شاعري

ديوان گل

”ديوان گل“: ٽالپر دور جي پھرئين غزل جي صاحب ديوان شاعر خليفي گل محمد ’گل‘ ھالائيءَ جي غزلن جو ديوان، پھريون دفعو جنوري  1859ع ۾ مطبع ممبئيءَ مان ليٿو پريس تي شايع ٿيو هو.  1933ع واري پنجين ڇاپي ۾ محمد صديق ميمڻ ’ديوان‘ گل جو تفصيلي ديباچو بہ لکيو هو، جنھن ۾ خليفي گل محمد جي ڪلام جي خوبين، بلاغت، فصاحت، تشبيھن، اصطلاحن، پھاڪن جي استعمال، وزن وغيره تي اجمالي بحث ڪيو ويو آھي. خليفي گل جي زندگيءَ جا حالات عبدالغفور ھالائيءَ لکيا هئا. ديوان گل ۾ الف- ب وار رديفن جي ترتيب سان 175 غزل شامل آهن. 

Title Cover of book ديوان گل

حصو ڇھون

(111)

اڄ آيو يار من ٿيو محظوظ[1]
سڀ لٿو بار من ٿيو محظوظ

پرت مان آئيو پرين پيھي
پر2 ڇڏي پار من ٿيو محظوظ

ساج سينگار سڀ ڪري سھڻو
جوڙ جنسار من ٿيو محظوظ

ٿو اُڱڻ تي ٽلئو ٽلي جئن مور
کر ٿيو کوار من ٿيو محظوظ

ويو پليندڙ پِٽئل پَٽيس پاڙوُن
ٿيو گرو3 گار4 من ٿيو محظوظ

ٿيا کٿوري ۽ عطر جا هٻڪار
ويو ڪنو مارُ5 من ٿيو محظوظ

وه کليو باغ ۾ گلابي گل
ٿيو گلزار من ٿيو محظوظ

______________
(111) 1- نصيب وارو يا خوش 2- پراڻو 3- بڇڙو يا گر لڳل 4- غرق 5- ڪچو چمڙو جنھن ۾ بدبوءِ ٿئي

(112)

ٿي ٻري توليء ڏسيو دلدار شمع
سوز ۾ تنھنجي سڙي سردار شمع

تنھنجي ڏک ۾ جان ڄيري ۾ وجهيو
ٿي وھائي پنھنجا نيڻن نار شمع

جئن پوي ٿو تيل نئن تڪڙي ٻري
چؤطرف اُپڙئو[2] مٿي ڪيو لار شمع

پاڻ تنھنتان ٿو ڪري صدقي پتنگ
ٿي ٻري دلبر اڳيان جنھن وار 2 شمع

گل بہ تنھنجي شوق ۾ تنئن ٿو ڳري
جئن ڳري ٿي تنھنجي سڪ ۾ يار شمع

تنھنجي مجلس ۾ جتي تون تونھين 3 تون
آه اُن مجلس ۾ گل بيڪار شمع

_______________________
(112) 1- وڌيو 2- وقت

(113)

وجـﮧ1 تنھنجو وجود کي جامع
شان دلبر شھود2 کي جامع

نور بيرنگ رنگ ۾ پڌرو
سڀ نظر ۽ نيود3 کي جامع

حڪم مُلڪ و مَلڪ کي آه محيط 4
عام نابوُد بوُد کي جامع

قرب قابض ڪمال قدرت سين
آه مسلم هنود کي جامع

اوه نِوڙڻ نياز تنھنجي پيش
قيام5 رڪع وسجوُد کي جامع

گل جسو جيءُ ڏيڻ پرين اڳيان
آه سڀ نفع سود6 کي جامع

____________________
(113) 1- ذات 2- حاضر ٿيڻ 3- نظارو 4- گهيرو ڪندڙ 5- بيهڻ 6- فائدو

(114)

عاشقن کي عشق تنھنجو يار مدت [3] دين شرع
پوءِ چڙهڻ منصور جئن سردار ملت دين شرع

خيال خطرن کان ڪري آجي هئڻ حرصن ڪنان
دل ڏيڻ دلبر توکي دلدار ملت دين شرع

سوريون چاڙهڻ کڻڻ سر تي سچايون سِڪّ جون
پوءِ وجهڻ صنعان جيئن زنار2 ملت دين شرع

منجهہ جبي حق جي ڪرڻ اِثبات حق شِبلي3 ڪڍي
نينھن ۾ نعرا هڻڻ نروار ملت دين شرع

سر سبحاني سلائي شاه بُسطامي4 جيئن
پَٽِ وجهڻ اظھار ۾ اسرار ملت دين شرع

ميم احمد مان ڪڍي انا5 ۾ ڪرڻ اثبات اَحد
ھي آھي سنت سچي سردار ملت دين شرع

مئي پيڻ محبوب سان گڏ ٿانوَ هڪ ۾ هڪ ٿيڻ
اِي موالن جي ملا 6 منھن ڪار ملت دين شرع

گل چُنڊڻ چيدا چڱا ۽ منجهہ ڳچيءَ پوئي وجهڻ
گل جي ايءَ عادت ٿي منجهہ گلزار ملت دين شرع

_________________
(114) 1- مذهب 2- جڻيو 3- نالو هڪ ولي الله جو 4- شيخ بازيد بسطامي، بسطام جو ويٺل ڪامل مڪمل بزرگ ٿي گذريو آھي. هن بہ پاڻ کي شيخ شبلي وانگي فنا في الله ڪري ڇڏيو هو.
نقل آھي تہ شيخ ذوالنون مصريءَ جو هڪ مريد شاه بسطامي جي زيارت لاءِ سندس رهڻ واري حجري تي آيو ۽ آواز ڪياءِ. اندران جواب مليس تہ ڪير آھين؟ ان عرض ڪيو تہ شاه بسطامي جي زيارت لاءِ آيو آھيان. اندران جواب آيو تہ ويھن ورهن کان بسطامي کي پيو ڳوليان تہ مون کان نہ لڌو آھي. اھڙي هئي سندين استغراقي
5- صوفين وٽ مشھور حديث ڏانھن اشارو ”اَنَا اَحَمدُ بِلاَ مَيم“ آءٌ ميم کان سواءِ احمد آھيان 6- آخوند
_______________

(115)

دل جنھين ۾ ڀُڄي ٿو درد جو داغ
ٿو ڳري گوشت سنڌ بند دماغ

سڪ[4] ۽ صبر 2 سينڱ 3 کي هرگز
ناھہ ويجهو ملون 1 مجاور2 زاغ 3

ڪھڙي ساڃاءِ علم جي اُٺ کي
جي ننڍو ٿي وڏو وڌي ٿئي لاغ 4

سج جنھين وقت ٿو شعاع ڪري
ڪين ٻارڻ چڱائي آھي چراغ 5

ويو سيارو وسي بھاري بوند
گل ٽڙيو ڦل ٽڙيو ٿيو بَرُ باغ

________________
(115) هن غزل جي ٻئي بيت ۾ شاعر صنعت ڪم آندي آھي تہ 1- سڪ کي ملون 2- صبر کي مجاور ۽ سينڱ کي ڪانگ ويجهو نہ ويندو. 4- پوڙهو 5- ڏيو.

(116)

تنھنجي ڏٺي اي گلبدن دلڙي کلي ٿي باغ باغ
آئي خوشي منجهہ جان تن دلڙي کلي ٿي باغ باغ

تنھنجي ڏٺي بت بحر ٿيو منجهہ شوق شادي شھر ٿيو
ٿيا ذوق حاصل جان من دلڙي کلي ٿي باغ باغ

آنجو دلاسو دل ڏنو، دل کي اُنھي سڀ کان ڇنو
ڪا جا ٻڌائين ڳالھہ ڪن دلڙي کلي ٿي باغ باغ

آن جي دلاسي خوش ڪئي، دل تان ويا سڀ غم لھي
سرھي سدا اندر جشن[5] دلڙي کلي ٿي باغ باغ

ٿيو منجهہ حياتي بت بھار، پوءِ منجهہ مماتي من قرار
تنھنجي دلاسي منجهہ ڪفن دلڙي کلي ٿي باغ باغ

تون جان منھنجي منھنجو تن، تون روح عالم سڀ بدن
منجهہ ذوق تنھنجي منجهہ دفن دلڙي کلي ٿي باغ باغ

آءٌ جزو 2 تون منھنجو ڪل 3، تون باغ آءٌ هڪ تنھنجو گل
توکان ٽڙيو چت جيئن چمن دلڙي کلي ٿي باغ باغ

__________________
(116) 1- آرام 2- ڀاڱو 3- سڄو- مجموعو

(117)

ٿيُ خدا ساڻ، پاڻَ کان فارغ
سڀ هُئڻَ، هوش ڄاڻَ کان فارغ

وڃ وَڃڻ کان، مَ رَکُ وَرَڻ جي سَڌَ
هوءُ سڀ تانگهہ تاڻَ2 کان فارغ

دم قدم ڪر عدم عدم معدوم3
وِھہ ويلي وقت ٽاڻ4 کان فارغ

آءٌ مون تون ڪري مڙيئي محو
ٿي اثر عين آڻَ 5 کان فارغ

لاتذر 6 ڪيم ڇڏ ڪُني ۾ ڪين
ڪر چَٽي هئڻ ھاڻَ کان فارغ

”لا“ ڪري7 ”لا“ کي آءُ منجهہ اِثبات
اَنُ ڪري، تُھہ ۽ ڇاڻَ کان فارغ

ڏسُ کليل گل محمدي سڀ هنڌ
گل ٿيءُ لاجي لاڻ8 کان فارغ

__________________
(117) 1- آزاد تا ڇٽل 2- ڇڪ 3- گم ڪيل 4- مهل 5- هٺ 6- نہ ڇڏ 7- نہ 8- عيب

(118)

سير ڪر سالڪ اندر پنھنجي ڪري سڀ سير صاف
تو ۾ اُڀرن چنڊ تارا تو ۾ اَڀَ ڀون ڪوھہ قاف

دُنَ چون ٿا عرش حق جو پادشاھي بارگاهه[6]
اُن مٿي عالم امر جو خلق مڙيئي ھيٺ ناف2

دل آھي ڪعبو الاھي جاءِ سجدي صادقن3
ٿا ڦرن حاجي حقيقت جا مئي اُنجي طواف4

قلب آھي سِرُ 5 قرآن سَندَ اَڱرا لفظ حرف
پوش اُنتي پوش پوشن تي جئن مصحف تي غلاف 6

روح آھي راز حق جو نفخ 6 من روحي اصل
راز اُنکي سي رسيا جن پنھنجا سينا ڪيا شگاف 7

آھہ ڍڪيل ڳجهہ انساني اندر هر ڪنھن وڳي
جي کڻي گل پوش پوشيل کي ڏسين لاھي لحاف 8

____________________
(118) 1- شاھي محل 2- دن 3- سچن 4- چوگرد ڦرڻ 5- ڳُجهہ 6- مٿيون پوش 7- ڦوڪڻ 8- ڦاٽل 8- ٿلهو ڍڪ

(119)

شوق ڌاران ٽُرڻ ڦِرڻ ٿيو حيف[7]
ذوق ڌاران جيڻ مرڻ ٿيو حيف

منجهہ طلب تات تَنُ رکي تازو
واٽ وچ مان وري ورڻ ٿيو حيف

جو پيھي جنڊ ٿو سنهون مئيدو
مُڱَ مٽر اُن مٿي ڏرڻ ٿيو حيف

خرچ گهُرجي جتي ڪرڻ هر چيز
اُت سانڀي 2 رکڻ ڌرڻ ٿيو حيف

دل ڪجي هَٿ مُڙي 3 ڪري منٿ
نفس جي جنگ ۾ ٽرڻ ٿيو حيف

منجهہ ٽٻيءَ هٿ اَچي جتي موتي
اُت مٿي تار جي ترڻ ٿيو حيف

منجهہ وصل دوستن جي گل ٿي گل
شمع وانگر جِهڄڻ جُهرڻ ٿيو حيف

______________
(119) 1- ارمان 2- لڪائي 3- ڪاوڙ ماري

(120)

اَڄ يار آيو ڪري ڪرم لطف
مختيار آيو ڪري ڪرم لطف

در درد وران جي دوست پيھي
دلدار آيو ڪري ڪرم لطف

محبوب مٺو منھنجو مون گهر
منٺار آيو ڪري ڪرم لطف

ڏکين جي ڏکن ڪٽڻ جي خاطر[8]
ڏکٽار آيو ڪري ڪرم لطف

جڳپال2 سخي ڏان ڏيندڙ
ڏاتار آيو ڪري ڪرم لطف

جاني جيءَ جيار سڀ ڪري جوڙ
جنسار آيو ڪري ڪرم لطف

سھڻو سڀ ساز ساڄ جي سونھن
سينگار آيو ڪري ڪرم لطف

منجهہ باغ گلن جي ديد لائي گل
گلزار آيو ڪري ڪرم لطف

__________________
(120) 1- لاءِ 2- جڳ جو پاليندڙ

(121)

ٽپي دل شوق تنھنجي ۾ هنيون ھيڻو ڪري رڦرڦ1
کٽي جيئن ٻئي هڻي هٿڙا مٿي ڪپڙي ڪري لڦ لڦ

تنھنجي سورن ۽ سوزن ۾ سدا دل ديڳ جيئن ٽھڪي
اُٻارا 2 ڏئو اُڀامي ٿي محبت کان ڪري ٻڦ ٻڦ

محبت ٻاجهہ موليٰ جي مرُون ماروُ 3 مڙيئي يڪسان
جنھنکي لنؤ ناھہ لالن جي وتي ليلهو 4 ڪرئو لڦ لڦ

نغارو عشق جو عاشق وڄائڻ خوب سيني تي
لنگهن جيئن نانھہ موچارو مٿي دهلن ڪرڻ دڦ دڦ

سورن جي سيلَ 5 تي سِرهَڻُ 6 آھي ڪن سورهن جو ڪم
جيڪي گل درد دوريا 7 دل هڄئو تنجي ڪري هڦ هڦ

_______________
(121) 1- ڏ ڪي 2- جوش 3- آد مي 4- سست 5- سولي 6- سنڀرڻ 7- چڪر ۾ آندا

(122)

ٿا وڌن ڪين پير پنڌ ۾ داڦ[9]
ٽال ۾ ٺاھہ ڪين ڪن هٿ ٿاڦ 2

نَنھن جي نَهرڻ جي نوڪ سان نہ وڍيا
سي وڌيو ٿين ٿا وڏا ۽ ڏاڦ

جا مٽي آھي ڇور ۽ ڊُس کُس
مينھن وُٺي ۾ ڳرئو ٿئي ٿي راڦ 3

ڪاٺ سنواّن ڏنگا وڍيو واڍا
نار هرلا ڪرين چيريو تاڦ4

جيئن تپي ديگ گل اچي منجهہ جوش
ٻھر نڪري اُتي جي گرمي ٻاڦ

________________
(122) 1- وڏا 2- اجايا اجلڻ 3- گپ پٽڙي 4- تختا

(123)

چؤ صفا سچ ڳالھہ سڀ ڇڏ ٿاڦ1 ٿِڦَ
ڪوڙ گڏيو کوٽ سان ڪر ڪيم ٿڦ

ڄڀَ مان ڪڍ حرف چيٺي چيت سان
منجهہ تڪڙ ڀر ڪيم پنھنجو وات گِڦَ

ڪر نظر کي پير حق جي واٽ ۾
پنڌ ڪر دل سان مَ وِجهہ پيرن ۾ لِڦَ

وڃ وڃڻ ۾ ڇڏ سڀيئي اوريان پريان
پوئيان ڇڏ پٺتي اڳيان مهند صِڦَ

جوڙ ڪر ڪثرت 2 کي وحدت 3 ساڻ ھيڪ
ڏس تہ ڪيئن جويون ڪرن ڌڙڪن 4 کي دِڦَ 5

واس وٺ گذار جو گل ڳنڌ 6 چڱيان
نڪ کي سڻڪي ڪڍي سڀ ٻھر لِڦَ 7

______________
(123) 1- اجائي بڪ 2- گهڻائي 3- ھيڪڙائي 4- رليون 5- ھيٺيون وڇاڻو 6- سونگهہ 7- سنگهه

(124)

آھي امر سڀ ۾ سڀاڳو وفاق [10]
نِگَر 2 نَحس نـڌِيل 3 نڀاڳو نفاق

ملاقات ميلو مٺائي مکڻ
کِلُڻ کيرڻي کاڄُ فاقو 4 فراق 5

محبت ٿي معراج 6 جبرئيل جذب 7
رضا ريجهہ رف8 رف پلائون براق 9

سفر سَڀَ ۾ منزل ۾ مدين مڪو
عرب سو عجم سو سو عابو 10 عِراق

محمد مُلڪ ۾ اَحد اصل ۾
ڪيو ميم سين الف گڏ اتفاق 11

جو ٿُڙُ ٽارَ پَن ڦَرُ سو گلشن ۾ گل
سدا گل کي تنھن گل سندو اشتياق 12

_________________
(124) 1- اتفاق 2- بي پيرو 3- خراب 4- بک ڪڍڻ 5- جدائي 6- ڏاڪڻ 7- تخت جنھن تي حضرت جن معراج رات چڙھيا هئا 9- جنھن جانور تي حضرت جن سوار ٿي معراج ويا هئا 10- ڳوٺ جو نالو 11- ڳانڍاپو12- خواهش

(125)

دل سدا تنھنجي لئي ڦري مشتاق[11]
ڏک ڏولائي ۾ ٿي ڏري مشتاق

امر ٿئي تا وھي اَچي وٽ تو
يا وچان سا وري وري مشتاق

نہ ملي ٿي نٿي ٽٽي ٽلڪئل2
ڳالھہ ان ۾ ڳرئو ڳري مشتاق

جنھنکي تنھنجي هٿن هنيو مچ ۾
ڪين ٻين جي هٿان ٺري مشتاق

گل جنھين تي نہ مهر پئي محبوب
جَکَ 3 جيئي جاڙ 4 مر مري مشتاق

_________________
(125) 1- عاشق 2- ڏليل 3- اجايو 4- بي مانو

(126)

آھہ سڀڪنھن ڪام ۾ خوش شوق ذوق
دين ۽ اسلام ۾ خوش شوق ذوق

منجهہ سلام عليڪ مؤمن شاد خوش
هندون هر نام ۾ خوش شوق ذوق

لئي نبين وحي1 راحت روح جي
ڪا ملن الھام 2 ۾ خوش شوق ذوق

مرسلن مقصد ڪلام الله ۾
عارفن اَعلام3 ۾ خوش شوق ذوق

عاشقن اندوه ۽ آزار عيد
عاقلن آرام ۾ خوش شوق ذوق

منجهہ کُلڻ خوشبوي پنھنجي شاد گل
بلبن ماتام ۾ خوش شوق ذوق

_______________
(126) 1- خدا جو پيغام 2- خدا جي طرفان دل تي ڳالھہ اچڻ 3- ڄڻ

(127)

ڪڍي ڇڏ ڀول[12] ڀؤ دل کان، آھي هِتِ هُتء هو الحق 2 حق
هو الله احد3 چؤ دل کان آھي هِت هُت هو الحق حق

قيام رڪوع قعدي ۾ پروڙي احد منجهہ سجدي
سڃاڻِي ميم پؤ دل کان آھي هت هت هو الحق حق

X چاليھہ اَٺ اَٺ اسي ستر ٻاره چوڏهن سڪان ساري
ڪَڙو هَڻُ لاھہ ڪؤ دل کان آھي هت هت هوالحق

+ ابجد هڪ ٻہ ٽي وٺ چار نوي ڏھہ رکي اڳ پوءِ
سڄو منجهہ قاف سؤ دل کان آھي هت هت هو الحق حق

آھي عين اليقين4 عين عمر عثمان علي برحق
لاھي ڏس ڌُنڌ رؤ5 دل کان آھي هت هت هو الحق حق

خضوع 6 خشوع 7 ۾ خالق رکيو اخلاق خوبيءَ جو
خدا جي لاءِ نؤ دل کان آھي هت هت هوالحق حق

ڪُلُوا 8 کائي منجهان حق واشر 9 بوا گڏ جنس مع الجنس
ڪرائج دل کي ڍؤ دل کان آھي هت هت هو الحق حق

مڪر انڪار ميان ملان مٿي مامن10 مولائن جي
ٻڌي پوءِ ٻولَ هؤ دل کان آھي هت هت هوالحق حق

ڪنڊا ڪک ڪرجهہ ڪر گڏ گل ڏيئي باھہ ڪر ڀيڙا
ٻاري مچ لاھہ مؤ 11 دل کان آھي هت هت هو الحق حق

_______________
(127) 1- ڍپ ڊاءُ 2- ڌڻي 3- الله هڪ آھي
X 40 ابدال -8 غوث زمين جا- 8 غوث آسمان جا -80 قطب -70 اوتاد – 12 امام -14 معصوم + 99 اسم ڌڻي پاڪ جا