انيس انصاري : پرمل ۽ نرمل انسان
گير گير مين ماڻڪ نهين، گج گج موتي ناهه
چندن ترو بن بن نهين، پور پور ساڌو ناهه
(هر سمنڊ ۾ ماڻڪ ناهي. هر هاٿي موتين لائق ناهي هر بن ۾ چندن ڪونهي، هر وستيءَ ۾ ساڌو ناهه.)
اها ڪيڏي نه خوش نصيبي هئي منهنجي، جو مان لاڙڪاڻي جي لاهوري محلي جي ان ڪنڊ ۾ رهان ٿو. جتي انيس انصاري جهڙو دلڌير، دلساز ۽ جوتي سروپ ساڌ رهندو هو.
27 آڪٽومبر 1996ع تي انيس انصاري مون کي پنهنجي افسانن جو مجموعو ”انيس جا افسانه“ ڏنو. جنهن جي مهڙين صفحي تي سندس هٿ اکر لکيل هئا.
”سٺي ڪهاڻيڪار ۽ سٺي پاڙيسري جناب منظور ڪوهيار کي سڪ سان.“
مان سوچيندو رهجي ويس ته اهو ريمارڪ انيس انصاري منهنجي لاءِ لکيو يا پنهنجي لاءِ؟ دراصل اسان جهڙن ٻاٻرن ڪنڊن کي به درخت سڏڻ اهو ڪم ساڌن جو، جيڪي هميشه نير ورتا واري حالت ۾ هوندا آهن، تڏهن ته ڪنهن هندي شاعر چيو آهي.
سادهو اور پارس مين بڙا انتر جان
وه تانبا سونا ڪري، وه ڪري آپ سمان.
انيس انصاري پهريائين ته مون لاءِ صرف چاچو الله بخش هو. ڇو جو هُـو اشتياق انصاريءَ جو والد هو، ۽ ان وقت لاڙڪاڻي جي رول رانديگرن جو نظريو هو ته هڪ ٻئي جي والدين جو حد کان وڌيڪ (چمچا گيري جون هڙيئي حدون اورانگهيندي) احترام ڪيو وڃي ته جيئن گهر ۾ رانديگرن جي عزت ۽ حيثيت ٿئي ۽ ٽوئر لاءِ وقت سر اجازت ۽ پئسو ملي.
ٻي حوالي سان به نياز نوڙت هئي جو، هو پاڙي جي بزرگن منجهان هو، سندس گهر ۽ منهنجي گهر ۾ صرف ستن فٽن جي ويڪري وٿي گهٽيءَ جي صورت ۾ هئي. اسان جي ننڍي وهي وارن جو ان زماني ۾ اهو آدرش هو ته پاڙي جي بزرگن کي ”فرمانبرداري“ واري ڀرم رکڻ لاءِ هر هر سلام ڪجي، ڪڏهن ڪڏهن ته اسان بزرگن کي چيڙائڻ خاطر به سلامن جي يلغار ڪندا هياسي. چاچو الله بخش به هڪ ڏينهن ان آزمائش مان گذريو. هو ان وقت پنهنجي سڪ ساءَ واري سان گهر جي در ٻاهران گفتگو ۾ مصروف هو. اسان اٺن ڄڻن صلاح ڪري واري واري سان کيس سلام ڪيوسي، هن مشڪي هر هڪ کي جواب ڏنو. وري موٽ کائيندي کيس سلام ڪيوسي. اهڙي ريت چار چڪر هڻي، ٻٽيهه سلام ڪري ٿڪجي پياسي، پر چاچو الله بخش نه ٿڪيو. هر وار مشڪندو رهيو ۽ سلام ورائيندو رهيو.
آخري عمر تائين به ”ياران ڪهن“ کان وٺي، نوجوان، جنهن ۾ خاص ڪري امام راشدي، نئين ديري مان ڪهي ايندو هو. چاچو الله بخش طبيعت جي ناسازيءَ جي باوجود به در تي بيٺي بيٺي ساڻن خوش و خير عافيت ڪري وٺندو هو. ڪڏهن به کين مايوس نه ڪيائين ۽ نه وري منهن ۾ گهنج وڌائين.
حقيقت ۾ ته انيس انصاريءَ سان منهنجي واقفيت تڏهن ٿي، جڏهن مون ادب پڙهڻ شروع ڪيو هو. ”اشتياق انصاري“ نه ٻڌائي ها ته انيس انصاري بابا جو قلمي نانءُ آهي ته پڪ سان مان کيس ڪنهن ڇوڪريءَ جي تصور ۾ نڌان روپ ڏيان ها، بس ان ڏينهن کان وٺي ”انيس انصاري“ جو مضمون يا افسانو مون لاءِ فخر جو باعث بڻيو. مون کي ياد آهي ته جڏهن سندس ڪهاڻي ”اداس پليئر“ سوجهرو ۾ ڇپي ته مون ميگزين کڻي لئي ويهاري هئي.
”هي انيس انصاري جو افسانو اداس پليئر آهي، اسان ڪرڪيٽ جي رانديگرن تي لکيل آهي... اشتياق جو والد آهي، وغيره“ ٻين لفظن ۾ مون ڄڻ ائين پئي ٻڌايو ته سندس لکڻ ۾ اسان رانديگرن جو وڏو هٿ آهي.
اهو ڀلو وقت هو. هر سٺي شي کي پنهنجي own ڪرڻ جو ۽ هاڻيdis own ڪرڻ جو وقت آهي... خبر ناهي ته اها اجائي انفراديت ۽ پاڻ پڻي وارو مرض ڪٿي پهچائيندو؟
ننڍي ٽهي، وڏي ٽهي يا generation gap جو بحث پنهنجي جاءِ تي، پر حقيقت ۾ اسان سڀ متاثرين جي نسل منجهان آهيون. اسان پنهنجي وڏن جي ڳڻن کان متاثر ٿي معاشري جي تشڪيل ڪيون ٿا. خير، ڪو مڃي يا نه مڃي پر پاڻ ۾ جيڪي به ٿورا ٿڪا گڻ آهن، سي بزرگن جي تربيت جي طفيل آهن.
جي ڪٿي مهمان نوازي ۽ شفقت جو ذڪر ايندو ته منهنجي اکين آڏو اهو منظر ضرور ڦرندو. جنهن زماني ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ مهراڻ يونيورسٽي کي اٺن نون مهينن لاءِ تالا لڳي چڪا هئا. ”شيرين سومرو“ ۽ ”ميجر ڪفايت“ واري واقعي ڪري ــــ گهڻو ڪري ته 1978ع جا پڇاڙڪا مهينا هئا. اسان واندا مل هڪ ٻئي جا اڻ ڪوٺيا مهمان ٿي رهندا هياسي، خبر پئي ته اشتياق وڃي ڪراچي وسائي آهي. ڇو ته ان دؤر ۾ چاچو الله بخش ايڊيشنل سٽي ماجسٽريٽ هو ۽ جيڪب لائن جي هڪ فليٽ ۾ اڪيلو رهندو هو.
سڃائيءَ ۾ ڪراچي گهمڻ جو به هڪ پنهنجو مزو آهي، سو اوٽ موٽ جو ڪرايو کڻي سڌو اچي جيڪب لائين جي فليٽ ۾ ديرو ڄمايوسي، ”ابي جي گهر مزمان، اسان جي دل کي لوڏو ئي نه.“ جي تحت اشتياق انصاري اسان جي خوب خدمت ڪئي. رات جو رلي پني دير سان اچي سمهندا هياسين، چاچو الله بخش صبح سان سويل اٿندو، پنهنجي ناشتي سان گڏ اسان جو ناشتو به ٺاهي ڇڏيندو ۽ پوءِ اٿاري چوندو.
”بابا، ڪجهه اٿي، کائو پيئو ۽ پوءِ وري سمهي پئو.“
اسان هر روز شرمسار ٿيندا هياسين ۽ نڪ جي پڪائي سان اٿي، کائي پي ۽ پوءِ دل ئي دل ۾ عهد ڪندا هياسين ته اڳتي کيس تڪليف ناهي ڏيڻي. پرپوءِ اها ساڳي ڪار؛جيئن چوڻي آهي:
”عادت نه مٽي عادتي، علت مور نه جاءِ.
اُٺ پوي ڪڻڪ ۾، چُڻ چڻ ڪنڊا کاءِ.“
پر اسان جي خطائن ڪري، هن پنهنجي عطائن ۾ ڪمي نه آندي، اسان به خير سان ذري گهٽ مهينو رهي پوءِ موٽياسين.
چاچي الله بخش جي مزاح به ڏاڍي گهري ۽ معنى خيز هوندي هئي.
جيتري قدر ياد ٿو پوي ته ان زماني ۾ چاچو الله بخش لاڙڪاڻي ۾ نوڪري ڪندو هو. گهڻو ڪري ته روينو کاتي ۾... اشتياق کي ڪي ڪاغذ اٽيسٽيڊ ڪرائڻا هيا .... ان زماني ۾ اهو منظر عام هو ته ڪم ڪنهن هڪ رانديگر جو هوندو. باقي، پٺيان لالوءَ وارو لشڪر ساڻ.
ان جو ڪم ان ڪري جلد ٿي ويندو هو جو هر شريف ماڻهو انهن رانديگرن جي ٽهڪن ۽ هُلڙ بازيءَ کان ونءُ ويندو هو، جيڪي ٿوري ٿڪي ڳالهه تي وڏڦڙي وانگر وسي پوندا ها. اشتياق به ڪجهه ڪاغذ چاچي الله بخش جي ٽيبل تي رکيا ۽ دوستاڻي انداز ۾ چيو.
”سائين، هي ڏسي اٽيسٽيڊ ڪري ڏيو.“
”ها سائين ڪري ٿا ڏيون.“ چاچي الله بخش اسان سڀني تي هڪ طائرانه نظر وجهندي وراڻيو.
چاچي الله بخش جو ڄاتل سڃاتل به ڪو اتي ويٺو هو، تنهن چيس. ”اوهان هن ڇوڪري کي سڃاڻو به ٿا يا نه، جو ائين اٽيسٽيڊ ڪري ٿا ڏيوس!“
چاچي الله بخش وراڻيو ”هن سان ته ايتري شناسائي ناهي، پر هن جي ماءُ سان شناسائي پراڻي وقت کان آهي.“
همراهه هڪو ٻڪو ٿي ويو ۽ عجيب نظرن سان اشتياق کي گهورڻ لڳو. سائين جو ڪو ٻيو دوست به اتي ويٺو هو. تنهن سندس حيرانگي دور ڪندي چيو. ”اهو ڇوڪرو، سائين جو پٽ آهي.“
ان همراهه سڪون سان ساهه کڻندي چيو. ”مون به سوچيو پئي ته الله بخش جهڙو سنجيده ماڻهو ائين ٿي نٿو سگهي. چئبو ته اڄڪلهه اوهان مذاق گهڻي ٿا ڪيو.!؟“هن چاچي الله بخش ڏانهن منهن ڪندي چيو.
”مون ته حقيقت بيان ڪئي، اوهان الائي ڇو مذاق سمجهي؟“ چاچي الله بخش آرام سان وراڻيو.
۽ اها مذاق به نه هئي. کيس پنهنجي رفيق حيات سان ڏاڍي انسيت هئي. ان جو اظهار سندس افسانن جي مجموعي ”انيس جا افسانه“ جي ارپنا ۾ آهي.
”اڌ صدي ڏکن ۾ ساٿ ڏئي سکن ۾ اڪيلو ڇڏڻ واري عائشه انصاري جي نانءُ“
چاچو الله بخش پنهنجي شخصيت جي حوالي سان ڏاڍو ڳنڀير هو. ان ڪري جنهن تنهن کي دل جا انگور ڪڍي نه ڏيکاريندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن وڇڙيل ڪونج وانگر ڪڻڪي پوندو هو. پر اهڙن اشارن ڪناين ۾ جو سمجهو ڪي سمجهن، باقي عام لاءِ ته عام ڳالهه هئي.
هڪ اديب جي حيثيت سان ”انيس انصاريءَ“ جهڙو بردبار ۽ خوددار ڪو ٻيو ....؟ خود آرائي، خودستائي ۽ خودڪامي کان ڪوهين ڏور .... بس لکڻ پڙهڻ جي لوري هيس. باقي مڃتا جي چڪر ۾ نه کيس شامن ملهائڻ جي ڳڻتي، نه اخباري بيانن جو فڪر .... پنهنجي روءُ سوءَ، پنهنجي واٽ سان پيو هلندو رهيو. منهنجون صحبتون هزار هيس. ان ڪري ڪنڌ نه ڪڍائي سگهندو هو.
مان جڏهن ادب جي آني مان ڦٽي نڪتس ته پاڙيسري واري حجت ڪري کيس اوطاق تي ڪوٺي ايندو هوس. 1989ع کان 1999ع تائين خوب ڪچهريون ٿيون. جتي انيس انصاري پنهنجون بهترين ڪهاڻيون پڙهيون، خاص ڪري ”اڃا نه اڃا نه“، ”ڊونا“ ، برف جي سر“ ۽ ”پينشنر“ وغيره.سندس پڙهڻ جو انداز ڏاڍو پيارو ۽ وڻندڙ هو. اسان جهڙا ڪيترائي سندس پڙهڻي کان متاثر ٿيا ۽ سندس انداز اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
سندس تنقيد ته ڏاڍي نرالي هئي. دل آزاريءَ جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، هڪ دفعي ادبي ڪچهري ۾ ڪنهن شاعر بي مهار اهڙو ته ڇڙواڳ نظم پڙهيو جو ويٺلن ويهي ابتي کل لاٿس، اهو همراهه صفا ڳاڙهو ٿي ويو ۽ انيس انصاري جي صدارت هئي. راءِ اهڙي ڏنائين جو سڀئي کيرکنڊ ٿي ويا. آخري جملو خوبصورت ۽ معنيٰ خيز چيائين.
”ڏاڍي سٺي شيءَ آهي، پر خدا ڪري پهرين ۽ آخري نه هجي.“
ادبي بگبگوتي ۽ دم زني کان ته ونءُ ويندو هو. جيڪو ڪندو هو. تنهن کي اکر ئي ٻه ته، جي ڀائين ڀلو پنهنجو ته ڪنهن کي گهٽ نه ڄاڻ.
سندس رويي، گفتگو ۽ ڪردار مان پرايوسي خوب پرايوسي،هو، ڏجي، ته ڏکائجي به نه وارن ماڻهن مان هو. ان ڪري هر ڪنهن سندس گفتگو مان حظ حاصل ڪيو.
لاڙڪاڻي جي هر ادبي حلقي لاءِ قابل قبول هو. ڇو ته هن وٽ خلوص بيڪران هو. جڏهن ته ٻيا پياسا هئا، اڃ اجهائي ويندا هيا. وري ٻيهر اچڻ جي آس کڻي.
پڇاڙڪن ڏينهن جي ڳالهه آهي ته ”رائيٽرس ڪلب لاڙڪاڻي“ جي هڪ ادبي فنڪشن جي صدارت لاءِ پنهنجي حجت ناتمام رکي سي ته معذرت ڪيائين. ”پٽ، هاڻي اڌ ڪلاڪ به ويهي نٿو سگهان.“
مون محسوس ڪيو ته انيس انصاري جيڪو اڳيئي نازڪ ۽ نفيس هيو سو ڏاڍو ڪمزور ۽ ۽ نحيف ٿي چڪو آهي. مون کيس مشورو ڏنو.
”اوهان حيدرآباد، اشتياق وٽ ڇو نه ٿا رهو؟ حيدرآباد جي آبهوا لاڙڪاڻي کان چڱي آهي.“
کلي وراڻيائين ” ٻڌون ٿا، اتان جي آبهوا ڏاڍي بهتر آهي، جتي هوءَ رهي ٿي.“
مان اشارو ته سمجهي ويس پر ماٺ رهيس جو بحثا بحثي جي گنجائش نه هئي.
6 مارچ 2000ع شام جو سندس پوٽي دروازو اچي کڙڪايو ۽ ٻڌايو؛ ”بابا وڏو گذاري ويو آهي.“
مون کي ائين لڳو ڄڻ ڪنهن چيو هجي جنهن ڇانودار درخت جي هيٺان علم ۽ فضيلت جي آسيس وٺندا هيئه ۽ خلوص جي چشمي مان اُڃ اجهائيندا هيئه، اهو نخلستان موڪلائي ويئه!
مون سوچيو پئي ته هڪ شخص جيڪو الله بخش جي حوالي سان نرمل ۽ پرمل هو، ته انيس انصاريءَ جي نسبت سان به گهرگنڀير ۽ منٺار هو. تنهن جو پاڙي مان لڏي وڃڻ، اسان جي ڪيڏي نه ڪم نصيبي آهي.
7 مارچ الله بخش ”انيس انصاري“ پنهنجن احبابن، دوستن ۽ گهڻگهرن جي ڪلهن تي وفاتيءَ جو لباس اوڍي، ان ڀر آرامي ٿيو، جنهن جاءِ تي لکيل هو. ”عائشه زوجه الله بخش انصاري“
ان وقت ذهن ۾ سوال آيو ته پڇانس.
”چاچا، عالم برزخ جي آبهوا ڪيئن آهي؟“
بروقت جواب اندر مان آيو:
”جتي ٻه وڇڙيل روح گڏجن، اتان جي آبهوا ضرور لاجواب هوندي.“