محبت ٻرڙو : مانائتو ماڻهو
”رحمت وسي ٿي توتي هر صبوح شام قمبر“
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، قمبر شهر جي توصيف ۽ تعريف ۾ چوڏنهن بندن تي مشتمل نظم لکيو هو، جنهن جو پهريون بند مٿي ڏنل آهي.
حقيقت به اها ئي آهي ته جڏهن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي اهو نظم لکيو هو. ماڻهو چون ٿا ته ان وقت واقعي قمبر امبر هو. ۽ مون به ننڍپڻ ۾ ان قمبر جي هڪ جھلڪ پسي هئي، ڇو ته منهنجو ڳوٺ بلڪل اولهه ۾ دوست علي واري سڙڪ تي، 5 ميلن جي فاصلي تي هو، ڳوٺ جو نالو هو ڪنڍو خان بليدي. سڙڪ سڌي هئي پر جڏهن هڪ دفعو ان تان ڪا جيپ، بس، لاري لنگھي وئي ته ڪلاڪ کن ڌوڙ جو طوفان برپا ڪري ويندي هئي، انهيءَ سڙڪ کي پار ڪندي جڏهن قمبر ناڪو ٽپبو هو ته هيانءُ ٺري پوندو هو. وڏو ۽ ويڪرو پڪين سرن سان ٻڌل رستو نظر ايندو هو، رستي جي ساڄي پاسي وڏيون ويڪريون جايون ۽ سيلر نظر ايندا هيا، کاٻي پاسي ننڍين ڪوٺين واريون جايون نظر اينديون هيون، جن جي دروازن تي مايون هار سينگار ڪيون بيٺيون هونديون هيون ۽ ڪنهن ڪنهن جاءِ مان طبلي جي ٿاپ، هار مونيم جو آواز، ۽ ڇير جو ڇمڪو ٻڌڻ ۾ ايندو هيو، ان وقت عمر ڇهه، ست سال کن مس هوندي هئي. ان ڪري ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي پر پوءِ ڦوهه جوانيءَ ۾ خبر پئي ته اهو ڪوچه جانان هيو، جتي ’هاج‘ رهندي هئي. جنهن جي باري ۾ سيد حسام الدين راشدي پنهنجي ڪتاب ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ ۾ سترنهن صفحا ڪارا ڪيا آهن. تنهن جي هڪ جهلڪ سندس لفظن ۾ پيش ڪجي ٿي؛
”قمبر جو اهو ڪوچه جانان، جنهن ۾ پاڻ رهندي هئي، نه ڇڙو عاشقن لاءِ باغ بهار هيو، بلڪه عاشقن کان ان جي بهار جو ڳالهيون ٻڌي، لاڙڪاڻي جي ديوان گيانچند کي پنهنجو باغ بي حقيقت معلوم ٿيندو هيو ....هاج جڏهن پنهنجو بروج مشهده ڇڏي خوش و خرام ٿي ڪيڏانهن هلندي هئي ته في الحال قمبر وارو ڪوچه شهر، شهرِ خموشان ٿي ويندو هو...... ريل جتي اچي بيٺي، اتي زناني گاڏي اڳيان ڳاهٽ لڳي ويندا هيا، غريب غربو ته ”اڙي هيءَ قمبر واري هاج ويٺي اٿئي.“ چئي اڳتي راهي ٿي ويندو هو، ليڪن وڏيرا ان جڳهه تي پهچي گل محمد بڻجي ويندا هيا، پوءِ ”زمين جنبد گل محمد نه جنبد“بهرحال عين انهيءَ وقت وڏيرن کي خارش اچي کڻندي هئي، هڪ هٿ مڇن ۾ ٻيو سٿڻ ۾، توبه نعوذ باالله اها بدعادت کين ڏاڍي هوندي هئي.“
ننڍپڻ ۾ منهنجو چاچو غلام صديق، جنهن کي مان بابو مٺو ڪري سڏيندو هيم، سو سڌو ميونسپالٽي جي پاسي ۾ جمعي حجم جي دڪان تي وٺي ايندو هو،
جمعو حجم پڇندو هو ؛ ”رئيس! وار ٺاهيانس يا.......؟“
بابو مٺو وراڻيندو هو: ”بس سمجھي وڃ نه....!“
۽ پوءِ جمعي حجم جي پاڪي ۽ منهنجو مٿو هوندو هو ، منٽن ۾ صفائي ٿي ويندي هئي. اتان پنهنجي ماماڻي گھر مکي محلي ۾ فوٽي مهر جي گهر وٺي ويندو هـو، جـنـهـن جـي زال مريـم لـپ تيل جي هڻي ٺـوڙهه چـمـڪـائي بي بالم ڪري ڇڏيندي هئي، فوٽو مهر بابي مٺي کان حالن احوالن دؤران ڏاڏي ڦتل جي باري ۾ پڇندو هو، ته پڦي ڪاٿي آ؟ ته جواب ڏيندو هو ”لاڙڪاڻي!“ مون ڏانهن اشارو ڪندي چوندو هو! ”هن کي هتي ڇو نه ٿو پڙهائين؟“ سندس مطلب هوندو هو ته پڦيءَ کي هتي ڇو نه ٿو رهائين،
بابو مٺو وراڻيندو هيو ته؛
”هڪ ته هتان جو پاڻي سٺو ناهي، ٻيو اتي پنهنجي جاڳهه(جڳهه) آهي، ٽيون ته لاڙڪاڻي جي پڙهائي سٺي آهي.“
جيتوڻيڪ قمبر جي پڙهائي مشهور هوندي هئي، هتان جي ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ۽ سندس سرڳواسي ڀاءُ مکي ڪيول رام به پڙهيا ها. ڪامريڊ سوڀو ٻڌائي ٿو ته 1930ع ۾ قمبرشهر جو تعليم ۾ وڏو نانءُ هيو، ۽ خاص ڪري ميونسپل اسڪول انتظامي ۽ تعليمي حساب کان مثالي هيو، انهيءَ اسڪول ۾ ڪوآپريٽو اسڪول هلندو هيو، جنهن کي هلائڻ لاءِ هر شاگرد کان سال ۾ هڪ رپيو ورتو ويندو هيو، ان اسٽور کي هڪ شاگرد، هڪ استاد ۽ هڪ پٽيوالو هلائيندا هيا، جتي اسٽيشنري عام بازاري اگھن کان سستي اگھه ۾ ملندي هئي، ڪامريڊ سوڀو اهو به ٻڌائيندو آهي ته هو انهيءَ اسڪول ۾ چار سال پڙهيو، جتي روچي رام جهڙو قابل هيڊ ماستر هيو، ڪشنچند ۽ نوازش صاحب جهڙا سخت محنتي استاد هيا، جيڪي شاگردن کي مفت ٽيوشن پڙهائيندا هيا، بابو مٺو دراصل ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ۾ ”B“ ڪلاس جو ٺيڪيدار هيو، ان ڪري کيس هر ٻي ڏينهن تي لاڙڪاڻي اچڻو پوندو هيو، تنهن ڪري مونکي به پرائمري تعليم لاهوري محلي جي پي سي اسڪول ۾ وٺڻي پئي، ۽ سيڪنڊري تعليم، گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾.
1978ع ۾ مون جڏهن پهرين ملاقات ۾ اهو پس منظر محبت علي ٻرڙي کي ٻڌايو، جيڪو 25 مارچ 1952ع ۾ قمبر ۾ڄائو هيو، پرائمري تعليم مين پرائمري اسڪول ۾، سيڪنڊري، ميونسيپل هاءِ اسڪول قمبر ۾ پڙهيو، ته هو حيران ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو:
”جيڪڏهن تون قمبر ۾ پڙهين ها ته پنهنجي ياري انهيءَ زماني کان هجي ها، پر تون باءِ پاس ڪري لاڙڪاڻي هليو وئين، اهو ڪم صحيح نه ٿيو، ڇو ته اسان جي زماني ۾ به قمبر جي پڙهائي سٺي هئي. “
اها اسان جي پهرين ملاقات سندر خوبچنداڻي جي توسط سان ٿي، جيڪو ان زماني ۾ عوامي تحريڪ جي سنڌي شاگرد تحريڪ (S.S.T) جو سرگرم ڪارڪن هيو، سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتائين ته سندس ڀاءُ ڪيلاش خوبچنداڻي جيڪو لائيف انشورنس ۾ ڪم ڪندو هيو، ۽ لاڙڪاڻي جا ڏاند ڏهندو (واپارين جي انشورنس ڪندو) هيو، تنهن جي سلامن ڪلامن تي هو منهنجي روم نمبر 49 انٽرنيشنل هاسٽل ۾اچي رهيو هو، ان سان گڏ پنهنجي پاڙيسري ۽ راند روند واري دوست اشتياق انصاريءَ جو ڀاءُ اخلاق انصاري به اتي آيو هو، منهنجو به ايم اي سوشيالاجي جو فائينل ايئر هو، پهرين سال ته منهنجو به گوشه نشيني وارو سال هو، ٽن بسترن واري ڪمري ۾ اڪيلو رهندو هيس، جو ٻن بسترن جي الاٽمينٽ پنهنجي هم ڪلاسي دوست جان محمد رند ۽ ان جي ڀاءُ صاحب خان جي نالي تي ڪرائي ڇڏي هيم، پر هنن ٻن نوجوانن جي اچڻ ڪري روم نمبر 49 ۾ رونق اچي وئي، ۽ گهما گهمي وڌي وئي.
پهرين ملاقات سڄي رات هلي، جنهن ۾ سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن ۽ انهن جي حل بابت بحث مباحثا ٿيا، جيڪي ان زماني ۾ شاگردن جي مٿي جو سور هيو، جيڪا ڳالهه ڏاڍي نئين ۽ نرالي هئي، اهو هيو سندر خوبچنداڻي جو دلچسپ سوال ته دنيا جي مسئلن تي ڪير وڌيڪ ڄاڻ رکي ٿو، ذوالفقار علي ڀٽو، جي ايم سيد، يا رسول بخش پليجو؟
محبت جو جواب هيو: ”اها دعويٰ ئي عجيب آهي ته ڪو فلاڻو عقلِ ڪُل آهي.“ سندس چوڻ هو ته هر ماڻهو 98 في صد اڻ ڄاڻ ۽ جاهل آهي، مون کي مخاطب ٿي چيائين:
”اوهان سوشيالاجي پڙهي رهيا آهيو، پر مون کي سوشيالاجي جي نالي ماتر ڄاڻ آهي، ان جو مطلب ته مان ان شعبي ۾ اڻڄاڻ آهيان، آءٌ جي ايناٽامي تي دسترس رکان ٿو ته ان شعبي ۾ اوهان کي گھٽ ڄاڻ هوندي، وري اسان ٻنهي کي پنهنجن پنهنجن شعبن جي اها ڄاڻ ڪونهي ته اڄوڪي ڏينهن ۾ اسان جي شعبن ۾ ڪهڙا سڌارا ۽ واڌاراآياآهن. ان ڪري اسان کي انساني سماجي ترقيءَ لاءِ گڏيل سمجھه کي ڪتب آڻڻ گھرجي، هڪ ٻئي کان سکڻ واري فارمولي تي عمل ڪرڻ گهرجي، حقيقتن جو جائزو دليلن ۽ ثبوتن جي بنياد تي وٺڻ کپي، ته جيئن ڪا سٺي سماجي تبديلي يا انقلاب آڻي يا برپا ڪري سگھجي.“
اها ڳالهه محبت جي مون کي نئين ۽ اڻ ڌري لڳي، نه ته ان زماني ۾ هر ڪو پنهنجي اڳواڻ کي عقلِ ڪل، قائد عوام، مها ڏاهو ۽ عظيم رهبر ڪري پيش ڪندو هو. محبت جيئن ته لياقت ميڊيڪل ڪاليج جو شاگرد هو، ان ڪري هن ايل ايم سي هاسٽل اچڻ جي دعوت ڏني، مان، سندر خوبچنداڻي ۽ هڪ نوجوان مشتاق شابراڻي سان گڏ سندس روم تي پهتاسي، ته اتي ظفر اڄڻ ۽ فاضل راهو به ويٺا هيا، محبت منهنجو تعارف ڏاڍي سٺي انداز سان ڪرايو، ڄڻ ته مان ڪوئي مشهور ماهرِ عمرانيات هيس ۽ انهن ٻنهي ڄڻن به منهنجي سٺن لفظن سان آجيان ڪئي.
جيئن ته اها نجي ڪچهري هئي، جنهن ۾ ذاتي ڳالهيون، هيڏانهن هوڏانهن جا حال احوال ۽ ان سان گڏ عام سياسي نقطه زيرِ بحث آيا، انهيءَ دؤران محبت ٻرڙي عام مهمان نوازي کان هٽي ڪري سڀن کي ماني کارائي ڇڏي.
مان ان ڏينهن کان محبت جي ”محبت“ جي گهرائي جو اندازو ڪيم، جڏهن ته اڳواٽ ئي هن مون کي پنهنجو مسڪيني حال ڳالهين ڳالهين ۾ ٻڌائي ڇڏيو هيو، پر سچ پچ ته محبت دل جو امير هو، ۽ پوءِ مان به محبت کي لاڙڪاڻي ميس ۾ گھرائي ماني کارائيندو هئس، لاڙڪاڻي ميس جو مينيجر بشير شاهاڻي هوندو هو، جيڪو جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو صدر ۽ منهنجو ذاتي دوست هيو، اهو محبت ۽ مون کي ڏسي کلي چوندو هو:
”منظور لڳي ٿو ته تون عوامي تحريڪ جو ايجنٽ آهين ...! تون سنڌ يونيورسٽي مان جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن وارن جي تڏا ويڙهه ڪرائيندين.“
مان به کلي وراڻيندو هيو مانس: ”انشاءَالله ايئن ئي ٿيندو.“
پر حقيقت اها هئي ته محبت ٻرڙي مون کي ڪڏهن به ايئن نه چيو يا زور ڀريو ته آءٌ ڪو سندس تنظيم جو ميمبر ٿيان، ڇو ته هن کي خبر هئي ته مان اسپورٽس جي عشق ۾ گرفتار آهيان، ان ڪري جيڪو به واندڪائي وارو وقت ملندو هيو ته حيدر بخش جتوئي پويلين تي وڃي فزيڪل ايڪسرسائيز ڪندو هئس، شاٽ پٽ اڇليندو هئس يا جيولن ٿرو پيو ڪندو هئس پر هن جي اها خواهش هوندي هئي ته منهنجي ساڻس ملاقات هفتي ۾ هڪ دفعو ضرور ٿئي، ۽ ٿيندي هئي، توڻي جو محبت هڪ مخصوص سياسي ڌر سان سلهاڙيل هو، پر هڪ ٻئي کي ڏسندي ڄڻ دل کي دل جي ڪشش ٿيندي هئي، جي ڪچهري ڪبي هئي ته خوب ڪبي هئي، پوءِ اها سياست هجي يا فلاسافي، تاريخ هجي يا آثارِ قديمه، عالمي ادب هجي يا سنڌي ٻولي، ناٽڪ هجي يا رانديون، مان ڪڏهن ڪڏهن ته حيرت کائيندو هئس جڏهن محبت سوشيالاجي جي ڏکين موضوعن ۽ اصطلاحن تي ڳالهائڻ شروع ڪندو هيو، خاص ڪري Criminology۽Social psychology تي. پاڻ ڪڏهن ڪڏهن لاڙڪاڻي ميس تي منجهند جو ماني لاءِ ويٺاسين، ماني ته اڌ ڪلاڪ ۾ پوري ٿي ويندي هئي، ڳالهائيندي ڳالهائيندي سج لهي ويندو هو ته رات جي ماني به اتي ئي کائيندا هئاسين، ۽ پوءِ وري محبت بلاڪن واري هاسٽل ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ جي ميمبر مشتاق شابراڻي سان وڃي پنهنجي مخصوص سياسي ڪچهري ڪندو هو.
1978ع تائين پنهنجون ملاقاتون رهيون، جو پنهنجو هڪ سال آمر ضيا سنڌ جي سمورن تعليمي ادارن کي 9 مهينا بند ڪري وڃايو، اهڙي طرح سنڌي شاگردن کي هر حوالي سان پٺتي ڌڪي ڇڏيو، ان دؤران ڳوٺ ڏانهن ايندي ويندي قمبر مان گذر ٿيندو هو ته ملاقات ٿي ويندي هئي، جڏهن ڊاڪٽر محبت ٻرڙو آرمي جو ڪيپٽن ٿي ويو ۽ مان گذر سفر جي حوالي سان پهرين پرائيويٽ ۽ پوءِ سرڪاري نوڪريءَ جي شڪنجي ۾ اڙيس ته ملڻ جلڻ وارو سلسلو ختم ٿي ويو، ايتري قدر جو مون جڏهن سنڌ جي شهرن ۽ انهن جي مسئلن تي مضمون لکڻ شروع ڪيا ۽ خاص ڪري جڏهن قمبر تي لکڻ جو سوچيم ته محبت ڏاڍو ياد آيو.
سال 1994ع اپريل جو مهينو هيو، ڪيميرا ۽ نوٽ بڪ کڻي قمبر ۾ هڪ اڌ ماڻهو کان پڇيم ته خبر پئي ته محبت قمبر ۾ آهي ۽ لطيف ڪلينڪ کولي اٿس، پڇائيندي پڇائيندي پندرنهن منٽن ۾ پهچي ويس، ڪلينڪ ۾ اندر گھڙيس ته ڏٺم، محبت ويٺي ڪجهه لکي رهيو هيو، ڏسندي ئي سڃاتائين: ”ڪاٿي آن منظور ڀاءُ؟“
اهو ساڳيو سوال منهنجو به هو، بس پوءِ هر ڪنهن پنهنجي وارتا ٻڌائي، نه ملڻ جي تشنگي جو احساس ڏياريو، باقي هڪ ٻئي سان ڪي شڪايتون ۽ ميارون ته هيون ڪو نه، جو ڏجن ها.
ٿوري دير کان پوءِ جامي چانڊيو، سرمد چانڊيو ۽ ٻه ٽي ٻيا دوست به اچي نڪتا، انهيءَ جي دؤران محبت وٽ هڪ مريضه آئي، سا به ڪراڙي ۽ نٻل، تنهن کي ڏٺائين ته ان چيس: ”ابا مان غريب آهيان، مون وٽ پيسا ڪونهن.“ محبت وراڻيو: ”امان ڪائي ڳالهه ڪونهي! بس تون هيءَ دوا وٺي کاءُ، ٺيڪ ٿي ويندينءَ.“ مريضه پرچي وٺي چيو: ”جڏهن پيسا ٿيا ته دوا وٺنديس،“ محبت چيس: ”امان دوا سستي اٿئي 20 روپيه مس لڳندءِ.“
”ابا 20 روپيه به ڪونهن.“ محبت کيسي مان 20 روپيه ڪڍي مريضه کي ڏنا. ”ها امان وٺ.“ ان وقت مون سوچيو: ”هن يار جو جهان ڪيئن هلندو هوندو؟“ خير حال احوال ٿيا، مون اچڻ جو مقصد ٻڌايو ته قمبر تي مضمون لکڻ چاهيان ٿو، انفارميشن کپي. وراڻيائين:”کوڙ انفارميشن، پهريان ماني کائون.“
ٿوري دير کان پوءِ ماني آئي. ماني کائي قمبر گھمڻ نڪتاسين. مرلي ٽاڪيز جي سامهون واري روڊ کان شهر طرف اندر گھڙياسين، اڳ ۾ ولايت راءِ جي درٻار گھمي سين. ان کان پوءِ ان هنڌ اچي پهتا سين، جتي ڪنهن زماني ۾ سڪو تلاءُ هو ، ۽ چيو وڃي ٿو ته ٻيڙيون اتي اچي بيهنديون هيون، اهو تلاءُ جهڙو ڪر قمبر جو ننڍڙو بندر هيو، سرمد چانڊيو اتي بيهي ڪري قمبر جي قدامت بابت ٻڌايو. محبت ٻرڙي وري سڪي تلاءَ جي سامهون اولهائين ڏاکڻي ڪنڊ ڏانهن اشارو ڪندي چيو،”هتان اصلوڪو قمبر شروع ٿئي ٿو، جنهن جي لاءِ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي نظم ۾ واضح اشارو آهي،
اعليٰ دماغ ماڻهن لاءِ، خوب هي جڳهه آهي،
آهي ٻڌل دڙي تي، عالي مقام قمبر.
پوءِ اعليٰ دماغ ماڻهن (محبت، جامي ۽ سرمد) عالي مقام قمبر سج لٿي تائين ايئن گھمايو جو منهنجو مضمون ”قصو قمبر علي خان جو“ مڪمل ٿي ويو ۽ ’سنڌ سجاڳ‘ جي آگسٽ 1994ع جي پرچي ۾ڇپيو، جنهن ۾ قمبر جي قدامت کان وٺي موجوده حالت ۽ سندس مسئلن بابت اپٽار ٿيل هئي، اها به خبر پئي ته قمبر واسين خاص ڪري پاڻي نيڪاس ۽ روڊن رستن جي حل لاءِ سٽيزن ڪاميٽي جوڙي هئي، ان حوالي سان هر مهيني هو لاڙڪاڻي ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڪمشنر آڏو مسئلا کڻي ويندا هيا ،پر سندس چوڻ هو ته سٽيزن ڪاميٽي جا آواز صدا به صحرا ٿي ويندا هيا، ڇو ته قمبر جي نام نهاد سياسي سردارن/اڳواڻن ڪڏهن به پٺڀرائي نه ڪئي.
پر محبت ٻرڙو ڪڏهن به مايوس نه ٿيو، هن قمبر شهر ۾ علم، ادب ۽ شعور جي شمع روشن رکي، جنهن جي نتيجي ۾ قمبر جا ڪيترائي نوجوان مستفيض ٿيا. منهنجو به جڏهن ڳوٺ اچڻ وڃڻ ٿيندو هيو ته محبت سان ملاقات ضرور ٿيندي هئي، مونکي انهيءَ دؤران خبر پئي ته محبت ٻرڙي کي سنڌي ٻوليءَ تي به وڏي دسترس حاصل آهي، ان حوالي سان سندس مضمون نهايت گھرائي ۽ وسعت رکندڙ هيا، هن وٽ سنڌي انسائيڪلو پيڊيا جي حوالي سان به هڪ وڏي رٿابندي ٿيل هئي، سندس ڳالهين ۾ هر دفعي هڪ انڪشاف ۽ نئين ڳالهه هوندي هئي، هڪ دفعي هن سنڌي ٻوليءَ جي هڪ پد وارن لفظن تي ڳالهايو، جيئن مثال ”گھ“ آهي ته اهو طاقت، قوت ۽ تيزيءَ کي ظاهر ڪري ٿو. ۽ پوءِ سنڌي جي نج لفظن ”سگھو“ ۽ ”اگھو“ تي ڳالهائيندو رهيو، ان مان اندازو ٿيندو هيو ته ذهني طور تي هو ڪيڏو نه امير هيو، پر اها به خبر پئي ته ان عرصي دؤران هن جيترو علم ۽ ادب جي واڌاري لاءِ سوچيو ، اوترو پنهنجي معاشي حالتن جي بهتري لاءِ نه سوچيو، پوءِ به معاشي ڪسمپرسي جي حالت ۾هن پاڻ کي چومکي جيان جلائي چوڏس روشني ڦهلائي. سندس ان روشنيءَ جو نتيجو آهي جو اڄ به سندس دوست ڀائو درمحمد ٻرڙو، سندس ننڍو ڀاءُ رياضت ٻرڙو ۽ ٻيا ڪيترائي سندس ٻاريل شمع جي جوت مان جوت جلائيندا اچن ٿا.
هن شخص وٽ جيتري خيال آرائي ۽ تحقيقي جستجو هئي، مون سنڌ ۾ ڪنهن به هم عصر وٽ ڪو نه ڏٺي.
25 مارچ 1997ع تي پنهنجي آخري ملاقات لاڙڪاڻي ۾ سعيد ميمڻ جي اسپورٽس واري دوڪان، جناح باغ لڳ ٿي، مان دوڪان تي سعيد ميمڻ سان ڪچهري پئي ڪئي، ڊاڪٽر محبت تي نظر پئجي وئي، زور سان سڏ ڪيو مانس: ”ڊاڪٽر صاحب !“ مون ڏانهن ڏٺائين، وڌي آيو ڀاڪر پاتائين، حالي احوالي ٿياسي، چانهه جي لاءِ چيومانس ته چيائين ”تڪڙو ڪم آهي، سول اسپتال ۾.“ مون چيو؛ ”ڪم لاهي، منهنجي گھر اچ ۽ منهنجي ماني کاءُ!“ وراڻيائين ”هڪڙو قمبر جو مريض آهي، ان جي پارت سفارت کان پوءِ واپس ورڻو آهيان،“ مون چيو ”سوال ئي نه ٿو پيدا ٿئي ته آءٌ توکي ماني کارائڻ کان سواءِ ڇڏيان.“ پر محبت ٻانهون ٻڌندو رهيو ۽ چوندو رهيو ”ٻي دفعي...!حاضر....!ٻي دفعي....!“
ان ڏينهن منهنجي دل نه پئي چاهيو ته محبت کي ايئن ڇڏيان، ڏاڍا ايلاز ڪيا مانس پر الائي ڪهڙي تڪڙ هئس، جو چانهه به نه پيتائين.
۽ پوءِ 8 اپريل 1997ع تي اوچتو سندس دل بيهجڻ جي خبر پئي ته هڪ وڏي ۽ آخري ملاقات جي حسرت رهجي وئي.
هي قمبر شهر جو ڪڻهار ۽ ڪُندار جڏهن پنهنجي علمي قد ۽ بت سان اڃان اسريو مس ته ايئن لڳو ڄڻ ڪنهن نسريل ڳني جيان ٽڙڪي پيو، جنهن جو اڄ ڏينهن تائين ارمان آهي.
**