تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ بچايوکنڊ بچايو

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (243) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي اهم ڪتاب ”سنڌ بچايو، کنڊ بچايو “ نامياري ليکڪ، مفڪر، ڏاهي، سنڌ جي محسن ۽ سنڌ جي صديءَ جي صدا سائين محمد ابراهيم جويو صاحب جو لکيل آهي. ياد رهي ته جويو صاحب 1946ع ۾ هيءُ ڪتاب ”سنڌ بچايو کنڊ بچايو“ انگريزيءَ ٻوليءَ ۾ لکيو هو Save Sindh Save the Continentجڏهن گڏيل هندستان جي هندو مسلم مسئلي جي حل لاءِ، ننڍي کنڊ کي، فرقيواريت جي بنياد تي، هندن توڻي مسلمانن جي مٿئين طبقي جي مرضيءَ ۽ انهن جي مخصوص مفادن کي اڳيان رکندي، ورهايو پئي ويو.
Title Cover of book سنڌ بچايوکنڊ بچايو

دانهن

(پهرين انگريزي ڇاپي جي مهاڳ جو سنڌي ترجمو)

مون هنن، صفحن ۾، پنهنجن سنڌ واسي ڀائرن، مسلمانن توڻي هندن، جي سوچ ۽ مناسب عمل لاءِ، ڪي نقطا، ڪي پنهنجا خيال ۽ ويچار پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اڄ اسين سنڌ واسي اتهاس جي هڪ اهڙي ٻه واٽي تي بيٺا آهيون، جتان اسين هڪ صديءَ ڊگهي غلاميءَ جي اونداهي رات منجهان جند آجي ڪري، آزاديءَ جي نئين باک کي ويجهي ٿينداسين، يا هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي لاءِ، ڪيترن ئي پيڙهين تائين، پنهنجن پاڙيسرين جي سياسي بالادستي ۽ اقتصادي غلامي قبول ڪري ويهنداسين. اڄ جي رٿيل پاڪستان توڻي هندستان ۾، اسين پنجيتاليهه (45) لکن کان وڌيڪ ماڻهو آهيون، رڳو اهو واعدو ڪيو پيو وڃي. ته اسان مان هر ڪنهن فرد کي مڃيو ويندو. پر اسان جي گڏيل ۽ هڪ وحدت ۾ سموهيل وجود کي بحيثيت هڪ قوم قبولڻ جو واعدو نٿو ڪيو وڃي.
هن معاملي جو تت هيءُ آهي ته ٻنهين صورتن ۾، اسين عددي اڪثريت هيٺ پوريءَ طرح لُٽيا ۽ لتاڙيا وينداسين. حالتون اهو ئي اشارو ڪري رهيون آهن ته اسان جا مڙني اقتصادي وسيلن ۽ اسان جي حڪومتي نظام جي سڀني جاين تي ڌارين جي هڪ هٽي قائم ٿي ويندي.
ڇا اسين پنهنجن ماڻهن جي فلاح بهبود ۽ پنهنجي سياسي ۽ اقتصادي حق جي، هن طرح زور زبردستيءَ ۽ هڪ پاسائين نموني، ڦرجڻ کي ماٺ ميٺ ۾ قبولي ويهي رهون؟ يا اسان کي باخبر ٿي، اٿي بيهڻ کپي ۽ هڪ قوم طور پنهنجيءَ انفراديت کي مڃائڻ کپي ۽ منهنجيءَ آزاديءَ ۽ خودمختياريءَ کي موٽائي پنهنجي هٿ وس ڪرڻ کپي، جيڪا هڪ صدي اڳ اسان انگريزن هٿان وڃائي هئي. اهي اسان لاءِ اهم ۽ بنيادي سوال آهن، جيڪي مون هن ننڍڙي ڪتاب ۾ اٿاريا آهن ۽ انهن جي حوالن ڏيڻ جي به وس آهر ڪوشش ڪئي آهي.
انڊين نيشنل ڪانگريس جي سوچ ۽ پڻ آل انڊيا مسلم ليگ جي سوچ مان ائين لڳي ٿو ته اسين سنڌي ماڻهو ڪي مال متاع جا اسم آهيون، جن کي رڳو هم گير هندستان يا هم گير پاڪستان ۾ واڙي ڇڏڻو آهي. پوئين اسيمبلي جي چونڊن وارن نتيجن کي ٻن تجويز ڪيل رياستن جي حق ۾ اسان جي هڪ فيصلي طور ظاهر ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ 70 ۽ 30 سيڪڙو تناسب رهيو. اسيمبلي لاءِ چونڊيل نمائندن وسيلي مليل 70 سيڪڙو لاءِ اِهو چيو پيو وڃي ته انهن پاڪستان جي چونڊ ڪئي آهي ۽ ساڳئي نموني 30 سيڪڙو لاءِ اهو چيو پيو وڃي ته اُهي هندوستان ۾ وڃڻ جي گُهر ڪري رهيا آهن. هتي سوال اِهو ٿو پيدا ٿئي ته سنڌ ڪٿي آهي!؟ 70 سيڪڙو ۽ نه ئي 30 سيڪڙو انهيءَ سوال تي ڪوبه ڌيان نه ڏنو آهي. وڏي هوشياري سان انهيءَ معاملي کي هڪ پاس ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن اهو معاملو ماڻهن اڳيان رکيو به ويو ته رڳو 15 سيڪڙو ماڻهن جي اڳيان رکيو ويو. انهيءَ 15 سيڪڙو منجهان به وڌ ۾ وڌ اڌ چونڊن ۾ حصو ورتو.
ڪانگريس ۽ ليگ جي سياڻن ۽ سياسي ڊاڪٽرن پنهنجن واسطيدار مريضن کان سندن مرض جي پڇا ڪرڻ کان سواءِ انهن کي اِهو مشورو ڏنو ته اوهين بيماري آهيو ڇا اوهين نيڪ ٿيڻ چاهيو ٿا؟ اِها هئي مرض جي تشخيص ۽ اِها هئي انهن جي درد جي دوا!. مرض کي بلڪل به نه ڄاتو ويو ۽ مرض جي تشخيص جيڪڏهن ڪئي وئي هئي ته انهيءَ جي وضاحت بلڪل نه ڪئي وئي ۽ جيڪا دوا لکي ڏني وئي اُها نه ته ڪڏهن ٺهي هئي ۽ نه ئي مختلف مرڪب ملائي تيار ٿي هئي. ووٽرن کي ٻين بنهه هاڃيڪار نسخن منجهان هڪ چونڊڻ جو اختيار ڏنو ويو. پاڪستان/ هندستان اِهي نسخا سندن اٻوجهه ذهين اڳيان اڪسير طور لهرايا ويا. اهڙي ريت چونڊ ڪئي وئي پر رڳو ئي رڳو ٻن لفظن منجهان. انهن لفظن کي نه ته ڪنهن ڄاتو ٿي نه ئي انهن جي سمجهاڻي انهن کي ٻڌائي وئي هئي. اُهي ماڻهن لاءِ ڳجهارت بڻيل هئا پر حقيقت اها آهي ته جن انهن ٻنهي لفظن جي چونڊ ڪئي، چونڊيندڙن لاءِ سياسي ۽ معاشي غلامي هئي.
زميندارن شاهوڪارن ۽ ڪامورن انهن اٻوجهه ڪوبه شڪ نه ڪندڙ بي يارو مدد گار ووٽرن کي ڌوڪي دٻاءُ ۽ هيسائڻ جي هٿڪنڊن وسيلي، ٻنهين لفظن منجهان هڪ لفظ چونڊڻ لاءِ اڪسايو. فاشي انداز واري گذاريل چونڊن جا چيمپيئن هاڻي پنهنجي پوک کي ڀرپور نموني لڻي رهيا آهن ۽ اُنهن کي پگهارن ۾ غير معمولي واڌاري جي روپ ۾ بي انداز مراعتون ملي رهيو آهن ۽ انهن کي ۽ سندن اقتدار ۾ آڻڻ واري ٽولي کي ڦرلٽ ڪرڻ منافي ڪمائڻ ۽ رشوتون وٺڻ جي پوري پوري آزادي ڏني وئي آهي. انهيءَ سياسي جي اڍنگائپ جي بنياد تي اسان جا 45 لک ماڻهو جيڪي هندستان جي مختلف عددي اڪثريت رکندڙ قومن ۽ انهن جي حڪمران طبقي جي ملڪيت هئا اُهي هاڻي، پاڪستان ۾ پنجاب ۽ اتان جي ٽوانن، نونن، دولتانن، ممدوتن جي ملڪيت ۾ ڏنا پيا وڃن.
پاڪستان ۽ هندستان ٻئي سهڻا لفظ هوندا ۽ جڏهن ٻنهين لفظن منجهان ڪنهن هڪ جي چونڊ جو سوال اڀري ته اهو ڪهڙو ماڻهو هوندو جيڪو ٻنهي مان هڪ جي چونڊ نه ڪري توڻي جو هڪ لفظ جي چونڊئي ڇو نه هجي پر هتي سوال ڪا شيءَ چونڊ ڻ جو نه پر قوم جي حيثيت ۾ سڀ ڪجهه وڃائڻ وارو آهي.
مون هن ڪتاب ۾ جيڪي نقطا، خاص طرح، شامل ڪيا آهن، اُهي هي ٽي آهن:
(1) ته اسان سنڌي قوم کي پنهنجيءَآزاديءَ ۽ خودمختياريءَ جو درجو واپس ملڻ کپي، ۽ جيڪڏهن رٿيل هندستان يا پاڪستان جي حدبندين اندر،اسان جي شموليت گهربل آهي ته اسان کي حڪومتي نظام جي هر آئيني اداري- قانونساز اداري توڻي ڪابينا وغيرهه ۾، تاريخي، سماجي ۽ سياسي لحاظ کان،هر ڪنهن شامل ٿيندڙ اڪائيءَ جي برابر درجو ملڻ کپي، اهو اسان جو جنمي حق آهي،
(2) ته اسان سنڌ واسين جو پنهنجن قدرتي اقتصادي وسيلن تي حق مڃيل هئڻ کپي، ۽ اسان جو پنهنجي وطن، سنڌ اندر پنهنجي حڪومتي نظام جي هر وڏي کان وڏي ۽ ننڍي کان ننڍي پُرزي تي پورو اختيار هئڻ گهرجي: ۽
(3) ته هاڻي وقت آيو آهي، جڏهن آزاديءَ جي ميوي جي صورت ۾، اسان جي سموري قوم کي، هر قسم جي سوڙهه، جهالت ۽ ڊپ کان آجي زندگي ماڻڻ جا موقعا ملڻ گهرجن.
هن وقت، هڪ اهم ڳالهه،خاص طرح، منهنجي اڳيان آيل آهي، آئون جنهن کي واضح ڪرڻ گهران ٿو. تازو، پنهنجي موقف سان دلچسپي ۽ ساڳيي وقت ان بابت اڻپوري ڄاڻ رکندڙَ ڪن بين الاقواميت پسندن مون کان هڪ سوال پڇيو: ”ڇا، تون سنڌي قوم پرستيءَ جو پرچارڪ آهين؟“.ان جي جواب ۾، آئون اهو چوڻ ٿو چاهيان ته، قوم پرستي، جيئن اها حقيقت ۾ آهي، ننڍي کنڊ ۾ رائج مذهب توڻي انهن مخالف فرقيوار ڌڙن کان گهڻي ڀاڱي چڱي آهي، جن اسان سڀني کي ماڻهوءَ مان ڦيرائي جانور بڻائي ڇڏيو آهي.
اهي سوال پڇندڙ ماڻهو اُهي آهن، جن هندستان ۽ پاڪستان جي نالن جي آڙ ۾ ٻه جادوئي پيتيون تيار ڪري ورتيون آهن، اُهي، گهرج پوڻ تي، انهن مان هڪ نه ٻي ڀُلائيندڙ شيءِ ٻاهر آڻينديون رهن ٿيون(۽ اڳتي به آڻينديون رهنديون) ۽ هڪڙن اَٻوجهه ماڻهن هٿان ٻين اَٻوجهه ماڻهن کي رتوڇاڻ ڪرائينديون رهن ٿيون. جيڪڏهن سندن قومپرستي اها آهي ته هڪڙن ماڻهن هٿان ٻين کي مارائجي ته پوءِ آئون اهڙي قومپرستيءَ جو پرچارڪ ناهيان. قومپرستيءَ جي اهڙي تصور جو،جديد ۽ ترقي پسند قومپرستيءَ سان ڪوبه واسطو نه آهي. ان سان گڏ، ان کي اعليٰ تهذيب رکندڙ، امن ۽ سلامتيءَ جي اصلوڪي مذهب اسلام به چڱي نظر سان نه ڏٺو آهي. ان جا ٻه سبب آهن. هڪ سبب هيءُ آهي ته ان قسم جي قوم پرستي قومن جي وچ ۾ جنگين پيدا ڪرڻ کي اڻٽر بڻائيندي آهي؛ ٻيو سبب هيءُ آهي ته، اها قوم پنهنجي اندر به ٿورن جي گهڻن مٿان تهذيبي، سياسي ۽ اقتصادي بالادستيءَ ۽ استحصال جي بنياد تي وڌي ويجهي ٿي. اهڙي قوم پرستيءَ جو وڌيڪ موزون ۽ علمي اصطلاح يا نالو، بهرحال ”فسطائيت“ آهي.
فسطائيت کي تحرڪ ڏيندڙ ٻه مک يا بنيادي خيال آهن:
پهريون خيال هيءُ آهي ته جيڪي ڪجهه به پنهنجي قوم جي مفاد ۽ سهولت ۾ آهي، اُهوئي صحيح آهي ۽ اهوئي عمل ۾ آڻجي، پوءِ ايئن ڪرڻ سان ڀلي ٻي ڪا قوم يا ٻيون ڪي قومون غلام بڻائڻيون پون يا مرڳو ئي ختم به ڪرڻيون پون، ۽
ٻيو: بنهه ماٺ ميٺ ۾ اهو مڃيو ويو آهي ته مراعت يافتا ۽ سُکيا طبقا ئي قوم جو اڪيلو ۽خاص شان آهن، ۽ انهيءَ ڪري، انهن ٿورائيءَ واري طبقي جي دولت، سُک ۽ وڏائي، سڄيءَ قوم جي دولت، سُک ۽ وڏائي ڳڻي ۽ سمجهي وڃي.
پهرئين خيال جو پورو اظهار ٻن آمريڪي سياسي فلسفين-- اسٽيفن ڊيڪارٽر(Stephen Decatur) ۽ جان جي ڪرٽينڊن (John J. Crittendon) ڪيو آهي، جيڪو لفظن جي صورت ۾، اسان وٽ موجود آهي. منجهائن پهرئين جو چوڻ آهي: ”اسان جو مُلڪ! ڌارين قومن سان پنهنجن لاڳاپن ۾ شال سدائين صحيح هجي؛ پر اهو صحيح هجي يا غلط، وري به آهي اسان جو ملڪ!“. ٻئي جو چوڻ آهي: ”منهنجي خواهش آهي ته منهنجو ملڪ سچ تي هجي، پر اهو سچ تي يا ڪوڙ تي، آئون پنهنجي ملڪ جي پاسي آهيان.“ ٻنهي خيالن جون پاڙون اونداهي دور جي جاگيرداراڻي سلطنت شاهيءَ ۾ کُتل آهن، جڏهن عام ماڻهو، هاريءَ يا نوڪر جي حيثيت ۾، پنهنجي جان توڻي پورهيي سميت، امن ۽ جنگ ٻنهي حالتن ۾، پنهنجن آقائن ۽ مالڪن جي ماڻهوءَ طور ئي ڳڻيو ويندو هو. ساڳيي خيال جي بنياد تي، هندستان جو، عام طرح، هر عام ماڻهو شهنشاهه شاهجهان جي محبت جي يادگار تاج محل تي فخر ڪري سگهي ٿو ۽ اُن بابت اهڙي نموني ڳالهائي سگهي ٿو،جهڙوڪ، اُهو سندس ذاتي ملڪيت هجي. اهڙيءَ ريت، ساڳي سوچ هيٺ، ڪنهن ملڪ جي ٿورڙن جاگيردارن، زميندارن ۽ صنعتڪارن جي ملڪيتن ۾ واڌاري کي، اُن سموري ملڪ جي قومي سرمايي ۾ واڌارو سمجهيو ٿو وڃي.
قوم پرستيءَ جو اهو ئي پاسو هو، جنهن جاپان جي ڏتڙيل غلام هارين جي انبوهن کي، پنهنجي شهنشاهه ۽ سندس ٿورڙن ويجھن اميرن ڪبيرن واسطي، گذريل مهاڀاري ويڙهه ۾ دشمن توبن جي منهن ۾ وڃڻ ۽ خوشيءَ سان، انهن جو کاڄ ٿيڻ کي پاڻ لاءِ وڏي فخر جو عمل ٿي سمجهيو.
انهن ٻنهي بنيادي ڳالهين کان سواءِ، قوم پرستيءَ ۾، بهرحال، ٻي ڪابه ڳالهه ناهي، جيڪا ان کي ڌڪار لائق يا اڻ وڻندڙ بنائي. انهن ٻن هٿ ٺوڪين ۽ اڍنگن اضافن کان آجي قوم پرستيءَ ۾ فسطائيت نه هوندي آهي. فسطائيت هونءَ به هڪ عالمي مصيبت توڻي قومن اندرهڪ وڏي اذيت ئي ثابت ٿيندي رهي آهي. قوم پرستي قومي توڻي عالمي سطح تي، ڀائيچاري ۽ امن ڀري هوندي آهي. اُها ٻن اعليٰ ترين انساني چڱاين جي بنياد تي بيٺل هوندي آهي: هڪ، پنهنجي وطن ۽ پنهنجن ماڻهن سان محبت ۽ ٻيو، دنيا سان ۽ وسيع انسانذات سان محبت، يعني حب الوطني ۽ انسان دوستي. انهيءَ ڪري، جيڪي بين الاقواميت، ڀائيچاري يا لڳ لاڳاپن جي نالي ۾، ڪن ٻين ماڻهن مٿان پنهنجي بالادستي قائم ڪرڻ ۽ قائم رکڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، اهي، حقيقت ۾، انسانذات جا بدترين دشمن آهن. ڌڪار جوڳي ۽ اڻوڻندڙ قوم پرستي يا ان ۾ فسطائي لاڙي جا الزام، پوريءَ طرح بلڪ جائز نموني، اُنهن تاڪ ۾ رهندڙ ۽ هٻڇ رکندڙ قومن تي رکڻ کپن، ۽ نه اُن قوم يا انهن قومن تي، جيڪي پاڻ کي دغاباز قومن توڻي ماڻهن جي جارحيت توڻي بين الاقواميت جي دعويدارن ۽ پرستارن جي ارڏاين کان، پنهنجيءَ آزاديءَ ۽ خودمختياريءَ جو بچاءُ ڪري رهيون هجن.
جيڪڏهن ڪي ماڻهو، پنهنجي دائري ۾، هڪ الڳ ۽ نياري سماجي، سياسي ۽ معاشي اڪائيءَ جا ڌڻي آهن، ته اُها سندن ڪا خطا ته نه ٿي پئي. اِها هڪ فطري ڳالهه آهي ته اهي، ان ئي بنياد تي، ٻين ماڻهن سان پنهنجا لاڳاپا وڌائيندا رهن. سماج ۾ لاڳاپا جو هڪ سلسلي جي صورت ۾ هوندا آهن. ماڻهوءَ کي هڪ خاندان يا ڪٽنب، هڪ ذات، هڪ قبيلي، هڪ قوم ۽ پڇاڙيءَ ۾ سڀني قومن جي گڏيل ڀائيچاري يا انسانذات جي صورت وٺڻ تائين سفر ڪرڻو هوندو آهي. انساني برادريءَ جي هن پکڙيل ۽ وڏي ميل ميلاپ يا ڀائيچاري مان، ان جي ڪنهن به، هڪ ننڍي ميل ميلاپ يا ڀائيچاري سان، وفاداري ڪا اعتراض جوڳي ڳالهه ٿي نٿي سگهي، جيستائين اهو ڀائيچارو يا وفاداري ڪن ٻين کي نقصان پهچائي فائدي کڻڻ تائين محدود نه آهي، يا سڄيءَ انسانذات جي گڏيل وسيع مفادن جي مخالفت ۾ نه آهي. ايئن آهي ته پوءِ، ان کي نندي سگهجي ٿو.
بهرحال، اهڙي ڪا محدود وفاداري يا وابستگي به ڪن ناڪاري سببن جي ڪري پيدا ٿي سگهي ٿي، جيئن، ڊپ ۽ هٻڇ. انهن منجھان به اهي هٻڇ رکندڙ ئي سڄيءَ انسانذات لاءِ وڏو خطرو سمجهيا ويندا آهن، جيڪي اها نيت رکندا آهن ته پنهنجن قومي مفادن ماڻڻ لاءِ، پنهنجي عددي گهڻائيءَ وسيلي، ڪنهن گهٽ تعداد واريءَ قوم کي، پنهنجو غلام ۽ ماتحت بنائي رکجي. ان طرح، اهڙي رويي وارا ماڻهو، سڄيءَ دنيا جي ننديا ۽ ڦٽڪاريا ويندا. طاقت جي انڌ ۾ ورتل، هٻڇ ۾ غرق، اڳرائي ڪندڙ پنهنجن خود غرض ارادن کي لڪائڻ لاءِ بيحد چمڪندڙ ۽ سهڻن لفظن ۾ ڍڪيندا آهن ۽ گمراهيءَ ڏانهن وٺي ويندا آهن ۽ انهن سهڻن لفظن جي آڙ ۾، پنهنجي بالادستيءَ جي قائم ڪرڻ چاهيندا آهن. جيڪڏهن بين الاقواميت يا ڀائيچاري جو مطلب اهو آهي ته هر قوم کي هر ٻيءَ قوم جو الهه تلهه ميڙي کڻڻ جو حق آهي ته پوءِ سڀ کان چڱي ڳالهه اها ٿيندي ته ڪميونزم اختيار ڪيو وڃي! ۽ جيڪڏهن قومن يا ماڻهن جي سلسلي ۾، انهيءَ قسم جي ڪميونزم تي صلاح بيهي ٿي يا ان جي حق ۾ ڳالهه رکي وڃي ٿي، ته پوءِ ڇو نه اهڙي شروعات هر قوم جي اندران ٿيڻ کپي.
اچو ته پوءِ اهو اصول قبول ڪريون ته هر فرد کي، جائز نموني، ٻئي فرد جي ملڪيت تي حق حاصل آهي! پر ان حالت ۾ ڏک جي ڳالهه وري به هيءَ ٿيندي ته اُهو نه ته سوشلزم هوندو ۽ نه ڪميونزم، ۽ اسلام ۾ ته اُهو هرگز قابل قبول نه هوندو. اها ته سياسي نراجيت، اقتصادي لٽ مار ۽ سماجي تباهي ئي هوندي ۽ جيڪڏهن ننڍي کنڊ هندستان ۾ اهائي فتني واري صورتحال برقرار رهي ٿي ته پوءِ اچو ته پاڻ سڀ اُن جي نتيجن سهڻ لاءِ به تيار رهون!
انهيءَ ڪري اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته هر ڀائيچاري جي قيام لاءِ، سڀ کان اڳ، اُن ڀائيچاري ۾ شامل اِڪاين جي وچ ۾ آزادي ۽ برابري ضروري آهي. اهائي صورت فردن جي وچ ۾ قوم طور اندروني ڀائيچاري لاءِ به اوتري ضروري آهي، جيتري قومن جي وچ ۾ بين الاقوامي ڀائيچاري يا ڀائيچارن لاءِ ۽ پڻ وسيع تر سڄي نوع انسانيءَ لاءِ هڪ انساني ڀائيچاري لاءِ. اهڙا ڀائيچارا، جيڪي پنهنجي عزت ۽ سلامتيءَ جا ۽ پڻ ٻين پاڻ جهڙن قومي، بين الاقوامي ۽ انساني ڀائيچارن جي عزت ۽ سلامتيءَ جا پاسدار آهن، ۽ اندروني طور پاڻ وٽ برابريءَ ۽ آزاديءَ جي فضا قائم رکن ٿا ۽ بامروت ۽ پرامن بين الاقوامي ۽ انساني ڀائيچاري جي تعمير جا شيدائي ۽ اُن لاءِ تيار آهن، اُهي ئي هندستان جي قومن جي نجات جا ۽ پڻ عمومي طور سڄيءَ دنيا جي قومن جي خير ۽ بهتريءَ جا ضامن ٿي سگھن ٿا.
ان جي ابتڙ ڪانگريس ۽ ليگ جا سرمائيدار، جاگيردار ۽ زميندار، انهيءَ پنهنجي سوچيل مفروضي تي عمل ڪري رهيا آهن ته ”هندستان رڳو هندن لاءِ ۽ پاڪستان رڳو مسلمانن لاءِ فائديمند ٿيندو”. اُتيئي ٻيءَ گهڙيءَ اهڙي ئي پاڻ هُرتڙي دعويٰ ڪن ٿا ته اهو ئي ” ننڍي کنڊ جي هندو ــ مسلم مسئلي جو حل آهي!“ جڏهن ته حقيقت هيءَ آهي ته اهو سندن ذاتي مسئلن جو حل ٿي سگهي ٿو، جو اِن طرح انهن ٻنهين ڌرين مان هر هڪ کي، ڪنهن جهل پل کان سواءِ، پنهنجن پنهنجن ماڻهن جي ڦرلٽ ڪرڻ جو موقعو ملي ويندو؛ پر اهو هندو مسلم مسئلي جو الڳ الڳ يا گڏيل مسئلن جو حل نه هوندو. البت ان سان هڪڙو هر گهڙيءَ تيار ۽ ڪامياب هٿيار انهن ٻن مخالف مٿين طبقن جي هٿن ۾ اچي ويندو؛ ۽ جڏهن به اهي ڏسندا ته ماڻهو سندن ظالماڻي ۽ پيڙهيندڙ ڏاڍ کان تنگ ٿي، بغاوت لاءِ تيار ٿي رهيا آهن ته آسانيءَ سان پنهنجو اهڙو هٿيار ــ انسان ۽ انسان جي نفرت جو ــ هٿ ۾ کڻي، پوريءَ انتقامي مهارت سان استعمال ڪري سگهندا؛ ته جيئن سندن خلاف گڏ ٿيل ڪاوڙ دٻجي وڃي ۽ عام ماڻهو اُها ڪاوڙ هڪٻئي خلاف استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڏين ۽ هڪڙا معصوم ماڻهو پاڻ جهڙن ٻين معصوم ماڻهن کي مارڻ ۾ لڳي وڃن، ۽ اُهو سڀڪجهه رڳو هڪ خدا جي ٻن مقدس نالن ۾، ۽ هِن مذهب يا هُن مذهب خاطر!
اها دعوا ڪئي پئي وڃي ته ڪنهن خاص برادريءَ لاءِ خصوصي فائدن ۽ رعايتن جا نتيجا بهتر ۽ مڪمل طرح سمجهه ڀريا نڪرندا، پر اصل ۾ ان جو مطلب، سياسي لغت جي لحاظ کان، مٿئين طبقي جا پنهنجا فائدا ۽ رعايتون آهن. هي جيڪي صاحب لوڪ، هر ڪنهن کي، پنهنجي ڏاڍ کان سواءِ، باقي هر شيءِ کان، آزاد ڪرائڻ ٿا گھرن، لڳي ايئن رهيو آهي ته اهي ان اصول تي ڪم ڪري رهيا آهن ته سندن طريقا ڪهڙا به هجن، پر نتيجا سٺا هوندا. سندن اهڙيءَ سوچ جي ڪري ئي ڏسي سگھبو ته خاص نتيجن کي حاصل ڪرڻ لاءِ طريقي جي چونڊ يا ايستائين جو انهن نتيجن تان لڳاتار ڦرڻ جي ڏس ۾ پڇتاءُ يا ندامت جو احساس اڻلڀ هوندو.
اهي هيءَ ڳالهه وساري ٿا ڇڏين ته خراب طريقن وسيلي ڪنهن چڱي نتيجي تائين نه ٿو پهچي سگهجي، ۽ انسانذات جي تاريخ ۾، خراب طريقن جا نتيجا خراب ئي نڪتا آهن. سچ هيءُ آهي ته، نه ته نتيجي لاءِ طريقن جو عذر پيش ڪري سگھجي ٿو ۽ نه ئي وري طريقن کي نتيجي جي جواز طور پيش ڪري سگھجي ٿو. ٻنهي مان هر هڪ پنهنجو جواز پاڻ بڻجڻو آهي. ڇاڪاڻ ته ائين ڪير به چئي نه ٿو سگهي ته ڪٿان هڪ جو دائرو پورو ٿئي ٿو ۽ ڪٿان ٻئي جو شروع ٿو ٿئي. طريقا ۽ نتيجا ايترا ته هڪٻئي ۾ ڳتيل هوندا آهن، جو اُهي سولائيءَ سانه هڪٻئي کان الڳ نه ٿا سڃاپجي سگهجن. ان طرح، انساني عمل جو سڀ کان وڌ خطرناڪ نيم اهو آهي، جنهن انسانذات مٿان، بيان ڪرڻ کان مٿي، مصيبتون آنديون آهن. انهيءَ ڪري ئي اصلوڪي اسلام ۾، ڪنهن مصلحت کان سواءِ، انساني مشوري ۽ عمل جي دائري مان هيءَ نيم پوريءَ طرح خارج ٿيل شمارجي ٿو. مطلب ته نيڪ طريقا ئي رڳو نيڪ نتيجن ڏانهن نيئي سگهن ٿا. انڪري طريقا به اوترائي اهم آهن، جيترا نتيجا. انساني زندگيءَ جو سرچشمو نرمل ۽ پوتر رهي ئي نه ٿو سگهي، جيڪڏهن اُن جو منڍ ٿوريءَ حد تائين به، بيٺل ۽ گندن تلائن مان نڪرندڙ ۽ انهن تي آڌاري هوندو.
انهيءَ حقيقت جي مدنظر، آئون مٿئين طبقن جي سياست بدران عوام جي سياست جي وڪالت ڪريان ٿو، جيڪا سياست مٿئين طبقن جي پارٽين هٿان نه، پر عوام جي پارٽيءَ هٿان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي، ته جيئن مٿين طبقن جي اقتدار بدران عوام جو اقتدار قائم ٿي سگهي.
جڏهن سماج صورت اها وڃي بيهي ته ڪوڙ انعام کڻندو هجي ۽ بدي فائدا ماڻيندي هجي، تڏهن سچ ۽ نيڪي لازمي طور اڻلڀ ٿيندا ويندا ۽ ڪوڙ جي وڌڻ ويجھڻ ۽ بديءَ جي پکڙجڻ لاءِ ميدان صاف ٿي ويندو. اهڙي سماج وٽ ماڻهن کي ڏيڻ لاءِ بدخيالين ۽ ڏيکارڻ لاءِ بداعمالين کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هوندو آهي. اهڙن وقتن ۾ نئينءَ سياست، مٿين طبقن جي سياست کان بنهه الڳ قسم جي سياست جي گھڻي گھرج هوندي آهي، ته جيئن بديءَ ۽ بي انصافيءَ جو ڳٽ سماج جي ڳچيءَ ۾ لهي سگهي، ۽ اُن جي جاءِ تي نيڪيءَ ۽ انصاف جي پوري بالادستي قائم ٿي سگهي. اُن لاءِ آئون اهڙي عوامي سياست جي وڪالت ڪريان ٿو، جيڪا عوام جي ئي هڪ پارٽيءَ جي هٿن ۾ هلندڙ هجي.
رڳو ۽ رڳو اهڙي ئي هڪ عوام دوست پارٽي سنڌ ۾ عوام جي آزاد ۽ خودمختيار رياست يا اقتدار قائم ڪري سگهي ٿي ۽ اُنجو بچاءُ ڪري سگهي ٿي.
اڄ، اسان جي هاڻوڪي سياسي ليڊرن، مسلمانن ۽ هندن، کي پنهنجن ماڻهن لاءِ قومي فرض پوري ڪرڻ جو، گھٽ ۾گھٽ، جو موقعو مليو آهي، پر ڏسڻ ۾ ايئن اهو ٿو اچي ته هنن هن وقت پنهنجن عقل تي ڳرا تالا هڻي ڇڏيا آهن، ۽ سوچڻ بند ڪري ڇڏيو آهي؛ يا شايد، هو فقط پنهنجن خسيس فائدن لاءِ ئي سوچن ۾ ورتل آهن، ۽ ٻيءَ ڪنهن ڳالهه جي سمجهڻ جي کين فرصت ڪانهي! ائين به ٿي سگهي ٿو ته اهي، سنڌ ۽ سنڌي قوم جي فائدي کان سواءِ، ٻيءَ هر شيءِ بابت سوچڻ ۾ مصروف آهن ـ ۽ بنهه گھڻا مصروف آهن.
پر اسان جا اڄوڪا ليڊر ڇا به سوچيندا رهن يا ڪندا رهن، اسان کي پورهيي ۾ ڳهندڙ ۽ اونداهيءَ ۾ گهاريندڙ پنهنجي عوام جي ڇوٽڪاري لاءِ پڇاڙڪي پُڪار جو وقت آهي، جنهن جو ادراڪ اسان جي اڄوڪن ليڊرن کي نه آهي، پر ان جي ابتڙ، اهڙو ادراڪ انهن محب وطن، سچيت ۽ باشعور پُٽن ۽ ڌيئرن، شاگردن ۽ وچئين طبقي جي دانشورن کي آهي. انهن اڳيان اڄوڪين حالتن ۾، چونڊ لاءِ ٻه رستا کليل آهن، يعني، يا ته اهي مٿئين طبقي جي ظالمن جي خدمت، زرخريد خدمت گذارن وانگي ڪندا رهن، انهن جي وڪالت بچاءَ جي شاهدن طور ڪندا رهن، ۽ پاڻ لاءِ انهن کان رضا جي بيک پنندا رهن، ۽ جو ڪجهه ڦرلٽ جو مال سندن انهن آقائن وٽ ظلم ۽ استحصال سان جمع ٿئي ٿو، ان ۾، ۽ اُنهن جي رحم ۽ ڪرم تي، ٽڪريلن جيئن، پنهنجي ننڍي ڀائيواري جاري رکندا رهن؛ يا اهي پنهنجن ويڳاڻن ۽ وسيلن کان آجن عام ماڻهن جا دوست ۽ راهه ڏيکاريندڙ ٿي رهڻ قبول ڪن. انهن کي ئي، درحقيقت، اسين چئي سگهون ٿا: ”اوهان جي سڄي سمجهه اوهان جي ڪهڙي ڪم جي، اوهان جا اوچا ۽ پاڪ خيال، اوهان جي نبار زندگي ۽ اُن جا آدرش اوهان جي ڪهڙي فائدي جا، جيڪڏهن اوهين انهن جي ڪا واهر نه ٿا ڪريو، جيڪي سدائين ڏک ۾ رهن ٿا. جيڪي اوندهه ۾ آهن ۽ ڀُليل آهن ۽ مونجهاري ۾ ورتل آهن!“
ڪير آهي، جنهن کي اها خبر نه آهي ته اسان جا ماڻهو، ڪنهن ڏوهه کان سواءِ ۽ پنهنجن ڀائرن جي بهترين خدمت، وس آهر، بجا آڻڻ کان پوءِ به، پاڻ ڏاڍي ڏکي ۽ اهنجن ڀري زندگي گذارين ٿا، ۽ اخلاقي ۽ روحاني محرومين جا شڪار آهن. انهن جي اڳيان زندگي، ٻاٽ اونداهيءَ، عدم تحفظ، بيمارين ۽ خوارين ۽ دوزخ جي اَسَهه عذابن جو هڪ اڻ کٽندڙ سلسلو پيو ڏسجي. جڏهن هُنن جي انهن دل ڏاريندڙ حالتن تي ماڻهوءَ جي نگاهه پوي ٿي، ته قدرتي طور، ڪاوڙ ۽ بيوسيءَ ۾، ۽ اميدن ۾ ڀريل دل سان، آسمان تائين رسندڙ هڪ دانهن نڪريو ٿي وڃي:
”ڪڏهن، اهو ڪڏهن، تون ماڻهن جو بچاءُ ڪندين؟
اي ٻاجهارا ڌڻي، ڪڏهن؟
ماڻهو، جڳ جا مالڪ، ماڻهو،
تخت، تاج نه، پر ماڻهو!
يا خدا، ماڻهن جو بچاءُ ڪر: اِهي تنهنجا آهن.
تنهنجا ٻالڪ، تنهنجن سهڻن ملائڪن جهڙا،
بديءَ کان، ظلم کان ۽ مايوسيءَ کان
يا خدا، ماڻهو بچاءِ!“
(ڪراچي، جون 1947ع)