شخصيتون ۽ خاڪا

ڪي ڪي ماڻهو وديا ساگر

هيءُ ڪتاب؛ منظور ڪوهيار جي يادگيرين سان گڏ سندس آتم ڪٿا به آهي. هن جتي پنهنجي ادنيٰ شخصيت کي بي عيب رکيو آهي، اتي ساڻس وابسته اعليٰ انسانيت جي جوهر کي نمايان مقام ارپيو آهي.
هيءُ ڪتاب؛ فني حوالي سان خاڪن/مضمونن/ ۽ مقالن وچ ۾ بنيادي فرق کي سمجھڻ لاءِ پڻ ڪارگر آهي. منظور ڪوهيار جي سليس ٻوليءَ ۽ منظر نگاريءَ سان گڏ تاريخي حوالن/بحثن جي حسناڪي هن ڪتاب کي عام ڪتابن کان منفرد بڻائي ٿي.
Title Cover of book ڪي ڪي ماڻهو وديا ساگر

افضل قادري : محنت ڪش ۽ معزز دوست

شاعر يا اديب لاءِ هڪ رويو اهو به جڙيل آهي ته شاعر يا اديب نڪمو يا غير ذميوار ٿئي ٿو ۽ شاعري انسان کي ڇڙواڳ بڻائي ٿي. ٻيو رويو اهو آهي ته شاعر يا اديب ماڻهن کي ناواقفيت جي ننڊ مان بيدار ڪري ٿو.
جيتري قدر ياد ٿو اچي ته شام جو وقت هو ، سال 1975ع جي پڇاڙي هئي، مون کي به هِن هُن کان خبر پئي ته لاڙڪاڻي شهر جي محلي علي گوهر آباد ۾ ڪچي جاءِ جي ڪوٺي تي، وڇايل تڏن مٿان ”روح رهاڻ ادبي سنگت“ جون تنقيدي گڏجاڻيون ٿينديون آهن. انهن ئي ڏينهن ۾ مون به هڪ ڏينهن وڃي شرڪت ڪئي. گڏجاڻي هلندي ويٺلن جو پاڻ مرادو تعارف ٿي وڃي ٿو، هي شوخ طبع ۽ ڳالهائڻ ۾ ڀڙ سليم ڪورائي آهي، هي احتياط سان هر لفظ ادا ڪرڻ وارو رزاق مهر آهي، هي درد ۾ ٻڏل واجد ناز آهي، هي سنجيده طبيعت ممتاز ابڙو آهي، هي سمانو ليکڪ زيب سنڌي آهي، هي کل مک ۽ خوش مزاج افضل قادري آهي. انهيءَ زماني ۾ ”روح رهاڻ ادبي سنگت“ جي، لاڙڪاڻي جي ادبي ماحول ۾ هاڪ هئي، هيءَ ادبي سنگت اهڙن نوجوانن تي مشتمل هئي جيڪي ادبي شوخ پڻي ۽ ارڏائپ جي ڪري مشهور هئا. مان به ان ادبي سنگت جو پهريان ميمبر، پوءِ سيڪريٽري ۽ آخر ۾ صدر بڻيس. انهيءَ ادبي سنگت جي حوالي سان ملڪ آگاڻي، ڪيهر شوڪت، ۽ ٻين ڪيترن ئي اديبن ۽ ادب دوست ماڻهن سان ملاقات ٿي. روح رهاڻ ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ اهي ڇتا بحث ٿيا، جو جيڪڏهن انهن تي لکجي ته هڪ دبستان ٺهي سگھي ٿو، ۽ شايد اهڙن بحثن جو نتيجو نڪتو ، جو ان ادبي سنگت جا 9 ميمبر صاحبِ ڪتاب بڻيا. افضل قادريءَ جي تنقيد جو انداز به نرالو هوندو هيو. سندس تڪيه ڪلام هوندو هيو، لانڍ سان ”ادا!!“ چوڻ. پهريان نهايت عزت و احترام سان لقب القاب ڏئي پوءِ ليکڪ جي لاک لاهيندو هيو. مڙندو ڪنهن کان به نه هو، پوءِ ڀل اُهي گهاٽا يار ڇو نه هجن. هڪ دفعي سليم ڪورائي پنهنجي ڪهاڻي پڙهي، افضل قادري ڪجهه هيٺين ريت تنقيد ڪيس:
”ادا، سليم ڪورائي عظيم ڪهاڻيڪار آ. سندس ڪهاڻي به ظاهر آ عظيم هوندي، پر مون کي سنڌ جو قسم ته ڪهاڻي سمجهه ۾ نه آئي، گھٽ ۾ گھٽ ايتري سولي ڪهاڻي ته لکي، جو مون جهڙي سادي ماڻهوءَ کي به سمجهه ۾ اچي. باقي سليم ڪورائي جي ڪهاڻي ۾ رواني ڏاڍي هئي.“
ان زماني ۾ مان به ٿوري ٿڪي شاعري ڪندو هئس مون هڪڙو شعر پڙهيو، ان ۾ هندي لفظن جي ڀرمار هئي، افضل قادري نهايت مودبانه انداز ۾ تنقيد ڪندي چيو:
” ادا! منظور اسان جو گھڻ پڙهيو دوست آهي، الله سندس علم ۾ اضافو ڪري. سندس نظم زبردست هيو مگر اسان جي کيس هڪ گذارش آهي ته سنڌيءَ ۾ به شاعري ڪري ته جيئن اسان جهڙا گھٽ پڙهيل دوست به کيس سمجھي سگھن.“
سليم ڪورائي ۽ مون مان به جڏهن نه مڙيو ته باقي ٻين مان ڪهڙو مڙيو هوندو، هڪ دفعي شيخ اياز جي ڪنهن شعر تي به شاعري ۾ تنقيد لکي آيو، انهيءَ شعر ۾ اياز ڪو ” پپر پيلا گل“ ڪري لکيو هيو، جنهن جي جواب ۾ افضل لکيو هيو:
” پپر پيلا گل ٿيندا ناهن، او ڪوي!“
افضل جي هڪ خوبي اها به هئي ته سندس ظرافت جو انداز نرالو هيو، محرم جا ڏيهاڙا هجن، سليم ڪورائي، رزاق مهر، واجد ۽ مان گھمندي ڦرندي سندس گھر پهتاسي. اهو اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته روح رهاڻ جي آفيس، افضل جي گھر جي مٿان ٺهيل هوندي هئي. جنهن کي هڪ ننڍڙو آڳر ۽ ٻه ڪمرا هوندا هيا. اسان روح رهاڻ جي آفيس ۾ ساڻس ڪچهري پئي ڪئي سي ته اوچتو کيس ڪجهه ياد پيو. اسان کي اٿاريندي چيائين:
” ادا، اسان جي پاڙي جي پارڪ ۾ اڄ مولا جو نياز آ، هلو ته هلي کائون.“
اسان نٽايوسي، پر سندس زور ڀرڻ تي هلي پياسي، پهتاسي ته واقعي نياز هلي رهيو هيو، پر ماڻهن جي وٺ سٺ لڳي پئي هئي، افضل پري کان نياز ورهائيندڙن کي سڏيو پر ايڏي گوڙ ۾ ڪير ٿو ٻڌي؟ 15 منٽ کن انتظار ڪيوسي ۽ پوءِ هلڻ جي ڪئي سي ته افضل قادري اسان کي روڪيندي چيو:”آخري ڪوشش ڪرڻ ڏيو“ افضل قادري انهن کي زور سان رڙ ڪندي چيو: ”ادا! پنج سيد بيٺا آهيون، ڪجهه ته خيال ڪيو، ڪربلا ۾ به سيدن کي مسلمانن ڏاڍو انتظار ڪرايو هتي به انتظار ٿا ڪرايو!؟“ نياز ورهائيندڙ ٽن مان هڪڙي همراهه کيس سڃاڻيندي چيو:” ادا، توهان ته دايا قادري آهيو، سيد ڪڏهن کان ٿيو؟“ افضل قادري هڪدم وراڻيو: ”ها ادا! ٿورا ٿورا دايا به آهيون.“ اسان سڀن کان ٽهڪ نڪري ويا، نياز ورهائيندڙ به کلي ويٺا، هڪدم اسان آڏو ٿالهين ۾ نياز (پلاءُ) وجھي کڻي آيا.
سليم ڪورائي ڪلاڪار پبليڪيشن ڪڍي ته رزاق مهر نئين دنيا ۽ ان کان پوءِ ممتاز ابڙي ڪلا پبليڪيشن.
روح رهاڻ ادبي سنگت ۾ واجد ۽ افضل جي نوڪ جهونڪ هلندي هئي. افضل پاڻ مٿان ٿيل تنقيد ٽن ڏينهن کان پوءِ وساري ڇڏيندو هو، پر واجد ان جو گھرو اثر وٺندو هيو ۽ مهينو کن ان جو ردعمل ڏيکاريندو هيو. ان سبب ڪري، واجد هڪڙو مضمون لکيو، جنهن ۾ افضل قادري سان گڏ ڪراچي تائين سفر جي ڪٿا هئي ۽ ان ڪٿا ۾ ڪجهه افضل تي هلڪي سلڪي ڪاوڙ جو اظهار به هيو. اهو مضمون جڏهن ڇپيو ته هڪ ڏينهن سندس سائيڪلن جي دوڪان تي ممتاز ابڙو آيو ته افضل چيس:
”ادا خبر پئي آهي ته تنهنجي ڪلا پبليڪيشن ۾ منهنجي خلاف مضمون ڇپيو آهي؟“
ممتاز وراڻيو: ” ادا مان ڇا ڪيان، واجد زور ڀريو ته ڇاپڻو پيو.“
افضل ڏاڍي پياري انداز ۾ چيس:
”هُن ته کڻي مضمون لکي ڇائي پاتي پر تو به ته ڇاپي ڌوڙ پاتي نه ادا؟“
ممتاز ڪڇي ڀت ڪڇي، ٻين کي چوندو وتي، ”يار مان جنڊ جي ٻن پڙن ۾ اچي ويس.“
افضل ڏاڍو ڏکيو ماڻهو به هيو، ڪڏهن ڪڏهن اهڙي ڳالهه ڪندو هو، جو اڳلي ماڻهوءَ جا ٺپ ٺاري ڇڏيندو هيو. روح رهاڻ ادبي سنگت ۾ هڪڙو اسان جو ميمبر اشفاق منگي به هيو، ان جي والد صاحب سچل منگي جي ايمپائر روڊ تي هيئر ڪٽنگ سيلون هوندي هئي، ادبي لڏي جا ماڻهو اڪثر ڪري سندس دوڪان تان وار ٺهرائيندا هيا. سچل منگي نهايت سلجھيل ماڻهو هيو. ڏاڍي فضيلت سان ڳالهائيندو هيو. پر اهلِ تشيع هئڻ جي ناتي پنهنجي مسلڪ /فرقي جو پرچارڪ به هيو، مان وار ٺهرائي رهيو هيس، افضل ۽ ٻيا دوست ويٺا هيا، سائين سچل منگي چوڻ لڳو:
” اوهان اديب آهيو، تنهن ڪري توهان جي مٿان فرض آهي ته حق جي ڳالهه ڪيو ۽ برملا ڪيو، جي اوهان گڏجي صرف ” باغ فدق“ واري مسئلي تي پنهنجي راءِ زني ڪيو ته سڀ معاملا پٽ پڌر ٿي ويندا.“
افضل وراڻيو، ”سائين، مان توهان کان هڪڙي ڳالهه ٿو پڇان ته حضرت علي سائين عرب هيو ۽ مڪي جو هيو يا نه؟ “
” ها هيو!“ سچل منگي وراڻيو،
” ۽ حضرت عمر رضه به عرب ۽ مڪي جو هيو يا نه؟“
” ها هيو“
”ٻئي هڪ ئي استاد جا شاگرد يعني حضرت محمد ﷺ جي نظريي اسلام جا پيروڪار هيا يا نه؟“
” ها هيا.“
” ته پوءِ سائين سچل صاحب! هڪ قوم جا، هڪ شهر جا، هڪ نظريي جا ماڻهو، قيامت ۾ هڪ ٻئي سان ٺهي وڃن، ته تنهنجي منهنجي منهن ۾ ڇا رهندو؟! پاڻ بابا ڏتڙيل قوم جا ماڻهو آهيون، ان ڪري پاڻ کي سنڌي قوم جي مسئلن تي سوچڻ گھرجي. اڄوڪن مسئلن تي سوچڻ گھرجي ۽ عملي جدوجهد ڪرڻ گھرجي، جيڪو مسئلو 14 سؤ سال پراڻو آ، ان کي تون ۽ اسان ڪاڏنهن حل ڪنداسين ...!“
پوءِ ته افضل اهڙو کرو ۽ سڌو ڳالهايو جو سائين سچل منگي ڪڏهن به ان موضوع تي اسان سان نه ڳالهايو، جي ڳالهائيندو هيو ته سنڌ جي مسئلن تي.
افضل وٽ جڏهن چڱو ڀلو شاعري جو مواد ڪٺو ٿي ويو ته کيس ڪتاب ڇپرائڻ جو خيال ٿيو، ان وقت 150 صفحن جو ڪتاب اڍائي ٽي هزار روپيا کائيندو هيو، مون کيس 200 روپيا ڏيڻ جو واعدو ڪيو، 1000 روپيا پاڻ گڏ ڪيا هيائين باقي، پندرنهن سؤ کن گھربل هيس، ان ڪري پريشان رهندو هيو، هڪ ڏينهن ڪيبن تي ويٺو هيو، مان به بينچ تي ساڻس ڪچهري پئي ڪئي، سيد مظفر حسين شاه، جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن سان سلهاڙيل ۽ لاڙڪاڻي جو مشهور قوم پرست اڳواڻ/ڪارڪن هيو، سو ٽانگي تي چڙهيو پئي ويو. تنهن کي ڏسي زور سان چيائين:
” او سائين مظفر شاه! سنڌ جو قسم اٿئي ٽانگي تان لهه، اڄ قوم کي توکان حساب وٺڻو آ.“
مظفر شاه هڪدم لهي پيو، ٽانگي واري کي ڪرايو ڏئي، افضل وٽ آيو، افضل چيس:
” ادا! مظفر شاه! هن ويهين صديءَ ۾ هڪڙي جي ايم سيد کان سواءِ باقي سڀني سيدن سنڌ کي لٽيو آ.“
مظفر شاه وراڻيو: ” پوءِ سڀني سيدن جو حساب مون کان وٺندين ڇا؟“
” ها بابا! پهريان توکان وٺبو، پوءِ ٻين کان ......“
” پوءِ قوم حاضر آ.“ مظفر شاه وراڻيو،
” بابا سائين، هڪڙي غريب قومي شاعر جي ڪتاب ڇپرائڻ جو مسئلو آ... ان کي اوهان ڏن ڏيو ته ڪتاب ڇپجي، باقي قيامت ۾ ته اوهان به اسان کي ڪونه ڇڏائيندؤ، اها پڪ آ.“
مظفر شاهه چوڻ لڳو: ”اسان سڄي دنيا کان ڏن وٺئون. تون وري اسان کان وٺين. هيءَ ڪا شرافت آ ...!؟“
پوءِ افضل ۽ مظفر شاه جي ڀوڳ ٺڪاءَ واري ڪچهري هلندي رهي، افضل، مظفر شاه سان ڏاڍو حجائتو هيو، افضل جا ڀوڳ چرچا ۽ ٺمريون اکين تي رکي ڇڏيندو هيو، ۽ پوءِ خبر پئي ته بقايا پئسا مظفر شاه ڏنا.
شاعريءَ جو ڪتاب ”ٻـريـا رنـگ رتـول“ ڇپجڻ لڳو، پيش لفظ سليم ڪورائي کان لکرايائين، ۽ پس لفظ مون کان. اِهو ڪتاب 8 مئي 1977ع ۾ ڇپيو. جنهن ۾ منهنجو لکيل پس لفظ هيٺين ريت هيو:
”افضل قادري منهنجو دوست آهي ۽ دوست به دوستن جهڙو. مان سچي دوست لاءِ رت ست ڏيڻ وارو آهيان. سنگت ۾ ’وِهُه به اتي ته گِــهه به‘ اتي واري ڳالهه کي ورجائيندو آهيان. ظاهر آهي ته جيڪڏهن مان افضل لاءِ پنهنجا جذبا ظاهر ڪيان ۽ اهي جذبا ٻين لاءِ ڀل ته رس ڀريا ۽ چس ڀريا نه هجن، پر پوءِ به مان پريشان نه ٿيندس، ڇو ته اهو منهنجو فطري جذبو هوندو، جيڪو هڪ دوست جو ٻي دوست جي لاءِ هوندو آهي، پر چوندا آهن ته ” لٺ کڻجي ڀاءُ ڏانهن ڳالهائجي الهه لڳ.“ جڏهن به اهو حق سچ جو سوال سامهون ايندو ته پنهنجي دوستي واري جذبي کي پاسيرو رکي پروڙڻو پوندو ته منجھس ڏانءُ، ڏات، ۽ سچائي ڪيتري آهي. وڌيڪ توهان سڄاڻ پڙهندڙ انصاف ڪري سگھندؤ ته مان رڳو دوستيءَ جو حق نڀايو آهي يا ان سان گڏوگڏ مٿائنس ڪجهه ناقدانه نظر به وڌي آهي.
پهريون پهريون سوال جيڪو منهنجي ذهن ۾ هورا کورا مچائي ٿو ته، مان پهريائين افضل جي شخصيت تي ڳالهايان يا شاعريءَ تي، جڏهن ته منهجي نظر ۾ ٻئي پهلو اهم آهن. بهرحال مان پهريائين افضل جي شخصيت تي ڪجهه روشني وجھان ٿو، ۽ سندس شاعري تي پوءِ، ڇو ته شخصيت جو اثر لکت تي نمايان هوندو آهي.
هونئن به افضل جي شخصيت جي باري ۾ جيترا وات، اوتريون ڳالهيون. افضل جي شخصيت جو اثر مختلف ماڻهن تي مختلف نموني سان پيو آهي، سو، کوهن ۽ ماڻهن جا وات ڪير بند ڪري؟. ڪن جي نظر ۾ افضل قادري ڪهاڙي باز، ڪن جي نظر ۾ جذباتي شاعر.
حقيقت ۾، مون کان پڇو ته منهنجي نظر ۾ سڀ ڪجهه آ. يعني مڪمل انسان. مڪمل انسان جي وصف به منهنجي نقطي نگاه کان اها آهي ته جنهن ۾ گڻ ۽ اوگڻ ٻئي هجن.
افضل جي هر روپ کي ظاهر ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. ڇو ته افضل جنهن سماج ۾ رهي ٿو، ان سماج ۾ هر انسان جي شخصيت پر پيچيده آهي.
هن دودي سنهڙي ڳوٺ کان وٺي، لاڙڪاڻي شهر تائين جيڪو سفر ڪيو آهي، سو ڏاڍو ڏکيو ڪيو آهي. هن يار جي شخصيت تي ٻهراڙي ۽ شهري جيون جو چتر چڱيءَ طرح چٽيل آهي. هن ٻهراڙيءَ جي پيڙهيل هاري ۽ مڇن وٽيل وڏيري کان وٺي شهر جي ٽي بي ورتل مزدور ۽ وڏي دنب واري سرمائيدار کي چڱيءَ طرح چتائي ڏٺو آهي، جنهن ڪري کيس هاري ناري ۽ محنت ڪش مزدور جي مسئلن جي چڱي پروڙ آهي. جيڪا سندس سنئين سڌي مشاهدي جي ڪري آهي نه ڪي ٻڌ سڌ تي.
هن جي طبيعت ۾ ٻهراڙي واري ارڏي ڳڀروءَ واريون ارڏايون به آهن ته، شهر جي سمجھو ۽ سڄاڻ جوان واريون سوچون به، مان هن جي پيشاني تي غيض ۽ غضب واريون ريکائون به ڏٺيون آهن ته سادگيءَ واريون سڌيون ريکائون به.
مان ۽ افضل جڏهن ڍنڍ تي شڪار ڪرڻ ويندا آهيون، جڏهن هو ڪنهن اڏامندڙ پکيءَ کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ ڪڏهن نشانو خطا ٿي ويندو اٿس ته سندس نرڙ تي هڪ اهڙو گھنڊ پئجي ويندو آهي، جنهن ۾ سندس ماضيءَ جون وحشتون ۽ وسريل ورق هوندا آهن. پوءِ جيستائين ڏهن ٻارهن پکين جو ساهه نه وٺندو، تيستائين ڄڻ ٻانهن چڪ ۾ هوندس.
افضل جي سڌين ريکائن وارو روپ به آهي، جڏهن هو آرهڙ جي ڏينهن ۾ ٽاڪ منجھند جو سائيڪل تي پگھر وهائيندو، منهنجو دروازو کڙڪائي چوندو آهي ”وزٽ تي ويو هيس، ڏهه پندرنهن روپيه هڻي آيو آهيان، هل ته هلي چانهه پيون ۽ ڪچهري به ڪيون.“ پوءِ خبر پوندي آهي ته هي همراهه سڄي سنگت جي ننڊ ڦٽائي آيو آهي، انهيءَ وقت سندس سادگيءَ تي پيار ايندو آهي، ۽ ڪاوڙ تڏهن ايندي آهي جڏهن سادگيءَ ۾ سڀني کي چرچا هڻي ويندو آهي. افضل جي زندگي به الف ـ ليلوي داستانن وانگر گذري آهي، يا ايئن کڻي چئجي ته هڪ اهڙي عجيب ناول جي مثال آهي، جنهن جو هر باب، ٻي باب جي نفي ڪري ٿو.
سندس زندگي جو پهريون باب اهو آهي، جنهن ۾ افضل، دودي سنهڙيءَ ڳوٺ ۾، سيارو ٻوڪي ۾ ۽ اونهارو لاڪ (گوڏ) ۾گذاريو. هر انهيءَ ٻهراڙيءَ جي معصوم ابهم جيان جنهن جي سوچ ۽ سونهن نيڪيءَ جي ديوتائن کان به وڌيڪ سندر ۽ سُشيل هوندي آهي.
سندس زندگي جو ٻيو باب اهو باب آهي، جنهن ۾ هر نوجوان نٽ کٽ شيام جيان، ڪنهن راڌا جي راهه تڪيندو آهي، ۽ هر جوانڙي من ئي من ۾ پيار جو پنگھٽ جوڙي ڪنهن نٽ کٽ شيام جو انتظار ڪندي آهي. افضل به پنهنجي ڳوٺ جو اهو ناليرو نٽ کٽ شيام هو جنهن پريم جي ڊگر تي آيل ڪيترين ئي راڌائن جا دلا ڀڳا. بقول خليل جبران جي “In every man’s life there is salma” (هر ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ هڪ سلميٰ هوندي آهي.) پر افضل جي ان دؤر واري زندگيءَ ۾ته ڪو واڻڪو ليکو چوکو ڪرڻ ئي غلط آهي. ڇو ته بقول سندس ڪيتريون ئي سلمائون آيون ۽ ويون.
ٽيون باب سندس زندگيءَ جو ڀوائتو باب آهي جنهن دؤر ۾ سندس اکين مان ڪام ديو، ڪاليءَ جي ڀؤ کان ڀڄي ويو. سندس اکين ۾ ان ڪاليءَ اچي آرو ڪيو. جنهن جي باري ۾ چيو ويندو آهي ته، سندس هڪ هٿ ۾ کانڊ، ٻي هٿ ۾ انساني سر. گھنگھور گھٽائن جهڙا ڪارا وار، خون آشام اکيون، ڳچيءَ ۾ انساني کوپڙي جي مالها ۽ رت سان ڀريل ڳاڙهي زبان هوندي آهي. ان دؤر ۾ افضل جي اکين مان وحشت ڳاڙهن ٽانڊن جي تؤَ جيان نڪرندي هئي ۽ سندس ايمان گوليءَ جي ٻوليءَ ۾ هوندو هيو.
سندس زندگيءَ جو چوٿون باب، وڏو موڙ (Twist ( ثابت ٿيو. جيئن سنڌ ۾ هر ارڏي ڳڀرؤ کي سڌارڻ لاءِ سندس وڏا، نڪ ۾ نوڙي وجھندا آهن. افضل کي به سندس وڏن شادي ڪرائي نڪ ۾ نوڙي وڌي ته ننڍڙي ڪٽنب جو آغاز ٿيو، پوءِ افضل هر وحشت کي وساري، پنهنجو ايمان محنت ۽ جفاڪشي تي رکيو، ڇو ته کيس اها خبر هئي ته محنت ۽ جفاڪشي جي زندگي ئي هڪ اهڙي زندگي آهي، جنهن ۾ امن ۽ شانتي هوندي آهي ۽ ”هٿ کس“ واري زندگي ڪنهن جوالا مکي جي مُنهن جيان هوندي آهي.
هن پاڻ ۽ پنهنجي ڪٽنب کي زندهه رکڻ لاءِ وٽنري اسسٽنٽ جي نوڪري ڪري زندگي جي ڏور کي ڏوريو، پر انهيءَ وچ ۾ هن نه هٿ ٽنگيو ۽ نه وري ڪنهن کي سوال ئي ڪيو.
سندس زندگيءَ جو پنجون باب، جيڪو سڀني بابن کان وڌيڪ مانائتو ۽ شانائتو آهي. جنهن باب ۾ هن جسماني محنت سان گڏوگڏ ذهني محنت به ڪرڻ شروع ڪئي. هن پنهنجي ڀڙڪندڙ جذبن جي اظهار لاءِ شاعريءَ کي چونڊيو، پر اها شاعري جيڪا سندس برهه جي باب جو پڙاڏو هئي، جيئن ته مان افضل جي شخصيت تي ڳالهائيندي سندس ان پهلو کي واضح ڪري وڌو آهي، جنهن ۾ هو اسان جي اڳيان شاعر جي حيثيت سان سامهون اچي ويو آهي. بهتر اهو ٿيندو ته هاڻي شخصيت کي ڇڏي سندس شاعريءَ تي ڳالهائڻ شروع ڪجي، ته افضل جي شاعري ڪهڙن ڪهڙن دؤرن مان گذري؟ يا سندس شاعري ۾ ڪيئن ۽ ڪهڙا لاڙا آيا؟ انهيءَ لاءِ سندس شاعري تي ڪجهه روشني وجھندس، پر هام نه هڻندس ته افضل بيٺل پاڻي ۾ پٿر اڇلايو آهي يا ڇپ اڇلائي آهي يا پاڻ اڇلايو آهي. نه وري ائين چوندس ته سائين چوٽيءَ جو شاعر آهي. عوامي شاعر آ، عظيم شاعر آ، وڄ آ يا کنوڻ آ، پر ايترو ضرور چوندس ته افضل اڳتي وڌيو آهي، گھٽيو ڪونهي. ڇو ته جيڪڏهن چاڪيءَ جو ڏاند اکين تان آکيڙيون لاهي، باز بڻجي وڃي ته اها هڪ وڏي تبديلي چئبي. افضل جي پهرين شاعري جيڪا فاعلاتن فاعلات ۽ معشوق جي اڳيان گريه و زاري جي گھاڻي جي چوڌاري ڦرندي هئي، اها شاعري اڄ عقابي اک رکي ٿي، جنهن ۾ عالمگير نظر آهي. جيڪڏهن ان ترتيب کي وٺجي جيڪا سندس شاعري جي تاريخ آهي ته پوءِ پهريائين افضل جي غزل واري شاعري تي ناقدانه نظر ڦيرائڻي پوندي. حقيقت ۾ ته سندس پهرين غزل واري شاعري روايتي شاعري هئي، جنهن ۾مبالغي آميزي، عبارت آرايانه تڪلف، لفظي لاف ۽ تصنع گھڻو هيو، جيئن سندس هن ئي مجموعي ۾هڪ غزل ثبوت طور تي آهي:
وساريان ڪيئن مان توکي، نٿو وسرين وڃان ڪاڏي،
هميشه روڄ ۽ راڙو، منهنجو وهـنـوار ٿي ويـو آ.

پر پوءِ آهستي آهستي سندس غزل مان عجيب و غريب ترڪيبون، ڳجھارتون، پروليون گم ٿينديون ويون، انهيءَ جي جاءِ تي سندس غزلن ۾ علامتي رنگ ۽ جذباتي حساسيت اچي وئي. انهيءَ جو مثال هن مجموعي ۾ سندس هي غزل آهي،
خزان جي تيز حملي کان، سڙي ويا ڪـانهــن ڪينجھرجا،
مندون موٽي وري آيون، نه نسريا سر اڃان تائين.

بهرحال، مان ائين ڪونه چوندس ته سندس غزل واري شاعري، منڊيءَ تي ٽڪ جيان آهي بهر ڪيف، پوءِ به مجموعي طور تي سندس غزل کي ڪسو ڪين چئبو.
منهنجي خيال ۾ ته، غزل کان سندس نظم سؤ دفعا وڌيڪ سٺو آهي يا ائين به ٿي سگھي ٿو ته نئين ٽهي جو لاڙو نظم طرف گهڻو آهي ۽ اها هام انهيءَ اثر هيٺ هجي.
” پرسي، باشي- شيلي“ جي چوڻ مطابق ته ” شاعري بجليءَ جي تلوار وانگر آهي، جيڪڏهن کيس نيام ۾ رکيو ويندو ته اها کيس جلائي رک ڪري ڇڏيندي.“
اهڙي بي نيام شاعري جي شروعات، هن تڏهن شروع ڪئي، جڏهن روح رهاڻ جو رنگ لڳس. روح رهاڻ جي سخت ادبي تنقيد سندس شاعريءَ کي جلا بخشي. هن جھروڪن مان جھاتيون پائڻ ڇڏي ڏنيون، سندس پهريون ڇرڪائيندڙ نظم، جيڪو 54 سٽن تي مشتمل هيو، جنهن ۾ هن مصنوعي حدبندين واري نيام کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي شاعريءَ جي تلوار کي ننگو ڪيو.
هن جو پهريون نظم؛ ”ساٿيو هوشيار ٿيو ته، آڻيون انقلاب اڄ“ کان وٺي، ” هر جنم ۾ مون لکيو آ،“ تائين هڪ هڪ نظم سندس ذهني ترقيءَ جو ثبوت آهي. جيئن جيئن سندس احساسن ۾ اٿل پٿل آئي، تيئن تيئن سندس قافئي وارن ۽ آزاد نظمن لاءِ ايترو ته ضرور چئي سگھجي ٿو ته زندگيءَ جي اصلي حقيقتن کي پيش ڪرڻ ۾ تر جيترو به نه گٿا آهن.
پر سندن مقفيٰ نظمن کان وڌيڪ سندس غير مقفيٰ نظم آهن، جيڪي خيال ۽ فن جي لحاظ کان مٿانهان آهن. غير مقفيٰ نظمن ۾ سندس شاعراڻو مزاج وڌيڪ شوخ ۽ ارڏو آهي.
ڪٿي سماجي تاريڪي ۽ بد نظمي جو عڪس پيش ڪري ٿو ته هي مقفيٰ نظم جڙي پوي ٿو،
بک مفلسي ۽ انسانيت،
وري وري هڪ سوال ڪري ٿي.

ڪٿي وري پنهنجي تخليقي ڪربCreative agony جو اظهار ڪري ٿو، ته هي نظم جڙي پوي ٿو:
” اونداهي رات ۾، دروازو منهنجو کڙڪائي،
منهنجي ئي ڏات مون کي ننڊ مـان اٿاريـو آ.
ڪٿي وري خالصتن قومي سوچ تحت ڌرتي کي ماتا ڪوٺي ٿو ۽ پنهنجي محبت جو اظهار ڪري ٿو
او سنڌڙي! تنهنجو ديس وسي
او مـاتــا! تنهنجو ديـس وسـي
وري ڪنهن هنڌ تي سندس نظم سماجي سچائي ۽ عالمي دانهن بڻجي پوي ٿو.
امن جي نالي ۾ دنيا ۾
آبادين تـي بــم وسن ٿــا.
اهڙيءَ ريت سندس ٻيا ڪيترائي نظم، مثلن:
”فرق“ ــ ”مون کي وسڪي جي تکي بوءِ جو قسم“ ــ ” ويٽنامي عورت“ وغيره محسوس ڪرائن ٿا ته افضل جي غير مقفيٰ نظمن ۾ گھرا گھاءَ ۽ احساس آهن. خلوص، مساوات ۽ آزادي جي ڌن آهي، حقيقت ۾ ته سندس غير مقفيٰ نظمن ۾ ئي ڏانءُ، ڏات، ۽ سچائي ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺيون آهن.
انهيءَ کان پوءِ سندس وايون آهن، جيڪي تعداد ۾ گھٽ هئڻ جي باوجود به محسوس ڪرائن ٿيون ته، زهر جي پاڻي پيتل بڙڇيءَ جي مثل آهن، جن ۾ ڀڙڪيلا جذبا ۽ حساسيت بڙڇيءَ جي ڌار جهڙو ڇيهه ڏئي من ڪورن ٿيون. مثلا هيءَ وائي سندس صداقت نگاري جو ڪيڏو نه ثبوت آهي،

ڪيرٿو پيو چوي، ڪنهن ڏٺي روشني،
ڪوڙ ايڏو نه هڻ،
او ڪوي ديس جا، مت ڇو ٿي منجھي،
ڪوڙ ايڏو نه هـڻ.
پنهنجي هٿ جو ڪنگڻ، آرسيءَ ۾ ڏسي
ڪوڙ ايڏو نه هڻ.“
حالانڪ افضل جي ابتدا آهي پر پوءِ به بسم ا غلط ڪونهي، محسوس ٿئي ٿو ته هن صنف ۾ به خيالن جو جوالا مکي ڦاٽي ٿو. جنهن مان سندس آهون ۽ دانهون لاوي جيان وائيءَ جي صورت ۾ نڪرن ٿيون.
سندس لکيل سانيٽ ۽ ترائيل اهو احساس ڏيارين ٿا ته افضل رڳو هنر فروشي ناهي ڪئي، تعداد ۾ بلڪل نه هئڻ جي باوجود به سندس ٻٽڙي ترائيل ۽ سانيٽ زندگي تي وڏي تنقيد آهن. جيڪي ”آرنلڊ“ جي شاعري واري وصف تي بلڪل پورا آهن ته، ”شاعري زندگيءَ تي هڪ تنقيد آهي.“
مثلن هي ترائيل مٿين وصف جو هڪ بهترين ثبوت آهي.
ڪالهه ڪُسي ويو ڪارو ڪاري،
پوءِ به ڪاري ڪوهيڙي ۾.
ناري ويٺي باهه ٿي ٻاري
ڪنهن جي اچڻ جي اوسيئڙي ۾“

بهرحال اهو احساس ٿئي ٿو ته افضل جي سڄي شاعريءَ ۾ نواڻ، جذبه انگيزي ۽ صداقت نگاري گھڻي حد تائين موجود آهي، جيڪا هڪ سٺي شاعر هئڻ جو وڏو ثبوت آهي.
افضل لاءِ مان ايترو ضرور ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ”افضل“ نه ”ملٽن“ وانگر شاعريءَ جي ديوي The muse جي مرهونِ منت آهي، نه وري ڪو William black واري دعويٰ ڪري ٿو، ته، ” ڪا مافوق الفطرت قوت سندس سامهون اچي کانئس شعر چورائي ٿي.“ پر جيڪو ڪجهه به شاعري جي انداز ۾ چوي ٿو، ان ۾ سندس پنهنجن جذبن، احساسن، سوچڻ ۽سمجھڻ جو عمل و دخل آهي. منهنجي نظر ۾ ته افضل جي اندر جو ڪلاڪار، جذبن ۽ احساسن جي آڌار تي اڃان ڪو جھور پوڙهو ته ڪو نه ٿيو آهي جو هي مجموعو سندس آخري مجموعو هجي، پر افضل جي اندر جو ڪلاڪار جذبن ۽ احساسن جي آڌار تي اڃان ته ٻارنهن سالن جي ٻار واري جستجو ۽ شوق رکي ٿو. عهدِ شباب تائين پهچندي، پهچندي به گھٽ ۾ گھٽ ٽي چار مجموعا ته ڏئي سگھي ٿو، جيڪي هن مجموعي کان اڃان اور هوندا.“

افسوس صد افسوس، مٿين پس لفظ واري دعويٰ سچ ثابت نه ٿي سگھي جو افضل جي زندگي گذارڻ جو طريقو ماکي جي مک جهڙو هيو، صبح کان شام تائين مسلسل محنت ڪندو رهيو. افضل وٽنري اسسٽنٽ هيو. پگھار مان پورت نه پيس، ته آفيس ٽائيم کان پوءِ ايمپائر روڊ جي ڏاکڻي سري تي هڪ ننڍڙي ڪيبن کولي ان جي سامهون سائيڪلون رکي ڪرائي تي هلائيندو هيو، رنگن جو شاهه ڪاريگر هيو. ضرورتون وڌي ويس ته موڪل ڪري رنگسازي به ڪندو هو. اڌ رات مڌ رات جو سڏ ٿئيس ته ڪنهن ڀاڳئي سان ڪچي ۾ وڃي سندس ڍورن جو علاج به ڪندو هو. حيرت ٿيندي هئي ته هي شخص شاعريءَ لاءِ ٽائيم ڪٿان ٿو آڻي. سو به جهڙي تهڙي شاعري نه. اندر ۾ وڍ وجھندڙ شاعري، گهرائي ۽ گيرائي رکندڙ، نزاڪت ۽ نفاست سان ڀرپور، خيال ۽ مقصديت سان سلهاڙيل.
سندس دوستيءَ جا اسير وري ايترا هيا، جو ڪهڙن جا نانءَ کڻي، ڪهڙن جا کڻجن. ڪي ذاتي، ڪي ادبي، ڪي سياسي، ڪي محنت ڪش. شام ٿيندي هئي ته لاڙڪاڻي جا نوجوان، پڪا ۽ پوڙها اديب، سياسي ڪارڪن ۽ مزدور سندس سائيڪلن جي ڪيبن آڏو گڏ ٿيندا هئا. انهيءَ ڪيبن آڏو ايڏي ته ڪچهري لڳندي هئي، شايد ڪنهن اوطاقي جي اوطاق تي به نه. جنهن به ڏٺو ته ايئن ڏٺو ته سندس هڪ هٿُ نوٽ بڪ تي سائيڪل جي ڪرائيدار جي نانءُ لکڻ ۾ مشغول ۽ ٻيو هٿُ ڀرسان واري هوٽل جي بيري کي آڱرين سان اشارا ڪري چانهه جي آرڊر ڏيڻ ۾ مصروف. پوءِ چانهه جا اڌڙ پيا هلندا ها ۽ مختلف سياسي، سماجي ۽ ادبي بحث پيا ٿيندا هيا. ايئن هڪ دفعي ڪچهري ۾ مست مگن ڏسي، ڪو شاهينگ سائيڪل به ڪاهي ويس. سائيڪل وڃايائين، نه وڃايائين ست سنگ ۽ ساءُ.
خودداري جو عالم اهو هئس جو هڪ دفعي مون کان اڍائي سؤ روپيا اهو چئي ورتائين ته مهيني اندر موٽائيندو. موٽائي نه سگھيو ته گھر آيو ۽ چيائين:
”ادا منظور پئسا نه ٿي سگھيا، مان چاهيان ٿو ته اوهان جي گھر کي رنگ ڏئي قرض لاهيان“
مون کيس چيو” يار نه ٿي سگھيا ته خير آهي، سمجهه ته مون توکي مدد ڏني!“
وراڻيائين ” قرض طور تي ورتا هيم، ان ڪري ضرور لاهيندس“
منهنجي جاءِ کي ان وقت واقعي رنگ جي ضرورت هئي، هن شخص الائي ڪٿان مختلف رنگ آڻي منهنجي جاءِ کي رنگين ڪري ڇڏيو، ڪم پورو ڪري چيائين: ”ادا! راضي پازي؟“ مون وراڻيو: ”اڍائي سؤ کان ته ڪم وڌيڪ آهي، تنهنجو حساب مون ڏانهن ٿيندو.“ وراڻيائين: ”ادا! تنهنجي جاءِ جي هر ڪمري جو رنگ جدا آهي، معاف ڪجانءِ، جيڪي رنگ مون وٽ بچيل هئا، سي هنيا اٿم ان ڪري ڪم ست رنگي ٿي ويو آ.“
ڀاڪر پائيندي چيو مانس: ”افضل تو نه صرف منهنجي جاءِ کي، پر منهنجي دل کي به ست رنگي بڻائي ڇڏيو آهي.“
افضل جي اها خوبي يا خامي چئجي ته جذباتي به ڏاڍو هوندو هيو، 1977ع ۾ ملڪ آگاڻي، ڪيهر شوڪت شام جو ادبي گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ روح رهاڻ جي آفيس ۾ رهي پوندا هئا، ملڪ آگاڻي جڏهن رات رهندو هيو ته افضل کي طبقاتي ويڙهه لاءِ سندرا ٻڌائي ڇڏيندو هيو. ان وقت ملڪ آگاڻي عوامي تحريڪ جو پرجوش ڪارڪن هيو. سندس ڳالهائڻ جو انداز نهايت سحرانگيز ۽ اثرانگيز هيو. هڪ رات جو افضل کي ڪو وڏيرڪي نظام ۽ وڏيرن جي خلاف ايڏو ڀڙڪائي ويو، جو ٻئي ڏينهن تي افضل هڪ نالي بندوق ۽ ڪارتوس هٿ ڪري ڳوٺ آگاڻي پهتو، ۽ ملڪ آگاڻي کي چيائين: ”مان وڌيڪ وڏيرن کي برداشت نه ٿو ڪري سگھان، ٻڌاءِ ته ڪهڙي وڏيري کي ماريان!“
ملڪ آگاڻي اچي ڦاٿو ۽ کيس سمجھائڻ لڳو ته ”بابا ....! هيءَ وڏي ۽ گھڻ طرفي ويڙهاند آ، جنهن ۾ باقاعده رٿابندي ۽ حڪمت عملي جي ضرورت آ وغيره.“ پر افضل قادري چيس،” ادا ملڪ! جڏهن اهو ويڙهاند جو وقت اچي ته ٻڌائجان، باقي وقت کان اڳي اهڙيون ڳالهيون ٻڌائي مڇرائيندو نه ڪر!“
بس ان ڏينهن کان پوءِ مجال جو ملڪ آگاڻي ان موضوع تي افضل سان ڳالهائي.
خبر ناهي ته افضل قادريءَ جي ڦڦڙن ۾ ڪينسر ڪڏهن کان لڳو ۽ ڪيئن لڳو هو، شايد گھڻي ٻيڙي پيئڻ ڪري يا حد کان وڌيڪ محنت ڪرڻ ڪري، پر اوچتو ئي اوچتو کيس ساهه ۾ تڪليف ٿيڻ لڳي. جڏهن ڊائگنوز ٿيو ته کيس ڦڦڙن جو ڪينسر ثابت ٿيو. ان وقت سنڌي ادبي سنگت شاخ موهن جو دڙو جو بنياد پئجي چڪو هيو، سڀني ميمبرن ۽ دوستن پنهنجي وت ۽ وس آهر مدد ڪيس. بينظير صاحبه وزيراعظم هئي، ان کان ڪنهن دوست نوٽ هڻائي کيس آماده ڪيو ته هو ڪراچيءَ مان علاج ڪرائي. پر جڏهن اتي پهتو ته اسپتال وارن ۽ ثقافت کاتي جي ماڻهن جو ناروا سلوڪ ڏسي موٽي آيو. جنهن تي مون احتجاجن 31 مارچ 1990ع تي هلال پاڪستان اخبار ۾ پنهنجي هفتيوار ڪالم ’فڪر ڦرهي هٿ ۾‘ ان بي حسي بابت لکيو هو:
افضل قادريءَ جو آخري انٽرويو محمد علي پٺاڻ ۽ مان سندس مرتئي کان 14 ڏينهن اڳ 28 اپريل 1990ع تي ورتو هيو، جيڪو پوءِ هزار داستان ڊائجسٽ ۾ ڇپيو. جنهن ۾ سندس زندگيءَ جا ٻيا ڪيترائي پهلو نمايان ٿيا. جيڪو ايندڙ وقت جي محقق لاءِ هڪ مواد آهي.

افضل جي ان انٽرويو کان پوءِ به اسان دوست مسلسل وٽس ويندا رهياسين. انهيءَ دوران اسان هن جي اکين ۾ موت جو ڊپ محسوس نه ڪيو. هن کي ڏسي لڳندو هيو ته هو پر اُميد آهي ۽ پنهنجي اظهار تي خوش آهي. کيس ڏسي اُن وقت حافظ شيرازي جو هڪ شعر ياد ايندو هو:
”فاش ميگويم و از گفتهءَ دلشادم،
بنده عشقم و از هر دو جهان آزادم.“
(کلم کلا چوان ٿو ته پنهنجي چوڻ تي خوش آهيان،
مان عشق جو بندوآهيان ۽ ٻنهي جهانن کان آزادآهيان.)
برحق ته افضل قادري هيو به عشق جو بندو، ڪو درٻاري شاعر نه هيو، هن کي عشق هو پنهنجي ڪٽنب سان، پنهنجي محنت سان، ڌرتيءَ سان، ڌرتيءَ جي ماڻهن سان، سچائي سان ۽ پنهنجي نظريي سان. هو انهن ماڻهن منجھان نه هيو، جيڪي ڳالهه ته محنت ڪشن جي ڪن، پر پاڻ محنت کان عاري هجن. ڳالهه ته سچائي جي ڪن پر پاڻ ڪوڙا قيصر لنڊ هجن. ان ڪري مون کي هينري جيمز جا اهي جملا ڏاڍا ياد ايندا هيا. جيڪي مان افضل جي حوالي سان اڪثر ورجائيندو رهندو هئس:
” مان لکڻ واري تي ڪائي پابندي نه ٿو مڙهيان، سواءِ هڪ پابندي جي ته هو پنهنجي لکت سان سچو رهي.“
پنهنجي لکت سان سچو رهندڙ افضل قادري، بيماريءَ جي دوران به پنهنجي ٻي شعري مجموعي ”احتجاج“ کي ترتيب ڏيندو رهيو ۽ اسان سان ويچار ونڊيندو رهيو.
پر 12مئي 1990ع سندس زندگيءَ جو آخري ڏينهن ثابت ٿيو. کٽ تي ليٽيل، هڪ هٿ سيني تي، ساهه ڏاڍا تڪليف سان کڄي رهيا هئس، مان ۽ ٻيا دوست کيس انهيءَ اذيتناڪ حالت ۾ بيوسي وچان ڏسي رهيا هياسي، پر افضل جي اکين ۾ بي وسي نه هئي، ايئن لڳي رهيو هيو ڄڻ هو اسان کي اکين ئي اکين ۾ پنهنجو اهو چوسٽو ٻڌائي رهيو هجي:
دنيا جي غلط رسم ۽ رواج جي خلاف،
جنهن ۾ ملي نه حق، تنهن سماج جي خلاف
اديب احتجاج آ، هر ظلم جي خلاف،
لطيف جيئن مثال آ، هر ڏاڍ جي خلاف.

13 مئي تي، جڏهن سندس جنازي کي ڪلهو ڏئي لاڙڪاڻي جي ابوبڪر مقام ڏانهن روانا ٿياسين ته ائين لڳو ڄڻ پنهنجي ئي وجود جي حصي کي دفن ڪرڻ ويندا هجون.

***