جي ايم سيد : هڪ عظيم درسگاه
مان ۽ بشير شاهاڻي ذاتي دوست ۽ ڳوٺائي هياسين. اِن ڪري لاڙڪاڻي کان سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو اچڻ وڃڻ گڏ ٿيندو هو. بشير شاهاڻي ايندي ويندي عمومن ”سن جي سائين“ جي ديدار درشن لاءِ لهي پوندو هيو. ۽ مون کي به صلاح هڻندو هيو. پر مان نٽائي ويندو هيس.
هن هڪ دفعي لاڙڪاڻي کان يونيورسٽي ايندي زوري سن لاهي وڌو ۽ چيائين : ”هر ڀيري حرامپائي ڪري نٽائين ٿو. اڄ نه ڇڏيندو سانءِ!“
اسٽاپ تي لٿاسين ته ڪو بگيءَ وارو به نظر ڪو نه آيو. ڏنڊا ڏوٽا هياسين، سو ڪنهن بگيءَ جي انتظار ڪرڻ بجاءِ گوڏي گاڏي ڪئي سين. ائين پئي لڳو ته سنڌ وارو سن ۽ انگريزيءَ وارو SUN پاڻ ۾ ٻکجي ويا آهن. هلندي هلندي ٻنهي جو وات ال ڪانؤ وانگر پٽجي ويو هو. تيز روشنيءَ جي ڪري اکيون چنجهيون ٿي ويون هيون.
سن ڳوٺ جي گهٽين مان مڙندي، هڪ جڳهه جي دروازي ۾ داخل ٿي ٿلهي تي چڙهياسين. پوءِ دالان ۾ اچي جوتا لاٿاسين. بشير شاهاڻي ٻليءَ پير هلندي سامهون واري ڪوٺيءَ جو دروازو احتياط سان کوليو ۽ اندر داخل ٿيو. دروازي به ڄڻ آرام ۾ خلل محسوس ڪندي احتجاجن چيڪٽ ڪيو. اندر دريءَ جي سامهون هڪ جُنگ پوڙهو مڙس ڏير جي وڇايل تڏي تي رلهي مٿان گهري ننڊ ۾ ستل هيو، مٿن کان 15 سالن جو هڪ ڇوڪرو وڃڻو هڻي رهيو هيس ۽ پيرن کان اڌ وهي همراهه زور ڏئي رهيو هيس. بشير شاهاڻي سڙٻاٽين ۾ ٻڌائيندي چيو:
”اهو ئي هيٺ ستل سائين جي ايم سيد اٿئي!“
مون هڪ نظر سائين تي وڌي، جيڪو محو خواب هيو. ضرور اِهو خواب سنڌ جي آجپي جو ئي هوندو، اسان ٻنهي ڄڻن پنهنجا ٿيلها ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ رکيا.پوءِ سامهون رکيل ڪرسين تي ڦانءِ ٿي ڪري پياسين. جو گهڻي پگهر وهڻ ڪري جسم ساڻو ٿي چڪو هيو.
منهنجين اکين ڪمري جو جائزو وٺڻ شروع ڪيو. جيتري قدر ياد آهي ته ڪمري جي ڏاکڻين پاسي ڀت تي اوني ٽوپ ۽ سويئٽر سان، سائين جي ايم سيد جي قد آدم ٺاهوڪي تصوير لڳل هئي. اُن جي ڀر ۾ پر ٿورو مٿيرڪو ڪنهن مصور جي منظرڪشي واري تصوير ٺهيل هئي، جنهن ۾ نه کٽندڙ ساون کيتن جو سلسلو، کيتن ۾ بيٺل متارا ڍڳا، وٽر سٽر هاري ۽ چيلهه چهبڪ ناريون ڏيکاريل هيون. ائين پئي لڳو ڄڻ مصور سائين جي ايم سيد جي اکين ۾ پيهي سنڌ جي روشن مستقبل جي تصوير ڪشي ڪئي هجي .
اولهائين ڀت تي ڳاڙهي سنڌي ٽوپ ۽ ريشمي اجرڪ سان سائين جو پورٽريٽ ٺهيل هو. جنهن ۾ جي ايم سيد جي لازوال مرڪ شامل هئي. جنهن ۾ مون کي موناليزا جي مرڪ کان وڌيڪ گهرائي ۽ گيرائي نظر آئي. (بهرحال هرهڪ جي پنهنجي اک آهي.) اولهه ــ اتر واري ڀتين جي ڪنڊ ۾ ڪارنر ٽيبل مٿان پلاسٽر آف پيرس جو سندس ئي سفيد رنگ جو بت رکيل هو. ڪمري ۾ ٻه اولهه ۽ ٻه اوڀر کان کٽون پيل هيون. ڪمري جي اتر ۽ ڏکڻ پاسن کان چار چار ڪرسيون رکيل هيون، جن تي سفيد چادرن جا گاديلا پيا هيا.
بشير شاهاڻي جَهلي ڇڪڻ شروع ڪئي، جهليءَ جي جُهلڪن ڪجهه پگهر سڪايو ته اُٿي مَٽ مان پاڻيءَ جا ٻه ٽي گلاس ڀري ڏوگهياسين. هڪ ننڍي ٽيبل تي ٽري Tray رکيل هيو. جنهن ۾ قسمين قسمين ميوا پيل هيا. خاص ڪري مشهدي صوف، چتري ڪيلا ۽ لاڙڪاڻي جا ڳاڙهه سرا چيها ۽ ٻاوا زيتون (زيتونن جا قسم) وغيره. دل ڪڍيو ته جيڪر هڪ اڌ شيءِ کڻي کائجي. پر سڄو ڪم زيتونن خراب ڪري وڌو جو منجهن سياري جي مند ۾ پڪل زيتونن واري لالاڻ هئي جڏهن ته لاڙڪاڻي جي گرمين واري زيتونن ۾ ڳاڙهاڻ ناهي هوندي.
بشيرشاهاڻي منهنجي گهور کي سمجهي ويو ۽ ڏاڍي مهمانوازي واري انداز ۾ چيائين:
”ڀلي کاءُ، سائين جي ايم سيد مهمانن لاءِ گهرائي رکيا آهن. چتري ڪيلا ته زبردست ٿي.“
مون وراڻيو، ”ڪيلا کائيندا اُهي، جن سڄي عمر ڪيلن تي گذارو ڪيو هجي.“
”پوءِ ڀلا صوف ؟“ هن صوفن ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
”سنڌ يونيورسٽي جي صوفن، سان، مشهدي صوفن جي ڪهڙي ڀيٽ ... جن اُهي صوف چکيا هوندا ته اُنهن کي هي صوف ڪٿان وڻندا؟“
”وڏو لاهه آن ... سمجهين وئين!“ بشير مشڪندي وراڻيو. پوءِ بشير شاهاڻي ويهي ڪيترن دوستن جا قصا ٻڌايا، جن ڀل ۾ اچي اِنهن مٽي مان ٺهيل ميون کي چڪ هنيا هيا. خاص ڪري مرتضيٰ مهيسر جو قصو ٻڌائي ڏاڍو کلايائين. سائين جي ايم سيد ايڏي گهري ننڊ ۾ هيو جو ڄڻ کيس ڪنهن به شيءِ جي پرواهه نه هئي، نه گرمي جي، نه جهولي جي، جيڪو در جي وٿين مان زوڪاٽ ڪندي پئي آيو، نه وري اسان جي سڙٻاٽن ۽ کک کک جي.
سائين جي ايم سيد اندازن ڏيڍ ڪلاڪ کانپوءِ اکيون پٽي رڙ ڪئي:
”ڇوڪرا پاڻي!؟“
ڇوڪرو اُٿيو ۽ مٽ مان پاڻي ڀري آيو. سائين اُٿي پاڻي پيتو ۽ پوءِ اسان ڏانهن ڏٺائين. اسان اٿي سائين سان ملياسين. سائين آهستگيءَ سان خوش وخير عافيت ڪئي. اُن کان پوءِ اسان ٻنهي کي گهوريندو ۽ مشڪندو رهيو ۽ آخر ۾ بشير شاهاڻي سان مخاطب ٿيندي چيائين:
”آءٌ سمجهان ٿو ته هاڻ منهنجو حافظو ختم ٿيندو ٿو وڃي. ڇوڪرا! مون توکي چاليهه دفعا ڏٺو آهي. پر ڪوشش جي باوجود به نالو ياد ڪري نه سگهيس.“
”سائين، مان بشير شاهاڻي،“ بشير باادب ٿي چيو.
”ها،ها، هاڻ ياد اچي ويو... ۽ هن جو؟“ مون ڏانهن اشارو ڪندي چيائين
”منظور حسين...! سائين منهنجو ذاتي دوست ۽ ڳوٺائي آهي.“
”اڇا، لاڙڪاڻي جو آهي... هاڻي اوهان ڇا پڙهندا آهيو ؟“
”مان جاگرافيءَ جو فائنل سيمسٽر ڏنو آهي ۽ هن سوشيالاجي جو.“ بشير جواب ڏنو
پوءِ ٻنهي کان جاگرافي ۽ سوشيالاجي جا سبجيڪٽ پڇيائين. اسان واري وٽي ٻڌاياسين ۽ پوءِ بشير ڏانهن منهن ڪري چيائين:
”ها تون جاگرافي پڙهندو آهين نه ... ٻڌ، مون هڪ ڪتاب لکيو آهي. جنهن ۾ سنڌ جي جاگرافي تي بحث ٿيل آهي. جنهن ۾ انگن اکرن سان آبادي، مٺي پاڻي، جابلو علائقن، ڍنڍن ڍورن جي باري ۾ ڄاڻ ڏني آهي. هر سال ڪيتري مٽي سمونڊ ۾ پئي ٿي ۽ ڊيلٽا ٺهي ٿي.اُن جا انگ اکر شامل آهن...توکي ڊيلٽا جي خبر آهي؟“
”نه سائين،“ بشير لڄي ٿي وراڻيو.
”ڊيلٽا چئبو آهي، اُن زمين کي، جنهن جو ڪجهه حصو پاڻي ۾ هجي ۽ ڪجهه ٻاهر... ڀلا هڪ ايڪڙ ۾ چورس فوٽ گهڻا؟“
”6666 فوٽ “ بشير شاهاڻي ڌڪو هنيو، اِهو سوچي ته ڦٻي ويندو.
اِهو جواب ٻڌي، سائين ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو:
”خدا جو غضب پويـوَ... سمجهائي سمجهائي بيٺو آهيانؤ ته پڙهو... پڙهو پر پڙهو ئي نٿا.“
مون هڪدم وراڻيو: ”سائين 43560“
”شاباس، توکان عهدو کسي هن کي ٿا ڏيون.“ سائين بشير تي ڪاوڙجندي چيو.
”پر سائين هي ته ميمبر ئي ناهي.“
”باقي ڪنهن کي ٿا ميمبر ڪيو. لوفرن ۽ اڻ پڙهيلن کي .... خدا جو غضب پويو!“
”سائين هن کي ته چوان ٿو ته ميمبر ٿيءُ، پر ٿي ئي نه ٿو.“
بشير کي اڃا وڌيڪ ڇنڊ پٽڻ جو ارادو هيس ته هڪ نوجوان اندر آيو. سائين سان مليو، جنهن ڏانهن سائين جو ڌيان ٿي ويو. لڳي پيو ته خاص ڪارڪن ۽ گهڻ گهريو هو. سائين اُن کي پئي ٻڌايو ته ناز سنائيءَ جو خط آيوآهي، جنهن ۾ لکيو اٿائين:
سائين دعا ڪجو...آءٌ توهان جي رستي تي قائم رهان ۽ اِنهيءَ امتحان ۾ پار پوان، جيڪو سر تي اچي پيو آهي. اوهان کي منهنجي جرئتمندي جي پوري ڄاڻ آهي. مهرباني ڪري هيٺين سوالن جا جواب ڏيندا ته مهرباني ٿيندي
1.اوهان جناح ڪيپ ڇو پائيندا آهيو؟
2.رسول بخش پليجو چوي ٿو ته ماڻهوءَ جي شخصي ڪردار کي ڇڏي، سندس قومي ڪردار کي پرکڻ گهرجي.
3.ٻڌئون ٿا ته اوهان ڀٽي جي موت تي رُنا هيئه؟
سائين جواب ڏيڻ لڳو:
’پهريان ته آءٌ اِن ڪيپ کي جناح ڪيپ مڃڻ لاءِ تيار ناهيان. ڇو ته اها ڪيپ اسان وٽ ايران ۽ افغانستان کان پهتي آهي. جيڪا بنيادي طور تي قراقلي ڪيپ يا ٽوپي سڏبي آهي. جيڪا فارس جي ڪاري رڍ جي ليلي جي کل مان ٺاهي ويندي آهي. ٻيو جنهن جو شخصي ڪردار نه هوندو، اُن جو قومي ڪردار نه هوندو. ان جو وڏو مثال حضرت محمد ﷺآهي. جنهن جو عربن وٽ پهريان شخصي ڪردار اڀريو ۽ پوءِ قومي ڪردار. يعني رسول عربي. ٽيون ڀٽو ڪهڙو به هيو، پر هيو ته سنڌي ڳالهائيندڙ نه ... شڪايتون به پنهنجن سان ڪبيون آهن ۽ روئبو به پنهنجن لاءِ آهي.
مون هڪڙو ڪتاب لکيو آهي. جنهن ۾ هڪ خواب جو ذڪر آهي ته خدا وٽ سنڌ فريادي آهي. ۽ جوابدار ذوالفقار علي ڀٽو آهي. سنڌ جي طرف کان وڪيل آءٌ آهيان ۽ ڀٽائي ذوالفقار علي ڀٽي جو وڪيلِ صفائي بڻيو آهي.“
انهيءَ دؤران هڪڙو ٻيو همراه به اِن گفتگوءَ جي دؤران اچي چڪو هيو. جيڪو سائين جي گفتگو ڌيان سان ٻڌي رهيو هيو، تنهن ڪنڌ ڌوڻيندي چيو: ”هڪڙي طرف وڪيل شاه عبدالطيف ڀٽائي ۽ ٻيءَ طرف سيد غلام مرتضيٰ، وڏي ڳالهه آ، وڏي ڳالهه آ، سائين اِهو ڪتاب جلد از جلد اچڻ گهرجي.“
سائين جي ايم سيد ٻڌائڻ لڳو:
”ڪتاب ته پورو ٿي ويو آهي. پر منهنجو خيال آهي ته ان ڪتاب کي مختصر ڪري ٻارنهن سوالن ۾ ورهائجي پوءِ اُنهن سوالن جا جواب ڏجن. اِهي سوال ۽ جواب رڪارڊ ڪيا وڃن تنهن کان پوءِ ڪئسٽ جي ذريعي تشهير ڪئي وڃي ته جيئن سنڌ جا ماڻهو سجاڳ ٿين. ائين جيئن آيت الله خميني ايران ۾ ماڻهن سان رابطو رکيو هو.“
اِنهيءَ گفتگو دؤران شربت آيو، جيڪو سڀني واري وٽيءَ سان پيتو.
مون هڪ ڳالهه نوٽ پئي ڪئي ته اُهو همراه وڏو غلم جو توبچي هيو هيڏانهن هوڏانهن جا اجايا سجايا گفتا پئي ڪيائين. مثلن اِهو پئي چيائين ته بيگم ڀٽو، اڄڪلهه جنرل ٽڪا خان جي ڪڍ لڳي آهي. جنهن تي سائين جي ايم سيد جو رد عمل ڏاڍو سخت ٿي پئي ويو. غصي ۾ پئي چيائين:
”خدا جو غضب پوين... اڃا اِنهن جي ڪڍ.“ مون کي اِهو احساس شدت سان پئي ٿيو، ته اهي غلم جا توبچي ۽ خوشامندي ماڻهو ڪيڏا نه خطرناڪ آهن، جيڪي هروڀرو ماڻهن جي وچ ۾ وٿيون ۽ گمان پيدا ڪندا آهن. اُن وقت حضرت سليمان جي چوڻي ياد آئي، ته ”چغل خور ۽ خوشامندي ماڻهن جون ڳالهيون لذيذ لقمن جهڙيون هونديون آهن ۽ اهي پيٽ جي تمام اندرين ڀاڱن ۾ لهيو وڃن ٿيون.“
3 وڳي ڌارا ماني آئي. ورانڊي ۾ گلم تي ٿي ويٺاسين. ڀاڄيءَ ۾ پلو، گوشت ۽ واڱڻن جو ٻوڙ هو. بصر، انب جي کٽاڻ، ڏوڏيون ۽ سنڌڙي انب به رڪابين ۽ ٿالهين ۾ سجايل هيا. ڪڻڪ جي ماني ۽ چانور به دسترخوان ۾ شامل هئا. جيڪا ڳالهه نوٽ ڪرڻ جي هئي، سا اِها هئي ته سائين کي وڃڻو هڻندڙ ڇوڪرو ۽ زور ڏيندڙ اڌ وهي همراه به اسان سان گڏ ماني پئي کاڌي. ڳالهين مان معلوم ٿيو ته اُهو اڌ وهي همراه سائين جو مريد ۽ هاري هيو، ۽ ڇوڪرو هاريءَ جو پٽ هيو. اِهو منظر زندگي ۾ مون پهريون دفعو ڏٺو هو ته مريد ۽ مرشد، هاري ۽ وڏيري گڏ ويٺي ماني پئي کاڌي. نتيجي ۾ سائين جي ايم سيد لاءِ اِهو تاثر جڙيو ته سائين روايتي پيرن مرشدن يا وڏيرن منجهان نه هيو، منجهنس نه ڇوت ڇات هئي ۽ نه وري ڪا احساس برتري ۽ گهمنڊ.
کائڻ جي دؤران مون اِهو به ڏٺو ته سائين پلي کي هٿ نه پئي لاتو. البت گوشت ۽ انب واپريائين پئي. بشير ۽ مان نه ڇڏيو سين پلي کي، نه گوشت کي ۽ نه وري واڱڻن کي.انبن ۽ ڏوڏين سان به ڏاڍي ڪئي سين. ماني کائڻ کان پوءِ سائين چيو: ”بابا هاڻي ڪجهه آرام ڪيو.“
سائين، اُتي ورانڊي ۾ ڏير جي مخصوص تڏي تي، وهاڻي تي مٿو رکي آهلجي پيو. ۽ اسان ٻئي وري ٻئي ڪمري ۾ وڃي ستاسين. ڏاڍي ڪوشش جي باوجود به ننڊ نه آئي. نيٺ 5 وڳي ڌارا ٻاهر نڪتاسين ته سائين جاڳي رهيو هيو. ڪو همراه کائنس اسلام جي باري ۾ پڇي رهيو هيو . سائين ٻڌائي رهيو هيو:
”ملان جي اسلام ۽ اسان جي اسلام ۾ فرق آهي. ملي وٽ رب رڳو مسلمانن جو ۽ ڏاڍو قهار آهي. اسان وٽ رب سڄي عالم جو ۽ راحمين آهي. ملو چوي ٿو ته هڪڙو جهان هت آهي ۽ ٻيو جهان قيامت کان پوءِ آهي. پر آءٌ چوان ٿو ته هڪڙو جهان هيءُ آهي، جيڪو هلي ٿو ۽ ٻيو جهان ايندڙ مستقبل آهي، بهشت ۽ دوزخ قومن کي هتي ئي ملندو. جيڪا قوم سست ۽ جاهل رهندي اُها عذاب ۾ هوندي. جيڪا چست ۽ ڄاڻ واري هوندي، اُها سڪون سان زندگي گذاريندي.“
”سائين هندو ته الله کي نه ٿا مڃن، اُهي بتن جي يا غير الله جي پوڄا ڪن ٿا؟“ اُن همراه جو ٻيو سوال هيو.
”هندن جي پراڻن مذهبي ڪتابن ۾ به وحدت الوجود جو نظريو ڏنل آهي. اهڙي ڪا به ڳالهه ڪونهي ته وحدت الوجود جو نظريو رڳو مسلمانن وٽ آهي. هر مذهب وارا الله کي مڃن ٿا. اُن هستيءَ جا صرف نالا الڳ الڳ آهن. ڪو ايشور چوي، ڪو گاڊ چوي، ڪو خدا سڏيس ٿو. هرڪو سڌيءَ طرح يا اڻ سڌيءَ طرح مڃي ٿو. پر الله کي اُهو سمجهي، جيڪو پهريان زمين وارن کي ته سمجهي نه؟
ٻڌ کان ڪنهن پڇيو، ”خدا ڇا آهي؟“ ته اُن جواب ۾ چيو، ته هڪڙو ستارن جو علم رکندڙ شخص اُڀ کي ڏسندي ڏسندي کوهه ۾ وڃي ڪريو. ماڻهن جڏهن پڇيس ته کوهه ۾ ڪيئن ڪرين ته چيائين زمين ماپڻ کان اڳ هليو هيس اُڀ ڪڇڻ. اِها ڳالهه قاضي قادن به پنهنجي شعر ۾ چئي آهي.
ڪنز قدوري قافيه، پڙهي پروڙين سڀ
ته ڪر منڊي ماڪوڙي، کوه ۾ پئي ڪڇي اُڀ
جيڪو ماڻهو دنيا جي سڀني مذهبن کي نه ٿو پڙهي، اُهو الله، خدا ،گاڊ ۽ ايشور کي نه ٿو سمجهي سگهي.“
سائين ائين چئي خاموش ٿي ويو. ته سڄو ماحول سانت ٿي ويو. ٿوري دير کان پوءِ سائين ڪرسيون ٻاهر اڱڻ تي ڪڍايون. ٻاهر ٿي ويٺاسي ته ڪجهه ماڻهو ٻيا به آيا. سڀني لاءِ چانهه آئي. سائين نون آيلن کان حال احوال وٺڻ شروع ڪيا. اُنهن مان هڪڙي همراه سائين سان نويڪلائي ۾ ڳالهائڻ لاءِ چيو. ٻيو ڪو اسان کي تخليه لاءِ چئي، ان کان اڳ بشير شاهاڻي مون کي اٿڻ جو اشارو ڪيو. اسان ٻاهر نڪري وياسي. سن جي گهٽين مان گهمي ڦري موٽياسي ته سائين، بشير کان پڇيو:
”بابا! جميعت طلبه جي ڪنهن شاگرد کان، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ڪن ڇوڪرن ڦــر ڪئي آهي ڇا؟“
”خبر ڪونهي،“ بشير وراڻيو.
”اِها جلدي خبر وٺ ۽ پوءِ جلدي تدارڪ ڪري، اِنهن کي فيڊريشن مان ڪڍي ڇڏيو. خدا جو ڪو غضب ڪِـرين. مون کي علڻ خان ٿيٻي به لسٽ ڏني آهي. اُها لسٽ ڏسي، تحقيق ڪري اُنهن کي به ٻي ميٽنگ ۾ ڪڍي ڇڏيو.“
بشير شاهاڻي اُن همراه کان نالو پڇيو، جنهن دانهيو هيو ته ٻڌايائين:
”محمد خان پٺاڻ!“
”چڱو مان هاڻي حويلي ڏانهن وڃان ٿو، وري رات جو ملنداسي.“
سائين سڀن کان موڪلائي هليو ويو.
اسان ٻئي ڄڻا ٻاهر نڪتاسين ته جيئن ڪا هوا جهٽيون. ٻاهر به هوا گرم پئي لڳي. پر منهنجي من ۾ ٿڌڪار هئي، هڪ اهڙي عظيم هستي سان ملندي دل ٺري پئي هئي، جنهن جي لاءِ تمام گهڻو ڪجهه هُلايل هيو. ته سيد سنڌ جي شاگردن کي کاري خراب ڪيو آهي. پر حقيقت اها هئي ته هو اُنهن کي سڌارڻ لاءِ ڪوشان هيو ته سنڌ جو مستقبل سپورنج ۽ ساڃاهوند جوانن جي هٿن ۾ اچي. پر ڪجهه شاگردن سندس رقيق القلبي مان ناجائز فائدو ورتو هو يا وري سائين جي مسلسل نظر بندي جي ڪري مٿائن نظرداري نه پئي ٿي سگهي.
رات جو جڏهن سيد سان ملاقات ٿي ته اُن وقت گلم تي ويٺي هٿ بتيءَ جي روشنيءَ ۾ تاريخ طبري پئي پڙهيائين. اسان کي ڏسي چيائين، ”ڪيڏانهن ويا هيئه؟“
بشير وراڻيو ، ”چڪر تي!“
”مان اوهان جو انتظار پئي ڪيو، جو منهنجي ماني کائڻ جو وقت ٿي ويو آهي. ڇوڪرا ماني آڻ.“
سائين اتي بيٺل هڪ ڇوڪري کي چيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ ڇوڪرو کير، چانور ، دال ۽ انب کڻي آيو. ماني کائڻ وقت اُهي ٻئي همراه هڻ کڻ به موجود هيا. جن اجايا سجايا سماچار پئي سڻايا. سائين ڪن کي اڻ ٻڌو ۽ ڪن کي ٻڌو پئي ڪيو. جن کي ٻڌو پئي ڪيو، اُن تي ڪاوڙ وچان پئي چيائين:
”خدا جو ڪو غضب پوين“
ماني کائڻ کان پوءِ ، بشير شاهاڻي ۽ مون ڏانهن منهن ڪري چيائين:
” ٻِيو ڪو علمي حوالي سان سوال يا مونجهارو هجي ته پڇو؟“
مون کي ڄڻ وارو ملي ويو:
” سائين، ڇا شاه عبداللطيف ڀٽائي شري ڪرشن کان متاثر هيو؟“
”ڪيئن نه متاثر هوندو. هيڏو سارو گيتا جو گيان شري ڪرشن ڏنو آهي. هندو ڌرم ۾ گيتا جي وڏي اهميت آهي.“
مون چيو، ”سائين شري ڪرشن ته ڇل ڪپٽ جو ماهر هيو، مها ڀارت ۾ جڏهن ڌريوڌن زخمي حالت ۾ هيو ته هن ڪرشن کي چيو، ته ’اڙي ڪنس داس جا پتر! ڇا تو ۾ ذرو به شرم ڪونهي. تنهنجي چوڻ تي مون ڀيم کي اڌرم ۽ انيتي سان ماريو. هن سنگرام کي ڌرم يد ڄاڻي گهڻا ئي راجا هن ۾ شريڪ ٿيا. پر اُهي اڌرم ۽ دغابازي سان ماريا ويا آهن .... ڇا توهان کان وڌيڪ مها پاپي، نٺر ۽ نرلڄو به ڪو ٿي سگهي ٿو؟‘
ڪرشن چيو، ’مترو! هن دشمن جي وڦلڻ تي ڪو ڌيان نه ڏيو. دروڻ ۽ ڪرڻ ڏاڍا پراڪرمي وير هئا. سڌي سنواٽي نموني جيتڻ ناممڪن هو. اُن لاءِ ڪا نه ڪا رمز رکي کين ماريو ويو. پنهنجي بچاءَ لاءِ ڌرم، نيتي جي رکيا لاءِ ڇل ڪپٽ ڪرڻ ۾ ڪو وهم ڪونهي.‘ ۽ ٻيو ته هن سنڌ جي راجا جئدرٿ کي به چوڏهين ڏينهن تي ڇل ڪپٽ سان ماريو هو.“
”تون اهو ڪٿان پڙهيو؟“ سائين سوال ڪيو.
مون وراڻيو: ”شري مها ڀارت، لوڪ رام پيسو مل ڏوڏيجا جو ڪتاب.“
”اڇا، گهڻو ڪري ته اهو 1967ع جو ڇپيل آهي!؟“ سائين سوچيندي چيو .
”جي سائين!“
”تو نالو ڇا ٻڌايو پنهنجو؟“
”منظور حسين“، مون جواب ڏنو.
سائين سمجهائيندي چيو،” منظور...! توهان هن زماني جي اخلاقيات کي اُن زماني جي اخلاقيات سان ڇو ٿا ڀيٽيو؟ جي اوهان ڀيٽيندءُ ته پوءِ دنيا جي مڙني شخصيتن جا اخلاقي قدر اڄوڪي اخلاقي قدرن سان نه ٺهڪندا. ان ڪري ڪنهن به شخصيت کي اُن زماني جي اخلاقي قدرن جي تحت ڏسو .... تو گيتا پڙهي آهي؟“
”پڙهي آهي!“
”ڪيئن لڳي؟“
”روحانيت جا سڀ مارڳ بيان ٿيل اٿس، جن ۾ گيان، ڌيان، يوگ ڪرم ۽ ڀڳتي بابت زور ڏنل آهي.“
”ان جو مطلب ته تو گيتا به پڙهي آهي. لطيف به سر رامڪلي ۾ جڏهن پورب جو ذڪر ڪري ٿو ته شري ڪرشن جي ڏنل گيتا واري فلاسافيءَ طرف اشارو ڪري ٿو.
پوڄا ڪرم پاڻ کي، پل پوڄا کان پاڻ
لاهوتي لطيف چئي، سڌ نه کڻن ساڻ
تعلق ڇڏڻ تڪيا، ايءُ آديسين اهڃاڻ
ڄاڻي ڇڏي ڄاڻ، پريا پورب پنڌ ڏي“
اِهو پورب پنڌ دوراڪا جي طرف هوندو هيو.
يا ٻيو به شعر به اُنهن نانگن فقيرن جي حوالي سان آهي. جيڪي شري ڪرشن جي شهر دوراڪا کي پنهنجو مرڪز ۽ منزل سمجهندا هيا.
ڪڇي ڪاڇوٽي، نانگن ٻڌي نيهن جي
سُک نه ستا ڪڏهن، لاهي لانگوٽي
جهڙا آئيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي
تنين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري.
ڇوڪرا، تو منهنجو ڪتاب ’پيغام لطيف‘ پڙهيو آهي؟“
”جي سائين!“ مون وراڻيو.
”ڇا سمجهيو ٿي؟“
”توهان لطيف کي هڪ نئين رخ يعني قومي شاعر جي حوالي سان پيش ڪيو آهي.“
”پوءِ ان ۾ ڪامياب ويو آهيان يا نه؟“
”بالڪل اوهان شاه جي بيتن جي حوالي سان ثابت ڪيو آهي ته شاهه قومي شاعر آهي.“
”خدا جو شڪر آهي ... ٻيو ڪو سوال؟“
مون وري ٻيو سوال ڪيو،
”سائين شاه عبداللطيف جو آئيڊيل يا مرشد ڪير هيو؟“
سائين جي ايم سيد ٻڌايو:
”حضرت علي...! شاه صاحب اهل تشيح صوفي هيو. پر اِهو ذهن ۾ رکو ته اڄوڪن شيعن جهڙو نه هيو. صوفي لاڪوفي هيو. سر رامڪليءَ ۾ جنهن انداز ۾ تعريف ۽ توصيف ڪري ٿو. جن ۾ ويراڳي، نانگا، جوڳي، بيکاري، آديسي، ڪاپڙي، سامي وغيره اچي وڃن ٿا. پر جڏهن حضرت عليءَ جي ڳالهه ڪري ٿو ته اُن کي پنهنجو رهبر سمجهي ٿو:
” نانگا نانيءَ هليا، هنگلا جان هلي
ديکي تن دوارڪا، مهيسن ملهي
آڳهه جن علي، آءٌ نه جئندي ان ري“
يا
”گذر گئي گذران ڪين قبولج ڪاپڙي
عليءَ جو ميدان سڳر سنياسين کي.“
يا وري
”عليءَ جي ميدان ۾ ويٺا ڌوڻ ڌُڻي
ترڪ ڪيائون تڪيا، پريون پنڌ سڻي
ڪندي ڪوه ڌڻي، طعنا ڏيئي تن کي.“
ٻيو ته شاهه عبدالطيف محرم ۾ ڪارا ڪپڙا پهريندو هيو ۽ سر ڪيڏارو ڪربلا جي واقعي جي حوالي سان ڄڻ سنڌيءَ ۾ لکيل عظيم نوحو آهي. هاڻي توهان ڀلي وڃي آرام ڪيو!“
اسان اٿياسين ته سائين وري چيو:
”منظور توسان ملي خوشي ٿي. بشير هن کي ميمبر ضرور ڪجانءِ!“
”ها سائين ها“، بشير زور سان وراڻيو، ۽ پوءِ آهستگي سان چيائين، ”مان ته ڏاڍو زور ٿو ڀريانس، پر حرامي ٿي ئي نه ٿو. پر هاڻي ميمبر ضرور ڪندومانس.“
بشير ۽ مان اُتان نڪري اوطاق جي اڱڻ تي جڏهن کٽن تي آهلياسي ته مون وٽ “سن جي سائين“ لاءِ مجموعي طور تي اهو تاثر جڙيو ته لاشڪ سائين جي ايم سيد هڪ عظيم علمي درسگاهه آهي. جنهن جي قدر ۽ قيمت جو اسان کي اڃا احساس ڪونهي. تڏهن ته ڪيترائي هن عظيم درسگاهه جي حاضري ڀريندي به ڪجهه ناهن سکيا. بقول ڀٽ ڌڻيءَ جي:
محروم ئي مري ويا، ماهر ٿي نه مئا
چڙيءَ جي چنهج جيان، لڏيائون لئا
حباب ئي هئا، انهيءُ وادي وچ ۾.
***