سفرناما

استنبول ٽو ويانا وايا وينس

عبدالحئي پليجي ھن سفرنامي ۾ ترڪيءَ جي شھر استنبول ۽ يورپ جي مختلف شھرن ۽ ملڪن جيئن ويانا ۽ وينس جي گھٽين، گسن ۽ ماڻھن جو انتھائي گھري مشاهدي ذريعي ذڪر ڪيو آهي. هي سفرنامو رڳو زور بياني ۽ ٻوليءَ جي حُسن تي ٻڌل ناهي بلڪہ ترڪي، ويانا ۽ اٽليءَ جي تاريخي سياسي ۽ سماجي حالتن جي گھري تجزئي ۽ تاريخي بيان تي ٻڌل سفرنامو آهي. پليجي صاحب کي پنھنجي سفر دوران جيڪي بہ شيون نظر آيون آهن جيئن شھر، رستا، ماڻھو، سمنڊ، ملڪ هن وڏي محنت، جفاڪشي ذريعي انھن سمورن شھرن ۽ تاريخي تھذيبي نشانن جا نہ رڳو پير کنيا آهن بلڪہ انھن جي مڪمل تاريخ چٽي ڪئي آهي.

Title Cover of book استنبول ٽو ويانا وايا وينس

استنبول

ٽن چئن سالن کان ملڪ مان ٻاهر وڃڻ ڪونہ ٿيو، جيتوڻيڪ انهيءَ دؤران نور محمد ۽ محبوب انگلينڊ پڙهڻ ويا ۽ نوڪريءَ ۾ لڳي سينٽرل لنڊن ۾ پنهنجا گهر وٺي، انهن ۾ رهڻ لڳا ۽ هاڻ مون کي ٽڪيٽ وٺي لنڊن پهچڻ جي دير هئي نہ تہ ملڪ کان ٻاهر وڏي ۾ وڏو خرچ رهائش ۽ کاڌي جو آهي، باقي ٽڪيٽ کان سواءِ ٻيو ڪو ايڏو وڏو خرچ ڪونهي. انهيءَ دؤران سپي لنڊن مان ڀائرن وٽان اڪيلي سِر چڪر لڳائي آئي. پر الاءِ ڇو آئون ۽ منا انهيءَ فنڪشن ۾ ڪونہ وياسين. سو هينئر نور محمد جي گهر واري ڊاڪٽر رابعه بہ چيو تہ چاچا! اسان وٽان لنڊن مان چڪر لڳائي وڃو.
ائين لنڊن ۽ يورپ گُهمڻ جو پروگرام ٺهي ويو، پر پرھہ هڪ مهينو اڳ ترڪيءَ ۾ مولانا روميءَ جو ميلو گُهمڻ بهاني سڄو ترڪي ملڪ گُهمي آئي ۽ مون کي پڻ صلاح ڏنائين تہ، بابا لنڊن ويندي استنبول رستي ۾ آهي، تنهنڪري اهو ضرور ڏِسجو. سو پروگرام ائين ٿيو تہ لنڊن ويندي چار پنج ڏينهن استنبول شهر ۾ ترسي پوءِ لنڊن وڃبو ۽ پوءِ سڀ گهر وارا گڏجي مغربي يورپ گُهمڻ وينداسين. پرھہ جي واتان استنبول جون گهڻيون تعريفون ٻُڌي محبوب چيو تہ، بابا توهان پاڪستان مان اچو استنبول ۽ آئون بہ لنڊن مان اُتي اچان ٿو تہ، گڏجي استنبول گُهمون. نور محمد جو سڄو ترڪي اڳ ۾ ئي ڏِٺل هو، سو ڪونہ آيو. آئون ترڪي، شينگن (گهڻو ڪري سڄو مغربي يورپ انگلينڊ کان سواءِ گُهمڻ لاءِ گُهربل ويزا کي چون شينگن ويزا) انگلينڊ ۽ آمريڪا جي ويزائن وٺڻ ۾ لڳي ويس. آمريڪا ۾ نائين اليون جي واقعي ۽ پاڪستان ۾ خودڪش حملن کان پوءِ هاڻ پاڪستان جي شهرين لاءِ سڄي دنيا جي ملڪن لاءِ ويزا وٺڻ تقريباً ناممڪن ٿي پئي آهي. پر جيئن تہ گذريل ٽيهن سالن دؤران آئون گهڻو ڪري هڪ نہ ٻئي سال ملڪ مان ٻاهر ويندو رهندو هئس ۽ تقريباً چاليھہ کن ملڪ گُهمي آيس. جنهن ڪري منهنجو هڪ نہ پر پنج پاسپورٽ انهن ملڪن جي ويزائن جي ٺَپن سان ڀرجي ويا، جنهن ۾ آمريڪا، انگلينڊ، جپان ۽ باقي يورپ جون ويزائون بہ شامل آهن، تنهنڪري آمريڪا ۽ انگلينڊ کان سواءِ باقي ٻين ملڪن جون ڪيتريون ئي ويزائون ۽ اميگريشن اسٽيمپس ڏِسي رحم کائي ويزا ڏئي ڇڏيندا آهن، پر آمريڪا ۽ انگلينڊ وارا اهڙن پاسپورٽن ۽ ان ۾ لڳل ويزائن کي هاڻ گهڻي اهميت ڪونہ ڏين. پر تڏهن بہ الائجي ڇو مون کي منهنجي گهر واري ۽ ٻارن کي رُلائي رُلائي تہ هي ڪاغذ ڪونهي، هُو ڪاغذ ڪونهي وغيرہ. پر نيٺ ويزا ڏئي ڇڏيندا آهن. اهڙيءَ طرح سڀ ويزائون وٺي ترڪش ايئر لائنز جي ٽڪيٽ خريد ڪري آئون ۽ منا پهريائين استنبول، پوءِ اڳتي لاءِ روانا ٿي وياسين. اسان ٻئي (زال مڙس) ڪيڏا نہ خوشنصيب آهيون! جو اسان کي ڪراچي ايئرپورٽ تي اسان جي نياڻي سپي ۽ پُٽ فرخ الوداع ڪيو ۽ استنبول ايئرپورٽ تي ننڍو پُٽ محبوب وٺڻ آيو ۽ لنڊن جي هيٿرو ايئرپورٽ تي وڏو پُٽ نور محمد ۽ سندس گهر واري ڊاڪٽر رابعه وٺڻ آيا. اسان ڪراچي ايئرپورٽ جا پُلصراط تان پُڇاڻا ڏيندا وڃي ترڪن جي جهاز ڀيڙا ٿياسين، جتي اسان کي انهيءَ ايئر لائن جي ايئر هوسٽس يا حُور پرين اسان کي آڻي اسان جي سيٽن تي وِيهاريو.
ترڪش ايئر لائن جي هيءَ اُڏام جيئن تہ بنگلاديش جي شهر ڍاڪا مان اچي رهي هئي، تنهنڪري منجهس ڪافي تعداد ۾ اُتان آيل مسافر اڳ ۾ ئي ويٺل هئا، نہ تہ ڪراچي ايئرپورٽ تان جهاز ۾ هينئر تمام ٿورا مسافر چڙهيا. ڪراچي ايئرپورٽ تي هونئن بہ هاڻي اها رَش ڪانهي، جيڪا ڪنهن زماني ۾ هوندي هئي يا جيئن دنيا جي ٻين ايئرپورٽن تي رش ٿئي ٿي. پاڪستان ۾ هاڻ ٽوئرسٽ تہ اچن ئي ڪونه، سو هتان هاڻ گلف ۾ نوڪري ڪندڙ يا ٻين ملڪن ۾ پڙهڻ لاءِ ويندڙ شاگردن کان سواءِ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو ڪنهن بهاني ملڪ کان ٻاهر وڃي. هندو سنڌي مٽ مائٽن يا ڪنهن نہ ڪنهن بهاني هندوستان مان بہ ٿيو اچي، پر سنڌي مسلمانن کي هاڻ حج ۽ عمري جي زيارت کان سواءِ ٻاهر وڃڻ جا ٻيا موقعا تمام گهٽ ملن. تنهنڪري ايئرپورٽ تي اڳوڻي رش صفا ڪانهي. ٻيو وڏو سبب هي بہ آهي تہ اڳ ۾ سڄي دنيا جون ايئر لائنون پاڪستان ۾ پنهنجي ايئر سروس هلائينديون هيون، پر هاڻ آمريڪا ۽ يورپ تہ ٺهيو پر مسلمان ملڪن جون هوائي ڪمپنيون بہ پاڪستان ۾ پنهنجي ايئر سروس بند ڪري ويٺيون آهن، جن ۾ مصر، لبيا، شام، اردن، الجزائر، موراڪو ۽ انڊونيشيا جهڙا ملڪ بہ شامل آهن. هاڻ ترڪيءَ کان سواءِ صرف گلف جا ٽي چار ملڪ پنهنجي ايئر سروس پاڪستان مان هلائين ٿا، تنهنڪري هاڻ ڪراچي ايئرپورٽ تي اها گَهماگَهمي ڪانهي، جيڪا ڪنهن زماني ۾ هوندي هئي.
منا دريءَ واري سيٽ تي ويٺي، آئون وچ ۾ ويٺس. منهنجي ڀر واري سيٽ استنبول تائين خالي پئي هئي. جهاز اندر ايئر هوسٽس هيڏانهن هوڏانهن اچي وڃي پئسينجرن کي پنهنجي پنهنجي سِيٽ تي وِيهاري ۽ سندن ڪنهن شيءِ شغل کي آڻڻ ۽ نيئڻ ۾ مصروف هيون ۽ ڪن ڪن مسافرن جو سامان بہ مٿي ريڪس ۾ ٺاهي پئي رکيائون.
جمبو 474 جهاز ۾ چار سؤ پنجهٺ کن مسافر ۽ وِيهارو کن اسٽاف ميمبر آهن ۽ سڀني مسافرن کي چادر، ڪمبل، ويهاڻو، ايئر فون، اخبارون، چانهه، ڪافي، پاڻي، شربت، جُوس، وِسڪي، بيئر، ماني وغيرہ سِيٽ تي ويٺي ويٺي پهچائيندا آهن ۽ جهاز لهڻ کان اڳ هر شيءِ واپس کڻي ويندا آهن. صفائي ايتري جو ماني، پاڻي، جُوس ۽ چانھہ وغيرہ جو سڄي جهاز اندر هڪ ٽِڪو بہ ڏسڻ ۾ ڪونہ ايندو. انهيءَ جي مقابلي ۾ ٻهراڙيءَ جي شاديءَ ۾ بہ تقريباً چار پنج سؤ کن ماڻهو هوندا آهن، پر اتي ڪيڏو نہ گوڙ، بدانتظامي ۽ افراتفري هوندي آهي! چار پنج سؤ ماڻهن لاءِ سَوين ديڳيون ڀت ۽ ٻوڙ جون تيار ٿين، تڏهن بہ ڪافي ماڻهو بُکيا اُڃيا رهجي ويندا آهن ۽ زناني ڇَني ۾ تہ، ٻارن جون رڙيون ۽ عورتن جو گهڻو گوڙ لڳو پيو هوندو آهي.
گهر هجي يا شاديءَ جو ڪاڄ يا ملڪ، جت بہ Miss management هوندي، اتي افراتفري ۽ بدمزگي ضرور ٿيندي. ٻهراڙيءَ جي شاديءَ جي مقابلي ۾ شهرن جي شادين ۾ افراتفري نہ هُئڻ جي برابر هوندي آهي. اڄڪلھہ تہ ٻهراڙيءَ جا ماڻهو بہ شادين جو اهتمام شهرن ۾ ڪن. شادين جي خرچ سميت عام طرح ٻهراڙين جو نَوي سيڪڙو پئسو خود بخود شهرن ڏانهن منتقل ٿيو وڃي. مثلاً: زمينداريءَ جي هر شيءِ جنهن ۾ ڊيزل، ڀاڻ، ٽريڪٽر ۽ ان جو سامان، ٻيون زرعي مشينون ۽ انهن جو سامان فصلن لاءِ دوائون بہ شهرن مان اچن ۽ اناج ۽ سبزيون توڙي ساريون وغيرہ شهرن جي ڪارخانن ۾ وڃن، شوگر ملن جا مالڪ بہ شهرن جا رهاڪو آهن، سبزيون ۽ ميوا بہ تيار ڪري شهرن ڏانهن موڪلجن ٿا، جت ڏھہ سيڪڙو ڪميشن شهري دلالن کي ملي، کنڊ بہ سڀ شهرن ڏانهن وڃي. زراعت کان سواءِ ذاتي استعمال جو سڀ شيون شهرن مان اچي مثال، ڪارون، موٽر سائيڪلون، فرج، ٽي. وي، ڪپڙا، دوائون، فرنيچر، جڳھہ ٺاهڻ جو سامان، لوهه، سيمنٽ، ٽائلس، باٿ روم جو سامان، رنگ، لائيٽ جو سامان، منهنجي خيال ۾ کاڌي جي ان مڇيءَ ۽ گانگٽن کان سواءِ ٻي هر شيءِ شهر مان ٻهراريءَ ۾ اچي ٿي.
ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي تہ، شهر هميشہ ٻهراڙين جو رت چُوسيندا آهن. سو سائين هاڻ تہ ٻهراڙيءَ جا ماڻهو شادين جو ڪاڄ بہ شهرن ۾ ڪن، يعني ٻهراڙيءَ جي رت ۽ پگهر جو سمورو پورهيو خود بخود شهرن ڏانهن منتقل ٿيو وڃي. جهاز ۾ اندر داخل ٿيڻ کان پوءِ بہ جهاز گهڻي دير کان پوءِ اُڏاڻو. شايد جهاز ڍاڪا کان Before time اچي ويو هو. جهاز جي اُڏام کان اڳ جهاز جو اسٽاف مسافرن جي سامان کي جهاز اندر ٺاهي رکندو ويندو آهي. اُڏام کان اڳ ٻي ڪا سروس ڪانہ ٿيندي آهي، پر جهاز جي اُڏام کان پوءِ هر سروس شروع ٿيو وڃي، جنهن ۾ کائڻ پيئڻ سان گڏ فلم بہ ڏيکارين. اڳي هڪ وڏي اسڪرين تي فلم ڏيکاريندا هئا، هاڻ هر سِيٽ جي پويان اسڪرين لڳي پئي آهي. سڄي اُڏام دؤران ويٺا فلمون ڊراما ڏسو ۽ خبرون ٻُڌو. ٻار ڪارٽون ڏِسن، جهاز جي مسافريءَ جو ٽائيم بہ هاڻي وڃي گهٽبو. جِت ويھہ سال اڳ ڏھہ ڪلاڪ لڳندا هئا، اُت هاڻ سَت اَٺ ڪلاڪ لڳن. ماني کائڻ شرط، مِنا سُمهي پئي. مون کي وري سفر دؤران ننڊ اچي ئي ڪانه! پوءِ ڀلي اها مسافري گُهوڙي جي هجي يا هوائي جهاز جي. ڏينهن هئڻ ڪري دريءَ مان ويٺو ڏِسان يا جهاز اندر. جهاز جي شروعاتي شهر کان آخري منزل تائين. اُڏام دؤران جيڪي جهاز اندر اِسڪرين تي ڏِسڻ ۾ اچي ۽ معلوم ٿئي تہ، جهاز هاڻ ڪٿ پرواز ڪري رهيو آهي ۽ هاڻي ڪهڙي شهر مٿان اُڏامي رهيو آهي، ڏسي رهيو آهيان. جت جبل هجن تہ اهي جبل ڏيکارين، جت پاڻي يا ساوڪ هجي تہ اُتي اها ڏيکارين. جهاز پاڪستان کان پوءِ سڄي ايران ۽ سڄي ترڪيءَ مٿان اُڏامندو وڃي ترڪيءَ جي يورپ واري آخري ڇيڙي، استنبول شهر مٿان پرواز ڪرڻ لڳو تہ، پهريائين ترڪيءَ ۾ پوءِ انگريزيءَ ۾ انائونسمينٽ ٿي تہ، پاڻ هاڻ استنبول انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لهڻ وارا آهيون ۽ جهاز آهستي آهستي هيٺ زمين ڀيڙو ٿيو تہ، مسافرن اُٿي پنهنجو پنهنجو سامان ريڪن تان لاهي هيٺ هٿيڪو ڪري ويهي رهيا ۽ ڪي وري ٿي بيهي رهيا ۽ جيئن جهاز جو دروازو کُليو تہ مسافر دروازي ڏانهن هلڻ لڳا. اسين بہ انهن ۾ هئاسين. مون جڏهن ڪراچيءَ مان استنبول لاءِ ويزا ٿي ورتي، تڏهن مون کي بوبيءَ ٻُڌايو تہ، ترڪيءَ جي ويزا ڪهڙي ويب سائيٽ تي لِکيل آهي تہ ڪراچيءَ مان جيڪو مسافر Turkish Air Lines ۾ لنڊن، پيرس ۽ آمريڪا ويندو تہ، استنبول ايئرپورٽ تي ويھہ پائونڊ في ڏيئي، هو استنبول لاءِ هڪ هفتي جي ويزا وٺي سگهي ٿو، پر ان سان گڏ لفظ May be بہ لِکيل هو، تنهنڪري مون May be واري رسڪ ڪونہ کنئي. پر هينئر ايئرپورٽ تي ڏٺم تہ ٽرانزٽ ويزا لاءِ جُدا ڪائونٽر هو ۽ اتي اسان ڏٺو تہ اسان واري لائين کان بہ وڏي لائين لڳي پئي هئي، ڇو تہ اڄڪلھہ استنبول ۾ بہ سياح ايتري تعداد ۾ اچن، جيترا پيرس ۽ لنڊن ۾ اچن. خاص ڪري روس جي ٽُٽڻ کان پوءِ رشيا ۽ اوڀر يورپ جا سياح گهڻو ڪري موڪلون ملهائڻ ترڪي اچن. ڇو تہ هنن کي مغربي يورپ جي ڀيٽ ۾ اهو ويجهو آهي ۽ پڻ لنڊن، پيرس ۽ مغربي ملڪن جي مقابلي ۾ ترڪي ڪجهہ سستو آهي. تنهنڪري جيئن اڄڪلھہ پاڪستان جا ماڻهو آمريڪا ۽ يورپ جي ويزا جي سختين ڪري دبئي يا ملائيشيا گُهمڻ ويندا آهن. آئون سمجهان ٿو تہ ماڻهو جيڪڏهن هڪ دفعو ترڪي ڏسي اچن تہ، جيڪر وري ڪڏهن بہ ترڪيءَ کان سواءِ ٻئي ڪنهن بہ ملڪ ڪونہ وڃن! استنبول ايئرپورٽ، لنڊن جي هيٿرو ايئرپورٽ، ٿيٽ وِڪ، ٽوڪيو جي ناريٽ ايئرپورٽ ۽ پيرس جي چارلس ڊيگال ايئرپورٽ جهڙو ۽ جيترو ئي مصروف ايئرپورٽ آهي. جتي سڄي دنيا جا ڪيترائي جهاز پئي لٿا تہ، ٻيا پئي اُڏاڻا. ايئرپورٽ جي بلڊنگ تمام وڏي ٻہ ماڙ ۽ جديد طرز تعمير هئي، جت مسافرن لاءِ هر سهولت مُيسر هئي. اسان اميگريشن ڪائونٽر تي لڳل بورڊ پڙهياسين، ڪجهہ هن ريت هئا: پهريون ۽ ٻيو نمبر ڪائونٽر نيٽو ملڪن جي شهرن جي لاءِ، ٽيون ۽ چوٿون ترڪ شهرين لاءِ، ڪائونٽر پنجون، ڇهون، سَتون ۽ ڪجهہ ٻيا باقي ٻين ملڪن لاءِ هنن سڀني ڪائونٽرن کان جُدا ۽ ٿورو پرڀرو هڪ ٻيو بہ ڪائونٽر هو، جتان Transit ويزا ملي. انهيءَ ويزا لاءِ هر ملڪ بابت جُدا جُدا قاعدا ۽ قانون آهن. اسان Other countries واري ڪائونٽر تان پنهنجي پاسپورٽ تي اميگريشن آفيسر کان ٺَپا هڻائي، پنهنجو سامان کڻي ان جو جائزو وٺي ٻاهر پهتاسين، پر اتي ڪنهن ملڪ جو ٽوئر ڪونہ ڪيو هو. جيتوڻيڪ محبوب سندس سينٽ اينڊريو يونيورسٽي جي ڪلاس فيلو ڊورڪا سان گڏ هو، ڊورڪا جو ملڪ هنگري ۽ ٻيو يورپ گُهمي ڦري آيو آهي، پر مون سان ۽ ماڻس سان گڏ ڪنهن ملڪ جو سفر ڪونہ ڪيو آهي. سو کيس چيم تہ، تون لنڊن مان استنبول پهچي هوٽل ۽ سٽي ٽوئر بُڪ ڪرائي تہ اسين بہ ٿا اچي اتي پهچون، پوءِ گڏجي ٿا ترڪي گُهمون. سو هو اسان کان ٻہ ڏينهن اڳ استنبول پهتو ۽ چيائين تہ آئون توهان کي ايئرپورٽ تي وٺڻ ايندس. پر جيئن تہ استنبول جو اندر گرائونڊ ستين بجي شروع ٿئي، تنهنڪري ٿوري دير ٿيندي ۽ توهان ايئرپورٽ تي منهنجو انتظار ڪجو. ٻيو تہ اسان جو هوائي جهاز ايئرپورٽ تي ڪجهہ وقت سوير پهتو. جيستائين محبوب پهچي تيستائين اسان هڪ ڪينٽين تي وڃي ويٺاسين. اتي هڪ ماڻهوءَ سان ملاقات ٿي، جيڪو ٽيهن سالن جو نوجوان ٿي لڳو. پاڻ چيائين تہ، آءٌ ڪراچيءَ جو رهاڪو آهيان. C.N.G Kits جو ڌنڌو ڪندو آهيان ۽ ٻہ ٽي ڏينهن استنبول ۾ رهي، پوءِ روم ويندس، جتان سامان خريد ڪري ڪراچي پورٽ لاءِ بُوڪ ڪرائي واپس ڪراچيءَ ويندس. مون کان پُڇيائين تہ توهان چانھہ پيئندا يا ڪافي ۽ آنٽيءَ لاءِ ڇا آڻيان، ائين چئي هو اسان لاءِ ڪافي جا ٻہ مگ وٺي آيو. ڪافي پي اسان ٻاهر آياسين تہ، پاڻ اسان کان موڪلائي ٽيڪسيءَ ۾ چڙهي شهر روانو ٿي ويو. ويندي ويندي پنهنجو ڪارڊ بہ ڏئي ويو. اسين اتي بينچ تي ويهي محبوب جو انتظار ڪرڻ لڳاسين، ٿوريءَ دير ۾ ئي محبوب پهتو ۽ اسان ٽيڪسيءَ واري کي چاليھہ ليرا ڀاڙو ڏئي اچي ٽيڪسيءَ ۾ ويٺاسين. ٽيڪسي بلڪل نئين هئي ۽ ٽيڪسي ڊرائيور کي مون کان بہ سٺو فُل سوٽپيل هو. هن اسان جو بيگون کڻي اچي ٽيڪسيءَ ۾ رکيون ۽ ڪار استنبول جي شاهراهن تي ڊوڙائڻ لڳو. هتي جي موسم عاشقانہ لڳي پئي هئي. هونئن بہ استنبول شهر تاريخي شهر هئڻ سان گڏ رومانوي منظرن ۽ ماڳن جي موجودگيءَ سبب خود بہ هڪ رومانوي شاهڪار ٿي پيو آهي، جيئن ڪنهن سُهڻي معشوق وانگر ماڻهو کيس ڪيترن ئي نالن سان ياد ڪندو آهي، تيئن هن شهر تي بہ ماڻهن ڪيترائي نالا رکي ڇڏيا آهن. مثلاً: قسطنطنيہ، اسلامبول، استانبول، ايتنول، ڪشتا، ڪونڌ، پلي، گاسڊ نتنوبولس، ڪانٽبيسٽينوبل، زارگراڊ، رومة الڪبريٰ، نئون روم، نئون يروشلم، زيارت، باب مملڪت، پادرين جو شهر، شهر خلافت، تخت سلاطين، خوشين جو دروازو، چشم دنيا، عالم پناهه، پولس ٻيا بہ ڪيترائي نالا هوندا، پر مون جيڪي ٻُڌا ۽ پڙهيا، سي هتي لِکيا اٿم. اسين دنيا جي هن حسين ترين شهر جي روڊن رستن تان ٿيندا تقريباً اڌ ڪلاڪ اندر اچي پنهنجي هوٽل تي پهتاسين. هوٽل رسيپشن تي ويٺل نوجوان ڇوڪرو جنهن جو نالو سمير هو، تنهن اسان کي ترڪي ٻوليءَ ۾ چيو ”گوبائيڊن“ معنيٰ گُڊ مارننگ. هوٽل جو نالو هيپو ڊروم هو. جيڪا سلطان احمت علائقي ۾ آهي. هن علائقي تي اهو نالو سلطان احمد جي نالي تان پيو، پر جيئن تہ ترڪ احتراماً احمد ۽ محمد نالا ڪونہ رکن، تنهنڪري هن علائقي کي چون سلطان احمت. هوٽل جي لکپڙھہ کان واندو ٿي ڇوڪري کان پُڇيم تہ، اسان جي ملڪ ۾ هڪڙي مخصوص قسم جي ٽوپيءَ کي اسان چئون ترڪي ٽوپي، اها رنگ جي ڳاڙهي ٿئي ۽ ان ۾ هڪ وڏو ٽوئر ٿيندو آهي، جيڪا اسان جي ملڪ ۾ اڄڪلھہ مون فقط نوابزاده نصر الله کي پاتل ڏٺي ۽ مون سمجهيو تہ ترڪيءَ ۾ ماڻهو هيءَ ٽوپي ڏاڍي شوق سان پائيندا هوندا. اسان جي ملڪ جي ٽي. وي چينلن تي بہ ترڪي گانن تي راڳين کي اها ترڪي ٽوپي پاتل هوندي آهي، پر هتي تہ اها ٽوپي مون هڪ ماڻهوءَ کي بہ پاتل ڪانہ ڏٺي. پاڻ کِلي چيائين تہ اها ٽوپي اسان ترڪن جي نہ پر مراڪش وارن جي قومي ٽوپي آهي. اهو ٻُڌي ڏاڍي کِل آئي ۽ عجب پڻ ٿيو تہ، ترڪيءَ ۾ ترڪي ٽوپي ڪانہ ٿئي ۽ شام ۾ شامي ڪباب ڪونہ ٿئي. چين ۾ توهان ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي کي چيني بوسڪيءَ جا ڪپڙا پاتل ڪونہ ڏسندا ۽ يونان ۾ توهان کي ڪٿي بہ يوناني دوا ڪانہ ملندي.
آئون مناسب ٿو سمجهان تہ ترڪي گُهمڻ کان اڳ توهان کي ترڪيءَ جي باري ۾ ڪجهہ ٻُڌايان.
ترڪيءَ واري 1919ع ۾ شروع ٿيندڙ قومي انقلابي عمل سماج تي گهرا اثرات مرتب ڪيا. انهيءَ انقلاب کان اڳ قديم رومي ۽ يوناني سلطنتن وانگر عثماني سلطنت جي سموري عرصي دؤران پڻ ترڪي عوام جي ڀلائي ۽ بهبوديءَ طرف ڪوبہ ڌِيان ڪونہ ڏنو ويو. ان جي ابتڙ خلافت عثمانيہ جي خليفن ٿِريس ۽ بلقان وارن علائقن کي وڌيڪ اهميت ڏني. وڌيڪ حيران ڪندڙ هيءَ حقيقت آهي تہ، خلافت عثمانيہ جو امير طبقو پاڻ کي ترڪ سَڏائڻ ۾ پنهنجي بيعزتي سمجهندو هو. هن طبقي کي ٻهراڙيءَ واري توڙي شهري ترڪ رعيت کان سخت نفرت هئي ۽ رعيت کي هن طبقي کان ڪنهن بہ قسم جي امداد خير ڪا ملندي هئي. ترڪ رعيت سان اقليت جهڙو ناروا سلوڪ ڪيو ويندو هو، پر هاڻي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو تُرڪن پنهنجو نرالو مؤقف قائم ڪيو. هنن پنهنجي قومي سورمي مصطفيٰ ڪمال پاشا جي اڳواڻيءَ هيٺ سيورس وارو سامراجي معاهدو رد ڪندي پنهنجي ترڪ قوم ۽ ترڪي رياست جي آزاديءَ جو مطالبو ڪيو. مصطفيٰ ڪمال 19 مئي سن 1919ع ۾ استنبول جي اميرن جي سازش کان پاڻ بچائيندو مختصر لشڪر ساڻ سيمسن واري ماڳ وٽ اچي سهڙيو. سيواس ۽ اِرزورَم شهرن ۾ ترڪ قومپرست سياستڪارن طرفان قومي ڪانفرنسون منعقد ڪيون ويون ۽ قومي آزاديءَ جي حصول لاءِ هڪ عبوري حڪومت تشڪيل ڪئي وئي ۽ وڏي جفاڪشيءَ سان هڪڙي نئين ترڪ فوج منظم ڪئي وئي. مصطفيٰ ڪمال جي اڳواڻيءَ هيٺ فرينچن ۽ روسين جي لشڪرن کي ترڪيءَ جي سرحدن ۾ لوڌي ڪڍيو ويو ۽ سن 1921ع جي جنوريءَ کان مارچ مهينن واري مُدت ۾ يوناني فوج کي لڳاتار ٻن لڙائين ۾ زبردست شڪست ڏني؛ جنهن سبب يوناني فوج ترڪ قومپرست لشڪر کان هارائيندي، پسپا ٿيندي، ساحلي رستو وٺي پوين پيرن پنهنجي ملڪ ڀڄي وئي. اهڙيءَ ريت سيپٽمبر سن 1922ع ۾ ترڪيءَ جي سرزمين سمورين ڌارين فوجن کان آزاد ٿي وئي. سن 1923ع ۾ ترڪي هڪ ريپبلڪ يعني رعيتي راڄ واري رياست هئڻ جو اعلان ڪيو. مصطفيٰ ڪمال پاشا ان جو پهريون صدر ٿيو ۽ انقره شهر کي رياست جي گاديءَ جو هنڌ مقرر ڪيو ويو. انقره شهر ترڪي ملڪ جي تقريباً وچ تي آباد آهي. لئوسان شهر ۾ سيورس واري رد ڪيل معاهدي بدران ڪم ايندڙ هڪ نئين معاهدي جي تشڪيل لاءِ مذاڪرات ڪيا ويا ۽ هُيتي جي علائقي کان سواءِ ترڪي رياست جون اڄوڪيون سرحدون انهيءَ وقت متعين ڪيون ويون. هُيتي وارو علائقو گهڻو پوءِ سن 1939ع ۾ ٿيل راءِ شماريءَ موجب ترڪي رياست ۾ ضم ڪيو ويو.
ترڪيءَ ۾ مغربي طرز زندگي اختيار ڪرڻ وارو عمل تاريخي طور تي هڪ بلڪل نرالو عمل هو.ويهين صديءَ عيسويءَ جي ويهن ۽ ٽيهَن وارن ڏهاڪن دؤران ترڪ قوم جهڙيءَ ريت تمام گهڻا سماجي سڌارا عمل ۾ آندا، اهڙو عزم ۽ همٿ انسانذات جي سماجي تاريخ ۾ وِرلي نظر ايندي. انهن سڌارن جو مقصد ترڪ قوم هٿان ڪيئي صدين تي مشتمل وڃايل وقت جو ازالو ڪرڻ هو. مصطفيٰ ڪمال جي اڳواڻيءَ ۾ قائم ٿيل ترڪ رعيتي راڄ، غير مذهبي حڪومت تي مشتمل هو. انهيءَ مقصد جي حصول خاطر خلافت وارو سرڪاري نظام رد ڪيو ويو. تعليم ۽ ازدواجي نظام غير مذهبي اختيار ڪيو ويو. ترڪي ٽوپي پائڻ تي بندش لڳائي وئي. ترڪي ملڪ ۾ عيسوي سن رائج ڪيو ويو ۽ آچر جو ڏينهن آرام لاءِ موڪل وارو ڏينهن مقرر ڪيو ويو. ترڪي ٻوليءَ ۾ پڻ سُڌاران نافذ ڪيا ويا. ترڪي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ عربي ۽ پارسي ٻولين جا لفظ ترڪي ٻوليءَ مان خارج ڪيا ويا ۽ ٻول لِکڻ لاءِ ڪم ايندڙ عربي الف- ب رد ڪري، ان جي بدران رومن الف- ب لاڳو ڪئي وئي. عدالتي نظام ۾ موجود اڳوڻا قانون رد ڪري ان جي جاءِ تي سوئيٽزرلينڊ وارو قانون ۽ قاعدو حرف بہ حرف نافذ ڪيو ويو. عورتن کي مردن جي برابر قانوني حق حاصل ٿيا. وقت جو عالمي مغربي نظام لاڳو ڪيو ويو ۽ تور ۽ ماپ وارو عالمي اصول اختيار ڪيو ويو. سرڪار پنهنجن محدود وسيلن سان ئي سهي، پر ملڪ جي صنعتي ۽ مواصلاتي نظام کي سُڌارڻ لاءِ حقيقي ڪوشش ڪرڻ لڳي. مغربي طرز اختيار ڪرڻ جي ڪوشش دؤران صدر هڪ فرمان جاري ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو تہ، هر ترڪ ماڻهو پنهنجي نالي کي مغربي طرز موجب اختيار ڪري.
مصطفيٰ ڪمال کي پنهنجي ترڪ قوم ”اتاترڪ“ يعني قوم جو ابو جو خطاب ڏنو. اهو فقط قومي سورمي مصطفيٰ ڪمال جو اخلاقي اختيار هو، جنهن موجب نهايت خوش اسلوبي ۽ آسانيءَ سان هيترا سارا سماجي سڌارا قوم جي واضح اڪثريت قبول ڪيا ۽ انهن جي مخالفت فقط چند جنوني مذهبي ماڻهن ڪئي، جن جي انهيءَ دؤر ۾ ڪابہ اهميت ڪانہ هئي. ترڪيءَ جي معاشري کي مغربي تمدن جي طرز تي جديد بنائڻ خاطر گهربل حقيقي سڌارا آڻڻ لاءِ مصطفيٰ ڪمال مطلق العنان طرز حڪومت قائم ڪئي، پر عوام لاءِ هميشہ جمهوري فيصلا ڪيا ويا ۽ عوام کي حڪومت جي جبر کان آجو رکيو. سن 1938ع ۾ اتاترڪ جي وفات کان پوءِ آزاديءَ واري جنگ ۾ سندس ساڄي هٿ طور وفاداري ساٿيءَ، جنرل عِصمت اِنونُو ملڪ ۾ جمهوريت بحال ڪرڻ جي واعدي تحت حڪومت جون واڳون سنڀاليون. ٻي عالمي لڙائيءَ دؤران ترڪي ڪنهن بہ جنگي ڌُر سان شامل ڪونہ رهيو. پر جمهوريت جي بحاليءَ وارو تجربو معطل رهيو. نيٺ سن 1949ع ۾ آزاد چونڊن جي نتيجي طور پُرڪشش شخصيت جي مالڪ سياسي اڳواڻ عدنان مينڊرس جي رهبريءَ ۾ مخالف سياسي ڌُر، ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ فتح حاصل ڪري حڪومت جوڙي، پر ناتجربيڪاري ۽ ڪي قدر هڪ پارٽيءَ کي دائمي طور اقتدار ۾ رهڻ واري پاليسي اختيار ڪرڻ سبب سن 1960ع ۾ فوج حڪومت جو تختو اونڌو ڪري، حڪومت تي پاڻ قابض ٿي ويهي رهي ۽ عِدنان مينڊرس کي ماري ڇڏيو. سن 1961ع ۾ جمهوريت وري بحال ٿي، پر مخلوط حڪومت، فوج طرفان سخت دٻاءُ تحت ڪم ڪندي ڪو خاطرخواه ڪردار ادا ڪرڻ کان قاصر رهي. البت سن 1965ع ۾ شفاف چونڊون ڪرايون ويون. جنهن تحت سلمان ڊيمرل جي اڳواڻيءَ ۾ اڳوڻي جمهوري پارٽيءَ ڪاميابي ماڻي. پر سندس حڪومت قبرص جزيري واري گهوٽالي ۾ ڦاٿل هئڻ سبب، وڌيڪ خراب ٿيندڙ ملڪي معيشت کي بحال ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي نہ سگهي. تنھن ڪري ملڪ فسادن جي ور چڙهي ويو. اُنھيءَ صورتحال مان ناجائز فائدو حاصل ڪندي سن 1970ع ۾ فوج ٻيھر اقتدار تي مارشل لا جي صورت ۾ قبضو ڪيو.
ٽن سالن کانپوءِ نيٺ جمھوريت بحال ٿي، جنھن جي نتيجي ۾ بِلَنت ايجوِت جي اڳواڻيءَ هيٺ کاٻي ڌُر واري جمھوري پارٽيءَ حڪومت جوڙي اها حڪومت پڻ فوج جي عدم تعاون سبب قبرص مسئلي ۽ تيل جي مھانگائي جي اثرات جي شڪار رهي. تنھن ڪري ملڪي معيشيت وڌيڪ خراب ٿي. سياست ۾ ساڄي ۽ کاٻي ڌُر جو ٽڪر وڌيڪ تيز ٿيو ۽ هزارين ماڻھو سياسي انتقام جا شڪار ٿيا تہ فوج وجھہ وٺي اقتدار تي وري بہ قابض ٿي وئي، جنھن جي اڳواڻي جنرل ڪينان ايورن ڪئي. سن 1980ع ۾ فوج حڪومت تي قبضو ڪري سمورين سياسي پارٽين کي تشدد سان ڪُچلڻ شروع ڪيو. سليمان ڊيمرل ۽ بِلنت ايجِوَت سميت سمورن مکيہ سياسي ليڊرن، شاگرد ليڊرن ۽ مزدور ليڊرن کي قيد ڪيو ويو. اُنھن سان گڏ سندن حمايت ڪندڙ صحافي نمائندن کي بہ جيل ۾ وِڌو ويو.
سن 1982ع ۾ جنرل ايورن ريفرينڊم ذريعي هڪ قانون پاس ڪرايو، جنھن تحت حڪومت جا مکيہ اختيار فقط صدر کي حاصل ٿيا. انھيءَ قانون موجب صدر جي چونڊ لاءِ اميدوار فقط هڪڙو هو، جيڪو جنرل ايورن خود پاڻ هو ۽ هر انھيءَ عھدي تي 1988ع تائين قابض رهيو. انھيءَ سال عام چونڊون ٿيون جن ۾ مادر وطن پارٽي ترگت اوزل جي اڳواڻيءَ ۾ ڪاميابي ماڻي جيڪو مليتيا سان تعلق رکندڙ هڪ معاشي ماهر هو. سندس عالمانہ ۽ مدبرانہ صلاحيتن سبب ملڪي معيشت بحال ٿي، حقيقي جمھوري نظام بحال ۽ مستحڪم ٿيو ۽ ملڪ خوشحال ٿيو، پر 1991ع وارين عام چوندن ۾ سليمان ڊيمرل جي اڳواڻيءَ ۾ جمھوري پارٽي ڪامياب ٿي.
اڄوڪو جديد ترڪي ملڪ ترقي يافتہ ۽ ترقي پذير ملڪن جي وچ تي بيٺو آهي. ملڪ جي زراعت سان وابستہ لکين افراد تہ اجهو هاڻي وڃي ڪو سُک جو ساھہ کنيو آهي. انھن مان ڪيترائي خاندان شھرن ڏانھن وڃي رهيا آهن، پر هاري طبقي جي واضح اڪثريت اڃا تائين پنھنجي زمينن تي آباد آهي. ترڪي ملڪ يورپيئن يونين جي ميمبر ٿيڻ واري خواهش ڪافي سالن کان رکندو اچي ۽ انھيءَ ڏِس ۾ بيحد ڪوشان آهي، پر ترڪ عوام ۾ هڪ مختلف سوچ پيدا ٿي آهي تہ يورپي ملڪن جي اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جي باوجود قومي معيشت ۾ سڌاري ۽ واڌاري جي اميد گهٽ آهي ۽ قومي ساک جي دوام جي توقع ناهي. انهيءَ جي ڀيٽ ۾ سوويت يونين کان آزاد ٿيل مسلم رياستن جهڙوڪ آذربائيجان، اُزبڪستان، ترڪمانستان ۽ قازقستان سان معاشي، سياسي ۽ ثقافتي اتحاد وڌيڪ فائديمند ۽ عزت ڀريو ٿيندو. مذڪور مسلم رياستن ۾ ٻولي بہ پنهنجي ترڪي ڳالهائي وڃي ٿي ۽ انهن سمورين رياستن ۾ ڪافي ثقافتي ۽ سماجي هڪجهڙايون موجود آهن. تنهنڪري يورپي قومن جي اتحاد ۾ شامل ٿي سندن دربان ٿي رهڻ کان بهتر آهي تہ، مٿي ڄاڻايل ۽ ٻين پاڙيسري مسلمان ملڪن سان اتحاد ۽ عالمي مسلم برادريءَ وارو گهربل اتحاد وڌيڪ دُرست، وڌيڪ جٽادار ۽ وڌيڪ عزت جو باعث ٿيندو.
صنعتڪاري ۽ جديدڪاريءَ سبب گهڻو ڪري سرنديءَ وارا ڪيترائي خاندان شهرن ۾ وڃي آباد ٿيا آهن. تنهنڪري شهرن ۾ ڪيئي مسئلا پيدا ٿيا آهن. جهڙوڪ: رهائش جو مسئلو، گُذر جو مسئلو، تعليمي مسئلو، صحت جو مسئلو، جديد شهري سهولتن جو مسئلو وغيرہ.
انهيءَ کان سواءِ ڪُرد اقليت وارو مسئلو بہ موجود آهي. ڪرد اقليت قومي آباديءَ جو 25 سيڪڙو آهي، جيڪا ملڪ جي ڏکڻ اوڀر ايراضيءَ ۾ باغي اقليت جي صورت ۾ موجود آهي، جنهن کي ٻوليءَ جو پنهنجو نرالو لهجو آهي. صليبي جنگين دؤران يورپ جي عيسائي فوجن کي مات ڏيندڙ عظيم سپھ سالار سلطان صلاح الدين ايوبي پڻ انهيءَ ڪرد اقليت جو باشندو هو.
اسان سمير کان ڪمري جي چاٻي وٺي ڪمري تي آياسين. هن ۾ وِيھہ پنجويھہ کن ڪمرا مس ٿيندا. هن هوٽل کان سواءِ هن ڪمپنيءَ جون هن ئي علائقي ۾ هن هوٽل جهڙيون ۽ هن جيڏيون ٻہ ٻيون بہ هوٽلون هلندڙ آهن. هيءَ هوٽل ننڍي پر ڏاڍي خوبصورت هئي. ٻيو تہ اها شهر جي مرڪزي علائقي جي بلڪل وچ ۾ هئي، جنهنڪري اسان کي رات جو ماني کائڻ لاءِ ڪنهن سواريءَ جي ضرورت ڪانہ پوندي هئي. باقي ناشتو هوٽل وارا ئي ڏيندا هئا. ٻنپهرن جو کاڌو مختصر کائبو هو تہ، جيئن بدن هلڪو رهي ۽ زيادھہ کان زيادھہ گُهمي سگهون. هي علائقو شهر جو مرڪز هئڻ ڪري سياحت جي لحاظ کان ڪافي مُکيہ جڳهيون سَڏ پَنڌ تي هيون. اسان ماني کائي ٿورو آرام ڪري محبوب جي رهنمائيءَ ۾ شهر گُهمڻ لاءِ روانا ٿياسين. اسان پهريائين آيا صوفيہ چرچ ۽ بُلو مسجد جي وچ واري علائقي جي باغ ۽ ڦوهارن اڳيان اچي بيٺاسين. هڪ طرف بلو مسجد ٻِئي طرف آيا صوفيہ چرچ، وچ ۾ لاجواب باغ، جنهن جي وچ تي هڪ تمام وڏو عاليشان ڦوهارو، ان جي چوڌاري سَوين بينچون پيل هيون ۽ ڀرسان ئي ريل گاڏي جيڪا سڄي استنبول شهر ۾ وڃي. ٽرين ۾ چڙهجي تہ خبر ڪانہ پوي ۽ ماڻهو سمنڊ منجھہ ٺهيل ٽيونل وسيلي سمنڊ اندران ئي وڃيو شهر جي ٻئي پاسي نِڪري. آيا صوفيہ چرچ ۽ بلو مسجد جي وچ ۾ روڊ تي بيشمار بسون پيون سياحن کي لاهين ۽ چاڙهين. هن باغ جنهن ۾ اسين بيٺا آهيون، اتي ايڏي تہ رش آهي جو هلڻ ئي دشوار آهي. هن باغ جي ڇا تہ سُونهن آهي! مِنا تہ هڪ هڪ گُل کي ڏسي خود بہ ٽڙي پئي، ڇو تہ اسان جي گهر ۾ جيڪو باغيچو آهي، اهو سندس ئي شوق ۽ محنت جي ڪري قائم آهي. سو پاڻ هيڏي عاليشان باغ ۾ پوکيل ڪيئي قسمن جا حسين ۽ معطر گُل ڏسي خوشيءَ ۾ اصل باغ بهار ٿي پئي!
اسان پنهنجي گُهمڻ جي شروعات بِلو مسجد کان ڪئي، جيڪا مون کي تاج محل کان بہ وڌيڪ پُروقار، خوبصورت ۽ ڪشادي لڳي. تاج محل سن 1648ع ۾ ٺهي راس ٿيو ۽ بِلو مسجد ان کان بہ اڳي سن 1619ع ۾ جُڙي راس ٿي. تاج محل جمنا نديءَ جي ڪِناري تي ٺهيل آهي ۽ بلو مسجد باسفورس سمنڊ کان چند قدمن جي مفاصلي تي اَڏيل آهي. تاج محل ايشيا کنڊ ۾ آهي تہ بلو مسجد وري يورپ کنڊ جي حَسين ٽڪرين تي ٺهيل آهي. تاج محل ۾ درَ ۽ دريون ٿوريون ٺهيل آهن، پر بلو مسجد ۾ 36 لاجواب وڏا دروازا ۽ ٻہ سؤ سٺ نهايت سُهڻيون دريون ٺهيل آهن. تاج محل سڄو سنگ مرمر جو ٺهيل آهي، تہ بلو مسجد ۾ فقط سلطان جو حُجرو سنگ مرمر جو ٺهيل، باقي سڄي مسجد اندران 21543 بلو رنگ جي بلاڪن سان ٺهيل آهي. بلو مسجد جا گُنبذ ۽ نيلون ايڏيون تہ شاندار ۽ خوبصورت آهن، جو ان جو ڪنهن بہ مسجد، مقبري يا عمارت سان مقابلو ئي نٿو ڪري سگهجي. اسان پنهنجا جُتا پلاسٽڪ جي پئڪيٽن ۾ وِجهي جيڪي مسجد جي ٻاهر رکيا هئا، هٿ ۾ کڻي مسجد اندر داخل ٿياسين. مسجد اندران ٻاهر کان بہ وڌيڪ سُٺي ٿي لڳي. منجهس لاجواب فانوس آويزان ۽ بيحد سُهڻا غاليچا وڇايل هئا. مسجد ڏسڻ لاءِ توهان کي هر قوم، نسل ۽ ملڪ جا ماڻهو سَوَن جي تعداد ۾ هر وقت ڏسڻ ۾ ايندا. مزيدار ڳالھہ اها تہ نماز جي وقت بہ سياح مسجد اندر نظر ايندا. بلو مسجد ۾ عورتن جي نماز پڙهڻ لاءِ جُدا جڳھہ مخصوص آهي، جنهن ۾ هر نماز جي وقت سَوَن جي تعداد ۾ عورتون نماز پڙهنديون آهن. مِنا بہ عورتن واري حصي ۾ نفل پڙهيا. مسجد اندر سياح فوٽو ڇِڪي ۽ فلمون بہ ڀري رهيا هئا. سلطان احمد هيءَ نيري مسجد آيا صوفيہ چرچ واري اسڪوائر جي سامهون سن 1619ع ۾ تعمير ڪرائي، انهيءَ جو مقصد آيا صوفيہ چرچ سان مقابلي طور نه، پر شهر جي ٻين مناسب هنڌن تي اڳيئي عاليشان مسجدون اَڏيل هيون. انهن ماڳن جي ڀيٽ ۾ هن علائقي ۾ مسجد جي تعمير ضروري سمجهندي پنهنجي يادگار طور نيري مسجد هن علائقي ۾ تعمير ڪرائي. ان لاءِ گهربل ايراضيءَ جي حصول خاطر ڪيتريون ئي غير اهم توڙي اهم ۽ قديم عمارتون ڊاٺيون ويون. شهر جي يادگار عمارتن مان گهڻيون متضاد ۽ مزيدار ڳالهيون فقط هن بلو مسجد بابت ٻُڌجن ٿيون. ڪيترائي ماڻهو انهيءَ خيال جا آهن تہ، بلو مسجد جي اڏاوت بهترين قسم جي آهي، تہ ڪجهہ ماڻهو وري اهڙا بہ آهن جن جي چوڻ موجب بلو مسجد تي ڪيل خرچ ضرورت کان وڌيڪ آهي ۽ آرائش پڻ اجائي گهڻي ڪيل آهي. يقيناً آيا صوفيہ چرچ وانگر هن مسجد جي ڪشادگي ٻين سڀني مسجدن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ۽ نقشي ۾ مستطيل جي بدران بلو مسجد بلڪل چورس ٺهيل آهي. مُکيہ ۽ نرالي ڳالھہ هيءَ تہ هن مسجد اندر بلو يا نيري رنگ جي ڪاشيءَ جون سِرون لڳل آهن، جن جي حُسنِ تعمير ۾ واقعي حقيقي اضافو ڪيو آهي. انهيءَ رنگ سبب هن ”مسجد سلطان احمد“ کي عام طرح بلو مسجد پڻ سڏيو وڃي ٿو. بلو مسجد جو ستر فوٽ قطر وارو شاهي گُنبذ چئن نيم گُنبذن تي بيٺل آهي. هرهڪ نيم گُنبذ ٽن پورچن يعني ڇَڄَنَ تي اَڏيل آهي ۽ هر پورچ ٻن وَنگن (Arches) تي ٺهيل آهي سموريون وَنگون عاليشان پيلپاين مٿان جوڙيل آهن. واقع بلو مسجد جي اڏاوت هڪ بهترين نمونو آهي. مسجد ۾ ٺهيل سلطان جو حُجرو خالص سنگ مرمر جي بيحد خوبصورت ڊزائين جي ڄاريءَ سان ٺهيل آهي. درين جون طاقيون عاج، سِپَ ۽ ٻئي ڪنهن سُهڻي مصالحي سان جَڙيل آهن. دريون بہ نهايت سُهڻيون، پر چون ٿا تہ اهي اصل دريون ڪونہ آهن. شايد اصل دريون موجود درين کان بہ وڌيڪ سهڻيون هجن! ڇاڪاڻ تہ سلطان احمد اميرالمؤمنين جي حيثيت ۾ ۽ پنهنجي دين سان پيار ڪندڙ جي حيثيت ۾ زمانن تائين برقرار رهندڙ هن يادگار بلو مسجد کي بيحد چاھہ سان اَڏايو. مسجد جي تعمير واري ڪم جي اڳواڻ، محمد آغا، خلاف معمول بلو مسجد ۾ ڇھہ مينار جوڙايا. هن کان اڳي ڇھہ مينار فقط ڪعبة الله جي چوڌاريءَ اَڏيل مسجد الحرام جا ٺهيل هئا. تنهنڪري عثماني سلطنت ۾ رعيت هن مسجد ۾ مينارن جي انگ ۾ واڌ تي سخت غم ۽ غصي جو اظهار ڪيو. عوام جي دل جوئي ڪرڻ لاءِ سلطان احمد بلو مسجد جي اڏاوت واري ڪم جي اڳواڻ خود محمد آغا کي مڪي شريف موڪلي مسجد الحرام ۾ ستون مينار تعمير ڪرائي مسجد الحرام جي فوقيت بحال ڪرائي، تڏهن وڃي سلطنت جي رعيت ماٺ ڪئي. بلو مسجد جا دروازا پڻ نرالي انداز سان مسجد جي وڻندڙ اڱڻ ۾ کُلن ٿا. سلطان احمد 27 سالن جي ڄمار يعني ڦوھہ جوانيءَ ۾ وفات ڪئي. کيس بلو مسجد ۽ آيا صوفيہ چرچ جي وچ واري ايراضيءَ ۾ بلو مسجد جي ويجهو دفن ڪيو ويو. سندس تُربت جي ڀر ۾ سندس زال ۽ سندس پُٽ دفن ٿيل آهن، جن ۾ ٻہ پٽ: 1. سلطان عثمان ثاني ۽ 2. سلطان مراد چوٿون بہ شامل آهن. اسان هيءَ دنيا جي عاليشان بلو مسجد ڏِسي پوءِ مسجد جي بلڪل سامهون ۽ باغيچي جي ٻئي طرف آيا صوفيہ چرچ ڏِسڻ لاءِ وياسين.
آيا صوفيہ هڪ لاجواب عمارت آهي، جيڪا حضرت عيسيٰ عليہ السلام جي وفات کان بہ اڳ ۾ تعمير ٿي ۽ عبادتگاھہ طور استعمال ٿي. وري عيسائين هن عمارت کي پنهنجي دؤر ۾ گِرجا طور استعمال ڪيو ۽ فتح اسلام کان پوءِ مسلمانن جي سموري دؤر حڪومت ۾ هيءَ عمارت مسجد طور استعمال ٿي. پر اڄ هيءَ عمارت سڀني مذهبن وارن ماڻهن لاءِ کُليل ۽ عجائب گهر طور استعمال ٿئي ٿي، جنهن کي ڏِسڻ لاءِ سڄي دنيا مان ماڻهو ڪهي استنبول اچن. هي آيا صوفيہ چرچ، بلو مسجد واري گُنبذ کان بہ وڏي گُنبذ واري عمارت آهي، جيڪا ڪمال جي ڪاريگريءَ سان ٺاهي وئي آهي. انسان هميشہ کان مذهبي، فوجي ۽ پنهنجي رهائشگاھہ طور ڪيئي محل محلاتون ٺاهيندو اچي، جنهن کي ماڻهو ڏِسيو دنگ رهجيو وڃي.
آيا صوفيہ چرچ ڪنهن زماني ۾ رنگين پٿر ۽ رنگين شيشي جي ٽُڪرِين جي جڙاءَ سان ٺهيل فرش، ڀتين ۽ ڇِتين ۾ ڪمال جي ڪاريگريءَ سان لڳل مختلف ڊزائينن ۽ نمونن جي رنگين شمعدانن سبب تعميراتي سُونهن ۾ پيو ٻهڪندو هو. قربانيءَ لاءِ استعمال ٿيندڙ ميز سُهڻي رنگ سان رڱيل هئي. اڱڻ ۽ عبادتگاھہ کي جدا ڪندڙ جعفريءَ تي يسوح مسيح ۽ ٻين ڪيترن ئي عيسائي درويشن جون تصويرون آراستہ هونديون هيون. انهن کي ياد ڪندي چرچ جي زيارت ڪندڙن کي حضرت سليمان عليہ السلام کي غائبانہ طور شهنشاھہ جٽسٽِينِيئن جا چيل لفظ ذهن تي تري ايندا آهن تہ ”حضرت سليمان عليہ السلام! آئون تو کان بہ گوءِ کڻي ويس، ڇاڪاڻ تہ يروشلم شهر ۾ تنهنجي جوڙايل عبادتگاھہ کان منهنجو اڏايل هي چرچ اڏاوت ۾ وڌيڪ شاندار آهي.“ پر اڄ اهو چرچ پنهنجو اڳوڻو عروج بلڪل وڃائي ويٺو آهي ۽ وقت جي غُبار ۾ غرق آهي. هي آيا صوفيہ چرچ سن 1933ع کان عجائب گهر طور استعمال ٿئي پيو. منجهس چرچ طور ٿيل آرائش جي فقدان هئڻ باوجود سندس اڏاوتي شان بيشڪ ساراهن لائق آهي روم ۾ سينٽ پيٽر واري چرچ ۽ لنڊن ۾ سينٽ پال واري چرچ کان پوءِ آيا صوفيہ چرچ جو گُنبذ پوري دنيا ۾ سڀ کان وڏو گُنبذ آهي. ڇهين عيسوي صديءَ ۾ تہ هن جهڙو عظيم چرچ سڄي دنيا ۾ ڪٿي بہ اَڏيل ڪونہ هو، پر اهڙي شاندار اڏاوت جو تصور بہ ڪونہ هو. اصل آيا صوفي چرچ جنهن کي بازنطيني ماڻهو شاهي چرچ سَڏيندا هئا، شهنشاھہ ٿِيو ڊوسِيئَس ٻئي (Theodosius II) شهنشاھہ ڪانسٽينٽائين اعظم (Emperor Constantine the Grat) جي دؤر ۾ اڳي ئي ٺهيل پُراڻي چرچ واري ماڳ تي سن 415ع ۾ اَڏايو هو، اهو فتح جي يوناني ديوي نائيڪ (Nike) جي نالي ٿيل فسادن دؤران لڳل باھہ جو کاڄ ٿي ويو تہ، شهنشاھہ جٽسٽِينيئَن (Justinean) پنهنجو شانُ برقرار رکڻ ۽ ناموس خاطر اڳوڻي چرچ کان بہ وڌيڪ شاندار چرچ وڌ ۾ وڌ جلد اَڏي راس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ فسادن جي خاتمي کان پورا چاليھہ ڏينهن پوءِ چرچ جي اڏاوت جو ڪم چالو ڪرايو، جيڪو پنجن سالن جي عرصي ۾ تڪميل کي پهتو. چرچ جي افتتاحي تقريب 26 ڊسمبر سن 537ع يعني سينٽ اسٽيفن جي يادگار ڏينهن تي ٿي. اها هئي آيا صوفيہ چرچ جي مختصر تاريخ. آئون سمجهان ٿو تہ هيءَ دنيا جي واحد عبادتگاھہ آهي ، جتي عيسائيت کان اڳ عيسائيت جو دؤر ۽ مسلمان دؤر حڪومت جون سڀ مذهبي نشانيون اڄ بہ قائم آهن. مثال طور حضرت عيسيٰ عليہ السلام، بيبي مريم، الله پاڪ حضرت محمد صلي الله عليہ وآلہ وسلم ۽ چئين خليفن جا نالا هن عبادتگاھہ ۾ اڄ بہ توهان کي نظر ايندا، ۽ تعجب بہ ٿيندو. پر شاباس هجي مسلمانن کي جن ٻين مذهبن جي ڪنهن بہ نشان کي ڪونہ ڊاهيو، نہ تہ موجودہ اسرائيل واري رياست ۾ مسلمانن جي عبادتگاهن سان اسرائيلي ڪارندن جيڪو حشر ڪيو آهي، تنهن جو سڄو احوال موجودہ فلسطيني اختياريءَ واري هڪ وزير نبيل شاد بي. بي. سي کي تازو انٽرويو ڏيندي ڪيو آهي، جنهن جي ٻُڌڻ سان ماڻهو جا لِڱَ ڪانڊارجيو وڃن ۽ اکين ۾ ڳوڙها اچيو وڃن. اهي بي. بي. سي تي ٻڌايل احوال ٻيهر ورجائيندي بہ انسانَ کي شرم ٿو اچي. اسان آيا صوفيہ چرچ مان نِڪري ٿوري دير پارڪ ۾ ويهي ڪجهہ آرام ڪيو، پوءِ هتي ويجهو ئي هڪ ٻي تاريخي ماڳ کي ڏسڻ لاءِ اُسهياسين، تنهن جو نالو آهي: سسٽيرين باسليڪا (Cistern Baslica). هي تاريخي ماڳ بہ قبل مسيح دؤر جي شهر لاءِ واٽر سپلاءِ طور ٺاهيو ويو هو. هيءَ هڪ ڍڪيل جڳھہ آهي، جيڪا آئون سمجهان ٿو تہ چئين پنجن ايڪڙن ۾ ٿيندي. ان جي ڇِت چاليھہ پنجاھہ فوٽ اوچي ٿيندي. جڳھہ جي تر ۾ موجود حوض اڄ بہ پاڻيءَ سان ڀريل آهي، جنهن ۾ مخلف مُلڪن جا سِڪا هزارن جي تعداد ۾ پيل هئا، جيڪي ڇِت ۾ لڳل بجليءَ جي روشنيءَ سبب صاف نظر اچي رهيا هئا. اسان جي روبرو بہ ٽوئرسٽ انهيءَ پاڻيءَ ۾ سِڪا اُڇلائي رهيا هئا. چون ٿا تہ ڪنهن دؤر ۾ هتي پاڻي ڪنهن ٻئي ملڪ مان نهر وسيلي هن پاڻيءَ جي تلاءَ ۾ ٿي پهتو، جتان وري اهو پاڻي سنهين نالين يا ڪَسين ذريعي سڄي استنبول شهر جي سمورن گهرن ۾ پهچايو ويندو هو. هن واٽر سپلاءِ اسٽيشن جي ڇِت کي سنگ مر مر جي 363 ٿلهن پيلرن تي بيهاريو ويو آهي. James Bond-007 فلم جي هڪ سيريل جي شوٽنگ بہ هن پاڻيءَ جي تلاءُ ۾ ڪئي وئي هئي. واقعي! ماڻهو پنهنجي سُک لاءِ ڪيڏي نہ محنت ۽ ڪيترا نہ ٽڪساٽ ٿو ڪري ۽ پنهنجي انهيءَ سُک کي قائم رکڻ لاءِ ڪيترن جا سُک ٿو ڦِٽائي!
اسان هتان کان پوءِ ٽيوب ٽرين ۾ سفر ڪندي، سمنڊ ۾ ٺهيل ٽيونل منجهان لنگهندا، باسفورس کاريءَ جي ٻئي ڪِناري تي پهچي وياسين. هن ڪِناري کان ئي باسفورس سمنڊ واري کاريءَ جو سير ڪرڻ لاءِ سَوين لانچون ۽ جهاز هزارين سياحن ۽ مسافرن کي روزانو هن کاريءَ جو سير ڪرائڻ ۾ مشغول آهن. سمنڊ جي هن ڪِناري تي سمنڊ گُهمڻ لاءِ ٽڪيٽ خريد ڪرڻ وارن جون ڪيتريون ئي قطارون لڳيون پيون هيون. اسين بہ هڪ لائين ۾ لڳي بيٺاسين ۽ ٽڪيٽ خريد ڪيا. ٽڪيٽ تي اسان کي سير ڪرائڻ لاءِ مقرر ٿيل جهاز جو نمبر بہ لِکيو پيو هو. اسان کي انهيءَ نمبر واري جهاز ۾ چڙهڻ لاءِ اڌ ڪلاڪ کن انتظار ڪرڻو پيو ۽ جهاز ۾ چڙهڻ لاءِ وري بہ قطار ۾ بيهڻو پيو. جهاز ٽي ماڙ هو. منجهس اڍائي ٽي سؤ کن ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش هئي. جهاز جو ٽيون ماڙ صفا کُليل هو. تنهنڪري هر مسافر اوڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، پر اسين پهريائين فلور تي ويهي رهياسين. هن جهاز اندر هڪ عاليشان هوٽل بہ هئي. اسين جيئن تہ صبح جو ناشتو ڪري نڪتا هئاسين، تنهنڪري ٻہ ڀيرا فقط جوس پيتوسين. اڄوڪي ٽوئر دؤران انهيءَ جوس کان سواءِ ٻي ڪابہ شيءِ ڪانہ کاڌيسين. تنهنڪري سڀني کي اچي بُک لڳي، سو جهاز جي هن هوٽل ۾ پيٽ ڀري ماني کاڌيسين، تيستائين جهاز بہ ماڻهن سان ڀرجي ويو ۽ باسفورس سمنڊ جي نيري پاڻيءَ کي چِيريندو هلڻ لڳو. سمنڊ جي وچ تي ترندڙ هن جهاز مان اسان کي سمنڊ جي ٻنهي ڪِنارن تي موجود ٽڪرين تي اَڏيل استنبول شهر اڳ کان وڌيڪ وڻندڙ ۽ وڌيڪ شاندار ٿي لڳو. جڳهين سان گڏ شهر جي وڻڪار، ڪيبل ڪارن، چئين پُلين واري هن شهر کي ڄڻ تہ چار چنڊ هڻي ڇڏيا هئا. مٿي ٽڪرين تي اهو منظر تہ سمنڊ ۾ وري سَوين ٻيڙين ۽ انهن جي حفاظت لاءِ مقرر ڪيل سامونڊي پوليس جي لانچن بہ ڏاڍو سٺو چهچٽو لڳائي ڇڏيو هو. جهاز اسان کي سمنڊ ۾ گُهمائيندو گُهمائيندو وڃي سمنڊ جي ٻئي پاسي نڪتو. استنبول شهر جو اُلهندو ڀاڱو يورپ کنڊ ۽ اُڀرندو ڀاڱو ايشيا کنڊ ۾ آهي. انهيءَ جهاز ۾ گُهمندي اڌ ڪلاڪ اندر يورپ کان ايشيا پهچي وياسين. جهاز باسفورس جي اُڀرندي ڪناري تي پندرهن کن منٽ ترسي وري اڳيان هلڻ لڳو ۽ انهن پُلِن هيٺان لنگهيو جيڪي جيمس بانڊ زيرو زيرو سيون (James Bond-007) فلم ۾ ڏيکاريل آهي ۽ جتي فلم ۾ فائيٽ جا سِين فلمايل آهن، انهيءَ هنڌ ۽ پُل وٽ بہ اسان کي هن جهاز گُهمايو. اڳي استنبول شهر جي ٻنهي ڀاڱن کي ملائڻ لاءِ فقط هڪڙي پُل ٺاهي وئي هئي، پر هاڻ سمنڊ جي مٿان ٻي پُل بہ ٺاهي اٿن. انهن ٻنهي پُلين تي ماڻهن کي پيادو هلڻ جي اجازت ڪانهي. اهي ٻئي پُلون بنا پيلرن جي ٺهيل آهن، يعني انهن پُلين کي سمنڊ اندر ڪو پيلر يا اسپان ڏنل ڪونهي. جڏهن جهاز هن باسفورس سمنڊ جي وچ تي پهچي ٿو تہ، ماڻهو پاڻ کي دنيا جي ٻن کنڊن يعني يورپ ۽ ايشيا جي وچ ۾ ڏسيو، پنهنجي اندر ۾ هڪ عجيب خوشيءَ وارو احساس محسوس ڪري ٿو تہ مار! هينئر آئون دنيا جي ڪهڙي نہ عجيب ماڳَ تي موجود آهيان! جتان ماڻهو ٻنهي کنڊن کي هڪ ئي وقت ۾ پيو ڏِسي. هزارين سال اڳ تہ هتي پهچڻ لاءِ بادشاهن کي بہ ڪيتريون ئي جنگيون ڪرڻيون پونديون هيون، جن ۾ فتح حاصل ڪرڻ کان پوءِ ئي کين هتي پهچڻ جي سعادت نصيب ٿيندي هئي ۽ هن باسفورس سمنڊ هزارين سالن دؤران زماني جا ڪيترا نہ رنگ تبديل ٿيندي ڏٺا هوندا! پر خود هي سمنڊ پنهنجو اهو اڳوڻو هلڪو بلو رنگ برقرار رکيو اچي! باسفورس سمنڊ تي هينئر ري ٿنڀين ري ٿوڻيين پُلين کان سواءِ ٻہ ٻيون بہ پُليون ٺهيل آهن جتي سَوَن جي تعداد ۾ ماڻهو بيهندي ڪنڊين سان مڇيون پيا مارين. استنبول شهر جي يورپ واري پاسي سمنڊ جي ڪِناري تي سَوَن جي تعداد ۾ عاليشان هوٽلون اَڏيل آهن، جتي توهان کي هر وقت لذيذ مقامي توڙي مغربي کاڌن کان سواءِ استنبول جي مشهور ۽ لاجواب مڇي پَلامت (Palamut) بہ ملي سگهندي، جنهن جو بيحد لذيذ سواد، هر استنبول ايندڙ سياح کي ضرور حاصل ڪرڻ گهرجي. اسان تمام دير سان پنهنجي رهائش واري هوٽل تي پهتاسين، تنهنڪري اُتي ئي ماني کائي سُمهي رهياسين. ٻئي ڏينهن صبح سوير اُٿي تيار ٿي، هوٽل ۾ ناشتو ڪري استنبول شهر جي هڪ تمام قديم ۽ عظيم بازار جنهن کي هتي جا ماڻهو ڍڪيل بازار سڏيندا آهن ۽ ڪي ان کي گرانڊ مارڪيٽ بہ چوندا آهن، اها بازار گُهمڻ لاءِ ٽيڪسي ڪري روانا ٿياسين. اڄ اسان جو استنبول ۾ ٻيو ڏينهن هو. اهو گُمان غالب آهي تہ، موجود ڍڪيل بازار واري ماڳ تي شهر جي آڳاٽي دؤر ۾ بہ هڪڙي بازاري يا منڊي موجود هئي. انهيءَ دؤر ۾ انهيءَ وقت جي حاڪم رومي شهنشاھہ ڪانسٽينٽائين طرفان هن شهر جو نالو ڪانسٽينٽِينوپل (Constantinople) سَڏبو هو. جديد منڊين ۽ بازارين جي تعمير کان اڳ واري دؤر ۾ ڍڪيل بازار جي تعمير دنيا جي اوڀر طرف رهندڙ قومن جو رواج هو. ڍڪيل بازار نہ رڳو سُڪون ۽ سَولائي جو سبب هئي، پر اها چورن چڪارن جي ڦُرلٽ کان بہ بچيل رهندي هئي. استنبول شهر واري هيءَ ڍڪيل بازار، دنيا جي سڀني ڍڪيل بازارين کان وڏي ڍڪيل بازار آهي. سلطان محمد فاتح طرفان سن 1460ع ۾ اَڏايل ٻن زانو رکڻ لاءِ مضبوط جڳهين جي اڏاوت کان پوءِ هن بازار ۾ دڪانن جون ڪيئي نيون قطارون ٺهيون. انهن دڪانن جون ڇِتيون گُنبذن جون ٺهيل هيون، جن جي مٿان بادگر يا منگھہ ٺهيل هئا. سن 1896ع واري زلزلي کان پوءِ ۽ وري سن 1954ع واري لڳل باھہ کان پوءِ هن بازار ۾ ٿيل نقصان جي ازالي طور وري بہ گُهربل مرمت ڪرائي وئي. اڄڪلھہ هيءَ بازار خود هڪ شهر جي صورت اختيار ڪري ويئي آهي، جنهن ۾ هزارين عاليشان دڪان ٺهيل آهن، ان سان گڏ هن ڍڪيل بازار ۾ مختلف ڀيڻين تي هڪ شاندار مسجد، هڪ سٺو اسڪول، هڪ وڏي پوسٽ آفيس ۽ هڪ پوليس اسٽيشن پڻ قائم آهي. هيءَ بازار روزانو صبح جو اَٺين وڳي کان شام جو ستين وڳي تائين کُليل هوندي آهي ۽ آچر جي ڏينهن بند هوندي آهي. هيءَ ڍڪيل بازار رڳو سياحن ۽ سيلانين کي راحت رسائڻ لاءِ ڪانہ جوڙي وئي هئي، پر هن بازار ۾ هِيرن جواهرن کان وٺي مِٽيءَ کڻڻ واري سُپين تائين هر قسم ۽ قيمت جي وَٿَ وِڪري لاءِ موجود ملندي. تنهنڪري هن بازار ۾ ٿيندڙ واپار شهر جي وِکرَندڙِ رونق کي بحال ڪيو آهي. شايد انهيءَ مقصد جي حصول خاطر سلطان محمد فاتح پنهنجي نالي مسجد ۽ توپ ڪپي محل جي اڏاوت کان پهرين هيءَ ڍڪيل بازار جوڙائي هئي. هن بازار ۾ اٽڪل هر ڪنهن خريدار کي ترقي ڪيل واپار ۽ نفعي جو ڀَلِيءَ ڀَتِ احساس ٿئي ٿو. صراف يعني سون ۽ هِيرن جا واپاري، بازار جي وچ ۾ سمورين قيمتي وَٿن ساڻ حقيا ويٺا آهن. جڏهن تہ چمڙي ۽ ٻارن جي شين ۽ رانديڪن جا دڪان بازار جي پوئين ٻاهرين قطارن ۾ قائم آهن. آڳاٽي زماني ۾ بہ بازار جي گهٽين جا نالا اتي وِڪامجندڙ جنسن يا شين موافق پازيب گهٽي يا ترڪي ٽوپي گهٽي وغيرہ هئا.
جديد تُرڪي قوم جو معمار مصطفيٰ ڪمال ”اتاترڪ“ ترڪي ٽوپي ٺاهڻ بند ڪرائي ڇڏي. ڍڪيل بازار واري ترڪي ٽوپي گهٽيءَ ۾ اڄڪلھہ نيري رنگ جي زين ڪپڙي مان ٺهيل ڪپڙن جو واپار ٿئي ٿو. ڍڪيل بازار ۾ لڳل سائينِ بورڊن کي نئين سِر صاف ڪري سُٺا رنگ هڻي وڻندڙ نموني سان آراستہ ڪيو ويو آهي، جتي ايندڙ ڏيهي توڙي پرڏيهي ماڻهوءَ کي يقيناً لُطف حاصل ٿيندو. بازار جي وچ ۾ ٻن شاهي دڪانن ۾ ٽامي ۽ ٻين ڌاتن ۽ مصالحن جا ٺهيل عجيب نوادرات موجود آهن، اهي تمام وڏي تعداد ۾ آويزان آهن، تنهنڪري اهي ناظرين کي مشهور ڏند ڪٿا، چالهين چورن واري غار ۾ پيل خزاني وانگر جَهلڪندا نظر اچن ٿا.
استنبول شهر ۾ موجودہ واپاري مرڪزن جو سلسلو گولڊن هارن سامونڊي نار تائين پکڙيل آهي. هيءَ ڍڪيل بازار تہ انهيءَ سلسلي جي دنگ تي قائم آهي. هن بازار مان ڦُٽي ٻاهر نڪرندڙ گهٽين مان هڪڙي ڪتابن جي واپار واري ڪتابن واري گهٽيءَ ۾ ٺهيل ڦوهارو، جتي هينئر ٻلين جو وڏو تعداد موجود آهي، شهر جي اوائلي دؤر جو يادگار آهي. انهيءَ وقت شهر جو نالو بائزنٽيئم هو. ڍڪيل بازار جي اُتر طرف، پُراڻين هوٽلن جي قطار آهي، جتي هاڻي هوٽل وارو ڌنڌو ڪونهي، البت ريڙهن وارا مزدور ۽ پُراڻي مشينريءَ جا دڪان چالو آهن. هتي چانھہ جا هوٽل بہ آهن، جتي مزدور طبقو اچيو ٿَڪ ڀڃي. هن بازار يعني Covered Bazzar ۾ منا نہ صرف پنهنجي لاءِ پر اسان سڀني لاءِ ڪجهہ نہ ڪجهہ خريد ڪندي ڪافي شاپنگ ڪئي. انهيءَ شاپنگ وارا ٿيلها مِنا وٽ گهٽ پر محبوب وٽ گهڻا نظر آيا. سامان جا اهڙا ٿيلها، بازار مان نڪرندڙ هر ماڻهوءَ جي هٿ ۾ هئا. هن بازار ۾ اڄ ترڪ باشندو ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ هو، باقي گهڻو ڪري سڀ حاضر ماڻهو مختلف ملڪن کان آيل سياح نظر ٿي آيا. مون مِنا کي چيو تہ هاڻ واپس هوٽل تي هلون، ڇو تہ هي هيترو سارو سامان ڪيستائين پيا ڦيرائينداسين، تہ پاڻ چيائين تہ ماني کائي پوءِ مصر بازار هلبو. هي سامان کڻڻ وارو تنهنجو مسئلو نہ پر اسان جو مسئلو آهي، تنهنڪري انهيءَ بابت توهان بلڪل بي فڪر رهو. سو اسان ڍڪيل بازار جي ڀرسان ئي هڪڙي هوٽل ۾ ماني کاڌي. سڄي دنيا ۾ سُونهن ماڻڻ ۽ ماني کائڻ جو مزو جيڪو توهان کي ترڪيءَ ۾ ملندو، اهڙو لُطف توهان کي شايد ئي دنيا جي ڪنهن ٻئي هنڌ نصيب ٿئي! سڄي دنيا ۾ عورت جي حُسنَ جو عروج يا ڪمال ترڪيءَ ۾ ئي انتها تي پهچي ٿو. سندن ڪا هڪڙي خوبي هجي تہ بيان ڪجي! رب پاڪ ترڪ خواتين کي سَوين خوبين سان نوازيو آهي. سندن جسم ۾ عجيب ۽ نرالي لچڪ ۽ لوڏ آهي تہ هلڻ ۾ خاص وقار؛ سندن اکين ۾ سحر انگيز ڪشش ۽ سندن هر قدم ۾ ناز وارو عجيب انداز نهايت موهيندڙ آهي. ترڪ خواتين مون کي تہ سراپا حورون ۽ پريون ٿي لڳيون! سندن سُونهن بيشڪ هزارين سالن کان پوري دنيا ۾ مشهور آهي. ترڪيءَ جا کاڌا ۽ ميوا بہ ترڪ خواتين جي سُونهن وانگر تازا، لذيذ خوشبودار ۽ ڏاڍا وڻندڙ ٿين. ترڪيءَ جي هوٽلن جي اڳيان ڪو هندستاني يا پاڪستاني لنگهيو تہ هوٽلن جا ملازم کيس شاھہ رُخ خان يا سلمان خان جي نالي سان مخاطب ٿيندا يا کيس انڊين يا پاڪستاني ڪري سڏيندا. پوءِ جيڪڏهن توهان چيو تہ ها، آئون پاڪستاني آهيان تہ ڏاڍا خوش ٿيندا ۽ يڪدم چوندا ”پاڪستان ترڪي بوٿ فرينڊس“. پوءِ جيڪڏهن توهان سندن هوٽل ۾ ويا تہ توهان کي رسپيشن وارن وٽ رسائي ڪرسيءَ تي ويهاري پاڻ واپس ٻاهر نڪري ٻين گراهڪن لاءِ بيٺا هوڪا ڏيندا. مون کي ترڪيءَ ۾ مسور جي دال جو ٺهيل سُپ ڏاڍو وڻندو هو، ڏاڍي لاجواب ٽيسٽ هوندي هُيَس. منا ۽ محبوب کي وري هنن جو پڪل ڪڪڙ ۽ ڪباب ڏاڍا وڻندا هئا. ترڪيءَ جي سِڪي جو نالو ”ليرا“ آهي، جيڪو هڪ انگريزي سِڪو ”پائونڊ“ مٽائڻ سان لکن جي تعداد ۾ ملي ۽ ماڻهو هڪ پل ۾ لکاپتي ٿيو وڃي ۽ خرچ ڪرڻ مهل بہ ماڻهو ترت ئي لکن جي تعداد ۾ ليرا ڏئي ڪنگال ٿيو وڃي. اسين بہ ماني کائي هوٽل وارن کي هزارين ليرا ڏئي هڪ ئي پَل ۾ ڪنگال ٿي وياسين. ترڪيءَ ۾ ترڪ کاڌن۽ ميون کان وڌيڪ مشهور ترڪيءَ جون مٺايون آهن، جن کي ترڪَ ماڻهو ”بڪلاوا“ چون، اهي مٺايون ايتريون تہ لذيذ آهن جو هر سياح اُهي ضرور کائي ۽ ترڪيءَ مان واپس وڃڻ مهل پنهنجي فيمليءَ ۽ يارن دوستن لاءِ تحفي طور خريد ڪري کڻيو وڃي. چون ٿا تہ هي مٺايون کنڊ سان نہ پر ماکيءَ سان ٺاهيندا آهن، تنهنڪري اهي عام مٺائيءَ کان وڌيڪ لذيذ ٿين ٿيون. آئون Diabetic آهيان، تنهنڪري کاڌي پيتي ۾ مجبوراً پرهيز ڪندو آهيان. پر بُڪلاوا مٺائيءَ مون کي بہ پرهيز ٽوڙڻ تي مجبور ڪري وڌو. اسان ماني کائڻ کان پوءِ استنبول شهر جي هڪڙي ٻي بہ قديم ۽ مشهور بازار، جنهن جو نالو اسپائيس مارڪيٽ يا مصالح بازار آهي، اها گُهمڻ لاءِ روانا ٿياسين.
مصالحا بازار پهچڻ کان اڳ آئون توهان کي ڪجهہ استنبول جي باري ۾ ٻُڌائيندو هلان. دنيا جي تاريخ موجب رومي سلطنت جي شهنشاھہ ڪانسٽينٽائين هي شهر فتح ڪرڻ کان پوءِ شهر جي نئين سر تعمير جا بنياد شعوري طور هڪ ٻيو روم شهر بنائڻ خاطر جوڙايا. تنهنڪري سڀ کان پهرين شهر جو اصلو نالو ”بائزنٽيئم“ رد ڪري شهر تي شهنشاھہ سندس نالي مان ٺهندڙ نئون نالو ڪانسٽَينِٽِينوپِل رکيو، قديم روم وانگر هن شهر ۾ بہ ٻين شهرن ۽ ماڳن ڏانهن ويندڙ رستن جي ماپ وارو پٿر هتي بہ سُنهري رنگ وارو نصب ڪيو ويو. انتظام جي سلسلي ۾ بہ اصل روم شهر وانگر هن شهر کي بہ چوڏهن وارڊن ۾ ورهايو ويو. هتي هڪ سينٽ هائوس ۽ فورم پڻ قائم ڪيو ويو ۽ وڏي ڳالھہ اِها تہ شهنشاهي شان مستحڪم ۽ برقرار رکڻ خاطر شهنشاھہ ڪانسٽينٽائين هي شهر ستن ٽڪرين تي اَڏيل هئڻ جو اعلان ڪيو، ڇو تہ روم شهر بہ ستن ٽڪرين تي اَڏيل هو. حقيقت موجب استنبول شهر سان وابستہ ڪن ٽڪرين کي ڳولهي لهڻ ۾ تصور کان ڪافي ڪم وٺڻو پوندو، ڇو تہ انهن مان فقط ٽن ٽڪرين، جهڙوڪ: پهرين ٽڪري، ٽئين ٽڪري ۽ پنجين ٽڪريءَ جي ڪجهہ اوچائي محسوس ٿئي ٿي، باقي ٻيون چار مڙئي نالي ۾ ٽڪريون آهن. پهرين اها ٽڪري آهي جنهن تي توپ ڪپي محل ۽ آيا صوفيہ چرچ اَڏيل آهن؛ ٻي ٽڪري شهر جي اُتر واري ڀاڱي ۾ آتش زده علائقي تي مشتمل آهي؛ ٽيون نمبر ٽڪريءَ تي مسجد سليمانيہ تعمير ٿيل آهي. چوٿون نمبر ٽڪريءَ تي سلطان محمد فاتح جي اڏايل مسجد موجود آهي؛ پنجون نمبر ٽڪري گولڊن هارن نار سان سلهاڙيل آهي؛ ڇھہ نمبر ٽڪريءَ تي توپ ڪپي گيٽ اَڏيل آهي ۽ ست نمبر ٽڪري استنبول شهر جي ڏکڻ اولھہ ڪنڊ تي واقع آهي. قديم استنبول يعني شهر جي پُراڻي ڀاڱي ۾ سلطان احمد اسڪوائر واري علائقي ۾ تعمير ٿيل هڪ عاليشان پويلين ۾ سياحن کي گُهربل معلومات واسطي هڪ مرڪز قائم ڪيو ويو آهي. هن علائقي ۾ جرمني ملڪ جي حاڪم قيصر ثانيءَ جي نالي ٺهيل ڦوهارو، سلطان عبدالحميد جي وڏي ڀاءُ طرفان ڏنل تحفي طور تعمير ڪرايو ويو هو، جيڪو جرمني جي شهر برلن ۾ ترڪيءَ جو سفير مقرر ٿيل هو. جرمني انهيءَ عرصي دؤران ترڪيءَ جو سڀ کان وڏو اتحادي ملڪ هو. جديد تعمير لاءِ گُهربل ايراضيءَ ڪارڻ هتي اڳ ئي موجود ڪافي عمارتون ڊاهي پَٽ ميدان ڪيو ويو، پر آيا صوفيا باٿس ۽ ڏاکڻي پاسي واريون ڪجهہ ننڍيون عمارتون بچي ويون. بازنطيني دؤر حڪومت ۾ هن علائقي ۾ آگسٽِيئَن (Augusteion) نالي هڪڙو زبردست واپاري مرڪز قائم هو. آيا صوفيہ چرچ وارين عمارتن جي بلڪل کاٻي پاسي وٽان شهر جي مُکيہ گهٽي برانز گيٽ ۾ داخل ٿئي ٿي. چرچ جي سامهون هڪ ڊگهي ٿنڀي تي رومي شهنشاھہ جَسٽِينِيئَن (Emperor Justinion) جو سنهري رنگ وارو مجسمو نصب ٿيل آهي. انهيءَ مجسمي واري ٿنڀي جي ويجهو ئي سوني رنگ وارو ميل پٿر کُتل آهي، جتان سلطنت ۾ پکڙيل سمورا رستا ماپيل هئا. سلطان احمد اسڪوائر جي اُلهندي طرف باٿس آف زيوڪسيپوز نالي عاليشان حمام ٺهيل آهن. ڪجهہ اڳتي سينٽ اسٽيفن واري چرچ جي ٽاورن جي پويان گهوڙن جي ڊوڙ وارو ميدان ڏسڻ ۾ ايندو. سلطان احمد اسڪوائر جي ڏاکڻي پاسي جي سامهون سينيٽ هائوس نالي هڪ عاليشا عمارت ٺهيل آهي. سلطان احمد اسڪوائر ۾ چرچ ۾ ٿيندڙ مذهبي ڏهاڙن دؤران وقت جا شهنشاھہ پڻ ڏسڻ ۾ ايندا هئا. سن 1204ع ۾ صليبي جنگيون ڪندڙ عيسائي مذهبي انتهاپسندن فوجن طرفان هن علائقي ۾ تمام گهڻي ڦُرلٽ ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ سونا زيور ۽ اڻ گهڙيل سچو سون وڏي مقدار ۾ ڦريو ويو هو، تنهنڪري هي علائقو برباد ٿي ويو. شهنشاهه، بِليچونائي محل ۾ جيڪو شهر جي مضافات ۾ تعمير ٿيل هو، انهيءَ ۾ رهڻ لڳو. سن 1261ع ۾ بحال ٿيندڙ سلطنت وٽ دولت بلڪل مختصر وڃي بچي، ڇو تہ آمدنيءَ جا وسيلا گهٽجي ويا، تنهنڪري سرڪاري خرچ جي پورت بہ مَس مَس پئي ٿي. چوڏهين عيسويءَ صديءَ ۾ هي آيل هڪ سيلانيءَ لکيو تہ شهر جو عظيم چرچ تباھہ حال ۽ خالي ٿيو پيو هو ۽ انهيءَ جا دروازا ڀڳل ۽ پَٽ ۾ پيا هئا.
هاڻي وري گُهمون ٿا مصالح بازار! چون ٿا تہ هيءَ بازار سلطان والدہ مسجد کي وقف ڪيل دڪانن ۽ ٻين عمارتن تي مشتمل آهي، مصالحا بازار جي مسواڙ اڃا تائين سلطان والدہ مسجد جي خرچ ۾ ڪم اچي ٿي. مقامي ماڻهن جي وڏي گهڻائي مصالحا بازار کي مصر جي بازار ڪوٺي ٿي، ڇو تہ هن بازار ۾ وِڪرو ٿيندڙ تقريباً سموريون شيون، ٻُوٽيون ۽ مصالحا نيل نديءَ جي واديءَ مان چونڊي آندا وڃن ٿا. اڄڪلھہ هيءَ بازار انگريزي الف- ب جي حرف ايل (L) جي شڪل موافق شاهي هال جي صورت ۾ شاهي ڍڪيل بازار جي حصي طور موجود آهي. هن مصالحا بازار ۾ زيورن ۽ هيرن کان وٺي ڏٻن کولڻ وارين بجليءَ جي چاٻين تائين شيون وِڪري لاءِ موجود آهن. تنهن کان سواءِ ڳوٿرين، برنين ۽ شيشي جي نلين ۾ رکيل سَوين قسمن جون عجيب ۽ نراليون شيون ڏِسندي لُطف پيو اچي. سمورين يورپي قومن وانگر تُرڪ پڻ مصالحن کي فقط کاڌي ۾ استعمال ٿيندڙ شيون ڪري ڪونہ ڀائيندا هئا، پر اُهي هر ٻوٽيءَ کي دوا يعني ڦَڪِي ٻُڪِي، رنگ ٺاهڻ واري دوا، شين کي سُڪائي، سَنڌي صحيح صورت ۾ برقرار رکڻ واري دوا، سِينگار ۽ سُرهاڻ طور ڪتب ايندڙ دوا ۽ نهايت ڪمائتي جڙي ٻُوٽي ڪري سمجهندا ۽ ڪتب آڻيندا هئا. سلطان والدہ مسجد ۽ مصالحا بازار جي وچ ۾ قائم بازار جتي مختلف فصلن جا ٻج ۽ باغبانيءَ ۾ ڪم ايندڙ اواز وِڪجن ٿا، انهيءَ بازار ۾ شهر جي درخواست نويسن جو بہ وڏو تعداد موجود آهي، جيڪي سرڪاري ڪمن لاءِ حاجتمند ماڻهن کي گُهربل فارم ڀري ڏيندا آهن ۽ ڪن کي ٽائيپ رائيٽر تي درخواستون لِکي ڏيندا آهن. اسان مصر بازار يا مصالحا بازار مان سواءِ ڪنهن بہ خريداريءَ ڪرڻ جي گُهمي ڦري ٽيڪسي ڪري شهر جا چڪر لڳائيندا اچي پنهنجي رهائش واري هوٽل تي پهتاسين. جت مون ۽ محبوب آرام ڪيو. منا پنهنجي گرانڊ بازار ۾ ڪيل شاپنگ واري سامان کي پيڪ ڪرڻ ۾ لڳي وئي. هوٽل ۾ اسان جا ٻہ ڪمرا هئا، جن کي وچان بہ دروازو هو، جيڪو ضرورت موجب بند ڪري يا کولي ڇڏبو هو. اسان جڏهن گُهمي ڦري اچي هوٽل تي آرامي ٿيندا هئاسين تہ، محبوب اسان کي ڪمري تي ڇڏي ۽ ڪڏهن ٻاهران ئي موڪلائي واپس اڪيلي سِر گُهمڻ هليو ويندو هو ۽ پوئينءَ رات واپس ايندو هو. ڪڏهن تہ صفا صاف صبح جو موٽندو هو. منا سامان پيڪ ڪري ورتو ۽ اسان بہ ڪجهہ آرام ڪيو. پوءِ رات جي مانيءَ لاءِ پنڌ ئي پنڌ شهر ۾ نِڪري پياسين. اسان جي هوٽل جنهن علائقي ۾ هئي، شهر جون گهڻيون مشهور جڳهيون ۽ وڏي تعداد ۾ رهائش ۽ کاڌي پيتي جون وڏيون توڙي ننڍيون هوٽلون بہ تنهن ئي علائقي ۾ هيون. تنهنڪري هن علائقي ۾ سڄي رات چهچٽو لڳو پيو هوندو آهي ۽ هڪ هنڌان کان ڪنهن ٻئي هنڌ وڃڻ لاءِ ڪڏهن بہ ٽيڪسي ڪانہ ڪرڻي پوندي هئي. هوٽل کان ٿورو ئي اڳتي چڙهائي تي بلو مسجد، آيا صوفيہ ميوزم، توپ ڪپي محل ۽ ان جي اندر حرم ۽ انهن مختلف عمارتن جي وچ ۾ وڏو عاليشان باغيچو، ان سان گڏوگڏ رستو، تہ ان کان سواءِ هن رستي تي ٽرام بہ هلي ٿي. هت کاڌي جون بہ جام هوٽلون آهن جتي هر وقت تازو ۽ مزيدار کاڌو حقيو ملي. اسان بہ انهن سڀني جڳهين کي پار ڪندا، ويهارو کن منٽن ۾ اچي انهن هوٽلن وٽ پهتاسين تہ، اهي ئي روايتي ڀليڪار وارا ٻول ٻُڌاسين تہ هلو شاھہ رُخ خان، سلمان خان، انڊين پاڪستاني. اسان پاڪستاني چيو تہ يڪدم جواب مليو تہ، پاڪستان ترڪي بوٿ فرينڊس، ويلڪم ويلڪم! اها ڀليڪار ٻُڌي هوٽل ۾ داخل ٿي، ويهي مانيءَ جو آرڊر ڏنو تہ پنجن منٽن اندر مزيدار ماني آڻي ڏنائون. ماني کائي نڪرڻ جي ڪئي سين، پر اوچتو گجگوڙ سان زبردست برسات شروع ٿي وئي تہ مجبوراً برسات بند ٿيڻ جي انتظار ۾ هوٽل ۾ ويٺا رهياسين ۽ ايندڙ ويندڙ گراهڪن کي ڏِسندا رهياسين. هڪ نہ پر ڪيئي ٻوليون ڳالهائيندڙ گراهڪ نظر آيا، جن ۾ آرمينِيئَن، يوناني، ايراني، ترڪ، پولش، عرب، اناطوليئن، بلغاري، اطالوي، برطانوي، فرانسيسي ۽ قفقازين سميت ڪيئي ملڪن ۽ قومن جا ماڻهو هئا. انهن سڀني ماڻهن جا استنبول شهر ۾ پنهنجا پنهنجا محلا، ٽائون ۽ علائقا مخصوص آهن، جن ۾ هو آباد آهن. مثلاً: آرميني ماڻهن جي رهائش علائقي کي هت ڪُم ڪپي (Kum Kapi) چون. اهڙيءَ طرح Bayoglu علائقي ۾ رومي ماڻهو پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت کي اڄ بہ قائم رکيو اچن، تيئن شهر ۾ رهندڙ ٻين غير ترڪ قومن جا ماڻهو پنهنجن مخصوص علائقن ۾ پنهنجي پنهنجي تهذيب ۽ تمدن کي قائم رکيو اچن. برسات ختم ٿي تہ اسان بہ واپس رهائش واري هوٽل ڏانهن هلڻ واري ڪئي ۽ سڄو ڏينهن هل هلان ڪرڻ سبب گهڻو ٿَڪل هئاسين، سو ڪمري ۾ بستري تي صرف ليٽڻ جي دير هئي، تنهنڪري ڪمري تي پهچي تُرت سُمهي رهياسين. صبح سوير اُٿي تيار ٿي ناشتو ڪري استنبول شهر جي مشهور بازار استقلال گُهمڻ لاءِ روانا ٿياسين. هن بازار کي شاهي رستي تي قائم هئڻ ڪري ۽ منجهس گهڻي ۽ سُهڻي وڻڪار ڪري وڻراھہ بہ سڏيندا آهن. آءٌ سمجهان ٿو تہ استقلال استنبول جي سُٺي ۾ سُٺي بازار آهي. اچو تہ توهان کي بہ هن بازار بابت ڄاڻ ۽ پوءِ اسان سان گڏوگڏ سير بہ ڪرايون.
ڪنهن دؤر ۾ هن وڻراھہ تي قائم عظيم بازار واري هن علائقي کي Grand Rue de Pera نالي سان سڏبو هو، جتي مختلف ملڪن جا ايلچي ۽ سفير استنبول شهر جي گڙنگ سيٺين ۽ اميرن سان ياراڻا تعلقات استوار ڪرڻ جي شغل کي پنهنجو صوابديدي عمل ڪري ڀائيندا هئا. اوڻيهين عيسوي صديءَ دؤران مذڪور وڻراھہ يورپي طرز تعمير تي مشتمل عاليشان گهرن وارين گهڻ ماڙ شاهي عمارتن ۽ زبردست تجارتي مرڪزن سان گهيرجي وئي. اڄڪلھہ انهن عمارتن مان گهڻائي انهن عمارتن جي آهي، جن جا پهرئين ۽ ٻي ماڙ کان مٿان طبق خالي ٿيا پيا آهن. پر ان جي باوجود بہ هيءُ علائقو اڄ بہ استنبول شهر جي وڻج واپار ۽ وندر ۽ ورونهن جو مُکيہ مرڪز آهي. شايد اها حقيقت سادي ۽ بي ضرر هجي، پر هيءَ بہ هڪ حقيقت آهي تہ ساڀيان کان رهجي ويل خوابن واري هن وڻراھہ جي سڄي شهر جي ڀيٽ ۾ حيثيت نرالي ۽ واپار ۽ وندر ورونهن جي نسبت ڪيفيت جمالي آهي. هن علائقي جي خصوصيتن ۾ هڪڙي هن علائقي ۾ تعمير ٿيل عمارتن جي طرز تعمير واري خوبصورتي بہ نرالي آهي، جنهن ۾ انهن عمارتن جا بير يعني پالٽو لوھہ مان ٺهيل جهنگلا نهايت سُهڻين ولين جي ڊزائينن تي مشتمل مختلف رنگن جي گُلن سان ڇانيا پيا آهن. هن علائقي ۾ تعمير ٿيل مختلف ملڪن جي سفارتخانن واريون عمارتون پنهنجي طرز تعمير ۾ هڪٻئي کان وڌيڪ خوبصورت، نراليون ۽ ڏاڍيون وڻندڙ آهن. ڪيترن ئي سفارتخانن جي چوديواريءَ يا ڪوٽ اندر تمام سُهڻي طرز تعمير حامل گهر ٺهيل آهن. استقلال شاهراھہ کان تقسيم اسڪوائر تائين شهر جي هن عظيم بازار واري علائقي ۾ هر ڏهن منٽن ۾ ٽرامون يعني وڏن شهرن اندر وڏن رستن تي هلندڙ ننڍيون ريل گاڏيون هلن پيون.اهڙيون ٽرامون ڪراچي شهر ۾ بہ هلنديون هيون. جيڪي سن 1885ع ۾ چالو ٿيون. ڪراچي شهر ۾ ٽرام شروعات ۾ ڪوئلي تي هلندي هئي، پر گهڻي دُونهن ڪڍڻ سبب ٽرام مان ڪوئلي تي هلندڙ انجڻ ڪڍي ان جي بدران ٽرام ۾ ٻہ گهوڙا جوٽيا ويا، جيڪي ان کي ڇِڪيندا هئا. اهي گهوڙا هر ٻن ڪلاڪن کان پوءِ تبديل ڪيا ويندا هئا. گهوڙن کي گهڻي اُسَ کان بچائڻ لاءِ مٿانئن سولو هيٽ هڻي کين ڇانءَ ڪري ڏني ويندي هئي. پوءِ وري گهوڙن کي ڇڏي ٽرام ڊيزل مشين تي هلائي وئي. ٽرام سولجر بازار کان ڪياماڙيءَ تائين هلندي هئي. اهو پنجن ميلن جو مفاصلو هو، تنهن جو ڀاڙو فقط هڪ آنو هوندو هو. مون بہ ان ۾ سفر ڪيو هو. آئون سمجهان ٿو تہ ڪراچيءَ ۾ ٽرام ستر واري ڏهاڪي ڌاري بند ٿي وئي. هتي يعني استنبول شهر جي شاهراھہ استقلال ۾ ٽرام ۾ سفر ڪرڻ بدران پيادل گُهمڻ ۾ وڌيڪ لُطف آهي. البت ٽرامن جي حادثن کان بچڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪجي. ٽيونل واري ڦاٽڪ وٽان استقلال شاهراھہ تي هلڻ شروع ڪبو تہ تُرت ئي ساڄي هٿ تي سُئيڊَن ملڪ جو سفارتخانو يا قونصليٽ موجود آهي. اها بہ سؤ سال پُراڻي عمارت اڄ بہ پنهنجي شانُ ۽ شوڪت سان موجود آهي. انهيءَ سفارتخاني کان ٿورو پريان روس جو سفارتخانو ٺهيل آهي. هن عمارت جو نقشو روسي بادشاھہ وٽ ڪم ڪندڙ اٽلي جي معمارن (Fossati Brothers) فوساٽي برادرس تيار ڪيو هو. هيءَ عمارت سن 1837ع ۾ جُڙي راس ٿي. منجهس ڀِتين ۽ ڇِتين کي ملائيندڙ اندرين ڪانس تي اُڪر جو عاليشان ڪم ٿيل آهي. جنهن کي واڱڻائي رنگ ڏئي نهايت جاذب نظر ۽ پُرڪشش بنايو ويو آهي. عمارت جا سمورا ڪالم نيو گريسيئن (Neo-Grecian) طرز تعمير تي مبني آهن. اڃا اڳتي هلڻ سان هن شاهراھہ تي ڊَچ قونصليٽ جي سڄي کير جهڙي سفيد، نهايت سهڻي ۽ ڏاڍي وڻندڙ عمارت ڏسڻ ۾ ايندي. اها عمارت بہ روسي سفارتخاني واري عمارت ٺاهيندڙ ڪاريگرن فوساٿي برادران جوڙي هئي. شاهراھہ سان لڳندڙ تمام گهڻيون عمارتون جيڪي سفارتخانن جي عمارتن کان ڌار آهن، اهي محرابي يا ونگن واريون آهن، جن وٽان هن شاهراھہ استقلال مان ڪيئي محرابي گهٽيون ڦُٽي نڪرن ٿيون. انهن گهٽين کي ترڪي ٻوليءَ ۾ پساجي (Pasaji) چئبو آهي. مثلاً: Avrupa Pasaji ۽ Cicek Pasaji. سسيڪ پساجي کي انگريزي ٻوليءَ ۾ Flower Arcade. يعني گُلن واري محرابي گهٽي چوندا آهن. اها گهٽي شهر جي مشهور پساجي آهي، جنهن ۾ ڪافي تعداد ۾ ڪيفي يعني ننڍيون هوٽلون ٺهيل آهن. اتي هر وقت رش لڳي پئي آهي. اسان بہ اهڙيءَ ئي هڪ ننڍي ڪيفي ۾ ويهي برگر کاڌا ۽ چانھہ پيتي. ڪيفي ننڍي هئي، پر ڏاڍي ويل ڊيڪوريٽيڊ هئي. هتي هيڏيءَ رش ۾ چانھہ پي ڪجهہ دير ويهي ڪيفي ۾ آرام ڪرڻ جو تہ ڪوبہ ماڻهو سوچي بہ نٿو سگهي، سو اسين بہ چانھہ پي هوٽل مان تُرت نڪتاسين. ڪيفي جي ٻاهران هڪڙي اخبار واري جي ڪيبن هئي، جتان مون هڪڙي انگريزي اخبار خريد ڪئي. گُلن واري محرابي گهٽيءَ سان لڳ عمارت بہ اصل ۾ استقلال شاهراھہ سان وابستہ آهي. انهيءَ عمارت ۾ سڀ کان وڌيڪ سَستي ۽ بهترين وندر ۽ ورونهن جو مناسب بندوبست ٿيل آهي. انهيءَ عمارت جي ٻاهرين ڪاسُ تي انگريزي وڏن اکرن ۾ CITY OF PERA لِکيل آهي. گُلن واري محرابي گهٽيءَ جي ٻئي طرف ۽ سٽي آف پيرا بلڊنگ جي سامهون گلاٽا سراءِ ليسِيسِي (Galate Saray Lesisi) نالي عاليشان اسڪول آهي. گُلن واري محرابي بازار جي پويان استنبول شهر جي زبردست مڇي مارڪيٽ آهي، جيڪا خود ڪيترين ئي ننڍين گهٽين تي مشتمل آهي. شاهراھہ استقلال جي هيٺئين ڇيڙي جي ويجهو کاٻي هٿ تي مسجد آغا تعمير ٿيل آهي. اها سلطان محمد ثانيءَ جي دؤر حڪومت ۾ جوڙي وئي هئي. مسجد کان ٿورو پرتي هيٺئن پاسي فرينچ قونصليٽ جي پُروقار عمارت اَڏيل آهي. انهيءَ عمارت جي سامهون يعني مخالف طرف نِڪرندڙ هڪڙي گهٽي توهان کي هڪڙي يوناني چرچ وٽ پهچائيندي، جنهن جو نالو Aya Triada آهي، يعني پاڪ مثلث وارو گرجا. هي گرجا جديد گوٿڪ طرز تعمير موجب، سٺي نموني سان پوکيل باغيچي ۾ اَڏيل آهي. سڄي استقلال بازار جي مٿان تمام گهڻي تعداد ۾ سرچ لائيٽون لڳل آهن، جن هن بازار جي سُونهن کي چار چنڊ نہ پر چوراسي چنڊ هڻي ڇڏيا آهن. محبوب هڪ ڀيرو اڳي بہ هن بازار مان رات جو چڪر لڳائي آيو هو، تنهن ٻُڌايو تہ هت رات جو تمام گهڻي رش هوندي آهي ۽ بازار مٿان گهڻيون وڏيون لائيٽون لڳل هئڻ ڪري هتي رات جو بہ ڏينهن لڳو پيو هوندو آهي، پر اسين هتي ڏينهن جو گُهمڻ آيا هئاسين، تنهنڪري روشنيءَ جو اهو جلوو ۽ جمال ڪونہ ڏٺوسين. منا هتان ترڪيءَ جا ليڊيز ڪپڙا ۽ ڪجهہ اسڪارف خريد ڪيا، باقي آئون ۽ محبوب ونڊو شاپنگ ڪندا رهياسين. محبوب ٻُڌايو تہ رات جي وقت هي بازار لنڊن جي آڪسفورڊ اسٽريٽ ۽ پيرس جي شانزلي زي کان بہ وڌيڪ سُهڻي ٿي لڳي. انهيءَ وقت هتي ايڏي تہ رش هوندي آهي جو هلڻ ۾ بہ تڪليف پئي محسوس ٿيندي آهي. ترڪيءَ گذريل ڏهن سالن ۾ ايڏي تہ ترقي ڪئي آهي، جو هي ملڪ هاڻ دنيا جي ٻيو نمبر Growing Economy يعني ترقي ڪندڙ معيشت وارو ملڪ ٿي پيو آهي گروئنگ ايڪانامي وارن ملڪن ۾ پهريون نمبر چائنا، ٻيو نمبر ترڪي، ٽيون نمبر برازيل آهي. چون ٿا تہ چوٿين نمبر تي هندستان آهي، پر تازو ئي بي. بي. سي تان انڊيا جي هڪ وڏي ڏاهي مائي ارونا ڌتي راءِ جو انٽرويو ٻُڌم. هن ٻُڌايو تہ انڊيا ۾ صرف چند سرمائيدارن ترقي ڪئي آهي، باقي انڊيا جون پنج رياستون جن ۾ بهار ۽ جارکنڊ بہ شامل آهن، اتي آفريڪا جي غريب ملڪن کان بہ وڌيڪ غربت آهي. انڊيا جي اَسي ڪروڙ ماڻهن جي روزانہ آمدني آمريڪا جي هڪ ڊالر کان بہ گهٽ آهي. استنبول جي استقلال شاهراھہ جو اهڙو شانُ ڏسي مون کي اصغر خان واري تحريڪ استقلال ياد اچي وئي. پاڪستان جي سياست ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کان پوءِ ڪنهن سياستدان جو گهڻي ۾ گهڻو پورهيو آهي تہ، اهو اصغر خان جو آهي. جيتوڻيڪ ڀٽي جي شهادت کان پوءِ شهيد محترمه بينظير تي بہ ڏُکن جا پهاڙ ڪِري پيا، پر وري بہ کيس انهن ڏُکن جو اجورو مليو، جو پاڻ پاڪستان جي ٻہ ڀيرا وزيراعظم ٿي ۽ سندس شهادت کان پوءِ سندس وَرَ آصف علي زرداريءَ کي بہ انهيءَ ناتي ملڪ جو وڏي ۾ وڏو عهدو ڪُرسي صدارت نصيب ٿي، جيتوڻيڪ منجهس شهيد ڀٽي ۽ شهيد بينظير ڀٽي واري جرئت ۽ همٿ ڪانهي ۽ پاڻ حڪومت بہ Sharing is Caring جي اصول موجب هلائي رهيو آهي. ٻئي طرف هيءَ بہ حقيقت آهي تہ جيڪڏهن بينظير جي شهادت واري وقت دؤران پيپلز پارٽيءَ ۾ آصف علي زرداري نہ هجي ها تہ جهڙيءَ طرح ورديءَ وارن سڀني ڀٽن کي ماري ڇڏيو، اهڙي نموني اُهي پيپلز پارٽي ختم ڪري يا ڌاڙابنديءَ جو شڪار ۽ منتشر ڪري ڇڏين ها. سو عرض پئي ڪيم تہ شهيد ڀٽي سان گڏوگڏ اصغر خان بہ سياست جي شروعات ڪئي ۽ انهيءَ دؤر ۾ جڏهن فوجي آمر ايوب خان شهيد ڀٽي کي جيل ۾ بند ڪيو تہ، انهيءَ خال کي ڀرڻ لاءِ اصغر خان ڀٽي جي سياسي اسٽيج تي عدم موجودگيءَ کي محسوس ڪرڻ ڪونہ ڏنو. اسين انهيءَ وقت قومپرست سياست جي سرگرمين ۾ مشغول هئاسين. پر وقت ملڻ تي اصغر خان جي جلسن ۾ بہ شريڪ ٿيندا هئاسين. سندس سياسي سرگرميون اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿينديون رهنديون هيون ۽ هو پڻ ايوب، ڀٽي ۽ ضياء جي ادوار حڪومت دؤران ڪيترا سال جيلن ۾ نظربند رهيو. هن پنهنجي ڪتاب ”ميرا سياسي سفر“ ۾ لِکيو تہ سندس پُٽ عمر اصغر بہ آخر کيس ڇڏي، پهرين وڃي ”سنگي“ نالي هڪ اين. جي. او هلائي، پوءِ جڏهن جنرل مشرف حڪومت تي بي نالي مارشل لا مڙهي قبضو ڪيو تہ ان جي ڪئبينيٽ ميمبر طور وفاقي وزير ٿيو ۽ ٿوري ئي وقت اندر پاڻ خودڪشي ڪري ڇڏي. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي تہ ”لڳي تہ لک ڪري، ٽُٽي تہ ٽَڪو بہ نہ ڪري!“ سو جڏهن اصغر خان جي پارٽي ختم ٿي تہ سندس پُٽ بہ سندس پارٽيءَ کي ڇڏي ويو! اصغر خان هاڻ ڪڏهن چوڏهن آگسٽ يا ڪنهن ٻئي قومي ڏينهن تي خوشامدي ڪامورن يا سياستدانن وانگر اخبارن ۾ پنهنجو فوٽو ڇپرائڻ ۾ عافيت ڀائيندو آهي. ڏسو ڪاوش تاريخ 2011-8-14. ہم کیا ہیں جو لوگ ہمیں یاد کریں فراز، لوگ تو خدا کو بھی بھول جاتے ہیں! سو اسان بہ تحريڪ استقلال کان واپس ٿا اچون. استنبول شهر جي شاهراھہ استقلال تي. اتان کان پوءِ اسان جي منزل مسجد سليمانيہ آهي، جيڪا استنبول شهر ۾ هڪ عظيم فن تعمير جو شاهڪار آهي، جنهن کي پڻ استبول شهر ايندڙ هر سياح کي ضرور شوق سان ڏسڻ گهرجي. هونئن تہ استنبول سڄو شهر مسجدن سان ڀريو پيو آهي، پر بلو مسجد ۽ سليمانيہ مسجد شهرن جون ٻہ عظيم ۽ تاريخي حيثيت جون حامل مسجدون آهن ۽ سندن شانُ ٻين ترڪي ۾ سمورين مسجدن کان نرالو آهي. اڄ جمعي جو ڏينهن آهي، تنهنڪري ڪوشش ڪبي تہ جمعي نماز هن ڀلاري مسجد سليمانيہ ۾ ادا ڪريون. اسان ٽيڪسي ۾ هن مسجد ڏانهن روانا ٿياسين. رستي ۾ هلڪو مِينهن پئي وٺو، تنهنڪري ٽيڪسيءَ مان لهي ٿورو پنڌ ڪري مسجد شريف پهتاسين. مسجد شريف جو پري کان ڏيک ڏاڍو پيارو ۽ لاجواب هو! الائجي ڇو مون کي سڄي دنيا جي مسجدن کان استنبول جي مسجدن جي اڏاوت وڌيڪ سُٺي ۽ سُهڻي محسوس ٿئي ٿي. سندن گنبذ، مينار ۽ اندران گُنبذن جون خوبصورت ڇٽيون، تن تي وري نھايت سھڻي گلڪاري ۽ گهرو سليٽي رنگ هنن مسجدن کي سڄي دنيا جي ٻين مسجدن کان علحده ۽ منفرد بنايو بيٺو آهي، جنهن ڪري هي مسجدون دل کي ڏاڍيون وڻندڙ، پُروقار ۽ بيحد سهڻيون لڳن ٿيون. اسين جُتا لاهي وضو ڪري نماز لاءِ مسجد ۾ داخل ٿياسين. هيءُ مسجد سليمانيہ استنبول شهر ۾ ايراضيءَ جي لحاظ کان ٻيو نمبر وڏي مسجد آهي. پر طرز تعمير موجب اها سڀني مسجدن کان وڌيڪ سُهڻي آهي، هيئن چوڻ ۾ ڪوبہ وڌاءُ نہ ٿيندو تہ، هيءَ مسجد فن تعمير جو اهڙو ئي شاهڪار آهي، جهڙو هن مسجد شريف جو اڏائيندڙ حاڪم، سلطان ”سليمان عاليشان“ هو. هن مسجد شريف جو معمار سِنان (Sinan) هو جيڪو سموري ملت عثمانيہ ۾ هڪڙو عظيم ترين انجنيئر هو. هن عظيم معمار جي فن جو ڪمال هن مسجد شريف جي اڏاوت تي اچي دنگ ٿيو. سلطان سليمان، عاليشان سلطنت عثمانيہ جو ڏهون نمبر بادشاھہ هو، جنهن سلطنت جون سرحدون يورپ جي شهر ويانا جي جهان پناھہ تائين اچي پهچايون، پر هو اهو شهر فتح ڪري نہ سگهيو. مسجد سليمانيہ جي تعمير سن 1550ع عيسويءَ ۾ شروع ٿي ۽ اها سن 1557ع ۾ يعني ستن سالن ۾ جُڙي راس ٿي. مسجد شريف جي عمارت سان سلطان سليمان عاليشان ۽ سندس زال خرم سلطان جا مقبرا بہ لڳ آهن. ڪجهہ ٻيون عمارتون بہ بعد ۾ مسجد شريف جي ڀرسان اَڏيون ويون، جن ۾ مسجد جي معمار سنان جو مقبرو بہ آهي. مسجد جي اڳيان ورانڊي جا ٿنڀا بهترين قسمن جي رنگين پٿرن سان جهڙوڪ ماربل، پورفري ۽ گرينائٽ جا ٺهيل آهن. مسجد جي چئي ئي ڪُنڊن تي چار نهايت شاندار ۽ اوچا منارا ٺهيل آهن، جيڪي سلطان ”سليمان عاليشان“ کي استنبول شهر تي حڪمراني ڪندڙ عثمانيہ سلطنت جو چوٿون نمبر سلطان هجڻ جو انگ ڄاڻائين ٿا. مسجد ۾ تعمير ٿيل ڏهن بالڪنين وارو انگ عثمانيہ گهراڻي جي حڪمرانن ۾ سندس ڏهون نمبر هئڻ جي علامت آهي. مسجد شريف چورس شاهي هال تي مشتمل آهي. انهيءَ جي ڇِت ڏيڍ سؤ فوٽن جي ٺهيل هڪڙي عظيم گنبذ سان ڍڪيل آهي، جنهن جو قطر 87 فوٽ آهي. درين ۽ دروازن ۾ تمام سهڻي قسم جو رنگين شيشو ڪم آندو ويو آهي، جنهن مان سِج جي روشني لنگهي مسجد اندر عجيب انداز سان ڪيئي رنگ پکيڙيو ڇڏيو. مسجد ۾ رکيل ممبر ۽ محراب پروڪونيشيا واري سنگ مرمر جا ٺهيل آهن. درين، درن ۽ ممبر ۾ هيرا، موتي ۽ عاج اهڙي ڪمال جي ڪاريگريءَ سان جُڙيا ويا آهن، جو سندن حُسن ڏسندڙن کي حيران ۽ بيحد متاثر ڪري ٿو. مسجد سليمانيہ ۾ قرآن شريف ۽ حديث مبارڪ جي پڻ تمام سُهڻي خطاطي ٿيل آهي، جيڪا ملت عثمانيہ جي عظيم خطاط، احمد ڪرهسري ۽ سندس قابل شاگرد حسن سليبيءَ جي فن جو ڪمال باجمال آهي. مسجد شريف جو سمورو فرش ڳاڙهي رنگ جي غاليچن مان ٺهيل مُصلن سان ڍڪيل آهي. ڪعبة الله شريف جو طرف ڏيکاريندڙ محراب مسجد شريف جي ڏکڻ واري ديوار ۾ ٺهيل آهي. مسجد شريف جي ڀرسان اَڏيل سلطان سليمان عاليشان ۽ سندس زال جي مقبرن ۾ ازنڪ ڪاشيءَ جو نهايت خوبصورت انداز سان استعمال ڪيو ويو آهي، تنهنڪري اها ڪاشي تمام گهڻي وڻندڙ لڳي ٿي. هڪ روايت موجب سلطان سليمان عاليشان، مسجد جي معمار سنان کي مسجد شريف جو افتتاح ڪرڻ لاءِ ان جي ڪُنجي ڏني هئي. استنبول جي هڪ ٻئي مشهور روايت موجب تہ، فقط مسجد جي معمار يعني انجنيئر سنان کي ئي اها حقيقت معلوم هئي تہ ڪنهن زلزلي اچڻ جي باوجود، هن مسجد شريف جي عمارت ٽُٽِي ٽُڪر ڪانہ ٿيندي ۽ خدانخواستہ ڪنهن ڀونچال اچڻ سبب زمين مان اُکڙِي تہ اها ڀڄڻ ۽ ڀُرَڻ کان سواءِ سڄي ساري وڃي سمنڊ ۾ ڪِرندي. محبوب ۽ آءٌ مردن واري پاسي ۽ منا عورتن واري حصي ۾ نماز پڙهڻ وئي. اهو عورتن وارو پورشن مسجد ۾ داخل ٿيڻ واري گيٽ جي کاٻي پاسي ڪجهہ مٿڀرو ڪري ٺاهيو ويو آهي. مسجد ۾ ڪابہ V.I.P شخصيت نماز پڙهڻ لاءِ آيل هئي، جو مسجد کان ٻاهر مسجد وٽ گهڻي تعداد ۾ فورس جون گاڏيون ۽ سيڪيورٽي ڊيوٽيءَ تي بيٺل گارڊ ڏٺاسين، پر ايترا نہ جيترا پاڪستان ۾ ڪنهن وي. آءِ. پي جي ڊيوٽي دؤران هوندا آهن. مسجد اندر گارڊ وغيرہ ڪونہ هئا. مسجد ۾ نماز ادا ڪرڻ کان پوءِ سڄي مسجد شريف چڱيءَ طرح گُهمي، ڦري، ڏِسي، پوءِ اچي مسجد جي سامهون ٺهيل هڪ وڏي مارڪيٽ اندر قائم هڪ ڪيفي تي ويٺاسين. هيءَ مارڪيٽ بہ مسجد جي ڪوٽ اندر ٺهيل ۽ مسجد جي ئي پراپرٽي (مليڪت) هئي، جنهن ۾ هوٽلن سان گڏ ڪيترا سارا ٻيا بہ دڪان هئا. اسين مسجد شريف مان نِڪرڻ شرط هوٽل تي ان لاءِ ويٺاسين جو ٻاهر ٿوري برسات پئي وسي ۽ ٻيو تہ هاڻ اهو فيصلو ڪجي تہ، پاڻ وڌيڪ گُهمڻ لاءِ ڪيڏانهن هلون. پهرين بيري کي سَڏ ڪري ڪافيءَ جو آرڊر ڏنوسين تہ، ان سان گڏ ڪجهہ بسڪوٽ بہ کڻي آيو. اسان کيس چيو تہ اسان تہ بسڪوٽن جو آرڊر ڪونہ ڏنو هو، تنهن تي پاڻ چيائين تہ، ڪافيءَ جي آرڊر سان گڏ بسڪوٽ بہ هوندا آهن. اسان ڪافي پي بل ڏنو، جيڪو تمام ٿورو هو. محبوب جڏهن لنڊن کان استنبول پئي آيو تہ لنڊن ۾ ڪنهن دوست کيس ٻُڌايو تہ استنبول وڃين پيو تہ، اُتي جو هڪ مشهور سينٽ سَيوِيئَر جو ڪورا واري علائقي ۾ ٺهيل چرچ ضرور ڏِسج، سو مون کي چيائين تہ بابا هاڻ پاڻ اهو چرچ هلي ڏسون. تنهن ڪري هوٽل مان نِڪري اچي چرچ ڏانهن روانا ٿياسين. مون کيس ٽيڪسيءَ ۾ سفر ڪندي ٻُڌايو تہ، پاڪستان جا ماڻهو گُهمڻ لاءِ گهڻو ڪري يورپ يا آمريڪا وڃن ٿا ۽ اتي ٽوئر ڪرائڻ وارن ادارن يا ڪمپنين جا اهلڪار سياحن کي گهڻو ڪري سندن ئي مذهب، تهذيب ۽ ثقافت جون يادگار جايون جهڙوڪ: قلعا ڪوٽ، محل محالتون ۽ ڪليسائون، ڪئٿيڊرل وغيرہ گُهمائين ٿا ۽ سندن قومي سورمن جي معرڪن ۽ جنگين جا ڪارناما بيان ڪندا آهن. ساڳيءَ طرح انڊيا وڃون تہ اسان کي رام ڪرشن جا ڪيئي مندر جهڙوڪ: هري راما هري ڪرشنا مندر، لوٽس مندر، برلا مندر وغيرہ ضرور ڏيکاريندا. اڄڪلھہ 99 سيڪڙو هندستاني فلمن ۾ توهان کي هر هر هندو مذهب جي پرچار محسوس ٿيندي. توهان کي انهيءَ حقيقت جو هڪ مثال ٻُڌايان ٿو تہ هڪ ٻار جنهن فقط هندستاني فلمون ڏٺيون ۽ جن ۾ پَرڻي ۽ مرڻي جون فقط هندو مذهب واريون رسمون ڏٺيون هيون، تنهن کي سندس پيءُ ڪنهن تدفين لاءِ پاڻ سان گڏ قبرستان وٺي ويو. هن جڏهن لاش قبر ۾ رکي پوريندي ڏٺو تہ پڻس کان پُڇيائين تہ لاش کي زمين ۾ پيا ڍڪين، کيس ساڙين ڇو نہ ٿا. ڇو تہ هن فلمن ۾ فقط لاش سڙندي ڏٺو هو، نہ ڪي دين اسلام جي طريقي موجب، اهو دفن ٿيندي ڏٺو هو. مطلب تہ ٻارن توڙي وڏن کي ڪتاب پڙهڻ، فلمون ڏسڻ ۽ مختلف جايون جڳهيون، ڪارخانا، مذهبي عبادتگاهون، محل محلاتون، ڪوٽ قلعا، نمائشي جايون ۽ وندر گاهون ۽ تعليمي درسگاهون ۽ عجائب گهر گُهمي ڏسڻ سان انهن منظرن جي حقيقي سمجهہ حاصل ٿئي ٿي. مون محبوب کي ٻُڌايو تہ ٽيھہ چاليھہ سال اڳ پاڪستان جا ماڻهو ملڪ کان ٻاهر گُهمڻ لاءِ يورپ ۽ آمريڪا تمام گهٽ پر ڪابل، تهران، بيروت، قاهره، دمشق ۽ ڪاسا بلانڪا گُهمڻ گهڻي تعداد ۾ ويندا هئا. چون ٿا تہ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن ملڪ جو وزيراعظم ٿيو تہ پاڻ سنڌ جي ان وقت واري وزيراعليٰ غلام مصطفيٰ جتوئيءَ کي چيائين تہ، مون کي ڪراچي شهر آفريڪي ملڪ مراڪش جي گاديءَ واري شهر ڪاسا بلانڪا جهڙو ڪري ٺاهي ڏي، جنهن لاءِ جيترا بہ پئسا کپن سي آئون مهيا ڪندس. ڀٽي صاحب جي رٿابنديءَ تحت ڪراچي جي سامونڊي ڪِناري تي هڪ شاندار ڪسينو ٺاهڻ جي شروعات ٿي. ۽ اتي Sea View نالي سان هڪ زبردست رهائشي منصوبي جي اڏاوت چالو ٿي. ڪراچي هوائي بندر کان بحري بندر تائين بين الاقوامي معيار جو هڪڙو عاليشان شاهراھہ تعمير ڪيو ويو . هِل پارڪ ۽ ٻيا ڪيترائي باغ باغيچا ٺاهيا ويا. تمام گهڻي تعداد ۾ صنعتي، تجارتي ۽ رهائشي تعميراتي منصوبا چالو ڪيا ويا، جنهن ۾ اسٽيل مل ۽ قاسم پورٽ بہ شامل هو. جنهن تان سڄو پنجاب ڀٽي صاحب تي ڪاوڙجي پيو تہ تون ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کي پيرس ٿو بنائين. ملڪ جا سڀ سياسي مخالف ليڊر خاص ڪري ايئر مارشل اصغر خان ۽ غلام مصطفيٰ کر تہ پنهنجي هر جلسي ۽ گڏجاڻين ۾ اهڙو ذڪر ضرور ڪندا هئا. اسين سينٽ سَيوِيئر چرچ جي گيٽ وٽ اچي ٽيڪسيءَ مان لٿاسين. انهن سان گڏ ئي ٽوئرسٽ بسون ۽ سياح گهڻي تعداد ۾ نظر آيا. انهن سان گڏ اسين بہ چرچ ۾ گهڙي وياسين. ڊِرَيمَين روڊ جي دنگ وٽ هي سينٽ سَيوِيئَر وارو ڪورار چرچ يا ڪليسيا اَڏيل آهي. هن علائقي کي ڪورا يا ڪاريا جي نالي سان سَڏيو وڃي ٿو، تنهنڪري هن گرجا کي ڪورا چرچ بہ ڪوٺيندا آهن. هن عيسائي عبادتگاھہ ۾ Mosaics يعني رنگين پٿرين ۽ شيشي جي رنگين ٽُڪرين جو جڙاءُ ۽ ديوارن تي ٿيل رنگين مصوري بازنطيني فن مصوريءَ جو بهترين نمونو آهي، جيڪو سڄي ترڪي ملڪ ۾ بي مثال آهي. هي گرجا اصل ۾ شهنشاھہ جَسٽِينِيئَن جوڙايو هو. پوءِ يارهين عيسوي صديءَ ۾ وري ڪومنني ان کي مڪمل طور نئين سر تعمير ڪرايو. هي چرچ جي سارسنڀار ڪرڻ خاطر چوڏهين عيسوي صديءَ ۾ هڪ ٿيوڊور نالي اعليٰ عيسائي عملدار مقرر ڪيو ويو. اهو سياسي سازش جو شڪار ٿيندي پنهنجي حياتي جا پويان ڏينهن هڪ سقيم راهب جي حيثيت ۾ هن چرچ ۾ ئي گُذاري ويو. چوڻ ۾ اچي ٿو تہ هن گرجا جي پويون ڀيرو بحالي، آرائش ۽ زيبائش جو سهرو انهيءَ راهب ٿيوڊور جي سِر تي آهي. سلطنت عثمانيہ جي پوئين دؤر ۾ جڏهن شهنشاھہ يا سلطان بلاچرنائي پيليس (Blachernae Palace) نالي محلات ۾ وڃي رهڻ لڳا ۽ آيا صوفيہ چرچ ۽ انهيءَ علائقي جو عروج ختم ٿي ويو تہ، هن سينٽ سَيويئر چرچ جو وري بہ وارو وريو ۽ شاهي خاندان جا افراد مذهبي ڏِهاڙن تي هن چرچ ۾ اچڻ لڳا. هن چرچ ۾ بيبي مريم جي هڪڙي سهڻي مورتي بہ رکيل آهي جنهن کي مشهور روايت موجب رنگ ڪرڻ وارو شخص سينٽ ليوڪ (Saint Luke) هو.
ڪورا واري علائقي ۾ هن ڀيڻيءَ تي سائيز ۾ ننڍو پر طرز تعمير مطابق هي گرجا عاليشان آهي. مٿس نِيرو پلستر تي ٿيل رنگين مصوري آرائش ۽ زبيائش ۾ بيمثال آهي. هن چرچ جي فرش تي رنگين پٿرين شيشي جي رنگين ٽُڪرين جو جڙاءُ (Mosaics) بہ نهايت خوبصورت ۽ دلڪش آهي. بازنطيني دؤر جي ٻين گرجائن جي سجاوٽ وانگر هن چرچ جي ديوارن تي نيري پلستر تي ٿيل مصوريءَ جي بحاليءَ ۾ بازنطيني طرز فن ڀليءَ ڀت عيان آهي. مذڪور فريسڪو (Fresco) نيروي پلستر تي ٿيل مسوريءَ ۾ بائيبل مقدس ۾ ڄاڻايل واقعن جي تصوير نگاري بيحد سهڻي نموني سان ٿيل آهي. انهن تصويرن ۾ سڀ کان وڌيڪ اهميت جي حامل تصوير Last Judgement يعني، آخري فتويٰ تي مشتمل آهي، اهيءَ تصوير ۾ حضرت عيسيٰ عليہ السلام فتويٰ وارو دستاويز هٿ ۾ جهلي، مٿي ڪري ماڻهن کي ڏيکاري رهيو آهي، تنهن کان سواءِ انهيءَ تصوير ۾ حضرت آدم عليہ السلام، بيبي حوا، بائيبل مقدس جي قديم نسخي ۾ ڄاڻايل ڪيترن ئي ٻين نبي سڳورن ۽ غير مسيحي بادشاهن جون تصويرون جوڙيل آهن. اهي سمورا الله پاڪ طرفان سندن ڪيل سمورا گناھہ آخري فتويٰ موجب معاف ٿيڻ سبب سَرَها نظر اچن ٿا. هڪ ٻي تصوير ۾ هڪڙو ٻرندڙ ٻوڙو ڏيکاريل آهي تہ، ٻئي طرف حضرت يعقوب عليہ السلام هڪڙي ملائڪ سان ڪُشتي کيڏندي ڏيکاريو ويو آهي. رنگين پٿرين ۽ شيشي جي جڙاء يعني (Mosaics) موزيڪ فن ۾ راهب ٿيوڊور کي هي چرچ نئين سر تعمير ڪرائي حضرت عيسيٰ عليہ السلام کي پيش ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. موزيڪ جڙاء ۾ مسيح عليہ السلام کي هن سڄي سنسار جي حاڪم جي حيثيت ۾ مٿي تي شاندار تاج پهريل ڏيکاريو ويو آهي ۽ سندس حياتيءَ جا ڪجهہ اهم واقعا بہ چٽيا يا جڙاء ۾ ٺاهيل آهن. تنهن کان سواءِ گهڻن ئي ٻين درويشن ۽ حوارين جون تصويرون بہ جڙاء ۾ چِٽيل آهن. اسان کي هي چرچ گُهمندي رات ٿي وئي، تنهنڪري هتان نِڪرڻ شرط سِڌا پنهنجي رهائش واري هوٽل ڏانهن روانا ٿياسين. هوٽل تي پهچي رسپيشن ڪائونٽر تي ويٺل ملازم سمير کي گونائيڊن (معني گڊ مارننگ) چوندا وٽانئس ڪمري جي چاٻي وٺي مانيءَ جو آرڊر ڏئي اچي ڪمري ڀيڙا ٿياسين ۽ ماني کائڻ کان پوءِ تُرت سُمهي رهياسين. صبح سوير ننڊ مان اُٿي تيار ٿي ناشتو ڪري ترڪيءَ جي مشهور ۽ قديم گيلاٽا ٽاور کي ڏسڻ لاءِ اوڏانهن روانا ٿياسين. الائجي ڇو انسان جي اها فطرت آهي تہ، هو پنهنجا گهر ۽ شهر مٿاهين جڳهين تي ٺاهي رهڻ لڳي ٿو. انهن شهرن ۾ وڏا وڏا ٽاور يعني منارا يا بُرج ٺاهي حال سارو سطح ارض کان وڌ ۾ وڌ اوچائيءَ تي پنهنجي گهڻي کان گهڻي ڏورانهن هنڌن تي ماڳن تائين موجود هر شيءِ جو مشاهدو پيو ڪري ۽ انهن منارن يا بُرجن تان ڏسڻ ۾ ايندڙ انسانن کي بہ خبر پوي ٿي تہ، انهن بُرجن تي پهتل ماڻهو اسان کي بہ ڏسن ٿا. آئون سمجهان ٿو تہ انهيءَ خيال، اميد ۽ اِرادي انسان کي هوائن تائين رسايو ۽ انسان نيٺ اُڏام کٽولي يعني هوائي جهاز ايجاد ڪيو، جو هاڻ انسان وڃي آسمان ۽ خلائن ۾ اُڏامندو ۽ سير ڪندو. اڳ ۾ انسان صرف هڪ هنڌ تان ٽاور ۾ بيهي هيٺ ٿي ڏٺو ۽ هاڻ هوائي جهاز ۾ چڙهڻ کان پوءِ سڄي ڌرتي تہ ڇا سڄي ڪائنات سندس اکين هيٺان اچي وئي آهي. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ سَوَن سالن کان ٽاور ٺاهڻ جا آثار ملن ٿا، جن ۾ ڪيترائي تہ ختم ٿي ويا آهن، پر ڪٿي ڪجهہ اڄ بہ قائم آهن. اڃا تائين دنيا ۾ نَوان نوان ۽ اوچا ٽاور يا بُرج ٺهن پيا ۽ سندن بلنديءَ جي رڪارڊ ٽُٽن ۽ ٺهن پيا. تازو يعني فقط ٻہ ٽي سال اڳ دنيا جي بلند ترين ٽاور ”بُرج الخليفه“ جي نالي سان دُبئي ۾ جُڙي راس ٿيو آهي. انهيءَ جي اوچائي جو رڪارڊ اڃا تائين ڪنهن بہ نئين ٽاور ڪونہ ٽوڙيو آهي، دنيا جا جيڪي مُک ٽاور گيلاٽا ٽاور کان اڳ مون ڏٺا آهن، سي هي آهن:
1. اٽليءَ وارو پيزا ٽاور، 2. ٽاور آف لنڊن، 3. دهليءَ وارو قطب مينار، 4. پيرس وارو ايفل ٽاور، 5. ٽوڪيو ٽاور، 6. ڪوالالمپور وارو پيٽرونس ٽاور، 7. سکر وارو معصوم شاھہ جو منارو، 8. دبئيءَ وارو بُرج الخليفه، 9. استنبول وارو گيلاٽا ٽاور. انهن کان سواءِ دنيا ۾ ٻيا بہ ڪيترائي ٽاور موجود آهن، پر سڄي دنيا جا سڀ ملڪ ۽ هر ملڪ جا سمورا ماڳ مڪان ۽ منارا ڏسڻ بلڪل ناممڪن آهي. ٻيو تہ ٺهيو پر ڪراچيءَ جا ڪيترائي اهڙا ماڻهو هوندا جن اڃا تائين سڄي ڪراچي بہ ڪانہ ڏٺي هوندي. ڪروڙين پاڪستاني اهڙا بہ هوندا جن اڃا تائين سڄو پاڪستان بہ ڪونہ ڏٺو هوندو. سو سڄي دنيا جا سڀ ملڪ ۽ انهن ملڪن جا سڀ ماڳ مڪان ڏسڻ ممڪن ئي ڪونهي. آمريڪي ماڻهن مان گهڻن کي آمريڪا جي سڀني رياستن جا نالا بہ ڪونہ ايندا هوندا.
پاڻ هاڻ اچون ٿا گيلاٽا ٽاور جي سيرَ تي. مون دنيا ۾ جيڪي بہ ٽاور ڏٺا آهن، تن ۾ هي گيلاٽا ٽاور سڀني ۾ وڌيڪ پُراڻو آهي. جيتوڻيڪ اٽليءَ وارو پيزا ٽاور هن ٽاور کان گهڻو اڳ ٺهڻ شروع ٿيو هو، يعني سن 1173ع ۾، پر اهو ٺهڻ دؤران ئي هڪ طرف جُهڪي پيو، جنهن کي وري ٺاهڻ ناممڪي سمجهي تقريباً پوڻا ٻہ سؤ سال ان جي اڏاوت جو ڪم بند رهيو. پر وري سن 1350ع ۾ هن پيزا ٽاور کي ٺاهڻ شروع ڪيائون. انهيءَ جي ڀيٽ ۾ گيلاٽا ٽاور سن 1350ع ۾ ٺهي راس ٿي چڪو هو. ترڪي جي حڪومت هن قديم تاريخي يادگار جي چوڌاري تمام سٺي تعميرات ڪرائي آهي ۽ گل گلزاري ڪري هن ماڳ کي سياحن لاءِ هڪ تمام پُڪشش پوائنٽ ڪري ڇڏيو آهي. گيلاٽا ٽاور توهان کي استنبول شهر ۾ پري پري کان نظر ايندو. هي ٽاور سلطنت عثمانيہ ۾ هڪڙي ڪوٽ جو حصو هو. انهيءَ دؤران هن ٽاور جي چوٽيءَ رات جي وقت ۾ باھہ ٻاري روشني ڪئي ويندي هئي، جيڪا هڪ لائيٽ هائوس وانگر پري پري کان نظر ايندي هئي. تنهنڪري هن ٽاور کي انهيءَ وقت باھہ وارو ٽاور پڻ سڏيندا هئا. اسان کي ٽيڪسيءَٽاور کان ٿورو پرڀرو لاٿو، جنهن ڪري اسين ڪجهہ پنڌ ڪري اچي ٽاور وٽ پهتاسين. ٽاور ۾ داخلا جي ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ وڏيون وڏيون قطارون لڳيون پيون هيون، پر ٻاهرين ملڪن ۾ ٽڪيٽن ڏيڻ جو اهڙو تہ سٺو انتظام ٿيل هوندو آهي، جو انهيءَ ۾ ڪا گهڻي دير ڪانہ لڳندي آهي. اسان سڀني جي ٽڪيٽ محبوب خريد ڪئي ۽ اسان وري بہ ٽاور جي مٿئين طبق تي وڃڻ لاءِ لفٽ جي داخلا واري قطار ۾ بيهي رهياسين. ماڻهن کي مٿي پهچائڻ لاءِ ٻہ جُدا جُدا لفٽون هلي رهيون هيون، هر لفٽ جي دٻي ۾ ويھہ کن ماڻهن جي چڙهڻ جي گنجائش هئي، اسان بہ هڪ لفٽ ۾ چڙهي مٿي پهتاسين. ٽاور جي مٿان چوڌاريءَ هڪڙي لوهي مضبوط گِرل لڳل هئي، جنهن کي جهلي سياح اڳتي هلندا ٿي ويا. مٿي ايڏي ڪشادگي ۽ ماڻهن جي ايتري رش ڪانہ هئي، جيتري ٽوڪيو ٽاور ۽ ايفل ٽاور تي ٿيندي آهي. اهي ٽاور جيئن تہ هن جديد دؤر ۾ جُڙي راس ٿيا آهن ۽ انهن کي موجودہ تقاضا موجب تعمير ڪيو ويو آهي، پر هي گيلاٽا ٽاور پُراڻي دؤر ۾ يعني سن 1350ع ۾ جوڙيو ويو هو. اسان ٽاور جي جهنگلي وارو هڪ پورو ڦيرو ڏئي، مووي ڀري، فوٽو ڪڍي ۽ سڄي استنبول شهر کي هتان ڏسي پوءِ هن ئي ٽاور اندر هڪ تمام سٺي ڪيفي ۾ ڪجهہ وقت ويهي ڪجهہ کائي پي پوءِ هيٺ لٿاسين. هن ٽاور جي ٻي ماڙ تي هڪ نائيٽ ڪلب پڻ قائم آهي. ان جي مشهوريءَ جا پوسٽر ۽ بينر ٽاور اندر توڙي ٻاهر لڳل ڏٺاسين. هن ٽاور جي آسپاس ڪنهن زماني ۾ غريب ماڻهن جا ننڍڙا ننڍڙا گهر ٺهيل هوندا هئا، پر هاڻ انهن ماڻهن کي شهر جي ٻئي ڪنهن ڀر معروف هنڌ آباد ڪيو ويو آهي ۽ هن علائقي کي سڌاري ڪشادو ۽ صاف سٿرو بنايو ويو آهي. تنهنڪري هاڻ هتي سولائيءَ سان اچي وڃي سگهجي ٿو. گيلاٽا ٽاور جي ڀرسان ئي هن شهر جي اُلهندي ۽ اُڀرندي ڀاڱي کي ملائيندڙ واحد ٽيونل پُل شهر جي وچ ۾ وهي استنبول شهر کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ واري باسفورس ڳچي سمنڊ يا سامونڊي کاريءَ هيٺان ٺهيل آهي. هي دنيا جو سڀني کان ننڍو زير زمين ۽ زير آب ريل گاڏيءَ جو بندرگاھہ آهي، جنهن بہ سياح يا سيلانيءَ استنبول شهر ۾ اچي بہ نہ ڏٺو، تنهن ڄڻ تہ استنبول شهر ئي نہ ڏٺو! هي ٽيونل گلياٽا ٽاور واري پُل وٽان تقريباً 600 گز هلڪي چاڙهيءَ وانگر ڊگهو ٿيندو، وڃيو استقلال شاهراھہ وٽ ڇيھہ ڪري. هن چاڙهي نما ريلوي گذرگاھہ جي تعمير جي اصل مقصد جي ڄاڻ تہ معلوم ڪانهي، پر چوڻ ۾ اچي ٿو تہ شهر جي گهٽين واري گپاگيھہ کان بچڻ ۽ وقت بچائڻ خاطر، خصوصاً چوپايو مال گهڻي تعداد ۾ شهر جي ٻنهي ڀاڱن ۾ جلد کان جلد آڻڻ ۽ نيئڻ لاءِ اهڙي گذرگاھہ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي. هن ٽيونل کي مذاق خاطر ”ڪوئي جو ڏر“ بہ چوندا آهن، هن 2034 فوٽ ڊگهي زير آب و ارض گذرگاھہ مان ريل گاڏيءَ کي لنگهندي ڪجهہ منٽ ٿا لڳن ۽ ماڻهو منٽن اندر هڪڙي کنڊ مان ٻئي کنڊ يعني يورپ يا ايشيا ۾ پهچيو وڃي ۽ اها ڳالھہ ڳڻي حيرت ۾ پئجيو وڃي.
اسان هاڻ هتان ٽيڪسي ڪري دنياءِ اسلام، ترڪي ۽ استنبول جي انهيءَ عجائب گهر ڏانهن روانا ٿياسين جيڪو هڪڙي شاهي محل ۾ قائم ڪيو ويو آهي. انهيءَ محل کي هت ’توپ ڪپي محل‘ جي نالي سڏيو ٿو وڃي. هي اسان جي هوٽل کي بہ تمام ويجهو هو. استنبول وڃي ۽ ماڻهو هي عجائب گهر نہ ڏسي تہ معنيٰ استنبول ئي نہ ڏٺو! هتي حضرت محمد صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي تبرڪات سان گڏ ٻين نبي سڳورن، اصحاب ڪرام ۽ نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي اولاد جون بہ ڪيتريون ئي لاجواب، بيمثال ۽ يادگار شيون سَوَن سالن کان هن عجائب گهر ۾ محفوظ آهن. اسان ٽيڪسيءَ مان لهي، ٽڪيٽ وٺي، سيڪيوٽيءَ وارن کان ڪليئر ٿي پوءِ عجائب گهر اندر داخل ٿياسين. هت سياحن جي تمام گهڻي رش هئي. منا چيو تہ هت پهرين حضور ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي تبرڪات جي زيارت ڪري پوءِ ٻين گئلرين ۾ هلنداسين. دنيا جي مختلف مسلم قومن وقتاً فوقتاً انيڪ قسمن جا نوادرات گڏ ڪري محفوظ ڪيا آهن، انهن ۾ سڀني کان وڌيڪ اهميت جا حامل ”مقدس نوادرات تا اوقاف“ سڏيا وڃن ٿا. انهن جو تعداد ڇھہ سؤ کان بہ وڌيڪ آهي، سي هت توپ ڪپي محل جي ”خصوصي ايوان“ قائم عجائب گهر ۾ نهايت حفاظت سان نمائش لاءِ رکيل آهن. مذڪور نوادرات ۾ بہ سڀني کان وڌيڪ تقدس جا حامل هيٺان اسم قرار ڏنا ويا آهن:

1. عيسائي حواري جا بَيپٽِسٽ جو سِرُ مبارڪ.
2. حضرت علي ڪرم الله وجھ جي تلوار
3. رسول ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي سونهاري شريف جو هڪڙو وار مبارڪ
4. حضرت موسيٰ عليہ السلام جي لٺ
5. حضرت يوسف عليہ السلام جي پڳ مبارڪ ۽
6. حضرت دائود عليہ السلام جي تلوار

نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جو هڪڙو ڪڙتو مبارڪ، چوڻ ۾ اچي ٿو تہ هن وقت افغانستان جي شهر قنڌار واري مرڪزي مسجد ۾ محفوظ ڪيل آهي. افغان ماڻهن جي روايت موجب اهو جبو مبارڪ، بخارا جي امير مراد بيگ، افغان امير احمد شاھہ کي تحفي طور ڏنو هو. اهو ڪڙتو مبارڪ نهايت حفاظت سان تالي چاٻيءَ سان بند رکيو آهي ۽ فقط ڪنهن خطرناڪ قومي گهوٽالي دؤران زيارت لاءِ ٻاهر آندو ويندو آهي. سن 1996ع ۾ افغان طالبان جي اڳواڻ مُلا عمر افغانستان ۾ اقتدار حاصل ڪرڻ کان پوءِ اتي جي علماء کي انهيءَ جُبي مبارڪ جي زيارت ڪرائي تہ انهن مولوين مُلا عمر کي اميرالمؤمنين يعني سموري مسلم اُمت جو خليفو قرار ڏنو. انهيءَ کان اڳ انهيءَ ڪُڙتي مبارڪ جي زيارت سن 1930ع ۾ افغانستان ۾ پيدا ٿيل ڪالرا جي مرض دؤران بہ ڪرائي وئي هئي. مقدس نوادرات جي هن ذخيري بابت پهريون ڀيرو حقيقي جامع احوال توپ ڪپي محل ۾ قائم عجائب گهر جي منتظم طرفان پڌرو ٿيو. انهيءَ ذخيري ۾ ڇھہ سؤ کان وڌيڪ نوادرات رکيل آهن، جن ۾ ڪيترن ئي پيغمبرن سڳورن، اصحابن ۽ درويشن سان منسوب اسم بہ اچي وڃن ٿا. اهي نوادرات محل جي بيحد ڳجهن ڪمرن مان وڏي جاکوڙ سان ڳولهي ڦولهي ۽ جانڪي رکيا ويا آهن. انهن مان ڪجهہ اهڙا مقدس نوادرات بہ آهن جي روزانہ نمائش نٿي ٿئي. توپ ڪپي محل ڪيئي صدين تائين گهڻن ئي بادشاهن جو رهائشگاھہ هو، جنهن دؤران هتي گهڻن ئي پرڏيهي بادشاهن، سفيرن ۽ اميرن جي آجيان، ملاقات ۽ مهماني ٿي. هن محل جي اهميت نہ فقط منجهس رهندڙ سلطانن جي ڪري آهي، پر انهيءَ جي افاديت منجهس محفوظ ڪري رکيل انهن مقدس نوادرات جي سبب پڻ وڌي وئي آهي. سن 1517ع ۾ مصر فتح ڪرڻ کان پوءِ سلطان سليم اول، مملوڪ رياست، عباسي خلافت ۽ حجاز جي امارت مان هٿ آيل نوادرات استنبول کڻائي آيو. سلطان سليم اول هٿ آيل نوادرات توپ ڪپي محل ۾ گڏ ڪرڻ شروع ڪيا ۽ سندس جاءِ نشين بہ اها روايت ويهين صدي عيسويءَ تائين برقرار رکي. انهن حاڪمن نبي سڳورن ۽ ٻين عظيم مسلم شخصيتن جي مقدس شين سان گڏ تعظيم جي حامل مختلف ماڳن مان هٿ آيل نوادرات هن محل ۾ سهيڙي ۽ سنڀالي رکيا. اوڻيهين ۽ ويهين عيسوي صديءَ جي شروعات دؤران وهابين طرفان انهن نوادرات کي نقصان پهچائڻ کان بچائي محفوظ ڪرڻ مُکيہ تشويشناڪ معاملو هو. وهابين جي خيال ۾ مقدس شين جو احترام ڪرڻ بُت پرستيءَ جي مترادف هو، تنهنڪري مذڪور نوادرات کي ناس ڪرڻ لاءِ اهي تعاقب ڪرڻ لڳا. انهيءَ امڪاني حملي کان بچا طور مذڪور مقدس نوادرات کي توپ ڪپي محل ۾ محفوظ ڪيو ويو. پهرين عالمي جنگ دؤران جڏهن مديني منوره کي خلافت عثمانيہ کان ڌار ڪرڻ جو فيصلو ٿيو، تڏهن شهر جي نگران فرحدين پاشا چند مقدس نوادرات سميت مديني منوره جي حاڪمن کي ڪيئي صدين دؤران ملندڙ سوکڙيون استنبول شهر ڏانهن موڪليون. اهي هن وقت توپ ڪپي محل ۾ قائم عجائب گهر ۾ محفوظ ڪيل آهن. ميوزم جي مقدس نوادرات واري رجسٽر ۾ داخلا موجب انهن جو تعداد 605 آهي، جنهن ۾ هٿيار، لباس ۽ ڪتب خاني سان وابستہ اسم بہ شامل آهن. نبي سڳورن سان وابستہ شين کي امانات سڏجي ۽ ٻين عظيم مسلم هستين سان وابستہ شين کي تبرڪات سڏجي ٿو. ماضيءَ جي دستاويزن ۾ انهن سمورن اسمن کي ”ال امانات ال مبارڪه“ لکيو ويو آهي. هن وقت انهن کي ”مقدس نوادرات“ ڪوٺين ٿا. عثمانوي خليفن مادي عناصر ۾ تقدس تہ خير ڪو ڀانيو، پر تنهن هوندي بہ رسول الله صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي استعمال وارين شين ۾ قدرتي پاڪيزگي ۽ نعمت جي موجودگيءَ ۾ ايمان جا حامل هئا. تحسين نالي مصنف پنهنجي ڪتاب ”امانات مقدسہ“ جيڪو سن 1953ع ۾ شايع ٿيو، تنهن ۾ لِکيو آهي ته: الله تعاليٰ جو شڪر آهي، جو ڪيئي صدين دؤران تقدير جي مختلف تاريخي واقعات سبب هي مقدس نوادرات هڪ هنڌ ميڙيا ويا، مقدس امانات جو هي بي بها خزانو ڪجهہ ايمان جي بنياد تي ۽ ڪجهہ قسمت يا وري سبب ذرو ذرو ٿي ترڪن کي حاصل ٿيندو رهيو. حقيقت ۾ مذڪور امانات مقدسہ نہ فقط ايمان جي جذبي تحت ميڙيا ۽ محفوظ ڪيا ويا، پر اهي فني ڪاريگري، ثقافتي لحاظ، توڙي تاريخي اعتبار کان وڏي اهميت ۽ قدر و قيمت جا حامل عناصر آهن، جن جي سارسنڀال ۽ روايتي عزت ۽ احترام بيحد گهڻو نظر اچي ٿو. جيستائين اسين موجود آهيون تيستائين هنن امانات مقدسہ جي سارسنڀال ۽ حفاظت جو مقدس فرض نهايت محبت، عزت ۽ احترام سان ادا ڪبو رهبو.
ڪملي مبارڪ: ڪُل امانات مقدسہ ۾ رسول مقبول صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي ڪملي يا چادر مبارڪ سڀ کان وڌيڪ تقدس جي حامل آهي. اعليٰ ترين رتبي سبب ترڪ سلطانن انهيءَ کي سوني جي پيتين منجهه، شاهي تخت يعني سلطان جي گاديءَ واري ڪمري ۾ محفوظ ڪري رکيو، انهيءَ ڪري شاهي تخت واري ڪمري سان شامل سمورين جڳهين، جن ۾ ديوان عام، سراءِ غلامان ۽ دارالخزانہ بہ اچي وڃن ٿا، انهن کي گڏيل يڪي نالي ”ايوان هاءِ ڪلمي مبارڪ“ سان سڏڻ لڳا. جڏهن نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن ماڻهن کي دين اسلام جي دعوت ڏيڻ شروع ڪئي تہ پاڻ سڳورا سخت مخالفت ۽ مقابلي جي سامهون آيا. سندن مخالفن ۾ هڪرو شخص ڪعب نالي سان شاعر پڻ هو، سو مسلمانن طرفان مڪي شريف جي فتح کان پوءِ، پنهنجي معاندانہ ڪردار سبب ڊڄڻ ۽ لِڪڻ لڳو تہ سندس ڀاءُ سندس ڪردار ۽ رويي کي غلط سمجهندي کيس ڏاڍي جُٺ ڪئي. انهيءَ جو مٿس ڏاڍو مثبت اثر ٿيو ۽ هو ڏاڍو شرمسار ٿيو. نيٺ جان جوکي ۾ وِجهي، لِڪندي ڇُپندي مديني شريف پهچي، چمڙا پوش ٿي نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي مجلس ۾ وڃي پاڻ ڪريمن صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن کان سوال ڪيائين تہ جيڪو شخص پنهنجي ڪيل گناهن کان توبھہ ڪري ايمان آڻي تہ، انهيءَ جا گناھہ بخش ڪيا ويندا يا نه؟ حضور اڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جواب ڏنو تہ ها، انهيءَ شخص جا گناھہ بخش ڪيا ويندا. اها ورندي ٻُڌي ڪعب ٻيو سوال ڪيو تہ جيڪڏهن ڪعب بن ظُهير بہ پڇتائي پنهنجي گناهن بخشائڻ لاءِ توبھہ ڪري ۽ دُعا گُهري دين تي ايمان آڻي تہ انهيءَ کي بہ بخشش نصيب ٿيندي ڇا؟ رسول ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن انهيءَ سوال جو بہ جواب اثبات ۾ ڏنس تہ هن پنهنجو حقيقي تعارف ڪرايو ۽ پاڻ ڪريمن جي چادر يا ڪلمي مبارڪ بابت هڪ قصيدو پڙهڻ شروع ڪيو، جيڪو پوءِ ڏاڍو مشهور ۽ مقبول ٿيو. اهو قصيدو ٻُڌي رسول پاڪ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ پنهنجي اها چادر مبارڪ پاڻ تائين لاهي شاعر ڪعب بن ظُهير جي ڪُلهن تي وِجهي کيس سوکڙيءَ طور عطا ڪئي.
اسان پهريائين هنن مقدس امانات جي زيارت ڪئي. هي نوادرات مقدسہ ڪيترن ئي مختلف اسمن تي مشتمل آهن. جن ۾ حضور اڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي ڪملي مبارڪ، سندن جهنڊو مبارڪ، سندن جُتي مبارڪ، پاڻي پيئڻ جو پيالو، سندن پير مبارڪ جو پٿر تي ڇپيل نشان، تلوار ۽ ڪمان، احد واري جنگ دؤران سندن شهيد ٿيل ڏند مبارڪ، وضوءَ ۾ ڪتب ايندڙ مٽي ۽ سندن مُهر مبارڪ شامل آهن. انهيءَ کان سواءِ حضرت ابراهيم عليہ السلام جي کاڌو رڌڻ واري ديڳڙي، حضرت يوسف عليہ السلام جي پڳ مبارڪ، حضرت دائود عليہ السلام جي تلوار، حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعاليٰ عنہ جي سونهاريءَ جا وار، قرآن پاڪ جو اهو نسخو جيڪو حضرت عثمان غني رضي الله تعاليٰ عنہ پڙهيو رهيو هو تہ مٿس خوني حملو ٿيو، انهيءَ قرآن پاڪ تي اهي رت جا نشان اڄ بہ ڏسڻ ۾ اچن ٿا پر اهي هاڻي گهڻي قدر ميسارجي ويا آهن. ڪيترن ئي اصحابن سڳورن جون تلوارون، بيبي فاطمة الزهره جو چولو مبارڪ، حضرت امام حسين عليہ السلام جو ڪڙتو مبارڪ، پڳ مبارڪ ۽ سندن چادر مبارڪ جو هڪ ٽڪرو، امام ابوحنيفہ رحہ جو ڪڙتو، اويس قرنيءَ جي ٽوپي، پيران پير عبدالقادر جيلانيءَ ۽ امام شيرانيءَ جا تاج، مولانا جلال الدين روميءَ جا پيالا، ڪنهن وقت ڪعبي شريف جي ڇِت ۾ لڳل سونا نارا يا نيسارا، حجر اسود جا سون ۽ چانديءَ جا ٺهيل ڍڪڻ، ڪعبي شريف جا ڪلف، چاٻيون، غلاف، ڪڙا، ميڻ بتيون، اگربتيون، ڪعبي شريف ۽ مسجد نبويءَ ۾ گُلاب جو پاڻي ڇٽڪارڻ لاءِ ڪم ايندڙ گلاب آبدانيون، انهن مقدس عمارتن جي مرمت ۾ ڪم ايندڙ ڪاٺ، پٿر ۽ شيشي جا ٽڪرا، روضة النبوي جي صفائي ڪرڻ سان گڏ ڪيل خاڪ پاڪ جنهن کي ”جوهر السعادت“ سڏين ٿا، نوادرات جي حفاظت لاءِ ڪم ايندڙ پيتيون، صندوقون، ڪنوار ٻوٽيءَ جو ڪاٺ، تلوارن رکڻ جون مياڻيون، رحل، ٻُهاريون، خاڪ دان، مشهور خطاطن طرفان حضور اڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جون پاڪ حديثون ۽ قرآن ڪريم جون آيتون سهڻي خطاطيءَ جون حامل، فريمن ۾ آراستہ، مصلا، تسبيحون، ٽامي ۽ چانديءَ جا پيالا، صوفي درويشن واريون ڊگهيون ٽوپيون يا ڪلاه، آب زمزم جا ڪوزا، رومال ۽ رومالن تي چٽڪاري يا ڇُرَ ڪرڻ وارا پور پڻ امانات مقدسہ ۾ شامل آهن. نور محمد ۽ پرھہ اڳئي هتان ٿي ويا آهن ۽ اسان بہ اڄ هنن امانات مقدسہ جي زيارت ڪريون پيا. ”امانات مقدسہ،“ نالي ڪتابچي جو مصنف، حلمي ايدين، تاريخ فنون جو ماهر، استنبول شهر جي توپ ڪپي محل ۾ قائم ڪيل عجائب گهر جو ڊپٽي مئنيجر آهي. انهيءَ کان اڳ هو عجائب گهر ۾ قائم ڪيل ”ايوان امانات مقدسہ“ جو ڊويزنل مئنيجر هو، اسان ساڻس ملڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو سِيٽ تي ڪونہ هو.
ترڪ ملت عثمانيہ جي سلطانن جون تلوارون بہ امانات مقدسہ ۾ شامل آهن، انهن ۾ سلطان عثمان جي تلوار، جنهن جو ترڪي نالو ”تقليد سيف“ آهي، انهيءَ تلوار کي خلافت عثمانيہ جي سلطانن جي تاجپوشيءَ واري رسم دؤران وڏي اهميت حاصل هوندي هئي. انهيءَ تلوار کي ترڪيءَ ۾ عثماني گهراڻي جو پايو وِجهندڙ سلطان عثمان اول جي نسبت سان ”عثمان جي تلوار“ سڏڻ لڳا. اها روايت تڏهن کان شروع ٿي جڏهن سلطان عثمان اول کي سندس سياڻي صلاحڪار ۽ سهري شيخ اديبالي (Shaikh Adebali) اها تلوار ”تلوار اسلام“ جي حيثيت سان سلطان عثمان اول جي ڪمر تي ٻَڌي. بادشاھہ جي چيلھہ تي تلوار ٻَڌڻ واري رسم، بادشاھہ جي تخت نشينيءَ کان پوءِ ٻن هفتن جي مُدت اندر ادا ڪئي ويندي هئي، جيڪا شهر جي ايوب مسجد سان لڳ مقبري واري محلات ۾ منعقد ٿيندي هئي. اها محلات گولڊن هارن نالي آبي رستي تي ڪَپ تي اَڏيل آهي، جتان بادشاھہ جي رهائش وارو توپ ڪپي محل ڪو گهڻو پري ڪونہ هو، ان جي باوجود بادشاھہ وڏي ڌام ڌوم سان ٻيڙيءَ ۾ چڙهي اوڏانهن ويندو هو. مقبره ايوب ڪامپليڪس سلطان محمد ثاني مشهور اصحابي ابو ايوب انصاريءَ کي خراج طور تعمير ڪرايو هو، جيڪو مسلمانن طرفان هن شهر کي ڪيل پهرئين گهيري دؤران شهيد ٿيو هو. اهو گهيرو ستين عيسوي صديءَ ۾ ڪيو ويو هو. چيلھہ تي تلوار ٻَڌڻ واري عمل کي بادشاھہ جو پنهنجن تيرهين صديءَ عيسويءَ وارن ابن ڏاڏن سان تعلق برقرار رکڻ ۽ پيغمبر اسلام صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن سان سندس يعني اسلامي خلافت ۽ مؤمنن جي امير جي تعلق جي تجديد جي حيثيت سبب تقدس جو حامل عمل قرار ڏنو ويو. بادشاھہ چيلھہ تي تلوار ٻَڌڻ واري علامتي عمل ڪرڻ سان نہ فقط رياست جو حڪم، تخت ۽ تاج جو مالڪ بڻيو ٿي، پر انهيءَ سان گڏ سموري مسلم اُمت جو سالار پڻ. سلطان عثمان اول جي جاءِ نشين نئين سلطان کي ”تلوار عثمانيہ“ قونيہ شهر جي صوفي درويش شريف ٻَڌي هئي، جنهن کي خصوصاً انهيءَ تقريب سعيد لاءِ اُتان گُهرايو ويو هو. سن 1299ع ۾ سلطان عثمان اول قونيہ شهر ۾ پنهنجي رهائش اختيار ڪئي، انهيءَ وقت کان وٺي مذڪور صوفي فرقي جي درويشن کان بادشاھہ کي اميرالمؤمنين جي حيثيت ۾ سيف عثمان چيلھہ تي ٻَڌڻ واري رسم چالو ٿي ۽ اهو شرف انهن صوفي درويشن کي حاصل رهيو. انهيءَ وقت کان اڳ ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ بُرسا ۾ ۽ ڪجهہ وقت پوءِ قسطنطنيہ ۾ قائم ٿيو. اوڻيهين عيسوي صديءَ جي پڇاڙيءَ تائين غير مسلمانن کي مسجد ايوب ۾ داخل ٿيڻ ۽ بادشاھہ جي چيلھہ تي تلوار ٻَڌڻ واري رسم ۾ شرڪت ڪرڻ جي اجازت ڪانہ هئي. اها غير رسمي قبيلن ۽ گروهن تي پيل بندش سلطان محمد پنجين لاٿي، جنهن سندس رسم ۾ ملڪ جي سمورن غير مسلم فرقن جي نمائندن کي دعوت ڏئي شريڪ ڪيو. اها رسم 10 مئي 1909ع تي منعقد ٿي، جنهن ۾ خصوصي طور يوناني يهودي فرقي جي مُکيہ ربيءَ ۽ آرمينيا واري عيسائي فرقي جي پادرين بہ شرڪت ڪئي. غير مسلم فرقن کي مذڪور رسم ۾ شرڪت جي اجازت ملڻ تي آمريڪي اخبار ”دي نيويارڪ ٽائيمز“ هڪڙو مفصل مضمون شايع ڪيو. سلطان محمد پنجين جي ڀاءُ ۽ جاءِ نشين سلطان محمد ڇهين سندس تلوار ٻَڌڻ واري رسم جي فلم پڻ ڀرائي هئي، جيڪا انهيءَ سلطان جي ملت عثمانيہ جي آخري سلطان هئڻ سبب آخري رسم هئي، جيڪا فلمائي وئي هئي. اسان ڪوشش ڪئي تہ جيئن برٽش ميوزم يا پيرس جي لوور ميوزم يا روم جي ويسٽيڪن سٽي وانگر جت توهان انهن ميوزمن جي باري ۾ ڪتاب ۽ سيڊيز گهرڻ تي خريد ڪري سگهو ٿا تيئن هت بہ هن ميوزم جي متعلق ڪتاب ۽ سيڊيز خريد ڪيون، پر سيڊيز لاءِ چئون تہ سڀاڻي سو محبوب ۽ منا کي چيم تہ پاڻ هاڻ اڄ حرم ۾ گهمڻ جو پروگرام ڪينسل ٿا ڪريون ۽ سڀاڻي اچي حرم گُهمون، تنهن تي پاڻ ياد ڏياريون تہ سڀاڻي پاڻ پرنسس آئيلينڊ گهمڻ هلنداسين ۽ پرين پاڻ لنڊن هلنداسين، سو مجبورن اسان هاڻ وري هن ئي ميوزم جي ٻي پورشن لاءِ ٽڪيٽون وٺي حرم واري طرف گُهمڻ لاءِ روانا ٿياسين، اسان داخل ٿيڻ کان اڳ حرم جي دروازي وٽ ڪيفي مان کائڻ لاءِ ڪجهہ خريد ڪري کائي پي پوءِ اندر داخل ٿياسين. هي محل خليفن ۽ بادشاهن ۽ سلطانن لاءِ سَوَن سالن کان رهائش طور استعمال هيٺ رهيو آهي، توپ ڪاپي ميوزم واري طرف فوٽن ڪڍڻ تي بندش هئي پر هت اهڙي ڪابہ بندش نہ هئي، تنهن ڪري محبوب هتي ڪافي فوٽا ڪڍيا، ٿورو ٿورو مينهن وَسڻ جا ويس ڪري روم مان رمي ڪابل ۽ قنڌار تي وسي چين ۽ سمرقند کان ٿيندو هاڻ استنبول ۾ مينهڙا وسائي، هاڻ ڪابل کان ٿيندو سنڌ ۽ عالم کي آباد ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهي ۽ اسان هاڻي دنيا اسلام جي آخري خلافت جي خليفن ۽ بادشاهن جي حرمن ۾ داخل ٿي رهيا آهيون، منا مون کي ٻُڌايو تہ پاڻ هن کان اڳ ۾ فرانس جي بادشاهن جا محل، پيرس ۾ ورسائل نالي انگلينڊ جي بادشاهن جو نيڪگهم محل هندستان جي بادشاهن جا محل لاهور، دهلي، آگره، فتح پور، سيڪري ۽ جپان جي بادشاھہ جو محل ٽوڪيو ۾ ڏسي چڪا آهيون.
حرم ۾ داخل ٿيڻ واري پهرئين ڪمري ۾ هڪ تمام وڏي آرسي يا آئينو لڳل آهي، جيڪو ڀت جيڏو ئي وڏو آهي. ان جي پاسن تي سوني رنگ سان خبر ناهي تہ چاندي يا ڪنهن ٻئي ڌاتوءَ جو تمام سهڻو ڪم ٿيل آهي. مون، منا ۽ محبوب اُت بيهي هڪ ٻئي جا فوٽا ڪڍيا. اندر ڪمرن جي دروازن جي مٿان چاندي يا ڪنهن ٻئي ڌاتوءَ تي ميناڪاريءَ جو لاجواب ڪم ٿيل هو، تنهن کي سياحن ڏاڍي چاھہ سان ٿي ڏٺو ۽ انهيءَ جا فوٽا ۽ فلمون ڀري رهيا هئا. ڪمري ۽ هالن اندر ڏاڍا سهڻا ۽ وڻندڙ فانوس لڳل هئا. هي سلطاني حرم جنهن ۾ اسين هاڻ گهمي رهيا آهيون، تنهن کي ترڪي ٻوليءَ ۾ ”حرم همايون“ چئجي ٿو، اهو سلطان جي خانگي محلات جي هڪ اهم حصي طور تعمير ٿيل هو، تنهن ۾ چار سؤ کان بہ گهڻا ڪمرا ٺهيل هئا. حرم ۾ سلطان جي ماءُ، سندس زالون، سندس سُريتون، سندس ٻار، سندس خاندان جا ٻيا فرد ۽ حرم ۾ ڪم ڪندڙ خادم ۽ پهريدار خواجا سرا رهندا هئا. توپ ڪپي محل جو هي سلطاني حرم سراءِ وارو ڀاڱو ڪيترين ئي عمارتن تي مشتمل آهي، جيڪي مختلف ورانڊن، دالانن ۽ اڱڻن وسيلي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. خادمن، ٻين ملازمن ۽ عملدارن جي هر گروھہ کي حرم جي حدن اندر رهڻ لاءِ جدا جدا جڳهيون مليل هيون. هر ٽولي کي مليل جڳهيون سندن اڱڻن جي چوڌاريءَ ٺهيل هيون. انهن عمارتن جي ڪمرن جو تعداد هڪ سؤ کان بہ مٿي هو. انهن عمارتن وارن ڪمرن جو ڪجهہ قليل تعداد اڄڪلھہ عوام جي گُهمڻ لاءِ کُليل آهي. انهيءَ مھابي اسين بہ هت گُهمون پيا. حرم جي دروازن کان پري حد اورانگهڻ وارو عمل عدم موجود هو، البت سلطان، سندس راڻيون ۽ زالون، سندس والدہ، شھزادہ، سلطان جون سُريتون ۽ حرم جي حفاظت تي معمور محافظ صورتحال موافق رائج ضابطي کان آجا هئا. حرم سراءِ وارين عمارتن جو ميڙ توپ ڪپي محل جي اصل عمارتي سلسلي سان سورهين عيسوي صديءَ جي آخر ۾ دالانن يا ڍڪيل رستن وسيلي ڳنڍيو ويو هو. حرم وارين عمارتن مان گهڻين عمارتن جا نقشا ۽ تعميراتي اصول وقت جي عظيم معمار سِنان تيار ڪيا هئا. حرم سراء جي عمارتن جو سلسلو ٻئي نمبر دالان ۾ کُلندڙ ۽ اُتان کان شروع ٿيندڙ آهي. گاڏين وارو گيٽ پڻ انهيءَ دالان ۾ کُلندڙ آهي. وقت گُذرڻ سان گڏ حرم جي عمارتن جي تعمير جو سلسلو گولڊن هارن آبي رستي ڏانهن وڌندو رهيو ۽ عظيم عمارتن جي ميڙ جي صورت اختيار ڪري ويو. هنن عمارتن جي تعمير جو سلسلو پندرهين عيسوي صديءَ کان اوڻيهين صديءَ جي شروعات تائين جاري رهيو، جنهن ۾ محلاتي تعمير واري طرز ۽ آرائشي انداز اختيار ڪيو ويو. سلطان محمود اول ۽ سلطان عثمان ٽئين جي اقتدار دؤران حرم سراء جي چند عمارتن کي نئين سر سينگاريو ۽ سنواريو ويو هو. سينگار جي هيءَ نئين طرز اڳوڻي آرائشي طرز کان بلڪل نرالي ۽ وڌيڪ جاذب نظر هئي.
دالان نمبر ٻئي جي پاسي ۾ گاڏين واري دروازي مان لنگهي گنبذ جي ڇِت واري ڪمري ۾ داخل ٿبو. انهيءَ عمارت جي تعمير سلطان مراد ٽئين سن 1887ع ۾ ڪرائي. هت هاڻ سياح ٽولن جي صورت ۾ ڪمرن اندر داخل پيا ٿين تہ ڪي وري ٻين هالن ڏانهن وڌي رهيا آهن. سندن ٻاهران آندل ڪِرائي جا گائيڊ کين هر ڪمري، هال، فانوس، دري ۽ دروازي جي پُراڻي حيثيت بابت سمجهائي رهيا آهن. هر گروپ جي سياحن کي سندن مخصوص ٻوليءَ ۾ سمجهائڻ وارو گائيڊ ڪِرائي تي آندل آهي، پر اسين ۽ ٻيا بہ بيشمار سياح بنا گائيڊ جي گُهمي رهيا آهن. هتي حرم سراء جي خزاني جي آفيس بہ هوندي هئي. هن جڳھہ اندر رکيل ڪٻٽن ۾ مختلف شين، ماڳن ۽ ملڪيت جي وقف بابت لِکيل دستاويز ۽ ٻيو اهم معاملن متعلق مواد ۽ رڪارڊ حرم جي نگران اعليٰ جي سنڀال هيٺ محفوظ ڪيل هو، انهيءَ ۾ سلطان، سندس ڪُٽنب ۽ ٻين فلاحي ادارن جي مالي معاملن بابت رڪارڊ ۽ ناڻو بہ شامل هو. وضو ڪرڻ لاءِ مخصوص چشمي واري هال جي مرمت سن 1665ع ۾ حرم سراء وارين عمارتن کي لڳل باھہ کان پوءِ وڌيڪ بهتر نموني سان ڪرائي وئي هئي. حرام سراء کي باھہ لڳڻ وارو اهو ٻيو واقعو هو، جيڪو 24 جولاءِ 1665ع تي واقع ٿيو. هن ماڳ کي انهيءَ وقت حرم سراء ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ٺهيل هال يا صفحي واري حيثيت حاصل هئي، جنهن تي محافظن جو پهرو هوندو هو. هي ماڳ حرم، حرم جي محافظن ۽ حرم سراء جي حدن اندر رهندڙ خادمن واري مسجد، سلطاني صلاحڪارن واري باغيچي ۽ ايوانِ عدل کي پاڻ ۾ ڳنڍيندڙ هو. ايوان عدل واري عمارت وٽان سلطان، سلطاني مجلس شوريٰ جي ڪارگذارين جو معائنو ڪندو هو. هن صفحي جي ڀِتين تي سترهين صديءَ ۾ ٺهيل ڪاشيءَ جا مشهور چوڪا لڳل آهن. ڪاشيءَ جو ڪم نہ صرف سنڌ ۽ ملتان ۾ ٿئي ٿو، پر توهان کي اهو ڪم مشرق جي ڪيترن ئي ملڪن جي ثقافتي پسِ منظر ۾ سندن عمارتن ۾ ڏسڻ ۾ ايندو. اسان وٽ انهن ڪاشيءَ جي چوڪن تي صرف گلڪاريءَ جا مختلف قسم ٺاهيندا آهن، پر ڪيترن ئي ملڪن، خاص ڪري چين ۽ جپان ۾ ڪاشيءَ جي چوڪن تي ماڻهن، جانورن ۽ پکين جون تصويرون بہ نظر اينديون. هن هال سان لڳ مسجد جي اڳيان ٺهيل دِڪو سلطان کي گهوڙي تي چڙهڻ ۾ ڪم ايندو هو. اتي رکيل بينچن تي پهريدار ويهندا هئا. هتي لڳل ڦوهارو هتان ڪڍائي وڃي سلطان مراد ٽئين جي خانگي شاهي حوض ۾ نصب ڪيو ويو هو. هن ماڳ جي کاٻي هٿ تي اَڏيل مسجد ۾ نيري، سائي ۽ سفيد رنگ وارا ڪاشيءَ جا چوڪا لڳل آهن. انهن چوڪن جو رنگ جهڪو ٿي ويو آهي. هن هال جي هڪڙي دروازي مان لنگهي هڪ دالان يا اڱڻ ۾ پهچبو، انهيءَ اڱڻ جي کاٻي طرف خادمن ۽ پهريدارن جا رهائشي ڪوارٽر ٺهيل آهن. انهن ڪوارٽرن جي دنگ وٽ نگران اعليٰ شيدي خواجا سرا جي گهر جي عمارت ٺهيل آهي. نگران اعليٰ شيدي خواجا سرا جو عهدو عملدارن ۾ چوٿون نمبر سڀ کان اعليٰ عهدو آهي. هنن عمارتن جي وچ ۾ سلطان جي شهزادن لاءِ هڪ اسڪول ٺهيل آهي. اسڪول واري ڪمري جي ڇِت تختا پوش، ڀِتيون ڪاٺ جي ڄارين سان سينگاريل ۽ فرش عاليشان ٽائيلن سان ٺهيل آهي. هت اڱڻ جي دنگ وٽ حرم ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هڪڙو زبردست دروازو ٺهيل آهي، هتي ٺهيل هڪڙو سوڙهيو گذرگاھہ سفيد غلامن جي رهائشي جڳهين ڏانهن وڃي ٿو. اهي سفيد غلام، ترڪ سلطانن کي يورپي بادشاهن ۽ شهنشاهن کان تحفي طور مليا هئا. هن اڱڻ جي چوڌاري ٺهيل عمارتون سن 1654ع ۾ حرم سراء واري علائقي ۾ لڳندڙ خطرناڪ باھہ کان پوءِ نئين سر اَڏيون ويون هيون، جنهن ۾ پورٽيڪو جي پويان حرم جي خادمن جا ڪوارٽر، نگران اعليٰ جو گهر، شهزادن وارو اسڪول، سلطان سان ملاقات ڪندڙ عمائدين لاءِ ٺهيل انتظارگاھہ ۽ پهريدارن وارو ڇپرو شامل آهي. حرم سراء جي خادمن جا گهر سورهين صديءَ ۾ ٺهيل ڄاڻايا وڃن ٿا. اهي ٽماڙ عمارت تي مشتمل آهن. انهيءَ عمارت جي مُهاڙيءَ تي سلطان مصطفيٰ چوٿين، سلطان محمود ٻئي ۽ سلطان عبدالمجيد اول جي امانتداريءَ وارا ڪارناما لِکيل آهن. مٿئين ماڙن وارن ڪمرن ۾ نوان ڀرتي ٿيل سيکڙاٽ ملازم رهندا هئا. هن عمارت جي دنگ وٽ هڪڙو يادگار چُلهو ٺهيل آهي، جنهن کي رنگين ٽائيل لڳل آهن. حرم سراء جي نگران اعليٰ جي گهر ۾ ڪچهري وارو ڪمرو، سُمهڻ وارا ڪمرا ۽ منجهن عاليشان غسلخانا ٺهيل هئا. هت نلڪن ۽ ٻين شين تي هڪڙو مخصوص ننڍڙو مونوگرام لڳل هو. ان تي لکيل ٻوليءَ کي مون ۽ محبوب پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر اها سمجهہ ۾ نہ آئي. اسان کي تہ اڃا تائين موهن جي دڙي واري ٻولي بہ سمجهہ ۾ ڪانہ ٿي اچي، سو هيءَ ڌاري ٻولي ڪٿان ٿي پروڙجي! شهزادن جي اسڪول وارو ڪمرو مٿِيئن ماڙ تي هو ۽ حرم سراء جي نگران اعليٰ جي خاص سنڀال هيٺ هوندو هو. انهيءَ ڪمري جي ڀِتين کي يورپي ٽائلن ۽ بروق طرز آرائش سان سينگاريو ويو هو. حرم سراء جو مُکيہ دروازو سلطان جي ڪُٽنب ۽ سندس سُريتن جي رهائشگاھہ کي جدا ڪري ٿو. هي دروازو پهريدار جي آساميءَ ڏانهن وڃي ٿو، جنهن سان حرام سراء جون ٽي مُکيہ عمارتون ڳنڍيل آهن. پهريدار واري ماڳ جي کاٻي طرف وارو دروازو سلطان جي سُريتن واري اڱڻ ڏانهن کُلي ٿو. پهريدار واري ماڳ وٽ وچيون دروازو سلطان جي والدہ واري اڱڻ ڏانهن کُلندڙ آهي. هن ماڳ جي ساڄي طرف واري گذرگاھہ گولڊن روڊ کان ٿيندي سلطان جي رهائشگاھہ ڏانهن وڃي ٿو. سلطان جي راڻين ۽ سُريتن واري اڱڻ ۽ راڻيءَ جي والدہ جي رهائشگاھہ جي وچ تي هڪڙي چاڙهي ٺهيل آهي، جنهن کي ”چاليھہ وِکون“ سڏيو وڃي ٿو، اها حرم سراء جي اسپتال وٽان اڳتي وڌندي سُريتن جي رهائشگاھہ وٽان ٿيندي حرم سراء جي هيٺئن پاسي وٽ پوکيل سهڻي باغيچي وٽ وڃيو ڇيھہ ڪري. توپ ڪپي محل جي هن حرم سراء واري ڀاڱي ۾ سلطان ۽ سلطان جي والدہ جي رهائش واريون عمارتون حرم سراء وارين سڀني عمارتن جو وڏو حصو والارين ٿيون ۽ سڀ کان وڌيڪ اهميت جون حامل پڻ آهن. سورهين صديءَ ۾ راڻيءَ جي والدہ جڏهن قديم سلطاني محل مان نِڪري اچي توپ ڪپي محل ۾ رهڻ لڳي تہ ان کان پوءِ سلطان ۽ راڻيءَ جي والدہ لاءِ مذڪور رهائشگاھہ تعمير ٿيا. سن 1665ع واري باھہ کان پوءِ انهن کي وري نئين سِر تعمير ڪيو ويو هو. موسيقيءَ وارو ڪمرو هن عمارت سان ارڙهين صديءَ ۾ ڳنڍيو ويو هو. راڻيءَ جي والدہ جي رهائشگاھہ جا فقط ٻہ ڪمرا گُهمڻ لاءِ ڏيکاريا وڃن ٿا. راڻي جي والدہ جي رهائشگاھہ ۽ ساڻس ملاقات ڪندڙ خواتين لاءِ انتظار گاھہ هن عمارت جي مٿئين ماڙ تي واقع آهي. انهيءَ عمارت جي هيٺئن ماڙ تي سلطان جي سُريتن جي رهائشگاھہ قائم هئي. هيءَ راڻيءَ جي گهر واري عمارت سلطان جي رهائشگاھہ واري عمارت ڏانهن ويندڙ گُذرگاھہ سان متصل آهي. هنن سڀني جڳهين ۾ سترهين صديءَ ۾ ٺهيل نيري، سفيد، پيلي ۽ سائي رنگ واري سهڻي ڪاشيءَ جو عاليشان ڪم ٿيل آهي. مٿئين ڪمرن ۾ ارڙهين ۽ اوڻيهين صديءَ جي مغربي طرز واري پينٽنگ ٿيل آهي. امپيريئل هال حرم سراء وارين عمارتن ۾ سورهين صديءَ ۾ تعمير ٿيل ڄاڻايو وڃي ٿو. اهو هال گُنبذ واري ڇِت سان ڍڪيل آهي. اهو سرڪاري مهمانن جي آجيان وارو ايوان، توڙي حرم جي رهاڪن جي تفريح گاھہ طور ڪم ايندو هو. محبوب پُڇيو تہ ان وقت محلن ۾ بادشاهن جون وندرون بہ آئون سمجهان ٿو تہ، اهي سنڌي وڏيرن جي وندرن وانگر هونديون يا ٿورو مختلف هونديون. اسين هاڻ هڪ ٻئي سيڪشن ۾ داخل ٿياسين. شايد هي سلطانن يا شهزادن جي ڪچهريءَ جو هال هو، جنهن ۾ هڪ وڏي آرامده ۽ پَٽ پٽيهر سان ڀريل ويهڪ ٺهيل هئي. هن ئي هال ۾ سلطان پنهنجن خاص صلاحڪارن، مهمانن، پنهنجي والدہ، پنهنجي پهرين زال يا راڻيءَ ۽ ٻين زالن ۽ پنهنجن ٻارن کي موقعي موافق گُهرائيندو هو. مذهبي ڏهاڙن ۽ شادين مُرادين جون رسمون، توڙي مختلف تفريحي محفلون بہ هتي ئي منعقد ٿينديون هيون. سن 1665ع ۾ حرم سراء ۾ لڳندڙ خطرناڪ باھہ کان پوءِ سلطان عثمان ٽئين جي دؤر حڪومت ۾ هن هال کي نئين سر تعمير ڪيو ويو ۽ روڪوڪو طرز آرائش سينگاريو ويو. هال جي ڀِتين ۾ لڳل چوڪن تي سهڻي خطاطي ٿيل هئي. چوڪن جي چوڌاري ڪاشيءَ ۽ شيشي جون پٽيون لڳل هيون، سي ڏاڍون ٿي ٺَهيون. گُنبذ جي ڪانس تي ٿيل اصلوڪي مصوري اڃا تائين قائم آهي ۽ چڱيءَ طرح ڏسڻ ۾ پئي اچي. انهيءَ هال ۾ سلطان جو تخت يا گادي بہ رکيل آهي، جنهن جي مٿان هڪ ڇٽي رکيل آهي. هن هال جي گئلريءَ ۾ راڻيءَ جي والدہ جي اڳواڻيءَ هيٺ راڻي ۽ سلطان جون ٻيون زالون ويهنديون هيون. هتي رکيل سونهري پٽين واريون ڪرسيون جرمنيءَ جي شهنشاھہ ولهيلم ٻئي طرفان سلطان کي تحفي طور موڪليون ويون هيون. هال ۾ نصب ٿيل گهڙيال برطانيہ جي راڻي وڪٽوريا سوکڙيءَ طور موڪليا هئا. هال سان لڳ ننڍو ڪمرو رڌڻي طور ڪم ايندو هو. انهيءَ ۾ هاڻي موسيقيءَ جي سازن جي نمائش پئي ٿي. هن ڪمري وٽان هڪ ننڍو رستو سلطان جي خانگي رهائشگاھہ ڏانهن وڃي ٿو. هن هال جو هڪ دروازو راڻيءَ جي والدہ جي رهائشگاھہ ڏانهن کُلندڙ آهي. ٻيو دروازو سلطان جي حمام ڏانهن کُلي ٿو. ٽيون ڳجهو دروازو هڪڙي وڏي آرسيءَ جي پويان ٺهيل آهي، جنهن مان سلطان سڄي محل ۾ ڪنهن بہ طرف باحفاظت وڃي سگهي ٿو. هال ۾ نصب ٿيل دروازن مان هڪڙو کاڌو کائڻ واري چيمبر ۾ کُلي ٿو. تنهن کان سواءِ هڪ ٻيو بہ دروازو هال ۾ لڳل آهي، جيڪو هال سان ڳنڍيل ٻين ننڍن ايوانن ڏانهن کُلندڙ آهي. انهن مان هڪ چيمبر ۾ لاجواب ڦوهارو نصب ٿيل آهي. هت بہ محبوب فوٽا ڪڍيا. سلطان احمد ٽئين جو جوڙايل پروي چيمبر هڪ ننڍو مگر پُروقار ۽ چڱيءَ طرح آراستہ ڪمرو آهي. ان جي ديوارن تي ميوي جي پيالن ۽ نهايت سُهڻي گلڪاريءَ واري پينٽنگ ٿيل آهي. هن چيمبر ۾ ٽائيلن سان آراستہ هڪڙو بخارو بہ ٺهيل آهي. ان جي درين جي شيشن تي پڻ گلن واري نهايت سُهڻي پينٽنگ ٿيل آهي. هن ڪمري کي ”فروٽ روم“ پڻ ڪوٺيندا هئا، پر هينئر اسان جي کائڻ لاءِ هتي ڪوبہ ميوو موجود ڪونهي! سلطنت جو ولي عهد شهزادو سندس مخصوص رهائشگاھہ ۾ مفرد زندگي گُذاريندو هو، تنهنڪري انهيءَ عمارت کي قفس يعني پڃرو بہ سڏيندا هئا. سمورن شهزادن کي سن بلوغ تائين سلطنت عثمانيہ طرفان حرام سراء ۾ نافذ ضابطہ اخلاق موجب مختلف علمن ۽ عملن جي سِکيا ڏني ويندي هئي. تنهن کان پوءِ کين مملڪت جي مختلف پرڳڻن ڏانهن ناظم يا گورنر مقر ڪري موڪليو ويندو هو، جتي اهي رياستي امور بابت وڌيڪ عملي انتظامي سِکيا حاصل ڪندا هئا. شھزادہ حرم سراء ۾ سترهين عيسوي صديءَ جي شروعات کان وٺي رهڻ لڳا، جنهن ڪري محل جي انتظام ۾ سندن عمل دخل شروع ٿي ويو. ارڙهين صديءَ کان وٺي ولي عهد شهزادي جي رهائشگاھہ ايوان شوريٰ طور استعمال ٿيڻ لڳي. حرم سراء جي هڪڙي ايوان کي ”صوفيہ همايون“ سَڏيندا هئا. اهو ايوان سلطان جو بلڪل خانگي ۽ تمام ڳُجهو چيمبر هو، جنهن ۾ ڪيترائي شاميانا، ڇانيل دڪا ۽ بهترين باغيچو پوکيل هو.
حرم سراء جي بند ٿيڻ ۽ سياحن کي خبردار ڪرڻ لاءِ تہ اهي حرم سراء خالي ڪن، اهو اطلاع ڏيندڙ گهنٽيون وڄڻ لڳيون تہ اسان بہ واپس ورڻ واري ڪئي. حرم سراء ۾ تمام گهڻي تعداد ۾ سياح موجود هئا، پر نِڪرڻ وقت ڪابہ اجائي رش، تڪڙ يا افراتفري ڪانہ هئي. سڀ سياح آهستي آهستي، مشڪي هڪٻئي کي هيلو هيلو ۽ ساري ساري چوندا ٻاهر نِڪرندا ويا. منا ۽ محبوب پڻ پنهنجو پنهنجو سامان سنڀاليندا حرم سراء مان ٻاهر نِڪري آياسين، جتي توپ ڪپي محل ۽ حرم سراء گُهمڻ وارا بيشمار سياح نظر آيا. اسين هتان نڪري اچي بلو مسجد جي ٻاهران پيل بئيچن تي ويهي هتي نصب ٿيل بيشمار سهڻن ڦوهارن کي ڏسڻ لڳاسين. جيڪي بيشمار روشنين جي رنگن ۾ هڪ عجيب روح پرور منظر پيش ڪري رهيا هئا، جن کي سياح ڏسي رهيا هئا، هن سڄي منظر کي ڏِسي مون کي شيخ اياز جو هي شعر ياد اچي ويو ته:
ماڻهو چنڊ ٽُپي ويو آهي،
تون تہ اُتي ئي بيٺو آهين.
اسين هتان چاڙهيءَ تان هيٺ اچي هڪ هوٽل تي ماني کائڻ بعد ڀرسان ئي هڪ اسٽور تان ڪجهہ سامان خريد ڪري پوءِ پنڌ ئي پنڌ اچي پنهنجي رهائش واري هوٽل تي آرامي ٿياسين. صبح سوير ناشتو ڪري ٽيڪسي ڀاڙي تي ڪري ڪباتاس (Kabatas) نالي پتڻ تي پهتاسين، جتان پاتڻي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي سمنڊ رستي ’پرنسز آئيلينڊس‘ ڏانهن روانا ٿياسين. مون هن کان اڳ يورپ انگلش چينل ۾ فرانس کان انگلينڊ، انگلينڊ کان بيلجيم ۽ جرمنيءَ جي رائن نديءَ ۾، آمريڪا جي سان فرانسسڪو مارڪو پولو جي شهر وينس ۾، انگلينڊ جي ٿيمس نديءَ ۾ ۽ هالينڊ ۾ ايمسٽر نديءَ ۾ ڪيئي دفعا انهن ندين ۽ سمنڊ ۾ بہ سفر ڪيو آهي، پر مون کي ٻيڙيءَ ۾ گُهمڻ جو مزو جهڙو سنڌو درياھہ ۾ منهنجي ڳوٺ ٻنيءَ وٽ ٿو اچي، اهڙو مزو ٻئي هنڌ ڪٿي بہ ڪونہ آيو. هينئر درياھہ جي ڪِنارن تي ٻيلن جا وڻ ختم ٿي ويا آهن، پر جڏهن ٻيلا ڀلا ۽ منجهن عاليشان وڻ هوندا هئا ۽ درياھہ ۾ پاڻي جام هوندا هئا، تڏهن درياھہ ۾ ٻيڙين جي سير جو مزو ئي ٻيو هوندو هو. خاص ڪري چانڊوڪيءَ راتين ۾، درياھہ جي سِير تي ٻيڙين جي سَير دؤران ڇولين جو ڪپرن سان ٽڪرائجڻ جو آواز ۽ پڙاڏو ماحول کي مست ڪري ڇڏيندو هو. جڏهن چوڏهين جي چنڊ جا ڪِرڻا درياھہ جي لهرن ۽ پاڻيءَ تي پوندا هئا تہ اهو اهڙي تہ سحر انگيز نموني جرڪندو هو ۽ ائين ڀانئبو هو ڄڻ تہ سموري درياھہ ۾ چانديءَ وارو پاڻي پيو وهي. اهڙي حسين ماحول ۾ موج ۾ اچي جڏهن شيخ اياز پنهنجي شاعري ٻُڌائيندو هو تہ، ٻُڌڻ وارن تي سحر تاري ڪري ڇڏيندو هو. ٻُڌڻ وارن ۾ بابا سائين ارباب نور محمد پليجو، جمال ابڙو، ابراهيم جويو، رشيد ڀٽي، غلام رباني آگرو وارا هوندا هئا. اسين چُپ چاپ باادب سندس شاعري ٻُڌندا رهندا هئاسين. پريان ناکئو جمون ۽ آچار ميربحر واريءَ ۾ پلا پيا پچائيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ٻلهڻيون درياھہ جي پاڻيءَ ۾ ٽُپ ڏيندي ڏسبيون هيون. انهن تي چنڊ جي پوندڙ چانڊاڻ جي جهلڪ ڏاڍي وڻندي هئي.
درياھہ جي ڪپرن تي وڏا گهاٽا ٻٻر جا وڻ پري کان هڪ عجيب ڏيک ڏيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن درياھہ جي ٻيٽن تي راڳ جون محفلون بہ ڪرائيندا هئاسين. درياھہ شاھہ جي هنج ۾ اهي منظر ۽ محفلون موجون ۽ مستيون جڏهن ياد ٿيون پون تہ جسم ۽ جان جوان ٿي پون! کیا رات تھی کہ اک کہانی میں کٹ گئی! ڪڏهن ڪڏهن شيخ اياز درياھہ ۾ رڇ لهرائي پوءِ انهيءَ ۾ ڦاسندڙ مڇين ۽ پلن کي ڏاڍي غور سان ڏسندو هو. سندس اهو دستور هوندو هو تہ محفل جي آخر ۾ هو ملاحن سان مخصوص ڪچهري ڪندو هو ۽ ٻيڙين، رڇن ۽ مڇين جا ڪيترائي نوان لفظ پنهنجي ڊائريءَ ۾ نوٽ ڪندو هو. لفظن ۽ محاورن نوٽ ڪرڻ جو اهو سلسلو سندس لاڙ جي سموري سفر دؤران جاري رهيو ۽ ڪيٽي بندر وٽ پورو ٿيو. اياز اهو سربستو احوال پنهنجي ڪتاب ”ڪٿي نہ ڀڃبو ٿڪ مسافر“ ۾ بيان ڪيو آهي.
استنبول شهر جي وچان وَهندڙ هن سحر انگيز سمنڊ ۾ هلندڙ ٻيڙين جو ايڏو وڏو تعداد هن کان اڳ مون صرف آمريڪا جي شهر سان فرانسسڪو ۾ ڏٺو، پر استنبول مون کي سان فرانسسڪو کان بہ وڌيڪ وڻندڙ ۽ پنهنجو لڳو؛ جنهن جا ماڻهو ملوڪ، محبتي ۽ پنهنجا لڳا. اسان هاڻ پنهنجي بوٽ ۾ ٻنهي طرفن کان وڏين وڏين ٽڪرين مان نِڪرندا پرنسز آئلينڊس يعني شهزادن وارن ٻيٽن ڏانهن وڃي رهيا آهيون. اسين هت تقريباً ڏيڍ ڪلاڪ کن سفر ڪرڻ کان پوءِ پهتاسين. هنن ٻيٽن کي ڳاڙها ٻيٽ بہ ڪوٺيو ويندو هو. انهن ٻيٽن جو ڪل تعداد نَوَ آهي، جيڪي استنبول شهر جي ايشيا کنڊ واري ڀاڱي سان وابستہ، شهر کان تما گهڻو پري، ساحل سان تقريباً لڳ، هن وقت شاندار تفريحي ماڳ آهي. بازنطيني، رومي ۽ عثماني گهراڻي جي اوائلي دؤر حڪومت ۾ شاهي خاندان جا جيڪي فرد بغاوت سبب حزب اقتدار کان ٻاهر رکيا ويندا هئا، انهن کي سزا طور هنن ٻيٽن تي نظربند ڪيو ويندو هو، ڇو تہ انهيءَ وقت ۾ اهي ٻيٽ استنبول شهر کان تمام گهڻو پري تصور ڪيا ويندا هئا،جتان باغي شهزادا باغيانہ سرگرميون انجام ڏئي نہ پئي سگهيا. انگريزن پڻ هندستان جي باغي سياسي اڳواڻن کي مالديپ جي ويجهو ڪجهہ ٻيٽن ۾ سزا طور نظربند ڪندا هئا. انهن ٻين کي ڪارو پاڻي سَڏيندا هئا. شهزادن وارن ٻيٽن تي شهزادن کي قيد رکڻ جي روايت کان اڳ انهن ٻيٽن تي رهندا هئا، جيڪي سماجي زندگي تياڳي انهن ويران ٻيٽن تي الله تعاليٰ جي عبادت ڪندا هئا، تنهن ڪري انهن ٻيٽن کي ”شهزادن وارا ٻيٽ“ سَڏڻ کان اڳ ”تياڳين وارا ٻيٽ“ سَڏيندا هئا. انهن ۾ چار وڏا ۽ پنج ننڍا ٻيٽ آهن.
ڪائنالئاڊا (Kinaliada)، برگاز (Burgaz)، هيبِيلِئاڊا (Heybeliada) ۽ بُيُوڪاڊا (Buyukada) وڏا ٻيٽ آهن. تنهن کان سواءِ صدف (Sedef) نالي بہ هڪڙو ننڍڙو ٻيٽ آهي، جتي انساني آبادي آهي. اهو ٻيٽ بيوڪاڊا وڏي ٻيٽ جي اوڀر طرف آهي. ڪاسڪ (Kasik) ننڍو ٻيٽ بُرگاز ۽ هيبِيلِئاڊا ٻيٽن جي وچ ۾ آهي. تاوسان (Tavsan) ٻيٽ بُيُوڪاڊا ٻيٽ جي ڏکڻ طرف آهي. ياسئاڊا (Yassiada) ۽ سِوِرِئاڊا (Sivriada) ٻيٽ ڪائينالئاڊا ٻيٽ جي ڏکڻ اولھہ ڪنڊ تي سمنڊ اندر ڳچ پنڌ تي موجود آهن. هي چارئي ٻيٽ ويران آهن، جن تي ڪابہ وسندي ۽ آبادي ڪانهي. بُيوڪاڊا ٻيٽ کي شهزادن وارن ٻيٽن جي راڻي چوندا آهن. استنبول شهر کان هنن ٻيٽن ڏانهن مسافر کڻي ويندڙ ۽ ايندڙ ٻيڙين کي ”پتڻ واريون ٻيڙيون“ سَڏيندا آهن. بُيوڪاڊا ٻيٽ جي پتڻ تي لهڻ سان سامهون تعمير ٿيل سينٽرل اسڪوائر نالي عاليشان عمارت ۾ نصب ٿيل وڏا گهڙيال چڱيءَ طرح ڏسڻ ۾ اچن ٿا. گهاٽ مان ٻاهر نڪري ڪپ تي ڏسندا تہ هتي سُٺا ريسٽورينٽ ٺهيل آهن. ٽائون سينٽر ۾ ٻين شين کان سواءِ پاسارين جا دُڪان پڻ موجود آهن. گهڙيالن واري سينٽرل اسڪوائر جي کاٻي هٿ تي شاهي رستو اوڀر طرف، ساڄي هٿ تي شاهي رستو اولھہ طرف ۽ اوهان جي سامهون عاليشان رستو ڏکڻ طرف پيو وڃي. سمورن رستن تي شاندار عمارتون ٺهيل آهن. اسان انهن عمارتن جي سامهون ڪافي فوٽا ڪڍيا، پوءِ اڳتي روانا ٿياسين. هت سڀئي وڏا رستا يونين اسڪوائر وٽ اچي ملن ٿا. هن ٻيٽ جي جاگرافيائي سينٽر پوائنٽ ٻن ٽڪرين جي وچ ۾ صنوبر وڻن جي ڀَلَ ۾ ڄاڻائي وڃي ٿي. هن ٻيٽ جو واضح ۽ سُٺو نقشو پتڻ واري گهاٽ جي کاٻي هٿ تي نصب ٿيل آهي. هنن جزيرن ڏانهن وڃڻ جو واحد وسيلو سامونڊي پاتڻي ٻيڙيون ۽ تفريحي ٻيڙا آهن، جيڪي استنبول شهر جي ٻنهي کنڊن وارن گهاٽن يعني تڙن تي مقرر ٽائيم ٽيبل موافق سدائين موجود هونديون آهن. استنبول جي اُلهندي ڀاڱي کان هنن جزيرن ڏانهن ويندڙ پاتڻي ٻيڙيون ڪباتاس نالي تڙ تان مسافر کڻنديون آهن ۽ اُڀرندي يعني ايشيا واري ڀاڱي مان مسافر کڻندڙ پاتڻي ٻيڙيون ڪاڊيڪواءِ (Kadikoy)، بوسٽانسي (Bostanci)، مالتپي (Maltepe) ۽ ڪرتل (Kartal) نالي گهاٽن تان مسافر کڻنديون آهن. هنن جزيزن ڏانهن ٻيڙين جا گهڻي ۾ گهڻا چڪر يا پُورَ بوستانسي تڙ تان لڳايا ويندا آهن. تکيون پاتڻي ٻيڙيون توڙي وڏا تفريحي جهاز بہ هن ئي تڙ تان هنن ٻيٽن ڏانهن ويندا آهن. استنبول شهر جي يورپي يعني اُلهندي ڀاڱي کان هنن جزيرن تائين پهچڻ ۾ وڏن تفريحي ٻيڙن کي عموماً ڏيڍ ڪلاڪ کن لڳي ٿو، پر اُڀرندي يعني شهر جي ايشيائي ڀاڱي کان هنن جزيرن تي پهچڻ ۾ ٻيڙين کي فقط مُنو ڪلاڪ لڳي ٿو. تقريباً سڀئي پاتڻي ٻيڙيون چئن ئي مُکيہ ٻيٽن تي مسافرن کي سلسليوار پهچائين ٿيون. پر انهن ٻيٽن جي نالي سان ٻيڙي بيهڻ جو اعلان ڪونہ ڪندا آهن، تنهنڪري هر مسافر کي ٻيٽ جي تڙ يعني گهاٽ تي انهيءَ ٻيٽ جي نالي وارو شاهي بورڊ چڱيءَ ريت جانچي ڏسڻ گُهرجي تہ، جيئن هو پنهنجي گهربل ٻيٽ تي پهچي سگهي. مون محبوب کي اهي بورڊ پڙهڻ لاءِ تاڪيد ڪيو هو. هيءَ بہ مزيداري ڳالھہ آهي تہ هنن ٻيٽن تي گُهمڻ ڦِرڻ لاءِ ڪا آٽوموبائل سواريءَ جهڙوڪ؛ موٽر ٽيڪسي يا رڪشا وغيرہ آهي ئي ڪانه! البت گهوڙي گاڏيون، جهڙيون ڪنهن زماني ۾ حيدرآباد ۾ هلنديون هيون، سي هر ٻيٽ جي هر تڙ تي حقيون بيٺيون آهن. تڙ کان ٻيٽ جي مختلف ماڳن ڏانهن کڻي وڃڻ لاءِ انهن گهوڙي گاڏين جو ڀاڙو مقرر ٿيل آهي ۽ مسافرن جي تعداد موجب نہ پر يڪي گاڏيءَ جو آهي، جنهن ۾ وڌ ۾ وڌ چار مسافر ڏُکيا ويهي سگهن ٿا. البت ٽي مسافر آرام سان ويهي سگهن ٿا ۽ اسين بہ ٽي ڄڻا هئاسين، تنهنڪري سڄي ٻيٽ تي گُهمڻ ڦرڻ ۾ ڏاڍو مزو پئي آيو. بُيُوڪاڊا ٻيٽ تي By Sukru نالي هوٽل سمنڊ جي ڪِناري تي تعمير ٿيل آهي، جنهن ۾ مختلف تازين سامونڊي مڇين، ڀاڄين ۽ لذيذ ڪبابن تي مشتمل بهترين کاڌا پيش ڪيا وڃن ٿا. هن هوٽل جي مئڪدي ۾ هر ڇنڇر جي رات موسيقيءَ جي محفل سجائي ويندي آهي. گهاٽ کي ويجهي هئڻ سبب هن هوٽل ۾ تمام گهڻي رش هوندي آهي، تنهنڪري ويهن آمريڪن ڊالرن عيوض بُڪنگ سياحن لاءِ سُڪون جو سبب بنجي ٿي. جيڪڏهن توهان ٻيٽن تي رات گذارڻ نٿا چاهيون تہ گهاٽ واري عمارت مان ٻاهر نڪرڻ کان اڳ، شهر ڏانهن ٻيڙين جي موٽڻ جا وقت نوٽ ڪرڻ نہ وِساريندا، جيئن تہ موٽڻ ۾ سهولت رهي. خاص ڪري سياري جي مُند ۾ وڏا تفريحي مسافر بردار جهاز شهر ڏانهن واپسي گهٽ ڪندا آهن. ٻيٽن کان سڀ کان دير سان استنبول واپس ورندڙ ٻيڙيون بوستانسي تڙ تي لنگر انداز ٿينديون آهن. تقسيم اسڪوائر ڏانهن وڃڻ لاءِ انهيءَ گهاٽ تان بسون ملن ٿيون. يا تہ توهان تڙ سان لڳ گهٽي ٽُپي، سامهون ريلوي لائين جي هيٺان گذرگاھہ مان لنگهي ٻئي پاسي پهچي، کاٻي هٿ تي ٺهيل سيڙهي نمبر ٻہ تان مٿي اچي اچي هڪ اسڪوائر وٽ رسندا، جتان پڻ تقسيم اسڪوائر لاءِ بسون ملن ٿيون. هيءَ ڳالھہ ڌيان لهڻي تہ سرءُ، سياري ۽ بهار جي مُندن دؤران ڪڏهن ڪڏهن طوفانن ۽ وڏين لهرن سبب هنن ٻيٽن ڏانهن پاتڻي ۽ تفريحي ٻيڙيون وغيرہ ڪونہ وينديون آهن. انهيءَ عرصي دؤران اهي ٻيٽ ساري جهان کان جُدا رهندا آهن. هينئر بہ تقريباً بهار جهڙي موسم آهي ۽ بگي يا پنڌ پر گُهمڻ ڦِرڻ ۾ مزو پيو اچي. جهڙيون اڄڪلھہ ڪراچيءَ بيچ تي وليج هوٽل کان اڳيان هوٽلون کُليون آهن، هتي هن ٻيٽ جي ڪِناري تي بہ اهڙي قسم جي پر وڏي ۽ سُٺي هوٽل ٺهيل آهي. اسان بہ ٻہ ٽي ڪلاڪ گُهمي ڦري اچي هن هوٽل ۾ ماني کاڌي. ماني تمام سُٺي هئي، پر بل استنبول جي هوٽلن کان زيادھہ هو. ماني کائي هوٽل کان ٻاهر ان جي ڀرسان ئي تڙ تي بيٺل ٻيڙيءَ ۾ چڙهي اسين استنبول ڏانهن روانا ٿياسين.
انگريزن جي دؤر حڪومت ۾ هڪ سنڌي پبلشر نارائڻ داس رتن مل ملڪاڻيءَ انگريزن جي دؤر ۾ ۽ ان کان اڳ ۾ سنڌ ۾ آيل سياحن، انگريز آفيسرن ۽ ڪن ٻين لِيکڪن جي ڪُل يارهن ڪتابن جو مختصر ترجمو ڪرائي ”ميراڻي سنڌڙي“ نالي سان دهليءَ مان ڪتاب ڇپرايو، جنهن جي صفحي 167 تي يورپي لِيکڪ پونسٽن (Ponston) جي ڪتاب “Personal Observations in Sindh” جو حوالو ڏنل آهي. انهيءَ ۾ لِکيل آهي ته: ”شڪارپور جي بازار ۾ جهڙي رونق آهي اهڙي مصر (جي شهر) قاهره کان سواءِ ٻين ٿورڙن هنڌن ڏسجي ٿي. عجيب غريب چهچٽي واريون ٽوليون هت وچ ايشيا جا واپاري (۽) اُڀرندي اُلهندي هندستان جا واپاري پاڻ ۾ ملندا جلندا ڏسڻ ۾ ايندا. اٽڪل چئين بجي شام جو بازار تيز ٿيندي آهي. معلوم ٿيو تہ سنڌ جو هڪ شهر شڪارپور مصر جي شهر قاهره سان رونق ۾ برابري ٿو ڪري تہ وري ٻيو شهر ڪراچي انگريز دؤر حڪومت ۾ ايشيا جو پهريون نمبر صاف سٿرو شهر قرار ڏنو وڃي ٿو. انهيءَ دؤر جون ڳالهيون پڙهيو وري اڄوڪي سنڌ کي ڏسيو دل ۽ اکيون آليون ٿيو پون. اسان جو سامونڊي جهاز هاڻ باسفورس سمنڊ جي يورپ واري ڪِناري تي اچي پهتو آهي. هر انسان کي گُهمڻ ڦِرڻ جو شوق هوندو آهي پر اسان جي پاڪ ڪتاب قرآن شريف ۾ تہ اهو حڪم آهي ته:
سِيْرُوْا فِي الْاَرْضِ (آل عمران: 137)
ترجمو: ڌرتيءَ تي سير ڪريو.
الله پاڪ جا لک ٿورا جو منهنجي هٿن ۾ سفر جون ريکائون ڪجهہ زيادھہ ئي ڏئي ڇڏئين. ننڍي عمر ۾ بابا سان گڏ سڄي سنڌ ۽ ڪاليج لائين ۾ ڪيئي دفعا سڄو پاڪستان گُهمي آيس. وري سن 1981ع کان سن 2011ع تائين مسلسل ٽيهن سالن جي عرصي ۾ اڪيلو تہ ڪڏهن پنهنجي دوستن سان ۽ پوءِ پنهنجي سڄي فيمليءَ سان گڏ پنڌ، اُٺ ۽ گهوڙي تي، ٻيڙيءَ، سامونڊي جهاز، بس، ريل گاڏي، ٽرام، ٽيوب، هيليڪاپٽر توڙي هوائي جهاز ۾ ڪراچيءَ کان جپان جي انهيءَ سرزمين تائين جت ڌرتيءَ تي سج جا پهريان ڪِرڻا پون ٿا ۽ ڪراچيءَ کان آمريڪا جي اُلهندي سرحد يعني پئسفڪ وڏي سمنڊ جي ڪِناري تائين، جت وري ڌرتيءَ تي سج جا آخري ڪِرڻا ڪِرن ٿا ۽ وري انڊين اوشن کان يعني ڪراچيءَ کان باسفورس سمنڊ تائين جت ايشيا کنڊ ختم ٿئي ٿو، يعني ترڪيءَ جو ايشيائي ڀاڱو ۽ وري بہ باسفورس سمنڊ کان جتان يورپ کنڊ شروع ٿئي ٿو ۽ جتي اسين هينئر بيٺا آهيون، اُتان کان اسڪاٽ لينڊ وٽ ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ تائين جت يورپ کنڊ ختم ٿئي ٿو، تقريباً سمورا ملڪ گُهمي آيس. هن سموري سفر دؤران منهنجي خواهش رهي تہ، دنيا جي عظيم سياحن يعني محمد ابن بطوطہ ۽ مارڪو پولو جا شهر ۽ گهر ڏسان، سو مالڪ سائينءَ جي مهر سان اِٽليءَ جي شهر وينس ۾ مارڪو پولو جو گهر وڃي ڏٺم، پر ابن بطوطہ جو ملڪ مراڪش ۽ سندس اباڻو ڳوٺ طنجيئر اڃا تائين ڏسي ڪونہ سگهيو آهيان. اميد اٿم تہ هاڻ جڏهن بہ ولايت وڃڻ ٿيو تہ، سڀ کان پهرين مراڪش وڃي، طنجيئر پهچي هن عظيم سيلانيءَ ابن بطوطہ جي گهر جو ديدار ڪبو، تنهن کان پوءِ ئي ڪنهن ٻئي شهر ۽ ملڪ ڏانهن اُسهَندس. ابن بطوطہ چين کان سواءِ گهڻو ڪري فقط اسلامي دنيا گُهميو، ڇو تہ هو علمي لحاظ کان سُني اسلامي قانون يعني سُني فقھ جو وڏو عالم هو، تنهنڪري هو اسلامي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ قاضي يعني جج جي اعليٰ عهدي تي فائز، وڏي مانُ ۽ مرتبي سان رهيو. هن سنڌونديءَ ذريعي سڄي سنڌ ڏٺي. هو لاهري بندر بابت لکي ٿو تہ، هي تمام وڏو بندر آهي، جت فارس ۽ يمن جا تجارتي ٻيڙا ۽ سوداگر تمام گهڻي تعداد ۾ موجود هئا. بندر جي سالياني آمدنيءَ جو محصول سَٺ لک دينار هو. انهيءَ وقت سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ملتان هو ۽ هجري سن 724 هو. سنڌ تي دهليءَ طرفان مقرر حاڪم امير سرتيز هو ۽ دهليءَ جو حاڪم محمد شاھہ تغلق هو.
آئون ڀانيان ٿو تہ، ابن بطوطہ توڙي مارڪو پولو، ٻنهي عظيم سياحن کان مون مفاصلي جي نسبت سان ٻِيڻو سفر ڪيو هوندو، جنهن دؤران چاليهارو کن ملڪ ۽ هڪ سؤ کان بہ گهڻا شهر ڏسي وسي آيس. ايئن رب جي رحم سان مون لاءِ ڇپر مڙئي ڇاڙڪي ٿي پيو. اهو سفر جو سلسلو اڃا بہ جاري آهي ۽ اميد تہ جيستائين صحت جو ساٿ رهيو، تيستائين هلندو رهندو. هاڻي ڪافي ذميواريون گهٽيون آهن ۽ پنهنجي اولاد جي ذميوارانہ رَوَين ڪري پُٺيان جو ڪوبہ فڪر محسوس ڪونہ ٿو ڪريان.
هي ننڍڙو جهاز جڏهن سمنڊ جي ڪِناري پنهنجي جيٽيءَ سان لڳو تہ مسافر آهستي آهستي لهڻ لڳا. اسين بہ هيٺ لهي پاڻ ۾ مشورو ڪرڻ لڳاسين تہ گهر هلجي يا چڪر لڳائي پوءِ هلي گهر ڀيڙا ٿيون، ڇو تہ گهڻو ڪري استنبول جا مُک مذهبي، تاريخي ۽ سياحت لائق ماڳ مڪان ڏسي ورتا هئاسين. ٿي سگهي ٿو تہ انهن مان ڪجهہ رهجي بہ ويا هوندا، جيئن تہ اسان جي فلائيٽ سڀاڻي شام جو ستين بجي آهي. ايئرپورٽ تي پهچڻ ۾ اڌ ڪلاڪ ۽ اتي اُڏام کان ٻہ ڪلاڪ اڳ پهچڻ گُهرجي. سو جيڪڏهن اسين شام جو ساڍي چئين بجي بہ روانا ٿياسين، تڏهن بہ سڀاڻي گُهمڻ لاءِ اسان وٽ ڪافي وقت هوندو، پر هينئر تہ گُهمڻ لاءِ تمام ٿورو وقت آهي، سو خيال ڪيوسين تہ اورتاڪوئي (Ortakoy) بيچ واري علائقي ڏانهن هلجي، اتي ڪنهن هوٽل ۾ ڪافي پيئجي، پوءِ اتي قائم شاپنگ مال جو چڪر لڳائي پوءِ گهر اچون، سو ٽيڪسي ڪري انهيءَ طرف روانا ٿياسين. اڄڪلھہ سڄي دنيا جا سياح استنبول شهر گُهمڻ اچن ٿا. انهن ۾ خاص ڪري اوڀر يورپ، روس، جپان، آمريڪا، عرب ۽ روس کان آزاد ٿيل مسلمان ملڪن جا سياح هتي وڏي تعداد ۾ اچن. ترڪي هينئر زيادھہ ۾ زيادھہ سياح اچڻ وارن ملڪن جي لسٽ ۾ اٺين نمبر تي آهي. سن 2011ع ۾ ٽي ڪروڙ پنجويھہ لک سياح سڄي دنيا مان ڪهي ترڪي گُهمڻ آيا. يورپ ۽ آمريڪا ۾ توهان کي صرف عيسائيت جي تاريخ جي پسِمنظر ۾ هر ماڳ ۽ مڪان ڏيکاريو ويندو، پر ترڪيءَ ۾ ٽن مُکيہ مذهبن جهڙوڪ يهوديت، عيسائيت ۽ اسلام جي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت جا ڪيئي آثار، ماڳ مڪان ۽ يادگارون ڏسڻ لاءِ موجود آهن، جن جو ڪو جواب ئي ڪونھي.
*