شاعري

ديوان گل

”ديوان گل“: ٽالپر دور جي پھرئين غزل جي صاحب ديوان شاعر خليفي گل محمد ’گل‘ ھالائيءَ جي غزلن جو ديوان، پھريون دفعو جنوري  1859ع ۾ مطبع ممبئيءَ مان ليٿو پريس تي شايع ٿيو هو.  1933ع واري پنجين ڇاپي ۾ محمد صديق ميمڻ ’ديوان‘ گل جو تفصيلي ديباچو بہ لکيو هو، جنھن ۾ خليفي گل محمد جي ڪلام جي خوبين، بلاغت، فصاحت، تشبيھن، اصطلاحن، پھاڪن جي استعمال، وزن وغيره تي اجمالي بحث ڪيو ويو آھي. خليفي گل جي زندگيءَ جا حالات عبدالغفور ھالائيءَ لکيا هئا. ديوان گل ۾ الف- ب وار رديفن جي ترتيب سان 175 غزل شامل آهن. 

Title Cover of book ديوان گل

حصو نائون

(162)

سَڏُ سونھن جو سڻي سيگها اچو
ڀائرا ان ڀير [1] سين ڀَوَ کان بچو

ماءُ پيءُ کان ٿو پڌر آلو پوي
پير جي پالوٽ سين ٻاهر ٻچو

باھہ ۾ جو پيو پڪو سو ٿانءُ ٿيو
جو رھيو ٻاهر رھيو ڪوجهو ڪچو

ڇو رکو ٿا ڪنڌ تي ڪُلُ2 باھہ جو
پرت ۾ پرين جي پوڄارا3 پچو

پير هٿ پھري پرت سان پانھنجا
نينھن جا نورا وجهي ناچو نچو

ڌاوُ جا ڌاڳا ٻڏڻ ويراڳ نالـﮧ4
جوڳ پائي جوڳياريءَ5 رچو

ڪوڙ آھي ڪفر ۽ اسلام سچ
پڙھہ سچي سيد تي گل ڪلمو سچو

________________________________________
 (162) 1- طرح 2- ٽانڊن جو ٿانءُ 3- سچا عاشق 4- دنيا جو ترڪ 5- سچي تات

(163)

ڪر دل ۾ اَچي حبيب ديرو [2]
من آھہ بنا تنھنجي ميرو2

ڏک سور فراق جي اندر ۾
ٻاري جيءَ ۾ جاڳايو ڄيرو

محبت من تي مچائيو مچ
منجهہ جوش جلي ٿو جان جيرو

هم غم حبيب تنھنجي ھيء ھاءِ
هورن جو ڏنو هنئين تي ھيرو3

ڏاتار ڏنا وجهي ڏکين کي
ڏک ڏاج ڏکيا مٿي ڏھيرو4

اِي چاش چکيو چوي فذوقوا5
ڳَڻَ ڳهج سدا ڳائي ڳيرو

در درد وارنجي وانوُ، دل کان
ايء لاھہ م دل، تاتار ويرو

کَرُ جي کَرَپي6 مٿس کلو کوڙ
ٿي کَر تي کڙو م ٿئي کيرو7

منجهہ ڀول8 ۾ پؤ م ٿيء بڇرو
ڀَرَ9 ڇڏ پوءِ ڀِرُ10 مَ ڀڃ ڀيرو

ليء وصل وضو ورھہ جو ساري
پڙھہ نينھن نماز نفل نيرو11

اُٿ جاڳ سجاڳ سمجهہ رک گل
ٿي ڪيم ڏسي گلن کي گيرو12

_______________
(163) 1- جاءِ 2- ٻيائي وارو 3- لامارو 4- ڏکي  5- چکر 6- کھي 7- بي همت 8- ڀل 9- آسرو 10- ويھہ 11- ترڪ وجود 12- هوس

 (164)

ڏنو مونکي ڏاھي اشارو اهو
تہ آھي سڀت ۾، نہ سَڀُ تنھن جهو[3]

حقيقت پاڻي، صورتون مڙيئي ٿانءَ
ٺڪر ٿانءَ وکرو2 نہ پاڻي ٻيو

سوئي بحر ۾ آب سوئي نيڙ3 ۾
سوئي ڪنگر اڏ ۾ ۽ ٻاري ۾ سو

تفاوت سڀت رنگ ۽ چاش ۾
اچئو گُريءَ ڪاني جي ۾ ٿئي مٺو

کٻڙ ۾ ٿيو کارو ڪڙو ٽوھہ ۾
ٿيو پوءِ ليمي ۾ ڏس ڪئن کٽو

سڀت رنگ وکرو سڀت حسن ڌار
ڪٿي گل ڪٿي ڦل ڪٿي واس بو

جي ڀائين تہ وحدت ۾ ٿيان محو گل
تہ هڪ ڏس، م ڏس ٻيو، مَ چَؤ ھيءُ هو

____________
(164) 1- جهڙو 2- سامان 3- ڪسي

(165)

چؤ ڌڻي ايڪ[4]، ڪيم چؤ اي اُو، وحدہ لاالـﮣ الاهو
سرت ڪر سمجهہ رک م ڪر ھي هو، وحدہ لاالـﮣ الاهو

جي نظر پاڪ ٿيو ڏسڻ ٿيو پاڪ جي لٿو ڀول ڀؤ لٿو بي باق2
جمع ٿي دل، وچان ويو جهُو3 جهُو وحدہ لاالـﮣ الاهو

سوئي زبوّر ۾ سو منجهہ انجيل سوئي توريت ۾ سو منجهہ تنزيل4
سوئي منجهہ سحر سوئي منجهہ جادو وحدہ لاالـﮣ الاهو

مهت ۾ ٿا پڙھيو پڙهن مومن مڙھيءَ ۾ بت پرست برهمن
ساک سوگند5 ۾ چون ساڌو وحدہ لاالـﮣ الاهو

بربلون ڪيو ٽڻون ٽڻون ٽڻڪن ڀونئر بيراڳ ۾ پيا ڀڻڪن
حسن گل جو ڏسيو ڳُنڌئو6 خوشبووحدہ لاالـﮣ الاهو

__________________
(165) 1- الله هڪ آھي 2- آزاد 3- خرابي 4- قرآن پاڪ 5- قسم 6- وٺيو

(166)

آھہ سڀ کان خوب محبت1 واھہ واهہ
ساڻ محبت نيڪ صحبت2 واھہ واهہ

منجهہ محبت سھڻي صحبت آھہ پر
آھہ صحبت  ۾ بہ الفت3 واھہ واهہ

آھہ صحبت ۾ بہ الفت خوش گهڻو
ساڻ الفت خوب خدمت4 واھہ واهہ

آھہ اُلفت ۾ چڱي خدمت جي هوءِ
اُن سين گڏجي نيڪ 5 نيت واھہ واهہ

ڪم مڙيو ئي گل ٿو ڇٽي نيت مٿي
اول نيت پوءِ سويت6 واھہ واهہ

________________
(166) 1- قرب 2- ياري 3- دوستي-محبت   4- چاڪري 5- موچاري نيت 6- سوائي

(167)

ٿو ڇٽي ڪوڙ ڪفر شرڪ ڪنا جو پڙھي لاالـﮣ الا الله
ٿئي مسلمان سچ صدق ڳنا جو پڙھي لاالـﮣ الاالله

’ڏوه تنھن تان ٿا ٿين غفو [5] رب جي طرفان
مدشد2 حرف حرف ڪريو ادا3 جو پڙھي لاالـﮣ الا الله

گهر تنھنجو ٿيو باغ جيئن گلشن، سڀ گهرن ۾ ٿيو زور اُو روشن
نور حق جي سين ٿيو او پاڪ صفا، جو پڙھي لاالـﮣ الا الله

هڪڙو غازي اُبيٺو جنگ ڪري، ٻيو سخي سون سان جهان ڀري
تن کان آھي ڀلو گهڻو بالا4 جو پڙھي لاالـﮣ الا الله

وات تنھنجي مان ٿيئي پکي پيد ا، سبز منجهہ رنگ خوب خوب  نما5
نا ويندو پيش بهشت ۾ انکا، جو پڙھي لاالـﮣ الا الله

توڻي زاني ڪي چور ڪو هوندو، ري شڪ منجهہ بهشت سو ويندو
ساڻ فرمان قادر اعليٰ6 جو پڙھي لاالـﮣ الا الله

چيو خدا لاالـﮣ الا الله ڪوٽ منھنجو، آھہ سو جاءِ پناه
آيو تنھن ۾ مٿس عذاب لٿا، جو پڙھي لاالـﮣ الا الله

جيڪو جنھن ڪم اچي مصاحب7  ٿيو، سڀ  گنـﮧ  ان جا ربّ عفو ڪندو
پٺيءَ تنھن جي ڪري معاف خطا، جو پڙھي لاالـﮣ الا الله

ڀيري هڪڙي سان ربّ ٿو بخشي، اڳيان پويان گناه سڀ تنھن کي
جي هجن او گجي سمونڊ جها، جو پڙھي لاالـﮣ الا الله

جيڪو قائل8 زبان سان ٿيندو، رب تنھنکي حساب بخشيندو
ساڻ دل جي يقين گل گدا جو پڙھي لاالـﮣ الا الله

____________________
(167) 1- معاف 2- صحيح 3- چوي 4- مٿاهون 5- چڱو ڏيک 6- وڏو 7- صحبت ڪندڙ يا وهندڙ 8- چوندڙ

(168)

ٿئي نہ هر گز ڪنھن طرح گمراه، جنھن مڃيو محمّد رسول الله
تنھن ڪيو اثبات عين الا الله، جنھن مڃيو محمّد رسول الله

جا اطاعت[6] سچي محمّد جي، سا اطاعت خدائي احمد جي
قولـﮣ الحق، فقد2  اطاع الله جنھن مڃيو محمّد رسول الله

افضل الذڪر ذڪر ربي ٿيو، وارفعنا3 تھين ۾ عربي ٿيو
تنھن کون راضي گهڻو ٿيو مولاھہ جنھن مڃيو محمّد رسول الله

سؤ ورھہ گبر جي پڙھي الله، اولرءَ ٿي وتي سدا گمراه
منجهہ بهشتن تنھين جو ٿيو مثواهه4 جنھن مڃيو محمّد رسول الله

ڪفر جنھنجو ٿيو ملت و مذهب، نانھہ موليٰ تنھنينجو والي رب
آھہ ھادي5 تنھين سندو همراه، جنھن مڃيو محمّد رسول الله

پازي6  احمد جو توڻي هوئي پينون، ھيڏي هوڏي ڦري ٿو جيئن کينون
آھہ سو شاھہ شاھہ شاهنشاه جنھن مڃيو محمّد رسول الله

ٿيو تحقيق سو فنا في الله ٿي فنا موٽي ٿيو بقا بالله
گل ٿيو اصل پنھنجي کون آگاه7، جنھن مڃيو محمّد رسول الله

____________________
(168) 1- مڃتا 2- تحيق فرمانبرداري الله جي ڪيائين 3- مٿاهون 4- جاءِ آرام 5- هدايت ڪندڙ 6- غلام 7- واقف

(169)

ڪئن ڏسان آءٌ پريم وري توکي
سڀ[7] رَھيان ويلون وار آءٌ توکي

آءٌ اچي ڏس طبيب منھنجو تن
ڪئن ڏُريو ڏيل آھہ منجهہ ڏوکي2

ڪا ٻڪي ٻاجهہ جي اَچي ڏي مون
چيت سان چار خلط ڏس چوکي3

وصل تنھنجو ورونھہ منھنجي ويڄ
ڏي مون کي مِلڪَ مالُ ني موکي4

جيءُ جڏو ڪيو جيال تنھنجي جند
آھہ جيءُ جان جند تو جوکي

گل وجهہ باغ ۾ گلن جو ٻج
ڪئن ڳُنڊي گُلَ جو ڪنڊا پوکي

_____________________
(169) 1- رھيل 2- ضعيف ٿيو ڏک ۾ 3- جاچ 4- پاڇي ڪري

(170)

محبوب آيو مان وٽ مهران ملي ملي1
ٿي ھاج اُنجي آئي سڀڪا ڀلي ڀلي

اکين ڏسي ڪئي عيد آزار  اَهک ويو
پُر ٿي پسڻ سين دل، جا هُئڙي ٺلي ٺلي

آجي اندره کان ٿي آزاد ظلم کان
جندڙي جنجال جا هئي جهوري جهلي جهلي

لڳڙي پريت جنھنکي پرين جي پار جي
واري ڪنھين نہ وير نہ پِيرن پلي پلي

ڪئن ٻھر پئي مُني جا سوٽھڙ2 هوش ور
ڪانڃڻ قرب جي اندر جوڙي سلي سلي

سچو صديق عمر عثمان نوبھار
گل باغ مصطفيٰ جو حيدر علي علي

____________________
(170) 1- مرڪي 2-واڍي

(171)

ڪي چور[8] چپن تنھنجي دل چاس2 چسڪي چسڪي
ٿي پاهه3 پچي پر ۾ منجهہ ٽاس4 ٽسڪي ٽسڪي

جا حسن هَنئي دلڙي ٿي قيد قربا قربا
جا ڪيئن کِلي خوش ٿئي ساڻ ٺاھہ ٺسڪي ٺسڪي

آءُ منھنجي اڱڻ دلبر مينھن وانگي برسي برسي
جِهر مِر سين اندر ڇاتي گهڙ يار وَسُڪي وَسُڪي

محبوب آيو مون گهر مختار مهران مهران
ساڻ لاڏ ڦُري دلڙي دلدار کَسُڪي کَسُڪي

ڪھہ قاسم اڄ تو گل سين گل بات هندي هندي
دلدار دکاتا هئي نَو ناز هسڪي5 هسڪي

_________________
  (171) 1- چرڻ 2- لذت 3- ڳريل 4- تؤ 5- کلي

(172)

تنھن جي ديد جي دوست سَڌَ سڀني کي
منجهان تنجي حاصل ڏسڻ ٿيو ڪني کي

گهري توکي سڀڪو تون سڀڪنھن جو مطلوب
ٿيو تنجو مطلب گهرين تون جني کي

جني کي گهريو تو، ٿيو توھہ [9] تن سان
گهري لوڪ سارو ٻيو پڻ تني کي

گهرن توکي هڪڙا ٻين کي گهرين تون
آھي لطف شامل تنھنجو هِن هُني کي

چاريئي2 سارِ، ڏھہ چار، ٻارھہ تون گل
چوڏھہ چور چت ۾ جئن پنجني کي

______________________
 (172) 1- پناه 2- چار يار،  چوڏهن معصوم،  ٻارهن امام

(173)

صبا صبح جو سلام منھنجا اڳيان نبيءَ جي رساڻ نيئي
هزار آزيون لکين نيازيون ڪري سگهين جي سي ڪج سڀيئي

جڏهن لياڪن مان پڃّرن جي توکي رضا1 ٿئي حضور اندر
مٿي مبارڪ مزار 2 مرسل جي چشم نيئي رک تون گهور ٻيئي

چئج عرض هن عليل3 عاجز جا پيش پرين ٻڌي ٻہ ٻانهون
سڀيئي ساري سڀيئي سنڀاري رکي مٿو مُنھن ۾ سجدي پيئي

ادب سين حضرت ابابڪر جي اڳيان ۽ حضرت امير عمر
چئج تہ جيڪي حضور ۾ هُونِ غائبن ڪن سپرد سيئي

تنھينجو بيت المقدس آھي گذر سدائين ۾  ڪعبة الله
وڃي ڏھاڙي ۾ بيت معمور اُت عرض منھنجا چئج تہ ڪيئي

حضور ۾ جنت المعلّيٰ، صحاب پاڪن بقيع جي کي
حضور شهداءِ ڪربلا جي عرض چئج جيئن ڪيئن مون چيئي

سنگهہءِ مونکي ڪا آڻي خوشبوءِ نام حق جي پنجن گلن جي
نبي محمد حسن حسين و عليّ زهرا اي گل پنجيئي

______________________
(173) 1- حڪم 2- مقبرو 3- ضعيف

 (174)

سيدا تو در آيس ٻيا در ڇڏي
پيش پئڙس پير آءٌ تنھنجي تڏي

سار لھہ سردار صاحب سيگهہ ۾
ڪر رحم راحم مٿي هن جيءَ جڏي

رک سدا آباد ڀنگا [10] تن سندا
جي اَجهي تنھنجي اچي ويٺا اَڏي

توکان شاهنشاھہ ٿيا سڀ شاد شاهہ
تو ڍيا ڍايا ولھا2 ويلي وڏي

ڏي پيالو پير پنھنجي شوق جو
عمر ويئي ھيء ھيء ڪُتي ڪُرٽي هڏي

تاب 3 ڦوڙائي 4 جي تن بي تاب 5 ڪيو
وصل جي ڏي سرڪ ڪا ساقي سڏي

گل اوھان ريءَ هت گهڻو حيران آهہ
پنھنجو نيھو پاڻ سان گولو گڏي

___________________
(174) 1- جهوپڙيون 2- کٽل 3- گرمي 4- جدائي 5- حيران

(175)

عمر ھيء ھيء ويئي عبث ويئي
ساٿ جن هئي سنگت ويا سيئي
 
صبر[11] سک2 ۽ سھاڳ3 نيو ساٿن
ڏک2 ڏورو1 ڏھاڳ3 ويا ڏيئي

ڪونہ اُن پار کان وريو پانڌي
جان اُن پُور ۾ پچي پيئي

جي اچي هوند تان وجهان گهوري
جان دل تن مٿانئس آءٌ ٽيئي

جو وڃي ٿو نٿو نياپو ني
ڪنھنکي پنھنجي خبر ڏيان نيئي

ريءَ وڃڻ اڄ ملڻ وڏو مشڪل
ڪالھہ ڪو ڪون ڪندا ويا ڪيئي

گل فنا ٿي بقاءِ حق جو ماڻ
تا چون ائن مري جيا جيئي

درد وڌئو ديوان گل ٿيو ٿيم
ماٺ ڪلمون چڱيان چوڻ چيئي

چؤ اول لاالـﮣ الا الله
پوءِ محمد رسول  گڏ ٻيئي

_______________
(175) 1- هن بيت ۾ بہ صنعت آھي
_______________

سيٺ ڪمال الدين سيٺ مريد علي ميمڻ ”مسلم ادبي (اليڪٽرڪ) پرنٽنگ پريس“ ميمڻ محله حيدرآباد ۾ ڇپيو، ۽ خانبھادر الحاج محمد صديق محمد يوسف ميمڻ سيڪريٽري ”سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي“ حيدرآباد سنڌ جي ڇپائي پڌرو ڪيو.