سوانح نگاري ۽ سوانح نگار
ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته ماڻهو ڏاڍو ٻهروپيو آهي، ڇو ته سندس شخصيت جا گھڻا پاسا آهن. ان ڪري انگريزي وارو لفظ personality به لاطيني لفظ persona مان ٺهيو آهي، جنهن جو مطلب آهي نقاب يا مکوٽو. ۽ ان حوالي سان شخصيت جي ماپ طور صرف، قد ڪاٺ، لٽن ڪپڙن، رنگ ڍنگ، ذات پات، سماجي سياسي يا مذهبي رتبن جي بنياد تي ناهي ڪئي ويندي، پر شخصيت جي سڀني پهلوئن جي بنياد تي ٿيندي آهي، جنهن ۾ ظاهري ڏيک ويک کان وٺي ماڻهؤ جا احساس امنگ ۽ ورتاءَ اچي وڃن ٿا. اها ڳالهه آءٌ پنهنجي پاران نٿو ڪيان، پر سماجي نفسياتي ماهر social psychologist به اها ڳالهه ڪن ٿا.
سماجي نفسيات جي لغت جي حوالي سان هڪ وصف هيءَ به آهي:
“Personality is the totality of impressions which one man makes on other.
” شخصيت مڪمل تاثرن جو اُهو مجموعو آهي، جيڪو هڪ ماڻهو، ٻي ماڻهو مٿان وجھي ٿو.“
سماجي نفسيات جا ماهر چون ٿا ته پنج جزا شخصيت کي ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.
1. وراثت: جيڪا هڪ شخص کي پيءُ،ماءُ جي طرف کان ملي ٿي.
2. جاگرافيائي ماحول: جيڪو ماڻهوءَ جي جسماني ساخت تي اثر انداز ٿئي ٿو.
3. سماجي ماحول: جيڪو ماڻهو جي سماجي تربيت ڪري ٿو ۽ کيس سماجي رتبو social status ڏياري ٿو.
4. ثقافت: جيڪا ماڻهو کي مخصوص رهڻي ڪهڻي، ٻوليءَ ۽ لباس سان آراسته ڪري ٿي.
5. زندگيءَ جا مخصوص تجربا ۽ مشاهدا: جيڪي هر هڪ ماڻهو کي الڳ الڳ ٿين ٿا، اهي ئي سندس مخصوص نفسياتي ڪيفيت جوڙين ٿا.
ان مان ثابت ٿيو ته هر شخص جي شخصيت ڏاڍي پيچيده انداز ۾ جڙي ٿي ۽ ان تي لکڻ ته هيڪاري ڏاڍو ڏکيو آهي، ڇو ته هڪ انسان بظاهر جيڪو ٻاهران ڏسڻ ۾ اچي ٿو، سو ضروري ناهي ته اندر ۾ به ساڳيو هجي، ان ڪري هڪ سوانح نگار هڪ ماڻهو تي صرف ايترو لکندو، جيترو هن کي نظر آيو هوندو يا کيس معلومات ملي هوندي.
سوانح عمري يا حيات نگاري جي فن جي ابتدا ڪٿي ٿي....؟ ان حوالي سان ڪيتريون دعوائون آهن. ڪي چون ٿا ته چين ۾، ڪي مصر ۾، ڪي يونان ۾، ته ڪي هندوستان ۾. حيات نگاري جي فن جي حوالي سان عراق مان مليل ”گل گامش جو قصو“ پهريون ڪتاب ڄاڻايو وڃي ٿو پر حقيقت ۾ ته رامائڻ ان حوالي سان گل گامش جي قصي کان وڌيڪ بهتر آهي.
پراڻي دؤرن ۾ جيڪي سوانح عمريون لکيون ويون، اهي بادشاهن، مذهبي شخصيتن، جنگجو ماڻهن يا مشهور ماڻهن جون هيون. وچئين دؤر 400ع کان 1450ع ۾ عيسائي مبلغن پنهنجن شهيدن ۽ پيشوائن جون سوانح عمريون لکيون.
9 صدي عيسوي ۾ مسلمان عالمن به حضرت محمد صلعم، ۽ صحابه ڪرامن جي سوانح حيات لکي. ان حوالي سان سعد البغدادي وڏو ڪم ڪيو. جيئن ته اسلامي دنيا ۾ حديث هڪ وڏو موضوع يا نصاب بڻيو ان ڪري محدثن جي زندگي ۽ انهن جي حيثيت ۽ مرتبي کي پرکڻ لاءِ به تنقيدي سوانح جو بنياد پيو، جنهن کي چيو ويو ”علم الرجال“ يعني ”ماڻهو جو علم. “
عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ تي 18 صدي عيسوي ۾ لکيو ويو. ۽ اهو ئي جديد سوانح نگاري جو دؤر آهي، جنهن ۾ سيموئل جانسن 1781ع critical lives of poets لکيو. جان جيڪس روسو اعتراف confessions لکي ڪري سوانح نگاري کي نئون موڙ ڏنو، جنهن ۾ ماڻهؤ پنهنجين غلطين کي به قلم بند ڪيو. جنهن جي ڪري ڪيترن ماڻهن پنهنجين آتم ڪٿائن ۾ وڏي جرئت سان پنهنجن ڏوهن ۽ گناهن جو اعتراف ڪيو.
جڏهن پرنٽنگ مشين وجود ۾آئي ته ڪتابن ڇپجڻ جو وڌيڪ رجحان پيدا ٿيو. ان دؤران سوانح عمريون به گهڻيون ڇپجڻ لڳيون، پر پهرين جنگ عظيم ۾ انسانن جيڪي هيانءُ ڏاريندڙ تباهيون ۽ برباديون ڏٺيون، اُهي به سوانح حيات جي ذريعي وڌيڪ سامهون آيون. ۽ ائين ٻي جنگ عظيم اُن ۾ وڌيڪ واڌارو آندو.
1970ع کان پوءِ يورپ ۾ عورت جي سجاڳي وارو دؤر ليکيو وڃي ٿو. ان دؤران عورتن به سوانح نگاريءَ جي لحاظ سان ڪيئي ڪتاب لکيا.
اردو ادب ۾ غالب جي خطن کان وٺي، امرتا پريتم جي ”ايڪ ٿي سارا“ تائين مختلف اندازن ۾ خوبصورت ۽ بهترين سوانح عمريون لکيون ويون آهن.
سنڌيءَ ۾ به سوانح نگاريءَ جي حوالي سان تمام سٺو لکيو ويو آهي. جن ۾ جي ايم سيد جو ڪتاب، ”جنب گذاريم جِن سين“، پير علي محمد راشديءَ جو ڪتاب، ”اُهي ڏينهن، اُهي شينهن“، پير حسام الدين راشديءَ جو ڪتاب ”هو ڏوٿي، هو ڏينهن“، محمد بخش مجنون جو ڪتاب ”مسڪين جهان کوسو“، اختر بلوچ جو ’قيدياڻيءَ جي ڊائري‘ وغيره آهن.
سوانح عمري يا حيات نگاري جي هڪ سادي وصف اِها به آهي:
”ڪنهن به شخص جي نجي زندگيءَ جا معاملا ۽ واقعا بيان ڪرڻ.“
سوانح عمري تاريخ جو حصو آهي. پر تاريخ لکڻ وانگر هن جا انداز مخصوص ناهن. سوانح عمري يا حيات نگاريءَ جي لکڻ جا نمونا تمام گهڻا آهن. جن مان ڪجهه هيٺين ريت پيش ڪجن ٿا.
1: معلوماتي سوانح حيات Informative Biography
هن ۾ ڪنهن به شخص جي ذاتي زندگيءَ جي باري ۾ بنيادي ڪوائف ڄاڻايا ويندا آهن. مثلن: نالو، ذات پات، ڄمڻ جو ڏينهن، هنڌ، تعليم، ڪرت، شاديون، ڪارناما ۽ موت (مئل هئڻ جي صورت ۾) هن قسم جي معلومات ڪنهن شخص جي ذاتي رڪارڊ مان حاصل ڪئي ويندي آهي.
2: تنقيدي سوانح حيات Critical Biography
هن قسم جي سوانح حيات ڪنهن شخص جي شخصيت پرکڻ ۽ سمجهڻ لاءِ سندس خطن، انٽرويوز، ذاتي زندگيءَ بابت مليل مواد کي سامهون رکي لکي ويندي آهي. اِن ڪري تنقيدي سوانح حيات تحقيق وانگر خشڪ ۽ گهٽ دلچسپ ٿئي ٿي.
3: معياري سوانح حيات Standard Biography
هن قسم جي سوانح حيات ۾ حقيقتن سان گڏوگڏ دلچسپ واقعا به شامل هوندا آهن. معلومات سان گڏوگڏ علمي ۽ ادبي رنگ به هوندو آهي. اِن ڪري اهڙي قسم جي سوانح حيات کي معياري سوانح حيات ڪوٺيو ويندو آهي. تنهن ڪري ان کي پذيرائي به گھڻي ملندي آهي.
4: تشريحي سوانح حيات Interpretive Biography
هن سوانح حيات ۾ ماڻهو جي زندگي ۾ آيل واقعن، کي تشريحي انداز ۾ بيان ڪيو ويندو آهي. جنهن ۾ خوبصورت لفظن، جملن، محاورن، استعارن ۽ تشبيهن جي چاشني هوندي آهي. پر تشريحي سوانح حيات اجائي ڊيگهه جو پڻ شڪار ٿيندي آهي.
5: افسانوي سوانح حيات Fictionalized Biography
هن قسم جي سوانح حيات کي افسانوي انداز ۾ لکيو ويندو آهي ته جيئن اُن شخص متعلق، پڙهندڙن جي دلچسپي قائم رهي. اهڙي طرح تاريخي ناول به افسانوي سوانح حيات جو حصو بڻجي وڃن ٿا. جيئن جميله هاشميءَ جو ”دشت سوس“ ناول، جيڪو حسين بن منصور حلاج جي شخصيت جي حوالي سان لکيل آهي.
6: خاص مطلب واري سوانح حيات Special Purpose Biography
هن قسم جي سوانح حيات ڪنهن خاص قسم جي سياسي، مذهبي پروپيگنڊه لاءِ لکي ويندي آهي. يا وري سياسي سماجي رتبه حاصل ڪندڙ ماڻهو، پنهنجي ساک بچائڻ يا وڌائڻ لاءِ لکرائيندا آهن. جيئن اڄڪلهه سياستدان ۽ فوجي جنرل پنهنجي سوانح حيات لکرائيندا يا لکندا آهن.
7: آتم ڪٿا Auto Biography
آتم ڪٿا، حيات نگاري يا سوانح حيات جي حوالي سان اُهو انداز آهي، جنهن ۾ ليکڪ پنهنجي سموري ڪيفيتن، امنگن ۽ احساسن کي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. پنهنجي ذاتي زندگي جي اُنهن واقعن، حادثن تان پردو کڻندو آهي، جنهن جي عام ماڻهن کي خبر ناهي هوندي.جئين شهيد بينظير ڀٽو جي جڳ مشهور آتم ڪٿا Daughter of East آهي. آمريڪا ۾ عام ماڻهن به پنهنجيون آتم ڪٿائون لکي ڇرڪائي وڌو ۽ ثابت ڪيو ته هر شخص کي پنهنجي الڳ شخصيت آهي. جيڪا هن کي ٻين کان منفرد بڻائي ٿي.
8: خط : Letters
سوانح حيات جي حوالي سان خطن جو به اهم ڪردار آهي، ڇو ته ماڻهو جي شخصيت خطن وسيلي به ظاهر ٿئي ٿي. ان حوالي سان ڪليم لاشاري جو ڪتاب”خطن جو سوانحي مطالعو“ هڪ بهترين تجزيو آهي. جنهن ۾ ڪنهن به شخصيت کي سمجھڻ لاءِ خطن جي اهميت ۽ افاديت متعلق بحث ٿيل آهي.
9: ڊائريون
سوانح حيات جي حوالي سان ڊائري به اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. ڪنهن شخص جي ذاتي زندگي بابت، سندس خوشين، غمين بابت هڪ روزنامچو آهي.جيئن ايني فرينڪ جي ڊائري جڳ مشهور ٿي.
10: انٽرويو Interview
انٽرويو به ماڻهن جي شخصيت کي ظاهرڪرڻ ۾ اهم ڪردا ادا ڪن ٿا. بشرطه ڪه انٽرويو وٺندڙ ذهين ۽ هوشيار هجي. جيئن دنيا جي وڏين شخصيتن کان ”اوريانا فلاسيءَ“ جا ورتل انٽرويو آهن. جيڪي ڏاڍا مشهور ٿيا، ۽ اُنهن شخصيتن کي سمجهڻ جي حوالي سان به هڪ حوالو بڻيا.
11: يادگيريون/ساروڻيون Memoirs
ڪنهن خاص عهدي يا جڳهه تي رهندي ماڻهن يادگيريون لکيون . اِن حوالي سان 15 صدي عيسويءَ ۾ فلپ ڊي ڪامنس فرينچ ڪائونسلر ۽ سنڌ جي حوالي سان ڪيپٽن ٽي پوسٽنس پنهنجون يادگيريون لکيون. اهي به سوانح نگاري جي حوالي سان اهميت رکن ٿيون.
12: سفرنامه Travelogue
سفرنامو به هڪ قسم جي سوانح حيات آهي. جيڪو ماڻهو سفر جي دؤران پنهنجي ۽ ٻين متعلق لکي ٿو. اهو اڳتي هلي تاريخي دستاويز بڻجي وڃي ٿو. ابن بطوطه جو سفرنامو، يا چيني سياحن جا سفر نامه پنهنجي دؤر جا تاريخي دستاويز آهن. سنڌيءَ ۾ الطاف شيخ جا سفرنامه به مشهور آهن.
13. جيل وارتائون
جيل دؤران گهاريندڙ قيدن جون ڊائريون، آتم ڪٿائون به ڄڻ تاريخي دستاويز بڻجي وڃن ٿا. جيئن سنڌي ۾ رسول بخش پليجي جو ڪتاب ”ڪوٽ لکپت جو قيدي“ هڪ دستاويز بڻجي ويو.
سوانح نگاري جي حوالي سان لکڻ جا به ڪيترا اسلوب آهن. ڪي مضمون جي صورت ۾، ته ڪي مقالي جي صورت ۾، ته ڪي خاڪي جي صورت ۾، جنهن کي انگريزي ۾ Personality Sketche سڏيو وڃي ٿو. شخصي خاڪي لاءِ 20 صدي عيسويءَ ۾ پهريان اِهو معيار هيو ته 750 لفظن کان 1500 لفظن تائين مشتمل هجي. پر هاڻي ڪا حدبندي ڪونهي. ڇو ته سوانحي يا شخصي خاڪي جو مطلب آهي، ”ڪنهن ماڻهوءَ جي زندگيءَ جو مختصر لفظن ۾ بيان ڪرڻ.“ ڪو ساگر کي ڪوزي ۾ ڪيئن بند ٿو ڪري، اُها ليکڪ جي پنهنجي مهارت آهي.
مون جيڪو ڪجهه لکيو، سو من مؤجي انداز ۾ لکيو آهي. ڪڏهن شخصيتن تي خاڪا لکي”سوجهرو“، ”پرک“ ”عبرت اخبار“، ”عبرت ميگزين“ ۽ ”پيغام“ رسالن ۾ ڇپرايم ته ڪڏهن ”لاڙڪاڻو هسٽاريڪل سوسائٽي“ جي ”وساريان نه وسرن“ واري پروگرام ۾ مضمون لکي پڙهيم. ڪڏهن”رائٽرس ڪلب لاڙڪاڻو“ ته ڪڏهن ”قادري قلم قبيلي“ طرفان ”ميان محمد صالح قادري جي عرس“ جي موقعي تي منقعد ادبي ڪانفرنس ۾ شخصيتن تي مقالا پيش ڪيم. ڪجهه ٻيا مضمون يا خاڪا به لکيم ته سستيءَ سبب ڇپرائي نه سگھيم، ائين ئي پيا رهيا. ڪي پورا، ڪي اڌورا. حال في الحال صرف اُنهن شخصيتن تي لکيل خاڪا ۽ مضمون هن ڪتاب ۾ ڏنا آهن، جيڪي منهنجي لاءِ ڄڻ وديا ساگر جي سمان هيا ۽ آهن.
هن ڪتاب ۾ بيان ڪيل هڪ هڪ شخصيت تي پورو ڪتاب لکي سگهجي پيو. پر ڇا ڪجي، ڳالهه اُهائي ٿي اچي، ته ”اور ڀي غم هين، زماني مين محبت ڪي سوا“
اِها شابس آهي، سعيد سومري کي، جيڪو مون کي اهو چئي پيو اُتساهه ڏياريندو آهي، ته ”سائين هن سال ڪهڙو ڪتاب آڻيون؟“ ۽ مان به سندس چوڻ تي عمل ڪندو آهيان. اِن ڪري جو منهنجن ڪيترن ڪٻٽن ۾ پنن جا ڍير لڳا پيا آهن. جن کي منهنجي زال مراد خاتون سانڍي سانڍي هاڻي پوڙهي ٿي چڪي آهي. سوچيندو آهيان ان بهاني سان گهٽ ۾ گهٽ ان جو بار ته هلڪو ٿيندو.
منظور ڪوهيار
0343-3629448
هائوس نمبر 3056 A
فيز 2 گلشن حديد ڪراچي