تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ بچايوکنڊ بچايو

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (243) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي اهم ڪتاب ”سنڌ بچايو، کنڊ بچايو “ نامياري ليکڪ، مفڪر، ڏاهي، سنڌ جي محسن ۽ سنڌ جي صديءَ جي صدا سائين محمد ابراهيم جويو صاحب جو لکيل آهي. ياد رهي ته جويو صاحب 1946ع ۾ هيءُ ڪتاب ”سنڌ بچايو کنڊ بچايو“ انگريزيءَ ٻوليءَ ۾ لکيو هو Save Sindh Save the Continentجڏهن گڏيل هندستان جي هندو مسلم مسئلي جي حل لاءِ، ننڍي کنڊ کي، فرقيواريت جي بنياد تي، هندن توڻي مسلمانن جي مٿئين طبقي جي مرضيءَ ۽ انهن جي مخصوص مفادن کي اڳيان رکندي، ورهايو پئي ويو.
Title Cover of book سنڌ بچايوکنڊ بچايو

ڪتاب بابت محسن جويي جو تبصرو

جن مهربانن ڊِي برائون (Dee Brown) جو ڪتاب “Bury my Heart at wounded knee” پڙهيو آهي، سي ڀليءَ ڀت ڄاڻين ٿا ته ڪتاب جي سرورق تي گهوڙي تي سوار ڪنهن هارايل سپاهيءَ کي ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو ڀڳل مَن سان ڪنهن اَڄاتل منزل طرف ڍُرڪندو وڃي پيو. اهو ڪتاب 1860ع کان 1890ع وارن ٽن ڏهاڪن دوران اولهه آمريڪا ۾ وسندڙ قديم ڳاڙهن هندستانين سان ٿيل ويڌن، گورن پاران ڌرتي ڌڻين کي پنهنجيءَ ڀونءِ تان ڪنهن بي پاڙي ول وانگر پٽي، ڪڍي اڇلائي ڇڏڻ جو هڪ دلسوز داستان آهي. الائي ته ڇو مون کي اُن سرورق واري تصوير ۾ سنڌ ۽ سنڌي قوم جو اولڙو نظر اچي ٿو. ڳاڙهن هندستانين سان اسان جي ڪهڙي نسبت آهي، تنهن جو ڪو گهڻو ادراڪ مون کي ڪونهي، پر ايترو سو ضرور آهي ته اسان جي قومي وجود جي ڪنهن گوشي ۾ تحت الشعور ۾ انهن جو پڙاڏو موجود رهي ٿو ۽ جڏهن به اسان کي پنهنجي قومي وجود ڪنهن اڻڄاتل ڊپ ۾ وڪوڙيل محسوس ٿئي ٿو، ته الائي ته ڇو، لاشعوري طور ئي سهي، اسان کي ڳاڙهن هندستانين سان ٿيل دُرگت ياد اچيو وڃي ٿي.
سائين محمد ابراهيم جويي پنهنجي ٻالجتيءَ واري ٽهيءَ ۾ هڪ مضمون ”پڃري ۾ بند پکي“ لکيو هو.اُن مضمون بابت سائين جويو صاحب جن پاڻ ٻڌائين ٿا ته ”اهو مضمون مون ٻئي ڪنهن جي پڙهڻ لاءِ ڪونه لکيو هو. مون پنهنجي لاءِ لکيو هو، ۽ پاڻ اهو پڙهندو هوس ۽ ويٺو جهڄندو هوس. اُهو مضمون مون ڇو لکيو؟ ڇاڪاڻ ته اُن وقت جنهن کي مون پياري ۾ پياري شيءِ سمجهيو ٿي، سا قيد ۾ هئي- بلڪ آءٌ پاڻ به اُن لاءِ قيد ۾ هوس. اسين ٻئي هڪٻئي کي ڏسڻ لاءِ پيا سڪندا هئاسين. بيوسي، ايتري هئي جو پنهنجي پنهنجي ”بند“ مان هڪ وک به ٻاهر نٿي کڻي سگهياسون. ان مضمون ۾ ٻاراڻي ڳالهه جا مون ڏيکاري هئي سا اِها هئي ته پڃري ۾ بند پکي بيوس ۽ هيڻو، ٻاهر اچڻ لاءِ پڃري جي تيلن کي چهنبون هڻي هڻي رتجي پوي ٿو، ۽ آخر تائين انهن تي ائين چهنبون هڻندي هڻندي، هو پنهنجي جان ڏيئي ٿو ڇڏي....“
سائين جويو صاحب ٻڌائي ٿو ته هُن اُهو مضمون پنهنجيءَ والده لاءِ لکيو هو. پر، الائي ته ڇو مون کي پنهنجي جيجل ڌرتيءَ، سنڌ جي حالت ۽ ڪيفيت اُن ”پڃري ۾ بند پکيءَ“ سان مشابهه لڳي ٿي. ٿي سگهي ٿو ته انهيءَ معاملي ۾ آءٌ شايد مَت مُوڙهيو يا اياڻو هجان جو هر لقاءَ کي پنهنجي من پسند، خوش دل تشبيهه ۽ معنيٰ ڏيڻ شروع ڪريان ٿو. منهنجي مَن تي اياز جو هيءُ شعر تري آيو آهي.
”سنڌ به تنهنجي اهڙي جيجل، جهڙي جيجل آنءُ،
جي تون پنهنجي ڀُونءِ چمندين، هُرندءِ مون لاءِ هانءُ.
(اياز)
سن 1947ع ننڍي کنڊ ۾ آزاديءَ جي نويد کڻي آيو. هن ئي سال اسان انگريز سامراج کان آزاديءَ جو انعام حاصل ڪيو. ننڍو کنڊ ورهائجي ٻه ملڪ بڻجي ويا، هڪ هندستان ۽ ٻيو نيئن مسلم اڪثريتي رياست – پاڪستان. سنڌ اُن ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ ائين سنڌ پاڪستان جوهڪ صوبو بڻجي ويو.
انهيءَ ئي سال، يعني 1947ع ۾ جين پال سارتر پنهنجي جڳ مشهور تصنيف ”وجوديت ئي انسانيت آهي“ (Existentialism is Humanism) ۾ ٿلهي ليکي اِن نتيجي تي پهتو ته ” انسان تي سزا ٻڌل آهي ته هو آزاد رهي.“ “Man is Condemned to be free”
هوڏانهن رُوسو اڳ ۾ ئي اِها ڳالهه وڏي واڪي چئي چڪو هو ته ”آزاديءَ تان هٿ کڻڻ، انسانيت تان هٿ کڻڻ برابر آهي.“ روسو جي اِن ڳالهه کي سموري دنيا جي آزادي پسندن بنهه گهڻي موٽ ڏني ۽ آزاد ۽ روشن خيال دنيا رُوسو جي اِن قول سان ڄڻ ته پِرڻ ڪري ورتو آهي. روسو جي انهيءَ ڳالهه کي اسان جي انقلابي شاعرشيخ اياز ڪهڙي نه سلوڻي انداز ۾ شعر جو جامو پهرايو آهي.
”آزادي ۽ انسان“، ڳالهه مڙيوئي هيڪڙي،
جي تو غرض غلامَ، هئه هئه تون حيوانُ!“
(اياز)
محترم جويو صاحب پنهنجي هن زير تبصره ڪتاب سنڌ بچايو‑ کنڊ بچايو....... ۾ اهڙي ئي ڪنهن فڪر ۽ عمل جي وڪالت ڪندي نظر اچي ٿو. هُو صاحب انساني سڀيتا کي جنم ڏيندڙ هِن ڀُوميءَ سنڌ ڌرتيءَ، کي جاگيردارن، سرمائيدارن، استحصال ڪندڙن ۽ تفرقي باز عناصرن کان بچائڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، بلڪ هِن سڄي ايشيا کنڊ کي اِنهن هَچائُن کان بچائڻ گهُري ٿو، جيئن ڪتاب جي نالي مان ئي ظاهر ٿئي ٿو. هُو صاحب سنڌ کي آزاد ۽ خودمختيار رياست ۽ سنڌي قوم کي آزاديءَ، خودمختياريءَ ۽ آجپي واري پنهنجي ڄائي ڄم جي حق ڏيارڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. هي تاريخي دستاويز 1946ع، سنڌ مدرسي جي هڪ ڪمري واري ڪوارٽر ۾ هِن نوجواني ۾ لکيو. هي اُهو دؤر هو جڏهن سڄي گڏيل هندستان تي فرقيواريت جا ندورا ڪڪر ڇانئيل هئا ۽ مڪمل طرح فرقيواريت هندستان ۾ جڙکوڙيو بيٺل هئي.ٽنهي مُک ڌرين- ڪانگريس، مسلم ليگ ۽ انگريزن ورهاڱي تي مڪمل اتفاق ڪري ورتو هو، اهڙي وقت، سائين اهو اڪيلو سياسي ذهن ۽ ڏاهو هو، جيڪو انهيءَ رٿا سان مڪمل اختلاف رکندي، پنهنجي هن تاريخي سياسي دستاويزن سميت سامهون آيو. سائين محمد ابراهيم جويي انهي سموري رٿا کي بيڪار، خطرناڪ ۽ هندوستان ۾ رهندڙ تاريخي تشخص رکندڙ قومن جي مستقل غلامي جو پيش خيمو قرار ڏنو. سائين جي مطابق هندوستان جي سياسي مسئلي جو حل فرقيوارائڻ بنيادن تي نه پر گڏيل هندوستان ۾ رهندڙ قومن جي تاريخي تشخص کي انهيءَ حيثيت ۾ بحال ڪرڻ ۾ آهي جنهن حيثيت ۾ انگريزن انهن تاريخي قومن کي فتح ڪري پنهنجي شهنشاهت ۾ شامل ڪيو.

هيءَ لکڻي هڪ مهان ڏاهي جي گڏيل هندستان جي ورهاڱي تي پنهنجي وزندار راءِ آهي، ته انهيءَ سان سنڌ جي پاڪستان ۾ شموليت جي فيصلي مهل، سندس من ۾ اڀرندڙ ڪيترن ئي خدشن ۽ انديشن جو آئينو به آهي، اهي خدشا ۽ انديشا، عقلي اڳڪٿين جي صورت ۾ گهڻو وقت نه رهيا، پر، هوريان هوريان حقيقتن جي روپ ۾ سامهون آيا ۽ سنڌ جي حصي پتي ۾ اهي سوايا سور آيا، جن کان جويي صاحب سنڌ جي ڪرتن ڌرن ۽ عوام کي واقفيت ڏني هئي. 68 سال اڳ لڳ ڀڳ مُني صدي لکيل هي تاريخي دستاويز اهڙو سونهون آهي جيڪو انهي سموري خيال کي عمل جي صورت ۾ آڻڻ لاءِ ڪنهن منزل تائين ضرور رسائيندو. هيءٌ ڪتاب سائين محمد ابراهيم جويي صاحب جي دورانديشي ۽ بلند پايه دانش جو چٽو مظهر آهي جنهن ۾ سندس ڏاهپ ۽ فڪري سوچ بلندين تي پهتل نظر اچي ٿي. هن ڪتاب ۾ سائين سماج، سياست ۽ معيشت جهڙن موضوعن جو گهڻيءَ محنت ۽ باريڪ بينيءَ سان هڪ سچي، سَرَلُ ۽ صاف گو نقاد وانگر تجزيو ڪندي ڏاڍيءَ بردباريءَ سان جاگيردارن، سرمائيدارن ۽ سندن تفرقي بازين کي کولي پڌرو ڪيو آهي ۽ آزاد ۽ سڀني لاءِ آزاديءَ ۽ برابريءَ جي بنياد تي ٻڌل سماج جي چؤطرفين ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽن جي نشاندهي ڪئي آهي ۽ فڪر ۽ عمل جا اُهي رخ به ڏسيا آهن جن جا بنياد خالص حب الوطني ۽ ماڻهپي ۽ انسان دوستيءَ تي ٻڌل آهن. هيءُ اُهو ڪتاب آهي جنهن جي لکڻ تان ڪاوڙجي سنڌ مدرسي جي تڏهوڪي صدر، پير الاهي بخش، کيس نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو هو.
هيءُ ڪتاب سنڌ جي ويجهي ماضيءَ جي هڪ مُستند تاريخ آهي ,جيڪا هر باشعور سنڌيءَ کي ضرور به ضرور پڙهڻ گهرجي. سنڌ اڄ به تاريخ جي هڪ بِنهه نازڪ ۽ غير يقينيءَ واري دَور مان گذري رهي آهي. سنڌ ديس ۽ سنڌي قوم جي بقاءَ وارو سوال ورهاڱي کان اڳ واري دور وانگر اڄ به اوتري ئي شدت سان بحث هيٺ آهي. ساڳيءَ طرح، پاڪستان جي حدن ۾ رهندي اسان ڇا وڃايو، ڇا حاص ڪيو، اسان جي اُن وقت جي اڳواڻن جو اهو فيصلو درست هو يا اُن تي اڌ صديءَ جي تجربي جي روشنيءَ ۾ نئين سر نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي- اِهي سڀئي سوال اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر اسان سڀني کان هڪ سنجيده توجه جي تقاضا ڪري رهيا آهن.
هيءٌ ڪتاب سنڌ جو ڪيس وڙهندڙ سياسي ڌرين، محب وطن ۽ سياسي ڪارڪنن، وڪيلن،انشورن، ساڃاهه وند ڌرين، تاريخ سان دلچسپي رکندڙن، سنڌ جي تاريخ تي تحقيق ڪندڙ ريسرچ اسڪالرن، عملي ۽ ادبي حلقن، سنڌ سان محبت رکندڙ عام ماڻهن مطلب ته زندگيءَ جي هر مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ سنڌي ماڻهن جي پڙهڻ، غور ڪرڻ ۽ سنڌ جي مسئلن تي نئين سر سوچ ويچار ڪرڻ وٽان ۽ هينئين سان هنڍائڻ ۽ سيني ۾ سانڍڻ جهڙو آهي.
هن ڪتاب جي اهميت جهڙي ڪالهه هئي تهڙي اڄ به آهي ڇو ته سنڌ ۽ سنڌي قوم جي آزاد ۽ خودمختيار وجود جي تسليميءَ متعلق جيڪي سوال سائين جويي صاحب اڌ صدي اڳ هن ڪتاب ۾ اُٿاريا هئا سي ڪلهه وانگر اڄ به پنهنجيءَ جاءِ تي موجود آهن ۽ حل طلب آهن. بلڪ اڄ جي دور ۾ اُهي اڃا ئي وڌيڪ شدت سان محسوس ڪيا پيا وڃن. پاڪستان سان سنڌ جي الحاق جو اڌ صديءَ کان به وڌيڪ عرصي جو تجربو اسان آڏو آهي. انهيءَ عرصي دوران اسان ڇا حصل ڪيو ۽ ڇا وڃايوسين، آيا اسانجو اِهو فيصلو درست هو يا اسان کان ڪٿي ڪي غلطيون سرزد ٿيون، ڇا اڌ صديءَ جو هيءُ تجربو صحيح سمت جي سڃاڻڻ ۽ کنيل غلط قدمن تي نظرثاني ڪرڻ لاءِ ڪافي ناهن؟؟؟! اهڙا ڪيئي ننڍا وڏا سوال اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر ساڃاهه وند ماڻهن، سنڌ جو درد رکندڙ باشعور ۽ باضمير ماڻهن جي ذهنن کي ڌنڌوڙي، سندن ضمير بيدار ڪري سگهن ٿا. اهڙين حالتن ۾ هن ڪتاب جي ترجمي جو پڌرو ٿيڻ سچ پچ ته هڪ وقتائتو ۽ صحيح ڏِس ۾ ساراهه جوڳو قدم آهي.هيءُ ڪتاب ترجمي جي صورت ۾ روشني پبليڪيشن ڇپائيءَ ڪامياب بنايو .
اياز جون هيءُ سٽون شايد جويي صاحب جي اندر جو آواز ۽ سندس اُڌمن جو ترجمان آهن:
”او شال! عقابن سان اٽڪان، مان واهر ٿي واهيرن جي!“

محسن جويو