تِرَ جي گُٿي سنڌ (ٻئي انگريزي ڇاپي لاءِ لکيل (After Piece) جو سنڌي ترجمو)
فيصله ڪن حالتون، جيڪي ننڍي کنڊ جي ورهاڱي طرف وڌي رهيون هيون، سي هڪٻئي پٺيان ايتريءَ ته تيزيءَ سان رونما ٿينديون ويون، جو هيٺيون وضاحتي نوٽ ڪتاب جي سرورق واري صفحي جي اندرئين پاسي ڏيڻو پيو هو:
”....... هيءُ ڪتاب سال اڳ پڌرو ڪرڻ جو ارادو هو، پر ڪِن سببن ڪري ائين ٿي نه سگهيو. تنهن هوندي به، حڪومت برطانيه جي هندستانين کي اقتدار اعليٰ سونپڻ بابت اعلانيل ۽ تازه ترين آڇ هن ڪتاب ۾ پيش ٿيل ڳالهه تي ڪنهن به طرح اثر انداز نٿي ٿئي. سواءِ ڪن ضروري تاڪيدي هيٺ مٿانهين جي اصل ڳالهه ۽ خاص طور سنڌ بابت اُن جي بنيادي دليل جي اهميت ۽ اُن جو وزن ساڳيو ئي رهي ٿو. (م. ا. ج 15-6-1947ع)“
حڪومت برطانيه پاران (جيڪا اُن وقت هندستان ۾ اعليٰ اختيار جو واحد سرچشمو هئي) اقتدار اعليٰ سونپڻ بابت ”تازه ترين آڇ“ جو اعلان 21 مئي 1947ع تي ڪيو ويو هو ۽ اُن جون خاص ڳالهيون هيٺينءَ ريت هيون:
1. ”هندستان جي (زير عمل) آئين ساز اسيمبليءَ جي ڪم ۾ خلل نه وڌو ويندو، پر اُن اسيمبليءَ پاران تيار ڪيل آئين ملڪ جي ڪنهن به حصي تي اُن حصي جِي مرضيءَ کان سواءِ، قبوليت يا تعميل لاءِ لاڳو نه ڪيو ويندو.
2. ”ملڪ جي مختلف حصن جِي مرضي معلوم ڪرڻ لاءِ ٻه طريقا تجويز ڪيل هئا، يا ته: (الف) زير عمل آئين ساز اسيمبليءَ جي ذريعي، جنهن ۾ اختلاف رکندڙ حصن جا نمائندا شامل هجن يا ٿين: يا (ب) اُنهن اختلاف رکندڙ حصن جي نمائندن تي ٻڌل جدا جدا آئين ساز اسيمبلين جي نمائندن ذريعي.
3. ”صوبن جي حوالي سان ڪنهن هڪ اختلاف رکندڙ صوبي يا اُن جي حصي کان ٻئي صوبي يا اُن جي حصي لاءِ، انتظام ڪجهه مختلف هئا. جيستائين سنڌ جو تعلق هو، اُن جِي ليجِسليٽِو (قانون ساز) اسيمبليءَ کي پنهنجي حڪومت جي آئين سازيءَ لاءِ، ڪهڙي آئين ساز اسيمبليءَ سان شامل ٿيڻ گهرجي.
4. ”عمل پذير پاليسي اُها ئي ساڳي قائم رهڻي هئي جيڪا برطانيه حڪومت جي ڪئبينيٽ مشن جي 12 مئي 1946ع واري ميمورينڊم ۾ واضح ٿيل هئي، جنهن موجب ”يونين“ يا ”گروپن“ جي آئين ۾ ”اِن ڳالهه جي گنجائش رکي ويندي ته جيڪڏهن ڪو صوبو چاهيندو ته اُهو شروعاتي ڏهن سالن کان پوءِ، ۽ اُن بعد هر ڏهن سالن جي وقفي کان پوءِ، پنهنجي قانون ساز اسيمبليءَ جي اڪثريت راءِ سان، آئين ۾ موجود شرطن تي نئين سِر وِيچار ڪرڻ جي مطالبي ڪرڻ جو حقدار هوندو.“
ان کان اڳ مارچ 1942ع ۾ لارڊ پِروِي سيل سَر اسٽئفرڊ ڪِرپس کي برطانوي حڪومت جِي ”جنگي مشاورتي مجلس“ هندستان جي دوري تي اِهو اختيار ڏيئي موڪليو هو ته حڪومت برطانيه جي ڪيل اعلان(Declaration) بابت هو هندستاني اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري ۽ اِن ڳالهه جو جائزو وٺي ته اُهو اعلان وٽن ڪيتري قدر قابل قبول هو، جيڪا ڳالهه اُن اعلان جي مقصد جِي ڪاميابيءَ لاءِ نهايت ضروري هئي.
مذڪوره اعلان ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ هيٺين ڳالهين جو به احاطو ٿيل هو:
ٻِي مهاڀاري لڙائيءَ (45-1939ع) جي خاتمي کان هڪدم پوءِ هندستان ۾ هڪ چونڊيل مجلس (Elected Body) قائم ڪرڻ لاءِ اپاءَ ورتا ويندا، جنهن کي هندستان لاءِ نئون آئين ٺاهڻ جو ڪم سونپيل هوندو، ۽ اُن آئين کي قبول ڪرڻ ۽ هڪدم لاڳو ڪرڻ جو ذمو حڪومت برطانيه پنهنجي سِر تي کڻي رهي هئي. آئين ٺاهيندڙ اها چونڊيل مجلس انڊين يونين لاءِ آئين تيار ڪندي، پر ان آئين جِي تياريءَ جي آخري مرحلي تي، جيڪڏهن ڪو صوبو پنهنجي قانون ساز اسيمبليءَ جي ووٽ سان اُن آئين کي قبول ڪرڻ تي پنهنجي ناراضگيءَ جو اظهار ڪندو ته اُن صورت ۾ اُهو صوبو انڊين يونين جي حاڪميت اعليٰ کي قبولڻ کان انڪار ڪرڻ ۾ آزاد هوندو. اُن صورت ۾ اُهو صوبو پوءِ پنهنجو آئين پاڻ تيار ڪري سگهندو، جنهن کي اُهو ئي درجو، اُها ئي حيثيت ۽ ذميدارين جا اُهي ئي اختيار حاصل هوندا، جهڙا انڊين يونين کي هوندا.
برصغير هندستان جي سڀني صوبن کي عام طور تي ڏنل اِن پسند يا چونڊ(Option) جي اختيار ۽ اُن جي ورجاءَ جِي خاطري هندستان جي وائسراءِ، لارڊ ويول (Lord Wavel)، گهٽ ۾ گهٽ ٻِن موقعن تي 1944ع ۽ 1945ع ۾، شملا ۾ ڪوٺايل ڪانفرنسن ۾ لڳ ڀڳ ساڳين لفظن ۾ ڏيڻ ضروري سمجهي هئي.
آخري ڀيرو، برطانوي وزيراعظم مسٽر اَئٽلِي (Mr. Attlee) 20 فيبروري 1947ع تي واضح طور تي چيو ته ”حڪومت برطانيه جو ارادو آهي ته جُونَ 1948ع کان اڳ ۾ اقتدار اعليٰ، ذميوار هندستانين جي هٿن ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ ضروري اُپاءَ ورتا ويندا، پر اهڙو آئين ذڪر ڪيل وقت کان اڳ ۾ جيڪڏهن تيار ٿي نه سگهيو ته حڪومت برطانيه اِن ڳالهه تي به ويچار ڪندي ته اُن متوقع تاريخ تي برٽش انڊيا جِي مرڪزي حڪومت جون واڳون ڪنهن جي حوالي ڪيون وڃن...... آيا، جيئن آهي تيئن، برٽش انڊيا لاءِ مرڪزي حڪومت جي ڪنهن اختياري نظام کي يا ڪِن علائقن ۾ موجود صوبائي حڪومتن کي، يا اهڙي ڪنهن ٻئي طريقي سان، جيئن سڀ کان وڌيڪ مناسب يا واجب سمجهجي ۽ جيڪو هندستاني عوام جي بهترين مفاد ۾ نظر اچي.“
هندستان جو آخري وائسراءِ، لارڊ مائونٽ بيٽن، ڄڻ ته موڪليل ئِي هو سَر وِنسٽن چَرچَل جي قول جِي نَفي ڪرڻ لاءِ (جنهن چيو هو ته ”آءٌ برٽش انڊين ايمپائر جي ڏيوالي لاءِ مقرر ٿيل نه آهيان“). اُن اچڻ سان هڪ موقعي تي، اِهو چوڻ ضروري سمجهيو ته: ”بادشاهه سلامت جي برطانوي سرڪار عاليه پاران برصغير هندستان ۾ اقتدار اعليٰ تان دستبردار ٿيڻ واري تازه ترين طريقي ڪار کي ووٽ جي آسان کان آسان عمل ۾ آڻڻ جو فيصلو ٿيل آهي، جيڪو صوبن جي ووٽ کان شروع ٿيندي، رياستن جي گروپن وسيلي مرڪزي حڪومت جي آئينن جي سَرانجامي تائين پهچندو. اُهو طريقي ڪار پنهنجي اصل مقصد ۾ سڀني لاڳاپيل ڌرين کي بااختيار حڪومت جي درجي (Dominion Status) وارِي آڇ هُئي ۽ اڳتي وڌي، آزاد مرضيءَ سان اُنهن گروپن مان نڪري اچڻ وارو سندن اختيار سچ پچ ته سندن خودمختياري/آزاديءَ (Independence) جي برابر هو.“
هاڻي اِتي هڪ اهم سوال پُڇي سگهجي ٿو: ”خودمختياري/آزاديءَ جي حق حاصل ڪرڻ واري اُن سڄي قصي جي بار بار ورجاءَ ۽ اُن تي ايتري قدر زور ڀرڻ کان پوءِ به هندستان جو ڪو ’صوبو‘
پنهنجي آزاديءَ لاءِ جدوجهد جي عمل ۾ شامل نه ٿيو، اِهو ڪيئن ممڪن ٿِي ٿي سگهيو؟“
اِن کان اڳ جو اِنهيءَ سوال جو جواب ڏجي، هڪ حقيقت ذهن نشين ٿيڻ گهرجي ته سنڌ پنهنجي هڪ مڃيل اڳواڻ، عزت مآب جي. ايم. سيد ذريعي پنهنجي آزاديءَ جِي گهُر ڪئي هئي. تنهن هوندي به اُها ڪوشش ڪامياب ٿِي نه سگهي. اِها ڳالهه، جيڪا مُستند سچائيءَ سان رڪارڊ تي آيل آهي، تنهن کي ٿورن لفظن ۾ هن ريت بيان ڪري سگهجي ٿو:
سنڌ مسلم ليگ جي صدر، عزت مآب جي. ايم. سيد، 1943ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ ۾ هڪ قرارداد پيش ڪئي، جنهن ۾ گهر ڪئي وئي ته ”پاڪستان آزاد قومي رياستن جي يونين طور قائم ڪيو وڃي، جنهن ۾ سنڌ به آزاد ۽ خود اختيار اڪائيءَ طور شامل هجي.“ (جلال 1958: 110).... پاڪستان، جو تصور، ”آزاد“ (Independent)
۽ اعليٰ اختيار رکندڙ (Sovereign) رياستن جي يونين طور ڪيل هو، جيئن 1940ع جي لاهور واري قرارداد ۾ اُهو پيش ٿيو هو. (مهتاب 1997: 49). ڪراچيءَ مان انگريزي ٻوليءَ ۾ نڪرندڙ اخبار ”سنڌ آبزَروَر“ (Sindh Observer) موجب، ”عزت مآب جي. ايم. سيد شروع شروع ۾ هڪ ’سنڌي پاڪستان‘ ٺاهڻ ٿي گهريو، پر 1946ع ۾ مسلم ليگ جي سحر مان صاف صاف نڪري اچڻ کان پوءِ هن (برطانيه جي) ڪئبينيٽ مِشن کي، جيڪا تِن ڏينهن ۾ هندستان جي دوري تي آيل هئي، آگاهه ڪيو هو ته هُن هاڻي پنهنجيءَ گهُر کي بدلايو هو ۽ هاڻي هُن هڪ ’سنڌي پاڪستان‘ بدران ’آزاد سنڌ‘ چاهِي ٿي. (جلال 1985: 187).“
”....... اهڙيءَ طرح، 1947ع ۾ پاڪستان ۽ هندستان جي آزاديءَ کان اڳ، سنڌين وٽ پسند جون ٽي کليل راهون هيون: ڪانگريس جي حڪمرانيءَ هيٺ يَڪ-انتظامي مرڪزي هندستان (Centralised India) جِي راهه، مساويانه نظام تي ٻڌل ڪانفيڊرل پاڪستان جِي راهه، يا مڪمل آزاد سنڌ جي راهه.“ (مهتاب 1997ع: 50)
وقت جِي اُن گهڙيءَ تي، جنوري 1946ع ۾ ڪُل هند مسلم ليگ جي اعليٰ قيادت جِي مجلس عمل (Committee of Action) عزت مآب جي. ايم. سيد کي ليگ جِي مرڪزي تنظيم ۽ سنڌ ليگ، ٻنهي مان ڪڍي ٻاهر ڪرڻ جو قدم کنيو.
اِنهيءَ سوال جي جواب لاءِ ته صوبا بشمول سنڌ، پنهنجي خودمختياريءَ/آزاديءَ جي حاصل ڪرڻ لاءِ مضبوطيءَ سان اُٿي کڙا ٿيڻ ۾ ڪيئن ناڪام رهيا، پوري هڪ ڌيان طلب بيان جي ضرورت آهي.
هندستان ۾ برطانوي ”صوبن جي حڪمران ڌرين جا ماڻهو (Elites) ”برصغير ۾ موجود برطانوي شهنشاهت جِي سخت مرڪزيت ۽ وسيع پهچ جي عين مطابقت ۾ ڪُل-هند بنيادن تي هِريل ۽ منظم ٿيل هئا. جيئن ئي برطانوي شهنشاهت اقتدارَ اعليٰ ”ورهايو ۽ راڄ ڪريو“ واريءَ چال کي سياست جي بساط تي آندو ته ڏيهي راجائن ۽ شهزادن ۽ صوبن جي سکر ماڻهن پنهنجا پنهنجا مُهرا سنڀاليا، بلڪ سڀ کان اَڳرا پاڻ ئي اُن سخت مرڪزيت جِي راند جا مُهرا بڻجي ويٺا ۽ طئي ڪيل ڪُل هند بِساط جي وسيع ۽ عريض فاصلن تان ڊوڙندي ۽ بلند آسماني خلائن تائين ٽِپندي ۽ ڪِرندي، هڪڙن ڪُل – هند قومي ۽ ٻِين ڪُل – هند مسلم فضائن ۾ انگريز بهادر سان ۽ پنهنجي پاڻ ۾ هڪٻئي سان زور آزمائِين ۾ محو جنگ وجدل ٿِي، هڪ ڌر برصغير ۾ مخصوص قومي ”شهنشاهت“ ۽ ٻي ڌر مخصوص مسلم
”شهنشاهت“ جي اَنڌ ۾، بلڪ ”اک نه ڏسي پير واري ڌنڌڪار“ ۾ وٺجي ويئي، ۽ ٻئي ڌريون مڪاني طور پنهنجي پنهنجي پيرن هيٺ موجود جيئري جاڳندي ڌرتيءَ تي نظر وجهڻ کان رهجي ويون، ۽ صوبا، جيڪي تاريخي طور برصغير ۾ قديم ۽ اڀرندڙ جديد قومن جا وطن هئا، تن جي شعوري مسئلن سان سندن ڪوبه سَروڪار نه رهيو. ٻَئي ڌريون، انڊين نئشنل ڪانگريس ۽ مسلم ليگ، پنهنجو پنهنجو ڪُل هند نمائندگيءَ وارو مرتبو ماڻهن جي محض 4 کان 6 سيڪڙو هائوڪارِي ووٽن جي آڌار تائين، جيڪي ووٽ به سياسي طرح ”ڌار چونڊ سرشتي“ تحت کين حاصل هئا، محدود ڪِن اختيار جي گادين تي مڳ بنجي ويهي رهيا. صوبن جا اهي شُرفاء، جن کي اِنهن ٻِن مَت مُوڙهيل (Crazy) جماعتن جي حمايت حاصل هئي، سي برطانوي حڪومت جِي آشيرواد هيٺ آڪڙ ۾ ڀريل ۽ حڪومت برطانيه جي تيار ڪيل فوجي ۽ عملدار شاهيءَ جي سايي ۾ سُک ۽ سلامتيءَ سان رهندي، اِن سودي ۾ پنهنجي منهن پاڻ کي فائدي ۾ سَمجهندي، ڏُکئي بُکئي، محروم ۽ مظلوم عوام جِي اَڻ اُٿيل ۽ اَڌ سُتل عوامي طاقت کان ڪجهه ڪجهه خائف، مٿان ئي مٿان پنهنجن انگريز آقائن کان اقتدار جون واڳون پوريءَ فرمانبرداريءَ سان، ماٺ ميٺ ۾ ۽ پرامن طريقي سان پنهنجن لالچي هٿن ۾ وٺي ويٺا. آڪسفورڊ پڙهيل جمهوريت پسند سماجوادي ڪانگريس اڳواڻ پنڊت نهروءَ جِي صلاح ۽ مسٽر جناح جِي حمايت سان، جيڪو ٻِيءَ پارٽيءَ جو اڳواڻ هو، حالتن جو مزيد فائدو وٺندي ٻنهي لارڊ مائونٽ بيٽن کان اِها رعايت ورتي ته صوبن ۽ ڏيهي رياستن کي آڇيل خوداختياري/ آزاديءَ واري حق جي ڳالهه کي پاسيرو رکندي، پنهنجي پنهنجي حصي واريءَ مملڪت ۾ کين حڪمرانيءَ جو اعزاز عطا ٿئي ته آزاديءَ جي بيک وٺندڙ ۽ ڏيندڙ ٻنهي ڌرين، يعني ڪانگريس ۽ ليگ، هڪ ڌر ۽ حڪومت برطانيه ٻِي ڌُر، جِي سڄي پت رهجي ايندي. اِن طرح جي ڪجهه سمجهوتي تي متفق ٿيندي، ”لارڊ مائونٽ بيٽن پوءِ سڄو وقت صوبن ۽ ڏيهي رياستن کي فقط هندستان يا پاڪستان جي ٻن رياستن مان هڪ سان شامل ٿيڻ لاءِ زورائتن مشورن ڏيڻ ۾ ئي پُورو رهيو.“ (جلال: 1985ع: 285).
اِئين، ”برطانوي دولت مشترڪه جي دفاعي گهُرجن جي وسيع تر مفادن لاءِ برطانيه حڪومت اِن صورتحال تي پوريءَ طرح مطمئن رهي ته هندستان جو ٻِن رياستن ۾ ورهاڱو ئي ڪافي هو ۽ اُن جي ٻئي امڪان طور ڏکڻ ايشيا ۾ عالمي سامراج مخالف/ موافق ڪيتريون ئي رياستون قائم ٿِي وينديون. تنهن کان برصغير بچي ويندو.“
(جلال 1985ع:254).
”بندرگاهه وارو شهر ڪراچي، مثال طور، جيڪو دولت مشترڪه جي جنگي توڙي تجارتي حڪمت عملي لاءِ سوئيز ڪئنال کان آسٽريليا جي وچ ۾ رابطي لاءِ نهايت ضروري منزل تي هو، برطانيه نٿي چاهيو ته اُهو جي. ايم. سيد جهڙي هڪ انقلابي، جذباتي ۽ زورآور شخصيت جي هٿن ۾ وڃي.“ (مهتاب 1997ع:50).
مسلمانن جي اڪثريتي صوبن جي معاملي ۾ اُنهن جي خودمختياري/آزاديءَ جي امڪاني صورتن کان خاص طرح سندن مڪاني حڪمران گروهن جِي ڪَنَ لاٽار جو مزيد سبب هِيءُ به هو ته کين پنهنجن وطنن- اڌ پنجاب، اتر اولهه سرحدي صوبي، بلوچستان، سنڌ ۽ اڌ بنگال ۾ حاڪميت لاءِ هڪ ته ٽوٽل مسلم اڪثريت اڳ ئي حاصل هئي ۽ ٻيو ته منجهانئن خاص ڪري ڪمزور صوبن، ڪجهه اڳڀرو ڏسندي قرارداد پاڪستان جي شرطن ۾ به پاڻ لاءِ خودمختيار رهڻ جِي آئيني صورت ۾ ضمانت موجود ڏٺي ٿي ۽ هنن اُن تحفظ جي واعدي تي تيستائين ته اعتماد به ڪيو ٿي. پر، اِها ڳالهه سچ پچ ته هڪ سخت پڇتاءَ واريءَ صورت طور سندن سامهون هوندي، يا اِئين به ٿي سگهي ٿو ته کين هڪ متوقع خوشيءَ جِي صورت سامهون هئي، جيئن ڪانگريس، جيڪا هڪ وحداني (Unitary Raj) حاڪميت لاءِ ضد ٻَڌيو بيٺي هئي، اُتي هندستان ۾ صوبا رياستون سڏجن پيا ۽ سياسي، معاشي ۽ ثقافتي طرح مڪاني آزاديءَ جا مزا ماڻي رهيا آهن. پر پاڪستان جا صوبا خودمختياري/آزاديءَ وارِي ڏٺل ۽ ڏيکاريل چَٺِ پويان لڳا ۽ اڃا تائين ته دست نگر ۽ زيردست صوبن جِي صورت ۾ ئي رهڻ تي پاڻ کي سڙندي ۽ مرندي پيا ڏسن ۽ وفاق جي محض ٽُڪرن تي، محتاج طور رهڻ ۽ وقفي وقفي سان ”هٿين پيرين مُونڙين بند“ وفاقي فوج جي مارشل لائِي گهاڻي ۾ پِيڙبا پيا رهن!
بهرحال، برصغير هندستان بظاهر ته آسانيءَ سان ۽ امن امان جي حالتن تحت، جيئن ڪجهه حلقن پاران پوري فخر سان دعويٰ ڪئي وڃي ٿي، 1947ع ۾ آزادي ماڻِي، اُن خوش فهم دعويٰ جي باوجود، ڌرتيءَ ۽ اُن جي ماڻهن کي جيڪي اُن آزاديءَ جِي جِدوجُهد ۾ شامل هئا، وڏي هڪ منظم انساني ڪوس مان گذرڻو پيو، اَڻ ڳڻيون معصوم انساني جانيون ضايع ٿيون ۽ ماڻهن جِي ايڏي وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ٿِي، جنهن جو اڳ ۾ ڪوبه اهڙو مثال ڪٿي موجود ڪونهي، ۽ نتيجي طور مها ڪال ۽ پَرلَئه جي پئماني جيتريون سماجي ۽ ثقافتي تباهه ڪاريون به رونما ٿيون. جِدوجُهد هلندي ڪُل – هند مسلم ليگ پنهنجن برطانوي آقائن تي الزام هڻندِي رهِي ته اُهي ڪانگريس سان ملي، آزاد هندستان کي هڪ اڪثريتي هندو راڄ ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪري رهيا هئا، تنهنڪري، اُن جُڙتو ۽ هٿرادو خطري کي ٽارڻ لاءِ ڌار رياستن جِي گهُر ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته ”جيڪڏهن ممڪن هجي ته خونريزي ۽ گهرو ويڙهه کان ضرور پاسو ڪجي، پر اُن جِي ڪابه گنجائش نه ٿي بچي...... سو جيڪڏهن اڳلا جنگ چاهين ٿا ته اسين اُن کي به قبول ڪريون ٿا.“ (ڊَئِوڊ ملِسٽيڊ 1996: 100). اِها مسلم ليگ جي حوالي سان، اُن جي بغض جي شڪار ۽ خِفَتَ جي آخري آڙاهه جِي گويا هڪ جهلڪ هئي. اِنهيءَ سڀ ڪجهه جي باوجود، 15 آگسٽ 1947ع تي بادشاهه جارج پنجين، پاڪستان ڏانهن اُماڻيل پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ چيو ته ”اهڙيءَ ريت پُراَمن ٺاهه ذريعي پنهنجي آزادي حاصل ڪري اوهان سڄيءَ دنيا جي آزادي پسند ماڻهن لاءِ هڪ مثال قائم ڪيو آهي!“ (ڊَئوِڊ ملِسٽيڊ 1996: 102) ٻولن جي ڪپهه جيئن نازڪ خاموشي، تحقيق ڪيڏي نه بي حِس به هُجِي سگهي ٿِي!
انسان جي برابري ۽ قومن جي برابري:
ساڳئي سال، 1947ع ۾ جين پال سارتر پنهنجِي جڳ مشهور تصنيف Existentialism is Humanism ”وجوديت ئي انسانيت آهي“ ۾ ٿُلهي ليکي اِن نتيجي تي پهتو ته ”انسان تي سزا ٻڌل آهي ته هُو آزاد رهي.“ ”Man is Condemned to be free!“ (ڊَيوِڊ ملِسٽيڊ 1996ع:98)
1947ع کان اڳ، ڪراچيءَ ۾ رهندڙ گجراتي ڳالهائيندڙ ڪجهه (زردشت ڌرم وارن) پارسين کان علاوه، سنڌ ۾ رهندڙ سڀئي رهاڪو، پوءِ اُهي هندو هئا يا مسلمان، گهڻو ڪري سڀئي سنڌي هئا. پاڪستان ٺهڻ وقت ڪراچيءَ ۾ 75 سيڪڙو هندو هئا. (پِٿاوالا 1951: 7) اُنهن سڀني ۾ سنڌي ٻولي روز مرهه جي ميل جول لاءِ رابطي جو ذريعو هئي ۽ صوبي جِي سرڪاري ٻولي به سنڌي هئي، اُها هندن توڻي مسلمانن ۾ هڪجهڙي عام هئي. ”ارڙهين صديءَ جي شاهه لطيف ڀٽائيءَ جِي صوفياڻي ۽ مَتڀيد کان آزاد شاعريءَ سچ پچ ته اِن ٻوليءَ کي ٻِنهي مذهبن جِي هڪ مقدس زبان بنائي ڇڏيو هو. لطيف جي بيتن سان، جن ۾ وطن دوستي، انساني برابريءَ ۽ عالمي ڀائيچاري جو پيغام سمايل آهي، پاڪستان کان اڳ وارِي سنڌ، ثقافتي ۽ لساني لحاظ کان هندستان جو هِڪُ-سَمانُ-جاتِي (Homogeneous) صوبو هئي.“ (مهتاب علي 1997ع:46). سنڌ اُن وقت به سنڌي ماڻهو جو هڪ آزاد وطن هئي، جڏهن 1843ع ۾ اُها انگريز فوجن هٿان شڪست کائڻ کان پوءِ پنهنجي آزادي وڃائي ويٺي هئي.
ها، سچ پچ ته ”انسان تي سزا ٻڌل آهي ته هُو آزاد رهي.“ قومن جي مقدر ۾ به آزادي ماڻڻ سندن خاص حق به آهي ۽ سزا طور اُها مٿن مَڙهيل فرضُ به آهي. پر ماڻهو فرد طور آزاديءَ جو دفاع ۽ آزاديءَ جو لطف فقط ان وقت ماڻي سگهي ٿو، جڏهن سماج ۾ انفرادي طور، انساني برابريءَ واريءَ حيثيت کي مڃتا ۽ قبوليت ملي ۽ قومون آزاديءَ کي پنهنجو ڪري، اُن جو دفاع به فقط اُن صورت ۾ ڪري سگهن ٿيون، جڏهن سڄيءَ دنيا ۾ موجود قومن کي اجتماعي طور قومن جِي برابريءَ واريءَ حيثيت ۾ مڃتا ملي. هر ڳالهه جي باوجود، تلخ حقيقت اِها آهي ته پاڪستان ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي پنهنجي آزاديءَ وارو ڏينهن اڃا حاصل ڪرڻو آهي. هيءُ ئي اُهو وقت جو دؤر آهي، جڏهن پاڪستان کي قومن جي هڪ جيل خاني مان ڦيرائي، هڪجهڙين آزاد ۽ خودمختيار قومن جِي جنت بڻايو وڃي، جيئن اُن جو واعدو ڪيو ويو هو ۽ سڄي هيڏي رٿا اُن لاءِ رِٿي وئي هئي. اُنهيءَ مقصد جِي حاصلات لاءِ سنڌ جا سڀئي محب وطن – مرد، عورتون ۽ ٻارڙا – پنهنجِي حياتيءَ جي آخري ساهه تائين پنهنجو اِهو فرض نڀائيندا رهندا.
پهرين مئي 1998ع