي سان سندن مذهبي عبادتگاھہ جوڙايو هو. اهو عاليشان صورت ۾ موجود آهي. آسٽريا ملڪ جي معاشي صورتحال تمام ترقي يافتہ آهي ۽ في ڪس سالياني ڪمائي/آمدنيءَ جي لحاظ کان دنيا جي چوڏهن شاهوڪار ترين ملڪن مان هڪڙو ڳڻيو وڃي ٿو. سن 1980ع تائين آسٽريا جون گهڻيون تمام وڏيون صنعتي ڪمپنيون قومي ملڪيت ۾ شامل ڪيون ويون هيون. پر ويجهڙائيءَ وارن ورهين دؤران نجڪاريءَ وارن رجحانن جي پيدائش سبب قومي ملڪيت وارن صنعتي ڪمپنين جو تعداد ڪجهہ گهٽ ٿيو آهي. مزدور تحريدون خصوصي طور آسٽريا ۾ مضبوط آهن ۽ سرڪار طرفان مرتب ڪيل مزدور پاليسين تي سندن گهرو اثر ڇانيل آهي. بيحد ترقي يافتہ صنعتڪاريءَ کان پوءِ آسٽريا جي معيشت جو هڪڙو اهم حصو ملڪ ۾ ٿيندڙ سياحت جو آهي. اسان وانگر هن ملڪ ۾ بي انتها سياح هميشہ رهندا آهن. تاريخي طور تي جرمني آسٽريا جي واپار ۾ مُکيہ ڀائيوار رهندو آيو آهي. تنهنڪري جرمنيءَ طرفان واپار ۾ ٿيندڙ تڪڙيون تبديليون آسٽريا جي اقتصاديات تي غير معمولي اثرات مرتب ڪن ٿيون. انهيءَ صورتحال جي پيشِ نظر يورپين يونين ۾ شموليت اختيار ڪرڻ کان پوءِ يونين جي ٻين ميمبر ملڪن سان تجارتي تعلقات وڌائي جرمنيءَ تي انحصار گهٽائڻ لڳو آهي. اهڙيءَ ريت يورپين يونين جي رُڪنيت حاصل ڪرڻ کان پوءِ پرڏيهي سيڙپڪارن آسٽريا ۾ سيڙپ چالو ڪئي ۽ 2006ع ۾ جي. ڊي. پي ۾ سُڌارو ٿيو ۽ اها 3.3 سيڪڙو وڌي وئي. انهيءَ کان ٻہ سال اڳ سن 2004ع ۾ بہ آسٽريا يورپين يونين ملڪن ۾ چوٿون نمبر شاهوڪار ترين ملڪ شمار ڪيو ويو ۽ ملڪ جي في ڪس ڪمائي 27666 يورو هئي. تنهن کان پوءِ وارن سالن دؤران آسٽريا جي في ڪس ڪمائي/آمدني 38632 يورو ٿي ۽ يورپ جي N.U.T.S ريجن ۾ پنجون نمبر شاهوڪار ترين ملڪ شمار ڪيو ويو.
آسٽريا ۾ چوپائي مال جا فارم، اولھہ يورپ جي پهاڙي علائقن وارن ملڪن وانگر ننڍا ۽ هڪ ٻئي کان وٿيرڪا يعني ڇڊا ۽ پري پري قائم ڪيا ويا آهن ۽ انهن مان حاصل ٿيندڙ خوراڪ واري پيدائش نسبتاً مهانگي پوي ٿي. سن 1995ع کان جڏهن کان وٺي آسٽريا يورپي يونين جو ميمبر ٿيو، تڏهن کان وٺي يورپين يونين جي عام زرعي پاليسيءَ تحت آسٽريا جي زرعي شعبي ۾ سُڌارا آندا پيا وڃن. جيتوڻيڪ آسٽريا جو هاري طبقو ملڪ جي کاڌ خوراڪ جو اَسي سيڪڙو پيدا ڪري ٿو. پر ملڪ جي گڏيل پيداوار ۾ انهيءَ جو سيڪڙو گهٽجندو هاڻي 3 سيڪڙو کان بہ گهٽ ٿي ويو آهي جڏهن تہ ملڪ جون ڪجهہ صنعتون: جهڙوڪ ڪيتريون ئي لوھہ ۽ فولاد جون صنعتون، ڪيميائي صنعتون ۽ تيل واريون ڪمپنيون ملڪ جون وڏيون صنعتون آهن. اهي عالمي سطح تي پيداواري/تجارتي چٽاڀيٽيءَ ۾ شريڪ آهن. انهن صنعتن ۾ ڪيئي هزارن جي تعداد ۾ مزدور طبقو پورهيو ڪري پيو. پر ٻيون گهڻيون صنعتون نسبتاً ننڍيون آهن ۽ پيداوار ۾ سندن حصو ٿورو آهي. آسٽريا جي قومي آمدني ۾ ملڪ جو خدمتن وارو شعبو وڏي اهميت جو حامل آهي. اهو شعبو قومي پيداوار ۾ مُکيہ حصو ڪمائي ڏيندڙ آهي. ويانا شهر آسٽريا جو مالياتي ۽ مشاورتي مرڪز طور ترقي ڪري نروار ٿي بيٺو آهي. ويانا شهر جون بئنڪون ۽ قانوني فرمون پنهنجي قانوني ۽ مالياتي ڪارڪردگي ۽ ساک سبب يورپين يونين جي ميمبر ملڪن ۾ وڌيڪ ڪامياب اِدارا لِيکجن ٿا. ملڪ جي معيشت ۾ سياحت واري شعبي جو بہ نهايت اهم ڪردار رهيو آهي ۽ قومي آمدنيءَ ۾ ان جو بہ سراسري طور ڏھہ سيڪڙو حصو شامل آهي. سن 2001ع ۾ آسٽريا کي دنيا ۾ ڏهون نمبر ملڪ قرار ڏنو ويو، جتي انهيءَ سال هڪ ڪروڙ ٻياسي لکن کان بہ گهڻا پرڏيهي سياح گُهمڻ آيا هئا. اڳي آسٽريا ۾ ايندڙ سياحن جي واضح اڪثريت جرمن ماڻهن تي هوندي هئي، تنهنڪري سياحت جي ڪمائيءَ جو دارومدار گهڻي ڀاڱي جرمن معيشت تي انحصار ڪندڙ هو. پر هاڻي اوڀر يورپ جي ملڪن، روس ۽ آمريڪا کنڊن جا سياح گهڻي تعداد ۾ اچڻ لڳا آهن. آسٽريا جي روانگي توڙي آمدني واپار جو تقريباً 66 سيڪڙو يورپين يونين جي ميمبر ملڪن سان ٿئي ٿو. وچ ۽ اوڀر يورپ ۾ قائم ٿيندڙ نَون تجارتي مرڪزن ۾ واپاري واڌارو ۽ اتي سيڙپڪاري وارو عمل اڄڪلھہ آسٽريا جي معيشت جو اهم ڪردار آهي. آسٽريا انهن ملڪن ۾ گهربل مشينري ۽ هُنرمند مزدور جو بہ چڱو تعداد موڪليندو رهيو آهي.
هوٽل جي طرفان مفت جو ناشتو ڪريون. جت هوٽل جا سڀ مسافر تيار ٿي ناشتا ڪندا رهندا آهن. اهڙو ناشتو سڀني هوٽلن جو گهڻو ڪري هڪ جهڙو هوندو آهي، جيتري وڏي هوٽل اوتري رش گهڻي. جيتري ننڍي هوٽل اوتري رش گهٽ، اسان بہ پهرين تيار ٿي اچي ڊائينگ هال ۾ ناشتو ڪيو، پوءِ پنهنجي گاڏيءَ ۾ چڙهي شهر جي ٽوئر تي نڪتاسين. اسان جو خيال هو تہ پهرين دنيا جي هن تاريخي شهر جي قديم پُراڻين جڳهين جو سير ڪريون، پوءِ جي اسان کي ٽائيم ملي تہ شهر گُهمون ۽ ڪجهہ خريداري بہ ڪريون. جيئن تہ اسان وٽ ويانا گُهمڻ لاءِ صرف ٻہ ڏينهن هئا. سو اسان پهريائين هڪ قديم چرچ ڏسڻ وياسين. جيڪو ويانا جو پُراڻي ۾ پُراڻو چرچ هو. سندس نالو Rupre chtskirche هو. هي رومن دؤر جو چرچ هو. ٻاهران ڏاڍو خوبصورت ٺهيل، پر اندران اهڙو خوبصورت ڪونہ هو، جهڙو ٻاهران هو. هت اندر ٻاهر وڏي تعداد ۾ سياح فوٽو ڪڍي ۽ فلمون ڀري رهيا هئا. پهرين عالمي جنگ ۽ ٻي عالمي جنگ جيڪي دنيا جون وڏي وڏيون جنگيون هيون. پهرين عالمي جنگ ۾ سڄي يورپ جي ملڪن حصو ورتو ۽ اها جنگ يورپ ۾ ئي وڙهي وئي. تاريخ ۾ هن کان وڌيڪ ڪنهن ٻي جنگ ۾ ايترا قتل، زخمي ۽ تباهي ڪانہ آئي هئي، جيڪا هن جنگ ۾ ٿي هئي. دنيا جو چار وڏيون بادشاهتون سلطنت عثمانيہ يعني؛ ترڪيءَ جي بادشاهت ۽ يورپ جون قديم بادشاهتون يعني؛ جرمني، روس، آسٽريا ۽ هنگريءَ جون بادشاهتون دنيا جي نقشي تان هميشہ لاءِ ختم ٿي ويون ۽ اُت جمهوريت قائم ٿي. هيءَ جنگ ۾ انتهائي تاريخ جي وڏي ۾ وڏي جنگ هئي. جنهن ۾ هڪ محاذ تي ويھہ لک فوج حصو ورتو، اها جنگ Marne جي نالي سان مشهور آهي. هن جنگ ۾ هندستان مان سڄي هندستان فوج انگلينڊ ۽ يورپ ۽ ٻين ملڪن ۾ موڪلي وئي. هندستاني مان موڪليل فوج ۾ گهڻو ڪري سڀ هندستاني هئا. پر انگريزن کي انڊيا ۾ ئي رکيو ويو تہ متان نہ هندستاني فوج اسان جي هٿن مان نِڪري وڃي. آمريڪا هن جنگ ۾ پهرين غير جانبدار هو، پر جڏهن جرمن هن جي آبدوزن سمنڊ ۾ تباھہ ڪيو تہ هن پنهنجي فوج يورپ موڪلي. پاڻ بہ سِڌيءَ طرح جنگ ۾ شامل ٿي ويو. پهرين عالمي جنگ ۾ پنجاسي لک ماڻهو مُئا. جيڪو انساني تاريخ ۾ ڪنهن هڪ جنگ ۾ ايڏي وڏي تعداد ۾ ماڻهن مرڻ جو بہ هڪ رڪارڊ هو.
2. ٻيو هن جنگ کان پوءِ سڄي دنيا ۾ قابض ملڪ ايڏا تہ ڪمزور ٿي ويا، جو هنن ڪيترن غلام ملڪن کي آزاد ڪري ڇڏيو. هن عالمي جنگ ۾ آسٽريا جو وڏو ڪردار هو.
3. هن جنگ ۾ روس ۽ آمريڪا وڏي طاقت ٿي دنيا ۾ اُڀريا.
پهرين عالمي جنگ 1914ع ۾ شروع ٿي، 1918ع ۾ ختم ٿي. يعني؛ صرف پهرين عالمي جنگ ختم ٿيڻ جي ايڪيهن سالن جي قليل عرصي بعد وري ٻي عالمي جنگ شروع ٿي وئي. هن جنگ ۾ اڳوڻي جنگ کان بہ وڌيڪ خطرناڪ هٿيار ايجاد ۽ استعمال ٿيا. تنهنڪري ماڻهو بہ تمام گهڻا مُئا. هن جنگ ۾ انهن نَون هٿيارن ۾ پري مار ڪندڙ راڪيٽ ۽ ائٽم بم ايجاد ٿيا ۽ دنيا ۾ پهريون دفعو استعمال ٿيا. هن جنگ ۾ بہ گهڻو ڪري اهي ئي ملڪ شامل هئا، جن پهرين عالمي جنگ ۾ حصو ورتو. جرمنيءَ رڳو هڪ شهر لنڊن تي ڇاونجاھہ دفعا فضائي حملا ڪري لنڊن شهر کي وڏو نقصان پهچايو. آمريڪا هينئر بہ هن جنگ ۾ ڪافي وقت غير جانبدار رهيو، پر پرل هاربر تي آمريڪا جي جنگي ٻيڙي تي جاپان طرفان هوائي حملو ڪري هن کي تباھہ ۽ برباد ڪري ڇڏيو. هن حملي ۾ آمريڪا جا اٺاويھہ سؤ فوجي مري ويا. تنهن کان سواءِ آمريڪا جا اَٺ وڏا جنگي بحري جهاز، تيرهن ٻيا بحري جنگي جهاز، ويھہ هوائي جهاز ۽ پڻ ٻيو ڪيترو آمريڪا جو جنگي سامان هن حملي ۾ تباھہ ۽ برباد ڪري ڇڏيو. جاپان جي حملي کان پوءِ آمريڪا بہ هن جنگ ۾ ٽُپي پيو ۽ هن پنهنجي ويھہ لک فوج جنرل آئزن هاور جي قيادت ۾ آمريڪا کان يورپ موڪلي. آئزن هاور پوءِ آمريڪا جو صدر پڻ ٿيو. هن جنگ ۾ پهريون دفعو هن جنگ جي اهم ملڪن يعني؛ آمريڪا جي صدر روز ويلٽ، روس جي صدر اسٽالن ۽ انگلينڊ جي وزيراعظم چرچل جي پهريون دفعو تهران ۾ ملاقات ٿي. جنگ هلندي آمريڪا جي صدرروز ويلٽ وفات ڪئي تہ جرمنيءَ جي صدر هٽلر ۾ ٿوري ڦنڪي اچي وئي، پر حالات هاڻ هن جي هٿن مان نڪري چڪا هئا. 30 اپريل تي هٽلر پنهنجي محبوبہ ايوا برائون سميت پنهنجي بنڪر ۾ خودڪشي ڪري ڇڏي. جرمنيءَ جي حڪومت شڪست کي تسليم ڪيو ۽ اتحادين طرفان فوجن کي اجازت ڏني وئي تہ، توهان ڀلي جرمن عورتن سان سندن گهرن ۾ وڃي زوريءَ زنا ڪريو. جيئن تہ هن جنگ ۾ انگريز فوجين سان گڏ هندستاني فوجي بہ هئا. اهي بہ هن عمل ۾ شامل هئا. پر هڪ هفتي کان پوءِ يورپين کي غيرت آئي ۽ هنن هندستاني فوجين کي هڪ هفتي کان پوءِ انهيءَ خير جي ڪم کان روڪي ڇڏيو. جنگ جي آخر ۾ آمريڪا جاپان کان پرل هاربر جي واقعي جو بدلو وٺندي پهرين ڇھہ آگسٽ تي هيروشيما تي ۽ ٻيو نَوَ آگسٽ تي ناگاساڪيءَ تي ايٽمي حملو ڪيو. جنهن حملي ۾ هڪ ڌڪ ۾ چاليھہ هزار جاپاني شھري مري ويا ۽ ائين هن جنگ ۾ ساڍا پنج ڪروڙ ماڻهو مُئا. جن ۾ زيادھہ ۾ زيادھہ ماڻهو روس جا مُئا. يعني؛ صرف روس جا ٻہ ڪروڙ ماڻهو مُئا. دنيا جي تاريخ ۾ هيءَ وڏي ۾ وڏي جنگ هئي. منهنجو يورپ ۾ هن جنگ عظيم جو احوال ٻُڌائڻ جو مقصد اهو هو تہ، هنن ماڻهن جو ڪيترو تہ مالي ۽ جاني نقصان هنن ٻنهين جنگين ۾ ٿيو، پر هنن قومن هڪ ٻئي جي ملڪن جي چرچن، ڪليسائن، ميوزمن، پارليامينٽ هائوس ۽ ٽاورن تي حملو نہ ڪيو. لنڊن شهر ۾ هنن ڇاونجاھہ هوائي حملا ڪيا، پر راڻيءَ جي ونڊسر محل بڪنگهم پيلس، يا فرانس جي بادشاهن جو تاريخي ورسائل محل تي هنن حملو نہ ڪيو. جيڪي اڄ بہ پنهنجي اصلوڪي حالت ۾ صحيح سلامت ۽ برقرار آهن ۽ اڄ بہ هنن کي سڄي دنيا جا سياح ڏسڻ اچن ۽ انهن مان هو هر سال اربين روپيا ڪمائين. پر پنهنجن ملڪن ۾ وري انهيءَ جي برعڪس ٿئي.
پهرين جنگ عظيم ۾ دنيا ۾ بادشاهتون ختم ٿيون پر ٻي جنگ عظيم سڄي دنيا جي ڄڻ شڪل ئي تبديل ڪري ڇڏي.
1. هڪ تہ هن جنگ بعد روس، آمريڪا دنيا ۾ وڏا سُپر پاور ٿي اُڀريا.
2. ٻيو تہ يورپ جا ملڪ ايڏو تہ ڪمزور ٿي ويا، جو هنن ايشيا ۽ آفريڪا ۾ وڏي تعداد ۾ سندن غلاميءَ هيٺ ملڪن کي مجبور آزاد ڪري ڇڏيو ۽ انهن ملڪن کي آزادي ڏيارڻ ۾ آمريڪا جو بہ انهن يورپي ملڪن مٿان دٻاءُ هو.
3. ٽيون تہ ٻي عالمي جنگ ختم ٿيڻ شرط پهرين انگلينڊ، پوءِ آمريڪا جي مدد سان فلسطين جي سرزمين تي يهودين جي هڪ رياست اسرائيل کي تيل پيدا ڪندڙ ملڪن مٿان زوريءَ زبردستيءَ مڙهيو ويو، جتي سڄي دنيا مان يهودي گڏ ڪري آباد ڪيا ويا ۽ هن يهودي رياست کي سڄي دنيا جا يهودي مالي مدد ڪن ٿا. تنهنڪري هاڻي اسرائيل سڄي دنيا اندر هڪ وڏي فوجي ۽ معاشي طاقت ٿي اُڀريو آهي.
4. چوٿون تہ، ٻي جنگ عظيم کان اڳ سَون سالن کان يورپ جا ملڪ دنيا ۾ هڪ وڏي طاقت وارا ملڪ هئا. سو هاڻ اهي ملڪ اها حيثيت بلڪل وڃائي وٺا.
اسان انهيءَ چرچ گُهمڻ کان پوءِ هاڻ اسان Haf Burg محل ڏسڻ وياسين. جيڪو اڳوڻي شاهي خاندان جو هڪ عاليشان محل هو. اهڙا ننڍا وڏا شاهي خاندان جا وڏي ۾ وڏي تعداد ۾ ٻيا بہ ڪيترا محل آهن. پر انهن سڀني محلن ۾ ٻہ وڏا محل آهن، يورپي ملڪن جي اڳوڻي بادشاهن جا محل محلاتون سندن بادشاهتون ختم ٿيڻ کان پوءِ آيل نئين جمهوري حڪومتن انهن محلن کي ميوزمن يا هوٽلن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ٻيو تہ ٺهيو پر ڪافي تعداد ۾ هنن قومن پنهنجن پُراڻي جيلن کي سنواري سينگاري هوٽلن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. فرانس جي بادشاهن جو محل ورسائل هاڻ ميوزم آهي. انگلينڊ جي راڻيءَ جو لنڊن شهر وارو محل هاڻ سال جو ڪجهہ حصو هو ٽڪيٽ تي کولين. جن کي هزارين ماڻهو ڏسڻ اچن. بڪنگهم پيلس جي ڪجهہ حصي کي باھہ لڳي تہ راڻيءَ حڪومت کي لِکيو تہ اسان کي محل جي مرمت ڪرائي ڏيو، پر حڪومت جواب ڏنو تہ هي توهان جو ذاتي گهر آهي ۽ اسان توهان کي ساليانو وظيفو ڏيون ٿا، توهان اُن مان ٺهرايو. پوءِ راڻيءَ محل جو ڪجهہ حصو ٽڪيٽ تي کولي ڇڏيو. انهيءَ مان هن کي ايتري تہ آمدني ٿي جو پوءِ هنن انهن پئسن مان محل جي مرمت ڪرائي. پر پوءِ هنن انهيءَ مان ايترا تہ پئسا ڪمايا جو اهو سلسلو هنن بند نہ ڪيو. اهو محلن کي هوٽلون ڪرڻ وارو سلسلو مون انڊيا ۾ بہ ڏٺو.
اسان جنهن علائقي ۾ Haf Burg محل ڏسڻ لاءِ بيٺا آهيون، انهيءَ علائقي ۾ وڏي تعداد مان ميوزم، محل، چرچ ۽ پارليامينٽ هائوس، ٻيا محل ۽ هڪ باغ پڻ آهي. سڄيءَ دنيا مان جيڪي سياح ويانا گُهمڻ اچن، سي هن علائقي ۾ ضرور اچن. اسان بہ پهرين هت گُهمڻ آياسين. هي محل بہ تمام لاجواب هو. محل اندر ۽ ٻاهر ڪافي رش هئي. وڏي تعداد ۾ سياح هن ۾ گُهمي ڦري رهيا هئا. هڪ ڪمري ۾ انهيءَ دؤر جو فرنيچر ۽ ان ۾ راڻيءَ ۽ بادشاھہ جو مجسمو بہ رکيل هو. اسان هي محل ڏسي پوءِ هنن محلن ڀرسان ئي هڪ وڏو باغيچو هو. اهو ڏسڻ وياسين. هن باغيچي جي اڌ حصي گُهمڻ لاءِ ڪابہ في ڪانہ هئي. باقي اڌ حصي لاءِ في هئي. ان حصي ۾ هنن وڏي تعداد ٻي دنيا مان گُل ۽ وڻَ گُهرائي هت لڳايا هئا. باغيچي ۾ ٽڪيٽ واري پاسي رش گهٽ هئي، پر فريءَ واري حصي ۾ وڏي رش هئي. هي باغ تمام پُراڻو هو. يورپ جون حڪومتون باغ باغيچن ۽ ملن تي تمام وڏي رقم خرچ ڪن ۽ انهن جي حڪومت تمام گهڻي حفاظت بہ ڪري. يورپ جي تمام وڏن باغن ۾ هِرڻ ۽ ٻيا جانور باغ اندر کُلئي عام پيا هلندا آهن. سواءِ ڪنهن بہ خوف ۽ ڊپ جي. هت باغن ۾ گهوڙن تي سواريءَ لاءِ ڪيئي گهوڙا بيٺل هوندا آهن. توهان پئسا ڏئي انهن تي سواري ڪري سگهو ٿا. جيئن پاڻ وٽ ڪراچي ڪلفٽن تي گهوڙا گُهمائڻ لاءِ بيٺا هوندا آهن ۽ اهڙن باغن ۾ تمام سُٺيون هوٽلون بہ سياحن لاءِ هونديو آهن. جت توهان پنهنجي پسند جي هر کاڌي پيتي جي شيءِ وٺي سگهو ٿا. اسان صبح جو هوٽل تان ناشتو ڪري ٻاهر نڪرندا هئاسين. تنهنڪري ڪوشش ڪري اسان ٻنپهرن جو لائيٽ کاڌو کائيندا هئاسين. سو اسان بہ هت ويهي ڪجهہ دير آرام ڪيو، پر کاڌو تمام ٿورو کاڌوسين. منهنجو پاڪستان ۾ هر روز اهو معمول هوندو آهي جو ٻنپهرن جي ماني کائي پوءِ ڪلاڪ کن لاءِ سُمهي پوندو آهيان تہ، وري ننڊ مان اُٿڻ شرط پاڻ کي تازو توانو محسوس ڪندو آهيان. پوءِ اُٿڻ شرط گهڻو ڪري ڪلاڪ ڏيڍ هر روز لِکندو آهيان، پر هت تہ اچي ئي ماڻهو گُهمڻ ٿو. سو ٻنپهرن جو هت سُمهڻ جو تہ سوال ئي ڪونہ ٿو پيدا ٿئي. تنهنڪري ئي هت ٿوري ماني کائبي آهي، جيئن بدن ڳرو نہ ٿئي ۽ سُستي نہ ٿئي. مِنا صرف آئيس ڪريم کاڌي. نور محمد ۽ مون مڙئي ننڍو برگر کاڌو ۽ ڪوڪ پيتي.
اسان جي هاڻ ٻي منزل هت ٻي عالمي جنگ ۾ آسٽريا جي مُئل ماڻهن جون قبرن جو يادگار ڏسڻ هو. جيڪي آمريڪا ۽ انگلينڊ جي بمباريءَ ڪري سَوين ماڻهو مُئا يا اُت ڪيترن زندھہ ماڻهن کي دفن ڪيو ويو هو. هن علائقي کي ڪلب هيڊ ڪوارٽر چيو ٿو وڃي. هت هنن هڪ بهترين باغ ٺاهي اُت يادگار لاءِ پيلر بہ ٺاهيا آهن. جت سياحن سان گڏ سڄي آسٽريا جا ماڻهو بہ هنن قبرن تي وڏي تعداد ۾ اچي گل چاڙهين. پوءِ ڪجهہ دير لاءِ هت خاموش بيهي هنن لاءِ هڪ قسم جي عقيدت ۽ ڏُک جو اظهار ڪندا آهن. هت ماڻهو هڪڙا پئي آيا تہ ٻيا پئي ويا. هت هڪ وڏي پيلر تي هيئن لِکيل هو:
World War II Memorial هي ٻي ڪنهن ٻوليءَ ۾ وري هيئن لِکيل هو: Mahnmal gegen krieg Und Faschismus.
اڄ جي سفر جي هاڻ آخري منزل هئي. اسلامڪ سينٽر. هي سينٽر U.N.O سينٽر جي طرف هو. اسان پنهنجي ڪار ۾ دنيا جي هن خوبصورت شهر ويانا جي گهٽين مان هلندا هلندا اچي پنهنجي منزل تي پهتاسين. سڄي دنيا جي وڏن توڙي ننڍن مسلمانن توڙي غير مسلمانن ملڪ ۾ هزارن سالن کان اهڙيون خوبصورت مسجدون تعمير ٿيل آهن. جنهن جو مثال ڪونہ ٿو ملي. جنهن ۾ بيت الله واري مسجد، مسجد نبوي، ترڪيءَ جي مسجد سليمان ۽ بلو مسجد. فلسطين مسجد اقصيٰ، پاڪستان ۾ بادشاهي مسجد لاهور ۽ اسلام آباد جي فيصل مسجد. هندستان ۾ حيدرآباد دکن جي مسجد ۽ دهليءَ جي بادشاهي مسجد شامل آهن، پر مسلم دنيا کان ٻاهر غير مسلمانن ملڪن ۾ بہ جيڪي مسجدون آهن. سي مقامي حڪومتن جي سرپرستيءَ کان سواءِ ماڻهن جي چندن سان ٺهيل آهن ۽ انهن ۾ مقامي حڪومتن ۽ غير مسلمان تنظيمن بہ هر مرحلي تي انهيءَ ۾ رڪاوٽون وڌيون پر شاباس هجي اتي جي عوام کي جن وڏي ڪوششن ۽ مشڪلاتن باوجود سڄي دنيا اندر غير مسلمان ملڪن جي ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ هاڻ هر جڳھہ مسجدون ۽ اسلامي سينٽر قائم ٿي چڪا آهن. اهڙين ڏُکين حالتن ۾ دنيا جي اهم شهرن مان هڪ شهر لنڊن اندر ٺهيل هڪ مسجد ۽ اسلامي سينٽر جي ٺهڻ جو توهان کي سربستو احوال ٿو ٻُڌايان.
لنڊن جي مسلمانن حڪومت کان مطالبو ڪيو تہ، سڄي يورپ ۾ زيادھہ ۾ زيادھہ مسلمان لنڊن شهر ۾ رهن ٿا. ۽ ٻيو تہ برطانيہ جي سڀني ڪالونين ۾ مسلمان عيسائين کان بہ زيادھہ تعداد ۾ رهن ٿا، سو اسان کي لنڊن شهر ۾ هڪ مسجد ٺاهڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ ان لاءِ زمين بہ ڏني وڃي تہ اسان هت مسجد قائم ڪري سگهون. جيتوڻيڪ جت هي حاڪم رهيا سنڌ سميت تہ انهن اُت پهرئين پنهنجا چرچ ٺاهيا، پر لنڊن ۾ هي مسلمانن کي مسجد ٺاهڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ تيار ڪونہ هئا. مسلمانن 1900ع کان وٺي انهيءَ ڪوشش ۾ لڳا پيا هئا، پر انگريزن مسلمانن کي اجازت يا زمين ڏيڻ لاءِ تيار ڪونہ هئا. انهيءَ جي برعڪس 1843ع ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪئي ۽ بمبئي گورنمينٽ جي اجازت سان
Letter No. 16 Dated 16th January 1850, From Government of Bombay Intimaling that Government of India had sanctioned the construction of a Church at Karacho. (Book: The Contents of the premutiny Recoard of the commissioner in Sindh, page 39)
اهو چرچ هنن سنڌ جي پئسن مان ٺاهيو هو. پر انگلينڊ ۾ هيءَ مسجد لاءِ زمين ۽ اجازت ڏيڻ لاءِ تيار ڪونہ هئا.
1930ع ۾ انگريزن کي مصر جي بادشاھہ قاهره ۾ ان شرط سان زمين ڏني تہ، انگلينڊ ۾ توهان مسلمانن کي مسجد ٺاهڻ لاءِ پلاٽ ۽ اجازت ڏيندا. سو نيٺ زمين جو مسئلو تہ حل ٿيو، پر لنڊن ۾ مسجد ٺاهڻ لاءِ پئسا ڪٿان اچن، جو مسجد ٺاهجي. نيٺ پهرئين نظام دکن مسجد لاءِ سڀ پئسا ڏنا. تنهن کان پوءِ وڏي رقم سعودي عرب جي بادشاھہ شاھہ فيصل ويھہ لک پائونڊ ڏنا ۽ انهيءَ بعد دبئي جي حاڪم شيخ زيد بن سلطان النيهان پئسا ڏنا ۽ پڻ سعودي عرب جي بادشاھہ شاھہ فهد بن عبدالعزيز بہ پئسا ڏنا تہ هي مسجد پنجهٺ لک پائونڊن جي وڏي رقم سان ٺهي تيار ٿي وئي. هن مسجد سان مدرسو هڪ وڏي لئبريري، ننڍي هوٽل ۽ ريڊيو اسٽيشن پڻ آهي. هن مسجد کي ريجنٽ پارڪ مسجد جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. اسان بہ عيد تي جڏهن لنڊن ۾ هوندا آهيون تہ عيد نماز انهيءَ مسجد ۾ پڙهندا آهيون، ويانا جي مسجد ۾ اسلامي مرڪز بہ شاندار ۽ ڏاڍي سُٺي نقشي سان ٺهيل آهن. اسان هت مسجد ۾ نفل پڙهيا ۽ مسجد مدرسي جي انچارج سان ڪافي ڳالهيون پُڇڻ ٿي چاهيون، پر هن کي انگريزي صفا ڪانہ ٿي آئي. اسان هت ڪجهہ فوٽا بہ ڪڍيا. اسان هتان هاڻ سِڌا پنهنجي رهائش جي هوٽل تي آياسين، اسان اچڻ شرط گرما گرم ڪافي پيتي، تنهن کان پوءِ شاور وٺي پنهنجي پنهنجي بيڊ تي ليٽي پياسين. ڪافي دير آرام ڪري پوءِ پاڪستان ۾ ٻارن سان ڳالهايوسين، مون ٽوئر جا نوٽس بُڪ تي نوٽ ڪيا. اهو منهنجو هميشہ دستور رهيو آهي تہ ٽوئر جا نوٽس ٽائيم ملڻ تي لکندو رهندو آهيان ۽ پوءِ واپسيءَ تي پنهنجي گهر اچي سفرنامو لِکندي ڪا تڪليف ڪانہ ٿيندي آهي. نہ تہ هونئن وري سڀني ڳالهين کي ياد ڪرڻ ڏاڍو ڏُکيو لڳندو آهي ۽ ڪافي ڳالهيون وِسري وينديون آهن. چون ٿا تہ ٻہ دوست پاڻ ۾ ڪچهري ڪندي هڪ ٻئي کان پُڇيائون تہ توهان ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون خوبيون آهن تہ هڪ ٻُڌايو تہ ادا مون ۾ هي هي خوبيون آهن. وري ٻئي دوست چيس تہ توهان ۾ ڪهڙيون خوبيون آهن. ان دوست چيس تہ ادا مون ۾ پهرين تہ هڪ خوبي اها آهي جو منهنجي يادداشت ڏاڍي سُٺي آهي. تنهن تي سندس دوست چيس تہ، اها تہ ڏاڍي سُٺي ڳالھہ آهي. هن دؤر ۾ جنهن جي هر ماڻهوءَ کي شڪايت رهندي آهي تہ منهنجي يادداشت وڃي ڪمزور ٿيندي، پر تنهنجي هن دؤر ۾ بہ يادداشت سُٺي آهي. اها تمام سُٺي ڳالھہ آهي، پوءِ پُڇيائينس تہ ادا ٻي خوبي بہ ٻُڌائي تہ کيس بروقت چيائين تہ، سائين ٻي مون واري خوبي مون کي وِسري وئي آهي. سو اسان جي هينئر ڇاهتر سالن جي عمر ۾ يادداشت جا بہ اهڙا ئي حال آهن.
مِنا چيو تہ ٻاهر هلو تہ، ٿورو ضروري سامان وٺان ۽ ماني بہ هلي ٿا ٻاهر انهيءَ انڊين ريسٽورينٽ تي کائون ۽ نور محمد کي بہ شام واري پارڪنگ مان گاڏي ڪڍي رات واري پارڪنگ ۾ گاڏي بيهارڻي آهي. اسان تيار ٿي پنڌ ئي پنڌ ٻاهر نڪتاسين تہ، نور محمد چيو تہ توهان هوٽل تي هلو، آئون گاڏي پارڪ ڪري توهان وٽ پهچان ٿو. يورپ ۾ توهان ڪٿي بہ گاڏي بيهاريو، پر توهان کي پارڪنگ جا پئسا ڏيڻا ئي ڏبا آهن. اسان هلندا اچي هوٽل تي پهتاسين. تہ ڪلھہ رات وارو هوٽل جو مالڪ يا مئنيجر بہ اسان کي ڏسي اچي اسان کي هيلو هيلو ڪري هليو ويو تہ، کاڌي جي آرڊر وٺڻ وارو بہ کاڌي جي لسٽن واري ڪاپي کڻي پهچي ويو. اسان چيس تہ ٿورو انتظار ڪري، اسان جو ٽيون ساٿي اچي تہ پوءِ ٿا توهان کي آرڊر ڏيون، تيسين هو رائيتو، سلاد ۽ ٻہ ٽي ننڍا گرما گرم نان اسان اڳيان رکي پاڻ ٻين گراهڪن ڏانهن روانو ٿي ويو. ٿوري دير ۾ نور محمد آيو تہ اسان سڀني پنهنجي پسند جا آرڊر بيري کي سڏ ڪري لِکايا. پر اڄ اسان بريانيءَ جو آرڊر ڪونہ ڏنو. مون فش فرائي جو آرڊر ڏنو. ماني آئي تہ سڀني ڊشن مان سڀني ٿورو ٿورو کاڌو لاٿو. اڄ کاڌو ڪلھہ کان وڌيڪ بهتر هو. هت اهو دستور هوندو آهي تہ، مانيءَ کان پوءِ هوٽل جو مئنيجر توهان کان ضرور پُڇندو تہ، کاڌو ڪيئن هو. توهان کي پسند آيو يا نه. اسان بل ڏئي واپس اچي پنهنجي هوٽل تي آرامي ٿياسين. اسان صبح ناشتو ڪري ٽيوب ۾ چڙهي اچي Maria hefer street تي پهتاسين.
ويانا جي وڏين شاپنگ ايرياز ۾ اندر ٽريفڪ بلڪل ڪانہ هوندي آهي. ماڻهو پنڌ ئي پنڌ گُهمن ڦرن ۽ شاپنگ ڪن. اهو گاڏين جو شهرن جي ڪجهہ ۾ نہ هلڻ جو رواج مون يورپ جي ڪافي شهرن ۾ ڏٺو. ائين گُهمڻ جو بہ پنهنجو مزو آهي. سڄو علائقو سواءِ بسن، ٽرامن، ڪارن جي. اهڙن دنيا جي شهرن کي ڏسي عجيب لڳندو آهي. پاڪستان جهڙي ملڪ جي ماڻهن لاءِ اهڙا منظر عجيب لڳندا آهن. ويانا جو شهر صبح جو نَوين بجي کُلي ۽ شام ڇهين بجي بند ٿئي. ڪن ڪن دڪانن کي رات دير تائين کولڻ جي اجازت آهي. اهڙن دڪانن ۾ ريزڪي دڪان، ڪتابن جا دڪان ۽ سگريٽن جا دڪان شامل آهن. پاڻ وٽ اهڙن دڪانن ۾ ميڊيڪل اسٽور بہ شامل هوندا آهن. پر هت ويانا ۾ انهن کي اهڙي رعايت مليل ڪونهي. ويانا ۾ سڄي دنيا جي Chain of Malls ۽ اسٽورس جون برانچون توهان کي مُک بازار ۾ ڏسڻ ۾ اينديون. خاص ڪري يورپ جي اهڙين سڀني Malls، اسٽورن جون برانچون بہ وڏي تعداد ۾ ويانا ۾ نظر اينديون. مون ڊاڪٽر پارس ۽ فرخ لاءِ وانچون ۽ ٻہ ٽي پرفيوم خريد ڪيا. نور محمد بہ مختصر سامان پنهنجي بيگم ۽ ٻارن لاءِ ورتو. اُهي اسڪولن ۾ موڪل نہ هئڻ ڪري هن دفعي اسان سان ٽوئر ۾ گڏ نہ هئا. پر گذريل سال هو اسپين ۽ پورچوگال جي سڄي ٽوئر ۾ اسان ساڻ هئا. نور محمد جي ڌيءُ پُٽ لنڊن شهر جي اسڪول ۾ پڙهندا آهن. لنڊن جي اسڪولن ۾ سرڪاري موڪلن کان سواءِ ٻي موڪل ڪانہ ٿئي. جي توهان موڪل لاءِ درخواستون ڏيندا تہ اها بہ غير حاضريءَ ۾ ڳڻبي ۽ اسڪول وارا انهن غير حاضر ڏينهن تي توهان تي ڏنڊ هڻندا. هڪ دفعو عبدالحئي جونيئر نَوَ ڏينهن اسڪول مان موڪل ورتي تہ مٿس نَوَن ڏينهن جا هڪ لک ستٽيھہ هزار پاڪستاني روپيا ڏنڊ هنيائون. سو ڪير بہ مائٽ ڪونہ چاهيندو تہ منهنجا ٻار اسڪول مان غير حاضر هجن. انهيءَ جي برعڪس پنهنجي ملڪ ۾ نوڪريون پئسن تي ملن. بورڊ ۽ يونيورسٽين کان مارڪون، گريڊ ۽ ڊگريون پئسن تي ملن، پبلڪ سروس ڪميشن مان نوڪريون سفارش ۽ پئسن تي ملن، پوءِ مائٽ ڇا لاءِ پڙهائيءَ تي خرچ ڪن.
مِنا بہ سندس لاءِ ۽ سڀني ٻارن لاءِ ڪجهہ نہ ڪجهہ خريد ڪيو. اسان ٻنپهرن جي ماني بہ هت هڪ ترڪ هوٽل تي کاڌي. اسان کي هت گُهمندي ڦرندي خريداري ڪندي چار پنج ڪلاڪ ٿي ويا. سو اسان خيال ڪيو تہ شام جو ڪروز ۾ سير ڪريون. سو اسان ويانا جي هنن حَسين بازارن کان هميشہ هميشہ لاءِ موڪلائي اچي ويانا جي وچ مان گُذرندڙ دريا ڊينوب (Danube) جي ڪِناري پهتاسين، هتي اسان پنهنجي گاڏي پارڪ ڪري اچي ٻاهر ڪروز ۾ چڙهڻ واري لائين ۾ بيٺاسين. هت ايڏي رش ڪانہ هئي، جيتري ترڪيءَ جي شهر استنبول جي باسفورس سمنڊ ۾ ٿئي. انهيءَ جهڙي رش مون سڄي دنيا ۾ ٻئي ڪنهن هنڌ سمنڊ ڪِناري ننڍين ۽ وڏين ٻيڙين ۽ ماڻهن جي ڪانہ ڏٺي. اهڙي رش آمريڪا جي سمنڊ ڪِناري شهرن ۾ ڪانہ ٿئي. اسان ٽڪيٽ اڳ ئي وٺي ڇڏي هئي. صرف ڪروز اندر چڙهڻ لاءِ اسان لائين ۾ بيٺل هئاسين. سو ڪروز جيئن چڪر لڳائي ڪِناري سان لڳو تہ، اسان بہ انهيءَ ۾ چڙهي پياسين. يورپ ۾ هر ڪم ڊسيپلين سان ۽ لائين سان ٿئي. هي ماڻهو ڄاوا بہ شايد لائين ۾ آهن. شراب ۾ ڌُت هوندا، پر لائين ڪونہ ٽوڙيندا. يورپ ۾ اهڙا ڪروز گهڻو ڪري ٻن فلورن جا ٿين ۽ سندن مٿيون فلور گهڻو ڪري کُليل هوندو آهي. پر مون جرمنيءَ ۾ اهڙن ڪروزن مٿان شيشي جي ڇِت بہ ڏٺي ۽ اندر سڄو ايئر ڪنڊيشن هو جي مينهن پئي تڏهن بہ اهڙي شيشي ۾ ماڻهو برسات ۾ پُسي ڪونه. ۽ وري شيشي مٿان برسات پوندي ڏسندي ڏاڍو مزو اچي. اسان هت جيئن ئي جهاز ۾ چڙهياسين تيئن اسان جي استقبال لاءِ بيٺل ڇوڪرين جي هٿن ۾ وائين ۽ جوس جا گلاس هئا. جيڪي هنن اسان کي پيش ٿي ڪيا. اسان جوس جا جام هنن کان وٺي اچي پنهنجي رزورڊ ٽيبل تي ويٺاسين. ههڙن جهازن ۾ گهڻو ڪري راڳ، ماني، ڊرنڪ ۽ وري ڪروز جي هڪ پاسي ننڍا ننڍا ڪمرا بہ هوندا آهن. جيڪي جوڙا اُتي وڃي رهن تہ اها سهولت بہ اُت انهن جوڙن لاءِ هوندي آهي. تہ ڀلي سئر دؤران روح رچنديون ڪن. انهن جي هُو جُدا مسواڙ وٺن، جيڪا ڪافي مهانگي هوندي آهي. سج لهڻ وارو هو، پر اڄ اسان هت سوير ماني کائڻ جو پروگرام ٺاهيو هو. کاڌي ۾ مون رشين بدڪ جي ڊش جو آرڊر ڏنو. نور ۽ منا فش فرائيڊ وٿ رائيس جو آرڊر ڏنو. ڪروز اندر ميوزڪ جو بہ بهترين بندوبست ٿيل هو. جت فنڪارن انگريزي ۽ آسٽريا جي ميوزڪ ٿي وڄائي. ميوزڪ ختم ٿيڻ تي ماڻهن هنن کي داد تہ ڏنو ٿي، پر ڪنهن بہ هنن فنڪارن کي پئسا ڪونہ ٿي ڏنا. ميوزڪ مسلسل هلندي ٿي رهي. هڪڙا ماڻهو ڪروز اندر ٿي آيا تہ ٻيا ٿي ويا. ماني ٿانوَن مان لاهي ميز تي رکڻ جو هنن جو انداز ڏاڍو پُروقار ۽ وڻندڙ هو. انهيءَ سروس تي گهڻو ڪري سڀ ننڍيون نيٽيون ڇوڪريون مقرر ٿيل هيون. اسان جي ٽيبل تي ماني لڳي تہ، اسان بہ اڄ وقت کان ٿورو اڳ ماني کاڌي. منهنجو آرڊر رشين ڊڪ (Russian Duck)) جو هو. جيڪو اسان کي اسان جي بيدا پيسٽ جي ميزبانن اُتي کارائي هئي. منهنجو پهريائين خيال هو تہ هي بہ پنهنجي بدڪن جهڙوڪ کائڻ ۾ هنن جو بہ ذائقو هوندو، پر کائڻ کان پوءِ خبر پئي تہ، هيءَ شيءِ ٻي آهي ۽ ڇا تہ ٽيسٽ هيس. رشين ڊڪس سڄي يورپ جا ماڻهو ڏاڍي شوق سان کائين. کائڻ ۾ ڏاڍي لذيذ لڳندي آهي. کاڌي ۾ بہ هر ماڻهوءَ جي پنهنجي پسند ٿئي، ڪنهن کي پَلو وڻي تہ، ڪنهن کي هرڻ جو گوشت وڻي تہ، ڪنهن کي گانگٽ وڻن، آئون لفظ گانگٽ ڄاڻي واڻي لِکندو آهيان. گانگٽن کي اُتر جا ماڻهو سانا چون. اردو ۾ جھینگے چون ۽ لاڙ ۾ اڳ گانگٽن کي ماڻهو چوندا هئا گانگٽ پر هاڻ لاڙ ۾ بہ ماڻهو گانگٽن کي چون جهينگا. جيئن اڄڪلھہ سنڌي موڪل کي چون ڇُٽي، تيئن گانگٽ لفظ اسان کان وڃي موڪلائيندو. ماني تمام سُٺن ڏونگن ۾ آڻي اسان جي اڳيان رکيائون. منهنجي ڊش يعني رشين ڊڪس هڪ سهڻي سفيد وڏي پليٽ ۾ آڻي منهنجي اڳيان رکيائون. جنهن ۾ ٽي وڏا ڪباب هئا، جيڪي چپلي ڪباب کان ٿورا ننڍا هئا. ڪبابن جي هڪ طرف ڪريم ۽ ٻي طرف سلاد رکيل هو، مون صرف هڪ ڪباب پنهنجي پليٽ ۾ لاٿو. اسان ماني ۽ مِٺو کائي پوءِ مٿي کُليل فلور تي وياسين. مٿي هاڻ ويانا چؤطرف روشنين ۾ جرڪي رهيو هو. بيحد خوبصورت نظارو هو. مٿي هيٺ کان وڌيڪ رش هئي. مٿي ويهڻ لاءِ مختصر ڪرسيون بہ پيل هيون. پر سياح ڪروز جي چؤطرف لڳل هوڪس ۾ جهلي بيهي هي حسين نظارو ڏسي رهيا هئا. اُت بيهڻ سان درياءَ ۾ پَوندڙ لائيٽن جي روشنين جو نظارو بہ ڏاڍو روح پرور هو. هت وڏي تعداد ۾ سياح اچي ۽ وڃي رهيا هئا، پر ڪوبہ گوڙ ڪونہ هو. باقي ڪئميرائن جي روشنين جا هر طرف چمڪاٽ لڳا پيا هئا. آئون ۽ مِنا ٽائيٽينڪ جهاز وانگر جهاز جي بلڪل فرنٽ ۾ اچي بيهي رهياسين، تہ اُت نور محمد اسان جا فوٽو ڪڍيا.
جهاز جو هي ٽوئر ٻن ڪلاڪن جو هو. جنهن جي ٽڪيٽ ۾ ماني مٺو، ڪوڪ يا وائين شامل هئا. هت هيڏي ساري روشنين ۾ آسمانن ۾ تارا ڏسڻ ۾ ڪونہ ٿي آيا. تنهنڪري وڏن شهرن ۾ رهندڙ ماڻهو چنڊ ۽ تارن جي آسمان ۾ سُونهن کان هميشہ محروم هوندا آهن. هت بہ آسمان انهن نعمتن کان خالي هو. ڪروز جي پٺئين پاسي نديءَ جي پاڻيءَ ۾ مختلف روشنين جي رنگن جو هي منظر ڏسڻ وٽان هو. اسان ٿوري دير هت پيل ڪُرسين تي ويهي رهياسين ۽ نديءَ ۾ روشنين جا هي عڪس ۽ اولڙا ڏسندا ڏسندا اچي ڪِناري تي پهتاسين. مٿان ئي ڏٺم تہ ڪروز ۾ چڙهڻ وارن جي رش ايتري تہ هئي جيتري اسان جي اچڻ وقت هئي. شايد هنن ماڻهن جي گُهمڻ لاءِ هميشہ هڪ جيترا پئسينجر ئي جهاز ۾ چاڙهين. ڪروز ۾ اسان بہ لائين ۾ هلندي هلندي اچي هيٺ پهتاسين ۽ پنهنجي گاڏيءَ ۾ ويانا جي سُٺن روڊ رستن تان هلندا هلندا اچي پنهنجي هوٽل تي پهتاسين. بوبي اسان کي هوٽل تي لاهي پاڻ ڪار پارڪنگ ۾ بيهارڻ هليو ويو. اسان کي صبح سوير ويانا کان دبئي وڃڻو هو ۽ نور محمد کي واپس لنڊن وڃڻو هو. سو مِنا سندس ۽ منهنجي سامان کي هڪ هڪ ڪري ٺاهي جوڙي پيڪ ڪرڻ لڳي. اسان ماني تہ ڪروز مان ئي کائي آيا هئاسين، نور محمد آيو تہ ان بہ پنهنجو سامان پيڪ ڪرڻ شروع ڪيو. جيستائين هي سامان پيڪ ڪن، تيسين مون ڪاپي کڻي ويهي ٽوئر بابت نوٽس لکيا. ٻہ ٽي ڏينهن مون ٽوئر جا نوٽس ڪونہ لِکيا هئا. جيسين مون نوٽيس لِکي ورتا، تيسين نور محمد ۽ مِنا بہ پنهنجي سامان جي پيڪنگ مان واندي ٿي ويئي، تہ اسان سواءِ ڪنهن ڳالھہ ٻولھہ جي وڃي پنهنجي ڪمرن ۾ آرامي ٿياسين. سڄي ٽوئر ۾ اسان جا ٻہ ڪمرا هوندا هئا. هڪ نور محمد لاءِ ۽ هڪ اسان لاءِ. هميشہ وانگر ٽوئر جي آخري رات جو ننڊ ٿورو ڊسٽرپ هوندي آهي. خاص ڪري اهو خيال هوندو آهي تہ ڪا شيءِ وِسري نہ وڃي. هونئن بہ هميشہ سفر جي آخري ڏينهن تي وري پنهنجا ۽ پنهنجو ملڪ ياد اچڻ شروع ٿي ويندو آهي. صبح سوير پنهنجو سامان کڻي اچي هوٽل جي لائونچ ۾ رکيوسين. اسان پهرين ڊائيننگ هال ۾ ناشتو ڪرڻ وياسين تہ، دستور مطابق سڄي دنيا جي سياحن جي رش لڳي پئي هئي ۽ اسين بہ هڪ ٽيبل تي ويهي پنهنجي پسند جو ناشتو کڻي. اچي کائڻ لڳاسين، ناشتي بعد نور محمد هوٽل وارن سان حساب ڪتاب ڪيو ۽ کين ڪمرن جون چاٻيون واپس ڪيون. نور محمد اُتان واندو ٿي اچي اسان کي چيائين تہ توهان هت انتظار ڪريو تہ آئون پارڪنگ مان گاڏي کڻي اچان تہ پوءِ گڏجي ٿا ايئرپورٽ هلون. صبح سوير هئي تنهنڪري نور محمد کي بہ گاڏي ڪاهي اچڻ ۾ ڪا دير ڪانہ ٿي. ۽ ائين ويانا جي هن حسين شهر کي آخري سلام ڪندا شهر ۽ ايئرپورٽ ويندڙ روڊ تي هلندا وڃي رهياآهيون. اسان جڏهن ڪافي پنڌ ڪيو تہ، گوگل جو ڪار ۾ لڳل ڊوائيس اسان کي ڪنهن غلط رستي کان ايئرپورٽ وٺي وڃي رهيو هو. سو نور محمد گاڏي روڊ تي بيهاري سندس موبائيل ذريعي انهيءَ جي رهنمائي ۾ اچي ايئرپورٽ پهتاسين. لهڻ مهل نور محمد ٻُڌايو تہ پاڻ خوامخواه ويھہ پنجويھہ ڪلوميٽر زيادھہ سفر ڪيو. نور محمد يورو ڪار جي آفيس مان جتان اسان يورپ جي ستن ملڪن جي سفر جي شروعات ڪئي هئي ۽ جتان اسان هي ڪار ڪرائي تي ورتي هئي. نور محمد اُت ڪار واپس ڪرڻ ۽ ساڻس حساب ڪتاب ڪرڻ ويو. ڪار کي سفر دؤران جي معمولي ڌڪ لڳو تہ اُن جا پئسا ڪونہ وٺندا آهن. چوندا آهن تہ ڪار انشورنس هوندي آهي. سو اهو خرچ اسان ڪونہ ڀريندا آهيون، باقي واپس ڪار ڏيڻ مهل اهو ضروري هوندو آهي تہ، ڪار سُٺي نموني سان اندران ۽ ٻاهران صاف ٿيل هجي. جي ٿوري بہ صفائي ۾ ڪمي هوندي تہ چوندا تہ هن کي واپس صاف سٿرو ڪري ڏي يا انهيءَ جا اضافي پئسا چارج ڪندا آهن. جيئن تہ اسان هميشہ هر ملڪ ۾ ڪار رينٽ تي وٺندا آهيون، تنهنڪري اهي ڳالهيون سمجهي ويا آهيون. جي ٽوئر ۾ چار ڄڻا آهن تہ ڪار رينٽ تي وٺڻ سان ٽرين، انڊر گرائونڊ ٽيوب، بس ۽ ٽيڪسيءَ جي خرچ کان گهٽ خرچ ٿئي ٿو. ٻيو تہ انهيءَ ڪري سفر ۾ وڏي آساني بہ ٿئي ٿي. پر انهيءَ ڪار ڏيڻ لاءِ اهو شرط آهي تہ گاڏي هلائيندڙ يورپي يونين جو ڊرائيونگ ليسن هجي ۽ هو شهري بہ يورپي يونين جو هجي، نہ تہ ڪار ڪانہ ملندي. پوءِ پيا ريل، انڊر گرائونڊ ٽيوب، بسن ۽ ٽيڪسين ۾ ڌڪا جهليو، اهڙيءَ طرح جي توهان ٻاهرين ملڪ وڃڻ کان ٻہ ٽي مهينا اڳ ٽڪيٽون ۽ هوٽلون بُڪ ڪرايو تہ بہ توهان کي پئسن ۽ وقت جي ڪافي بچت ٿيندي ۽ سڄي ٽوئر ۾ اهو ٽينشن ڪونہ هوندو تہ، خبر نہ آهي تہ ڪٿ ڪمرو ملي يعني شهر اندر يا شهر کان ڪافي ٻاهر. پوءِ جي ڪمرو شهر کان ٻاهر مليو تہ، اضافي ڀاڙا ۽ اچڻ وڃڻ ۾ بہ ڪافي وقت ضايع ٿيو وڃي. پر جي توهان هوٽلون اڳواٽ بُڪ ۽ هوائي جهاز جون ٽڪيٽون اڳ خريد ڪري ڇڏيون تہ، پوءِ توهان جو سفر تمام گهڻو سستو ۽ آرامده ٿي ويندو. جيئن نور محمد ڪار ڏئي واپس آيو تہ اسان پنهنجون بئگون گهليندا وڃي ايئرپورٽ جي ڪنويئر بيلٽ ڀرسان ويٺل اسان جي ايئر لائين جي ڪائونٽر تي ويٺل ڇوڪريءَ کي پنهنجون ٽڪيٽون ڏيکاريون ۽ پنهنجون بئگون هنن جي حوالي ڪري وڃي لائونچ ڀيڙا ٿياسين، باقي هاڻ دنيا جي ايئرپورٽ تي ايندي ويندي ڪسٽم چيڪنگ ڪانہ ٿئي. هاڻ گهڻو ڪري پاڪستان ۾ ڪسٽم چيڪنگ ڪانہ ٿئي. ٻيو تہ يورپ آمريڪا جي ايئرپورٽ تي صرف اچڻ مهل اميگريشن ٿي وڃڻ مهل اُتي اميگريشن ڪانہ ٿئي. هي چون تہ اسان جي ملڪ مان جيڪو وڃي سو سُٺو. اسان ڇو وري هنن کان سوال جواب ڪريون. اسان کي ڪو واپس ٿورو ئي هنن کي پنهنجي ملڪ ۾ ويهارڻو آهي. پر پنهنجي ملڪ ۾ ايندي ويندي اميگريشن ٿئي. اسان کي هت ايئرپورٽ تي ڪجهہ رسيدون ڏيکاري ڪسٽم وارن کان پئسا واپس وٺڻا هئا. ڇو تہ ڪافي شين تي هتي غير ملڪين کي ٽيڪس جي ڇوٽ هوندي آهي. پر اها سهولت سندن شهرين کي ڪانہ هوندي آهي. نور محمد ڪائونٽر تان فارم ڀري کين ڏنو تہ کيس چئون تہ لائين ۾ ٿي بيهي پنهنجي واري تي اسان کي اهو فارم ڏج، پوءِ اهو فارم چيڪ ڪر توکي هت لڳل ٽيڪس جا پئسا واپس ڪنداسين. اسان بہ لائين ڀرسان ٿي بيهي رهياسين. تہ متان اسان جي بہ ضرورت نہ پوي لائين ۾ ماڻهو ٿورا هئا. پر ڪائونٽر تي ويٺلن هروڀرو دير ٿي ڪئي. پر اسان بہ دير جو انتظار ڪيو. پر سڀ پئسا واپس ورتاسين جيڪي پاڪستاني پنجاھہ هزار روپيا ٿيا ٿي. جهاز وڃڻ ۾ دير هئي، سو اسان لائونچ ۾ اچي ويٺاسين. هت رش گهٽ هئي. صرف نور محمد سان ئي مون ۽ مِنا اوڻيھہ ملڪ گُهميا آهن پر هاڻ جڏهن هو لنڊن رهي ۽ اسان پاڪستان ۾ تہ اسان اهڙي نموني ٽڪيٽ وٺون جو هو لنڊن مان ڪلاڪ اڌ ايئرپورٽ تي جت اسان کي پوءِ گڏجي. ٽوئر ڪرڻو هجي تہ اڳ پهچي ۽ وڃڻ مهل بہ ائين ٿئي. جو هو اسان کان اڌ ڪلاڪ پوءِ جهاز ۾ چڙهي لنڊن وڃي. ڇو تہ هو تيرهن سالن کان لنڊن شهر ۾ رهي ۽ هاڻ سندس سڄي فيمليءَ کي برٽش پاسپورٽ ۽ برٽش جو ڊرائيونگ ليسن آهي، سو هينئر بہ نور محمد اسا کي ايمريٽس ايئر لائين ۾ دبئي لاءِ روانو ڪري، پوءِ پاڻ لنڊن لاءِ فلائي ڪندو. جيسين اسان جي جهاز جي وڃڻ جو اعلان ٿئي، تيسين نور محمد ڪافي وٺي آيو ۽ اسان گڏجي پيتي ۽ اسان جو هت ويانا ۾ ڪافيءَ جو آخري ڍُڪ هو. پوءِ وري ميڙا نصيبن جا. سو اسان گرما گرم ڪافي پي رهياسين تہ مون کي پري کان ايران ايئر لائين جو جهاز رن وي تي بيٺل نظر آيو، ڇو تہ سالن کان ايران تي لڳل عالمي پابنديون آمريڪا جي صدر بارڪ حسين اوباما ايران سان هڪ ٺاھہ ڪر اهي سڀ پابنديون ختم ڪري ڇڏيون ۽ ايران هاڻ سڄي دنيا سان سواءِ ڪنهن پابندين جي واپار ڪري ٿي سگهيو، سو انهيءَ ڪري هاڻ ايران جا جهاز سڄي دنيا جي ايئرپورٽن تي اُڏامي ٿي سگهيا. پر موجودہ صدر جوبائيڊن اهو ٺاھہ ڪئنسل ڪري اڳ کان بہ وڌيڪ پابنديون ايران تي هڻي ڇڏيون آهن. 16 جنوري 1979ع ۾ جڏهن ايران جو شهنشاھہ ملڪ مان فرار ٿي مصر ويو، تڏهن کان وٺي اڄ تائين تقريباً ٻائيتاليھہ سالن کان آمريڪا ڪڏهن عراق کي هٿيار ۽ پئسو ڏئي ايران سان سالن جا سال جنگ ڪرائي تہ ڪڏهن خود آمريڪي شهرين کي آزاد ڪرائڻ لاءِ هيليڪاپٽر موڪلي ايران تي حملي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اهي هيليڪاپٽر طوفان لڳڻ ڪري پاڻ ٽڪرائجي تباھہ ٿي ويا ۽ ائين آمريڪا جو اهو حملو ناڪام ٿيو. اصل مقصد آمريڪا جو هي آهي تہ ايران اسرائيل جي آڻ مڃي، جيئن هاڻ تقريباً سڀئي مسلمان ملڪ سواءِ مليشيا، ايران ۽ هاڻ رجب اردگان جي دؤر ۾ ترڪي بہ اسرائيل جي دنيا جي هر پليٽ فارم تي مخالفت ڪري رهيوآهي. انهيءَ ڪري ترڪيءَ جا آمريڪا سان هاڻ اهڙا تعلقات ڪونہ آهن، جيڪي اڳ هئا. سو ايران چاليهن سالن کان آمريڪا ۽ اسرائيل سان ڄڻ تہ حالت جنگ ۾ آهي. اسان جي جهاز جي هلڻ جي انائونسمينٽ ٿي تہ دبئي وڃڻ وارا پئسينجر بہ جهاز ڏانهن آهستي آهستي هلن. ۽ اسان بہ پنهنجو هٿ ۾ کڻڻ وارو سامان کڻي پنهنجي سِيٽن تان اُٿي پهرين نور محمد کان موڪلائي پوءِ وڃي انهيءَ لائين ۾ بيٺاسين. جيڪا لائين اسان جي جهاز واري گيٽ ڏانهن آهستي آهستي هلي رهي آهي، پر ايڏي رش ڪانہ هئي، جيڪا دُبئي کان لنڊن يا لنڊن کان دبئي لاءِ هوندي آهي. اسان جڏهن دبئي کان ويانا آيا هئاسين، تڏهن بہ رش گهٽ هئي. جي جهاز ۾ چڙهڻ وارن جي رش زيادھہ هوندي آهي تہ جهاز ۾ پهرين فرسٽ ڪلاس جي پئسينجرن کي چاڙهين، تنهن کان پوءِ بزنس ڪلاس جي پئسينجرن کي چاڙهين، بلڪل آخر ۾ ايڪانامي ڪلاس جي پئسينجرن کي جهاز ۾ چاڙهين، پر جي رش ڪانہ هوندي آهي تہ پوءِ ڪابہ جهل پل ڪانہ هوندي آهي، سو اسان بہ هلندا هلندا پائليٽ ۽ سندس اسٽاف طرفان اسان کي ويلڪم ڪرڻ جو جواب ڏيندا، جيئن جهاز اندر داخل ٿياسين، تيئن اسان کي هڪ شيدڻ ايئر هوسٽس آڻي اسان کي پنهنجي سِيٽ تي ويهاريو. اسان پنهنجو مختصر سامان جهاز جي سِيٽ مٿان ڪٻٽ ۾ رکي آرام سان سيٽن تي ويهي رهياسين. آئون گهڻو ڪري ايميريٽس جي جهازن ۾ سفر ڪريان. جڏهن بہ ملڪ کان ٻاهر وڃان. انهيءَ جو سبب تہ هنن جا جهاز گهڻو ڪري نوان ۽ ٻيو تہ سفر لاءِ ايئربس هوندي آهي، جيڪا ڏاڍي آرامده هوندي آهي. ٻيو تہ هنن جي سروس ۽ کاڌو تمام سُٺو هوندو آهي. سڀ پئسينجر جڏهن اندر داخل ٿيا تہ جهاز جي هلڻ جي انائونسمينٽ ٿي. سِيٽ سِڌي ڪري ويهڻ ۽ بيلٽ چيلھہ ۾ ٻَڌڻ جو ۽ ٻيو جهاز ۾ ڪنهن ايمرجنسي باري ۾ سمجهاڻي اسڪرين تي اچي وئي. جيڪو ڪوبہ پئسينجر ڪونہ ڏسي. اڳ اها سمجهاڻي هڪ ايئر هوسٽس جهاز وچ ۾ بيهي فزيڪلي مسافرن کي سمجهائيندي هئي، پر هاڻ اها سِيٽ تي لڳل اسڪرين تي مسافر ڏسي سگهن ٿا. گهڻو اڳ مسافر جهاز سنگل اسٽوريءَ جا هوندا هئا. پر هاڻ گهڻو ڪري سڀ جهاز ڊبل اسٽوريءَ جا آهن ۽ ائين گهڻو اڳ جهاز اندر وڃڻ لاءِ بسن ۾ چڙهي پوءِ رن وي تي بيٺل جهاز ۾ وڃي چڙهبو هو، پر هاڻ ائين ڪونهي. هاڻ جهاز ايئرپورٽ وچ ۾ لڳل سيڙهيءَ ذريعي سڌو ايئرپورٽ بلڊنگ کان وڃبو جهاز اندر داخل ٿئي. اسان جو هوائي جهاز آهستي آهستي هلندو اچي پنهنجي اُڏام جي رن وي تي بيٺو تہ پائليٽ کيس اُڏامڻ واري گئير ۾ وِڌو تہ جهاز جو گوڙ زيادھہ ٿي ويو ۽ جهاز ٿوري دير بيهڻ کان پوءِ اُڏامڻ شروع ٿيو ۽ جڏهن جهاز پنهنجي اُڏام واري لائين تي پهتو تہ، جهاز جي عملي ۾ چُرپُر شروع ٿي ۽ ڪجهہ مسافر باٿ روم ڏانهن وڃڻ لڳا. هر سفر گهڻو ڪري آئون دريءَ واري سِيٽ تي ويهان. پر هينئر انهيءَ سيٽ تي مِنا ويٺي. مون سفر جا فوٽو ڪڍي ڏسڻ شروع ڪيا ۽ پڻ ڊائريءَ ۾ سفر جو سربستو احوال ڪاپيءَ تي لِکڻ لڳس. تقريباً مُني ڪلاڪ بعد مانيءَ جي ٽرالي جي گرجڻ جو آواز ٻُڌم ۽ آهستي آهستي ٽرالي اچي اسان جي سِيٽن اڳيان بيٺي تہ هڪ ايئر هوسٽس پُڇيو تہ، چڪن يا مٽن. مون چيو تہ هڪ چڪن ۽ هڪ مٽن. اسان سفر ۾ هميشہ کاڌي ۾ صرف چڪن يا مٽن نہ پر ٻئي گُهرائيندا آهيون تہ ٻنهي جي ٽيسٽ وٺجي. مِنا تمام گهٽ کائي سو ٻنهي جي آيل کاڌي کي آئون مُنهن ڏيان. مِنا وري مٺو کائي، باقي آئون ٻئي ڊش کاوان. کاڌو ڏين ٿورو پر ڏاڍو لذيذ ۽ سوادي هوندو آهي. خاص ڪري ايميريٽس ايئر لائين وارن جو کاڌو تہ ٻين ايئر لائين وارن کان وڌيڪ سُٺو ۽ لذيذ هوندو آهي. توهان کي ڪا شيءِ پسند اچي تہ وري ٻيو دفعو بہ توهان کي اها شيءِ ڏين، سڪسٽيز ۽ سيونٽيز ۾ دنيا اندر پي. آءِ. اي نمبر وارن ايئر لائن ۾ بہ پهرين نمبر تي هئي. ايميريٽس ائير لائين وارن هڪ جهاز مسوارتي پي. آءِ. اي کان وٺي ايئر لائين شروع ڪئي، هاڻ ايميريٽس دنيا جي نمبر ون ايئر لائين آهي ۽ هاڻ P.I.A صرف اَٺن ڏهن ملڪن ۾ هلي ۽ چار پنج جهاز جيڪي P.I.A وارن وٽ آهن. سي بہ شايد ڪِرائي تہ سريلنڪا ۽ آذربائيجان وارن کان ورتا آهن. حڪومت هن مان جان ڇڏائڻ لاءِ اسٽيل مل، ريل جون ڪجهہ لائينون، يوٽيلٽي اسٽورن وانگر پرائيويٽ سيڪٽر ۾ ڏئي ان مان مال ڪمائڻ ٿي گُهريو، پر ڪورٽن کين اجازت ڪانہ ڏني. انهن کي بہ تہ مال گُهرجي، سو هاڻ هي اِدارا هنن کي تہ ڳچيءَ ۾ پئجي وياآهن. جو هاڻ هنن مان جان ڇڏائڻ حڪومت لاءِ ڏُکيو ٿي ويو آهي. حڪومت هر سال هنن ادارن تي اربين روپيا ٿي خرچ ڪري. P.I.A جي اوج واري زماني ۾ P.I.A جو چيئرمين هوائي جهاز جو سربراھہ ايئر مارشل نور خان هو. جنهن جي انهيءَ وقت حيثيت P.I.A چيئرمين ڪري صدر کان پوءِ ٻئي نمبر تي هئي. پاڻ پٺاڻ هو. انهيءَ وقت P.I.A چيئرمين پٺاڻ هو. ملڪ جو صدر ايوب خان پٺاڻ هو. مغربي پاڪستان جو گورنر موسيٰ خان پٺاڻ هو. ڪراچيءَ جو ڪمشنر روئيداد خان پٺاڻ هو. حيدرآباد جو ڊي. آءِ. جي ارباب پٺاڻ هو. منهنجي نظر ۾ سنڌين لاءِ ستياليھہ کان وٺي اڄ تائين خراب ۾ خراب دؤر ايوب خان پٺاڻ جي حڪومت وارو دؤر هو. جڏهن ون يونٽ کي مغربي پاڪستان اسيمبلي هڪ قرارداد پاس ڪري وڏي اڪثريت سان ختم ڪرڻ جو بل پاس ڪيو تہ، ايوب خان ملڪ ۾ مارشل لا هڻي ون يونٽ کي برقرار رکيو. سنڌ جون زمينون ٽيھہ لک ايڪڙ مفت ۾ غير سنڌين کي ڏئي کين سنڌ ۾ آباد ڪيو. سنڌي قومي ٻوليءَ مان صرف پرائمري تعليم تائين محدود ڪيو. انگريزن کان وٺي سنڌ اندر جيڪا سؤ سالن ۾ سياسي قيادت تيار ٿي هئي، تنهن کي ايبڊو تحت هميشہ هميشہ لاءِ نااهل ڪري ڇڏيو. سنڌ اندر سڄي بيورو ڪريسيءَ کي غير سنڌين سان ڀري ان سان سنڌ کي هلائين. ٻيو تہ ٺهيو پر اسان جو ڳوٺ ٻنون جيڪو ٻن ٽن سؤ گهرن تي مشتمل ڳوٺ آهي. ان ۾ ايوب جي دؤر حڪومت کان اڳ ايس. ايڇ. او، ڊاڪٽر، رينج فاريسٽ آفيسر ۽ هيڊ ماستر هميشہ سنڌي هوندا هئا، سي سڀ غير سنڌي مقرر ٿي ويا. تيستائين جيسين وڃي ون يونٽ ٽُٽو.
اسان کي دنيا جي هن ٻن حسين شهرن يعني ويانا ۽ دبئي جي وچ ۾ اهڙي سُٺي ايئر لائين ۾ سفر ڪندي بہ پنهنجا ڏُک ۽ سُور ياد اچي ويا. ماني کائي مِنا جلد سُمهي پئي ۽ آئون ايئرفون ڪنَ ۾ لڳائي پُراڻي انڊين فلم کبھی کبھی لڳائي ويهي ڏسڻ لڳس. مون کي ننڍپڻ کان وٺي فلمن ڏسڻ جو ڏاڍو شوق آهي جو اڃا تائين ختم ڪونہ ٿو ٿئي. مون زندگيءَ ۾ پهرين فلم 1958ع ۾ تيرهن سالن جي عمر ۾ حيدرآباد جي الائيڊ سئنيما ۾ ياسمين ڏٺي. جنهن جي هيروئن وجنتي مالا هئي. جيڪا هينئر بہ هندستان جي راجيہ سڀا جي ميمبر آهي. ڏاڍي حسين هوندي هئي. ياسمين فلم جي اسٽوري ۽ سڀ گانا مون کي ياد آهن. ڏاها چوندا آهن تہ اسان کي ڪڏهن بہ پنهنجو پهريون پيار ڪونہ وِسرندو آهي پر مون کي پنهنجي ڏٺل پهرين فلم بہ ياد آهي. کبھی کبھی فلم پنهنجي دؤر جي هڪ لاجواب فلم هئي. جنهن ۾ اميتاڀ بچن، ششي ڪپور ۽ راکي گلزار لاجواب ائڪٽنگ ڪئي آهي ۽ ڇا تہ فلم جا گانا هئا.
کبھی کبھی میرے دل میں خیال آتا ہے
مون سڄي فلم ڏٺي پر مِنا اڃا بہ آرامي هئي ۽ جهاز کي دبئي ايئرپورٽ تي پهچڻ ۾ اڃا بہ تقريباً هڪ ڪلاڪ پيو هو، سوچيم تہ ڪو ڪتاب کڻي پڙهان، پر پڙهڻ جو موڊ بلڪل ڪونہ هو. ڇو تہ ستن ملڪن جو تقريباً هڪ مهينو سفر ڪرڻ بعد هاڻ اهو انتظار هو تہ ڪراچيءَ ۾ ٻارن سان ملجي ۽ سڀ گڏجي ڪنهن لبناني هوٽل تي ماني کائون ۽ انهن سان گڏجي گُهمجي ڦرجي ۽ ڪچهري ڪجي. فرخ، محبوب ۽ سپيءَ کان وڌيڪ رانيه، مناهل ۽ طحه ياد اچي رهيا آهن. هوائي جهاز جي درين مان هيٺ زمين تي تمام ٿوري ٿوري ساوڪ نظر اچي رهي هئي ۽ اسان آسمان ۾ هلندڙ سفير ڪڪرن مان اُڏامي پنهنجي منزل ڏانهن وڃي رهيا آهيون. جهاز اندر بلڪل ماٺ لڳي پئي آهي، ڪي مسافر سُتا پيا آهن تہ وري ڪي ڪو ڪتاب پڙهي رهيا آهن. پر گهڻا جهاز جي سيٽ تي لڳل وڏي ٽي. وي اسڪرين تي گهڻو ڪري ڪا گيم کيڏي رهيا آهن ۽ مِنا جي سِيٽ ڀرسان هڪ عورت اهڙي نموني سُتي پئي آهي، جو سندس اسڪرٽ سٿرن کان بہ مٿي کڄي وئي آهي ۽ سندس هيڊي رنگ جي اسڪرٽ سندس چلڪندڙ بدن تي وڌيڪ سُٺي لڳي رهي آهي، سيٽ تي گهڻو وقت ليٽڻ ڪري سندس چپڙن تي لڳل لال لپسٽڪ ڪافي ڦهلجي وئي آهي، سندس چهري تي صفا سنها ڀورا وارَ پري کان محسوس ٿي رهيا آهن. سندس چهري ۽ ٻانهن تي ڪوبہ زيور ڪونہ هو، پر سندس ٻانهن تي ٻَڌل گهڙيءَ جو اورينج ڪلر جو بيلٽ ڏاڍو خوبصورت لڳي رهيو هو ۽ مِنا کان لڪي لڪي سندس بدن جي جاگرافي تي غور ڪري رهيو آهيان ۽ سندس چهري تي لِکيل ڪي تاثرات بہ پڙهي رهيو آهيان ۽ شاھہ لطيف جي هن شعر تي غور ڪري رهيو آهيان ته:
اکين کي آهن عجب جهڙيون عادتون.
سوين سوچن ۾ ايئر هوسٽس جي مٺڙي آواز تي ڄڻ ڇِرڪ نڪري ويو، جيڪا چئي رهي هئي تہ پاڻ هاڻ دبئيءَ جي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي چند منٽن ۾ پهچڻ وارا آهيون. توهان مهرباني ڪري پنهنجي پنهنجي سِيٽن تي آرام سان ويهي رهو ۽ پڻ جهاز مان لهڻ وقت پنهنجو سامان سنڀالي کڻجان. جهاز دبئي مٿان هلندو هلندو رن وي ڏانهن وڃي رهيو آهي ۽ دريءَ مان دبئي جي شهر کي غور سان ڏسي رهيو آهيان. هن اسان جي خطي ۾ دبئي واحد شهر آهي، جيڪو تمام تيزيءَ سان وڌي رهيو ۽ انهيءَ واڌ ويجھہ ڪري هاڻ سمنڊ اندر بہ وڏيون وڏيون هائوسنگ اسڪيمون ٺهي رهيون آهن ۽ ٻئي طرف سندن بلڊنگ جو رُخ هاڻ آسمان ڏانهن وڌي رهيوآهي. دنيا جون عجيب غريب وڏيون وڏيون بلڊنگون هاڻ وڏي تعداد ۾ دبئي ۾ ٺهي رهيون آهن ۽ هاڻ يورپ جا ماڻهو بہ وڏي تعداد ۾ دبئي گهمڻ اچن ۽ هت سيڙپڪاري بہ ڪن. ڪنهن زماني ۾ عرب ڪراچي ۽ پاڪستان ۾ وڏي تعداد ۾ گُهمڻ ايندا هئا ۽ شهر ۾ ڪافي محل محلاتون خريد ڪيون ۽ ٺهرايائون. هاڻ عرب يورپ ۽ آمريڪا گُهمڻ وڃن ۽ وڏي تعداد ۾ هنن اُت سيڙپڪاري ڪئي آهي. لنڊن جا ڪافي اهڙا علائقا آهن. جت توهان کي صرف عرب ئي نظر ايندا. باقي هاڻ پاڪستان صرف شڪار لاءِ اچن. سنڌ ۽ سرائڪي علائقي ۾ تہ هر سال سياري جي موسم ۾ ڄڻ تہ شڪار وارن علائقن رڳا عرب ئي عرب ڏسندا. پنهنجن جهازن ۾ اچن ۽ جت شڪار ڪن، اُت جهڙوڪ نئون شهر آباد ڪري ڇڏين.
”ایک دن جیو کے ساتھ“ پروگرام ۾ هڪ اهڙي ئي عرب شهزادي جي شڪار جي ڪئمپ ڏٺم. شڪار گاھہ کي بہ جهڙو دبئي ڪري ڇڏيو هئن. اسان جو جهاز آهستي آهستي زمين تي اهڙي نموني لينڊ ڪيو جو محسوس ئي ڪونہ ٿيو. اسان زمين تي لهي ويا آهيون، جيئن جهاز لينڊ ڪيو تہ مسافرن پنهنجو پنهنجو سامان کڻي لائين ٺاهي اُٿي بيهي گيٽ کولڻ جو انتظار ڪرڻ لڳا، جيئن گيٽ کُليو تہ آهستي آهستي ٿي مسافر جهاز مان لهڻ شروع ڪيو اسان جيئن ٽرانسزٽ پئسينجر هئاسين، سو خيال ڪيوسين تہ ڪجهہ وقت لائونج ۽ ڊيوٽي فري شاپ تان چڪر لڳائي پوءِ اسان کي پنهنجي اڳتي جي منزل ڪراچيءَ وڃڻو هو. گهڻو اڳ آئون جڏهن ايميريٽس جي فلائيٽ ۾ ڪراچيءَ کان لنڊن يا آمريڪا ويو هئس تہ اسان کي فائيو اسٽار هوٽل ۾ رهايائون ۽ مانيءَ جو بل بہ ايئر لائن وارا ڀريندا هئا. ٽرانزٽ پئسينجرن کي ايئرپورٽ تي جيسين اڳيان جي فلائيٽ وڃي تہ کاڌي لاءِ ووچر بہ ڏيندا هئا. پر هاڻ جهاز کان ٻاهر ڪابہ اهڙي سهولت ڪانہ ڏين. ڇو تہ هاڻ هنن کي پئسينجرن وڌائڻ جو ڪوبہ فڪر ڪونهي. هاڻ هيءَ دنيا جي مصروف ترين ايئر لائين ٿي وئي آهي، تہ پوءِ ڇو هاڻ ماڻهن کي مفت جا مال کارائين، اسان جهاز مان لهي پهرين اهو ڏٺو تہ اسان جو گيٽ نمبر ڪهڙي ٽرمينل تي آهي. ڏٺم تہ هينئر اسان کي وري هن ئي ٽرمينل تان ڪراچيءَ وڃڻو هو. سو اسان جي وڃڻ واري فلائيٽ جو گيٽ بہ هن ئي ٽرمينل تي آهي. مون کي پري کان ولي محمد جماري حيدرآباد هاءِ ڪورٽ جو سينيئر ايڊووڪيٽ بہ نظر آيو، پر هيڏي رش ۾ اسان هڪ ٻئي سان ملي ڪونہ سگهياسين. پوءِ حيدرآباد ۾ ملياسين، تہ پاڻ ٻُڌايائين تہ آئون آمريڪا ويو هئس. اسان پهرين دبئي جي ڊيوٽي فري شاپس تي وياسين. منهنجو پنهنجو تجربو آهي تہ ايئرپورٽس جي ڊيوٽي فري شاپس تي هر شيءِ تمام مهانگي هوندي آهي. بمقابل ايئرپورٽ جي ٻاهر جي سپر اسٽورن تي دبئي ايئرپورٽ جو ڊيوٽي فري شاپس دنيا جو وڏي ۾ وڏي ڪنهن ايئرپورٽ تي ڊيوٽي فري شاپس آهي. دبئي ايئرپورٽ بہ گذريل پنجن سالن کان دنيا جو مصروف ترين ايئرپورٽ ٿي ويو آهي. اهو اعزاز ڪيترن ڏهاڪن کان لنڊن جي هيٿرو ايئرپورٽ کي هو، ڇو تہ هي ايئرپورٽ آمريڪا، آفريڪا ۽ يورپ جو ڄڻ تہ گيٽ وي هو. پر هاڻ گذريل پنجن سالن کان دبئي جو ايئرپورٽ دنيا جو مصروف ترين ايئرپورٽ ٿي پيو آهي، پر انهيءَ جو وڏو سبب منهنجي نظر ۾ اهو آهي تہ دبئي جي پنهنجي ايميريٽس ايئر لائين دنيا جي سٺي ۾ سٺي ۽ وڏي ۾ وڏي ايئر لائن آهي. ٻيو تہ يورپ آمريڪا جا ماڻهو سياري ۾ دبئي جي موسم ڪري اُتان جا بيشمار سياح نظر ايندا آهن. ٽيون ۽ مُک سبب هي بہ آهي تہ هنن دبئيءَ کي ايڏو تہ جديد ۽ خوبصورت بنائي ڇڏيو آهي، جو سڄي دنيا جا بيشمار سياح دبئي گُهمڻ اچن. پاڪستان جا سياسي اڳواڻ جيڪي هميشہ يا عارضي طرح سان ملڪ مان هليا وڃن، تن جوتہ هاڻ دبئي جهڙو ٻيو گهر ٿي پيوآهي ۽ دبئي ۾ پاڪستاني هونئن بہ نوڪريءَ سانگي وڏي تعداد ۾ ات رهن ۽ هاڻ دبئي جا قائدا قانون ڪنهن عرب ملڪ وارا نہ پر بلڪل يورپ ۽ آمريڪا جهڙا آهن. ڪراچيءَ کان دبئي، لاهور- بمبئي هوائي جهاز رستي تقريباً ساڳيو وقت لڳي. تنهنڪري پاڪستان ۽ سنڌ جا ماڻهو بہ وڏي تعداد ۾ دبئي گُهمڻ وڃن. منهنجي ڳوٺ ٻني جا بہ ڪيترا ماڻهو هر سال دبئي گُهمڻ وڃن. دبئي جي پوليس ۽ ٽريفڪ پوليس وٽ دنيا جون مهانگي ۾ مهانگيون ڪارون سرڪاري ڊيوٽي لاءِ ڏنل آهي. جيڪي دنيا جي ٻئي ڪنهن بہ ملڪ ۾ سرڪاري طرح پوليس کي مليل ڪونہ آهن. United Arab Emirtes يعني؛ متحده عرب امارات جنهن ۾ پنج رياستون آهن. دبئي بہ انهن مان هڪ آهي. U.A.E جي ڪل ايراضي ٽياسي هزار ڇھہ سؤ اسڪوائر ڪلوميٽر آهي ۽ سندس ڪُل آبادي نَوي لک آهي. جنهن ۾ آئون سمجهان ٿو تہ ستر لک غير ملڪي هوندا. دنيا ۾ پنجاھہ مسلمان ملڪ آهن. انهن ۾ يو. اي. اي جي ايڪانامي پنجين نمبر تي آهي. جن جي ترتيب ڪجهہ هن ريت آهي:
1. انڊونيشيا جي. ڊي. پي 891 ملين
2. ترڪي جي. ڊي. پي 790 ملين
3. سعودي عربستان جي. ڊي. پي 754ملين
4. ايران جي. ڊي. پي 416 ملين
5. دبئي جي. ڊي. پي 400 ملين
6. مليشيا جي. ڊي. پي 338 ملين
7. مصر جي. ڊي. پي 301 ملين
8.پاڪستان جي. ڊي. پي 243 ملين
۽ پاڪستان جي آبادي ٻاويھہ ڪروڙ آهي ۽ سندس پکيڙ ست لک ڇهانوي هزار پنجانوي اسڪوائر ڪلوميٽر آهي، توهان سوچيو هيڏي وڏي آدمشماري ۽ هيڏي وڏي ملڪ جي پکيڙ ۽ اسان هن ننڍي ملڪ جي مقابلي ۾ اسان جي ايڪانامي ڪٿي بيٺي آهي. دنيا جي قرض ڏيندڙ ادارن ورلڊ بئنڪ، آءِ. ايم. ايف، ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ جا اسان ڪيڏا وڏا قرضي آهيون. تنهن کان سواءِ ڊيم، ايئرپورٽ ۽ موٽر وي ۽ ٻيا بہ ڪيترا قومي اثاثا ڌارين مالي ادارن وٽ گروي آهن. مِنا چيو تہ بورڊ تي ڏس تہ پنهنجي جهاز جي اُڏام کي هاڻ باقي ڪيترو وقت آهي. مون بورڊ ڏسي کيس ٻُڌايو تہ اڃا پنهنجي جهاز جي اُڏام جو ٽائيم بورڊ ڪونہ ٿو ٻُڌائي. ٻن ٽن منٽن ۾ پنهنجي جهاز جي اُڏام جو ٽائيم بہ بورڊ تي اچي ويندو. تيسين پاڻ ڊيوٽي فري شاپ تان چڪر لڳائي ٿا وٺون. هوائي جهاز جي اُڏام جا بورڊ ڊيوٽي فري شاپس تي بہ لڳا پيا آهن ۽ ٻيو تہ پنهنجي جهاز جي اُڏام کان ايئر لائين وارا اسپيڪر تي انائونس بہ ڪندا آهن. سو پاڻ هت گُهمي ڦِري ٿا وٺون. دبئي ايئرپورٽ ۽ ڊيوٽي فري شاپس ايڏا تہ وڏا آهن جو هت رش ڪانہ ٿي لڳي. يا هن وقت هت وڏي تعداد ۾ جهازن جي نہ اچڻ ڪري رش ڪانہ آهي. اسان بہ آهستي آهستي گُهمندا ڦِرندا سڄي ماحول جو جائزو وٺندا اڳتي وڃي رهيا آهيون. مون پنهنجي لاءِ هڪ ڇٽي ۽ نائيڪيءَ جون ٻہ ٽوپيون خريد ڪيون. مِنا بہ هڪ عطر جي شيشي ورتي، جيڪا کيس تمام مهانگي ملي، شايد ٻاهر ايڏي مهانگي نہ هجي. اسان اڃا بہ هلڪي ڦلڪي شاپنگ جي چڪر ۾ هئاسين تہ هڪ سُريلي آواز ۾ انائونسمينٽ ٿي تہ، دبئي کان ڪراچيءَ وڃڻ وارو جهاز تيار آهي. مهرباني ڪري هن جهاز جا مسافر گيٽ نمبر فلاڻي تي پهچي وڃو. اسان پنهنجي ڊيوٽي فري شاپ تان ورتل سامان کڻي پنهنجي جهاز واري گيٽ ڏانهن روانا ٿياسين. باقي ويانا ايئرپورٽ تي اسان پنهنجي سامان لاءِ چيو هو تہ اهو سامان اسان کي دبئي ۾ نہ پر ڪراچيءَ ايئرپورٽ تي ملي. تنهنڪري اسان وٽ هت دبئيءَ مان ورتل سامان کان سواءِ ٻيو هٿن ۾ مِنا وٽ پرس ۽ مون وٽ هڪ ننڍو ٿيلهو هو. اسان اهو مختصر سامان کڻي اچي پنهنجي جهاز جي گيٽ تي بيٺاسين، جت ٿوري رش هئي، پر جهاز جو اڃا گيٽ ڪونہ کُليو هو. تنهنڪري اسان اُتي ئي بيهي رهياسين. دبئي ۽ سعودي عرب کان ڪراچي ويندڙ جهاز ۾ هميشہ سنڌي مسافر هوندا آهن ۽ ٻيا ماڻهو بہ وڏي تعداد ۾ هتي ڪم ڪندڙ هوندا آهن، جيڪي سڀ گهڻو ڪري پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ ئي ڳالهائيندا رهندا آهن ۽ سندن ڪپڙا بہ پنهنجي علائقي مطابق کين پهريل هوندا آهن، تنهنڪري کين سُڃاڻڻ ۾ گهڻي دير ڪانہ لڳي. مزيدار ڳالھہ تہ انهن ماڻهن جو سامان بہ گهڻو ڪري هڪ جهڙو هوندو آهي. سندن سامان ۾ هڪ وڏو ٽيپ، هڪ جوسر، هڪ ڊبل بيڊ لاءِ ڪمبل، اڻ سُبيل زنانا، مردانہ ويھہ ٽيھہ جوڙا ڪپڙن جا ٻہ ٽي تمام سُٺا ٻارن جا رانديڪا، هي آئون ان ڪري ٿو چوان تہ آئون جڏهن ڪرائي ايئرپورٽ تي اميگريشن آفيسر هوس تہ اڪثر ماڻهن جي ڪليئر ڪرائڻ مهل اهو تجربو ٿيو. جيئن جهاز ۾ داخل ٿيڻ لاءِ انائونسمينٽ ٿي اسان بہ جهاز ۾ داخل ٿي وڃي پنهنجي سيٽ تي ويٺاسين. دبئي کان ڪراچيءَ وڃڻ وارو هي جهاز ايئر بس جي اڌ کان بہ ننڍو هو، تنهنڪري جهاز مسافرن سان سڄو ڀرجي ويو هو. دبئي کان ڪراچيءَ هوائي جهاز تقريباً پوڻن ٻن ڪلاڪن ۾ پهچي. اسان کي اڌ ڪلاڪ کان پوءِ عاليشان لنچ ڪرايائون، جنهن ۾ مٽن برياني تہ کائڻ ۾ ڏاڍي لذيذ هئي. هي جهاز جيئن تہ ڪراچي وڃي رهيو هو، تنهنڪري ماني بہ پاڪستاني کارايائون ۽ هڪ ٻہ ايئر هوسٽس بہ پاڪستاني لڳي رهيون هيون. هينئر پاڪستاني ايئر لائين ۽ ڪجهہ ٻين ايئر لائين ۾ بہ توهان کي هاڻ ايڪڙ ٻيڪڙ سنڌي ايئر هوسٽس بہ نظر اينديون، پر اهي سڀ جون سڀ اپر سنڌ جون ئي آهن. مانيءَ کان پوءِ مِنا جوس پيتو ۽ مون ڪافي پيتي ۽ جهاز جي اسڪرين تي اسان ڏسي رهيا هئاسين تہ هوائي جهاز سمنڊ مٿان اُڏامي رهيو آهي. ڪجهہ ملڪن جا نالا بہ اسڪرين تي لِکيل هئا. پر جهاز انهن ملڪن مٿان نہ پر سمنڊ مٿان اُڏامي پنهنجي اڳين منزل ڏانهن وڃي رهيو آهي ۽ اسان بہ فلم ڏسڻ يا ڪتاب پڙهڻ کي ٿوري دير بنڌ ڪري ڇڏي ڪچهري ڪري رهيا آهيون ۽ وري ٻئي ٽوئر جوپروگرام ٺاهي رهيا آهيون. مون مِنا کي چيو تہ مون کي هاڻ صرف ديوار چين ۽ پرئمڊس ڏسڻ جو شوق آهي. باقي ملڪ ڪيئي ڪيئي دفعا ڏسي، جيڪو کين پهرئين دفعي ڏسڻ جو مزو آيو هو، سو هاڻ ڪونہ ٿو اچي. مِنا چيو تہ هاڻ ٻاهر هلبو تہ پهرئين لنڊن هلبو جو مون کي عبدالحئي جونيئر ۽ زينب ڏاڍا ياد ٿا اچن، پوءِ مون کيس چيو تہ ٺيڪ پاڻ لنڊن هلندي هلندي رستي ۾ هفتو کن مصر بہ ڏسندا هلنداسين تہ پاڻ چيائين تہ توهان ڀلي مصر ڏسجو، پر پهرئين لنڊن هلبو، پوءِ واپسيءَ ۾ مصر اينداسين.
*