هدايت منگي : سانوڻي جي موج
اشارو ڪندي ٻڌايائون ته اهو هدايت منگي پيو گھمي. هلال پاڪستان اخبار ۾ ڪم ڪندو آهي، خبر نه آهي ته ڪهڙو بنبال کڙو ڪندو؟ مينهن جي ڪڻ ڪڻ سان، ٿڌي هوا جا جھوٽا لڳي رهيا هئا. ميگھه ملهار جي موسم هئي، اسان جي جستجو وڌي وئي ته ڏسجي، سو سري وڃي سلام ڪيوسي، سلام ورايائين ته ڇرڪ نڪري ويو ته هي ڇا...!؟ مڙس آهي ته سنهڙو سيپڪڙو پر آواز ۾ اهڙو ته رعب ۽ کڙڪو ڄڻ هڏن ۽ ماس جي بوتل ۾ڪوهه ڪاف جو ديو ويٺو هجي.
حالي احوالي ٿياسي ته اسان وانگر وڏو حوالي نڪتو، قصو موهن جي دڙي کان نڪتو ته ختم وڃي ”ڀنڀور“ جي آثارن تي ٿيو.
ملاقاتن جو سلسلو تڏهن وڌيو، جڏهن هلال پاڪستان اخبار ۾ بيورو چيف ٿي لاڙڪاڻي پهتو. اسان جي سنگت کي خوشي ٿي ته هڪ موهن جي دڙي جو عاشق وڌيو، پر پوءِ خبر پئي ته همراهه موهن جي دڙي جي ڪک ”ٻلهڙيجي“ ۾ ڄائو آهي، جوان بگيءَ ۾ ٿيو آهي، هن کي ڏسي ايئن لڳندو هو ته هو واقعي ”مونهين“ جي مٽيءَ جو ٺهيل ماڻهو آهي، جيڪو هر جنم ۾کيس بچائڻ لاءِ آذرتو آهي. هلال پاڪستان ۾ سندس ڪافي رپورٽون موهين جي آثارن کي بچائڻ لاءِڇپيون هيون،
موهين جي دڙي تي ڪچهريون ڪندي ڪندي، هڪ ڏينهن سنگت اها صلاح بيهاري ته ڇو نه سنڌي ادبي سنگت ”شاخ موهن جو دڙو“ جو بنياد رکجي، پوءِ سنڌي ادبي سنگت شاخ موهن جي دڙي جو بنياد پيو، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، علي شير رونگھو، شعيب علي عمراڻي، منير سومرو ۽ ٻيا ڪيترائي دوست ميمبر ٿيا. سڀني هڪ راءِ ٿي هدايت منگي کي سيڪريٽري مقرر ڪيو، پوءِ ته آرڪيالاجي جو اسٽاف ٻٽنگو ڦاٿو، موهن جي دڙي تي ڪڏهن گڏجاڻي، ڪڏهن ليڪچر، ڪڏهن مطالعاتي دورو، نتيجي ۾ ڪڏهن اسٽاف جا مٽا ڦوڪيل، ڪڏهن سنگت جا، ڪڏهن سڀئي گڏجي موهن جي دڙي جي ريسٽورنٽ ”شبستان“ ۾ بغليون هڻندا وتن. انهيءَ دؤران مونکي به قائل ڪيائين ته ڪالم لکان. 1989ع جي پڇاڙڪن مهينن ۾ مون ”فڪر فرهي هٿ ۾“ ڪالم لکڻ شروع ڪيو. ايڊيٽنگ هدايت ڪندو هو، ڪمال جي ايڊيٽنگ هئي، اهڙي ٽيڪنيڪل جو ڪڏهن سٽ نه ڪٽيائين، فل اسٽاپ ۽ ڪاما جي هير ڦير ڪندي يا وري مذڪر مونث واري غلطي درست ڪندي پار پوندو هو، ايڊيٽنگ به هڪ ڏانءُ آهي نه ته ڪاسائيڪي ڪار.
باقي زباني تنقيد ۾ ته هدايت ڪڏهن ڪاسائي ڪڏهن ماهر سرجن. اهڙي ٺڪي ٺوڪي تنقيد ڪندو هو جو همراهه جي تخليق کي اڊيڙي ڇڏيندو هو، اصلي آنڊا گونڊا ڪڍي اڳيان رکندس جو همراهه ۾ سهپ جو مادو هوندو ته ٻيهر ايندو نه ته ڪتيءَ ڪن وڍيا. ان ڪري سنڌي ادبي سنگت شاخ موهن جو دڙي جي گڏجاڻين ۾ ڪو ڪچي ڦڪي تخليق کڻي اچڻ جو ساهس نه ڀائيندو هو. هونئن به هدايت جي طبيعت کي، ڪنهن هيٺ مٿي ڦرندڙ چيڪلي جيان لاها چاڙها ها. ڪڏهن ته شيخ النفزاوي جو ڪتاب ”باغ العطر“ لڳو پيو هوندو هو، ڏسي لڳندو هو ته کيس پيدا ڪرڻ واري، پيدا ڪرڻ کان اڳ عشق جي اکري ۾ وجھي محبت جي مهري سان ڪٽڪو ڏنو آهي. لطيف جا جمالياتي بيت پڙهندي کين جنسي معنائون پهرائيندو. هونئن به چوڻ واري جو پنهنجو خيال، سمجھڻ واري جي پنهنجي سمجهه ۽ سوچ. آفاقي شاعر جي تخليق ۾ته معنائن ۽ مطلبن جا دريا وهن ٿا،خاص ڪري هيٺين بيت ته مجازي معنائن ۾ پيش ڪندي حيرت ۾ وجھندو هو.
تان جي ٿين سامهان، پٺيرا سونهن
سنئون ورائي سپرين، منهن جي مانڏي ڪن
ته رڳون سڀ رچن، تن ۾ تازائي ٿئي
…
هلو هلو ڪاڪ تڙين جتي نينهن اڇل
نه ڪا جھل نه پل، سڀڪو پسي پرين کي.
۽ ڪڏهن ته اسپيني ڍڳي وانگر چيڙاڪ، پڇ ڪنڊي تي. ڀل خاني خان هجي شاهه شاهوڪاري چئي ڏيندس. جيڪو دل ۾ سو زبان تي. مڙندو مولا بخش ڪلهوڙي مان به نه، جيڪو فيملي ڊاڪٽر سان گڏ سندس يارِ غار به هو.
حقيقت ۾ ته هدايت منگي جي طبيعت جي بي چيني ۽ اضطراب، سندس ان حياتيءَ جا عڪس آهن، جيڪا حياتي هن ٻلهڙيجي کان وٺي بگي ڳوٺ تائين، بگي کان ڪراچي تائين ڏاڍي ڪٺن، محنت ۽ مقابلي ۾ گذاري. انهيءَ دؤران بي يقيني واري ڪيفيت کيس ايترو ڌونڌاڙيو جو ٻيو ڪو هجي ها ته ڪڏهن جو پيالو ڪري وڃي ها. هدايت جي مڙسي اها هئي ته هن زندگي جي حقيقتن کي منهن ڏنو. ڪنهن گھڙي به فرار جي راهه اختيار نه ڪئي.
صحافت جو ميدان ڏاڍو خارزار آهي، ان مان صحيح سلامت گذري وڃڻ ڏاڍو اوکو آهي. هن پيشي جون عجيب تقاضائون آهن. پبلڪ کي هر ڏينهن تي ٿيندڙ واقعن جي باري ۾ صحيح اطلاع فراهم ڪرڻ، ماڻهن جي مفادن جي چوڪسي ڪرڻ، ڪنهن خاص مسئلي جي نشاندهي ڪرڻ ۽ ان کي حل ڪرائڻ لاءِ واسطيدار ڌرين جو ڌيان ڇڪائڻ. ماڻهن کي کري کوٽي جي شناسائي ڏيڻ، انساني اعليٰ قدرن جي آبياري ڪرڻ وغيره.
پر ٻي قسم جي به صحافت آهي، غلط خبرون ڏئي ماڻهو منجھائڻ، پبلڪ جي مفادن جو سودو ڪرڻ، کري کي کوٽو ۽ کوٽي کي کرو ڪرڻ، ماڻهوءَ جي ماڻهپي کي تڇ سمجھڻ، منفي روين کي اڀارڻ، سماج ۾ هيجان ۽ انتشار کي برپا ڪرڻ، اهڙي قسم جي صحافت کي عرف عام زرد صحافت سڏبو آهي.
ان ڪري هڪڙا صحافي اهي آهن، جيڪي حقيقي صحافت کي هٿي ڏيارڻ لاءِ ڪوشان ۽ هڪڙا اهي جيڪي حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ جا خواهان.
هدايت منگي هڪ دفعو ڪنهن لوڪل اخبار جي مهورت تي ڳالهائيندي جڏهن صحافت جي حالتِ زار جي تصوير ڪشي ڪندي چيو هو ته” صحافت ڄڻ ڪنهن چڪلي جي رنڊيءَ جيان ٿيندي ٿي وڃي ۽ صحافي دلال. جيڪو ٿو گھر کان رسي، سو صحافي ٿو ٿئي، سنڌ جي هر شهر ۾ ڄڻ ڪتي ويائي پئي آهي.“ اهي ئي صحافي ڪاوڙيا هيا، جن کي ان آئيني ۾ پنهنجي تصوير نظر آئي هئي. جڏهن ته سنجيده صحافين سندس جرئت کي ساراهيو، ته ”جيڪو اسان چوڻ جي جرئت نه ڪري سگھياسي، ان جو برملا اظهار هدايت منگي ڪري ڏيکاريو.“
ڇا اهو سنڌي صحافت جو الميو نه آهي ته اخبار هجي نه هجي ته به صحافي آهي؟ ڪجهه لکي نه لکي ته به صحافي آهي؟ ڇا اهو سچ نه آهي ته سنڌ ۾ اهڙا ڪيترائي صحافي آهن، جيڪي ٻين جي لکيل رپورٽن ۽ڪالمن جي سهاري زنده آهن، جن کي ”فوٽو ڪاپي صحافي“ سڏيو وڃي ٿو؟
ڇا اها حقيقت نه آهي ته ڪيترن صحافين کي مختلف موضوعن جي بنيادي اصطلاحن جي خبر نه هجڻ ڪري، سندن رپورٽون غلط ۽ مذحقه خيز هونديون آهن. جن کي پڙهڻ کان پوءِ صحت کاتي، آثارِ قديمه، چيمبر آف ڪامرس، اسپورٽس، ثقافت ۽ روينيو وارا منهن مٿو پٽيندا آهن. ان حوالي سان ڇنڊ ڇاڻ ٿئي ته پاڻهي خبر پئجي ويندي ته ڪيترا صحافي، صحافت جو ڀرم آهن ۽ ڪيترا نام نهاد آهن. وري جيڪڏهن صحافتي ايمانداريءَ جو تجزيو ٿئي ته اهو به اندازو ٿي ويندو ته ڪيترا آهن، جيڪي سون تي سيڻ ناهن مٽائيندا، يا جيڪي لفافي جي سهاري تي صحافت ناهن ڪندا.
لاشڪ ته هدايت منگي صحافت جو ڀرم به هو ته شرم به هو، هن جرنلزم جي حوالي سان هر موضوع تي رپورٽنگ ڪئي. سندس مشهور ڪالم”ڳالهيون ڪرڻ جهڙيون“ 1999ع روزانه ”سچ“ ۾ ”لاڙڪاڻه ڊائري“ عوامي آواز 1993ع ۾، سندس مشهور ترجمو، شهري رٿابندي کاتي طرف کان پيش ٿيلOut line development plan of larkana لاڙڪاڻي جي رٿابندي ۽ ترقياتي خاڪو، هلال پاڪستان 1990ع ۾، ”تباهي ڏانهن وٺي ويندڙ فطرت“ مائيڪل جانسن ۽ رچرڊ هيوگز جو انٽرويو عوامي آواز 1993ع ۾. هلال پاڪستان ۾ سندس نيوز ليٽر، ان کان سواءِ اخبارِ جهان ۾ سندس اردو ۾ ڇپيل مضمون ۽ Sindh tribune ۾ ڇپيل انگريزي مواد آهي. جيڪو سندس هڪ بهترين صحافي جي حوالي سان سند آهي.
اخبار هلال پاڪستان مان 1992ع ۾ رٽائرمينٽ ورتائين ته عوامي آواز ۾ بيورو چيف ٿي ڪم ڪيائين. 1994ع ۾ اخبارِ جهان جو ڊسپيچ رائٽر ٿيو. 1995ع ۾ ڊيلي سنڌ ٽريبون جو نمائندو ٿيو. انهيءَ سال ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي سان واڳيل رهيو. هٿ هٿ تي رکي ويهڻ کيس ڀانءِ نه پوندو هو. جيتوڻيڪ 1988ع کان وٺي دل جو مريض هو، پر ذهني طور تي هميشه چاڪ ۽ چوبند رهيو. 1994ع ۾ ڊاڪٽرن سول اسپتال لاڙڪاڻي جي ڪارڊيالوجي وارڊ ۾ داخل ڪيس. سنگت مان ڪنهن گھڻ گھري صلاح ڏنس ته اخبار ۾ سندس سرڪاري خرچ تي پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ جو پرزور مطالبو رکيو وڃي. مورڳو همراهه ڪارڊيولاجي وارڊ مان اهو چئي ٽپڙ کڻي نڪتو ته، ”زندگيءَ مان اڃان ايڏو مايوس ناهيان ٿيو، جو مرڻ کان اڳ ماتم شروع ڪرايان.“
هدايت منگي صحافت جي حوالي سان APNS پاران 1991_92ع ۾ بهترين علاقائي زبان جي رپورٽر جو ايوارڊ ۽ ”سر شاهنواز ڀٽو ايوارڊ“ حاصل ڪيو. ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي طرفان بهترين انٽرويوئر جو ايوارڊ پڻ حاصل ڪيائين. هدايت منگي نه صرف صحافت جي ميدان ۾ پاڻ موکيو پر ادب جي حوالي سان به پاڻ مڃايو. جيتوڻيڪ هن ٿورو لکيو مگر سٺو لکيو. سندس مختصر ڪهاڻي ”نقشو“ سندس لکڻ جي پختگي کي واضح ڪري ٿي. شاعري ۾ خاص ڪري سندس آزاد نظم گھاڙيٽي ۽ خيال جي حوالي سان پختا ۽ گهرا آهن. هن پنهنجي آخري خواهش هڪ آزاد نظم ” سانوڻ جي موج“ ۾ هيئن ڏيکاري آهي:
سانوڻي جي موج هن ڀيري ته ڏس
دل چوي ٿي
مائٽن کي چئي ڇڏيان
مئي پڄاڻان
سانوڻيون ٿينديون پيون ۽
موج ڀي ايندي پئي
مان نه ڏسندس...!
ان ڪري،
مون کي ڪنڌيءَ تي پورجو.
22 ڊسمبر 1999ع رات جو ساڍي ڏهين وڳي اوچتو سور جي سٽ کيس لوڏي ڇڏيو. سندس صالح پٽن عزيز منگي ۽ عبدالحفيظ ڪوشش ڪئي پر تقدير آڏو تدبير ڪم نه آئي.
سندس مڙهه وصيعت مطابق پير حمل قبرستان ڳوٺ بگي، تعلقو ڏوڪري بڻيو. جتي سانوڻيون ٿينديون پيون، مؤج به ايندي پئي. ۽ انهن سان سندس روح رهاڻ به ٿيندي پئي.
**