شاعري

ديوان گل

”ديوان گل“: ٽالپر دور جي پھرئين غزل جي صاحب ديوان شاعر خليفي گل محمد ’گل‘ ھالائيءَ جي غزلن جو ديوان، پھريون دفعو جنوري  1859ع ۾ مطبع ممبئيءَ مان ليٿو پريس تي شايع ٿيو هو.  1933ع واري پنجين ڇاپي ۾ محمد صديق ميمڻ ’ديوان‘ گل جو تفصيلي ديباچو بہ لکيو هو، جنھن ۾ خليفي گل محمد جي ڪلام جي خوبين، بلاغت، فصاحت، تشبيھن، اصطلاحن، پھاڪن جي استعمال، وزن وغيره تي اجمالي بحث ڪيو ويو آھي. خليفي گل جي زندگيءَ جا حالات عبدالغفور ھالائيءَ لکيا هئا. ديوان گل ۾ الف- ب وار رديفن جي ترتيب سان 175 غزل شامل آهن. 

Title Cover of book ديوان گل

ديباچو

آخوند گل محمد صاحب سنڌ جي نامور شاعرن مان هڪڙو هو. علم عروض جي اُصولن تي سنڌي شعر اول اول هن صاحب جو ئي ڇاپجي پڌرو ٿيو. بيبي زيب النساءِ، جنھنجو تخلص هو مخفي، تنھن پنھنجي ڪلام ۾ هڪڙي هنڌ چيو آھي
”در سخن پنھان شوم ما نند بو در برک گل
هــــرڪ ديـــــــدن ميل دارد در سخن بيند مرا“

يعني: ”آءٌ پنھنجي ڪلام ۾ اھڙيءَ طرح لڪل آھيان، جهڙيءَ طرح خوشبو گل جي پنکڙين ۾ سمايل آھي. جيڪو مون کي ڏسڻ گهري، تنھن کي کپي، تہ منھنجي ڪلام ۾ مون کي ڳولي هٿ ڪري.“
بيبي صاحبہ اهو گفتو جو پنھنجي باب ۾ چيو آھي، سو درحقيقت هر هڪ شاعر سان لاڳو آھي. آخوند گل محمد صاحب جو ڪلام ڏيکاري ٿو، تہ آخوند صاحب مرحوم وڏي ايمان وارو ديندار، حضرت نبي ڪريم (صلعم) جن جو سچو عاشق ۽ درويش انسان هو. سندس ھيٺيان گفتا ڏيکارين ٿا، تہ هو ڪھڙو نہ بي تعصب آزاد خيال انسان هو:-

1- تنھنجو تابع ڇاجي مسلم، تنھنجو هندو ٿيو مطيع
امــر ڌاران تـنھنـجي عــالــم ۾ نہ چـــري ڍور ڍڀ
2- قــرب قــابـــض ڪــمــال قـــدرت ســيـــن
آھہ مــســلــــــم، هـــنـــــــود کـــــي جــــامع
3- ســــڀ ســلامي آھين صاحب جا
گل مسلمان، ڇاجي هندو، سک


آخوند صاحب مرحوم بنيادي آخوند ۽ عالم هو، پر ڪٽو مُلان ڪين هو. رڳو ظاهري ڳالھين تي زور رکندڙ ملن کي گهڻن هنڌن سٺيو اٿس. جئن تہ
1- صنعان جي ذلت جي منصور جي ملت جي
مــــلن سان مام ٻولڻ آھي عبث آھي عبث
2- آھہ وحـدت وصـال عــريــانــي
گل سمجهہ رک، م ڏي ملن کي منجهہ
3- سڪ ۽ صبر، سينڱ کي هر گز
نـــاه ويــجهـــــو ملو، مجاور، رغ
آخوند صاحب مرحوم جو شعر نج سنڌي ٻوليءَ جو هڪڙو دلچسپ نمونو آھي. ڪنھن بہ شعر ۾ جيڪي خاص خوبيون هئڻ گهرجن، سي آخوند صاحب مرحوم جي شعر ۾ موجود آهن. جئن تہ:-
(1) علمي مايو (2) فطرت جو اڀياس (3) وقت جي هلندڙ وهنوارن، ڌنڌن ۽ رسمن رواجن جي خاص ماھيت (4) بلاغت ۽ فصاحت (5) وزن.

(1) علمي مايو
آخوند صاحب مرحوم عربي، پارسي ۽ اردو ۾ قابل، ۽ نج سنڌي ٻوليءَ ۽ اصطلاحن جو پورو پورو ماهر هو. قرآن شريف جي آيتن ۽ حديث شريف جا حوالا نھايت خوبي ۽ نزاڪت سان نج سنڌي ڪلام ۾ جڙي ڇڏيا اٿس. مثلا
1- ڀــــرون جـــــــــــاڙا ٿيا گڏ قاب قوسين وانگ او ادنيٰ
خدا ظاهر ڪي منجهہ معراج ان اسرار جي صورت
2- ذات پنھنجي غيب چائين پوءِ چوين ٿو اَينما
ثم وجــﮧ الله اِي ڇا؟ آءٌ ڏسان چو ڪھڙي هنڌ؟
3- من طلب شيئا سڻي جن ڪي طلب
جــــدوجد آھي لڌو منجهہ ڦـــول ڳول
هڪڙي هنڌ آخوند صاحب مرحوم ڪلام جي جذبي ۾ سڄي سٽ اردو چئي ويو آھي؛ ۽ ڏاڍي باقاعدي ۽ دلچسپ چئي اٿس:-
دلدار دکاتا ھي نو ناز هسڪي هسڪي
(غزل 171)

(2) فطرت جو اڀياس
فطرت (سرشٽيءَ) جي قدرتي ڪاروبار کي غور سان جاچڻ، ۽ ان مان روحاني سبق حاصل ڪري سي سليس ۽ دلچسپ شعر ۾ ظاهر ڪرڻ اھا هڪڙي اعليٰ شاعراڻي قابليت آھي، جا آخوند صاحب مرحوم پنھنجي ڪلام ۾ چپي چپي تي ڪتب آندي آھي. مثلا
1- ”درد منجهہ دل دوست تئن در درس ٿئي
جـــئن ڦڙو موتي ٿئي منجهہ پيٽ سپ.“
بھاري بوند جهٽڻ ڪري سپ ۾ موتي پيدا ٿئي ٿو، اهو هڪڙو فطرتي ڪاروبار آھي. انھيءَ ڪاروبار جي جاچ مان آخوند صاحب مرحوم ثابت ڪري ڏيکاري ٿو، تہ حقاني عشق بہ دل ۾ بلائتو سانڍبو تہ نھايت قيمتي صورت اختيار ڪندو.
2- بـــــاھہ جــنـــجي آھہ ســيــنــي ۾ ســـــدا دونھــــون دکــي
تئن ڪري شعلا ڀڙڪ جئن جئن وجهي ڪو تن ٽي ڪک

باھہ جو دکڻ ۽ ڪکن پوڻ ڪري شعلا ۽ ڀڙڪا ڪري ٻرڻ اهو هڪڙو فطرتي ڪم آھي. انھيءَ فطرتي ڪم جي مثال ڏيڻ سان آخوند صاحب مرحوم سچن عاشقن جي سيني ۾ سمايل محبت جي مچ جو بيان صفائيءَ سان ذهن نشين ڪرائي ٿو.
وڻن ٻوٽن ۾ ساھہ ۽ فرياد هئڻ جو اصول اڄ ڪلھہ نئين زماني جي سائينس جو پڌرو ڪيل چوڻ ۾ پيو اچي، پر آخوند صاحب مرحوم جي ڪلام مان ڏسجي ٿو، تہ فطرت ۾ هن فلاسافر شاعر جي جاچ بہ ڪا جبري هئي. جئن تہ

وڻ ماديون ٿين نر گل ڇاڻيو جهلين ڦر
ميــوا جهــــلين مند تي ليسوڙيون ليار

(3) وقت جي وهنوارن جي واقفيت
زماني جي وهنوارن، ڌنڌن ۽ رسمن رواجن کي آخوند صاحب مرحوم اھڙيءَ ڳوڙھيءَ جاچ سان جاچيو آھي، جو گهڻو ڪري هر هڪ غزل ۾ ڪنھن نہ ڪنھن دنيائي وهنوار يا ڌنڌي جو ذڪر ڪري ان مان روحاني وهنوارن ۽ روحاني مشغولي جون نصيحتون ورتيون اٿس. ڪٿي ھارين جي ڪم ۽ وهنوار کي ورتو اٿس، تہ ڪٿي ڪورين جي ڌنڌي مان نصيحت حاصل ڪئي اٿس، تہ ڪٿي ڪنڀارن، مڇي ماريندڙ مھاڻڻ، واڍن، لھارن، درزين، ميربحرن وغيره جا ڌنڌا ۽ وهنوار بيان ڪيا اٿس. انھن سڀني ھارين جي ڌنڌي ۾ وهنوار کي گهڻو ورجايو اٿس. هت فقط ٻہ ٽي مثال ڏجن ٿا:

1- مئا جي محبت نہ ماريا سي موت
وتــــن جال جيئرا فنا ڪيا نہ فوت
لــــڏيو جاءِ هڪ مان وهن جاءِ ٻي
هڻن جئن ٿا ھاري کراڙا ۽ روت

خدا تعاليٰ جا سچا طالب موت هٿان مرڻا ئي نہ آهن، هو فقط هڪ جاءِ تان لڏيو گويا ٻيءَ جاءِ تي وڃيو ٿا گذارين. انھيءَ ڳوڙھي روحاني مسئلي کي آسان ۽ عام فهم ڪرڻ لاءِ آخوند صاحب مرحوم ھاريءَ جي وهراج ۽ رونبي جو مثال ڏيئي سمجهائي ٿو تہ ھاري کراڙا ۽ روت (اوائلي سلا) هڪڙي هنڌان ڪڍي ٻئي هنڌ هڻندا آهن تہ وڌيڪ ڀلا ۽ اُپراسي و ارا ٿي پوندا آهن، تئن سچا طالب بہ هن فاني دنيا مان لڏي بقاءَ جي جهان ڏي وڃن ٿا تہ وڌيڪ سر سبز ۽ شاداب رهن ٿا.

2- پـــــــــائي پيٽ تاڃيءَ ۾ پيرن پڌار
ٿيا ڳنڍ جي گل مڙئي ڳوپ ڳوت

تاڃي. پيٽو، پير پڌارڻ، ڳوپ (هٿيو هلائڻ)، ڳوت (نار هلائڻ) ۽ ڳنڍجي گل بنجڻ اھي سڀ ڪورڪا وهنوار آهن، جن مان آخوند صاحب مرحوم نصيحت وٺي ٿو، تہ روح ۽ رب جي ميلاپ جا سڀ وسيلا هڪ مرڪز تي آڻبا، تڏهن وصال حاصل ٿيندو.

3- نير رنگ واڌو ڪري منجهہ جهڳ جهٻ
عـشــق وارو وڌ وڌي مـنـجهہ لــــوس لٻ

نيروٽي نير جي ڪن ۾ روڙهو وجهي پوءِ ان کي لٺ سان جهڳيندا آهن، تہ نير جو رنگ تيز ٿيندو آھي. ان مان آخوند صاحب مرحوم سبق ٿو سيکاري تہ سچي محبت وارن تي بہ جيئن جيئن طعنن تنڪن ۽ تڪليفن جي جهڳ ٿيندي، تيئن تيئن سندن دلي محبت تيز ٿيندي.

(4) بلاغت ۽ فصاحت
آخوند صاحب مرحوم پنھنجي ڪلام ۾ فصاحت ۽ بلاغت تي ايترو گهڻو زور ڪونہ رکيو آھي، جيترو کانئس پوءِ وارن سنڌي شاعرن جهڙوڪ آخوند محمد قاسم صاحب ھالائي ۽ سيد محمد فاضل شاھہ صاحب حيدرآبادي وغيره پنھنجن پنھنجن ڪلامن ۾ رکيو آھي؛ تنھن هوندي بہ بلاغت ۽ فصاحت جون سڀ شاخون آخوند صاحب مرحوم جي ڪلام ۾ موجود آهن جهڙوڪ تشبيھہ، استعارہ، لفظي ۽ معنوي صفتون، اصطلاح ۽ پھاڪا.

(1) تشبيھہ:-
ڏســـڻ مان تنھنجي اي باغ حسن مون کي سريا ٽي گل
تنھنجو مک گل؛ زلف زنبل، منھن جي دل جئن گل لالا
مٿي هڪڙيائي مثال ۾ آخوند صاحب مرحوم ٽي تشبيھون ڪم آنديون آهن، دوست جي وات کي ”گل“ سان، زلفن کي ”سنبل“ سان ۽ پنھنجي دل کي ”گل لاله“ سان تشبيھ ڏني اٿس. اھي نھايت معنائن ڀريل ۽ سھڻيون تشبيھون آهن.

(2) استعاره:-
پل ڪتي کي م ڏي انھيءَ کــــي ڇــڇ
نہ وڻـــي ڳـــالھہ جــا لــڳـــــــي ٿي بڇ
مٿئين بيت ۾ آخوند صاحب مرحوم ”نفس“ کي استعاره طرح ”ڪتو“ سڏيو آھي؛ ڇاڪاڻ جو ڪن ڪچري ۽ ڍونڍ ڍانڍ ڏي لاڙي ڪرڻ جو جئن ڪتو خواهشمند رهندو آھي، تئن انسان جو نفس بہ هميشہ گناھہ جهڙن ڪمن ڏانھن ڇڪ ڪري ٿو، جئن قرآن شريف ۾ فرمايل آهن، تہ اِن النفس لامارة بالسوءِ (انسان جو چلولو من سچ پچ خرابين ڏانھن رغبت ڏياري ٿو)

(2) لفظي صنعتون:-
1- الف، بي، جيم، دال، ھي پنج حرف
هـــــڪ، ٻہ، ٽي، چار پويون ٿيو پنج

پھريائين الف- بي- جيم- دال ۽ ھي اھي پنج حرف آندا اٿس، پوءِ نمبر وار ابجد جي حساب موجب انھن حرفن جا عدد ڏنا اٿس، يعني الف=1، بي= 2، جيم = 3، د= 4، ھہ = 5. انھيءَ کي چئبو آھي صنعت لف و نشر مرتب.
جنھن صورت ۾ نمبر وار ڳڻپ جا انگ ڪم آيل آهن، تنھن صورت ۾ انھي کي صنعت سياق الا عداد مرتب بہ سڏبو آھي.
لفظن صنعتن مان لف و نشر ۽ مراعات النظير ۽ تجنيس جي سڀني قسمن کي آخوند صاحب مرحوم گهڻو ڪم آندو آھي.

(3) معنوي صنعت:-
1- ويا سنجهي سڀ سوار ٿي ساٿي
ٿـو کڻين پرھہ جو تون پيرا پڳ
”سنجهو“ ”۽ برهہ“ اھي هڪ ٻئي جا ضد آهن، ساڳئي بيت يا مصرع ۾ ٻہ ضد لفظ مناسب نموني ۾ ڪم آڻڻ هڪڙي معنوي صنعت آھي، جنھن کي محتمل الضدين چئبو آھي.
آخوند صاحب مرحوم معنوي صنعتن مان محتمل الضدين، تجاهل عارفانہ ۽ صنعت سوال جواب کي چڱيءَ نزاڪت سان وري وري ڪم آندو آھي.

(4) اصطلاح
آخوند صاحب مرحوم پنھنجي ڪلام ۾ نج سنڌي اصطلاح گهڻي انداز ۾ ڪم آندا آهن:-
(1) کٿي سان مھٽيندو وڃڻ (نا اميد ٿيئڻ) (2) راند گل ڪرڻ (3) وار وارڻ (کير خيرات طرح ورھائڻ لاءِ ڏينھن مقرر ڪري ڇڏڻ (4) ڏوڌ ڏيڻ (کير خيرات طرح ورھائڻ) (5) جک مارڻ (6) خواريءَ جي کاري کڻڻ (7) کڳ کائڻ (مفت ۾ ڍو ڪرڻ) وغيره وغيره.
(2)
مثال:- 1- ويا دنيا جا شاه ڪئين دنيا ڇڏي منجهہ ھيٺ ڀون
پاڻ مھٽيندا کٿي، اي دل ڪئين آيا ويا.
2- گل چوي ٿو گل ڪري شطرنج بازي نفس ســان
ٿي م موڳي ماد، وٺ دل ھي سچي سھڻي صلاح
3- مڙس سالم سنگهار سانگي سوڌ
وار واريو ڏين ورھايو ڏوڌ
4- خوش ڪريون دل پانھنجي کي
جــڳ ڀلــي پـيـو مــاري جـــــک
5- لوڪ جي بھتان ۽ خواري سنـــــدي
سر مٿي کاري کڻن ڪي مڙس ڌڱ
6- ڪيئن ٿين لپ چرون مٿي چهرا
گل کاڌا جنھين سدائين کڳ

5 پھاڪا:-
آخوند صاحب مرحوم ڪٿي ڪٿي سنڌي پھاڪا بہ ڪم آندا آهن. جهڙوڪ (1) جهڙي سٺ تھڙيون ٽي ويهون (2) گاھي رونج گاھي گنج وغيره
مثال:- 1- گل محمد ســــــوئي سو گل احمد
سي آهن ٽي ويهون سا آھي سٺ
2- منجهہ کٽئي خوش ۾ ٿي م ڏک ھاري ء
گــــل آهن گاھہ رنج گاھي گنج

(5) وزن:-
آخوند صاحب مرحوم علم عروض مان چڱو واقف هو، تنھن ۾ ڪوبہ شڪ ڪونھي؛ ڇاڪاڻ جو اھڙا بحر بہ پنھنجي ديوان ۾ ڪم آندل اٿس، جن تي شعر ٺاهڻ علم عروض کان غير واقف ماڻھوءَ جي پھچ کان ٻاهر آھي، جهڙوڪ بحر خفيف، بحر رمل. مڪفوف، بحر رجز ۽ بحر مضارع (جدا جدا زحافن سان).
جئن تہ آخوند صاحب مرحوم جي زماني ۾ علم عروض جي قاعدن موجب سنڌي شعر ٺاهڻ جي شروعات هئي، تنھنڪري البتہ پوري تقطيع بيھارڻ ۾ کيس گهڻن هنڌن تڪليف پئي ٿي آھي. تقطيع پوري بيھارڻ لاءِ ڪٿي ڪٿي اھڙا حرف ”حذف“ ڪرڻا پون ٿا، جن جو ”حذف“ ٿيڻ عروض دانن جي نظر ۾ عيب ليکجي ٿو. جئن تہ
1- دنيا جي عيش عشرت کي ڀيري هڻ تون کڻي ڀالا
2- آيو اڄ يار گهر منھنجي ويا ڏکڙا وريا سکڙا
3- جنھنجا ويا جوءِ مان جهانگي وڃي پرڏيھہ ٿيا سانگي
تقطيع ۾ ”ڀيري“ کي ”ڀري“، ”آيو“ کي ”اَيو“ ۽ جنھن جا“ کي ”ججا“ ڪبو؛ تڏهن وزن پورو بيھندو.
ڪٿي ڪٿي وري حرفن تي غير ضروري تشديدون ڏجن ٿيون، تڏهن تقطيع ۾ وزن جي پورت ٿئي ٿي.
جئن تہ
1- ھاڙ آکاڙ چيٽ ڪتيءَ ۾
مينھن هنجن جا بہ ٿا وسائن ھڙهه
2- ارواح الستون اڳ تہ بہ ٿو وتين تون يار شوخ
3- پن پن جي ٿي ڦاريون ڇڄي ڇڏي ٿڙ ٽاريون.
مٿي نشان ڪيل لفظن تي جيڪي غير ضروري تشديدون فقط ”وزن“ جي پورت لاءِ ڏنيون ويون آهن. اھڙا مثال ديوان گل ۾ تمام گهڻا آهن.
ڪٿي ڪٿي وري وزن جي پورت لاءِ لفظن جو صحيح تلفظ بدلائڻو پوي ٿو، تڏهن تقطيع پوري ٿئي ٿي. جئن ته
1- درد تنھنجي جو دونهون ٿو دکي روز
2- صبر ۽ سڪ ساڙو سوز سچ
صحيح تلفظ ۾ ”درد“ جي ”ر“ ۽ ”صبر“ جي ”ب“ ساڪن آھي، پر مٿين مصرعن ۾ انھن ٻنھين کي متحرڪ ڪري پڙهڻو پري ٿو. اھڙا بہ گهڻيئي مثال آهن.
ڪٿي ڪٿي ٻن متحرڪ لفظن کي اڻ سھائينديءَ طرح ملائي پوئين حرف کي ساڪن ڪجي ٿو، تڏهن تقطيع پري بيھي ٿي. جئن تہ
(1) جن کي پورو ٿو پگهار پلي پئي
(2) واري ڪنھين نہ وير نہ پيرن پلي پلي
”پگهار“ جي ”ر“ ۽ ”پلي“ جي ”پ“ ٻہ ڌار ڌار متحرڪ اکر آهن، پر تقطيع تڏهن پوري بيھندي جڏهن ”ر“ ۽ ”پ“ کي ملائي ”رپ“ ڪري پڙهبو. اھڙي طرح ”وبر“ جي ”ر“ ۽ ”نہ“ ٻن جدا متحرڪ حرفن کي ملائي ”رن“ ڪري پڙهبو، تڏهن وزن پورو بيھندو.
آخوند صاحب مرحوم جيڪي غزل بحر مضارع ۽ بحر رجز تي ٺاھيا آهن، تنجي ڪن ڪن مصرعن ۾ مقرر وزن ھيٺ مٿي ٿي ويو آھي، مگر عروض جي اصولن تي سنڌي شعر ٺاهڻ جي اھا اوائلي ڪوشش هئي، تنھنڪري ان بابت ڪا گرفت ڪرڻ نٿي جڳائي، فقط پڙهندڙن کي واقف رکڻ ضروري آھي.
غزل ٻيو مضارع مثمن سالم تي ٺھيل آھي، پر مصرع ٽينءَ ۾ ”جال“ ۽ ”سال“ لفظ وزن کي شڪستو ڪن ٿا ۽ مصرع نائينءَ ۾ ”روپ“ لفظ مقرر وزن کي کٽايو وجهي ٿو.
غزل 66 بحر زجز تي ٺھيل، مصرعہ 3،4،5 ۽ 6 وزن کان وڌي وڃن ٿيون. غزل 83، بحر رجز، مصرعہ 5 ۽ 15 وزن کان ٻاهر. غزل 93، بحر رجز، مصرع 1، 2، 3، 6، 8، 10 ۽ 12 مقرر وزن کان وڌيل. غزل 116 بحر رجز. مصرعہ 9 ۾ ”بھار“ ۽ ”قرار“ ۽ رديف جي پڇاڙيءَ واري ”باغ“ لفظ جي ”غ“ مقرر وزن کان وڌيل آھي.
غزل 123 بحر هزج مثمن سالم تي ٺھيل آھي، ان ۾ مصرعہ 5، 7، 11 ۽ 13 مقرر وزن کان گٿل آهن.
غزل 140 بحر تقارب مثمن مقصور تي ٺھيل آھي، پر ان جون مصرعون نمبر 5، 7 ۽ 9 بحر تقارب سالم تي بيھاريل آهن، ائين ڪرڻ درست نہ آھي.
غزل 147 بحر رجز تي ٺھيل آھي. ان ۾ مصرعہ 11 ۽ 13 ۾ ”عروج“ ”ولوج“ ۽ ”شھود“ وزن کان ٻاهر آهن.
غزل 153 بحر مضارع مثمن محذوف تي ٺھيل آھي، پر ان جي مصرعہ 4، 10، 13 ۽ 14 وري مضارع مثمن سالم تي ٺھيل آهن. ائين ڪرڻ علم عروض جي اصولن موافق نہ آھي. والسلام

محمد صديق
سيڪريٽري سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي
حيدرآباد سنڌ.