تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ بچايوکنڊ بچايو

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (243) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي اهم ڪتاب ”سنڌ بچايو، کنڊ بچايو “ نامياري ليکڪ، مفڪر، ڏاهي، سنڌ جي محسن ۽ سنڌ جي صديءَ جي صدا سائين محمد ابراهيم جويو صاحب جو لکيل آهي. ياد رهي ته جويو صاحب 1946ع ۾ هيءُ ڪتاب ”سنڌ بچايو کنڊ بچايو“ انگريزيءَ ٻوليءَ ۾ لکيو هو Save Sindh Save the Continentجڏهن گڏيل هندستان جي هندو مسلم مسئلي جي حل لاءِ، ننڍي کنڊ کي، فرقيواريت جي بنياد تي، هندن توڻي مسلمانن جي مٿئين طبقي جي مرضيءَ ۽ انهن جي مخصوص مفادن کي اڳيان رکندي، ورهايو پئي ويو.
Title Cover of book سنڌ بچايوکنڊ بچايو

سنڌ بچايو – کنڊ بچايو

هر قوم جي حياتيءَ ۾، سدائين هڪ اهڙو وقت ايندو آهي، جڏهن هڪ قوم جي حيثيت ۾، ان جي پرگهور، قومي وجود جي حفاظت ۽ ان کي برقرار رکڻ وارو سوال اُڀري نروار ٿيندو آهي، جنهن لاءِ جيئڻ به جس سمجهجي ۽ مرڻ به، اهو سوال سنڌي قوم لاءِ، هر امڪاني صورت ۾، وقت کان اڳ اچي رسيو آهي.
اسان جي انهيءَ سچ سان ڪوبه اختلاف رکڻ ۽ ان تي اعتراض وارڻ جي جرئت نٿو ڪري سگهي ته اسين سنڌي هڪ امتيازي قوم آهيون. اسين الڳ سڀاءَ سان زندگي گذاريون ٿا. اسين زندگيءَ جي هڪ لڳاتار عمل جا ڌڻي آهيون. اسان جي ٻولي الڳ آهي، اسان جون ريتون، اسان جا رواج، طور طريقا، ذوقَ، پائڻُ ۽ اسلوبَ الڳ آهن. اسان جا نالا نيارا آهن، روزاني زندگيءَ سان لاڳاپيل شيون نياريون آهن، ۽ اسان جي زندگيءَ جو رنگ ڍنگ اسان جي انوکي بيهڪ جو ساکي آهي، جنهن جي ڇانوَ ۾ اسين صدين جون صديون جنم وٺندا ۽ جيئندا رهيا آهيون.
جاگرافيائي لحاظ کان، سنڌ جون سرحدون چٽيون ۽ نمايان آهن، ان کي پنهنجيون الڳ آبهوائي حالتون ماڻيل آهن، انوکي زميني بيهڪ ۽ فضا آهي، ان کي پنهنجا منفرد پکي آهن، وڻ ٽڻ، ٻوٽا آهن، جن سبب سنڌ، هن وسيع کنڊ، جنهن کي سهنجائيءَ خاطر ڀارت يا هندستان سڏيو ويو آهي، ۾ پنهنجي اڪيلي سر يڪتا حيثيت والاري ٿي. لک ٿورا اسان جي شهه-رڳ ”سنڌو“ جا، جنهن مان اسان جي ماتر ڀوميءَ کي سندس اتهاسڪ نانءُ مليو، اهو ايئن اسان جي سنڌ سميت پاڙيسري پرڳڻن پنجاب ۽ ڪشمير ۾ موجود آهي، جيئن يورپ ۾ رومانيا جو ڊئنيوب درياههُ، جيڪو سنڌوءَ وانگي يورپ جي پنجن آزاد ۽ خودمختيار وطنن، جيڪي هڪٻئي کان فاصلي تي آهن، کي سيراب ڪري ٿو، سڀني کي پنهنجي پنهنجي آزاد ۽ خودمختيار حيثيت ماڻيل آهي، منجهائن ڪوبه وطن، انهيءَ حيثيت جي بچاءُ لاءِ ۽ ان کي برقرار رکڻ لاءِ حياتي ۽ موت جي جتن ڪرڻ کان سواءِ پوئتي نه هٽندو.
اسين پنهنجو هڪ نج پج اتهاس رکون ٿا، اهو اوترو ئي شاندار ۽ اوترو ئي اتساهيندڙ آهي، جيترو دنيا ۾ ٻيءَ ڪنهن قوم لاءِ سندس اتهاس ٿي سگهي ٿو. انهيءَ اتهاس جي صدا کي هٿ چراند وسيلي، ڪير ڀلي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، پر اسان لاءِ وقت جي هن گهڙيءَ ۾، اُها صدا بنهه اُوچي ۽ چٽي نموني شاهدي ڏيئي رهي آهي ته سنڌ اڻ ڳڻيل يگن کان، دنيا جي نقشي تي هڪ بنهه جداگاڻي ۽ خاص اهميت سان موجود رهي آهي. ان سان گڏ اها به حقيقت آهي ته سنڌي قوم، پنهنجن معاملن کي نبيرڻ ۽ پنهنجين حڪومتن هلائڻ جو حقُ، سدائينءَ کان وٺي، نه رڳو پاڻ وٽ محفوظ رکيو آهي، پر بنهه گهڻي خبرداريءَ ۽ ذميواريءَ سان، انهيءَ پوتر حق جي هر قيمت تي حفاظت به ڪئي آهي. انهيءَ ڏس ۾ سنڌ ڪنهن ٻئي کان سهڪار يا سهارو نه گهريو آهي.
اسان انهيءَ حق جو استعمال، هر دور ۾، ڪنهن به جهل پل کان سواءِ پئي ڪيو آهي، پوءِ حڪمرانيءَ جو طريقو چڱو هو لڱو، پر اسان جا ماڻهو، پنهنجيءَ سمجهه آهر، اهڙو وهنوار هلائيندا پئي آيا آهن.
ايئن به آهي ته ماضيءَ ۾ ڪجهه وقت لاءِ اسان پنهنجو حق حاڪميت وڃايو هوندو ۽ ڌاريون زبردست قوتون اسان مٿان قابض ٿيون هونديون. اتهاس ۾ قومن سان اهڙا حادثا ٿيندا رهيا آهن، جڏهن سندن علائقن کي فتح ڪري، ڪنهن ڌاري سلطنت سان ملايو ويو هجي. دنيا جي هر ڪا قوم اهڙن حادثن مان گذري آهي، پر ڪنهن قوم يا وطن تي قبضي کي اهڙي دليل طور استعمال ڪڏهن به نه ڪيو ويو آهي ته ان جو اڳي ڪوبه وجود نه هو ۽ ايئن چئي سندن آزادي ۽ خودمختياريءَ وارن حقن کان مستقل بنيادن تي، قطعي طرح انڪار ڪيو وڃي.
ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته برطانوي شهنشاهت، پنهنجن مقصدن ۽ مفادن خاطر، ننڍي کنڊ جي سڀني ملڪن کي ملائي، وحداني صورت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، اها وحدت اڄڪلهه هندستان يا انڊيا جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي. پهرين ڳالهه هيءَ آهي ته جيڪا ڌرتي اڳيئي وحدت جي شڪل ۾ موجود هجي، تنهن کي ٻين ملڪن سان ملائي، ٿوري عرصي لاءِ هٿرادو انتظام وسيلي ڪنهن نئين وحدت جو روپ ڏجي به کڻي، تڏهن به، وطنن ۾ موجود فطري فرق ۽ انيڪتا يا گوناگونيت کي تبديل نٿو ڪري سگهجي. اها هڪ زبردستي ٿيندي. ساڳئي نموني برما کي پڻ برطانوي شهنشاهت پنهنجي ’عظيم وحدت‘ ۾ زوريءَ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر پنهنجي انهيءَ مقصد ۾، سالن تائين ڪوشش ڪرڻ کان پوءِ به ناڪام ٿي. برمي عوام اهڙي غيرفطري ۽ غيرعقلي الحاق کي ٽوڙڻ جي گهر ڪئي ۽ اهي پنهنجي آزاد حيثيت بحال ڪرڻ ۾ سوڀارا ٿيا.
جڏهن ڪنهن اسڪولي ٻار کي هندستان جي نقشي چٽڻ لاءِ چئبو ته اهو مٿئين پاسي اڀريل علائقي طور برما ۽ هيٺئين پاسي ماءُ جي هنج ۾ ستل ٻار جهڙي ٽٻڪي طور سيلون کي بيهاريندو. اسان جو قومي وجود به اڳ ئي واضح رهيو آهي. هندستان جي وحدت ۾، پنهنجن مفادن خاطر دلچسپي رکندڙ انگريز، سنڌ ۽ ان جهڙين ٻين قومن جي وجود کي هندستاني قومپرستن اڳيان تڇ حيثيت ۾، پيش ڪندا آيا آهن. حقيقت ۾، انگريز راڄ ۾ قومن جا اهي ننڍا وڏا وجود الڳ الڳ وطن آهن ۽ ٿوري گهڻي فرق سان انهن جو رتبو به اهو ئي آهي، جيڪو پاڻ هندستان جو آهي. دنيا جي ڪابه طاقت، انهن کي آزادي ۽ خوداختياريءَ وارن پنهنجن حقن تي دعوا ۽ انهن حقن کي ماڻڻ کان ڪڏهن به نه روڪيو هو ۽ نه ئي هاڻي روڪي سگهي ٿي.
هتي هيءَ ڳالهه به ياد رکڻ کپي ته ساڳيءَ برطانوي شهنشاهت، افغانستان کي به فتح ڪرڻ گهريو ٿي، ۽ ان لاءِ هن جتن به ڪيا. اهڙيءَ مهم جوئيءَ لاءِ وٽن ڪي هٿ ٺوڪيا ۽ هوڏ ڀريا سبب به هئا، ۽ انهيءَ سلسلي ۾ هن جيڪي به رٿابنديون ڪيون، تن ۾ اها ڪامياب به ٿي سگهي پئي. انهيءَ دور ۾ مختلف ملڪن کي ملائي، هڪ وحدانيت ۾ آڻڻ جو مٿن جنون سوار هو. انهن افغانستان کي به برطانوي هندستان جي وحدت ۾ شامل ڪرڻ ٿي گهريو- ۽ اهو به وڏي فخر سان. ڪيتريون ئي ڪوششون ٿيون، پر اها رٿا ڪامياب نه ٿي سگهي، جو افغانستان هڪ الڳ ملڪ هو ۽ افغاني الڳ قوم هئا. افغانين انگريزن سان سخت مهاڏو اٽڪايو ۽ اهڙي مهم جوئي پهرئين مرحلي ۾ ناڪام ٿي. انگريز جيئن ئي پوئتي موٽيا ته سنڌ تي ڪاهه ڪيائون ۽ ان کي برطانوي هندستان سان ڳنڍي ڇڏيائون. افغانين وانگي سنڌي به هڪ قوم هئا ۽ سنڌ هڪ وطن هئي، پر انگريز، افغانستان جي ابتڙ، سنڌ کي برطانوي هندستان جي حصي بنائڻ ۾ سوڀارا ٿيا.
برطانوي سامراج، ننڍي کنڊ تي، پنهنجي سامراجي قبضي ڄمائڻ ۽ ان کي برقرار رکڻ لاءِ، ڪيتريون ئي، جنگيون جوٽيون. تڏهن سنڌ هندستان جو حصو نه هئي، پر اها هڪ آزاد ۽ خودمختيار وطن هئي. انهيءَ جو ثبوت هيءُ آهي ته انگريزن جي هندستان تي قابض ٿيڻ کان پوءِ به ڪيتري ئي عرصي تائين اها آزاد ۽ خودمختيار حيثيت ۾ رهي هئي. جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته انگريزن کي هندستان فتح ڪرڻ کان پوءِ، خاص نموني، ڪاهه ڪري، سنڌ کي فتح ڪرڻ جي گهرج محسوس نه ٿئي ها، ۽ پَرَ ٻاهران ئي سنڌ کي اِطاعت جو نياپو موڪليو وڃي ها.
سنڌ کي فتح ڪرڻ لاءِ انگريزن ٻه ڀرپور ويڙهون جوٽيون. سنڌ ۾ انگريز اثر ۽ اختيار جي داخل ٿيڻ ۽ ان کي پکيڙڻ جي ڪهاڻي گهڻي دلچسپ آهي. اهو 1758ع جو واقعو آهي، جڏهن ڏيڍ سئو ورهين جي ڪوششن کان پوءِ انگريزن مدراس (هاڻي چنائي) ۾ پنهنجي پهرين واپاري ڪوٺي قائم ڪري ورتي هئي، تڏهن برطانوي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ، سنڌ جي ٻن هنڌن ٺٽي پرڳڻي ۽ شاهبندر ۾ ڪوٺين قائم ڪرڻ جي اجازت لاءِ درخواست، تڏهوڪي سنڌ جي حاڪم ميان غلام شاهه ڪلهوڙي وٽ داخل ڪرائي، جيڪا منظور ڪئي ويئي. جڏهن سندس پٽ ميان سرفراز ڪلهوڙو سنڌ جو حاڪم ٿيو ته هن اهڙي اجازت رد ڪرڻ کي بهتر سمجهيو. نتيجي ۾ 1775ع ڌاري ڪمپنيءَ کي ڪوٺيون بند ڪرڻيون پيون ۽ سنڌڇڏڻي پئي.
لڳ ڀڳ پنجويهن ورهين کان پوءِ، ميرن جي صاحبيءَ جي پهرئين حڪمران مير فتح علي خان کان، ساڳيءَ ريت اجازت گهري ويئي، جيڪا ڪمپنيءَ کي ڏني ويئي، پر سندس اهڙي اجازت ستت ئي ختم ڪئي ويئي ۽ ڪمپنيءَ کي سنڌ خالي ڪرڻ جو حڪم ڏيڻ سان گڏ اهو چيو ويو ته اها اهڙو ڪم ٻئي ڪنهن هنڌ وڃي ڪري. هڪ ڀيرو ٻيهر 1809ع ۾، مير فتح خان جي جانشين مير غلام علي خان کان سنڌ ۾، هڪ نه ٻيءَ ريت ڪمپني اڳ کان وڌيڪ ڇوٽ واري اجازت نامي وٺڻ ۾ ڪامياب ويئي، ڇاڪاڻ ته يورپ جي ٻين ملڪن کي پڻ سنڌ ۾ واپار ڪرڻ ۾ دلچسپي هئي.
اڀاڳائي چئجي، جو هن ڀيري، سنڌ ۾ انگريز پوريءَ طرح ترسي پوڻ لاءِ آيا هئا. 1828ع ۾، انگريزن، ڪنهن طرح، سنڌ جي حاڪم مير مراد علي خان تائين رسائي ماڻي ورتي، ۽ کيس مراعتون ۽ سوکڙيون ڏيئي ريجهائي ورتو. هن ڀيري ڪمپنيءَ کي سنڌو درياهه ۾، آزاداڻي نموني، ٻيڙن ۽ آگبوٽن هلائڻ جي ڇوٽ ڏني ويئي، پر اهو شرط بهرحال رکيو ويو هو ته ڪمپني سنڌ ۾ ڪنهن به هنڌ تي ڪو مستقل واپاري مرڪز قائم نه ڪندي ۽ سنڌ ۾ هٿياربند ٻيڙا يا ڪي به هٿيار نه آندا ويندا.
ڏهاڪو کن ورهين کان پوءِ، ميرن ۽ پنجاب جي حاڪم رنجيت سنگهه ۾ ڪي تڪراري معاملا اڀريا ۽ ان ۾ انگريزن پنهنجي پاڻ کي ٽياڪڙيءَ ڪندڙن طور مڙهيو. انهيءَ ٽياڪڙيءَ جي موٽ ۾، ميرن جي درٻار ۾ انهن پنهنجو هڪ مستقل نمائندو مقرر ڪرايو.
ٿوري عرصي کان پوءِ، انگريزن پنهنجيون فوجون افغانستان موڪلڻ لاءِ ميرن کان راهداري گهري، پر کين اهڙي اجازت نه ملي. ردعمل ۾ انگريزن ميرن کي نه رڳو ڌمڪايو ۽ ڊيڄاريو، پر انهن جي سخت مخالفت کان پوءِ به، ڪمپنيءَ سمنڊ وسيلي فوجي جٿا بمبئيءَ کان گهرائي، منهوڙي جي ٻيٽ تي لاٿا. اهڙيءَ ريت، هوريان هوريان، غلاميءَ جون اڀاڳيون ۽ اڻايون ڪاريون گهٽائون، سنڌ جي آزاديءَ ۽ خودمختياريءَ مٿان ڇانئبيون ويون.
نيٺ سن 1843ع به آيو، ۽ سنڌ جي آزاديءَ ۽ خودمختياريءَ کي هڪ سڌي للڪار سامهون آئي. انهيءَ زوريءَ مڙهيل ويڙهه واري للڪار جو مقابلو سنڌ، هڪ صوبي طور نه، پر هڪ آزاد ۽ خودمختيار وطن طور ڪيو هو.
مٿي اسان جي اتهاس جي انهن اڻٽر حقيقتن کي بيان ڪيو ويو آهي، جن کي ڪنهن به طرح رد يا نظر انداز نٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي انهن کي بدلائي سگهجي ٿو.
برطانوي سامراج، سنڌ جي ميرن جي فوجن کي شڪست ڏني، سنڌ کي برطانيا جي هندستان راڄ جو حصو بڻايو ۽ سنڌ کي هڪ الڳ سياسي وجود طور تسليم ڪيو ويو ۽ ان سان اهڙو ورتاءُ به رکيو. کيس انگريزن هڪ الڳ انتطامي وحدت جو درجو ڏنو. اها هڪ اهڙي حقيقت آهي، جنهن کان ڪنهن به طور انڪار نٿو ڪري سگهجي.
سن 1847ع ۾، سنڌ جي آزاد ۽ خودمختيار حيثيت ختم ڪري، ان کي بمبئي پريزيڊنسيءَ سان ڳنڍڻ جهڙو ناانصافيءَ تي ٻڌل ۽ نندا جوڳو قدم کنيو ويو. ڪوبه سمجهه ڀريو ماڻهو انهيءَ مختصر پر اڀاڳي عرصي کي ، اسان کان پنهنجي آزاديءَ ۽ خودمختياريءَ وارن موروثي حقن کسڻ واري دليل طور پيش نٿو ڪري سگهي. اهڙي زور زبردستيءَ واري قدم جا اثر هن وقت به ڏسجي سگهجن ٿا. سنڌ ۾ هزارين غير سنڌي، گجراتي، بوهري، مرهٽا ۽ پارسي مستقل رهاڪن طور اچي آباد ٿيا، ۽ انهن هاڻي هتي ڌنڌي واپار ۽ ڪم ڪاروبار ۾ پير پختا ڪري ورتا آهن. ڌاريا هوندي به، اهي امن آشتي ۽ خير خوبيءَ سان رهندا اچن. انهيءَ ڌاري آباديءَ کي، مڪاني طرح، تحفظ فراهم ڪيو ويو ۽ کين مختلف سهولتون ميسر ڪري ڏنيون ويون، ان حد تائين جو ڪراچيءَ ۾ قائم ڪيل پهرئين هاءِ اسڪول اين. جي. وي ۾ گجراتي ۽ مرهٽي ٻولين جا ڪلاس سنڌيءَ سان گڏوگڏ هلي رهيا آهن.
برطانوي سامراج، ننڍي کنڊ ۾ اسان کي پڇاڙيءَ ۾ فتح ڪيو هو، تنهن ڪري انگريزن اسان کي پنهنجي وس ۾ رکڻ لاءِ ۽ اسان مٿان چارئي پهر چوڪسيءَ واسطي هڪ سختگير ڪمشنري راڄ مڙهيو. ان کان سواءِ، جاگيرداري نظام کي اڳي کان به وڌيڪ سگهاري ۽ ڀوائتي روپ ۾ اسان مٿان مڙهيو. جاگيردارن کي درياهه دليءَ سان نوازيو ويو. اسان جي ماڻهن کي ڄاڻي ٻجهي فوج ۾ ڀرتي نه ڪيو ويو، ۽ ان کان به وڏي ڳالهه هيءَ آهي ته اسان کي اهڙن پرڳڻن سان ڳنڍيو ويو، جيڪي اسان لاءِ اوپرا هئا. اهڙو بندوبست انڪري ڪيو ويو ته جيئن اسين پنهنجي قومي سڃاڻپ کان محروم ۽ پرڀرا ٿي وڃون.
مهڙئين ڏينهن کان سڌي ۽ اڻسڌي غلامي، اسان جي الڳ قومي وجود ۽ قومي انفراديت کان انڪار ۽ انهن معاملن خلاف اسان جي قوم جي حيثيت سان خودداريءَ واري ردعمل جي ڪهاڻي، مختلف مرحلن کان گذري، مرهٽن ۽ گجراتين جي علائقي- بمبئيءَ کان اسان جي آزاديءَ تائين پهتي، ۽ اهو واقعو ويجهي تاريخ جو آهي. سنڌ جي حاڪمن، ميرن کي انگريزن سڌيءَ ريت شڪست ڏني ۽ سنڌ کي فتح ڪيو. کين هندستان جي ڪنهن رياست جي حاڪم شڪست نه ڏني هئي ۽ نه ئي سنڌي قوم کي، ڪنهن حاڪم جي معزوليءَ جي نتيجي ۾ اطاعت ڪرڻ تي مجبور ٿيڻو پيو هو. مير سنڌ جا آزاد ۽ خودمختيار حاڪم هئا. اهي ڪنهن به ٻاهرئين حڪمران جا ڏنَ- ڀرُو يا ماتحت نه هئا. ساڳيءَ ريت، تاريخ جي اوائلي ڏينهن کان سنڌ جا حڪمران، سومرن، سمن، ارغونن، ترخانن ۽ ڪلهوڙن تائين، پنهنجيون پنهنجيون ملوڪيتون قائم ڪندا آيا هئا، ۽ انهن جو انتظام، آزاداڻي نموني، هلائيندا آيا هئا. انهن ڪوبه ڌاريو يا ٻاهريون دٻاءُ برداشت نه ڪيو. دارا ۽ سڪندر کان وٺي 1748ع ۾ قنڌار جي حاڪم احمد شاهه تائين، ڌاريا سنڌ مٿان ڪاهون ڪندا رهيا، پر پوري هندستان جي ڪنهن جي به جيءَ کي جُهٻو نه آيو. سنڌ جي بچاءَ لاءِ ڪوبه اڳتي نه آيو. هيءَ هڪ حقيقت آهي ته سنڌ تي حملي کي ڪڏهن به هندستان جي ڪنهن رياست تي حملو نه سمجهيو ويو هو. ان جي ابتڙ، سنڌ تي حملي کي هندستان جون رياستون اڳواٽ هوشياريءَ طور وٺنديون هيون ته مٿن به اهڙو حملو ٿي سگهي ٿو.
ايئن به آهي ته تاريخ جا لڳ ڀڳ ڏيڍ سئو ورهيه (1590ع کان 1738ع تائين) سنڌ کي، تلوار جي زور تي، مغلن جي ڏنَ ڀرُو ٿي رهڻ تي مجبور ڪيو ويو. سنڌ جي اهڙي ماتحتي مغل بادشاهه اڪبر جي زماني کان شروع ٿي، پر سنڌي قوم انهيءَ کي، ڪڏهن به، دل سان نه قبوليو هو. اڪبر جي مُربي خان خانان، بکر جي نواب، سنڌ جو بکر کان وٺي لڪيءَ تائين علائقو اڪبر جي حوالي ڪيو هو. ان کان ڪي ورهيه اڳ، سندس سهري سلطان محمود ڪيتريون ئي ويڙهون وڙهي چڪو هو. هن پڇاڙڪي ويڙهه، 1590ع ۾، انڙپور واري علائقي ۾ وڙهي، پر پنهنجي دهليءَ جي آقا کي سنڌ جي تحفي پيش ڪرڻ کان اڳ گذاري ويو. کيس ڪوبه پُٽاڻو اولاد نه هو، انڪري سندس نياڻو خان خانان هن جو جانشين مقرر ٿيو. انهيءَ سنڌ کي، زور زبردستيءَ سان، مغل شهنشاهت جي ماتحت بڻايو.
انهيءَ محڪوميءَ ۽ ماتحتيءَ خلاف سنڌي دائودپوٽن بغاوت ڪئي. دائودپوٽن شڪارپور شهر اڏايو هو. جڏهن ميان نور محمد ڪلهوڙي کين مات ڏني ته اهي سنڌ ڇڏي ويا، ۽ وڃي اتر پاسي پنهنجي سردار بهاول خان جي سربراهيءَ ۾ بهاولپور نالي شهر ٻڌائون ۽ پوءِ انهيءَکي آزاد ۽ خودمختيار رياست بڻايائون.
سن 1738ع ڌاري، ايران جي نادر شاهه، مغل بادشاهه سلطان محمد شاهه تي ڪاهه ڪئي ۽ کيس مات ڏني. نادر شاهه ڌن ۽ جان جي امان جي عيوضي طور سنڌ جو پرڳڻو سلطان محمد شاهه کان ورتو ۽ ان کي پنهنجيءَ ايراني سلطنت جو حصو بڻايو. اهڙيءَ ريت سنڌ ايرانين جي حڪمرانيءَ هيٺ رهي، پوءِ قنڌار جي حاڪمن حوالي ٿي، 1782ع تائين اهو سلسلو ايئن ئي هلندو رهيو. پوءِ ٽالپر، سپهه سالارن، مير فتح خان ۽ مير سهراب خان گڏجي، ڪلهوڙن جي آخري حاڪم ميان عبدالنبيءَ کي، ڪنڊياري ويجهو هالاڻيءَ جي ميدان ۾ فيصلائتي شڪست ڏني، ۽ سنڌ مٿان پنهنجي سڌي سنئين آزاد ۽ خودمختيار حاڪميت قائم ڪئي.
ممڪن آهي ته هيءُ واقعو، گهڻن لاءِ، هڪ انڪشاف هجي ته 1839ع ۾ جڏهن سنڌ جي حڪمرانن ميرن ۽ انگريزن وچ ۾، انگريزن جي ئي خواهش تي تيار ڪيل هڪ صلح نامي تي صحيحون ٿيون هيون ته ان ۾ هڪ شرط اهو به شامل ڪيو ويو هو ته مير ڏن جي باقي بچيل رقم قنڌار جي معزول حاڪم شاهه شجاع کي ڏيندا. انگريزن پاران رکيل اهو شرط اها ڳالهه ثابت ٿو ڪري ته ان زماني ۾ سنڌ جو هندستان جي انتظام سان ڪوبه واسطو نه هو ۽ اها قنڌار جي حاڪمن جي نالي ماتر ماتحتيءَ هيٺ هئي، ۽ سچ اهو آهي ته انهيءَ ماتحتيءَ کان به انڪاري هئي، نه ته انگريز، ميرن کي اهڙو ڏن ڀرڻ تي مجبور نه ڪن ها.
مٿئين سموري بيان مان اها حقيقت چٽي ٿئي ٿي ته سنڌ پنهنجي ڊگهي ۽ ذڪر جوڳي اتهاس ۾، هن سنسار ۾ ۽ هن ڌرتيءَ تي هڪ منفرد هستيءَ طور قائم رهندي پئي آئي آهي. سنڌي قوم، خاص طرح، هندستان جي مختلف قومن سان، ۽ پڻ، عمومي طرح، دنيا جي قومن سان واسطي ۽ تعلق ۾ رهندي پئي آئي آهي، ۽ موٽ ۾، انهن سمورين قومن به سنڌي قوم جي الڳ ۽ جداگاڻي قومي وجود کي تسليم پئي ڪيو آهي ۽ سندس هر ڪنهن سياسي، سماجي ۽ اخلاقي حق کي مڃيندي، ساڻس وهنوار ۽ ورتاءُ جاري پئي رکيو آهي.
اڄ جي هندستان ۾ اڳي ئي لڳ ڀڳ 600 کن رياستون موجود آهن، جن جي خودمختيار حيثيت ۽ آزاد هستيءَ تي ڪوبه سوال موجود نه آهي. اهي سڀ طئه ٿيل حقيقتن طور تسليم ڪيل آهن. انهن 600 رياستن کي انگريزن هندستان جي برطانوي راڄ ۾ شامل ڪرڻ تي ڪوبه زور نه ڀريو آهي، ۽ نه ئي انگريزن جي غلاميءَ ۾ پاڻ پيش ڪيو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو انهن ذلتن ڀرين شرطن کي به قبوليو آهي. انهن پنهنجين پاڙيسري قومن کي غلام بڻائڻ ۾ برطانوي سامراج جي مدد ڪئي ۽ اهڙيءَ ريت، انهن پاڻ کي گڏيل هندستان ۾ شامل ٿيڻ کان بچائي ورتو. اهڙين حالتن جي روشنيءَ ۾ اها ڳالهه گهڻي افسوس ڀري ۽ اچرج جوڳي آهي ته جن قومن ڪانئرپ جو مظاهرو ڪيو، پنهنجين پاڙيسري قومن سان غداري ڪئي، تن کي پنهنجي خودمختيار ۽ آزاد حيثيت قائم رکڻ جي اجازت ڏني ويئي، ۽ جن آزاد ۽ خودمختيار قومن، پنهنجي آزاد ۽ خودمختيار حيثيت جي بچاءَ ۾ مزاحمت ڪئي، تن کي انهيءَ نعمت کان محروم رکيو ويو ۽ اهي غلام بڻايون ويون. سندن فاتحن، نه رڳو، کانئن حق کسيا، پر کين انتطامي سهولت جي بهاني، هٿرادو قائم ڪيل راڄ جي مرڪز ۾ شامل ڪيو.
جن ماڻهن کي اتهاس جي ٿوري به سمجهه يا ان جو ادراڪ آهي، ۽ جيڪي ان جو ٿورو به احترام ڪن ٿا، سي ڪنهن به هٻڪ کان سواءِ، اها حقيقت قبول ڪندا ته جن به طئه ٿيل ۽ مڃيل ماپن ۽ معيارن تي اڄ دنيا جون قومون بيٺل آهن ۽ انهن جي بنياد تي کين آزادي ۽ خودمختياري مليل آهي، انهن ساڳين طئه ٿيل نيمن جي دعويدار سنڌ به آهي. انڪري، اها پنهنجي آزاديءَ ۽ خودمختياريءَ جو حق، پاڻ وٽ، هر طرح محفوظ رکي ٿي. عالمي انصاف ۽ عالمي اعليٰ قدرن ۽ طئه ٿيل قاعدن ۽ قانونن هيٺ، اهڙو حق سنڌ سميت دنيا جي هر آزاد ۽ خودمختيار قوم کي مليل آهي.
اهو معاملو وڏي آٿت وارو آهي ته وڏي عرصي کان پوءِ انگريزن تاريخ جي انهيءَ گهري امنگ ۽ مطالبي کي مڃتا ڏني آهي ته منفرد ۽ امتيازي حيثيت رکندڙ قومن کي آزادي ۽ خودمختياريءَ وارن پنهنجن حقن بابت، سدائينءَ لاءِ دوکي ۾ نٿو رکي سگهجي، ۽ دوکي جي بنياد تي ڪوبه مسئلو حل نه ٿو ڪري سگهجي. ڪنهن جُڙتو رٿا جي اٻهرائيءَ ۾ جوڙيل ۽ ڪنهن به سوچ ۽ سمجهه کان خالي سانچي ۾، ڪنهن امتيازي حيثيت رکندڙ قوم کي نپوڙي ۽ سوڙهو ڪري لاهڻ وسيلي، ان قوم کان، ڪجهه وقت لاءِ، سندن آزادي ۽ خودمختياري کسي سگهجي ٿي، پر ان جي بنياد تي سدائينءَ لاءِ، ٻين اڻ ڳڻين اڻ وڻندڙ اهڙن مسئلن کي حل نٿو ڪري سگهجي، جيڪي نئين سر پيدا ڪيا وڃن ٿا. اهو ئي سبب آهي، جو اکنڊ ڀارت ۽ پاڪستان جي قيام جي سلسلي ۾، سڀنين ڌرين جون جاري ڪوششون خراب نموني ناڪام ٿيون آهن، ۽ اهڙين ڪوششن اوجهڙ ۽ غيريقيني ڪيفيت کي جنم ڏنو آهي، ڇاڪاڻ ته ٻنهين رٿائن تي عملدرآمد ڪرڻ وارو عملُ تاريخ جي منهن ۾ ڌوڙ وجهڻ ۽ ان کي ٺڳڻ جي ڪوشش هوندو. ياد رهي ته تاريخ کي ٺڳي نٿو سگهجي، ۽ ان جي ابتڙ تاريخ، هر موڙ تي، پنهنجي اٽل ارادي جو پاڻ لازمي اظهار ڪندي آهي.
اهو ئي ڪارڻ آهي جو تاريخ غلطين کان آجي فيصلي جي موٽ ۾، برطانوي سامراج هندستان کي ”وسيع ننڍي کنڊ“ جي نالي سان سڏڻ شروع ڪيو آهي ۽ ”صوبن“ کي اهڙو حق ڏنو آهي ته اهي تجويز ڪيل ٻن منجهيل وحدتن مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪن، پر ساڳئي وقت مسئلو هيءُ به آهي ته 1946ع جي ڪئبنيٽ مشن جي بيان پٽاندر ڪوبه ”صوبو“ اهڙو حقُ ان صورت ۾ رکندو جڏهن ان پاڻ کي ٻنهين انتهائي مرڪزيت پسند وحدتن مان هڪ ۾ ضم ڪيو هجي.
گورنمينٽ آف انڊيا ائڪٽ 1919ع هيٺ قائم ڪيل مرڪزي قانونساز اسيمبليءَ ۾ هن وقت 141 ميمبر آهن، جن مان سنڌ جا رڳو ٻه ميمبر چونڊيا وڃڻا آهن. جڏهن ته ڪئبنيٽ مشن اسٽيٽمينٽ جي بنياد تي جڙيل ڪُل ڀارت جي گڏيل آئين ساز اسيمبليءَ ۾ سنڌ جا 4 ميمبر آهن ۽ اهي چارئي ميمبر پاڪستان جي آئين ساز اسيمبليءَ ۾ ويهڻا آهن، جيڪا ڪُل 35 ميمبرن تي ٻڌل هوندي ۽ ان ۾ اسان جي پاڙيسري سرزمين پنجاب جي 28هن ميمبرن جي غالب ۽ فيصلائتي اڪثريت ويٺل هوندي. انهيءَ اسيمبليءَ کي، ٻين گهڻن معاملن کي طئه ڪرڻ سان گڏ، سنڌ جي حڪومتي وهنوار هلائڻ واسطي، هڪ آئين پڻ تيار ڪرڻو آهي. اهڙيءَ ريت اسين اڌ سفر ۾ ئي هڪ مرڪز، جتي 141 مان اسان کي رڳو 2 ووٽن جو اختيار آهي، کان ٻئي مرڪز ڏانهن منتقل ٿيڻا آهيون، جتي اسان جو آواز 10 سيڪڙو مس هوندو.
دهليءَ ۽ بمبئيءَ سان، اسان جي ٻٽي وابستگي، لڳ ڀڳ هڪ صديءَ تائين رهي آهي. ان دوران اسان تي اها حقيقت چٽي ٿي بيٺي ته مرڪزي انتظام هيٺ هلندڙ مڙني کاتن جهڙوڪ: فوج، ريلوي، انڪم ٽيڪس، ٽپال ۽ ڪسٽمز ئي غيرسنڌين جي هڪ هٽي قائم رهي. اسان جي تعليم کي بنهه گهڻو نظرانداز ڪيو ويو ۽ ان کي نقصان رسايو ويو. گجراتين ۽ مرهٽن وغيره کي اسان جي خرچ تي، اسان جي تعليمي ادارن ۾ تعليم ڏني ويئي. اسان جون زمينون هوريان هوريان پر لڳاتار ڦٻايون ويون ۽ اسان جي قومي سڃاڻپ کان انڪار ڪرڻ يا اُن تي اثرانداز ٿيڻ جون ڪوششون ڪيون ويون. هاڻي نئين بندوبست هيٺ اسان کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي. ان جو مطلب اهو ٿيو، ته بمبئيءَ جي اذيت ڀري ۽ ڌڪار جوڳي غلاميءَ کان پوءِ هاڻي اسان کي پنجابي قوم جي ظالماڻي اڪثريت هيٺان چيڀاٽجڻ لاءِ اڇليو پيو وڃي.
تجويز ڪيل آزاديءَ سان اسان جو جذباتي لڳاءُ آهي، پر ان وسيلي پنجابي قوم جي جنهن غلاميءَ ۽ ماتحتيءَ ۾ اسين وڃي رهيا آهيون، ان جي ذائقي جو تجربو هينئر کان ئي اسان کي ٿي رهيو آهي.
ڪڏهن ڇڙوڇڙ، ڪڏهن منظم رٿابنديءَ هيٺ پاڙيسري وطن مان، مسلمانن ۽ سکن جا ڪٽڪ لڏائي سنڌ ۾ آباد ڪيا پيا وڃن. انهن نوَن آيل ماڻهن، اچڻ شرط ئي، هتي اسان جي سرڪاري نوڪرين، اسان جي اسڪالرشپن ۽ اسان جي وڻج واپار ۽ ڌنڌن تي قبضو ڪرڻ شروع ڪيو آهي ۽ فريب ۽ دوکي سان اسان جي ڳوٺن ۾ موجود زرعي زمينن کي هٿ ڪيو آهي. اهي اسان جي جياپي جي وسيلن کي ڦٻائي رهيا آهن. انهن اسان جي ماڻهن کي سندن روزگار جي ذريعن کان محروم ڪيو آهي. ان صورت ۾، اسان کي منجهانئن اڳتي ڪهڙيءَ چڱائيءَ جي اميد ٿي سگهي ٿي.
هندستان جي فرقيواراڻي مسئلي لاءِ انهن جيڪو حل تجويز ڪيو، جنهن تي سڀ سهمت هئا، ان تان اهي پاڻ ئي ڦري ويا آهن ۽ اچي ان ڳالهه ڀيڙا ٿيا آهن ته ورهاڱي واري رٿا جي عمل ۾ اچڻ کان پوءِ بنيادي اصول يعني 1940ع واري ٺهراءُ تان هٿ کڻي وڃبو. سنڌ کي دلاسو پڻ ڏنو ويو هو ته کيس اهڙو اختيار ڏنو ويندو ته اها آئين هيٺ پنهنجي قانونساز اسيمبلي جوڙي سگهي ۽ اتان اها سادي اڪثريت سان، ذيلي مرڪز کي ڇڏڻ ۽ ان جي ماتحتيءَ کان ٻاهر اچڻ جو ٺهراءُ منظور ڪري سگهي.
ڪئبنيٽ مشن جي مئي 1946ع واري تڪراري بڻيل اعلان نامي ۾ اهڙي اختيار جو ذڪر چٽي نموني ٿيل آهي. سنڌ اهو پهريون پرڳڻو آهي، جنهن کي پنجاب پرڳڻي جي مطلق اڪثريت واري آئين ساز اسيمبليءَ پاران جوڙيل آئين وسيلي اهو اختيار ڏنو ويو آهي ته اهو جي چاهي ته انهيءَ سياسي جوڙجڪ کان ٻاهر اچي سگهي ٿو. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن سنڌ کي انهيءَ سياسي جوڙجڪ مان ٻاهر اچڻ جو، هر سياسي، سماجي ۽ اخلاقي حق ۽ اختيار آهي ته کيس اڳواٽ انهيءَ نئين سياسي انتظام ۾ شامل ٿيڻ تي مجبور ڪرڻ وارو منطق سمجهه ۾ نه ايندڙ آهي. اها ڳالهه ته ايئن وڃي ٿي ته ڪنهن قوم کي ڪاهه ڪري فتح ڪجي، ان کان سندس سموري آزادي کسي وٺجي، ٻن شهنشاهتن يا مرڪزن ۾ ان کي زوريءَ زبردستيءَ شامل ڪجي پوءِ بيحال ڪري کيس چئجي ته اوهين ان گهيري کان ٻاهر اچڻ گهرو ٿا ته ايئن ڪري سگهو ٿا.
اها ڳالهه برابر آهي ته غلاميءَ مان آئيني طريقي سان جند آجي ڪرائڻ لاءِ قانونساز اسيمبليءَ جون چونڊون اسان جي ماڻهن جي راءِ ۽ راضپي طور ڄاتيون ويون آهن، اهي سنڌ ۽ پڻ گڏيل هندستان جي ٻين حصن ۾، پاڪستان ۽ اکنڊ ڀارت جي نعرن هيٺ وڙهيون ويون آهن، پر انهن چونڊن بابت ڪي ڳالهيون ڳُوڙهو ڌيان گهرن ٿيون. پهرين ڳالهه هيءَ آهي ته انهن منعقد ڪيل چونڊن ۾ خاص حربن ۽ اٽڪل کان ڪم ورتو ويو آهي. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته پنهنجيءَ راءِ جو اظهار ڪندڙ ووٽرن جي حقيقي مامرن ۽ مسئلن، جيڪي انهن چونڊن سان لاڳاپيل هئا، کي سمجهڻ ۽ انهن جي اڳتي هلي پوندڙ اثرن کي محسوس ڪرڻ بابت ڪابه رهنمائي نه ڪئي ويئي. ووٽرن کي پاڻ ڳنڀير ۽ سنجيدهه نوعيت جي مسئلن، جيڪي بهرحال پيش اچڻا هئا، جي ڪابه ان طريقي سُڌ يا ڄاڻ نه ڏني ويئي ته جيئن اُهي اعتماد ۽ سمجهداريءَ سان پنهنجي ووٽ کي استعمال ڪرڻ لائق ٿي سگهن.
اصل ۾ رڳو زميندار، وڏيرا، سردار، مُکي ۽ سڀ کان اهم ڳالهه ته سڀئي بااختيار ڪامورا ۽ عملدار ئي هئا، جن ڌمڪائي، ڊيڄاري، زور زبردستيءَ ذريعي، لفظن جي جادوگري ۽ ڪمال کيڏ ذريعي، سَچَ کي لڪائڻ لاءِ ، غيرواضح ۽ مُنجهيل ڳالهيون ڪيون، اٻوجهه، ٻالن ڀولن، سادڙن ووٽرن کي ڀلايو ۽ انهن کي خاص خانن ۾ ٺپي هڻڻ تي اڪسايو. اهڙيءَ طرح اهي چونڊون ڪنهن به لحاظ کان ڪي اهڙيون حقيقي چونڊون نه هيون، جن ۾ آزاد ۽ خودمختيار قومن جا سُجاڳ فرد، پنهنجيءَ تقدير جي فيصلي ڪرڻ لاءِ پنهنجي ووٽ جو حقيقي نموني حق استعمال ڪندا آهن. هنن چونڊن ۾ نه ته ڪنهن حق انصاف کي اڳيان رکيو ويو ۽ نه ئي وري ڪنهن منصفاڻي يا نياءَ واري طريقيڪار کي ڪتب آندو ويو. انهن چونڊن جو مقصد مٿي ويٺل مخصوص طبقي جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن جون، حڪمت عمليءَ هيٺ رڳو نامزدگيون حاصل ڪرڻ هو ۽ اُن لاءِ اهڙا سانگ رچايا ويا جو ماڻهن کي اُهي حقيقي چونڊون محسوس ٿين. ٻي ڳالهه هيءَ آهي ته ڪُل هند مسلم ليگ پاران پاڪستان يا ڪُل هند ڪانگريس پاران اکنڊ ڀارت جي نعرن جي صورت ۾ ووٽرن آڏو به ٻئي غلط سوال رکيا ويا. نتيجو اهو نڪتو ته ووٽرن، جن اُهي بنهه مُبهم ۽ غيرواضح نعرا ٻُڌا، تن اهي ڪوبه بهتر متبادل نه ڏسي پنهنجيءَ پنهنجيءَ سمجهه آهر ۽ اندازن تي مطلب ڪڍيو ۽ ڏنل ٻنهي آپشنن ۾ پنهنجي لاءِ چڱائي ڳولڻ لڳا.
ان کان سواءِ اُهي چونڊون رڳو محدود پيماني تي ٿيون، جن ۾ ڪُل آباديءَ جي 15 سيڪڙو ماڻهن حصو ورتو، جن کي ووٽ جو حق مليل هو. اُنهن مخصوص طبقي جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن نوازيل ماڻهن جو ڌيان اهڙن ڳنڀير مسئلن ڏانهن نالي ماتر هو. باقي بچيل 85 سيڪڙو عوام انهن نام نهاد چونڊن جي سلسلي ۾ ڳڻپ ۾ ئي نه آندو ويو، ان کي اهڙي اهم ۽ فيصلائتي معاملي ۾ ڪنهن به طرح ليکي ۾ نه آندو ويو. شايد اِهي ئي سچيون پچيون، جائز ۽ ڪنهن فيصلي ڪرڻ کان اڳ ۾ ڌيان ۾ رکڻ جوڳيون حقيقتون انهن لاءِ ڄاتل هيون، جيڪي پوئين سال شملا جي پهاڙن تي هندستان جي سياسي مسئلي ۾ آيل مونجهاري لاءِ حل ڳولي رهيا هئا، حقيقت ۾، اهي سنڌي قوم لاءِ زنجير تيار ڪري رهيا هئا ۽ ان بهاني جي آڙ ۾ ته کين زنجير ڇني ڦٽي ڪرڻ جو اختيار هوندو.
ان نموني، جڏهن هندستان جي مسئلي جو ڪو حل فرقيوار بنياد تي طئه ٿيو ته صورتحال بگڙجي ويئي ۽ ان جي نتيجي ۾ هندستان جا ماڻهو وڏيءَ حد تائين فرقيواراڻن فسادن ۾ ڦاسي پيا، ۽ مذهب جي بنياد تي ماڻهو هڪٻئي جو بيگناهه قتل عام ڪرڻ لڳا. ٻنهين ڌرين ۾ مذهبي جوش گهٽ ۽ هڪٻئي کي تڙي معاشي فائدن ماڻڻ وارو حرص وڌيڪ هو. اهڙو حل جانبداراڻو، غيرحقيقي ۽ غيرمنطقي هو، انڪري، اهو انتهاپسند ۽ ٺلهي جذباتيت رکندڙ ماڻهن لاءِ معاشي فائدن ماڻڻ جو ذريعو بڻجي پيو. هندستان جي ماڻهن کي حقيقي طرح فرقيواريت جي ٻرندڙ جبل ۾ اڇلايو ويو. اهو ٻرندڙ جبل ڪنهن به گهڙيءَ ڦاٽي سگهي ٿو ۽ ان جي ڦاٽي پوڻ جا آثار ۽ اهڃاڻ به چٽا آهن. هر پاسي گهر لٽيا ڦريا ۽ اجاڙيا پيا وڃن، انساني ڪوس جو سلسلو شروع ٿيو آهي ۽ سڄي هندستان تائين پکڙي ويو آهي.
هندستان جي اڀاڳين قومن مٿان ورهاڱي واري ڀوائتي آفت کي نازل ڪرڻ لاءِ سڀ تياريون پوريون ڪيون ويون آهن. اهو واقعو پرامن نموني پيش اچڻ نه پيو وڃي، ننگي جارحيت جو نظارو عام آهي. ٻنهي پاسئين، ” قومي پهريدار“ منظم ڪيا ويا آهن ۽ انهن کي قطاريو ويو آهي. جنگ جوٽڻ لاءِ دفاعي ۽ جارحاڻن هٿيارن جو بندوبست ڪيو پيو وڃي. هٿياربند فوجن ۽ پوليس کي هر صورتحال کي منهن ڏيڻ جي هدايت ڪئي ويئي آهي. مورچي بنديءَ لاءِ فوجي جٿن ۽ جهازن جي وڏي پئماني تي چرپر پئي ڏسجي. هٿياربند جهڙپون لڳاتار عمل ۾ اچي رهيون آهن.
هندستاني مسلمانن ۽ هندن جي وهم وسوڙل ۽ عقيدي ۾ ڀورڙي بڻايل اٻوجهه ۽ غريب عوام جي ذهنن ۾ فرقيواراڻي نفرت جو زهر ۽ ساڙ ڀريو پيو وڃي ۽ ان ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي ويئي آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه هيءَ آهي ته نسل ڪشي ۽ جارحيت جو ڊپ ڏنو پيو وڃي ته جيئن معاملن کي اٻهرائيءَ ۽ تڙ تڪڙ ۾ اڪلائجي. اهو سڀ انڪري ڪيو پيو وڃي ته پاڪستان ۽ اکنڊ ڀارت جي قيام جي اجاين ۽ خطرناڪ خوابن کي ساڀيا جو روپ ڏنو وڃي، پر جي ايئن ٿئي به ٿو، تڏهن به هيءُ مسئلو حل نه ٿيندو ۽ اڳتي هلي انهيءَ هڪڙي مسئلي منجهان ٻيا انيڪ منجهيل مسئلا جنم وٺندا.
ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي حمايتين وچ ۾ انهيءَ جارحيت ۽ ٽڪراءُ جو سبب برطانوي وزيراعظم مسٽر ائٽليءَ جو ”هائوس آف ڪامنس“ ۾ پڙهيل اهو اڇو چٺو (White paper) آهي، جنهن ۾ هن نيٺ اها ڳالهه مڃي آهي ته هندستان وسيع ننڍو کنڊ آهي ۽ اتان جون قومون، هڪ قوم نه آهن ۽ نه ئي ٻه يا ٽي- پر اهي انيڪ ۽ الڳ الڳ قومون آهن. انهيءَ اڇي چٺي جا سڀ کان وڌيڪ نقطا اهم هيٺينءَ ريت آهن:
”جيڪڏهن طئه ٿيل وقت (جون 1948ع) تائين، ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي نمائندن تي ٻڌل هڪ آئين ساز اسيمبليءَ مان، سهمت راءِ سان آئين تيار نه ٿي سگهيو ته ان صورت ۾ برطانوي حڪومت ان ڳالهه تي به ويچاريندي ته برطانوي هندستان جي مرڪزي حڪومت جون واڳون، انهيءَ تجويز ڪيل تاريخ تي ڪنهن جي حوالي ڪيون وڃن؟ ان لاءِ ٽي طريقا ٿي سگهن ٿا، برطانوي هندستان جو انتظام:
(1) ڪنهن مرڪزي حڪومت حوالي ڪيو وڃي، يا،
(2) اهو هاڻوڪين صوبائي حڪومتن جي حوالي ڪجي يا،
(3) ٻئي ڪنهن طريقيڪار وسيلي، اهو مسئلو نبيرجي، جيڪو وڌيڪ بامقصد هجي ۽ هندستاني قومن جي بهترين مفادن وٽان به هجي.“
جيڪڏهن جون 1948ع ڌاري حڪومت جون واڳون هندستاني عوام جي حوالي ڪرڻ لاءِ تجويزيل ٽي امڪان آهن، ته انهن منجهان، ٻيو امڪان، يعني صوبن کي آزادي ۽ خودمختياري ڏيڻ وارو امڪان، حقيقت ڀريو ۽ بامقصد آهي ۽ سڀني لاڳاپيل ڌرين واسطي واجبي ۽ منصفاڻو به آهي. اهڙي نبيري وسيلي تاريخ جي روح جي تسڪين ٿي سگهندي. آخري امڪان قطعي نوعيت جو آهي، يعني جتي هندستاني عوام جي اعليٰ ترين مفادن جو معاملو ايندو، ايئن ڪنهن به ٻيءَ ڳالهه کي خاطر ۾ نه آندو ويندو.
بهرحال هڪ پاسي ٻه غلط موقف ۽ نقطي نظر آهن، هڪڙو: اکنڊ ڀارت لاءِ هڪ مرڪزي حڪومت، ۽ ٻيو، انتهائي مرڪزيت وارو پاڪستان. ٻئي پاسي صوبن کي آزادي ۽ خودمختياري ڏيڻ وارو اپاءُ آهي، ۽ اهڙو اپاءُ خطرناڪ تڪرارن جي نبيري لاءِ نه رڳو عمل ۾ اچڻ جوڳو آهي، پر سڀني لاڳاپيل ڌرين لاءِ قبولڻ جوڳو ۽ منصفاڻو به آهي. بهرحال اهڙو بندوبست هاڻي دنيا اڳيان پڻ نروار ٿي چڪو آهي. هن ”وسيع ننڍي کنڊ“ لاءِ هتي ڄاڻايل انهيءَ خاڪي کي عمل ۾ آڻڻ سان هندستان جون محروم قومون، جن کان سندن آزادي ۽ خودمختياري کسي ويئي هئي، اهي ٻين آزاد ۽ خودمختيار رياستن جي برابر اچي بيهنديون.
شل ايئن ٿئي! شل، هرڪا ڌر عقل کان ڪم وٺي ۽ تاريخ جي تقاضا کي مانُ ڏئي ۽ ان کي سندس امانت، رضا خوشيءَ سان، واپس موٽائي! ايئن ٿيڻ سان سمورا پرڳڻا، جيڪي پنهنجيءَ وحدت ۾ لساني هڪجهڙائيءَ تي ٻڌل آهن، ۽ جن جا بنيادي ثقافتي، معاشي ۽ تاريخي مفاد حقيقتن تي بيٺل آهن، اهي آزاد ۽ خودمختيار حيثيت ۾ اچي ويندا، پوءِ اهي گڏجي، ڪو وفاق به جوڙي سگهن ٿا، جنهن ۾ سمورين اڪاين کي هڪجهڙو ۽ هڪجيترو درجو مليل هجي، ۽ اهڙي مثالي صورتحال ۾ ڪنهن به اڪائيءَ کي ٻيءَ اڪائيءَ جي غالب ٿيڻ جو ڪو ڊپ ڊاءُ نه هوندو، ڇاڪاڻ ته سڀئي اڪايون طئه ٿيل قاعدي تي ڪاربند هونديون، ۽ هڪ جيڏي، هڪجيتري ۽ هڪجهڙي درجي ۽ حيثيت جون مالڪ هونديون. مثال طور، سنڌ وفاقي بنيادن تي قائم ڪيل مرڪز ۾ شموليت تان هٿ کڻڻ ۾ آزاد هوندي.
جيڪڏهن معاملن جي فضا ان نموني خوشگوار هوندي ته سنڌ کي پنهنجا ڪي ٿورا اختيار ۽ حق، رضاڪاراڻي نموني، ڪنهن اهڙي وفاق جي حوالي ڪرڻ ۾ ڪوبه انديشو نه هوندو، جنهن ۾ ڪنهن هڪ قوم کي اڪيلي سر سياسي، جمهوري ۽ ايوانن ۾ نمائندگيءَ جي برتري حاصل نه هوندي. جيڪڏهن اهڙي ڪنهن مرڪز جي قيام کان سواءِ، ٻيو ڪو منصوبو آهي، جنهن ۾ ڪا هڪ قوم ڪنهن ٻيءَ قوم جي ماتحت ۽ غلام هوندي ته پوءِ اهڙو الحاق يا انضمام سنڌي قوم يا ٻئيءَ ڪنهن به قوم لاءِ قبولڻ جوڳو نه هوندو؛ ۽ نه ئي ڪا قوم، جنهن کي جيڪڏهن اهڙي منصوبي جو ادراڪ آهي، مرضيءَ سان اهڙي مرڪز ۾ شموليت لاءِ راضي ٿي سگهي ٿي.
ٻه يا ٻن کان وڌيڪ ڌريون، جيڪڏهن ڪنهن معاهدي تي سهمت ٿين ٿيون ته انهن وچ ۾ اعتماد ۽ گڏيل سهڪار جو هئڻ ضروري آهي، ۽ اهو معاهدو سڀني شامل ڌرين لاءِ هڪجيترو لاڀائتو ۽ دلپسند هئڻ کپي. ايڪتا ۽ گڏيل سهڪار جي اهڙي فضا کليءَ دل سان مڃيل ۽ بلڪل برابر حيثيت هڪٻئي کي مانُ ڏيڻ وسيلي قائم ٿي سگهي ٿي.
ڪا قوم ڪن ڳڻپ جيترن ماڻهن جي غلامي ۽ ماتحتي قبول نٿي ڪري سگهي. اهڙو لاچار ان کي تڏهن پيش ايندو، جڏهن ان کي ڪاهه وسيلي فتح ڪيو ويو هجي، يا کيس ذهني طرح گمراهه ڪيو ويو هجي. جيڪڏهن ڪنهن قوم کي فتح ڪندڙ طاقت ڪمزور ٿئي ٿي يا لڳاتار دوکي دولاب کان ڪم وٺي ٿي ته اها پنهنجو اثر وڃائي ويهندي. اهڙيءَ ريت ڪوڙن دلاسن، اجايي آٿت، ڊپ ۽ ڌمڪين وسيلي ڪنهن قوم کي ذهني طرح مفلوج ڪندڙ طاقت پڻ وقت اچڻ تي وائکي ٿي پوندي آهي ۽ پوءِ وهم وسوڙل قوم جاڳي پوندي آهي.
هيءَ ڳالهه ياد رکڻ کپي ته سازگار وقت جي اوسيئڙي ۾ بيچين، بيقرار ۽ بيدار قوم ستت ئي تحرڪ ۾ اچي ويندي آهي ۽ غلاميءَ جو ڳچيءَ ۾ پيل طوق لاهي اڇليندي آهي.
اکنڊ ڀارت يا پاڪستان- ٻنهي جي قيام جو نتيجو ڪن قومن جي قطعي غلاميءَ ۽ محڪوميت جي صورت ۾ ئي نڪرندو. اهڙيءَ ريت انهن قومن جي آزادي ۽ خودمختياري جا ٻجَ، ٿي سگهي ٿو ته ٿوري وقت لاءِ جامد ۽ غيرمتحرڪ رهن، پر انهن اندر زرخيزي برقرار رهندي؛ ۽ دير سوير، جڏهن به انهن کي سازگار زمين ۽ موافق حالتون مليون، ته اهي ٻيهر ڦٽي ڦولارجي پوندا.
ڪنهن اندروني فساد ۾ ڇو پئجي؟ هڪ يا ٻن مرڪزن جي هوڏ تي ڇو قائم رهجي؟ ڇا اهو چڱو نه آهي ته پنهنجن پنهنجن ماتر ڀومين ۾ رهندڙ مختلف قومن جي امتيازي حيثيت کي قبوليو وڃي ۽ اهڙا بندوبست ڪيا وڃن، جو قومون پنهنجن پنهنجن مڪاني اختيارن ۽ صلاحيتن کي ڪنهن عددي طرح غالب قوم جي ٻانهپ قبولڻ کان سواءِ، پنهنجيءَ ترقيءَ لاءِ ڪتب آڻي سگهن. ڇو نه سدائين لاءِ اها ڳالهه مڃي وٺجي ته ”ڀارت هڪ ملڪ نه آهي، هڪ ”وسيع ننڍو کنڊ“ آهي، جيڪو گهڻن ئي ملڪن تي ٻڌل آهي. اهو هڪ قوم تي ٻڌل ناهي، نه ئي وري ٻن يا ٽن قومن تي، پر اهو گهڻين ئي قومن تي ٻڌل آهي، جن مان هر ڪنهن وٽ پنهنجا امتيازي اهڃاڻ آهن ۽ اهي به نج پج انهن جا پنهنجا ئي آهن.- بلڪل اهڙا ئي، جهڙا دنيا ۾ موجود ٻين قومن وٽ آهن، جيڪي کين انفراديت بخشين ٿا.
انهيءَ اٽل حقيقت کي مڃڻ جو چٽو اظهار، برطانوي حڪومت، گذريل فبروريءَ واري پنهنجي اڇي چٺي ۾ ڪيو آهي. هاڻي گهرج انهيءَ ڳالهه جي آهي ته هندستاني سياست جي انهيءَ اعليٰ ترين حقيقت کي اسان جا مڪاني سياستدان ۽ سياسي مدبر پڻ کليءَ دل سان، غيرمشروط نموني مڃين. اهي پنهنجن الجهيل ۽ وڏيءَ حد تائين اجاين آسرن پويان لڳل ذهنن کي جائتو ڪن. اهي ڌيرج ۽ صبر کان ڪم وٺن، ته جيئن مسئلن کي انهيءَ ريت حل ڪري سگهن، جيئن انهن کي حل ٿيڻ کپي.
سنڌ برطانوي سامراج جي غلاميءَ ۾، لڳ ڀڳ هڪ صدي رهي آهي. انهيءَ دوران ان کي غيرفطري نموني ۽ زبردستيءَ عددي لحاظ کان برتر پاڙيسري قومن سان ڳنڍيو ويو، جنهن سبب اها انهن قومن جي غلاميءَ، تابعداريءَ ۽ حاڪميت وارا اڙانگا ڏينهن ڏسندي آئي آهي. اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر آزادي ۽ خودمختياري سندس در کڙڪائي رهي آهي. هاڻي معاملو اسان جي مڪاني سياسي اڳواڻن ۽ سياسي مدبرن ۽ پڻ پنجيتاليهه لک عوام تي ڇڏيل آهي ته اهي رڳي ٻانهون کولي ان کي کيڪارين ۽ ان جو آڌر ڀاءُ ڪن.
دنيا ۾ قومن، آزاديءَ ۽ خودمختياريءَ وارن ڄائي ڄم جي حقن، جيڪي کانئن زوراور طاقتن کسيا هجن، لاءِ جنگيون جوٽيون آهن، رت وهايو آهي ۽ ايتري تائين جو موت جي به آجيان ڪئي آهي. دنيا جي قومن پنهنجي خودمختيار حيثيت ۽ آزاد وجود کي برقرار رکڻ لاءِ بکون ڪاٽيون آهن ۽ لڳاتار ڪشالا ڪڍيا آهن. اڻٿڪ محنتون ڪيون آهن ۽ بيان کان ٻاهر سختيون سَٺيون آهن. اسين سنڌ جا ماڻهو، پنهنجي آزاديءَ لاءِ تڙپ جي بنياد تي، پنهنجي پاڻ کي اهڙين قومن سان ڀيٽي سگهون ٿا. اسان جي ڊگهي تاريخ اهڙن انيڪ واقعن سان ڀري پئي آهي، جڏهن به اسان کي چيڀاٽيو ۽ دٻايو ويو، ته اسان پنهنجيءَ آزاديءَ ۽ خودمختياريءَ وارن پوتر حقن کي ٻين هٿان ڦٻجڻ کان بچائڻ لاءِ بي مثال قربانيون ڏنيون.
جيتوڻيڪ، دٻي واري جنگ اسان جي انگريزن وٽ غلاميءَ تي ختم ٿي، پر اسان اها سورهيائي ۽ جهونجهارپ سان وڙهي، اسان اِن ڀيري پنهنجي آزاديءَ سان اهڙي ئي انتهائي محبت جو اظهار ڪيو، جهڙو دنيا جي ڪابه قوم ڪرڻ لائق آهي. ”مروسون، مروسون، سنڌ نه ڏيسون“ اهو نعرو اسان جي سورمن هنيو ۽ جنگ جي ميدان ۾ پاڻ گهور ڪري آيا، اها ويڙهه اسان اڄ کان رڳو 103 ورهيه اڳ وڙهي هئي.
حالتون هڪ ڀيرو ٻيهر تبديل ٿيون آهن ۽ آزادي اسان جا در کڙڪائي رهي آهي. اها منتظر آهي ته اسين اڳتي وڌي کيس مانُ ڏيون ۽ سدائينءَ لاءِ پنهنجو ڪري ڇڏيون. جيڪڏهن هن موقعي تي اسان پنهنجي تاريخ کي نه سڃاتو ته اها اسان جي ڏٺي وائٺي اٻوجهائپ چئبي، آپگهات هوندو ۽ پڪ سان اسين اُنهيءَ شيءِ تان هٿ کڻنداسين، جيڪا قانوني ۽ موروثي طرح اسان جي پنهنجي آهي، انساني تاريخ ۾ ڪو اهڙو مثال نٿو ملي، جو ڪا قوم، ڏٺي وائٺي نموني، پنهنجي پاڻ کي غلاميءَ ۾ ڌِڪي ڇڏي. جيڪڏهن اسان سوچڻ سمجهڻ کان سواءِ ڪنهن هڪ يا ٻئي تجويز ڪيل مرڪز کي قبوليو ته اسين اٻوجهه ۽ سادا ليکيا وينداسون، ۽ چونڊيل مرڪز سان، هڪ قوم جي حيثيت ۾، سدائين ڇڪتاڻ ۾ رهنداسون. اهي اسان کان ايئن الڳ آهن، جيئن فرانسيسي جرمنن کان ۽ جيئن ايراني افغانين کان.
تاريخ جي هن فيصلائتي موڙ تي، اسان جي اڳواڻن کي خبردار رهڻ کپي. ڪٿي ايئن نه ٿئي، جو اهي گمراهه ٿي، ڪنهن دوکي يا دٻاءُ ۾ اچن ۽ قوم جي حيثيت ۾، پنهنجي موت جي پرواني تي صحيح ڪري ويهن. اهي ايترا به سادا ۽ بصيرت کان آجا نه هئڻ کپن، جو ڪن ٺلهن دلاسن ۽ ڪوڙين خاطرين پٺيان لڳن، اجاين خطرن کي پنهنجي حصي تي کڻن ۽ بي فائدي جذباتيت ۾ وهي وڃن، ۽ ايئن شرم جوڳي بزدلي جو مظاهرو ڪري ويهي رهن.
کين خبردار هئڻ کپي ته اهي هينئر جيڪي ڪجهه ڪرڻ وڃي رهيا آهن، ان جا نتيجا نه رڳو اڄ جي پيڙهيءَ تي پوندا، جنهن جا پاڻ نمائندا سڏجن ٿا، پر ان جا اثر ايندڙ اڻ ڳڻين پيڙهين تائين پوڻا آهن، انهن جي آزاديءَ ۽ خودمختياريءَ وارن موروثي ۽ فطري حقن کي ڀيلڻ جو کين ڪو به حق حاصل نه آهي.
پنهنجن نمائندن مان اسان کي اميد اها آهي ته اهي سڀني مصلحتن کي پاسي تي رکن ۽ انهيءَ دليل تي ثابت قدم رهن ته هاڻي سنڌ کي پنهنجي اها آزاد ۽ خودمختيار حيثيت موٽائي ڏني وڃي، جيڪا کانئس اڄ کان لڳ ڀڳ سئو ورهيه اڳي انگريزن کسي هئي. کين اهڙيون رٿائون جوڙڻ کپن، جيڪي آزاديءَ ۽ خودمختياريءَ جي پڪي خاطريءَ کان پوءِ عمل ۾ اچي سگهن. کين پنهنجو محب وطن ڪردار ادا ڪندي، ڪنهن به صورت ۾، ڪنهن عددي اڪثريت رکندڙ جي حق ۾ ڪو فيصلو نه ڏيڻ کپي، جيڪو هر طرح اسان جي غلاميءَ جو نتيجو ڏيندو. اسين ٻين قومن سان گڏ ان صورت ۾ هلنداسين، جڏهن اسان جي آزاد ۽ خودمختيار حيثيت کي قبول ڪيو وڃي. جيڪڏهن، انهيءَ ڏس ۾ پنجاب يا هندستان جي ڪابه قوم اسان سان برابريءَ وارو وهنوار ڪندي ۽ حڪومت سازيءَ ۾ برابر حصي ڏيڻ تي راضي ٿيندي ته اسين سهڪاري هٿ وڌائينداسين، پوءِ ڀلي اڳين ڌر گهڻائيءَ ۾ هجي، ان حالت ۾، انتظامي سطح تي، ساڻن گڏيل رضامندي ۽ برابر فائدي کڻڻ جي بنياد تي ساڻن معاملا طئه ڪيا ويندا.
ڪانگريس اعتماد سان دعوا ڪري رهي آهي ته هندو-مسلم مسئلي جو حل، وحداني طرز حڪومت جي بنياد تي اکنڊ ڀارت جي قيام ۾ آهي. مسلم ليگ جي دعوا آهي ته هندستان جي ورهاڱي ۽ پاڪستان جي قيام ۾ ان مسئلي جو حل آهي. جيستائين ڪو ماڻهو ٻنهين ڌرين جي ڄاڻي ٻجهي شروع ڪيل چالاڪيءَ کي نه سمجهندو، تيستائين انهن بي عقليءَ وارن ٻنهي حلن جي توڙ تائين نه رسندو، جن کي پنهنجي ليکي هنن وڏيءَ محنت کان پوءِ ڳولي هٿ ڪيو آهي. اهي ٻئي حل پوريءَ طرح ٽڪراءُ ۽ تڪرار پيدا ڪندڙ آهن، جنهن مان سندن ذهني ڏيوالپڻو لياڪا پائي رهيو آهي.
فرقيواريت، هڪ پل لاءِ ڇو نه هجي، اها سياست توڻي مذهب ٻنهي لاءِ فائدي جي ناهي. فرقيواريت پنهنجي جوهر ۾ مطلق العنان ٿيندي آهي. اها گوناگون ۽ امتيازي قومن جي ڍانچن کي نپوڙي بي ست ڪندي آهي. اها تاريخ جي طئه ٿيل حقيقتن کان انڪاري آهي ۽ پڻ اقتصاديات ۽ سماجيات جي اصولن جي منافي آهي.
هندستان ۽ پاڪستان جي قيام جي مطالبن کان سواءِ، فرقيواريت جي بنياد تي، ماڻهن جي لڏپلاڻ ۽ مٽاسٽا جي منصوبي تي به ويچاريو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ تاريخ مان ڪو مثال ڳولڻ جي ڪوشش نه پئي ٿئي، ۽ نه ئي اهو سوچيو پيو وڃي ته اهڙو منصوبو عمل جوڳو به آهي!جيڪڏهن ورهاڱي جي نتيجي ۾، اهڙي لڏپلاڻ يا ماڻهن جي، فرقي جي بنياد تي، مٽاسٽا ڪئي وڃي ٿي ۽ هندستان مان مسلمانن کي ۽ تجويزيل پاڪستان مان هندن کي لڏايو وڃي ٿو ته اهو مسئلو ان وقت جاري رهندو، جيستائين هندستان ۾ هڪ به مسلمان آهي ۽ تجويزيل پاڪستان ۾ هڪ به هندو رهي ٿو. ٻنهي پاسئين هندو- مسلمان پاڻ کي ڄڻ ڌارين رياستن ۾ يرغمال ٿيل محسوس ڪندا ۽ سندن سماجي عزت ۽ وقار جي ضمانت رڳو سندن چڱو ۽ ڪس کائڻ وارو ورتاءُ هوندو.
ٻن عقيدن وارن لکن ماڻهن کي لڏائي، ٻئي هنڌ ڏانهن دربدر ڪرڻ وارو تجربو گهڻو پيچيدو ۽ پرفريب آهي، جنهن لاءِ عام خلق به راضي نه آهي. سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته انهن ماڻهن جي هندستان توڻي پاڪستان ۾ حيثيت ڪهڙي هوندي. فرض ڪريو، جي سنڌ جي سڀني هندن کي انبوهن جي صورت ۾ تڙي، مدراس موڪليو وڃي ٿو ۽ سڀني مدراسي مسلمانن کي ڪٽڪن جي صورت ۾، هتي سنڌ ۾ آندو وڃي ٿو، ته اهو عمل ڪٺور ته هوندو ئي، پر وڏي پئماني تي گهرو ويڙهه واريءَ صورتحال کي به جنم ڏيئي سگهي ٿو. سندن ٻولي، مِٽي مائٽي، سماجي لاڳاپا، سندن مزاج ۽ لاڙا، سندن وابستگيون ۽ واسطا سڀ ختم ٿي ويندا. اهڙي ويڳاڻپ ۽ اٻاڻڪائيءَ جي حالت ۾ اهي نون وطنن ۾ ڪيئن رهي سگهندا؟ اهي نين حڪومتن لاءِ اڻ ڳڻيا مسئلا پيدا ڪندا. هتي معاملي کي سمجهڻ لاءِ رڳو ٻوليءَ واري مسئلي کي کڻون ٿا. سنڌ ۾ سنڌي ٻولي، سنڌي نه هوندي، پر اها سنڌي گاڏڙ مدراسي هوندي ۽ مدراس ۾ مدراسي ٻولي، مدراسي نه هوندي، پر اها مدراسي گاڏڙ سنڌي هوندي. اهڙيءَ ريت، اهي ٻئي ڌرتيون، پنهنجي اصلوڪي سڃاڻپ وڃائي، ويڳاڻيون ۽ وائڙيون بڻجي پونديون ۽ ايئن ڪُل هندستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏکاريون سر زمينون بڻجي پونديون.
تنهن ڪري اهو سولائيءَ سان ڏسي سگهجي ٿو ته فرقيواريت جي منطق جي اها نام نهاد مهربان روشني، اسان کي وڃي ڪنهن اوجهڙ ۾ ئي ڦاسائيندي.
ان لڏپلاڻ واري منصوبي جي ڏهڪاءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ اهو اعلان ٿيڻ کپي ته هندن کي تجويزيل پاڪستان ۾ سڪون ۽ امن سان رهڻ ڏنو ويندو، ۽ هندستان ۾ مسلمانن کي سندن ”مذهبي، ثقافتي، معاشي، سياسي ۽ انتظامي ۽ ٻين حقن ۽ مفادن کي، سندن صلاح مشوري سان، مناسب، اثرائتي ۽ ضروري آئيني تحفظ فراهم جي ضمانت ڏني ويندي.“ ]فقرو: 2 (9) ii، مسلم ليگي آئين[
هيءَ سڄي ڳالهه پاڻ ۾ ٻه نتيجا سانڍي ٿي: يا ته ماڻهن کي، جتي اهي رهن ٿا، رياست جو شهري مڃيو ويندو ۽ ساڻن شهريءَ وارو ورتاءُ ڪيو ويندو، يا کين، جتي اهي رهن ٿا اتي، ڌارين هئڻ جو مهڻو ڏنو ويندو. جيڪڏهن مهڙيون نتيجو نڪري ٿو ته فرقيواريت جي بنياد تي، ٻن پوروڇوٽ رياستن جي قيام وارو منطق هوا ۾ ٻاڦ ٿي ويندو. ماڻهو وڌيڪ ڪوبه مطالبو نه ڪندا ۽ ڪو مسئلو نه هوندو. جڏهن ته پڇاڙڪي صورت ۾ جڏهن هندو پاڪستاني رياست ۽ مسلمان هندو رياست ۾ ڌاريا ۽ اوپرا هوندا، ٿيندو ايئن جو، ماڻهن کي ڪيترا به آزاد خياليءَ تي ٻڌل ۽ آئين کان مٿاهان تحفظ فراهم ڪيا وڃن، پر اهي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي اوپرا ۽ ويڳاڻا هوندا. سندن محب الوطنيءَ تي شڪ ڪيو ويندو ۽ سندن قوميت داءُ تي لڳل هوندي.
اهڙيءَ ريت، هندو مسلم مسئلي جي باهه، سدائينءَ لاءِ، ڀڙڪيل رهندي، فضا شڪ ۽ ڌڪار سان ڀريل هوندي. انهيءَ نام نهاد يا حقيقي نظراندازيءَ ۽ احساس ڪمتريءَ جي حالتن ۾، ٻنهين حريف رياستن جا شهري مڪاني سطح تي اڳتي هلي ڪن ”واقعن“ جو ٻارڻ بڻجندا. اهڙا واقعا، جوابي واقعن کي جنم ڏيندا ۽ انهن مان وري انتقامي ڪارروايون پيدا ٿينديون، جيڪي جوابي انتقامي ڪاررواين کي پيدا ڪنديون. اهڙيءَ ريت، اڳتي هلي، ٻنهين رياستن ۾ جنگ واري صورتحال پيدا ٿيندي ۽ پوءِ امن جي قيام لاءِ ڪاميٽيون ٺهنديون. انهن ڪاميٽين ۾ اهي مخالف ٽولا ويهندا. ڪاميٽين جون گڏجاڻيون ختم ٿينديون ۽ ٻيهر وڳوڙن کي شهه ڏينديون. اها ويڙهه، جيڪا هينئر ڏنڊن ۽ پٿرن سان ڪئي پئي وڃي، اها بندوقن ۽ بمن سان وڙهي ويندي. اها ويڙهه، ٿي سگهي ٿو ته، مڙهيل ڳالهين وسيلي قائم ڪيل امن تي ختم ٿئي، پر ٻنهين صورتن ۾، فرقيواراڻي وحشت وارو چڪر، سڌيءَ ريت نئين سري کان شروع ٿيندو.
چيو وڃي ٿو ته وچئين عهد واري زماني وارين صليبي جنگين کي شهه ڏيندڙ پيٽر هو، جيڪو يروشلم ويندڙ عيسائي ياترين کي ترڪن جي ظلمن بابت من گهڙت آکاڻيون ٻڌائي، سادن ۽ اٻوجهه عقيدتمندن جي هجومن کي اڪسائيندو هو، ۽ اهو جملو ورجائي چوندو هو. ’خدا جي اها مرضي آهي‘. هتي، هن ويهينءَ صديءَ ۾ اها ساڳي ڳالهه ٻنهي پاسن سان هن طرح لاڳو ڪئي ويندي.’اسلام جي اها مرضي آهي‘ ’هندومت يا سک مت جي اها مرضي آهي‘ هر ڀيري اهي نعرا وڌيڪ هيانوَ ڦاڙ حد تائين لڳايا ويندا ۽ اها وحشت ستت معصوم ماڻهن جي رت منجهان وڌيڪ اڀار وٺندي.
انهيءَ، هٿياربند امن ۽ جنگ جي ثابت قدم ڀوت جو انت تڏهن ٿيندو، جڏهن ٻنهي مخالف عقيدن جا ماڻهو بيدرديءَ سان اوسي پاسي جي سمنڊن ۾ ٻوڙيا ويندا يا هماليا جبل ڏانهن تڙيا يا منظم نموني ختم ڪيا ويندا.
ٻئي ڌريون غلط دنگن تان پنهنجي شروعات ڪري رهيون آهن. اهي پنهنجن تجويز ڪيل اپائن وسيلي هندو-مسلم مسئلي کي حل ڪرڻ بدران وڌيڪ منجهائينديون ۽ ان ۾ وڌيڪ شدت پيدا ڪنديون. اهڙيءَ ريت، اهو مسئلو هن وسيع ننڍي کنڊ جي داخلي سک، امن ۽ سلامتي لاءِ ۽ پڻ سڄي دنيا لاءِ لڳاتار خدشي طور قائم رهندو.
اکنڊ ڀارت، هندستان ۽ پاڪستان جا سياسي مقصد ترتيبوار ڀارتي قومپرستيءَ، هندو قومپرستيءَ ۽ مسلم قومپرستيءَ تي بيٺل آهن. ڀارتي قوم پرستيءَ وارو تصور پنهنجي نالي وانگي وسيع آهي. اهو تاريخ جي ڪنهن شاگرد توڻي دنيا تي حقيقت پسنديءَ واري نظر رکندڙ مبصر لاءِ هڪ ڌنڌلو تصور هوندو، ]جنهن جو ڪوبه احاطو نه ڪري سگهجي[ ايئن ئي جيئن چئجي: ايشيائي قومپرستي، يورپي قومپرستي، يا اهڙي ڪا ٻي قومپرستي جن جو ڪو به وجود ئي نه هجي.
اسلام پڻ مسلم قومپرستيءَ کي نٿو مڃي. مسلم قومپرستيءَ بابت بحث بي معنيٰ ۽ پنهنجي پاڻ ۾ تڪراري هوندو، جيئن چئجي ته: عالمي قومپرستي، انڪري جو اسلام آفاقيت جي نمائندگي ڪري ٿو؛ ۽ دنيا جي هڪ سئو هڪ قومن مان، ڪابه هڪ قوم ان کي پنهنجائي سگهي ٿي. اسلام دنيا جي قومن کي مٽيءَ جي پنوڙن وانگر نٿو سمجهي، ۽ نه ئي پاڻ کي قالب ، جو ڪنهن هڪ يا هر ڪنهن ماڻهو يا قوم جي سماجي، اقتصادي، لساني، جاگرافيائي ۽ تاريخي پسمنظر، لاڳاپن ۽ وابستگين کي سَٽي، سوڙهو ڪري، پاڻ ۾ سمائي، ۽ ان ريت اڳ ئي مقرر ڪيل هڪجهڙائي (Uniformity) پيدا ڪري وجهي. اسلام اها وڪالت ڪري ٿو ته انيڪتا ۾ ايڪتا (Unity in Diversity) آهي. هڪ جرمن اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ قوميت ۾ جرمن ئي رهي ٿو. هڪ ترڪ مسلمان ٿي به ترڪ ئي رهي ٿو.
هندو قومپرستيءَ جي حالت اڃا به ڪمزور آهي. انهن ماڻهن لاءِ چيو پيو وڃي ته اهي اڳتي هڪ قوم ٿيندا، پر اهو معاملو قطعي طرح سمجهه ۾ نه ايندڙ آهي. هندو جڳن کان چئن جاتين ۾ ورهايل آهن، ان ڪري دائمي طرح اڻبرابر رهندا. هيٺئين طبقي يا جاتيءَ کي مٿيون جاتيون اڇوت سمجهن ٿيون ۽ رڳو سندن ڇهاءَ سان مٿين جاتين وارا اپوتر بنجي پون ٿا. انهن وٽ سماجي برابريءَ جهڙي بنيادي تصور جي مڃتا ناهي. ان جي ابتڙ، ڌرمي لحاظ کان ان تصور جي عدم موجودگي کي پوري قانوني مڃتا مليل آهي. ان حالت ۾ اهڙن ماڻهن، جيڪي ايتريقدر اڻ ايڪتائيءَ سان ۽ متڀيد جي بنياد تي پاڻ ۾ ورهايل هجن، تن بابت قومپرستيءَ جو ذڪر خام خياليءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي، يا وڌ ۾ وڌ اهو هڪ خواب ئي چئي سگهجي ٿو. ايستائين جو سماج جي مختلف طبقن جو مذهب، جنهن جي بنياد تي ماڻهو پاڻ کي هندو سڏرائين ٿا، ان لاءِ پڌري پٽ ايئن سمجهيو وڃي ٿو ته اهو ڪو اصل کان وٺي ايئن آهي. جڏهن ته حقيقت ۾ ان به پنهنجي ”ابتڙ“ مان جنم ورتو آهي، ايئن ئي جيئن ڌرميت (Theism) مان اڌرميت (Atheism) يا عيسائيت کان انڪاري مت (Heathenism) مان عيسائيت پيدا ٿي آهي.
سمجهڻ خاطر، هتي هيءَ سوال ڪري سگهجي ٿو ته هندستان ۾ بنگالين، مدراسين، سنڌين، مرهٽن، پنجابين ۽ پٺاڻن وغيره جي غلام هئڻ جي هڪجهڙي اڀاڳائيءَ کان سواءِ، ٻي ڪهڙي شيءِ ۾ هڪجهڙائي آهي، جنهن بنياد تي اهي هڪ ڀارتي قوم، هڪ مسلم قوم، يا هڪ هندو قوم بنجي سگهن ٿا. ڇا اهڙيون قطعي شيون دنيا جي امتيازي ۽ گوناگون قومن ۾ هڪجهڙيون نه آهن. انهن قطعي شين جي هڪجهڙائيءَ کان پوءِ به اهي هڪ يورپي قوم، هڪ عيسائي قوم يا هڪ يهودي قوم ڇو نٿيون جوڙين؟
ساڳئي نموني اهي ڪهڙا گوناگون يا امتيازي اهڃاڻ آهن، جيڪي يورپ يا ايرانين ۽ ترڪن يا چينين ۽ برمين ۾ موجود قومن ۾ فرق جي ليڪ ڇڪين ٿا. اُهي اهڃاڻ ڀارت ۾ موجود گهڻين ۽ مختلف قومن ۾ نٿا ڏٺا وڃن، ته ڇا پوءِ انهن ۾ فرق نه ڪجي؟
سنڌ ۾ رهندڙ ڪنهن به غيرسنڌيءَ کان اوهين پڇو: ”ڪير آهين؟“ موٽ ۾، هو هر ڀيري اهو ئي جواب ڏيندو: ”آءٌ گجراتي آهيان،“، ”آءٌ پنجابي آهيان.“ وغيره. ڪوبه غيرسنڌي ايئن بلڪل به نه چوندو: ”آءٌ سنڌي آهيان“ پوءِ ڀلي اُهو ورهين کان سنڌ ۾ رهندو هجي يا کڻي هتي ڄائو ڇو نه هجي. کانئس اوهين پُڇو: ”ڇا تون سنڌي آهين؟“ جيڪڏهن کانئس اهڙو سوال اوچتو ئي پڇيو ويو آهي ۽ انهيءَ جي پيچيدگيءَ جي کيس ڪا خبر ناهي ته هو سخت اعتراض واريندي چوندو: ”نه، نه، آءٌ سنڌي نه آهيان“ اوهين محسوس ڪندا ته اهو سوال پڇي، اوهان کانئس ڪا پياري شيءِ ] يعني سندس اصل سڃاڻپ[ کسي ورتي هجي ۽ ڪا تهمت ] سنڌي هئڻ جي[ مٿس مڙهي ڇڏي هجي، جيڪا کڻڻ تي هو لڄي ٿيندو هجي ۽ انهيءَ ] پاڻ کي سنڌي سڏائڻ[ کي بلڪل به پسند نه ڪندو هجي. جڏهن ڪنهن مراعت يا فائدي تي دعوا ڪرڻ جو ڪو معاملو آهي ته اهو ساڳيو ئي ماڻهو، جهٽ پٽ، ڊوڙي ڊُڪي علائقي جي ڪنهن اعزازي مئجسٽريٽ، جيڪو پڻ گهڻو ڪري اُن وانگي غيرسنڌي ئي هوندو، تنهن وٽ سهڪندي سهڪندي پهچندو ۽ کانئس رضا خوشيءَ سان سنڌ جو ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ حاصل ڪندو. اُن کان پوءِ ٻيهر قلابازي کائيندي، هو وڏي واڪي اها شڪايت ڪندو رهندو ته کيس ’اصلي‘ سنڌي نٿو سمجهيو وڃي!
هاڻي پاڻ وري گڏيل ۽ وسيع پاسي اچون ٿا. جيڪڏهن ڪنهن کان اهو سوال پڇجي ته ”ڇا اوهان هندستاني آهيو؟“- ته اهو ماڻهو ٿڌيءَ دل سان اطمينان واري انداز ۾، ان جو جواب هائوڪار ۾ ڏيندو، بلڪ ايئن، جيئن کانئس وسيع تر مفهوم ۾ اهو پڇجي! ”ڇا اوهين ايشيائي آهيو“ يا اهو ته ”ڇا اوهين انسان آهيو؟“
اهڙيءَ ريت، اهو ڪل هندستاني قومپرستيءَ وارو عجيب ۽ ڌنڌلو تصور رڳو اسان جي وڏيءَ حد تائين ”هڏڏوکي“ انگريز آقائن جي ذهنن جي پيداوار آهي ۽ اسان کي ڏنل سندن سوکڙي آهي، جيڪي ظاهري طرح ”ويڙهايو ۽ راڄ ڪريو“ واريءَ پاليسيءَ تي عمل ڪندڙ آهن، پر اصل ۾، ان تصور ذريعي، اُهي سچ پچ ته ان جي بلڪل ابتڙ عمل ڪري رهيا آهن. سندن نيت آهي ته: ’جيڪي به ممڪن تضاد آهن، تن سڀني کي ڇڪي، تاڻي، گڏ ڪري، هڪ وحداني ڍانچو قائم ڪيو وڃي، ۽ پوءِ، پنهنجيءَ پَر ۾ ديانتدايءَ سان، ۽ وڏي احسان ڪندي، اهو ]وحداني ڍانچو[ اسان جي حوالي ڪن ته جيئن اسين پاڻ ۾ وڙهندا رهون ۽ اهي اسان کي هڪٻئي سان وڙهندي ڏسي خوش ٿيندا رهن.
هندو قومپرستي ۽ مسلم قومپرستي، ٻئي، هڪٻئي جو ضد ۽ هڪٻئي جو توڙ آهن يا ٻين لفظن ۾ ايئن چئجي ته اهي ٻئي، هڪٻئي سان ٽڪراءُ ۾ ايندڙ لقاءَ آهن، جن جا بنياد ٻن خسيس حقيقتن تي آهن.- پهرين: اها جيڪا ] مذهب جي نانءَ ۾ هٿرادو پيدا ڪيل [ قومپرستي اتهاس جي غلط اڀياس مان اُسري آهي، ۽ ٻي: اها جيڪا ساڙ، جانبداريءَ ۽ بدخواهيءَ جو نتيجو آهي. اها قومپرستي ٻنهين ڌُرين جي تعليمي ۽ معاشي ترقيءَ وارن ميدانن ۾ اڻبرابريءَ ۽ عدم مساوات مان اڀري ۽ اسري آهي، پر، ان هوندي به، هن وقت سڀ کان وڏي دلجاءِ ڏيندڙ صورتحال هيءَ آهي ته گذريل ٻن صدين تائين پکڙيل سندن گڏيل غلامي عملي طور اڃا تائين ٻنهين ڌرين جي ذهنن مان نه نڪتي آهي. ان ڏس ۾ ٻه بنيادي ۽ ڏکوئيندڙ حقيقتون آهن. پهرين حقيقت هيءَ آهي ته هڪ دور هو، جڏهن هڪ ڌر ]مسلمان[حڪمران هئا، ۽ ٻي ڌر ]هندو[ رعيت هئا. پر هاڻي حقيقت هيءَ آهي، ٻنهين ڌرين وچ ۾ تعليمي ۽ معاشي ميدانن ۾ اڻبرابري هاڻي تيزيءَ سان ختم ٿي رهي آهي.
گهڻي معصوميت سان، اها ڳالهه وساري وڃي ٿي ته هڪ اڌ ابتدائي حملي کي ڇڏي، ٻيون جيڪي به ڪاهون مسلمانن، هن ننڍي کنڊ تي ڪيون، تن ۾ اسلام پکيڙڻ واري خواهش گهٽ هئي ۽ هن سُکيي ستابي خِطي کي معاشي طرح ڦرڻ ۽ لٽڻ يا هتي سلطنتن جي قيام جي خواهش بنيادي هئي. غورين ۽ خلجين کان وٺي ويندي احمد شاهه ۽ نادر شاهه جي ڪاهن تائين، سڀني ٻاهرين ڪاهي ايندڙ مسلمان فوجن جو مقابلو، هتان جي مسلمان سردارن، مسلمان حڪمرانن ۽ شهنشاهن ڪيو، جيڪي پڻ ماهر فوجن جي سرواڻي ڪري رهيا هئا؛ انهن ٻاهرين پر هڪڙي ئي مذهب وارن ڀائرن جي ڪيل ڪاهن جو مقابلو ڪيو ۽ رعيتي قومن جي مذهبن ۾ ڪابه مداخلت نه ڪرڻ ڏني. اهو پڪو پختو سياسي اصول آهي، جيڪو انگريز واپارين راتو رات دريافت ڪري، عمل ۾ نه آندو هو، بلڪه انهيءَ اصول تي انهن کان اڳ وارن مسلمان حاڪمن پڻ سختيءَ سان عمل ڪيو هو.
اتهاس انهيءَ سچ جو ساکي آهي ته ننڍي کنڊ ۾ مسلمان حڪمرانن، عام ماڻهن يا رعيتن جي مذهبن مٽائڻ لاءِ سرڪاري سطح تي تحريڪون نه هلايون هيون ۽ نه ئي وري مختلف رعيتي قومن جي زندگين جي مختلف سماجي-معاشي ڍانچن کي تبديل ڪري، انهن کي اسلام جي معاشي- سماجي اصولن يا سياسي نظرين ۽ عمل پٽاندر ترتيب ڏني هئي. هتي ماڻهن جي مذهب مٽائڻ جون سڀ ڪوششون ذاتي ۽ خانگي هيون. اهڙي ذاتي ۽ خانگي معاملن کي سرڪاري کاتي ۾ نٿو ڳڻي سگهجي. لاڳاپيل حڪومتون، عوامي ۽ سياسي معاملن جي انتظامي معاملن کي اثرائتي ۽، سٺي نموني ۽ باقاعدگيءَ سان هلائڻ جون پابند هيون. اها ڳالهه رڳو مسلمانن تي ئي، نه پر هندن تي به لاڳو هئي. ان کان سواءِ پراڻي يا نئين مسلمان ٿيل ماڻهوءَ کي مذهب جي بنياد تي، ڪو غيرمعمولي سياسي فائدو نه ڏنو ويندو هو. اهو نئون مسلمان ٿيل ماڻهو پڻ رعايا جو حصو ٿي رهندو هو. جيڪڏهن ڪو ڪاٺير هو ته اهو ڪاٺير ئي رهيو ۽ جيڪڏهن پخالي هو ته پخالي ٿي رهيو. ايترو ضرور ٿيو ته مسلمان ٿيڻ کان پوءِ اهو سماجي طرح ٿورڙو مٿڀرو ضرور ٿيو، جو هندن جي جاتي سرشتي مان کيس آزادي ملي ۽ هن حڪمرانن جي مذهب جي اصولن جي پاسداري ٿي ڪئي.
هن وقت انگريزن جي حڪومت ۾ هندو ۽ مسلم محڪوم قومن مان گهڻين جي هاڻوڪي سماجي، معاشي ۽ مذهبي حيثيت، ڪنهن به صورت ۾ انهيءَ حيثيت کان بهتر يا بدتر ناهي، جيڪا مسلمان بادشاهن ۽ شهنشاهن جي ڏينهن ۾ هوندي هئي. ٿي سگهي ٿو ته ڪي استثنائون، هِتي يا هُتي ملي به وڃن، پر گهڻي ڀاڱي اهي حالتون مسلمانن جي حڪمرانيءَ وارن ڏينهن ۽ پڻ هلندڙ انگريزن جي حڪمرانيءَ جي دور سان لاڳو ٿين ٿيون، ۽ پوري اطمينان يا خاطريءَ سان، چاهيندي يا نه چاهيندي، اهي عام مشاهدي ۾ آڻي سگهجن ٿيون.
هتي جيڪا ڳالهه ڌيان لهڻي، سا هيءَ آهي ته هن ننڍي کنڊ ۾، ڪي ڏهاڪو کن صدين تي پکڙيل مسلمانن جي حڪمرانيءَ واري تاريخ، ڪنهن به هندوءَ کي اهو سبب يا بهانو فراهم نٿي ڪري ته ان حالت تي لڄي ٿئي ته ڪنهن عرصي دوران هر هڪ مسلمان سندس آقا هو ۽ هُو رڳو ٻانهو هو، ۽ نه ئي وري اها ڳالهه ڪنهن مسلمان کي اهو خوشفهميءَ وارو سبب فراهم ٿي ڪري ته اهو ڪنهن زماني ۾ آقا هو ۽ هر هڪ هندو سندس غلام هو.
انهيءَ سڄي پسمنظر ٻنهين ڌرين – هندو ۽ مسلمانن ۾، شدت، وارا لاڙا پيدا ڪيا آهن، ۽ ٻنهين ڌرين منجهه گهڻا غير معقول، کوکلا ۽ جذباتي ردعمل پڻ موجود آهن، جن جي نتيجي ۾ هڪڙا ] يعني هندو[ سڌو سنئون، پنهنجي ماضيءَ واري غلاميءَ جي بدلي وٺڻ جي ڀاونا ۽ لاڙو رکن ٿا ۽ ٻيا وري پنهنجي وڃايل غالب حيثيت کي ٻيهر ماڻڻ جي خواهش رکن ٿا.
ماضيءَ ۾، ٻنهي، هندن ۽ مسلمانن، جي هڪٻئي جي مقابلي ۾ نسبتي حيثيت جيڪا به هئي، پر گذريل ٻن صدين دوران، انگريز آقائن جي ماتحتيءَ ۾، سندن گڏيل غلاميءَ واري تلخ تجربي نه رڳو اڻبرابريءَ وارن سمورن نشانن، جيڪي ڪڏهن هئا، کي ميساري ڇڏيو آهي. بلڪه، انهيءَ ماضيءَ جي ڀيٽ ۾، منجهن ڪي وڌيڪ چٽا ۽ ڏُور رس نوان فرق به پيدا ڪيا آهن ۽ انهيءَ گڏيل اڻبرابريءَ، سڄي اڳوڻي صورتحال کي ابتو ڪري، ٻنهين ڌرين کي انگريزن جو غلام بڻائي ڇڏيو آهي.
انگريزن جي تاريخي طرح طئه ٿيل تفريق واري ورتاءُ، پڪ سان، هندن کي فائدو ۽ سرپرستي فراهم ڪئي آهي، مسلمانن جي مخصوص نفسياتي شڪ، ساڙ ۽ نئين انتظام هيٺ دستياب فائدن کي ماڻڻ ۾ نابري وارڻ سبب هندو اقتصادي ۽ تعليمي طرح مسلمانن کان اڳڀرا ٿي ويا. هندن خود اعتماديءَ، مزاج ۾ تبديليءَ ۽ تبديل ٿيل حالتن جي تقاضائن کي تڪڙي موٽ ڏيڻ وسيلي، هر ميسر موقعي مان ڀرپور فائدو ورتو، ۽ ان ريت هندن تعليمي، معاشي، سماجي ۽ سياسي طرح فائدا ماڻيا. جڏهن ته ٻئي پاسي، مسلمانن، پنهنجي ليکي پاڻ کي درست قرار ڏيندي، لاپرواهه ٿي وڃي اڳي وانگي سمهي رهيا. مسلمان جڏهن گهڻي وقت وڃائڻ کان پوءِ، اکيون مهٽي جاڳيا ته ان وقت تائين حالتون گهڻو اڳتي نڪري چڪيون هيون، انهن اچرج وچان ڏٺو ته هندن هينئر هر پاسي واپار، تعليم ۽ سرڪاري نوڪرين ۾ پنهنجو مرتبو ٺاهي ورتو هو. هاڻي مسلمانن، اهي سخت ڏوراپا ڏيڻ شروع ڪيا ته هندو به انهن وانگي ساڻن گڏ ننڊ ڇو نه ستا رهيا! اهڙيءَ صورتحال کان گهٻرائجي ۽ انهيءَ خال کي ڀرڻ لاءِ انهن ڪوششون ڪرڻ شروع ڪيون، پر وقت گهڻو اڳتي نڪري چڪو هو، مقابلي جي ڊوڙ هاڻي بي جوڙ يا اڻبرابريءَ واري هئي، مسلمان پنهنجي زرعي سماج ۽ ان تي آڌاريندڙ زندگيءَ سبب بنهه بيوس بڻيا رهيا، ۽ اهي انهيءَ صورتحال جي ڇپ هيٺان دٻيل هئا.
هندو ڪاروباري ماڻهو هئا تن حڪمران انگريز سوداگرن سان ڪاروباري لاڳاپا قائم ڪري، وڏا معاشي ۽ واپاري فائدا ماڻيا. انهن وٽ وقت هو، موقعا هئا ۽ سوچيندڙ، لوچيندڙ ذهن هئا، جن گهڻي گهرج محسوس ڪئي ته سندن چوڌاري، ملڪ ۾ جيڪي واقعا ٿي رهيا هئا، تن جو اڀياس ڪن ۽ تن کي سمجهن. جڏهن ته مسلمان مجموعي طور، سماجي ۽ معاشي دٻاءُ ۾ ايندا ويا، ڇو ته اهي سماجي طرح قدامت پسند ۽ معاشي طور پوئتي پيل هئا. جيڪڏهن ڪنهن کان ڏکيءَ ويل ۾، قرض کڻندا هئا ته غربت ۽ مناسب آمدني نه هئڻ سبب اهو وقت سر واپس ڪري نه سگهندا هئا. اهي سياسي طور غيرمتحرڪ هئا ۽ سندن گُذر سفر جو مُک ذريعو زراعت هو، جيڪو پڻ ڏينهون ڏينهن پوئتي پوندڙ هو، نتيجي طور، اُهي آهستي آهستي مستقل نموني واپاري دلالن ۽ وياج خورن وٽ قابو ٿيندا ويا ۽ قرضن ۽ غربت جي ڌُٻڻ ۾ ڦاسجندا ويا.
انهن مان ڪي ٿورڙا وڏا جاگيردار هئا، جيڪي پنهنجي زرعي زمين جي پيداوار مان حاصل ٿيندڙ ڪُل آمدنيءَ جو وڏو حصو پاڻ کڻي ويندا هئا، ۽ ائين اُهي دولت ميڙيندا هئا. اهي پنهنجو وقت، پئسو ۽ پنهنجيون توانايون فضول ۽ بي مقصد عياشين ۽ غيرمنافعي بخش عملن تي خرچ ڪندا رهيا. انهن جا لکين مسلمان ڀائر، جيڪي بي زمين ۽ سندن سرڙيا هاري ۽ پورهيت هئا، سي زرعي اپت مان ايترو مس حاصل ڪري سگهندا هئا، جو سندن گذران ئي ڏکيائيءَ سان ٿي سگهندو هو. سندن ساندهه ۽ اڻٿڪ محنت جو واڌو ڦَلُ سندن زميندار، ناجائز طريقي سان ڦٻائيندا رهيا. ڪُڙمي ۽ پورهيت پيٽ گذر لاءِ ڏينهون ڏينهن بي انت جاکوڙ ڪندا رهيا، پر ان مان سندن گذارو نه ٿيندو هو ۽ پنهنجين روزمرهه جي گهرجن جي پورائي لاءِ ميڙي چُونڊي يا ڳههَ ڳري وياج عيوض شاهوڪارن يا وياج خورن وٽ گروي رکڻ تي مجبور ٿيندا ويا.سندن زميندار به مٿن غُربت، بُک ۽ بدحاليءَ جهڙيون حالتون مڙهيندا رهيا، اهڙيءَ ريت، هوند وارا، هر طرح، غريبن ۽ مجبورن کي ڦريندا رهيا ۽ پاڻ سکيا ستابا ٿيندا رهيا.
اها نسوري غيرانساني طبقاتي جوڙجڪ، جيڪا زرعي سماج ۾ رائج هئي، سا مسلمانن جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ بڻجي ويئي هئي. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو، جو هندو سڀني ميدانن ۾ منظم طريقي سان ترقيءَ جون منزلون طئه ڪندا ويا، ۽ مسلمان نراسائيءَ ۽ نااميديءَ سبب بيڪار ۽ لاچار بڻيل، جتي هئا، اتي ئي ڄميا بيٺا رهيا ۽ اهڙيءَ ريت ترقيءَ جي راهه تي تڪڙي هلڻ يا ٻرانگهون ڀرڻ ته پري جي ڳالهه آهي، پر اُهي اُن گس ڏانهن ٿورڙي به تحرڪ وٺڻ جا اهل نه رهيا. تنهن ڪري اهي هندن کي نندڻ ۽ کين ڏوهي بنائڻ لڳا، کين دڙڪا ۽ دهمان ڏيڻ لڳا، چي: اڳتي وڌڻ، ترقي ڪرڻ کان لاچاري ڏيکارڻ ۾ اُهي ساڻن گڏ ڇو نه هئا! ٻين لفظن ۾ هندن ترقي ڇو ڪئي!
ڪو ماڻهو ان ارمان ڪرڻ ۾ آزاد آهي ته ٻين ڪيئن نه خودغرضيءَ وچان پاڻ کي ترقي ڏياري آهي، پر ڪوبه ماڻهو ڪنهن ٻئي کان اهڙي گهُر بلڪل به نٿو ڪري سگهي ته اهو ترقي ان ڪري نه ڪري، جو هن پاڻ اڃا تائين ان بابت ڪو فيصلو نه ڪيو آهي.
مسلمانن هڪ ڳالهه وساري ڇڏي ته هندو واپارين يا وياج خورن سندن استحصال ان سبب نه پئي ڪيو جو اهي هندو هئا، پر اهي ايئن ان لاءِ ڪري رهيا هئا، جو اهي واپاري ۽ شاهوڪار هئا.
ڪنهن سرڪاري آفيس ۾ ڪنهن هندو ماڻهوءَ کي ڪلارڪي مليل هئي ته ان جو مطلب اهو ناهي ته کيس انڪري نوڪريءَ ۾ رکيو ويو، جو هُو هندو هو، پر کيس اها نوڪري، انڪري ملي، جو انهيءَ آفيس کي اهڙي ماڻهوءَ جي گهرج هئي، ڪو مسلمان ان لاءِ اهل هجي ها ته ان کي به اها نوڪري ملي وڃي ها.
بهرحال، سنڌ ۾ اڳ به اها صورتحال هئي ۽ هن وقت به آهي. ان هوندي به، ڪنهن قوم جي مختلف فردن ۽ مختلف طبقن ۾ معاشي يا تعليمي اڻبرابري ٿي سگهي ٿي، پر ان جي بنياد تي کين سماجي ۽ سياسي طرح الڳ نٿو ڄاڻائي سگهجي ۽ نه ئي وري اهڙي فرق کي ڪنهن قوم کان پنهنجي ورثي کسڻ جو دليل بنائي سگهجي ٿو. ۽ نه ئي ڪن اوپرن ۽ ڌارين ماڻهن کي ٻاهران آڻي زمينون، نوڪريون، واپار، تجارت، ڌنڌا ۽ روزگار جا ٻيا اهڙا وسيلا انهن جي حوالي ڪرڻ جي اجازت ڏيئي سگهجي ٿي. جن تي رڳو ئي رڳو ڌرتي ڌڻين کي حق حاصل آهي.
اها ته بدنيتي ۽ تنگ نظر بدلي واري حالت هوندي، جو ڪنهن قوم جي پٺتي پيل حصي، جنهن ۾ همٿ، صلاحيت ۽ خود اعتمادي نه هجي، لاءِ چئجي ته اهو ترقي ڪيل حصي کان اڳتي نڪرڻ جي لائق ناهي. جيڪڏهن ماڻهن اندر سماجي- اقتصادي اڻبرابري، سندن وچ ۾ ورهاست لاءِ جوڳي ميدان طور سمجهي وڃي ته پوءِ، اڳتي هلي، ان جو نتيجو ٻنهي پاسئين آباديءَ جي مٽاسٽا ۽ شهري حقن جي نقصان جي صورت ۾ نڪرندو. ان صورت ۾ مسلمانن ۽ هندن جي پورهيتن کي ان گُهر ڪرڻ جو جوڳو ميدان مليل آهي ته اهي پنهنجي لاءِ ”مزدورستان“ جو مطالبو ڪن ۽ زميندار ”زميندارستان“ ۽ شاهوڪار ”شاهوڪارستان“ جو مطالبو ڪن.
ان صورت ۾، ورهاڱا عمودي صورت ۾ نه، پر افقي صورت ۾ ٿيندا، معاشي ۽ سماجي طور تي رعايت ماڻيل طبقا، هندو توڻي مسلمان، سڀني کان مٿي هوندا، ۽ ٻنهين مذهبن يا ڌرمن جا لکين ڪروڙين ماڻهو، جيڪي سندن هيسايل ۽ ڏجهايل آهن، سي سڀني کان هيٺ هوندا.
ڪنهن قوم جي سڀني عنصرن وچ ۾ سماج جي مقرر اصولن پٽاندر انصاف ۽ برابريءَ تي ٻڌل لاڳاپن جو هئڻ ضروري آهي، ۽ اها سدائين سڀني جي دل گهري خواهش رهي به آهي، ان لاءِ وڌيڪ عزت ڀريا ۽ گهربل نتيجا ڏيندڙ طريقا پڻ موجود آهن، جيڪي بيحد ضروري سماجي- معاشي اعتدال يا برابريءَ ڏانهن وٺي ويندڙ آهن، جن کي سولائيءَ سان ڳولي سگهجي ٿو ۽ انهن تي عمل ڪري سگهجي ٿو، ڪنهن قوم جي جياپي وارن سمورن وسيلن ۽ ان جي معيشت کي، ڌارين جي حوالي ڪرڻُ ۽ ڪنهن قوم جي سموري وطن کي مجموعي طرح ڌارين جي اختيار ۽ استعمال ۾ ڏيڻ مسئلي جو حل ناهي. ايئن ڪرڻ کي خدمت نه چئبو، پر اها پاڻ سان دوکي ڪرڻ واري سادگي چئبي. اهڙو اپاءُ وطن خلاف هوندو. تاريخ اهڙيءَ ويساهه گهاتيءَ ۽ غداريءَ کي نه وساري ڪري سگهي ٿي ۽ نه ئي معاف ڪري سگهي ٿي.
مسلم ليگ جو حمايتي، سنڌ جو ڪو شهري، ٿي سگهي ٿو ته هن طرح دليل ڏيئي: ”جيتوڻيڪ، پاڪستان جي معاملن کي هلائڻ لاءِ اسان جي قطعي صلاحيت ڏکيائيءَ سان ڪُل 10 سيڪڙو مس ٿيندي، پر ساڳئي وقت، پنجاب جا اسان جا مسلمان ڀائر، انهيءَ جي 85 سيڪڙي جا مالڪ هوندا، ۽ باقي 5 سيڪڙو سرحد جي پٺاڻن ۽ بلوچستان جي بلوچن جو هوندو. جيتوڻيڪ، ان صورت ۾ اها رڳو پنجابي مسلمانن جي حڪمراني هوندي، ۽ سندن حڪم هلندو. تڏهن به، اسين هڪ اسلامي رياست قائم ڪري رهنداسون ۽ اسلام ڀائيچاري ۾ يقين رکي ٿو، ڇا مسلمان ڀائر، دولت، موقعن ۽ وسيلن کي برابر ۽ منصفاڻي نموني، پاڻ ۾ ونڊي ورڇي نٿا سگهن؟ اسان جا پنجابي مسلمان ڀائر اسان سان غلط وهنوار نه رکندا ۽ هرشيءِ تي پنهنجي هِڪ هَٽي قائم نه ڪندا. اسين پاڻ سندن پيرن ۾ ڇڏيون ٿا، ان اميد سان ته اهي اسان کي نه ٿڏيندا ۽ نه لتاڙيندا. بلڪه اُهي اسان کي پيرن مان کڻي ڇاتيءَ سان لڳائيندا. ۽ اسان کي خوش ۽ خوشحال بڻائيندا؟“
غيرحقيقي اميد ڀري سوچ ۽ ذاتي مفروضا گهڻي غور ويچار جا گهرجائو آهن. پهرين ڳالهه هيءَ آهي ته پنجابي مسلمان پاڻ غربت جا سٽيل اٻوجهه ۽ سماجي طرح هڪ هنڌ بيٺل آهن، سي جيستائين انهن مصيبتن مان پاڻ آجو نٿا ڪرائين، تيستائين ڪنهن ٻيءَ قوم کي مصيبتن مان آجو ڪيئن ڪرائيندا. اُن جي ابتڙ، اهي پاڻ سان گڏجندڙن جي مصيبتن ۾ شدت آڻيندا ۽ عددي اعتبار کان بالادست هئڻ جي ڪري، پنهنجو بار به عددي لحاظ کان زيردست قومن مٿان رکندا.
ساڳيي وقت، معياري برتري به انهيءَ قوم جي کاتي ۾ ڄاڻائي پئي وڃي ته اهي اسان لاءِ معجزا ڪري ڏيکاريندا ۽ اسان گهٽ سڌريلن کي سڌاريندا. اها ڳالهه به ايئن ٿيندي، جيئن يورپ جا گورا ”ڪارن“ کي سڌارڻ نڪتا هئا. ساڳيي بهاني ۽ دليل هيٺ تُرڪن لبنان تي قبضو ڪيو، مصرين سوڊانين تي حڪمراني ڪئي ۽ ايراني افغانين جا آقا بڻيا. پر، ان مامري ۾ ڏکويئندڙ حقيقت سدائين هيءَ رهي آهي ۽ اڳتي به رهندي ته اهڙي قوم جيڪا پنهنجي ليکي ٻين کي ’سُڌارڻ‘ جي مهم تي نڪرندي آهي، اها سڌيءَ ريت انهن ”اڻ سڌريل“ قومن تي سياسي غلبو حاصل ڪندي آهي ۽ سندن معاشي ڦرلٽ ڪندي آهي ۽ معاشي طور انهن جو استحصال ڪندي رهندي آهي. اها واقعي ويچارڻ واري ڳالهه آهي ته ڇو لبنان ۽ شام، ترڪيءَ ۽ اڳوڻي اوڀر اردن (جيڪو هاڻي گڏيل اردن ۾ شامل آهي)جي اميرَ جي جارحاڻي اڳرائيءَ خلاف گڏيل بچاءُ واري هڪ ٺاهه تي صحيحون ڪيون آهن. ڇو سوڊانين، مصرين جي ميرين نيتن کي ڏسندي، ”سوڊان آزادي محاذ“ جوڙيو ۽ ڇو افغانين وچن ڪيو آهي ته اهي ايرانين جي تجويز ڪيل ماتحتيءَ کي قبولڻ بدران موت کي ترجيح ڏيندا.
پنجاب جي مسلمان ڀائرن سان تجويز ڪيل اڻبرابر سياسي ڀاڱي ڀائيواريءَ ۾، سنڌي مسلمانن کي ڇا ملڻو آهي، اهو پنجابي زميندار جي سنڌي هاري ۽ پنجابي آفيسر جي سنڌي ڪلارڪ سان ورتاءُ مان ئي پڌرو آهي. سنڌ ۾ جيڪي زمينون پنجابين جي هٿ آهن، تن تي پيڙهين کان هارپو ڪندڙ سنڌي هارين کي هارپي ڪرڻ کان جواب ڏنو ويو آهي، ۽ اسان جا سنڌي شاگرد ۽ سرڪاري آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ ننڍا وڏا ملازم، ڌارين استادن يا بالا آفيسرن جي غيرهمدرداڻي، مايوس ڪندڙ، ڌڪار ۽ ذلت ڀريي ورتاءُ هيٺ ڪم ڪن ٿا، حقيقت اها به آهي ته هن وقت تائين ڪوبه هڪ پنجابي مسلمان يا ٻيو ڪوبه هڪ غيرسنڌي مسلمان، سنڌ ۾ سماجي ڪارڪن يا فلاحي رضاڪار جي حيثيت ۾ نه آيو آهي ۽ جيڪي به غيرسنڌي اڄڪلهه هتي ڏسجن پيا، سي سڀ پيشيوراڻي مهمجوئي ۽ ڪيريئر ٺاهڻ جي چڪر ۾ آهن، سنڌ ۾ 75 سيڪڙو سنڌي مسلمان ’غريب، اٻوجهه ۽ اڻ پڙهيل‘ آهن ۽ اهي غيرسنڌي سندن محبت ۽ ڳڻتيءَ ۾ ڳريل پيا ڏسجن. دعوا پيا ڪن ته اهي 25 سيڪڙو استحصالي سنڌي هندن جي سياسي ۽ اقتصادي چنبي مان کين آزاد ڪرائيندا. اهو معاملو خواريءَ جي حد تائين احمقاڻو ۽ امڪاني حد تائين جوکم ڀريو آهي.
ٻي ڳالهه هيءَ آهي ته اِهي رڳو پنجابي مسلمان نه هوندا، جيڪي اسان جي خرچ تي موج ڪري رهيا هوندا، پر پنجابي هندو ۽ پنجابي سِک پڻ انهيءَ راهه تي هلندا ۽ ماٺ ميٺ ۾ اُهي به پنهنجي لاءِ مال ملڪيت ميڙيندا. سِکن ته اڳ ۾ ئي هتي پنهنجون وڏيون جاگيرون قائم ڪري ورتيون آهن، ايتريقدر جو اسان جي شهر، ٽنڊي جان محمد کي، جنهن جي نالي پٺيان هڪ تمام وڏي تاريخ آهي، ”خالصا نگر“ ۾ تبديل ڪرڻ جون ڪوششون پوري اوج تي آهن. سڀ کان وڏي ڳالهه هيءَ آهي ته مسلم ليگ پنجاب جي صدر مارچ مهيني ۾ ڏنل پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته مسلم ليگ غيرمسلمانن مٿان مسلم راڄ قائم ڪرڻ جو ڪوبه ارادو نه ٿي رکي، هُن پنجابي هندن ۽ سِکن کي اپيل ڪندي چيو آهي ته اهي هڪ خوشحال پاڪستان جي قيام لاءِ ساڻن سهڪار ڪن، پنهنجيءَ ڳالهه کي جاري رکندي هن وڌيڪ چيو آهي ته اهڙو واقعو پنجاب جي تاريخ ۾ هڪ سڀاڳو ۽ يادگار ثابت ٿيندو. سندس ان بيان جو اشارو سمجهه ۾ ايندڙ آهي.
ٽين ڳالهه هيءَ آهي ته اسلامي ڀائيچاري وارو تصور ڪنهن فرد يا ڪنهن قوم جي ڪامل انفراديت ۽ آزاديءَ کي ماڻڻ ۽ اُن کي قائم دائم رکڻ واري حق کي اُن وقت تائين رد يا خارج نٿو ڪري، جيستائين اُها انفراديت ۽ آزادي ٻين فردن يا قومن جي اهڙن ئي مقدس حقن جي لتاڙ نٿي ڪري. اهڙو ڀائيچارو سڀني اڪاين وسيلي ۽ انهن وچ ۾ برابريءَ جي بنياد تي قائم ٿيڻو آهي. جيڪڏهن اهو ڀائيچارو هڪ قوم وچ ۾ آهي ته ان جو ترڪيبي ايڪو هڪ فرد هوندو ۽ جي اهو قومن جي برادرين وچ ۾ آهي ته ان جو ترڪيبي ايڪو قوم هوندي. يا اسلامي ڀائيچاري جو مطلب، پڪ سان، هڪ قوم لاءِ غلامي ۽ ٻيءَ قوم لاءِ سرپرستيءَ وارو نه هوندو. اسلام ڪنهن فرد يا قوم جي انفراديت ۽ آزاديءَ کي نه رڳو مڃي ٿو ۽ ان جي اجازت ڏئي ٿو، پر، مثبت نموني، انهن جي حقن تي به زور ڏئي ٿو ته ڪنهن فرد جي جان، مال ۽ وقار ٻئي فرد لاءِ پوتر ۽ احترام جوڳا آهن. ساڳيءَ ريت، ڪنهن قوم جي معاشي سگهه، آزادي ۽ خودمختياري ٻيءَ قوم لاءِ پوتر ۽ نظرانداز نه ڪرڻ جوڳي آهي. ڪنهن فرد يا قوم جي انفراديت کي مانُ ڏيڻ ۽ ان جي احترام وارو معاملو گڏيل به آهي ۽ ڏي وٺ جوڳو به آهي. تنهن ڪري، فردن جي تنظيم يا قومن جي ڀائيچاري جو بنيادُ انساني آزادي آهي، انهيءَ کان انڪار نظرياتي يا عملي، ڪنهن به صورت ۾ ڀائيچارو پيدا نه ڪندو، ان جي ابتڙ اهو لازمي طرح، هڪڙن لاءِ غلامي ۽ ٻين لاءِ سرپرستيءَ جو نتيجو ڏيندو.
پڇاڙڪي ڳالهه هيءَ آهي ته اهو ضرور ياد رکڻ کپي ته اسلامي رياست جو قيام ڪنهن به صورت ۾، هڪ قوم جي آزاديءَ کان انڪار، ۽ انهن مٿان ٻيءَ ڌاري قوم جي دائمي حاڪميت مڙهڻ سان بلڪل مشروط نه آهي. جيڪڏهن ايئن ٿيو ته اهڙو عمل، حقيقت ۾، ان جي قيام واري مقصد جو مڪمل انڪار هوندو. اهو ياد رکڻ کپي ته جيڪڏهن سنڌي مسلمانن جي پنهنجي مرضي ۽ فيصلو آهي ته پوءِ کين پنهنجي ئي وطن ۾، جتي اهي 75 سيڪڙو اڪثريت ۾ آهن، هڪ اسلامي رياست قائم ڪري سگهندا. کين ايئن ڪرڻ لاءِ، ڪنهن ٻيءَ ڌاري مسلم قوم کان ڪنهن به قسم جي سهائتا جي ڪابه گهرج ناهي، پر جيڪڏهن ڪا اسلامي رياست، ڪنهن ٻاهرينءَ مدد سان، قائم ٿيڻي آهي ته پوءِ ان صورت ۾، 55 سيڪڙو پنجابي مسلمانن کي اسان جي ان کان به گهڻي ضرورت پوندي، جيتري مدد يا سهائتا اهي اسان کي ڏيڻ لاءِ فڪرمند آهن ۽ 10 سيڪڙو مدراسين ۽ 13 سيڪڙو بهاري مسلمانن کي اڃا به وڌيڪ مدد جي گهرج ٿيندي، پر اچرج ۽ افسوس ان تي آهي ته بنهه ابتڙ، گمراهه ڪن پاليسيءَ جي وڪالت ڪئي پئي وڃي ۽ ان جي پوئواري ڪئي پئي وڃي.
پنجابي مسلمان، جيئن پنجاب مسلم ليگ جي صدر پنهنجي بيان ۾ چيوآهي، غيرمسلمانن مٿان مسلم راڄ قائم ڪرڻ جو ڪو ارادو نٿا رکن، ان جي ابتڙ، بهاري مسلمانن کي بهار صوبي مان وقفي وقفي سان ۽ جزوي طور لڏپلاڻ ڪرائي، پنجاب ۾ نه، پر بنگال ۽ سنڌ ۾) آباد ڪيو پيو وڃي ۽ ايئن کين پنهنجي وطن بِهار ۾ ڪمزور ڪيو پيو وڃي. اهڙيون لڏپلاڻيون بهارين جي پنهنجي ديس ۾ ڳتيل آباديءَ کي ڇڊو ڪنديون ۽ لڏپلاڻ کان رهجي ويل آباديءَ لاءِ مقامي سطح تي خطرا شديد ڪنديون. ان عمل جو سمورو فائدو هندو سرمائيدارن ۽ زميندارن کي پوندو. انڪري اها نه ته مسلمانن جي خدمت چئبي ۽ نه وري اسلام جي. هن سموري عمل مان رڳو پنجابي پاڪستانين کي ”پاڪستان“ جي اصطلاح هيٺ سنڌ، بلوچسان ۽ سرحد (هاڻي خيبر پختونخوا) تي پنهنجي قطعي بالادستي قائم ڪرڻ جي ڳالهه کي هٿي ڏيڻ جو موقعو ملندو، نه ته اهو اصطلاح ڪنهن لاءِ چڱو ۽ فائدي وارو نه آهي. هيءُ سڀ ٻين علائقن ۾ رهندڙ پنهنجن ڀائرن جي ڏکن ڏاکڙن منجهان سياسي سرمايي ٺاهڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. غريب ۽ اٻاڻڪا بِهاري روئيندا ۽ پڇتائيندا، جنهن ڏينهن انهن بدنيت ۽ تنگ نظر ليگي اڳواڻن جي صلاح تي هلندي، پنهنجن اباڻن ڪکن ۽ ديس کي ڇڏيو.
انهيءَ کان سواءِ ڪٿي به اهڙو مثال نٿو ملي، جو اسلامي رهڻيءَ ڪهڻيءَ کي زور ۽ زبردستيءَ وسيلي مڙهيو ويو هجي. سچ، طاقت وسيلي ناهي پکڙبو. سچ پنهنجا وڪيل ڳوليندو آهي، ۽ پنهنجا سپاهي رڳو پنهنجي موروثي گڻ يا خوبيءَ ۽ ڪارجُ ذريعي گڏ ڪندو آهي. قرآن پاڪ ڪوڙن، ٺوڳي ۽ منافق ماڻهن کي للڪاريندي، فرمائي ٿو: ”پنهنجا دليل آڻيو، جيڪڏهن اوهين سچ تي آهيو.“
ڀارت توڻي دنيا جي قومن اڳيان، حال يا ويجهي ماضيءَ ۾، اسلامي رهڻي ڪهڻيءَ لاءِ ڪهڙا دليل، ۽ ڪهڙا اصول ۽ پروگرام ۽ ڪهڙا نمونا (Models) پيش ڪيا ويا آهن، جو چئجي ته اسلام جي سچ کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي.
تنهن ڪري، اهو صاف ظاهر آهي ته جيڪو اسلام، بزدلاڻي نموني فتح ڪيل علائقن کي خالي ڪرڻ، ماڻهن جي بيٺڪيتن کي قائم ڪرڻ ۽ ڳجهي نموني ڪاهن ڪرڻ وسيلي پکيڙيو پيو وڃي، اهو اسلام انهن ”استحصال ڪندڙن“ ۽ ”فاتحن“ جو پنهنجو مخصوص اسلام آهي. حقيقي اسلام جو انهن صاحبن جي ”اسلام“ سان ڪو واسطو ناهي. ”مذهب ۾ ڪابه زور زبردستي ٿي نٿي سگهي، ڇو ته ”سچ واضح طور تي باطل کان اڇو اُجرو هوندو آهي“. ”اوهان کي مختلف ڪٽنبن ۽ قبيلن ۾ خلقيو ويو آهي ته جيئن اوهين هڪٻئي سان انصاف ڪري سگهو.“
اهي اهڙيون ڳالهيون آهن، جيڪي (ماڻهن جو نه، پر) خدا جو اسلام ۽ سندس پيارا پيغمبر ٻڌائين ٿا.
مذهب حياتي گذارڻ جو ضابطو آهي. اهو اسان کي سيکاري ٿو ته دنيا ۾ اسين پنهنجي فائدي ۽ ٻين جي چڱائيءَ لاءِ ڪيئن گذاريون. ان جا ٻه مک پاسا آهن هڪ، ذاتي ۽ نجي، ۽ ٻيو، سماجي ۽ گڏيل. انهن ٻنهي پاسن جي رهنمائي، پاسداري ۽ انهن کي وس ۾ رکڻ لاءِ مذهب وٽ، حياتي گذارڻ جي ضابطي طور، جوڳا بندوبست هئڻ کپن.
زندگيءَ جي ذاتي پهلوءَ جي سلسلي ۾، مذهب اسلام، هڪ فرد کي پوري آزادي ۽ قطعي اختيار جي اجازت ڏئي ٿو، ۽ تيستائين ڪابه مداخلت نٿو ڪري، جيستائين، ٻئي ڪنهن ماڻهوءَ جي ساڳين حقن لاءِ ڪو خطرو پيدا نٿو ٿئي.
اسلام فرديت کي تحفظ فراهم ڪري ٿو ۽ ڪڏهن به ان جي لتاڙ نٿو ڪري، اسلام جو اهو بنيادي اصول اڄ سڄي دنيا ۾ قبوليو ويو آهي، جڏهن سڄي دنيا چوي پئي: مذهب، هر هڪ فرد جو ذاتي معاملو آهي يا هئڻ کپي. اسلام جي انهيءَ سنهري اصول کي وڌيڪ هٿي، انڪري، ملي ٿي، جو، سڄيءَ دنيا ۾ شعوري يا لاشعوري طور هر هڪ ماڻهو، انهيءَ اصول کي عمل ۾ آڻي ٿو.
اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته وچئين دور ۾ معاملو ايئن نه هو. اُن دور ۾ هڪ رومن ڪئٿولڪ عقيدي وارو ماڻهو، پنهنجي عقيدي جي اعتبار کان ڪنهن پروٽسٽنٽ فرقي واري ماڻهوءَ کي جيئري ساڙڻ کي پنهنجو مقدس فرض سمجهندو هو ۽ ساڳيءَ طرح وري پروٽسٽنٽ فرقي وارا ڪئٿولڪن لاءِ ايئن ئي سوچيندا هئا، پر اڄ، مثال طور، ڪوبه مسلمان، يا ڪوبه هندو، روحاني عقيدي ۽ مذهبي عبادت جي ذاتي ۽ نجي طريقن، ۽ ٻين جي ورتاءُ جي سلسلي ۾ ڪا هٻڪ ۽ اُڪساءُ محسوس نٿو ڪري. پڪ سان، ڪنهن کي اجازت نه ٿي ڏيئي سگهجي ته اهو انهن معاملن ۾ ڪنهن ٻئي لاءِ رڪاوٽ بڻجي. انهيءَ سلسلي ۾ ڳئون ذبح ڪرڻ ۽ مسجدن سامهون ڳائڻ وڄائڻ ٻه اهڙا معاملا آهن، جيڪي ابتڙ نتيجن طور ڳڻائي سگهجن ٿا. پر اهي معاملا پڻ اڪسائڻ جو سبب نه بڻجندا، جيڪڏهن انهن کي جذباتي ۽ هروڀرو عام ڪرڻ جو رنگ نه ڏنو وڃي ته ٻيون گهڻيون ئي ريتون رسمون، مذهبي ڏِڻ، عادتون ۽ رواج ۽ ٻنهين عقيدن جي مخصوص مذهبي رسمن کي ملهائڻ واريون ڳالهيون، ايتريون ته بي ضرر ۽ اعتراض کان آجون ۽ ساديون آهن جو سڀئي ماڻهو، عقيدي جي فرق کان سواءِ، گڏجي هڪجهڙي جوش ۽ جذبي سان ملهائين ٿا. يا گهٽ ۾ گهٽ اڻ ڌريا رهن ٿا.
تنهنڪري اهو ڏسي سگهجي ٿو ته مذهب پنهنجن عقيدتمند فردن ۽ گروهن جي زندگيءَ جي شخصي ۽ نجي پهلوءَ تي ان طريقي اثرانداز ٿئي ٿو، جو اهي ڪنهن ٻئي مذهب يا عقيدي جي مڃيندڙ فردن ۽ گروهن سان ٽڪراءُ يا جهيڙي ۾ نه اچن. بلڪ مذهب جو اصل روح ئي ماڻهن منجهه محبت وڌائڻ ۽ انساني ڀائيچاري کي قائم ڪرڻ آهي. اسلام جو رهنما اصول، ”دين جي معاملن ۾ ڪابه زبردستي نه هئڻ گهرجي“ مذهب جي ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو. سڀني مذهبن ماڻهن کي مذهبي عقيدي ۽ عبادت جي پوري آزاديءَ جي ضمانت ڏني آهي. ان معاملي کي نظرياتي طرح مڃيو ويو آهي ۽ عمل ۾ ان جي پوئواري ڪئي ويئي آهي. جيڪڏهن آئيني طرح ان اصول کي مڃيو وڃي ته اهو ڪنهن جي ان سلسلي ۾ سڀني خدشن کي ميسارڻ ۽ مطمئن ڪرڻ لاءِ ڪافي هئڻ کپي.
مذهب، جيئن ته انساني زندگيءَ جي سماجي ۽ گڏيل پهلو تي اثرانداز ٿئي ٿو، تنهنڪري ان کي ته مختلف عقيدن جي سڀني پوئلڳن وچ ۾ ڪو هم آهنگي پيدا ڪندڙ عنصر هئڻ کپي. مذهب جون ڳالهيون ۽ اصول ۽ دائمي قدرَ، جيڪي زندگيءَ جي سماجي ۽ گڏيل پهلوءَ سان لاڳاپيل آهن، اهي انساني سوچ جي ارتقائي اتهاس جي اڻ ڳڻين صدين کان پوءِ، اڄ اهڙي ڪائناتي واهپي تائين پهتا آهن، جو اهي نظرياتي طور سڀ انهن کي مڃين ٿا ۽ انهن جي وڪالت ڪن ٿا. انهيءَ سلسلي ۾، جيڪڏهن اسلام کي مذهبي خيال جي سڌريل شڪل سمجهجي، جيڪو ارتقائي مرحلا طئه ڪري پنهنجي هاڻوڪي اسريل هيئت کي رسيو آهي، ته پوءِ سڄي دنيا اسلام کي مڃيندي ۽ ان جي کُلي حمايت ڪندي.
ايئن چوڻ ته اڄ، تيرهن صدين گذرڻ کان پوءِ به، دنيا اڳيان پيش ڪيل اسلام جا آزاداڻا خيال ۽ ترقي پسند ويچار ڌارائون ڪابه عالمگير مڃتا ۽ ناماچاري ماڻي نه سگهيون آهن، اهو ان کي گهٽ مانُ ڏيڻ برابر هوندو ۽ پاڻ اسلام جي محرڪن کان انڪار هوندو.
فرينچ انقلاب، جيڪو هڪ طرح اسلام جو ئي پڙاڏو هو، تنهن سموري يورپ ۾ ويهن سالن جي سخت مزاحمت کان پوءِ به رڳو ايندڙ ٽن ڏهاڪن ۾ دنيا ۾، جتي ڪٿي، پنهنجا مڃيندڙ ۽ پوئلڳ پيدا ڪري ورتا. روس جو سماجوادي انقلاب، پنهنجي جوهر ۾، فرينچ انقلاب جو پڙاڏو هو. اهو به چئجي ته اسلام جي پڙاڏي جو پڙاڏو هو. ان پاڻ تي مڙهيل نام نهاد اوڻاين کان پوءِ به، دنيا جي عام ماڻهن ۾ مڃتا ۽ مشهوري ماڻي، جو ان خيال کي پکيڙيندڙ اڪيلي منظم پليٽ فارم ”ڪميونسٽ انٽرنيشنل“ کي، ان جي ٺهڻ جي ٻن ڏهاڪن اندر ختم ڪيو ويو، ڇاڪاڻ ته اهو امن ڀرين خيالن کي پکيڙي رهيو هو ۽ جتي ڪٿي، قومن جي رضاڪاراڻي قبوليت ماڻي رهيو هو.
سماجوادي نظريي جي اصولن جي پرچار لاءِ اهڙي ڪنهن اداري جي وڌيڪ گهرج نه محسوس ڪئي ويئي ۽ ان کي بند ڪيو ويو. جيڪي ماڻهو، عام حالتن ۾ انهن ]ڀائيچاري ۽ برابريءَ جي[ اصول کي قبولڻ لاءِ تيار هئا، اهي غيرضروري نموني انهيءَ اداري کان هراسيل هئا.
اسلامي انقلاب، مڙني آزادي پسند خيالن جو سرچشمو هو. انهيءَ بورجوازي فرينچ انقلاب ۽ ويهين صديءَ جي سماجوادي انقلاب جا بنياد وڌا. اهو پاڻ به ايترو غيرمتحرڪ نٿو ٿي سگهي، جو تيرهن سؤ ورهيه گذرڻ کان پوءِ به، سچ ڳوليندڙ ۽ سچ سان پيار ڪندڙ انساني ذهن کان عالمگير مڃتا ۽ مانُ ڪمائڻ ۾ ناڪام ٿئي. هن معاملي ۾ سچ اهو آهي ته شهريت، معاشيات ۽ سياست، انساني زندگيءَ جي گڏيل پهلوءَ سان واسطيدار شين جي سلسلي ۾ انهيءَ جيڪو سيکاريو، اڄ اهو سڄي دنيا جي هر هڪ قوم لاءِ ضروري سونهون آهن. ڇا ڪوبه ماڻهو اسلام جي دنيا لاءِ ڏنل ڪنهن اهڙي سماجي- اقتصادي يوگدان ۽ سياسي نظريي ۽ عمل جي نشاندهي ڪندو، جيڪو جديد دنيا ۾، ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ موجود نه هجي؟
ڪوبه ماڻهو اهو ڄاڻائڻ چاهيندو ته اسلام جي وضع ڪيل رياستي اصولن مان ڪوبه هڪ اهڙو آهي، جيڪو پاڪستان جي اسلامي رياست جي قيام جو بنياد بڻجي، ۽ جيڪو، ساڳيءَ ريت، هندو پنهنجي هندستاني رياست جي آئين ۾ شامل ڪرڻ کان ڪيٻائين؟ غيرمسلم، ٿي سگهي ٿو، ڄاڻي ٻجهي يا ٻئي ڪنهن سبب جي ڪري، پنهنجن سياسي ۽ سماجي اقتصادي اعتقادن جو بڻ بڻياد نه مڃين ۽ ان جا ٿورائتا نه ٿين، پر هاڻوڪي دور جو لاڳو سچ، جنهن تي مسلمانن جي سنجيده حلقي کي فخر محسوس ڪرڻ کپي، هيءَ آهي ته اسلام، انهيءَ نقطي نظر کان، دنيا ۾ مڃيو ۽ ساراهيو ويو آهي، ٻئي پاسي، اهو به ٿي سگهي ٿو ته اسلام جا سرڪاري دعويدار، زندگيءَ ڏانهن پنهنجي رويي سبب پاڻ گهٽ اسلامي هجن. جڏهن رياست جي حقيقي اڏاوت جو معاملو ايندو ته مسلمانن جي اسلامي رياست، هندن جي هندو رياست کان گهٽ اسلامي هوندي، انهيءَ امڪان کي هن حقيقت وسيلي پرکي سگهجي ٿو ته جاگيرداري، جيڪا شايد پوري نموني غيراسلامي ۽ غيرانساني نه هجي، اها هندو ڪانگريس ختم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي، جڏهن ته مسلم ليگ جا مسلمان جاگيردار ۽ نواب انهيءَ کي برقرار رکڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي رهيا آهن.
جاگيرداريءَ کي ختم ڪرڻ واري ڳالهه مسلمانن ۾ موجود حساس ۽ پنهنجي طور تي مطمئن روحن لاءِ، شايد اهڙو صدمو هجي، جيڪو اهي سهي نه سگهن ۽ هڪدم ڪاوڙ وچان ڀڙڪي اٿن.سندن سمجهه پٽاندر انهن جي ڪاوڙ پنهنجي جاءِ تي، پر ان حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته اسلام نه رڳو جاگيرداريءَ جي اجازت نٿو ڏئي، پر ان کان روڪي به ٿو. مسلمان اڳواڻ، جيڪي اسلامي رياست جو وچن ڪري رهيا آهن، اهي هڪ غيراسلامي مهم جوئي يعني جاگيرداري نظام کي ٻنهي پاسين، هتي سنڌ ۾ ۽ باقي سموري هندستان ۾ بچائڻ لاءِ پورو وس هلائي رهيا آهن. ايتريقدر جو ان معاملي ۾ پنهنجن غيرمسلم ساٿارين کان سهڪار به گهري رهيا آهن.
ان قسم جا ٻيا به ڪيترائي مثال ڏيئي سگهجن ٿا. اسلام شهريت ۽ سياست جا ٻه بيحد انقلابي اصول پيش ڪري ٿو. پهريون: ڪنهن شهريءَ جي گهر جي چوديواري ان لاءِ امن ۽ تحفظ جو قلعو آهي، جتي ان کي ڪنهن به کٽڪي کان سواءِ، سڪون سان رهڻ کپي.ٻيو: هر هڪ سرڪاري ملازم عوام جو آقا نه، پر ان جو خادم هوندو آهي. اسلام جي انهن بنيادي اصولن کي، اڄڪلهه، عالمگير مڃتا ملي چڪي آهن، ۽ اهڙا ٻيا به اصول آهن، جيڪي دنيا جي هر ڪنهن آئين ۾ خاص طرح شامل ڪيا ويا آهن، انهن اصولن کان ڪجهه وقت اڳ، هتي سنڌ ۾، اسلامي رياست جي سرواڻن ڌڪار ڀريي انداز ۾ انڪار ڪيو هو ۽ انهن کي اڇلي پري ڦٽو ڪيو هو. ان کان سواءِ سنڌ جي امن پسند شهرين کي پنهنجن گهرن مان انهيءَ غيرواسطيدار بهاني سان تڙيو پيو وڃي ته ٻاهران ايندڙ سرڪاري ملازمن جي رهڻ لاءِ مفت ۾ ڪوبه جوڳو بندوبست نٿو ٿي سگهي ۽ نيون عمارتون، اڏاوتي سامان جي کوٽ سبب نٿيون ٺهرائي سگهجن. جڏهن ته هيءَ حقيقت آهي ته اهڙي قانونسازي ڪرڻ وقت اڌ درجن سئنيمائن جو اڏاوتي ڪم هلندڙ هو. وڏي صدمي جهڙي ڳالهه هيءَ آهي ته ايوان ۾ موجود ڪنهن به مسلمان، جن ۾ ڪي مذهبي مهندار به هئا، رڳو ڏيکاءَ خاطر ئي سهي، انهيءَ بلڪل غيراسلامي قانونسازيءَ تي اعتراض نه واريو.
تنهنڪري، چڱي نموني ڏسي سگهجي ٿو ته رڳو اڪيلن غيرمسلمن کي، سوچ ۽ عمل ۾ اسلام مخالف چئي نندڻ نه کپي، پر مسلمان پاڻ به ساڳي خطا جا خطاوار ٿي سگهن ٿا.
اهڙيءَ صورتحال مان، اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو، ته زندگيءَ جي سماجي ۽ گڏيل پهلوءَ سان لاڳاپيل اسلام جا سڀ آزاداڻا خيال، نظرياتي طرح، هر ڪو مڃي به ٿو، ۽ انهن جي تائيد به ڪري ٿو، پر عمل ۾، اهي نظرانداز ڪيا وڃن ٿا ۽ انهن کان انڪار به ڪيو وڃي ٿو ۽ ايئن ڪرڻ وارو سڀني مذهبن ۽ برادرين ۾ موجود مٿيون استحصالي ۽ مراعت يافتا طبقو آهي. انڪري انهن اسلام جي ترقي پسند اصولن کي عملي طرح قائم ڪرڻ، سڄي دنيا جي رنگ ۽ نسل جي ور چڙهيل، بکايل، سختين کي سهندڙ ۽ مراعتن کان آجي عوام جي شديد گهرج آهي.
هتي سنڌ ۾ اسان مسلمانن جي ذهن ۾ عجيب خيال ويٺل آهي ته هندو واپاري به آهن، وياج خور به يا سرڪاري ملازم ۽ عملدار به آهن، انڪري اهي اسان جا حاڪم ۽ استحصال ڪندڙ آهن.
اهي مسڪين ماڻهن جي محنت جي ڪمائي ڦٻائي ٿا وٺن. اهي هر شيءِ ۾ هيراڦيري ڪن ٿا. انڪري اهي هر طرح فائدي ۾ آهن. اهي اهو سڀ ڪجهه انڪري ڪن ٿا، جو اهي هندو آهن.
پهرين ڳالهه هيءَ آهي ته جيستائين لکن پورهيتن جي ڦرلٽ ۽ سندن محنت جي ڪمائي ڦٻائڻ جو سوال آهي ته ان ۾ اسان جا پنهنجا مسلمان وياج خور ۽ واپاري به شامل آهن، پوءِ ڀلي ٿورڙا ڇو نه هجن. اهي به هندن جيترا ئي ڀڙ به آهن، ته بي ترس به.
ٻي ڳالهه هيءَ آهي ته اهو اتهاس جو هڪ اتفاق آهي ته ٻنهين برادرين ۾ پيشيوراڻو فرق، چٽي نموني، اڀريو آهي. پر ظاهري طرح ان اڪسائيندڙ فرق جي پرک لاءِ ٿرپارڪر جو هڪڙو چڪر لڳائي اچو. اتي مسلمان ڪڙمي ۽ هندو ڪڙمي، جيڪي تعداد ۾ پڻ هڪجيترا ٿيندا، پنهنجو ڏجهارو ۽ دُکي جيون، پورهيي ۾ ڳهندي ڳهندي گذارين ٿا. اهي ويچارا پوريءَ طرح رت پياڪ ۽ بدنيت زميندارن، هندو توڻي مسلمانن، جي رحم ڪرم تي آهن. ياد رکجي ته ڦرلٽ ڪندڙ هڪ برادريءَ وانگي هوندا آهن، ان ۾ هندو به شامل ٿي سگهن ٿا ۽ مسلمان به. انهيءَ برادريءَ ۾ پڪي پختي ٻَڌي هوندي آهي ته جيئن اسلام جي آزادي بخشيندڙ خيالن کي عمل ۾ اچڻ کان روڪجي ۽ انهن کي بگاڙي پيش ڪجي.
مظلومن ۽ محڪومن جي برادري، پوءِ ان ۾ شامل ماڻهن جا نالا هندو يا مسلمان هجن، عملي طرح، اها اسلام جي سماجي-اقتصادي ۽ سياسي اصولن جي نئين سر تعارف لاءِ واجهائي پئي، اهي اصول ئي، هنن لاءِ اهڙي اميد ۽ خوشي موجود ڪري سگهن ٿا، جنهن جي کين گهرج آهي.
هن جائزي جي روشنيءَ ۾، ڪنهن مسلمان يا ڪنهن صاف ۽ انصاف پسند ماڻهوءَ جي اها ذميواري آهي ته اهو اڄ ماڻهوءَ کان ماڻهوءَ وچ ۾ نفرت کي اڀرڻ نه ڏئي ۽ انهن ۾ ويڇن جا ٻج نه ڇٽي. ان جي بدران، انهن ۾ اهڙي مضبوط ۽ جٽادار ٻڌي پيدا ڪجي، جهڙي اڄ، جتي ڪٿي، ملڪ جي مٿئين طبقي ۾ آهي، جيڪو غريبن جو رت پيئندڙ آهي ۽ انهن کي شاطرپائيءَ سان ورهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
انڪري، حقيقي نيڪيءَ جي آزادي پسند اصولن، اعليٰ قدرن، ترقي پسند خيالن، مجموعي طرح، ماڻهپي جي جٽادار مفادن، ۽ سڀني بنيادي ڳالهين کي، عملي طرح، ٻيهر قائم ڪرڻ جي، ڪنهن به رک رکاءَ کان سواءِ، گُهر ڪجي، انهن جو همت سان ۽ بي ڊپائيءَ سان کليو اعلان ڪجي.
حڪومت کي حڪومتي وهنوار هلائڻو هوندو آهي. اهڙا ڪهڙا بنيادي اصول هئڻ کپن، جن جي بنياد تي ان کي حڪومتي وهنوار هلائڻو هوندو آهي؟ سندس وس ۾ ڪيترو اختيار ڏجي، جو اها اثرائتي نموني حڪومتي وهنوار هلائي سهي؟ ان کي ڪهڙيون سهولتون ڏنيون وڃن ۽ ڪهڙيءَ ريت، انهن مان ڪن کي عمل ۾ آڻجي ته جيئن اختيار جي ناجائز استعمال کي روڪي سگهجي؟ ڪهڙيءَ ريت، ڪٿان ۽ ڪهڙا ماڻهو ان ۾ ڀرتي ڪيا وڃن؟۽ سڀني کان اهم هيءَ آهي ته انهن سمورن معاملن جو، سليقي سان، اڪلاءُ ڪنهن کي ۽ ڪيئن ڪرڻ کپي؟ اهي اهڙا سوال آهن، جن کي وضاحت سان اٿارڻ کپي، رک رکاءَ کان سواءِ بحث هيٺ آڻڻ کپي، ڏاهپ واري انداز ۾ حل ڪرڻ کپي، ان کان اڳي جو، عوام پنهنجي لاءِ سٺي ۽ پائدار حڪومت نه هجڻ جي شڪايت ڪرڻ شروع ڪري.
تنهنڪري هتي بيجا نه ٿيندو ته رياست جي قيام لاءِ بنيادي اسلامي اصولن کي بيان ڪيو وڃي ۽ سنڌ ۾، اسان جي قوم ۾ موجود ٽڪراءَ ۾ آيل عنصرن جي اکين کولڻ جو ڪم ڪيو وڃي. اها ڳالهه انهن تي ڇڏجي ته جيئن اهي پنهنجو پاڻ ڏسن ۽ محسوس ڪن ته انهن ۾ اڳ ۾ ڪيتري نه وڏيءَ حد تائين اتفاق موجود آهي ۽ انهن ماڻهن کي به زندهه دليءَ سان موقعو ڏجي، جيڪي انهن اصولن کي رد ڪن ٿا،
اصول هي آهن:

1. اقتدار اعليٰ جيڪو الله سائينءَ جو پيدا ڪيل آهي. اهو پوريءَ طرح ماڻهن سان واسطو رکي ٿو، اهو سڌيءَ ريت رياست جي انتظاميا ۽ قانونساز اداري وسيلي استعمال ۾ آندو ويندو.
2. سڀني جي عام ڀلائيءَ خاطر سماج جي آئيني ڍانچي ۾ ردبدل ڪرڻ ۽ ان ۾ ترميم ڪرڻ جو، نه کسجڻ جوڳو حق، عوام کي حاصل هوندو.
3. مطلق العناني ۽ ڏاڍ خلاف بغاوت جو حق مقدس آهي.
4. سماج جي سياسي تنظيم يا اداري هئڻ جي ناتي، رياست سمورن معاملن ۾، سموري قوم لاءِ، ساڳي يا هڪجهڙي هوندي.
انهن اصولن کي ڳوٺن، ننڍن وڏن شهرن، تعلقن ۽ ضلعن ۾ عوامي ڪاميٽين جي قيام جي ڄار وڇائڻ ذريعي ضمانت ڀريو اظهار ڏنو ويندو. اهي عوامي ڪاميٽيون، باعمل ۽ لچڪدار ڍانچي جي انداز ۾ جوڙيون وينديون، جن کي لاڳاپيل علائقن جا سڀئي بالغ ماڻهو- مرد توڻي عورتون- هر سال، هڪ سال لاءِ چونڊيندا رهندا. هر هڪ ڪاميٽيءَ ۾ ميمبرن جو تعداد ڪنهن لاڳاپيل علائقي جي 50 ووٽرن تي هڪ ميمبر جي نسبت سان هوندو، انهن ڪاميٽين کي هيٺيان منصبي فرض نڀائڻا پوندا:

(i) شهرين کي انفرادي توڻي اجتماعي طرح، پنهنجن اقتدار اعليٰ وارن حقن کي استعمال ڪرڻ لائق بڻائڻ ۽ انهن حقن جي استعمال ۾ مدد ڪرڻ ۽
(ii) جمهوري اختيار کي اثرائتو بڻائڻ

اهو سڀ اهي هيٺين سرگرمين وسيلي ڪنديون:

(الف) عوامي قانون ساز مجلس جي چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوار نامزد ڪرڻ
(ب) رياست جي عوامي ڪائونسل جي مقرريءَ جي توثيق ڪرڻ
(ٻ) قانونساز اداري ۾ پنهنجن چونڊيل نمائندن جي رهنمائيءَ لاءِ عوامي امنگن کي مستقل اظهار ڏيڻ.
(ڀ) قانونساز اداري توڻي ڪائونسل پاران تجويز ڪيل قانون سازيءَ تي بحث مباحثا ڪرائڻ ۽ پنهنجي نقطي نظر جو اظهار ڪرڻ
(ت) جيڪڏهن ڪو عوامي نمائندو پنهنجي تڪ جي ماڻهن جي ڏنل مئنڊيٽ پٽاندر سندن نمائندگيءَ جو حق ادا ڪرڻ ۾ ناڪام وڃي ٿو ته ان صورت ۾ ان نمائندي جي اسيمبليءَ جي رڪنيت رد ڪرڻ لاءِ سفارش ڪرڻ
(ٿ) رياست جي سربراهه يعني صدر کي عهدي تان لاهڻ لاءِ سفارش ڪرڻ
(ٽ) اسيمبليءَ کان قانون سازيءَ جو آغاز ڪرائڻ
(ٺ) حڪومت جي ڪنهن به قانونسازيءَ يا انتظامي قدم لاءِ ريفرنڊم جي گهُر ڪرڻ
(ث) ۽ جيڪڏهن ڪنهن به سرڪاري عملدار سرڪاري عهدي کي عوام جي دشمن طور استعمال ڪيو آهي ته ان جي بدليءَ، معطليءَ، يا ملازمت مان نيڪاليءَ لاءِ گهُر ڪرڻ

اهي عوامي ڪاميٽيون، جيڪي مجموعي طور ماڻهن جي منظم، خودمختيار جمهوري اختيار جو آئينو هونديون، ۽ انهيءَ جون حقيقي محافظ هونديون، سي، عوامي رياست جي هيٺين ٽن قانونساز ۽ انتظامي حصن جي مقرريءَ ذريعي پنهنجي اختيار کي عملي صورت ڏينديون:

(i) عوامي قانونساز مجلس هر چئن سالن کان پوءِ چونڊي ويندي، جنهن جو هر هڪ نمائندو پنهنجي تڪ جي ڏهه هزار بالغ ووٽرن، مردن توڻي عورتن، جو چونڊيل هوندو.
(ii) رياست جي عوامي ڪائونسل ]جنهن جو مدو پنج سال هوندو[ هر شعبي، جهڙوڪ تعليم، ميڊيڪل سائنس، زراعت، صنعت، قانون، انجنيئرنگ، دينيات، معاشيات، تاريخ، شهريت، سياسيات، فلسفي ۽ آرٽس مان هر هڪ شعبي جي ٻن ماهرن تي ٻڌل هوندي، جن جي چونڊ سندن لاڳاپيل پيشيوراڻو گروهه يا منظم تنظيمون ڪنديون، انهن کان سواءِ چار ميمبر يا انهن کان وڌيڪ، عوامي قانونساز مجلس نامزد ڪندي.
(iii) سموري بالغ آبادي مردن توڻي عورتن وسيلي عوامي رياست جي صدر چونڊ، سڌيءَ ريت، قانونساز مجلس ۽ عوامي ڪائونسل پاران گڏيل نموني تجويز ڪيل ٽن گهٽ ۾ گهٽ 30 ورهين جي ڄمار وارن اميدوارن جي پئنل وسيلي ڪندي.

5. زمين جي مٿاڇري توڻي زمين اندر موجود قدرتي وسيلا ۽ پاڻي ڪنهن قوم جي گڏيل ملڪيت هوندا آهن، بلڪل ايئن جيئن اُس ۽ هوا.
معيشت جو هيءُ بنيادي اصول، اسلام پهريون ڀيرو انڪار کان آجي هن دليل سان پيش ڪيو هو ته زندگيءَ جا اهي سمورا وسيلا، صحت ۽ هر قسم جي دولت، جيڪي قدرت پاران ڪنهن به انساني پورهيي کان سواءِ، ڪنهن قوم کي مليل هوندي آهي، اها مفت آهي ۽ هئڻ کپي ۽ اهي شيون سڀني جي مزي لاءِ آهن ۽ هئڻ کپن. شرط رڳو اهو لاڳو هوندو آهي ته اهڙي ڦل ماڻڻ جي دعوا ڪندڙ يا ان تي حق جتائيندڙ فرد کي عملي طرح پورهيي جو خرچ ڪرڻو پوندو آهي. اقتصاديات جي سائنس جو اهو اصول، عملي طور هيٺين قدمن کڻڻ ذريعي يقيني ساک يا مڃتا ماڻي سگهندو.
پهريون: زمين اُنهيءَ جي هوندي، جيڪو ان کي کيڙيندو، ڪابه روڪ ٽوڪ يا بندش کيس ان حق کان محروم ڪري نه سگهندي، البت، کيس قانون پاران مقرر ٿيل هڪجهڙي ڍل ڀرڻي پوندي.
ٻيون: حڪومت سهڪاري زراعت (Co-operative Agriculture) کي، جديد زرعي مشينري ۽ وياج کان سواءِ سولن قرضن جي فراهميءَ وسيلي، وڏي پيماني تي هٿي وٺرائيندي.
ٽيون: حڪومت پيداوار جي جديد مشيني وسيلن کي متعارف ڪرائڻ ذريعي پورهيي جي پيداوار وڌائڻ لاءِ اپاءَ وٺندي.
چوٿون: جن ماڻهن وٽ هڪ هزار ايڪڙن تائين يا ان کان مٿي زمين اڳيئي موجود آهي، تن کي وڌيڪ زمين حاصل ڪرڻ کان روڪيو ويندو.
پنجون: جيڪڏهن ڪنهن وٽ پنج هزار ايڪڙن کان وڌيڪ زمين آهي ته حڪومت اها کانئس مناسب شرطن تي واپس وٺندي ۽ ان کي پنهنجي استعمال ۾ آڻيندي.
جيڪڏهن ڪنهن کاتيدار وٽ هڪ هزار ايڪڙ زمين آهي ته ان جو هڪ ڀاڱي چار حصو ۽ جيڪڏهن وٽس هڪ هزار ايڪڙن کان پنج هزار ايڪڙن تائين زمين آهي ته ان جو هڪ ڀاڱي ٽي حصو، کاتيدار جي لاڏاڻي مهل سرڪار پنهنجي قبضي ۾ وٺندي، پر هر ڀيري اهو سلسلو ايئن جاري رهندو، جيستائين اهو کاتو عالمي سطح تي مقرر ڪيل وڌ ۾ وڌ زمين رکڻ جي حد کي پهچي.
6. بنيادي صنعتڪاري ۽ وڻج واپار جي ترقيءَ ۽ قرض جو نظام هلائڻ رياست جو فرض ۽ ذميداري آهي.
جديد معيشت جي بيحد ڪارائتي اصول جي وڪالت، دل ۽ جان سان، سڀني مذهبن ڪئي آهي ڇو ته اهو اصول ٿورن ماڻهن جي هٿن ۾ دولت جي گڏ ٿيڻ کان روڪي ٿو. دولت جي ٿورن هٿن ۾ گڏ ٿيڻ سبب هر ماڻهو غربت ۽ هر طرح پستيءَ جي ڌُٻڻ ۾ ڦاسي ٿو.
جديد معيشت کي هيٺين طريقن سان يقيني بڻايو ويندو:
پهريون: سڀئي موجود صنعتون رياست جي قبضي ۾ ورتيون وينديون.
ٻيون: سڀئي نيون صنعتون رياست جي مالڪيءَ هيٺ شروع ڪيون وينديون.
ٽيون: اهڙين صنعتن جي سموري پيداوار نفعي ڪمائڻ لاءِ نه، پر ماڻهن جي ضرورتن جي پورائي لاءِ حاصل ڪئي ويندي.
چوٿون: سمورو وڻج واپار، اپائيندڙن يعني صنعتڪارن جي هڪ نيٽ ورڪ ۽ پڻ صارف سهڪاري خريد فروخت سوسائٽي (Consumrs Co-operative Purchase and Sale Society) وسيلي، حڪومتي ڪنٽرول ۽ نگرانيءَ هيٺ هلايو ويندو.
پنجون: قرض ڏيڻ جو سمورو نظام حڪومت ذريعي يا ”عوامي سهڪاري قرض منڊلين“ (Peoples’ Cooperative Credit Societies) جي نيٽ ورڪ ذريعي هلايو ويندو. ان وسيلي وياج کان آجا قرض ڏنا ويندا، رڳو نالي ماتر جائز، خرچن جي پورائي لاءِ وصول ڪيو ويندو.
7. ملازمت يا سرڪاري مدد هر شهريءَ جو حق آهي.
8. ڌن دولت (Wealth)، قدرتي وسيلن مان لاڀ ۽ فرصت مان لطف، رڳو پورهيي ڪرڻ ۽ خدمت ڏيڻ مان ملندو آهي ۽ انهن وسيلي ئي ڪمائبو آهي.
سماجي اقتصاديات جي هنن عظيم اصولن جو مقصد ماڻهوءَ کي سماج ۾ لڳاتار وڌڻ ويجهڻ، پنهنجي سماجي، اخلاقي ۽ روحاني رتبي جي واڌ ويجهه ۽ ترقيءَ جوڳو بنائڻ آهي.
سماجي اقتصاديات جو اهڙو ڍانچو يقيني بڻايو ويندو ۽ قومي رياست جي سڀني شهرين جي رسائيءَ ۾ هوندو، هيٺين طريقين وسيلي:
پهريون: قدرت اسان جي سرزمين کي جن بنيادي قدرتي وسيلن سان مالامال ڪيو آهي. تن سڀني جي هوريان هوريان ۽ منظم ترقي ۽ انهن جو انصاف ڀريو تحفظ.
ٻيو: ماڻهن لاءِ روزگار جي دائري ۽ تهه ۾ وسعت آڻڻ ۽ ان مقصد لاءِ زراعت، صنعتڪاريءَ ۽ ريل توڻي روڊن رستن جي تعمير کي جديد بڻائڻ، بجلي، رهائشي منصوبا ۽ تعليم ۽ صحت جي ترقي ۽ اهڙيون ٻيون سماجي خدمتون فراهم ڪرڻ.
ٽيون: هر عوامي ڪاميٽيءَ جي دائره اختيار اندر هر علائقي ۾ هڪ ثقافتي مرڪز قائم ڪرڻ، جنهن ۾ ريڊيو سيٽ، گهڙيال، ننڍي لئبرري، ميدانن توڻي حاطي اندر ٿيندڙ راندين جو سامان ۽ جسماني ڪسرت جو سامان وغيره فراهم ڪري ڏيڻ
چوٿون: سماجي خدمتگار جٿا جوڙڻ. هر تعلقي ۾، گهٽ ۾ گهٽ هڪ اهڙو جٿو تيار ڪيو ويندو، جيڪو عوامي ڪاميٽين جي سهڪار سان، ماڻهن جي مدد ۽ رهنمائي ڪرڻ، کين هدايتون ڏيڻ ۽ تفريح مهيا ڪرڻ لاءِ، هر وقت تحرڪ ۾ رهندو.
پنجون: شعبا جهڙوڪ: پاڻي، صنعتون، ٽرانسپورٽ، دفتر ۽ اسڪول، جتي به هجن، انهن ۾ پورهيي ڪندڙن لاءِ هڪجهڙي يقيني زندگيءَ جي معيار کي مقرر ڪرڻ واسطي قانون لاڳو ڪرڻ.
ڇهون: اهڙو قانون لاڳو ڪرڻ جنهن هيٺ ڪوبه ماڻهو هڪ ڏينهن ۾ اٺن ڪلاڪن ۽ هفتي ۾ ڇهن ڏينهن کان مٿي پورهيو نه ڪندو ۽ هر هڪ مرد پورهيت کي هر سال، هڪ مهيني لاءِ پگهار سميت موڪل جو حق حاصل هوندو ۽ هر هڪ عورت مزدور کي، اضافي طور، ٽن مهينن لاءِ پگهار سميت ويم جي موڪل جو حق حاصل هوندو.
ستون: پوڙهن، بيمارن ۽ معذورن جي سماجي تحفظ جو گهربل بندوبست ڪيو ويندو.
9. ارڙهن سالن جي ڄمار تائين سمورن ٻارن لاءِ تعليم مفت ۽ لازمي هوندي.
اهڙي قانون جو فائدو فوري طور تي ۽ سڀئي ماڻهو تڏهن حاصل ڪري سگهندا، جڏهن پرائمري اسڪولن ۽ هاءِ اسڪولن جو هڪ وسيع ڄار ڦهلايو ويندو. هڪ سؤ گهرن تي هڪ پرائمري اسڪول ۽ پنج سؤ گهرن تي هڪ هاءِ اسڪول قائم ڪيو ويندو.
سکڻ جي عمل کي عام ڪرڻ لاءِ قائم ٿيندڙ انهن مرڪزن يا تعليمي ادارن جي سرگرمين ۽ پڻ ثقافتي مرڪزن، سماجي خدمتگذار جٿن ۽ عوامي ڪاميٽين جي سرگرمين جي نتيجي ۾ اسان جي قوم کي لڳ ڀڳ ڏهن سالن جي عرصي ۾، نه رڳو هڪ پڙهيل لکيل پر انهيءَ سان گڏ، ان کي چڱيءَ ريت سڄاڻ ۽ اعليٰ تعليم يافتا قوم پڻ بڻائينداسين.
10. عوامي صحت ۽ صفائي سُٿرائي، رياست جو فرض ۽ ذميواري آهي.
رياست پنهنجي اها ذميواري، هيٺئين جس جوڳي نموني نڀائيندي:
پهريون: هر ٻن اڍائي هزار ماڻهن جي آباديءَ کي هڪ دواخانو مهيا ڪرڻ، جنهن ۾ هڪ ويم گهر ۽ ٻارن جي بهبوديءَ جو مرڪز به شامل هجي.
ٻيو: جهجهي انگ ۾ وڏيون اسپتالون قائم ڪرڻ، جن ۾ ]ڊاڪٽرن، عملي، دوائن ۽ ٻين طبي سهولتن سان گڏ[ مناسب تعداد ۾ بسترن جو بندوبست به موجود هجي.
ٽيون: ٽي، بيءَ ۽ ٻين اهڙين وچڙندڙ بيمارين جي مريضن لاءِ بحالي مرڪز قائم ڪرڻ.
چوٿون: گهٽ ۾ گهٽ ڇهن کان اٺ صحت افزا ماڳ، مناسب فضا رکندڙ جڳهن، جهڙوڪ ڍنڍن، درياهه ڪنارن، سمنڊ ڪنارن ۽ جبلن تي قائم ڪرڻ، اهڙا ماڳ اسان جي وطن ۾ جهجها آهن.
پنجون: سموري طبي ڌنڌي (Medical profession) کي قوميائڻ ته جيئن ڊاڪٽر حڪيم، طبيب وغيره ماڻهن جي غربت، بدحاليءَ ۽ اٻوجهائيءَ جو ناجائز فائدو وٺندي دولت مڙيندڙ نه ٿين، ]جيئن هن وقت صورتحال آهي.[ پر، اهي اميد جي فرشتن طور خدمت ڏين.
11. عوامي رياستي عملدار، عوام جا آقا نه، پر خادم آهن.
انهيءَ اصول جي نفي ڪاموراشاهيءَ ۾ ظالماڻو اختيار رکندڙ، رشوت جو ڌنڌو هلائيندڙ ۽ رياڪار ماڻهو پيدا ڪندي آهي، ان کي هيٺين قدمن وسيلي روڪيو ويندو:
پهريون: علائقي جي عوامي ڪاميٽيءَ جي سفارش يا مطالبي تي سرڪار ملازمن ۽ عملدارن کي بدلي، معطلي، يا کين گهر ڀيڙو ڪرڻ.
ٻيون: اهڙو قانون لاڳو ڪرڻ، جنهن تحت هر هڪ سرڪاري ملازم لاءِ اهو لازمي قرار ڏنو ويندو ته اهو سرڪاري ملازمت ۾ داخل ٿيڻ مهل ۽ ان کان پوءِ هر سال، پنهنجي ۽ پنهنجن ويجهن عزيزن جي مُتحرڪ ۽ غيرمُتحرڪ جائداد جا پورا ۽ پيرائتا تفصيل ظاهر ڪري.
12. عوامي رياست جا سمورا شهري قانون جي نظر ۾ برابر آهن، ۽ سڀ شهري پوري ۽ ترت انصاف جي حاصل ڪرڻ جو حق رکن ٿا، جيڪو کين قانوني طريقي سان جوڙيل عدالتون فراهم ڪنديون.
اهو معاملو عوام لاءِ هيٺين قدمن ذريعي يقيني بڻايو ويندو:
پهريون: ماڻهن کي مفت انصاف فراهم ڪرڻ.
ٻيون: انتظامي ۽ عدالتي معاملن کي ڪنهن اڪيلي عهدي يا انتظام ۾ ضم نه ڪرڻ.
ٽيون: انصاف جي ڪارروائي عوام جي مادري ٻوليءَ ۾ هلائڻ کي بلڪل ضروري ۽ لازمي بنائڻ ۽،
چوٿون: قانون سان لاڳاپيل سمورو پيشو قوميائڻ، ته جيئن رياست جا وڪيل ۽ ٻيا سمورا وڪيل، انصاف جي مخالف نه وڃن ۽ ان جي بدگوئي نه ڪن، جيئن اڄ ڪلهه ٿي رهيو آهي، پر اهي مطمئن ڪندڙ ۽ پوري پوري انصاف لاءِ پاڻ پتوڙين.
13. ٻاهرين اڳرائيءَ خلاف پنهنجي وطن جو بچاءُ ڪرڻ هر شهريءَ جو فرض ۽ حق آهي.
انهيءَ فرض ۽ حق جو استعمال سڀني لاءِ هيٺين قدمن کڻڻ ذريعي يقيني بڻايو ويندو:
پهريون: عوامي لشڪر تيار ڪرڻ، جنهن جا سڀئي عهدا ڌرتيءَ جي سمورن اهل پُٽن ۽ ڌيئرن لاءِ کليل هوندا ۽،
ٻيون: 18 سالن يا ان کان مٿي جي ڄمار رکندڙ سمورن شهرين تي، اهو لازم هوندو ته اهي هڪ سال لاءِ دفاع جي سکيا حاصل ڪن ۽ پوءِ هر چئن سالن کان پوءِ هڪ مهيني جي سکيا حاصل ڪن.
14. قوم دشمنن کان سواءِ سمورن شهرين کي تحرير، تقرير ۽ پريس جي آزاديءَ جي ضمانت حاصل آهي.
15. هارين، مزدورن ۽ ملازمن کي پنهنجي تحفظ ۽ معاشي حالتن جي بهتريءَ ۽ سياسي حيثيت وغيره لاءِ انجمن سازيءَ يا تنظيم سازيءَ جي حق جي ضمانت حاصل هوندي.
16. عوامي رياست جا سمورا شهري احترام لائق آهن. ڪنهن به شهريءَ کي قانوني طور قائم ٿيل عدالت جي حڪم کان سواءِ گرفتار نه ڪيو ويندو.
17. شهرين جي چادر ۽ چارديواريءَ جو مقدس قائم رکيو ويندو، ۽ ان سان گڏوگڏ خط ۽ ڪتابت جي تقدس کي پڻ محفوظ بڻايو ويندو.
18. رياست جي سمورن شهرين کي انفرادي يا اجتماعي طور، ڪنهن عقيدي جي مڃيندڙن جي حيثيت ۾، پنهنجي عقيدي ۽ عبادت جي مڪمل آزادي حاصل هوندي.
19. سڀني شهرين، مردن توڻي عورتن لاءِ، ذات پات يا رنگ، نسل جي فرق کان سواءِ شهريت جا حق ۽ فرض ساڳيا ئي هوندا.

آزاديءَ، برابريءَ ۽ ڀائيچاري جا اهي بنيادي اصول آهن، جن جي اسلام وڪالت ڪري ٿو ۽ ٻيا سڀئي مذهب پڻ انهن کي پنهنجو ڪن ٿا. ڇو ته ڪوبه مذهب ٽڪراءَ وارو مذهب ٿي نٿو سگهي- ۽ نظرياتي طور سڀئي ماڻهو انهن اصولن کي مڃين ٿا، ۽ عملي طرح، انهن جي بحالي سڀني عقيدن جي ڪروڙين پورهيت عوام جي معروضي گهُرج آهي. تنهن ڪري، جي انهن اصولن کي انهيءَ مقصد سان اهڙو موقعو ڏنو وڃي ته، ان حالت ۾، اهي اسان جي ماڻهن جي زندگيءَ جي معاملن کي ڪا شڪل ڏين ته اهي ڳنڀير هندو- مسلم مسئلي کي نبيري سگهن ٿا. اهو مسئلو، اڄڪلهه، ٻنهي پاسئين ملڪيتن کي ساڙڻ، ڦرلٽ، قتل عام لاءِ هٿيار بڻجي پيو آهي.
ايئن چيو ويندو آهي ته ماڻهوءَ جو ذاتي مفاد ۽ خواهش، سندس سڀ کان وڏي ڪمزوري آهي، پر اها ساڳي شيءِ سندس وڏي ۾ وڏي طاقت يا سگهه به بڻجي سگهي ٿي. جيڪڏهن اسان جي سماج جا مراعات يافتا طبقا، جن جي زندگي گذارڻ جو سمورو ڍنگ، فطرت ۽ ان جي قانونن لاءِ هڪ کلي للڪار بڻيل آهي، اهي پاڻ محسوس ڪن، يا وري ڪنهن طريقي سان چڱيءَ ريت سمجهايا وڃن ته انهن جو حقيقي ۽ ذاتي مفاد ڇا ۾ آهي ۽ سندن ”روشن خيال ترقيءَ جو اُمنگ“ ڇا هئڻ کپي، ته پوءِ، ماڻهوءَ ماڻهوءَ وچ ۾ نفرت جو سمنڊ، جنهن ۾ وڏو چاڙهه آهي ۽ جيڪو ڪنهن قابوءَ ۾ نه پيو اچي، اهو هوند هڪدم ماٺو ٿي وڃي. سچ، اختلافن جو وڏيءَ حد تائين نبيريندڙ آهي. ۽ جڏهن اختلاف حقيقي معنيٰ ۾، وجود ئي نه رکندا هجن، پر ڪن ٿورن ماڻهن جي ذاتي مفاد يا گهڻن ماڻهن جي اٻوجهائپ جو نتيجو هجن ته ان صورت ۾، سچ جي ساک هڪدم افق تي ماڻهن جي بصيرتن لاءِ واضح ٿيندي ۽ انهن کي پنهنجين گڏيل گهرجن، گڏيل مسئلن، ۽ گڏيل ڏکياين کان واقف ڪندي ۽ انهن کي انسان جي حيثيت ۾، کين باهمي حقن ۽ فرضن جي سمجهه ڏيندي. فساد ۽ ٽڪراءَ جي جاءِ ستت امن ۽ توازن والاريندا.
اسان جي سماج جو مراعت يافتا طبقو اهو غلط تاثر رکي ٿو ته هاڻوڪي سماجي-معاشي نظام ۾ کين هر شيءِ ماڻيل آهي، ۽ سندن هر ڪنهن شيءِ کي ڪوبه خطرو ناهي ۽ نئون بندوبست پوريءَ طرح کين پنهنجو نه ڪندو. اهي گٽر ۾ اڇلايا ويندا. اهڙي خيالي نقصان جي لڱ ڪانڊاريندڙ امڪان سبب، سندن پرکڻ جي حس ڌنڌلي ٿي پئي آهي. کين عيش عشرتون ۽ سُک، سُهنج ۽ آسائشون، مفت ۾، هٿ پير هلائڻ يا پگهر وهائڻ کان سواءِ حاصل آهن ۽ هر ڪا شيءِ سندن لاءِ ئي آهي، ۽ باقي ٻين لاءِ انهيءَ نظام ۾ ڪجهه به ناهي، سو، جيڪڏهن اهو نظام ڪنهن به طرح سان هيٺ مٿي ٿيو، ته نئون قائم ٿيندڙ نظام کين مڪمل طور تي ٿُڏي ڇڏيندو، ۽ کين برباد ڪري ڇڏيندو. سندن اهڙي خيالي برباديءَ جي لونءَ لرزائيندڙ تصوراتي منظر ۾، سندن ويچارڻ يا فيصلي ڪرڻ واريءَ حس تي پريشانيءَ جا ڪڪر ڇانئجي ويا آهن، يا اها حقيقت سنڌيءَ کان پري ٿي بيٺي آهي. اهي اڳيئي ماڻيل غير فطري ۽ غيرانساني مفادن کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهن ۽ اهي پراڻي نظام کي برقرار رکڻ لاءِ پوري سگهه ڪتب آڻي رهيا آهن.
پر، نيٺ به اهي سندن ڪهڙا مفاد آهن جن کي بچائڻ لاءِ اهي نَنهنَ چوٽيءَ جو زور پيا لڳائين؟ ڇا، اها ئي سندن مراعت آهي ته ماڻهوءَ کان نفرت ڪن ۽ ڌڪار وچان ڀڄي کانئن پاسو ڪن! ڇا سندن مراعت انهيءَ ۾ آهي ته سڀئي ماڻهو مٿن بداعتماديءَ ۽ بدگمانيءَ جو اظهار ڪن؟ ڇا ڇَسن ماڻهن جي خوشامد تي پورالن ٻارن وانگي خوش ٿيڻ ئي سندن مراعت آهي! ڇا، بيڪاريءَ ۽ عيش عشرت ۾ پاڻ کي وڃائڻ سندن مراعت آهي! ڇا جن ماڻهن تي اهي ڏاڍ ڪن ٿا ۽ جن جي ڦرلٽ ڪن ٿا، اهي سدائين هيسيل ۽ ڊنل رهن، اها ئي سندن مراعت آهي! ڇا اهي اهڙيون فخر جوڳيون مراعتون آهن، جو جن کي محفوظ رکڻ هنن لاءِ ڪا وڏي مجبوري ٿي پئي آهي؟ ڇا نئين نظام هيٺ جيڪو گڏيل اعتماد، گڏيل حُب ۽ گڏيل سهڪار جي بنيادن تي قائم ٿيندو، تنهن ۾، اهي طبقا وڌيڪ بهتر، وڌيڪ شانائتيون وڌيڪ حق ۽ انصاف تي ٻڌل، وڌيڪ وقار ڀريون مراعتون حاصل ڪري نه سگهندا؟ ڇا اهي اڃا به زندگيءَ جي انهيءَ ڪاروان کي اڳتي وڌڻ ۾ مدد ۾ مدد نٿا ڏيئي سگهن، جيڪو عظيم تر امن، عظيم تر تحفظ ۽ عظيم تر خوشيءَ جي حسناڪ منزل تائين وڃڻو آهي.؟
قدرت هر وطن کي ڪن مخصوص نعمتن سان نوازيو آهي، جيڪي ان ملڪ جي قومي دولت جا خاص عنصر جوڙين ٿيون. اهڙيءَ طرح، لوهه ۽ ڪوئلي جا ذخيرا برطانيا جي قومي دولت جا خاص عنصر جوڙين ٿا. ساڳيءَ طرح، رٻڙ ۽ گرم مصالحا ملئي ٻيٽن جا خاص عنصر آهن ۽ پيٽرول ايران جو خاص عنصر آهي، ۽ ان ريت ٻين ملڪن جا ٻيا اسم قومي دولت جوڙين ٿا، تنهن ڪري، ڪوبه ملڪ يا وطن پوريءَ طرح ان دولت ۾ قطعي نموني پاڻڀري هئڻ جي هام هڻي نٿو سگهي، ۽ قدرت جي عاليشان نموني حسين رٿابندي ان ڳالهه مان محسوس ٿئي ٿي ته دنيا جو هر هڪ علائقو هر هنڌ زندگيءَ لاءِ ضروري شيون ڏيندو ۽ ٻيون ضروري شيون ٻين کان وٺندو. اهو مختلف ملڪن جو هڪٻئي تي ڀاڙڻ، قدرت جي ان رٿا جو حصو آهي، تنهن ڪري، ڪنهن به ملڪ يا قوم کي، جيڪي ڪجهه وٽس واڌو يا جهجهو آهي، تنهن تي هوڏ ڪرڻ نه کپي، يا جيڪي ڪجهه وٽس ناهي تنهن تي شرمسار ٿيڻ نه کپي.
سنڌ ان سلسلي ۾، بلڪل اهڙي ئي ساڳيي مقام تي بيٺل آهي، جيئن دنيا جو ٻيو ڪوبه ملڪ. جيتوڻيڪ قدرت اسان تي خاص طرح مهربان به نه رهي آهي، پر پوءِ به اسان وٽ سنڌو درياهه ۽ سنڌي سمنڊ جو ڪنارو آهي، اهي ٻئي اسان جي قومي دولت جا نعمتن سان مالامال ۽ ڀروسي جوڳا وسيلا آهن. اسان جي تيزيءَ سان وڌندڙ آباديءَ کي پنهنجي بقا لاءِ هڪدم سنڌوءَ جي ٻنهي ڪنارن تي موجود پوک جوڳي زرخيز زمينن ۽ ٻيو، اسان جي ترقي ڪيل ڪراچي بندرگاهه ۽ ان سان گڏ تيزيءَ سان اسرندڙ هوائي اڏن تي ڀاڙڻو آهي. سنڌو درياهه ۽ سمنڊ ٻئي انيڪ قسمن جي مڇين سان مالامال آهن، جن مان ڪن مڇين جي قسمن کي سنڌ جون خاص خاصيتون حاصل آهن. رڳو سنڌ جي پلي ۽ مانگر مڇيءَ کي جيڪڏهن سائنسي طريقي سان سنڀاليوسون ته به اسان جي قومي آمدنيءَ ۾ هر سال ڪروڙين رپين جو واڌارو ٿيندو. انڪري، ڏاهي ۽ ٻاجهاري قدرت، جڏهن سنڌ جي تخليق ڪئي پئي ته جتي ان اسان کي ويران زمين يا ٿربر ڏنا، جتي ساليانو سراسري مينهن ڏکيائيءَ سان ]زمين جي مٿاڇري تي[ اڌ فُٽ ڏنو ۽ تمام وسيع ريگستان، ڪوهستان، واريءَ جون ڀٽون ۽ بنجر يا غيرآباد زمينن جا جابلو ميدان ڏنا- جيڪي حقيقت ۾، اتان جي ڇڊي پاڊي آباديءَ جو ڪارڻ سمجهائن ٿا- تنهن، ٻئي پاسي وري، سنڌ تي اوتري ئي ٻاجهه ڪندي، ان جي عوام جي جياپي لاءِ ڌن دولت جا اوترائي وسيع ۽ اَکُٽ وسيلا ڏنا آهن. انهن وسيلن لاءِ رڳو ڏاهپ ڀري ۽ دورانديش رٿابنديءَ جي گهرج آهي، جيڪڏهن اها ڪئي ويئي ته اسان جي قوم وڏي امڪان ۾، دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ سکي ستابي ۽ خوشحال بڻجي پوندي.
سنڌ جي لڳ ڀڳ پنجيتاليهه لک آباديءَ منجهان، اڍائي لک کن ماڻهو سدائين هڪ هنڌان ٻئي هنڌ، لڏيندا رهن ٿا. سندن ڪوبه ٿانيڪو ماڳ نه آهي ۽ پنهجي پيٽ گذر لاءِ يا ته پاڻ جهڙن ئي ڍور ڍڳن، رڍن ٻڪرين جي ڌڻن جي پالنا تي گذارو ڪن ٿا، يا وري ٻيو ڪو حيلو بهانو ڪن ٿا. لاباري جي ڏينهن ۾، انهن مان ڪي، ڪن جاين تي، آباد ٿيل ڪُڙمين سان سندن زمينن جي فصل جي لاباري ڪرڻ ۾ هٿ ونڊائين ٿا. اهڙن موقعن تي، اهي ماڻهو ٿوري عرصي لاءِ، اتي، ٻنين ۾، ٿانيڪا ٿي ويهن ٿا. ٻيءَ صورت ۾ اُهي سڌريل زندگيءَ جي ڪنهن به سُک مان ڪي به نه ڄاڻين. انساني زندگيءَ لاءِ گهربل ڪنهن به قسم جي سهنجائي، جن بابت سُڌريل ماڻهو عام طور تي واقف هوندا آهن ۽ سُک ماڻيندا آهن، سا هنن ويچارن کي قطعي ميسر نه آهي. سندن جِيونُ هوبهو ايئن ئي هوندو آهي، جيئن ڪن سرڪش پر هيسيل وحشي جانورن جي ڌڻن جو جيونُ هوندو آهي. اسان جي سماج جا ڪي ڏوهاري قسم جا مَنُشَ، عام طور اهڙن ئي مصيبت جي ماريلن منجهان، ردعمل طور پيدا ٿيندا آهن، ۽ وڌندا آهن.
اسان جا ٻيا، اڍائي لک ماڻهو يا ته جيلن ۾ ڳري سڙي رهيا آهن، يا وري معمولي قسم جي چوري چڪاري ڪري، يا گداگري ڪري جِي رهيا آهن. انهن گداگرن، چورن ۽ جيلن ۾ واڙيل قيدين جون حالتون ايتريون ته دل ڏڪائيندڙ آهن، جو جيڪڏهن انهن بابت ڪا باقاعدي جاچ ڪرائي وڃي ته انهن بدنصيبن جي زندگيءَ جا اهڙا ئي سچ سامهون ايندا، جهڙا آفريڪا ۽ آسٽريليا جي آديواسين، اصلوڪن رهاڪن، يا اتر قطبي علائقن ۾ رهندڙ اسڪيموز جي زندگين ۽ انهن جي حالتن بابت ڪيل جاچ ۽ تحقيق جي حقيقت جي روپ ۾ سامهون آيا آهن.
باقي بچيل چاليهه لک کن ماڻهن منجهان لڳ ڀڳ ٽيهارو لک کن ماڻهو ڳوٺن ۾ رهن ٿا، ۽ پنهنجي جياپي لاءِ سڌو سنئون زراعت تي ڀاڙين ٿا. سندن ڪکاوان گهر، جيڪي لڪڙن ۽ ڪڙٻ ڪانن مان ٺهيل هوندا آهن، سي اهڙا ئي سٺا يا خراب آهن جهڙا پکين جا آکيرا يا جهنگلي جانورن جا ٻرگهل ۽ غارون. زندگيءَ جو واحد سُک، جيڪو کين ميسر آهي يا جنهن کان اهي واقف آهن، سو آهي اُس جي جهجهائي ۽ شُڌ ۽ نج قدرتي هوا، سندن زندگيءَ جو واحد عيش يا لُطف اهو آهي ته اهي پنهنجن ڏکن ڏولاون، تڪليفن ۽ مصيبتن جو ازالو عورتن کي دڙڪي دهمان ڪرڻ ۽ ٻارن تي سختي ڪرڻ ۽ ساڻن ڪٺورتائيءَ واري ورتاءَ رکڻ ۽ پنهنجون من پسند گاريون ڏيئي، سندن حساس ڪن کائڻ يا ننڍيءَ ڄمار ۾ ئي، کين ممڪن حد تائين سخت کان سخت پورهيي جي پاڃاريءَ ۾ جوٽڻ جي صورت ۾ ڪن ٿا. زندگيءَ ۾ سندن واحد من پسند وِندُر آهي: جهيڙڻ جهڳڙڻ يا تڪرار پيدا ڪرڻ، يا فتني پرور زميندارن جي چُرچ ۽ سندن سرپرستيءَ هيٺ، هڪٻئي کي هاڃي رسائڻ لاءِ سانگ سٽڻ ۽ پوءِ سدائين، پوليس جي ڊپ ۾ زندگي گذارڻ. جيڪو اڪيلو فرض اهي ڄاڻين ٿا، سو آهي: پنهنجن زميندارن، ڀوتارن ۽ وياج خورن لاءِ ڏاندن وانگي ڪم ڪرڻ، پنهنجن زميندار آقائن ۽ پيرن کي پيرين پوڻ ۽ کين زندهه ديوتائن وانگر پوڄڻ ۽ پنهنجي اولاد کي به ايئن ئي ڪرڻ سيکارڻ.
سندن اڪيلو ڏوهه اهو آهي ته اهي ٻين لاءِ اَنُ اپائين ٿا، جنهن کي کائي، ٻيا مچي مواڙ ٿين ٿا ۽ پاڻ اياڻا، اٻوجهه، اڌ بکيا ۽ اڌ ننگا ئي رهن ٿا. پنهنجن آقائن اڳيان سندن حيثيت اُها ئي آهي، جهڙي سندن اڳيان ڏاندن جي هوندي آهي. انهيءَ کان سواءِ ٻيو جيڪو واڌو اعزاز اها مخلوق ماڻي ٿي، سو اهو آهي ته اهي سڀئي مسلمان آهن. ٿرپارڪر ضلعي کان سواءِ، جتي هزارين هندو ڪڙمي پڻ بلڪل اهڙي ئي رحم جوڳيءَ حالت ۾ زندگي گذارين ٿا، جهڙي سندن ٻيا مسلمان ڀائر سموريءَ سنڌ ۾ گذارين ٿا. انسان کي خدا جي بيمثال ڪاريگري ڪوٺيو ويو آهي، پر جڏهن ڪو انهيءَ نڌڻڪيءَ انساني مخلوق کي ڏسندو، جيڪا روح، جسم ۽ ذهن جي انتهائي ساهه گهُٽيندڙ غلاميءَ ۾ پنهنجو جيوَنُ گذاري رهي آهي، ته رڳو اهو سوچي ئي سندس لڱ ڪانڊارجي پوندا آهن ته ”ماڻهو، ماڻهوءَ جي ڪهڙي حالت ڪئي آهي! “
انهيءَ کان سواءِ هتي زميندار ۽ جاگيردار به آهن. ڀلي اهي ڪي ٿورا هزار ئي هجن، ]جن لاءِ جيڪڏهن ايئن چئجي ته غلط نه ٿيندو ته اهي خدا جا اڻ گهڙيا ٻار آهن- جيڪي پنهنجن هارين جي روپ ۾ بڻايل غلامن جا اڌ خدا بڻيل آهن[ اُهي گهر ويٺي اڻ ميو اَنُ گڏ ڪري وٺن ٿا ۽ واندڪائيءَ ۾ انهيءَ کي زيان ڪرڻ جا جامع منصوبا جوڙيندا رهن ٿا. سندن زندگيءَ جو مقصد، پنهنجي چوڌاري زندگيءَ جي سموري تاڃي پيٽي کي بگاڙڻ آهي. انهن وٽ عام ماڻهن کي پيش ڪرڻ لاءِ رڳو داغدار ڪردار آهي. جنهن جو عام ماڻهو نَقُل ڪن ٿا. ]سموري سماج ۾ ان ريت بگاڙ ۽ ڏڦيڙ پيدا ٿئي ٿو[ مقرر عرصي کان پوءِ اهي پنهنجي پاڻ کي ظاهر ڪندا آهن، ۽ ماڻهن کان ووٽ وٺڻ لاءِ هٿ پير هڻندا آهن ته جيئن انهن مٿان ” جمهوري طريقي سان “ حڪمراني ڪري سگهن. اُهي، اسان جا عقل جا اڪابر صلاحڪار، اسان جا سُونهان، ۽ اڳواڻ آهن. اهي اسان جي رهنمائي هڪ اهڙي زندگيءَ ڏانهن ڪندا آهن، جيڪا سندن ڌڪار جوڳي زندگيءَ جي نموني تي اڳواٽ رٿيل هوندي آهي. سنڌ کي اهڙن سازشي ۽ بيڪار بُراين جي بوتن کان بچائڻ جي گهرج آهي. اهي امن جا بگاڙيندڙ آهن ۽ اسلام جا بدگو آهن، جن کي قرآن جي لفظن ۾ ”مفسد“ ڪوٺيو ويو آهي. اهي برائيءَ جا اهڃاڻ آهن، سنڌ ۾ جيڪي به ڏوهاري وارداتون ٿين ٿيون، تن مان 80 سيڪڙو وارداتون سندن اڻ سڌريل ذهنن جي گهَڙيل سڌي سنئين هُشين يا اڻسڌيءَ چرچ سبب ٿين ٿيون. سنڌ کي جيڪڏهن پاڻ بچائڻو آهي ۽ ڪاميابي ماڻڻي آهي ته ان کي شيطان جي انهن مصروف ترين ڪارخانن ۽ بيمار ذهنن کان هر صورت ۾ پنهنجي جند آجي ڪرائڻي پوندي.
باقي لڳ ڀڳ ڏهاڪو لک کن اسان جا ماڻهو روشن خيال ۽ ڌنڌن سان واڳيل آهن. اهي سوداگر، واپاري، وڻجارا، دڪاندار، وڪيل، ڊاڪٽر، ڪامورا ۽ سرڪاري آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ ملازم آهن. انهن جو جاگيرداريءَ سان ڳٺجوڙ آهي، جنهن کان ٻيا سڀ ماڻهو هيسيل ۽ ڇرڪيل آهن. انهن جو پاڻ ۾ به ساڙ ۽ چٽا ڀيٽي آهي ته ڪير ٿو وڌ ۾ وڌ جائز يا ناجائز ڪمائي.
انهن لاءِ پئسي کان سواءِ ٻيو ڪوبه خدا ناهي. سندن روح، ضمير ۽ دين ڌرم پئسو آهي. کين ڪي ٿورا ٽڪا ڏيو، اهي اوهان لاءِ سڀ ڪجهه ڪندا. انهن رڳو اهو ئي سکيو آهي ته پنهنجي پاڻ کي ۽ ٻين کي پئسي جي تارازيءَ ۾ ڪيئن تورجي، پئسو، پئسو ۽ رڳو پئسو ئي سندن جذبن، سوچن ۽ زندگيءَ ۾ سندن عملن جو تعين ڪري ٿو، هن دُکي دنيا ۾، بک مرندي جيڪو ماڻهو ماني ڳڀو چورائي ٿو، تنهن کي جيل ۾ واڙيو وڃي ٿو، هڪ بُکايل گداگر کي يا ته اڊنبر وچان بنهه ليکي ۾ ئي نٿو آندو وڃي يا ته وري ٿورڙن ٽڪن عيوض کيس ذليل ۽ خوار ڪيو وڃي ٿو، هڪ پيٽ بُکي وئشيا سان پئسن عيوض ڀوڳ ولاس ڪيو وڃي ٿو ۽ پوءِ کيس لت هڻي، پري ڪيو وڃي ٿو، انهن غريبن، مسڪينن مان ڪنهن جي به نه ته عزت ڪئي وڃي ٿي ۽ نه ئي کين ڪو مانُ سنمانُ ڏنو وڃي ٿو، پر، اُن جي ابتڙ، دڪاندار، ڊاڪٽر، وڪيل، ڪامورا ۽ ٻيا اهڙا ڌن جا پوڄاري سُکر ماڻهو، جيڪي ماڻهن سان ٺڳيون، دوکو دولاب ڪن ٿا، تن کي وڏي عزت ڏني وڃي ٿي. ڄڻ کين منٿ ميڙ ڪري، ايئن چيو وڃي ٿو ته اهي اٻوجهه ماڻهن کي ٻنهين هٿن سان، جيترو ٿي سگهي، ڦُرين ۽ پنهنجي پورت ڪن، ۽ ايئن ڪرڻ لاءِ کين جيڪو وڻي سو ڀل ته پيا ڪن! اهي ماڻهو مٿين طبقن جي هر قسم جي استحصال ۽ سندن ظلم جي راڄ جا سماجي سهڪاري آهن. اهي شعوري يا لاشعوري طرح مطلق العنان جابرن جا پٺڀرائي ڪندڙ ، ٻڌا ٻانها آهن. اهي ڏاڍ ڏمر ۽ استحصال ذريعي جيڪو مال متاع ميڙين ٿا، هي تنهن جي ڦل ۾ ننڍا ڀاڱي ڀائيوار ٿين ٿا. پر، جيڪڏهن اهي چاهين ته محافظ بڻجي، مطلق العنان ۽ بي اصول مٿين طبقن جي پنجوڙ مان عام ماڻهن کي ڇوٽڪارو ڏياري سگهن ٿا ۽ هر پاسي روشن خيالي پکيڙي سگهن ٿا، امن قائم ڪري سگهن ٿا ۽ خوشي ۽ خوشحالي آڻي سگهن ٿا. اهو هاڻي سندن مرضيءَ تي ڇڏيل آهي ته اهي ڪهڙيءَ راهه جي چونڊ ڪن ٿا. چونڊ انهن جي وس آهي، جيڪڏهن اهي صحيح چونڊ ڪن.
هِي اسان جا ماڻهو اهي آهن جن جا پنهنجي پاڻ ۾ سماجي، سياسي ۽ معاشي لڳ لاڳاپا آهن. انهن جي پنجيتاليهه لکن کان مٿي ڪُل آباديءَ منجهان بنهه وڏي اڪثريت، انهن ماڻهن جي آهي، جيڪي سمورو اَنُ ڌَنُ اپائين ٿا، ۽ انهن منجهان بنهه ٿورڙي اقليت آهي، جيڪا رڳو اهو ڌَنُ ڦٻائي ٿي. ۽ اهو سمورو ڌن اجايو زيان ڪري ٿي، انهن سان گڏ، بنهه ٿورڙي تعداد ۾ وچيون طبقو آهي، جنهن جو جياپو، جيئن اڄ ڪلهه حالتون ڏسون پيا، يا ته پورهيتن جو رت چوسڻ تي يا پيٽ ڍاوَن، مفت خورن جي اطاعت گذاريءَ تي آهي.
سنڌ ۾ پنجيتاليهه لکن کان مٿي ماڻهو آهن، جن ۾ هر سال 50 هزار جي حساب سان واڌارو ٿي رهيو آهي. ڪن ماڻهن جي خيال ۾ 48.1 هزار چورس ميل زمين لاءِ اسان جي وطن جي آبادي ٿوري آهي. هن ديس جي ڪل پوکيءَ لائق زمين رڳو 1.6 هزار چورس ميل آهي. اسان جي وطن جي سرزمين جو ٽي ڀاڱي چوٿون حصو ايترو ته ويران آهي، جو اتي ڪو ماڻهو مشڪل رهي سگهي. سراسري طور اسان جي ديس ۾ رهڻ لائق زمين جي هر چورس ميل تي 290 ماڻهو آباد آهن ۽ اتان ئي پنهنجو جيئدان ماڻين ٿا. جڏهن ته پنجاب جيڪو اسان کان گهڻو ڳتيل آباديءَ وارو پرڳڻو آهي، اتي في چورس ميل تي 287 ماڻهو رهن ٿا.۽ گذر سفر جو بهانو ڳولي لهن ٿا. اسان جي پوک جوڳي زمين رڳو سنڌو درياهه جي ٻنهي ڪپرن سان لڳو لڳ هڪ سوڙهي پٽي تي آهي. جڏهن ته هندستان ۾ ٻين وطنن جي سموري زمين، گهڻي اپت ڏيندڙ ۽ پوکيءَ هيٺ آهي. اسان جا پاڙيسري، پنجابي ايئن لڳي ٿو ته بنهه گهڻا اڃارا آهن، جو پنجن درياهن جو سمورو پاڻي به سندن اُڃ نه لاهي سگهيو آهي ۽ تنهن ڪري، انهن سنڌوءَ ۾ اسان جي حصي جي پاڻيءَ سان هٿ چراند ڪرڻ ۽ ان کي روڪڻ شروع ڪيو آهي، اچرج ۽ افسوس جي ڳالهه هيءَ آهي ته سندن سموري پوکيءَ لائق ۽ زرخيز زمين اسان جي زمين کان پنجوڻ ڇهوڻ تي وڌيڪ آهي، تنهن مان به سندن بک ختم نٿي ٿئي، تنهن ڪري انهن پنهنجون لالچي اکيون اسان جي صحرايل ڌرتيءَ جي انهيءَ پتڪڙي آباد حصي تي کُپايون آهن ۽ جيڪڏهن سندن وس پڄي ته جيڪر اها سموري زمين ئي ڦٻائي وٺن.
جيتوڻيڪ اسان جو وطن، ڪل ايراضيءَ جي لحاظ کان گهٽ آباديءَ وارو آهي، پر انهيءَ ۾ اسان جي پنهنجي ڪا خرابي ناهي. ٿي سگهي ٿو ته ان ۾ قدرت جي ڪا حڪمت هجي، ۽ اها اسان جي ماڻهن جي گهرجن جي حوالي کان واضح طور محتاط آهي، انڪري اها اسان جي زمين تي، ڪڏهن به، ان جي وِتَ کان مٿي، ماڻهو نٿي موڪلي جو متان اهي پنهنجو پيٽ نه ڀري سگهن. بلڪل ايئن ئي، اتر آفريڪا ۾ صحارا صحرا جي علائقي ۾ ڏکيائين سان ئي ڪٿي ڪا آبادي ڏسبي، ۽ جيڪڏهن اسين هتي پنهنجي ڇڊي پاڊي وطن ۾، ٿوري گهڻي بچت ڪريون ۽ پنهنجين زمينن کي سڌارڻ ۽ پنهنجين وڌيڪ زمينن کي پوک لائق بڻائڻ لاءِ محنت ۽ پئسي جي سيڙپ ڪريون ته ڌاريا ماڻهو اهو چون ئي نه، ته هوند اهي ٻنيون اسان کي ڏيو ته آباد ڪري ڏيکاريون.
ڪابه قوم پنهنجي خرچ تي پنهنجن قدرتي وسيلن کي ترقي، ٻين جي فائدي لاءِ نه، پر هلندڙ توڻي پنهنجين اڻ ڳڻين ايندڙ پيڙهين جي فائدي لاءِ وٺرائيندي آهي.
اسان جي زمينن ۽ سرڪاري نوڪرين کي ڦٻائڻ جي ڪوشش ۾ پنجاب ۽ پڻ ٻين علائقن جا ماڻهو عجيب قسم جا دليل پيا ڏين.
مثال طور، اهو مڃائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته جيئن ته پنجاب ۽ ٻيا علائقا اڳ ۾ ئي ڳُتيل آباديءَ وارا آهن ۽ اتان جون زمينون اتي موجود سمورن ماڻهن کي پيٽ قوت نٿيون ڏيئي سگهن. تنهنڪري، واڌو آباديءَ کي مجبوريءَ وچان پيٽ گُذر خاطر، سنڌ ڏانهن لڏي وڃڻو پوي ٿو. ٻين لفظن ۾، انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته جيڪڏهن ڪا قوم ايئن سمجهي ٿي ته کيس رهڻ ۽ گذران ڪرڻ لاءِ پنهنجي وطن ۾ مناسب جاءِ ناهي ته پوءِ ان کي اهو حق حاصل آهي ته اها ٻين قومن جي وطنن ۾ وڃي آباد ٿئي. آڳاٽي زماني ۾، آريا، پنهنجي وطن، وچ ايشيائي مٿانهين پٽ، جتي سندن مال لاءِ چراگاهه ختم ٿي ويا هئا، کان خوراڪ جي ڳولا ۾ هندستان جي سُکين ستابين ۽ زرخيز سنڌو-گنگائي ماٿرين ڏانهن لڏي آيا، ۽ هتان جي ڏيهي اصلوڪن رهاڪن، اَڻ- آرين کي ماري، مات ڏيئي پاڻ مالڪ ٿي ويهي رهيا، يورپي لوڪن، بلڪل ساڳيي بهاني آمريڪا، ڏکڻ آفريڪا، آسٽريليا ۽ بحراوقيانوس ۽ بحرالڪاهل مها ساگرن جي ٻين ڪيترن ئي ٻيٽن کي پنهنجي بيٺڪيت بڻايو ۽ اتان جي اصلوڪن رهواسين کي تلوار سان ڪٺائون ۽ رڳو زمين ڦٻايائون. اهڙيءَ ريت، وسيع سلطنت قائم ڪيائون. تازوئي جرمنيءَ يورپ ۾ پنهنجن پاڙيسري ملڪن جي هم مذهب قومن تي ڪاهون ڪري، کين فتح ڪيو آهي، ۽ جپانين، بلڪل ساڳيي دليل جي بنياد تي، ساڳيي نسل ۽ رنگ وارن چيني ڀائرن تي حملا ڪري لکين ماڻهن کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو آهي. انهن وٽ پڻ اهو ئي ساڳيو دليل هو.
انسان جون مادي گهرجون، پوءِ اهي ڪنهن فرد جون انفرادي گهرجون هجن يا ڪنهن قوم جون اجتماعي گهرجون هجن، ٻئي ماڻهوءَ يا ٻيءَ قوم جي ملڪيت ۽ قدرتي وسيلن تي ناجائز قبضي ڄمائڻ جو جواز پيدا نٿيون ڪري سگهن. تنهن کان سواءِ، جيڪڏهن فرض ڪريو ته ڪٿي، ڪنهن وطن ۾، گهڻي آدمشماري آهي، ۽ اُن جي نتيجي ۾، اتي، ڪا بيروزگاري آهي، تڏهن به، کين اهو حق بلڪل نٿو ڏيئي سگهجي ته اهي ٻين ماڻهن جي روزي کسي پنهنجو پيٽ ڀرين، يا ٻين جي روزگار ۽ وسيلن تي ناجائز قبضو ڪن. اهڙين حالتن ۾ کين کپي ته اهي پنهنجن ڏکياين کي حل ڪرڻ لاءِ پنهنجي وطن جي حدن ۾ رهندي، پنهنجن موجود وسيلن کي ڪتب آڻيندي، يا انهن کي ترقي وٺرائي، نوان وسيلا پيدا ڪن ۽ ايئن پنهنجو گُذر سفر ڪن.
اها دعوا ٻيهر ڪئي پئي وڃي ته پنجاب جا ماڻهو، سنڌ جي هارين کان وڌيڪ محنتي، زرعي ماهر، پڙهيل لکيل ۽ اڳتي اسريل آهن، ان ڪري، اُهي، هتي رهندي، سنڌ جي اڻپڙهيل ۽ پوئتي پيل عوام جي اقتصادي، تعليمي ۽ ثقافتي سطح کي اڀاري مٿي ڪندا. اها دعوا پنهنجي پاڻ ۾ ئي غلط لڳي ٿي ۽ پوريءَ طرح باطل مفروضي تي بيٺل آهي. اهو عُذر هميشه يا ته شهري بابو پيش ڪندا رهن ٿا، جن ڪڏهن سنڌ جون ٻهراڙيون ناهن ڏٺيون، جو پنهنجين اکين سان ڏسي سگهن ها ته اسان جا سنڌي هاري ناري پنهنجين ٻنين ۾ ڪيڏي نه اَوِرچَ ۽ اڻٿڪ محنت ڪن ٿا، جو سندن اهو ايمان آهي ته کيتي سِرسيتي آهي! ۽ انهيءَ جفاڪشيءَ، سخت پورهيي جي نتيجي ۾ اهي ڪيڏا نه ٿڪل ٽُٽل، محنت ۾ چور ٿيل ۽ اڀرا ڏسجن ٿا. يا وري ان قسم جو ليکو زميندار ڏيندا آهن، جيڪي اڻ مئي ڌن جون ٽجوڙيون ڀرڻ چاهيندا آهن ۽ گهڻي کان گهڻي ڌن جي تاڙ ۾ هوندا آهن. لڏي آيل پنجابي پڻ سنڌي پورهيت جون گلائون ڪندا آهن، سندن اهڙو عمل سمجهه ۾ ايندڙ آهي، ڇاڪاڻ ته اهي ان طريقي پنهنجي سنڌ ۾ موجودگيءَ کي جواز طور پيش ڪري سگهن ٿا.
اها ڳالهه بلڪل به غلط آهي ته پنجاب جا هاري، سنڌ جي هارين کان وڌيڪ ماهر ۽ زرعي ڄاڻ رکندڙ آهن. سنڌ جي هر ايڪڙ تي پيداوار پنجابي هارين جيتري آهي ۽ ڪن حالتن ۾ انهن کان وڌيڪ آهي. پنجابي هارين به ڪن حالتن ۾ بهتر پيداوار ڏني آهي، پر انهيءَ جو سبب هيءُ آهي ته اهي ٻئي علائقي مان لڏي آيا آهن، سندن ٻي ڪابه سماجي سرگرمي نه آهي، انڪري اهي پنهنجو پورو وقت ٻنين ۾ لڳائين ٿا ۽ بهتر اپت ڏين ٿا، پوءِ به اهڙا مثال ٿورڙا آهن.
ايئن به آهي ته ڪو ماڻهو وڌيڪ پيداوار ان صورت ۾ حاصل ڪري ٿو، جڏهن هو پاڻ ئي زمين کيڙي ۽ ان جي سار سنڀار لهي. پنجابي زميندار، جنهن جي نيت پڻ سنڌي زميندار وانگي کوٽي آهي، سو ڪن ڪن حالتن ۾، هتي، سنڌ ۾، وڌيڪ اپت حاصل ڪرڻ لاءِ نوان نوان طور طريقا استعمال ڪري ٿو، فصلن تي پئسو سيڙائي ٿو، فصل ۾ ڀاڻ استعمال ڪري ٿو ۽ پنهنجيِ ٻنيءَ کي تجارتي بنيادن تي سنڀالي ٿو، پر سنڌي زميندار، پنهنجي زمينداري زراعت جي جديد اصولن تي نٿو هلائي ۽ اهو ساڳين روايتي طريقن تي ڀاڙي ٿو، انڪري، اها بي عملي ۽ ڪاهلي سنڌي زميندار جي چئبي. سندس ڪاهليءَ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ سنڌي هاريءَ کي مهڻو نٿو ڏيئي سگهجي.
جيڪڏهن سنڌي ۽ پنجابي ڪڙميءَ جي تعليمي ۽ تهذيبي ترقيءَ جي سطح ۾ فرق جي ڳالهه ڪبي، ته انهيءَ کي سمجهڻ لاءِ اها حقيقت ئي گهڻي آهي ته پنجاب ۽ سنڌ ۾ خواندگيءَ جي شرح يا پڙهيل لکيل ماڻهن جو سيڪڙو بلڪل ساڳيو ئي آهي. تنهن کان پوءِ، انهن ماڻهن، جن رڳو پيٽ گذر ۽ کاڌ خوراڪ جي ڳولا ۾ پنهنجو ڏاڏاڻو ڏيهه ڇڏي ڏنو، تن مان ڪهڙيءَ تهذيب ۽ ثقافت جي اميد رکي سگهجي ٿي؟ رڳو يورپ ۾، نهايت ئي ڏوهن ڏانهن لاڙو رکندڙ، اڻسڌريل ۽ مهم جُو عنصرن، پنهنجا وطن ڇڏي،آمريڪا، آسٽريليا، هندستان ۽ ٻين اهڙين بيٺڪي ملڪن ڏانهن رُخ ڪيو، تازو ئي مقامي اخبارن ۾ اها خبر ڇپي آهي ته پنجاب جي هڪ عورت سانگهڙ ضلعي ۾ چوريون ۽ ڦرون ڪرڻ ۾ پنهنجو نالو ڪڍرايو آهي.
مڃجي ته اهي سڀئي فرض ڪيل گُڻ يا خوبيون اسان جي پنجابي دوستن ۾ آهن، پر ضروري ناهي ته انهن جي پوئواريءَ مان اسان جي ماڻهن کي ساڳيي قسم جي لاڀ ملي. حقيقت ۾، پيشيوراڻي ۽ تعليمي لحاظ کان چڱي موچاري حيثيت ۽ سٺو مرتبو رکندڙ انهن نون آيل دوستن جي هر ڪوشش پاڻ کي پنهنجيءَ حيثيت کان وڌيڪ وڏي ڏيکارڻ سان جڙيل آهي. ۽ ايئن ڪري اُهي هتي سنڌ ۾، هر جڳهه ويچارن سنڌي ماڻهن کي هيسائڻ، دٻائڻ ۽ مٿن حاوي ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
وڌيڪ ايئن به چيو وڃي ٿو ته ٻاهران آيل ماڻهو هتي ڳرين قيمتن تي زمينون خريد ڪن ٿا، ۽ ان ريت سنڌ جي قومي آمدنيءَ ۾ واڌ ٿئي ٿي، اها سوچ ڪيڏي نه اياڻي چئبي! ڇو ته ان قسم جي معاشي حالت نه مستحڪم آهي ۽ نه ئي پائدار، اها ڳالهه ايئن ئي ٿيندي ته ڪنهن غريب ماڻهوءَ کي قرض لاهڻ لاءِ اهڙي صلاح ڏجي ته اهو پنهنجو گهرگروي رکي يا ماڳهين وڪڻي ڇڏي ۽ ايئن زندگيءَ جا باقي ڏهاڙا آرام سان گذاري، پر اهڙي صلاح ان صفا مسڪين ماڻهوءَ کي بلڪل به نه ڏيئي سگهبي، جنهن جو معاشي لحاظ کان اڳي ئي ڏيوالو نڪتل آهي.
سائنسي ترقي ۽ مڇين جي صنعتن کي زور وٺائڻ، ڪسٽمز جي آمدني، آمدنيءَ تي ٽيڪس ۽ پڻ ٻين آمدنيءَ جي وسيلن تي ٽيڪس، فعال ۽ آمدني ڏيندڙ صنعتن جي قيام، سنڌي هارين کي مالڪيءَ جي حق جي بنياد تي قسطن تي ڏنل زمينن جي هر سال ملندڙ محصول ۽ مقرر ڪي قسطن جي اوڳاڙجندڙ رقم، وڏن نوابن، زميندارن، جاگيردارن، دڪاندارن ۽ واپارين کان ملندڙ ٽيڪس، قرض جي روپ ۾ ڪيل سيڙپڪاريءَ مان ملندڙ رقم، فوتي کاتن جي ڪروڙين رپين، جيڪي لکها پتين وٽ منجمند صورت ۾ پيل آهن، منجهان هر سال ڪيترائي ڪروڙ رپيا سنڌ ۾ اسان جي عوامي رياست جي دولت ۾ گڏ ٿيندا.
پر، ڪا قوم ڪهڙيءَ به مالي ناداريءَ ۾ مبتلا هجي، ان کي مالي تنگيءَ مان وقتي آجائيءَ لاءِ اها ڪڏهن به صلاح نٿي ڏئي سگهجي ته اها پنهنجو سمورو وطن گِروي رکي، يا ماڳهين وڪڻي ڇڏي، ۽ پوءِ سدائينءَ لاءِ ٻين جي ڌڪار جوڳي غلاميءَ ۽ محتاجيءَ ۾ گذاري.
پنجاب جا ماڻهو هوريان هوريان اسان جي وطن ۾ داخل ٿي رهيا آهن. انهيءَ عمل لاءِ جيڪو جواز ڏنو پيو وڃي، ان جا لفظ هن ريت آهن: ”پنجابي سگها، ۽ جانٺا جوان ۽ ڄائي جم کان ويڙهو نسل سان تعلق رکن ٿا ۽ اهڙا ماڻهو حرن ۽ ٻين اهڙن دهشت پکيڙيندڙ عنصرن، جيڪي آئي وقت ڪَرَ کڻن ٿا ۽ سنڌ جي ٻهراڙين ۾ تباهه ڪاري ۽ غارتگري ڪن ٿا، تن کي بهتر نموني مُنهن ڏيئي سگهندا.“
انهيءَ اڻ ثابت ٿيل دليل کي هڪدم رد ڪري سگهجي ٿو. اهو دليل ”ويڙهو نسل“ جي آڌار تي پاڻ پڏائڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي، ۽ ٻي ڳالهه هيءَ آهي ته اها سنڌي ماڻهن جي خودداريءَ ۽ عظمت جي نه سهڻ جوڳي توهين آهي. جيڪڏهن ان دليل جو ماضيءَ ۽ حال جي بنياد تي، ڌيان ۽ ساوڌانيءَ سان اڀياس ڪبو ته سچ پڌرو ٿي پوندو.
هيءُ سنڌو ديس،جنهن کي ” ڪمزور ۽ بزدل“ چيو وڃي ٿو، تنهن، سموري هندستان ۾ انگريزن جي سنگينن اڳيان سڀ کان پڇاڙيءَ ۾ هٿيار ڦٽا ڪيا هئا. سن 1838ع ۾ ڪرنل ويلئنٽ (Valiant) جڏهن جنگي فوجي ٻيڙا منهوڙي ٻيٽ تي لنگرانداز ڪري، اتان جي قلعي جي سردار کي للڪاريو ۽ هٿيار ڦٽا ڪري، پيش پوڻ جو حڪم ڏنو ته موٽ ۾ اُن جواب ڏنس، ” اسين پنهنجي وطن جي حفاظت لاءِ پهرين پنهنجا سِرَ گهورينداسون!“ انگريزن پاران سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ ۽ ان کي فتح ڪرڻ کان رڳو ڪي سال اڳ، سنڌين جوڌپور جي راجا کان عمرڪوٽ جو قلعو جنگ ۾ فتح ڪري حاصل ڪيو هو ۽ خان آف قلات کان ڪراچي واپس موٽائي ورتي هئي. سنڌ پنهنجي بچاءَ ۾ آخري جيڪي ٻه جنگيون- مياڻي ۽ دُٻي واريون جنگيون- انگريزن سان وڙهيون هيون، سي، سر چارلس نيپئر جي اعترافي بيان پٽاندر انگريزن جي هندستان ۾ وڙهيل جنگين مان سخت ترين ۽ بيحد ئي ڏکيون جنگيون هيون. انهن جنگين ۾ سنڌي سورمن انگريزن جي فوج کي رُڪ جا چڻا چٻايا هئا. انهن ٻنهين جنگين ۾ اسان جو نعرو هو:”مروسون مروسون، سنڌ نه ڏيسون“. ان کان سواءِ مقامي سطح تي، سنڌ ۾ قبيلن وچ ۾ ڇڪتاڻ به بهادريءَ جي ڏس ۾ مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿي، توڻي جو ان جا اثر ۽ نتيجا منفي جا نڪرن ٿا.
هن وقت به، سنڌي شاگرد تعليم پرائڻ جي سلسلي ۾ جتي به ويندا آهن، پوءِ اهو جوناڳڙهه هجي يا بمبئي يا عليڳڙهه، اهي پنهنجي ويڙهاڪ سُڀاءَ جون ڪيئن يادگيريون، اتي ڇڏي ايندا آهن. انگريز دور ۾ سنڌ ۾ ڪجهه سؤ سر ڦرين ماڻهن پنهنجي ٻانهن ٻل تي پنهنجي حڪومت قائم ڪئي ۽ انهن کي ڪَچلڻ لاءِ جديد هٿيار ۽ جنگي ساز سامان استعمال ٿيو. ان دوران سنڌ جي عورتن کي به اهو سيکاريو ويندو هو ته اهي جهيڙيڪار ٿين، ته جيئن دشمن هٿان قيد ۽ يرغمال ٿيڻ کان پوءِ اهي کين ڇڏڻ تي مجبور ٿين.
”ويڙهو نسل“جي بهادرن، جن کي رائفلون ڏيئي، هتي، سنڌ ۾، آباد ٿيڻ ۽ اسان جي زرخيز زمينن هڙپ ڪرڻ لاءِ موڪليو وڃي ٿو، انهن کان ئي محفوظ رهڻ لاءِ کين اهڙي سکيا ڏني ويئي هئي.
سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال تي ٿيندڙ اسان جو خرچ، هندستان ۾ ڪنهن به ٻيءَ رياست يا وطن تي ان مد ۾ ٿيندڙ خرچ کان ٻيڻو آهي. هن وقت به، سنڌ جي ٻهراڙين ۾ امن امان جي صورتحال تي ضابطو، اسان جو پنهنجو سنڌي سپاهي يا پوليس وارو رکي ٿو ۽ اتي امن قائم ڪرائي ٿو، جڏهن ته پنجابي پوليس وارا حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جهڙن شهرن جي سيڪيورٽيءَ کي سنڀالڻ بهاني، آرام جهڙي نوڪري پيا ڪن.حرن پاران ڪيل وڳوڙن کي منهن ڏيڻ لاءِ پوليس جا جيترا به جوان شهيد ٿيا آهن، تن ۾ هر 20 ڄڻن مان 19 ڄڻا سنڌي سپاهي هئا. کين اهڙيءَ ڊيوٽيءَ تي سنڌ ۾ مقرر ڪيل پنجابي سورما ڊي. ايس.پي. آفيسرن لڳايو هو.
انهن پڌري پَٽ حقيقتن جي روشنيءَ ۾، ۽ اسان جي ماڻهن جي دشمن سان مقابلي ڪرڻ جي انهن قطعي ۽ حتمي ثبوتن هوندي به، اڃا تائين اسان کي ”غيرفوجي“ ڪوٺيو وڃي ٿو، رڳو انڪري جو اڄوڪي ”هندستاني“ فوج ۾ اسان جي ماڻهن جي ڀرتي اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. هن اونهيءَ ڳالهه کي ڀرپور طرح هيئن بيان ڪري يا کولي سمجهائي سگهجي ٿو ته اِها ڪن ناڪاري سياسي ۽ معاشي عنصرن جي راند آهي، ته پوءِ، هڪ پاسي اها روش رڳو ڄاڻي ٻُجهي اسان جي تاريخ جي توهين ڪرڻ برابر ٿيندي ۽ ٻئي پاسي اِها اُنهن جي سِڌي سَنئين ڊاڙ آهي، جيڪي ڳجهي نموني اسان خلاف سازشون سِٽيندا رهن ٿا.
انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته اسان جا هاري ويچارا چَئي وان ۽ نهٺا نِماڻا ڏسجن ٿا، پر انهن جي اِها نهٺائي، تابعداري، اُنهيءَ ڏاڍ ۽ ظلم جو اولڙو آهي، جيڪو اهي هر ڏهاڙي پنهنجن زميندار آقائن هٿان برداشت ڪن ٿا. اها ساڳي اطاعت گذاري ڪڏهن ڪڏهن نافرماني، بغاوت ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. شايد اهو ان امڪاني نافرماني ۽ بغاوت جي ڪري آهي، جو اسان جا حاڪم طبقا پنهنجي سلامتيءَ ۽ تحفظ لاءِ ڌارين ۾ تحفظ ڳولين ٿا، پر کين اهڙو ڊپ ڊاءُ نه ڪرڻ کپي، ڇو ته، جڏهن ڪنهن قوم جا هڪڙا فرد ٻين کان ڊڄن يا ڇرڪن ۽ ڌارين کان تحفظ گهُرن، ته پوءِ، ايئن سمجهبو ته اها قوم پنهنجي آزاديءَ کي سدائينءَ لاءِ وڃائڻ جي راههَ تي هلي رهي آهي. ۽ ايئن به ڄاڻجي ته اهي پنهنجن ئي نام نهاد رکوالن هٿان پنهنجي غلاميءَ کي دعوت ڏيئي رهيا آهن.
هتي ڪي اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي دليل ڏين ٿا ته سنڌ ۾ پورهيتن جي کوٽ آهي، ۽ تنهنڪري، اُن کوٽ جي پُورائي ڪرڻ لاءِ ٻين علائقن کان پورهيت گهُرائڻ ضروري ٿي پيو آهي. اهڙا ماڻهو، ظاهريءَ طرح، سماجيات ۽ معاشيات جي اڻٽر قانونن جي پَرُوڙ کان اڻڄاڻ ڀاسجن ٿا. کين ياد رکڻ گهرجي ته جيڪڏهن سندن اهو دليل قومن جي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ جي انقلابي اڀار جي بنياد تي هجي، ته پوءِ، هر ڀيري، ڪا قوم پنهنجيءَ معيشت جي بحاليءَ واسطي، پنهنجين شين جي پيداوار ۾ اضافي جي مقصد، يا پنهنجن قدرتي وسيلن کي ترقي وٺرائڻ لاءِ هڪدم ٻاهران پورهيت گهرائڻ کي ضروري سمجهي، پر ايئن ناهي، ۽ جيڪڏهن ايئن هجي ها، ته سموري سائنس ۽ سموري ٽيڪنالاجي، جيڪي اڄڪلهه سموري دنيا لاءِ واضح طرح نعمت بڻيل آهن، ڪڏهن به پنهنجي سُٺي ڪارڪردگيءَ جي صلاحيت ۽ ڪماليت جي هاڻوڪين انتهائن تائين نه پهچي سگهن ها؛ ۽ گهڻيءَ محنت ۽ جاکوڙ کان پوءِ حاصل ڪيل پورهيي کي گهٽائيندڙ طريقا، جيڪي بِيرَمُ يا لِيورَ(lever) واري اصولَ يعني ٻاڦ، بجليءَ، ۽ هاڻي جوهري توانائيءَ جي استعمال ڪرڻ وارن بنيادن تي ڪم ڪن ٿا، تن کان انسانذات اڄ پوريءَ طرح اڻڄاڻ يا اڻ واقف هجي ها!
جيڪڏهن، ڪنهن سوچيل سمجهيل ارادي سان اهو سوچيو پيو وڃي ته اسان جا وڏيءَ حد تائين اوائلي زراعت جا طريقا جاري رهن ته پوءِ اهڙي سوچ سائنس جي روح جي توهين هوندي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته اسان جو ماڻهو، هزارين ورهيه اڳ وانگي هر هلائيندو رهي، ٻنيءَ ۾ ٻج محفوظ ڪندو رهي ۽ انهن کي پکين جي چڳڻ کان بچائيندو رهي.
جيڪڏهن اهو ارادو آهي، ته اهو ڪاٺيءَ وارو هَرُ، جنهن کي ٻه ڏاند ڏاڍيءَ پيڙا سان ڪاهين ٿا، تنهن کي اسان جا غريب هاري قيامت تائين ڪاهيندا رهندا ۽ اُهي پاڻ به پٺيان انهن ئي ڏاندن وانگي گهِلبا رهن، ته پوءِ، پورهيتن کي ٻاهران ٿوڪ جي حساب سان گهُرائڻ وارو ”جَسُ جوڳو“ بهانو برقرار رهندو. اڄ، سموريءَ دنيا جا ماڻهو پنهنجين مادي گهرجن جي پُورائي لاءِ جوهري يا ائٽمي توانائيءَ جي استعمال کي عمل جوڳو پيا بڻائين ۽ اُن جو آڌر ڀاءُ وڏي اعتماد سان پيا ڪن، ته جيئن اُهي گهٽ محنت، وڌيڪ ڌن دولت ۽ سُک تي ٻڌل هڪ وڌيڪ سُکي، هڪ وڌيڪ باوقار ڀري ۽ جَس جوڳي زندگي گذاري سگهن. اها چاهين ٿا ته پاڻ کي تهذيبي طور سُوڌڻ، وڌيڪ مُهذب ۽ شانائتي بڻائڻ لاءِ وٽن جهَجِهي واندڪائي يا ذهني آسُودگي مُيسر هجي، ته جيئن اُهي قدرت جي هِن عظيم ۽ لامحدود وُسعت ۽ ان جي تخليقن جي عميق راز تي وڌيڪ آزاديءَ، آسانيءَ ۽ ٿڌي دماغ سان غور فڪر ڪري سگهن؛ اڄ، جڏهن سموري دنيا، انسانذات جي نهايت ئي سخت محنت، جاکوڙ ۽ ڊگهي جِدوجهُد کان پوءِ حاصل ڪيل علم ۽ پَرُوڙ جي فائدن کي ڪتب آڻڻ ۽ ان مان لاڀ حاصل ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي رهي آهي، تڏهن سنڌ ۾ اسان جا ٻاراڻي طبيعت رکندڙ اڳواڻ ۽ موڳا حڪمران اسان کي چون پيا ته اسان جي ابن ڏاڏن کان جيڪي ڪجهه ورثي ۾ مليو، تنهن تي ئي راضي رهون، ته جيئن اسين ٻين جي ڀيٽ ۾ ڏاهپ ۾ گهٽ، غربت ۾ پيڙهيل، بُکيا، جسماني طرح ڏُٻرا ۽ ذهني طرح پوئتي رهندا اچون.
ته پوءِ اسين پنهنجي چوڏس موجود دنيا جي مثال جي پوئواري ڇو نه ٿا ڪري سگهون ۽ پنهنجيءَ ڀلائيءَ لاءِ سائنسي اوزارن کي ڪتب ڇو نٿا آڻي سگهون؟ ڇو ڀلا اسان کي پنهنجي زراعت لاءِ مشيني مدد نه وٺڻ کپي؟ ڇو ڀلا اُن کي جديد سائنسي اصولن پٽاندر نه هلائڻ کپي؟ ايئن ڪرڻ سان اسان کي ٻه ڪارائتا مقصد حاصل ٿيندا. پهريون: واڌو پيداوار حاصل ٿيندي، جنهن مان اسين نه رڳو پنهنجين گهرو گهُرجن ۾ پاڻڀرا ٿي سگهنداسون پر بچندڙ پيداوار ڏيساور اُماڻي، قيمتي پرڏيهي ناڻو ڪمائي، خوشحالي ماڻينداسون ۽ ان ريت، ايندڙ وقتن ۾، عالمي اناج منڊيءَ ۾ قيمتن واري چٽاڀيٽيءَ جو مقابلو ڪري سگهنداسون ۽ پنهنجيءَ بقا لاءِ اها ئي اڪيلي اميد آهي. ٻيو: زراعت جي ترقيءَ سان پورهيتن جي کوٽ، پوءِ اها هٿ ٺوڪي هجي يا حقيقي، واري مسئلي کي منهن ڏيئي سگهنداسين.
هن وقت، اسان کي، ٺڳيءَ سان، اهڙيءَ صورتحال ۾ ڌِڪيو پيو وڃي، جتي اسان جي حيثيت هڪ استعمال ٿيندڙ رديءَ جي ٽوڪريءَ يا گند جي دٻي جهڙي هجي، ۽ هندستان جي ٻين وطنن جا مٿيان ۽ طاقتور طبقا، پنهنجن ماڻهن جي غُربت ۽ بيروزگاري اسان ۾ اُڇلائيندا رهن. سموري هندستان جي اُها غربت ۽ بيروزگاري، جيڪا ايامن کان گڏ ٿيندي ۽ لڳاتار وڌندي رهي آهي، سا وڏي نهج تي پهچي چڪي آهي. جيڪڏهن اسين رڳو ڌارين جو اضافي بار کڻڻ کان نَهڪر ڪريون ته هوند مستقل مفاد رکندڙ ٽولي جي هاڻوڪي حالت (Statusquo) جتي ڪٿي، داءَ تي لڳي وڃي، ۽ ايئن اُهي پنهنجو وجود قائم رکي ئي نه سگهن. خاص طرح پنجاب جا بالادست طبقا ان صورتحال تي اک رکيو ويٺا آهن، انڪري اهي اسان جي عقل کان آجي مٿئين طبقي سان گڏجي، لڳاتار ان دليل کي هٿي ڏيئي رهيا آهن ته، هتي، سنڌ ۾، پورهيتن جي تمام گهڻي کوٽ آهي، ۽ سنڌ ۾ ٻيو ڪجهه نه، رڳيون ٻنيون ئي ٻنيون موجود آهن. گهرج رڳو ان ڳالهه جي آهي ته ڪو ماڻهو يا هر هڪ ماڻهو رڳو اڳتي اچي ۽ انهن ٻنين جي والار ڪري.اهو دليل بدنيتيءَ تي ٻڌل آهي، جنهن، اسان کي سياسي ۽ معاشي تباهيءَ جي بنهه ويجهو پهچايو آهي. انهيءَ تي گهري سوچ ويچار ڪرڻ جي گهرج آهي.
هن وقت، اسان وٽ رُڳي 90 لک ايڪڙ زمين پوکيءَ لائق موجود آهي، تنهن مان لڳ ڀڳ اڌ زمين هر مُند ۾ ڪاهي وڃي ٿي- اڌ اِن لاءِ نه، ته ڪا هتي ڪُڙمين جي کوٽ آهي، پر انڪري جو، زمين کي ويساهيءَ ]جڏهن ان ۾ ڪابه پوکي نه ڪبي آهي[ تي خالي ڇڏيو ويندو آهي ته جيئن اُها ڪمزور ٿي اُپت واري صلاحيت گهٽائي نه ڇڏي، ۽ ٻيو ته، هتي نهري پاڻيءَ جي بيحد گهڻي کوٽ آهي. پنجابين کي اسان جي ”پورهيتن جي کوٽ“ مان فائدي پرائڻ جي ڏاڍي اونَ آهي، پر، اسان وٽ پاڻيءَ جي سنگين کوٽ پيدا ڪرڻ جي انهن کي اڃا به گهڻي ڳڻتي آهي، ته جيئن 90 لک ايڪڙ آباد زمين کي پاڻي نه ملي. ياد رهي ته انهن زمينن کي ڪاهڻ لاءِ اسان وٽ 30 لک هاري موجود آهن.
ان ريت، هر پنجن ڀاتين واري هاري ڪٽنب جي حصي ۾ رڳو 15 ايڪڙ زمين پوکيءَ لاءِ اچي ٿي. رٿيل ٻه بئراج، وڌ ۾ وڌ 40 لک ايڪڙ وڌيڪ زمين پوکيءَ لائق بڻائي سگهندا. ان زمين تي اڌ لک کن ٻيا وڌيڪ هاري ڪٽنب ڀاڙيندا، ان ريت هر هڪ ڪٽنب وٽ وڌ ۾ وڌ 20 ايڪڙ زمين موجود ٿي سگهندي، جنهن مان اُهي هر مُند ۾ 10 ايڪڙ ڪاهيندا ۽ 10 ايڪڙ ويساهيءَ تي ڇڏيندا. ڇا اها زمين، سراسري طرح پنجن گهر ڀاتين واري ڪٽنب لاءِ ايتري گهڻي زمين هوندي، جو اُهي اُن کي سنڀالي نه سگهندا؟ جي نه، ته پوءِ، اسان وٽ ڪهڙي واڌو زمين آهي ۽ ڪُڙمين جي کوٽ ڪٿي آهي؟
انهيءَ هوندي به جيڪڏهن زوريءَ ٻاهران کان پورهيتن کي هتي آندو ويو ته پوءِ، ٻه امڪان هڪدم اُڀري سامهون ايندا:

1. يا ته نيون زمينون، جاگيرداريءَ جي بنياد تي، ٻاهران آيلن کي ڏنيون وينديون، اُن صورت ۾ اها مڙهيل جاگيرداري، جيڪا سگهاري مقامي جاگيرداريءَ کان وڌيڪ ڏهڪاءَ واري هوندي. سا نه رڳو اسان جي ماڻهن لاءِ سياسي ۽ معاشي طرح موت ثابت ٿيندي، پر هتان جا جاگيردار ۽ زميندار پڻ انهيءَ کاهيءَ کان بلڪل بي نياز ۽ بيپرواهه آهن، جيڪا اهي پنهنجن هٿن سان کوٽي رهيا آهن، يا وري:
2. نيون زمينون بدنيتيءَ سان ٻاهران آندل ڌارين آبادڪارن کي هاري-حقدار نظام هيٺ ڏنيون وينديون. ان صورت ۾ ٻاهران گهُرايل زمينن جا مالڪَ ۽ هاري، چٽي نموني، اسان جي ڏيهي يا مقامي بي زمين ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ برتر ۽ اعليٰ معيار واري زندگي گذاريندا ۽ معاشي ۽ سياسي بالادستي قائم ڪري وٺندا.
ٿي سگهي ٿو ته اِهي اُهي ئي ويچارَ هجن جن سنڌ مسلم ليگ ڪائونسل کي 1945ع ۾، هڪ ٺهراءَ منظور ڪرڻ تي مجبور ڪيو هو ته سنڌ جي زمينن تي، سنڌين جو حق آهي، ۽ ڪنهن به غيرسنڌيءَ کي اُن جو هڪ انچ به نه ڏنو ويندو.

مٿي بيان ڪيل سموري ڳالهه کي ان روشنيءَ ۾ ڏسڻ کان پوءِ، ان رٿيل افسوسناڪ معاملي جي سخت ناانصافيءَ کي وائکي ڪرڻ جي گهرج ئي باقي نٿي بچي. اسان جي عوام جا اُهي ويري، جيڪي يا ته اها ڳالهه تجويز ڪن ٿا يا ان کي اڳتي کڻي وڃڻ گهرن ٿا، تن کي اسان جي هڪ سوال جو جواب ڏيڻو پوندو؛ حضرت موسيٰعه کان وٺي حضور سائين (ﷺ) تائين، ڪهڙي نبيءَ ڪڏهن ايئن چيو هو ته اوهين پنهنجن ماڻهن، ڌرتيءَ ڌڻين کي بي زمين ڪريو، ۽ اوسي پاسي جي جهڙن تهڙن ماڻهن کي وڏي واڪي ڪوٺ ڏيندا وتو ته اهي هتي اچن ۽ جيتري وڻي، اوتري زمين تي قبضو ڪن؟ اهو ڪٿان جو انصاف آهي؟ تاريخ ۾ ايئن رڳو نارمنڊيءَ جي وليم، برطانيا جي فاتح، برطانيا ۾ ڪيو هو ۽ عظيم برطانيا واسين سندس ان عمل جي سخت مزاحمت ڪئي هئي.
بلڪل اهي ساڳيون ڳالهيون اسان جي نوڪرين جي حق واري معاملي سان لاڳو ٿين ٿيون. پُورن هڪ سئو سالن تائين، جڏهن ٻيا ماڻهو، ٻيون قومون، پنهنجين ڏيهي ۽ گهٽ خرچ وارين يونيورسٽين ذريعي هيڪاندا مئٽرڪ پاس ۽ گريجوئيٽ تيار ڪري رهيون هيون، اتي اسان سنڌين جي نوجوانن جو هڪ ڌاري يونيورسٽيءَ جي اَڏيءَ تي تعليمي ڪوس ٿيندو رهيو. ساڳيي وقت، ظلم جي انتها ته ڏسو، اسين پنهنجي ئي ديس ۾، غيرسنڌين جي تعليم تي ڳري رقم خرچ ڪندا رهياسون، جنهن تعليم کان اسان جي پنهنجن ٻارن ۽ نوجوانن کي سازش هيٺ پري رکيو ويو هو. اُها رقم، اڄ به، اسين اُئين ئي خرچ ڪري رهيا آهيون. اين. جي. وِي هاءِ اسڪول ۽ سنڌ مدرسو اُن جا چٽا مثال آهن، جتي اسان جي پنهنجن ماڻهن جي اولاد جي تعليم تي خرچ ٿيندڙ رقم کان ٽيڻي رقم غيرسنڌين جي اولاد جي تعليم خرچ پئي ٿئي ۽ اها سنڌ جي خزاني مان خرچ ڪئي پئي وڃي، ۽ هاڻي، جڏهن اسان کي پنهنجن نوجوانن کي همٿائڻ، تعليم ڏيارڻ، سندن تربيت ڪرڻ جو وقت آيو آهي ۽ کين پنهنجي حڪومت ۾ اهم ذميوارين سنڀالڻ جو هڪ موقعو ملي رهيو آهي، ته اسين ڇا پيا ڪريون؟ جيئن ئي ڪو پنجابي سنڌ جي سرزمين تي پير رکي ٿو، ته ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ سندس هٿن ۾ معجزاڻي طور تي پهچي ٿو وڃي، هتي، سنڌ ۾، ايمپلائمينٽ ايڪسچينج سرشتو قائم ڪيو ويو آهي، جنهن جو واحد مقصد، اسان جون نوڪريون، فراخدليءَ سان، پنجابين ۽ ٻين ڌارين ۾ ورهائڻ آهي، انهن جو ٻيو ته ڪو ڪم ۽ ڪارج، هتي، سنڌ ۾، نظرنٿو اچي. اسان جي حڪومت جي اهم عهدن تي پنجابين کي سڌيءَ ريت مقرر ڪيو پيو وڃي. ايستائين جو ملڪ کان ٻاهر، اعليٰ تعليم پرائڻ لاءِ اسان جي حصي جون اسڪالرشپون، ٻين علائقن جي ماڻهن کي ڏنيون پيون وڃن. اسان مَس مَس هاڻي وڃي پنهنجي هڪ يونيورسٽي قائم ڪئي آهي؛ پر اُن يونيورسٽيءَ جو سربراهه هڪ اهڙي ”جئنٽلمئن“ کي مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن کي اسان جي ٻولي سنڌي، لکڻ پڙهڻ يا ڳالهائڻ نٿي اچي، ۽ نه ئي هُو اُن ۾ ڪا دلچسپي به رکي ٿو،کيس”شاهه جي رسالي“ جي به خبر ناهي! اهڙو ماڻهو اسان جي لوڪ ادب ۽ ٻئي ادب جي ڪهڙي قدرداني ڪري سگهي ٿو! اهم ڳالهه هيءَ به آهي ته اسان جي تعليم واري وزير، حيدرآباد دکن مان اعلان فرمايو آهي ته اسان جي ٻولي، سنڌي، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ختم ڪئي ويندي، ۽ يونيورسٽيءَ ۾ هڪ نه، ته ٻي ڌاري ٻولي تعليم جو ذريعو هوندي، جيڪا اسان جي 98 سيڪڙو ماڻهن جي سمجهه کان ٻاهر هوندي.
سنڌ جي آئيندي جو درد رکندڙ، جي. ايم. سيد، جڏهن سنڌ جو تعليم وارو وزير هو ته سنڌ ۾ موجود هر ڪنهن غيرسنڌيءَ کي هڪ مقرر وقت اندر سنڌي لکڻ، پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ سکڻ جو پابند بنايو ويو هو. سندس ان ڳالهه تي، اُن وقت لاڳاپيل غيرسنڌي حلقن، هر هنڌ، وڏو گوڙ ۽ شور ڪيو هو. ڄڻ ته ڪنهن کين پنهنجي مذهب ڇڏڻ لاءِ چيو هجي! سنڌ ۾، غيرسنڌين پاران، اسان جي ٻوليءَ جي سلسلي ۾ اهڙي ردعمل تي ڪنهن ٽيڪاٽپڻيءَ جي ڪا گهرج ناهي، ان جي اهميت ۽ افاديت کان ڪوبه انڪار ڪري نٿو سگهي. ايتريقدر جو، انگريز کڻي ڪيترو به طاقتور هو، تڏهن به هن هتي، سنڌ ۾ اچڻ شرط، هڪدم سنڌي سکڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ پوءِ جيڪو به انگريز سرڪاري عملدار سنڌ ۾ آيو ٿي، تنهن، اُن روايت جي پوئواري ڪندي، سڀ کان پهرين اسان جي ٻولي سکڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي.
اسان جا وزير جيڪي دهليءَ، لاهور يا دکن ڏانهن تڪڙا ايندا ويندا رهن ٿا، اهي، اتي پهچي، هر ڀيري جڏهن ڪو اهميت جوڳو پاليسي بيان جاري ڪن ٿا، ته ان وقت بدقسمتيءَ سان، اهو سڀ ڪجهه وساري ٿا ويهن ته سندن تعلق سنڌ سان آهي، يا، اُهي پاڻ سنڌي آهن، ۽ اُهي، پنهنجي چوڌاري موجود ڌارين خوشامندڙين سان سُر ۾ سُر ملائي، سنڌ جو نقصان ڪن ٿا. اسان جا اهي صاحب، هن قسم جا ڪنن کي راحت ڏيندڙ گفتا ٻڌي خوش ٿيندا آهن ته: ”واهه، واهه سائين! بيشڪ، اوهين ته تنگ نظر صوبائيت پرستيءَ کان ڪوهين ڏُور آهيو، اوهين انسان دوست ۽ جهانَ دوست آهيو، اوهين سچا پچا مسلمان، ۽ فرشتا آهيو!“ سنڌ ۾، پنهنجي ديس ۾، پنهنجن ماڻهن ۾، ظاهر آهي ته کين اهڙا چاپلوس ماڻهو بلڪل نه ملندا ۽ اهي اهڙي واکاڻ جي لائق به نه آهن.
اهڙيءَ ريت، ڪو ٻاهريون ماڻهو کيڏ کيڏندو آهي، سندن گڻن کي ساراهيندو آهي، يا ڪنهن ڪنهن موقعي تي کين پنهنجي ”ڏاهپ“، جي اظهار جو موقعو ملندو آهي ته اهي ڪانون وانگي ڪانگيرو ڪري، اوسي پاسي موجود ماڻهن کي خوش ڪرڻ لڳندا آهن. کين ڄاڻ نه هوندي آهي ته ڪانءَ جڏهن ڪان ڪان ڪندا آهن ته سندن وات مان گرهه ڪِري، گدڙ جي وات ۾ پوندو آهي.
ڪاش! اسان جي وزيرن ۾ ٿورڙي به سمجهه هجي. ڪاش اُهي گهٽ ۾ گهٽ پنهنجيءَ ذميواريءَ جو مظاهرو ڪن، ۽ سنڌ جي عوام ڏانهن ان نموني جوابدهه هجن، جيترو هو ڌارين خوشامدڙين ۽ چاپلوسن اڳيان بڻجن ٿا، جڏهن به ڪنهن قوم تي خطري، ڏک ۽ مايوسيءَ وارو وقت ايندو آهي ته اها اُن قوم جي نوجوانن، خاص طرح شاگردن ۽ وچئين طبقي جي ساڃهوند ماڻهن جي ذميواري هوندي آهي ته اهي اڳتي اچن ۽ اُن کي اُن صورتحال مان ڇوٽڪارو ڏيارين. ان سلسلي ۾، سنڌ جا ماڻهو، ڪي ايترا ڀاڳوان به نه رهيا آهن. ان جا نوجوان، پنهنجي وطن کي لاڳاپيل عظيم خطري کان افسوس ڀريءَ حد تائين اڻڄاڻ لڳن ٿا، جڏهن ته وچئين طبقي، ايئن لڳي ٿو ته پنهنجا مفاد پوريءَ طرح مٿي ويٺل مراعت يافتا طبقي جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن سان سلهاڙي ڇڏيا آهن. اهي ساڻن ايترا ته سلهاڙيل آهن، جو سندن سرپرستن جي زوال جو ڪو معمولي به امڪان پيدا ٿئي ٿو ته سندن بچاءَ ڪرڻ واسطي پاڻ ٿرٿلي ۾ اچي ٿا وڃن. مٿيان طبقا، وچئين طبقي جي محتاجيءَ کي چڱيءَ طرح سمجهن ٿا. اهو ئي سبب آهي، جو اهي رشوت، پنهنجا نوازيءَ، ۽ ڦرلٽ کي پوري اوج تي قائم رهڻ ڏين ٿا. براين جي ڳُجهه ڳوهه ۾ پُٺڀرائي ۽ سرپرستي ڪن ٿا. انهن مان پاڻ به فيضياب ٿين ٿا ۽ انهن سماجي براين مان جيڪي فوري طور مادي فائدا، ضرورتمند ۽ گهٽ ڪمائيندڙ وچيان طبقا، حاصل ڪن ٿا، تن تي اُهي به مطمئن ۽ خوش رهن ٿا. موٽ ۾ مٿيان طبقا به مطمئن ۽ خوش رهن ٿا.شاگرد طبقو هن مهل اقتدار پرست سياستدان ۽ مٿئين طبقي جي موقعي پرستن جي سياسي مذهبي جنگين ۾ ايترو ته مصروف ۽ اُڪسايل آهي، جو انهن کي سماج ۾ موجود اسٽيٽسڪو کي ٽوڙڻ لاءِ استعمال ڪرڻ ممڪن نه رهيو آهي.
بهرحال، اهڙيءَ صورتحال تي اسان کي هروڀرو دلگير ٿيڻ، همٿ هارڻ يا دل شڪستو ٿيڻ نه کپي. ڇو ته، هندستان ۾، هر هنڌ، هر پاسي، ٿوري گهٽ وڌائيءَ سان، صورتحال ساڳي آهي، پر اسان جي معاملي ۾، اميد محسوس ڪرڻ جو هڪ واجبي، عقلائتو بنياد موجود آهي ته اسين، جيڪڏهن رڳو اهو فيصلو ڪري وٺون يا وچن ڪري وٺون ته، اسين پنهنجين ڪمزورين ۽ اوڻاين تي ستت ضابطوآڻي وٺنداسيون. پنهنجي اصلاح ڪنداسون، ڇو ته ايئن ڪرڻ لاءِ اسان وٽ سبب موجود آهن ۽ انهن کي اسين پنهنجي ئي رڳي هڪ صديءَ اڳ واريءَ تاريخ جي حوالي کان کولي، نروار ڪري سگهون ٿا.
ٻيو ته هتي آپيشاهي ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ زوال پذير حالت ۾ آهي، جنهن جي خاتمي جا امڪان وڌيڪ چٽا آهن.
بهرحال، گهڙيءَ کن لاءِ، جيڪڏهن اسين ”سَنگهه“ جي نوجوانن، يا ”ليگ جي محافظن“ تي هڪ نظر وجهنداسين، جيڪي پريڊون ڪري يا جلوس ڪڍي، هر هنڌ ”هند ماتا ڪي جئه“ يا ”پاڪستان زندهه آباد“ جا ڳلي ڦاڙ نعرا پيا هڻن ، ته ذهن بي اختيار يورپ جي اتهاس جي هڪ درد ڀري ۽ لُونءَ ڪانڊاريندڙ باب ڏانهن هليو و ڃي ٿو.
وچئين دور ۾ صليبي جنگيون، نيٺ، جيئن ئي ختم ٿيون، ته اُتي هڪدم هڪ ٻي صليبي جنگ، جنهن کي اُنهن ”ٻارن جي صليبي جنگ“ جو نالو ڏنو هو، مُنظم ڪئي ويئي، اها ڪيئن منظم ٿي،تنهن جو قصو هن ريت هو:
”ٻه اڇي رنگ جا گهوڙا هڪ يا رَٿَ کي ڇڪيندا ٿي هليا، جنهن ۾ اڇا ڪپڙا پهريل، سونهري وارن وارو هڪ ڇوڪرو بيهاريل هوندو هو. ان رٿ پويان، ٻارن جو انبوهه هلندو رهندو هو، جنهن ۾ نينگريون ۽ ڇوڪرا شامل هوندا هئا. انهن جي هٿن ۾ سينٽ جارج جي صليبي نشان، ريڊ ڪراس وارا جهنڊا ۽ جهنڊيون هونديون هيون. جهُونا پادري ٻارن کي تيزيءَ سان اڳتي وڌڻ لاءِ زور ڀريندا ۽ ڀڙڪائيندا هئا. ڏِک اهڙي ڏني ويندي هئي ته اُها ديني جنگ، ٻارن پاڻ ئي شروع ڪئي هئي! جيڪو ڇوڪرو رٿ ۾ بيٺل هو، سو هڪ ريڍار هو.کيس ان ڳالهه جو ويساههُ ڏياريو ويو هو ته خدا کيس تُرڪن تي فتح نصيب ڪندو! ايئن اهو ڇوڪرو ۽ پادري، ننڍن معصوم ٻارن کي، صليبي جنگ لاءِ آڀارينداهئا، ۽ نيٺ، انهن کي ذهني طرح تيار ڪري، مقدس سرزمين ڏانهن، صليبي يا عيسائي ديني جهاد تي روانو ڪيو ويو. ٽيهه هزار کن ٻار، پادرين جي چُرچ ۾ اچي، پنهنجا گهر تڙ، مٽ مائٽ ڇڏي، مقدس ديني جهاد تي روانا ٿيا، در، دروازا ۽ قُلف ۽ ڪَڙا کين وڃڻ کان روڪي نه سگهيا. سندن مائٽ پڻ انهن کي روڪي نه سگهيا. انهن مان ڪي مائٽ ته سچ پچ، پنهنجن ٻارن جي انهيءَ ’خير جي ڪم‘، تي ’خدا جي راهه‘ ۾ وڃڻ تي گهڻا خوش هئا.
”وڏي پوپ ٻارن لاءِ ’مقدس نعرن‘ وارا جهنڊا، جهنڊيون ۽ دعائون موڪليون، پادري هئا جي چوندا وتندا هئا ته ’خدا معجزو ڪري ڏيکاريندو ۽ ٻارن کي سوڀ نصيب ٿيندي!‘ ’مردن انهيءَ ڪري شڪست کاڌي جو اُهي گناهگار هئا، پر ٻار جيئن ته معصوم آهن، تنهنڪري خدا انهن جي مدد ڪندو ۽ اهي فتحمند ٿي موٽندا‘. ’ هيءَ خدا تعاليٰ لاءِ جنگ آهي، تعريف آهي پاڪ خدا جي!‘ جهڙا نعرا هڻندا، ٻار اڳتي وڌندا رهيا. کين اهو ايمان ڏياريو ويو هو ته سندن انهن نعرن سان ڪوٽ، قلعا ڪري پوندا ۽ تُرڪ ڊپ وچان ڀڄي ويندا. ان ريت ٻارن، اُن پنهنجي اڳواڻ ڇوڪري جي مَهنداريءَ ۾، پنهنجيءَ منزل ڏانهن اڳتي وڌڻ شروع ڪيو.
جتان جتان ڳوٺن، شهرن، وسندين، واهڻن وٽان اُهو قافلو گذريو ٿي، اتان جي ماڻهن کين کاڌو خوراڪ ڏنو ٿي. هلندي هلندي، اهي پنهنجا مقدس ۽ ديني گيت ڳائيندا ٿي هليا. ويچارن بي سمجهه ٻارن کي اها ته خبر ئي نه هئي ته ڪو يروشلم هزارين ميل پري هو. هر ڀيري پري کان انهن جڏهن ڪنهن شهر جا قلعا ۽ ڪُنگرا ڏٺا ٿي ته پڇيائون ٿي: ’ڇا اهو ئي يروشلم آهي؟‘ ’ڇا اسين اتي هاڻي پهچي چڪا آهيون؟‘ ايئن هلندي، هلندي ۽ پڇائون ڪندي ڪندي، ٻار ٿڪا ماندا، بيزار ۽ بُکن ۾ پاهه ٿيندا ويا. نيٺ اُهي هڪ سمنڊ ڪناري پهتا. سمنڊ جي هُن پار مقدس سرزمين، يروشلم جو شهر هو. سندن خيال هو ته خدا تعاليٰ معجزو ڪري، سمنڊ جي پاڻيءَ وچان ڪو رستو ڪڍندو، جيئن هُن ڳاڙهو سمنڊ پار ڪندڙن لاءِ ڪيو هو، جنهن تان اُهي جوتن پُسائڻ کان سواءِ ئي گذري، يروشلم پهچي ويا هئا. سندن اڳواڻ وڏيءَ خوداعتماديءَ وچان ٽي ڀيرا سمنڊ جي پاڻيءَ ۾ لٺ هڻي ڏٺي، پر ٿيو ڪجهه به نه. نراس ٿي ٻارن روئڻ پٽڻ ۽ پار ڪڍڻ شروع ڪيو ۽ اُنهن مان ڪي ته وري واپس پنهنجن گهرن ڏانهن موٽي ويا. تنهن هوندي به، گهڻا تڻا ٻار وڏي بندرگاهه ڏانهن وڌيا، ۽ ستن سامونڊي جهازن ۾ سوار ٿيا. ٻه جهاز ته رستي ۾ ٽڪرجي ٽُڪر ٽُڪر ٿي ويا، باقي ٻيا جهاز آفريڪا جي سامونڊي ڪناري پهچي ويا، جتي گهڻا ئي ٻار جهلجي پيا، ۽ غلام طور وڪامجي ويا، ۽ گهڻن ته ڪڏهن به ٻيهر پنهنجي وطن جا نه وڻ ڏٺا، ۽ نه ئي پنهنجن مائٽن سان ٻيهر مليا!
هن وقت هِتي، سنڌ ۾ پڻ، هندستان جي ٻين وطنن وانگي اسان جي نوجوانن کي ڀِنڀلايو پيو وڃي. اقتدار پرست طبقو نوجوانن جي اڪثريت کي، صليبي جنگ ڏانهن ڌِڪيو پيو وڃي، جنهن مان ڪجهه به نه ورڻو آهي.
ڀاڳ جي ڳالهه اها به چئجي جو ڪي امڪان اهڙا به آهن ته اسان جا ڪي نوجوان ڌيمائيءَ ۽ ثابتقدميءَ سان تاريخ جي انهيءَ ڪردار کان واقف ٿي رهيا آهن، جيڪو کين ادا ڪرڻو آهي. اميد آهي ته اهي ستايل ۽ ڏکويل ماڻهن جي ساٿَ ۾، استحصالي ۽ جابر قوتن سان مهاڏو اٽڪائيندا. اهي جابر جن جا پير رت سان رڱيل آهن ۽ اهي بيوس انسانن کي لتاڙي رهيا آهن ۽ ڌرتي وڏيءَ پيڙا منجهان ڪنجهي رهي آهي.
ظلم ۽ وحشت جي انهن قوتن سان حساب برابر ڪرڻ لاءِ انهن نوجوانن جو همٿ ڀريو ۽ برجستو جواب هيءُ آهي:
”ترقيءَ جي درياهه آڏو اوهين بند ٻڌو ٿا،
”ڀلي ٻڌو: جوکم ۽ هاڃو اوهان جو آهي!
”اِهو درياهه ڌوڪيندو سمنڊ ڏانهن ويندو،
اوهين ڇا به ڪريو.
”اِهو اوهان جا بند ڀڃي ڇڏيندو، ۽ آزاد رهندو!
”اوهان جي آڏڙين جي اسان کي پرواهه ڪانهي، جيڪي ان جي آڏو اوهين کوڙيا ٿا:
”ڇو ته اوهان جا اهي اٺسٺا وهڪري کي وڌيڪ تيز ڪندا،
”جنهن جو ڇوهه اوهان کي نيٺ نهوڙي ڇڏيندو!
”اسان جو جهنڊو آزاد ۽ اوچو ڦڙڪي ٿو،
”اسين اڳتي اچي، اوهان کي هوڪاريون ٿا،
”اسان جو آواز، جُڳن جو آواز آهي،
”اسان جي اميد، عالم جي اميد آهي!“
”هيءَ ندي آزاديءَ جِي وڌندي ئي رهندي،
”هيءَ ندي ترقيءَ جي وهندي ئي رهندي.