ٻه اکر (سنڌي ڇاپي لاءِ)
پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ يا ٿيڻ وارو فيصلو، هڪ غيرمعمولي فيصلو هو. ان لاءِ ڪي خاص ۽ الڳ نوعيت جا انتظام گھربل هئا، جن تي سوچڻ جي ڪابه تڪليف نه ڪئي ويئي ۽ سنڌ سميت هندستان جي مڙني تاريخي وطنن مٿان اهڙو فيصلو، غيرجمهوري، غيرقانوني ۽ غيراخلاقي نموني مڙهيو پئي ويو – اهو به انهن جي پنهنجن نمائندن جي هٿان، ته جيئن اهڙي فيصلي جي حق ۾ ڪو جوڳو جواز موجود ڪري سگھجي.
ٻيو اهم معاملو هيءُ هو ته چونڊيل نمائندن جي اڳيان رڳو ٻه چونڊون رکيون ويون هيون يعني اهي رڳو پاڪستان يا هندستان ۾ شامل ٿيڻ جي حق ۾ پنهنجي راءِ ڏيئي ٿي سگھيا. انهن ٻنهي چونڊن کان سواءِ، ڪنهن به ٽين چونڊ جو انهن کي ڪونه اختيار نه هو ۽ نه ئي اهي نمائندا پنهنجي طور تي، ان پاسي ڪو ڌيان ڏيئي رهيا هئا ته ڪا چونڊ رهيل آهي، جيڪا انهن ٻنهي چونڊن کان به وڌيڪ اهم ۽ ضروري آهي. اها چونڊ، پڪ سان، سنڌ جي تاريخي حيثيت جي بحاليءَ واري هئي، يعني سنڌ تاريخ جي هر ڪنهن زماني ۾ هڪ آزاد ۽ خودمختيار وطن پئي رهي آهي. انگريزن پڻ ان کي هڪ وطن جي حيثيت ۾ فتح ڪيو هو، انڪري، انصاف جي تقاضا اها هئي ته سنڌ کي اها حيثيت برقرار رکڻ جو حق ۽ اختيار ڏنو وڃي، جنهن حيثيت ۾ انگريزن ان کي فتح ڪيو هو. نه رڳو ايترو پر، سنڌ جي آئيندي جي فيصلي جو اختيار سنڌي عوام جي اڪثريتي راءِ جي بنياد تي پڻ ڪيو ويو وڃي. اهي اهڙا معاملا هئا، جيڪي ان وقت جي سگھاري ۽ فيصلي جو نام نهاد اختيار رکندڙ ٽڪنڊي، مسلم ليگ، ڪانگريس ۽ انگريز حڪمرانن کي ياد به نه هئا. هن ڪتاب ۾، مون انهن مڙني معاملن تي، پيرائتي نموني روشني وجھڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته جيئن ان وقت جي اسان جي سنڌي نمائندن جو ڌيان انهن پاسن ۽ پهلوئن ڏانهن ڇڪرائي سگھجي.
جيتوڻيڪ، انهيءَ فيصلي جو اختيار رکندڙ ٽڪنڊي، اهو ئي ڪيو، جيڪو انهن کين ڪرڻو هو، پر تاريخ جي رڪارڊ تي اها ڳالهه آيل آهي ته مون سميت ڪيترائي اهڙا ماڻهو هئا، جيڪي سنڌ جي پنهنجي اصل ۽ تاريخي حيثيت جي بحاليءَ جي حق ۾ ڳالهه رکندا پئي آيا هئا. هن ڪتاب کان سواءِ، مون پنهنجن ان وقت جي سنڌي نمائندن، جن کي سنڌ جي آئيندي ۽ قسمت جو فيصلو ڪرڻو هو، لاءِ هڪ کليل خط پڻ لکيو هو، جيڪو سنڌ اسيمبليءَ جي ٻاهران بيهي، مون انهن ۾ ورهايو هو، اُن خط ۾ پڻ ساڳيو ئي موقف اختيار ڪيو ويو هو ته اسان جا نمائندا ڪوبه فيصلو ڪرڻ کان اڳ، سنڌ جي فائدي ۽ نقصان جي سمورن پهلوئن کي سامهون رکن. اُن وقت، جيڪي ڪجهه مون، پنهنجي اُن عمل جي موٽ ۾، ڀوڳيو اُهو به تاريخ جي رڪارڊ تي آهي.
ان کان سواءِ، هن ڪتاب ۾، مون اهو به ڄاڻائڻ جي شعوري ڪوشش ڪئي هئي ته ڪهڙيءَ ريت، اسان جي ماتر ڀومي سنڌ ۽ اسان سنڌواسين کي، مذهب جي آڙ ۾، هڪ بالادست قوم جي غلاميءَ ۾ ڏنو پئي ويو، جنهن جي اسلام پڻ اجازت نه ٿو ڏئي ۽ نه ئي سڌريل دنيا جو ڪو اصول اهڙي گنجائش رکي ٿو ته ڪنهن هڪ يا هڪ وڌيڪ قومن کي، انهن جي مرضيءَ خلاف، ڪنهن اهڙي مڪمل طرح ٻين جي رحم ڪرم تي ڇڏيو وڃي. اهي سڀ ڳالهيون انڪري ڪيون ويون هيون، جو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي محب وطن ماڻهن کي انگريزن جي انتظامڪاريءَ دوران، سڀني سگھارين سياسي ڌرين جي نيتن ۽ ارادن جي پرک هئي، انهيءَ ڏس ۾ پڻ ڪيترائي مثال، هن ڪتاب ۾ شامل ڪيل آهن.
اها وڏي بدقسمتي چئبي، جو اُن وقت جي اسان جي سنڌي نمائندن وقت جي پڪار جو ساٿ نه ڏنو ۽ نتيجي ۾ اسان جي حصي ۾ جيڪا غلامي آئي ۽ ان غلاميءَ، پنهنجي پاڻ مان جن واڌو اذيتن ۽ عذابن کي جنم ڏنو، انهن جو بيان ۽ ڪاٿو پڻ رڪارڊ تي آيل آهي. بهرحال، جيڪڏهن وقت جي پڪار کي مثبت نموني موٽ ڏني وڃي ها ته سنڌ کي پنهنجيءَ آزاديءَ ۽ خودمختياريءَ جو درجو واپس ملي ٿي سگھيو، اها ڪا اڻ ٿيڻي ڳالهه نه هئي، ۽ جيڪڏهن رٿيل هندستان يا پاڪستان جي حدبندين اندر، اسان جي شموليت جو فيصلو ڪرڻو ئي هو ته اُن ۾ پڻ خبرداريءَ ۽ دانشمنديءَ کان ڪم وٺندي، ان کي سنڌ جي پنهنجي حڪومتي نظام ۾ هر قسم جي آزادي ۽ خودمختياريءَ توڻي وفاق ۾، هر سطح تي، برابر شرڪت ۽ مداخلت، ۽ پڻ اسان جن پنهنجن مقامي قدرتي اقتصادي وسيلن تي اسان جي مڪمل حق جي مڃتا سان مشروط ڪرڻو هو ته جيئن اسان جي تاريخي، سماجي، سياسي ۽ قوم جي حيثيت ۾ تاريخي حقن ۽ مفادن جو بچاءُ ٿئي ها ۽ اهڙيءَ ريت، اسين هڪ قوم طور، ٻيهر پنهنجيءَ آزاديءَ جي مٺي ميوي چکڻ واريءَ حالت ۾ اچي سگھون ها ۽ دنيا جي ٻين آزاد قومن وانگي آجي زندگي ماڻڻ جو موقعو ماڻي سگھون ها.
هن ڪتاب جو، هيءُ ترجمو مون پنهنجن ڪن نوجوان دوستن، هم خيالن ۽ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي گھڻ گھرن جي مدد سان ڪيو آهي، جن ۾ سنگرام، علي آڪاش ۽ محسن علي جويي جا نالا اهم آهن. هن پيشڪش کان اڳ به، ڪن دوستن پنهنجي طور تي، ترجما ڪيا هئا، جيڪي پڻ چڱا هئا، پر معيار جي لحاظ کان اڃا ڪجهه بهتريءَ جي گھرج هئي ته جيئن هيءَ ترجمو، اصل مسودي سان ٺهڪندڙ بنجي سگھي ۽ ڪتاب ۾ سموهيل پيغام صحيح نموني، عام پڙهندڙن تائين پهچي سگھي.
ايئن به نه آهي، ته هيءُ ڪم ڪو هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ يا مهيني ٻن ۾ پورو ٿيو آهي. هن ترجمي تي ڪم ڪندي، اسان سڀني کي ڪي ڇهه ست ورهيه جو وقت لڳو آهي. ان جو سبب هيءُ هو ته دوستن جون پنهنجيون ذاتي مصروفيتون، ڪم ۽ ذميواريون پڻ هيون، کين اهي به نباهڻيون هيون، جنهن جي ڪري، هيءُ ڪم ڪيتري وقت لاءِ التوا ۾ پڻ پئي رهيو. ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون حالتون به پيدا ٿيون، جو ايئن لڳندو هو ته شايد هيءُ ڪم پورو نه ٿي سگھندو، پر جس آهي، عزيزم محسن علي جويي کي جنهن هن ڪم سان لاڳاپيل دوستن سان، هر حال ۾ ۽ لڳاتار رابطو رکيو ۽ ڪم جي سلسلي کي هر ڀيري اتان ئي جوڙيو، جتان اهو ٽُٽو هو. سچ پچ ته، آئون محسن عليءَ جي اهڙي اورچائپ، مستقل مزاجيءَ ۽ سچي وابستگيءَ کي ساراهڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگھان.
ان کان سواءِ، مون لاءِ پنهنجي ئي ڪتاب کي ترجمو ڪرڻ پڻ مسئلو رهيو آهي. منهنجي ويجھو اها ڳالهه پاڻ وڻائڻ جي دائري ۾ پئي آئي، اهو سبب هو، جو دوستن احبابن جي خواهش ۽ اصرار کان پوءِ به، مون ڪيترائي سال هن ڪم ۾ هٿ نه وڌو، جڏهن آئون ڀرپور نموني ڪم ڪرڻ جهڙو به هئس. منهنجن خيالن ۾ ڪنهن قدر ڦيرو، مون کي پيل دل جي دوري کان پوءِ آيو، جنهن کان پوءِ مون کي اهو احساس ٿيڻ لڳو ته اهو وقت اچي ويو آهي، ته پنهنجن رهيل ڪمن کي، پنهنجي ئي حياتيءَ ۾ اُڪلائجي. سڀاڻي جي ڪنهن کي خبر آهي! – ۽ خبر نه آهي ته باقي ڪيترو وقت بچيو آهي. هونءَ ته مسئلو موت جو نه آهي، حياتيءَ جو آهي ته ڪهڙيءَ ريت ان جي پل پل مان فائدو وٺجي ۽ هر گھڙيءَ کي سڦلائتو بنائجي ۽ ڪيئن ان کي پنهنجي وطن ۽ وطن واسين ۽ پڻ ڪل انسانذات لاءِ ڪارج ڀريو بنائجي. ان ڏس ۾، سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز جو هڪ شعر منهنجي ياد تي اُڀري بيٺو آهي.
موت تي ڪهڙي ميار،
جئن اچي، جاتي اچي.
ڳالهه آهي زندگيءَ جي، توڙ تائين مڃُ نه هار،
جو چوڻ چاهين چئي ڏي، آهه ڄڻ پوئين پُڪار،
اوچتو وڄندي ڪِري پوندءِ ڪڏهن هٿ مان ستار،
موت تي ڪهڙي ميار،
جئن اچي جاتي اچي.
آئون پنهنجيءَ زندگيءَ مان بلڪل مايوس نه آهيان. مون کان جيترو پڳو، مون اوترو ڪم ڪيو آهي ۽ ڪيل ڪم مان مطمئن آهيان. البت، ائين آهي ته اڃا تائين اهو احساس ضرور ٿئي ٿو ته ڪيترائي اهڙا ڪم هئا، جيڪي سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ، ضروري هئا، اهي نه ٿي سگھيا آهن، ان هوندي به، اها پڻ حقيقت آهي ته اڃا اسان کان پوِ نه ڪيترائي ماڻهو ايندا، جيڪي اهي رهيل ڪم پورا ڪندا ۽ پڻ اهي ڪم ڪندا، جيڪي اسان اڃا سوچيا به نه آهن. هيءُ علم ۽ قلم جو ڪم ڪڏهن به کٽڻو نه آهي. دنيا جي هر حصي وانگي، هن ڏيهه ۾ پڻ ڏات ۽ ڏانءَ جو ڏڪار نه اچڻو آهي. هيءُ سوچ ۽ فڪر جو سچي سوچ ۽ فڪر جو هيءُ ڀرپور جھرڻو سدائين پيو وهڻو آهي ۽ ذهنن ۽ دلين جي آبياري پئي ٿيڻي آهي ۽ اهو دور به سنڌ ۾ اچڻو آهي، جنهن بابت اسان رڳو سوچي ۽ ويچاري ئي سگھيا آهيون،
نيٺ ته ايندو،
نيٺ ته ايندو،
جيڪو ڪيئي ڦول ڦلاري،
ڌرتيءَ تي هٻڪارون ٿيندو،
اهڙو باران نيٺ ته ايندو
فصلِ بهاران نيٺ ته ايندو!
هي جيڪي ناسور ٽمن ٿا،
تن کي ڪوته چتائي ڏسندو
ڪوئي درمان نيٺ ته ايندو
فصلِ بهاران نيٺ ته ايندو!
توڙي پاڻ نه هونداسين، پر،
پنهنجي ياد ته هوندي ان سان
اهڙو انسان نيٺ ته ايندو
نيٺ ته ايندو،
نيٺ ته ايندو،
فصلِ بهاران نيٺ ته ايندو.
مون هن ترجمي جي رعايت سان ڪجهه ذاتي احساس به ونڊيا، اميد ته پڙهندڙ ان کي قبول ڪندا. ڇو ته هن نموني ٻڌجي ويهڻ جو موقعو گھٽ ملي ٿو. آئون پنهنجو گھڻو تڻو وقت ڪتابن پڙهڻ ۾ گذاريان ٿو. هن عمر ۾ ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي وندر ۽ ورونهن ٿي سگھي ٿي. بهرحال، هن وقت هيءُ ڪتاب ترجمي جي صورت ۾ اوهان لائق پڙهندڙن جي هٿ ۾ آهي، ان جي افاديت جو اوهان ئي بهتر فيصلو ڪري سگھو ٿا.
هتي هڪ هيءَ وضاحت ڪرڻ به ضروري ٿو سمجھان ته اصل انگريزيءَ واري مسودي جا ٻه ڇاپا ڇپجي چڪا آهن، پهريون ڇاپو جون، 1947ع ۾ ڇپيو هو، جنهن جي ٽائيٽل جو عڪس، هن ڪتاب جي شروعات ۾ ڏنو ويو آهي، ۽ ٻيو ڇاپو 2001ع ۾ ڇپيو هو.
پڇاڙيءَ ۾ وري به پنهنجن انهن دوستن ۽ هم خيالن جو ٿورائتو آهيان، جن هن اهم ڪم ۾ هٿ ونڊايو، جن جي مدد، وقت، ڌيان، دلچسپيءَ ۽ مشورن سبب ئي هيءُ ڪتاب ترجمي جي صورت ۾ اوهان تائين پهچي سگھيو آهي. ان کان سواءِ، روشني پبليڪيشن جي دوست ۽ ڀاءُ علي نواز گھانگھري جي پڻ مهرباني، جنهن هن ڪتاب جي ڇپائيءَ جي هر مرحلي کي ڪامياب بنايو ۽ ڊگھي عرصي تائين ڪتاب جي مڪمل ٿيڻ جو انتظار ڪيو.
محمد ابراهيم جويو
41- A صحافي ڪالوني
حيدرآباد، سنڌ.
30 جون 2014ع