سفرناما

ٽوئر ٽو آمريڪا

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (259) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”ٽوئر ٽو آمريڪا “ نامياري ليکڪ ۽ سفرناما نگار عبد الحئي پليجي جو لکيل سفرنامو آهي.

هي ڪتاب مومل سنڌو پبليڪيشن پاران سنڌيڪا اڪيڊمي وٽان 2011ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ ۽ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي. ٿورا سائين عبد الحئي پليجي صاحب جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book ٽوئر ٽو آمريڪا

پهريون حصو

اسان لنڊن کان آمريڪا وڃن لاءِ گيٽ وڪ Gate wick ايئر پورٽ ڏانهن مظفر جي ڪار ۾ وڃي رهيا آهيون. جيڪو لنڊن کان پنجويهه ميل پري ڏکڻ ۾ ويسٽ سئيڪس West Sussex علائقي ۾ آهي. سينٽرل لنڊن کان توهان گيٽ وڪ ٽئڪسي ڪري وڃو ته سٺ پائونڊ ٿي ويندا يعني پنهنجا تقريباً ساڍا اٺ هزار رپيا پر لنڊن ۾ وڪٽوريا وٽان توهان کي گيٽ وڪ ايئرپورٽ وڃڻ لاءِ هر پندرهن منٽن ۽ اڌ اڌ ڪلاڪ ۾ تيز ترين ريلون ۽ ايڪسپريس بسون تمام سَستي ڀاڙي ۾ جام مِلي وينديون. دنيا جي وڏن شهرن ۾ سياحن ۽ پنهنجن شهرين لاءِ اُتي جي حڪومتن ريلوي انڊر گرائونڊ ۽ بس جو اهڙو ته سُٺو ۽ سستو بندوبست ڪيو آهي جو عام ۽ خاص کي ڪا به تڪليف محسوس نه ٿي ٿئي پر ٿوري چستي ۽ عقل جي ضرورت آهي ٻيو مڙئي ٿيو خير.
گيٽ وڪ ايئرپورٽ لنڊن ميٽروپوليٽن London Metropoliton جي حدن کان ٻاهر آهي. اُت ڪار ۾ پهچڻ لاءِ سري جي سرسبز علائقي مان برطانيا جي موٽر وي ذريعي ڪار رستي ماڻهو پهچندو. هي رستو ڏاڍو خوبصورت آهي ماڻهوءَ کي هلندي راحت پئي ايندي ۽ ماڻهو چاهيندو ته رستو کٽي ئي نه.
لنڊن شهر لاءِ چار ايئرپورٽ آهن
1- هيٿرو ايئرپورٽ Heath Row Airport.
2- گيٽ وڪ ايئرپورٽ Gate Wick Air port.
3- لنڊن اسٽئجنٽيڊ ايئرپورٽ London Stagnated Airport.
4- لنڊن سٽي ايئرپورٽ London City Airport.
اهي چارئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ آهن جت يورپ ۽ سڄي دنيا کان پروازون پهچن. اسان کي سڄي واٽ ڀوراڻي هر ماڳ، مڪان جي باري ۾ سمجهائيندو آيو ۽ ايئن ڪار سري جي سرسبز علائقي مان ڊوڙندي اچي گيٽ وڪ ايئرپورٽ پهتي. جتي سَونِ نه پر هزارن جي تعداد ۾ سياح ڄڻ ته ڊوڙندا ڊوڙندا اچي وڃي رهيا هئا. جنهن ۾ وڏو تعداد يورپين ۽ آمريڪين جو هو جيڪي ٽوئرسٽ ڊريسن ۾ يعني سامان ڪلهن ۽ هٿن ۾ هئا. جي ڪنهن عورت کي ننڍو ٻار آهي ته سندس پُٺي تي اهڙي نموني ٻڌو پيو آهي. ڄڻ ته کيس خبر ئي ڪانهي.
اسان پنهنجو سامان کڻي آمريڪي هوائي ڪمپني ڪانٽينٽيل جي ڪائونٽر تي هنن جي حوالي ڪري هنن کان واندا ٿي اچي هڪ ريسٽورانٽ ۾ ويٺاسين. ڀوراڻي اسان لاءِ ڪافي وٺي آيو. ان کي پيئندي اسان جي پرواز جي انائونسمينٽ ٿي ۽ اسان پنهنجي يارن کان موڪلائي اچي جهاز جي گيٽ تي پهتاسين جت ٿلهين متارين آمريڪي ڇوڪرين، ايئرهوسٽس جي ڊريس ۾ اسان سان هٿ ملايو ته هٿن ۾ ڄڻ ڪرنٽ لڳي ويو ۽ سڄي بدن ۾ سيسراٽ ٿي ويو. پاڻ ئي اسان سان هٿ ملايائون ۽ هٿ ڇڏيائون. اسان جي ته هٿ ڇڏڻ تي دل ئي نه پئي چئي. انهيءَ کان اڳيان هڪ ايئرهوسٽس اسان کي وٺي آڻي پنهنجي سيٽ تي ويهاريو. مون کيس واپس ويندي ڏٺو ته سندس لوڏ عام عورتن کان ڪافي مختلف هئي. جيڪا ڏاڍي پرڪشش ۽ وڻندڙ لڳي رهي هئي. دل پئي چاهي ته پاڻ ايئن هلندي رهي ۽ آئون کيس ڏسندو رهان. آئون کيس ڏسي رهيو هوس ته ٻيو مسافر اڳيان اچي ويو ۽ هوءَ ڪافي پري هلي وئي. 474 هوائي جهاز تمام وڏو ٿيندو آهي. جنهن ۾ چار سئو سٺ کن مسافر ۽ تقريبا ويهه پنجويهه جهاز جي عملي جا ماڻهو به هوندا آهن ۽ جهاز به ٻه ماڙ هوندو آهي. مٿئين ماڙ تي فرسٽ ڪلاس پئسينجر ۽ هيٺين ماڙ ۾ عام مسافر هوندا آهن. گهڻن مسافرن هئڻ ڪري رش به ڪافي ٿيندي آهي ته سامان به ڪافي هوندو آهي. جهاز ڪافي ڊگهو، ويڪرو ۽ زمين کان مٿانهون هوندو آهي. پنهنجي سيٽ تي ويهي سڄي جهاز جو جائزو وٺي دريءَ مان نهاريم ته کوڙ سارا جهاز پنهنجي پنهنجي منزل لاءِ اُڏري يا واپس اچي رهيا هئا. اسان جي جهاز به پنهنجي صحيح وقت تي اڏام ڪئي ۽ اسان هيڏي ساري اڏام کٽولڙي ۾ زمين کان ڏور ۽ آسمان کي ويجهو پهچي وياسين. لنڊن کان آمريڪا ست سمنڊ پري ٿڪائيندڙ سفر هيٺ رڳو سمنڊ ئي سمنڊ پاڻي ئي پاڻي. هن دؤر ۾ نوَ ڪلاڪ چپ چاپ ماڻهو ڪرسي تي ويٺو هجي ڪيڏو نه بور ٿيندو جيتوڻيڪ ماڻهو ويٺو حورن ۽ پرين جي وچ ۾ آهي پر اسان جي ڪهڙي ڪم جون رڳو هيلو هيلو مان ڇا ٿيندو.
جتنا ضروری ہے من کا ملن
اتنا ہی ضروری ہے تن کا ملن
گدڙ وانگر ته خار ايڏا ٿا اچن جوکڻي مُنهن ڪري ڀڄان. گدڙ کان اهو ته وسري ويو ته هو کوهه ۾ پيو آهي. سو هت به مُنهن ڪري ڀڄڻ جي ته واهه ئي ڪانهي.
هيءَ اسان جو ڌرتيءَ ۽ آسمان جي وچ ۾ نَوَنِ ڪلاڪن جو نان اسٽاپ سفر آهي. مُنهن ڪري ڀڄڻ واري ڳالهه ته رڳو گدڙ واري ڳالهه ٿي باقي مڙس ٿي مُنهن ڏيڻو آهي. درين مان سمنڊ ڏسي ڏسي آخر ڪيترو ڏسبو. آمريڪا پهچڻ کان اڳ ۾ سوچيان پيو ته آمريڪا جا رهاڪو چون ٿا ته اسان جي تاريخ صرف پنج سئو سال پراڻي آهي. جڏهن آمريڪا کي يورپين ڳولي لڌو. ڀائي انهيءَ کان اڳ به ته هت ماڻهو رهندا هئا. جن کي توهان نالو ڏنو ريڊ انڊين، ڇو اهي ماڻهو هتي جا اصلي باشندا ڪو نه هئا ڇا؟ توهان انهن جي تاريخ کان آمريڪا جي تاريخ شروع ڪريو انهيءَ تاريخ کي ئي آمريڪا جي تاريخ جو بنياد بڻايو، نه ڪي انهيءَ ڏينهن کان جنهن ڏينهن يورپين آمريڪا کي ڳولي لڌو. آمريڪا تي نالو به هڪ يورپين اٽلين مهم جو شهري آمريگو ويريگو بو Amerigo Verigu bu جي نالي کي ڦيرائي گهيرائي آمريگو مان آمريڪا رکيو ويو.جيئن انگريزن جبل طارق کي جبرالٽر ڪري ڇڏيو. پاڻ وٽ سنڌ جي قديم شهرن.
1- ساڪرو
2- ماٿيلو
3- بٺورو
4- گورچاڻيءَ
کي به ميرن جي دور ۾ ماڻهن “ميرپور” اڳيان هڻي کين.
1- ميرپور ساڪرو
2- ميرپور ماٿيلو
3- ميرپور بٺورو
4- مير واهه گورچاڻي
ڪري ڇڏيو. يورپين پهرين آمريڪا ۾ سون جي ڳولا جي جستجو ۾ پهتا. هو ريڊ انڊين کي ڏکين ڏکين کاڻين ۾ مزور ڪري استعمال ڪندا هئا. انهن کان زوريءَ زبردستيءَ ايڏو ته پورهيو ڪرائيندا هئا، جو هو ويچارا تنگ ٿي آخر خودڪشي ڪري ڇڏيندا هئا. ڪڏهن ته ڳوٺن جا ڳوٺ انهن ظلمن کان تنگ ٿي اجتماعي خودڪشي به ڪندا هئا. ايئن لکين ريڊ انڊين مري ويا ۽ سندن ڪم متاثر ٿيڻ لڳو. جنهن کان پوءِ هو شيدين کي آفريڪا مان زوري زبردستيءَ غلام ۽ قيدي ڪري ٻيڙا ڀري وٺي آيا. ڇو ته آفريڪا جا مُلڪ اڳ ۾ ئي هنن جا غلام هئا جت پڻ هنن سون جي کاڻين ۽ ٻي دولت جي ڦرلٽ لڳائي رکي هئي پر آمريڪا ۾ ايڏي دولت ۽ ايڏو ملڪ هو جو يورپ مان آندل ماڻهن جي ڦرلٽ مان هنن جو پيٽ ئي ڪو نه ٿي ڀريو ۽ اصلوڪن آمريڪين جن تي هنن نالو رکيو ريڊ انڊين، تن جي آدمشماري هنن جي ظلمن سان گهٽجڻ لڳي سو هنن جي ضرورت ٿي پئي ته هي زوري زبردستيءَ آفريڪا مان غلام آڻي هنن کان پورهيو ڪرائين ۽ ايئن لکن جي تعداد ۾ شيدي آمريڪي سوسائٽي جو حصو بڻجي ويا.
اڄ آمريڪا جو صدر ۽ ڪلهه جو آمريڪي فوج جو چيف آف آرمي اسٽاف ”ڪولن پاول“ هيڏن وڏن عهدن تي پهچي ويا، ان کانسواءِ آمريڪا جي هڪ ٻئي وڏي عهدي يعني صدر جي قومي سلامتي جي ائڊوائيزر به هڪ شيدي عورت آهي جنهن عهدي تي ڪنهن زماني ۾ ڊاڪٽر هينري ڪسينجر هو. انهيءَ کانسواءِ آمريڪا جي ڪافي وڏن عهدن تي نيگروز پهچي ويا آهن.
هاڻ ڪافي حد تائين وائيٽ آمريڪين هنن کي قبول ڪري ورتو آهي. باقي ڳورين آمريڪين ڇورين جي ته شيدي شوق جي شيءِ آهن. انهيءَ ڪري شيدي پاڻ کي شيدي ئي برقرار رکڻ چاهين ٿا. انهيءَ جو مثال توهان مائيڪل جيڪسن جو وٺو. جيستائين مائيڪل جيڪسن سرجري ڪرائي پنهنجي چمڙي ڳوري ڪا نه ڪرائي هئي تيسين شيدي کيس ڏاڍو چاهيندا هئا.
هاڻ ته مائيڪل جيڪسن به ڪو نه آهي. جهاز اندر ڪافي مسافر ماني کائي سمهي رهيا آهن ۽ ڪجهه فلم ڏسي رهيا آهن. جهاز اندر بلڪل خاموشي لڳي پئي آهي. آئون فلم به ڏسي رهيو آهيان ۽ توهان سان رهاڻ به ڪري رهيو آهيان ۽ آمريڪا بابت ياد ايندڙ ڳالهيون به توهان کي ٻڌائي رهيو آهيان. جيستائين آمريڪا پهچون تيستائين آئون توهان کي آمريڪا جي غلامي جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايان ٿو. دنيا ۾ غلاميءَ جي شروعات ديسي کنڊ جي واپار سان شروع ٿي. ٿيو هينئن جو آفريڪا جي هڪ ٻيٽ جنهن ۾ ڪمند ٿيندو هو ۽ مقامي آفريڪي انهيءَ مان ديسي کنڊ ٺاهيندا هئا. پرتگالي اها کنڊ خريد ڪري يورپ ۾ وڪڻندا هئا ۽ انهيءَ واپار ۾ هنن ايترا ته پئسا ڪمايا جو لالچ ۾ اچي پنهنجي فوج ٺاهي هٿيارن جي زور تي انهيءَ آفريڪي ٻيٽ ميڊيرا Mediera تي زوريءَ زبردستي قابض ٿي ويهي رهيا. ٻيٽ جي مقامي آفريڪين ۽ سندن ڪمند جي ٻنين کي زبردستيءَ پنهنجي قبضي ۾ آڻي انهن کان ئي ديسي کنڊ ٺهرائي يورپ ۾ وڪڻڻ لڳا. ايئن دنيا ۾ يورپين آفريڪا کان غلاميءَ جي شروعات ڪئي ۽ ڏسندي ڏسندي سڄي دنيا تي قابض ٿي ويا. غلامن سان گڏ هنن ڪمند کي به آمريڪي کنڊ جي هڪ ملڪ برازيل پهچايو ۽ ڏسندي ڏسندي ڪمند سڄي آمريڪي کنڊ ۾ پکڙجي ويو.
پرتگالين کان پوءِ ڊچن غلاميءَ جو ڪاروبار ڪيو. 1660ع کان پوءِ برطانيا انهيءَ ڪاروبار ۾ آيو ۽ 1790ع ۾ هُنن وڏي پئماني تي آفريڪين جي غلاميءَ جو ڪاروبار ڪيو. ارڙهين صديءَ ۾ اهو غلامن جو واپار ڪروڙن تي وڃي پهتو. جيڪو سڄي دنيا تائين ڦهلجي ويو.
دنيا جي تاريخ ۾ هيءَ پهرين زوري زبردستي هجرت هئي. ويچارن غلامن سان وڏو ظلم انهيءَ وقت ٿيندو هو جڏهن هنن جي بدن تي گرم لوهه جا ٺپا (داغ) هنيا ويندا هئا. جيئن انهن جي سڃاڻپ ٿي سگهي ته هي ڪهڙي ڪمپنيءَ جو غلام آهي.
هڪ جهاز جي ڪئپٽن چيو ته هي پنهنجي ملڪ ڇڏڻ تي ايڏا ته ناراض هوندا هئا جو پاڻ کي سمنڊ ۾ اڇلائي خودڪشي ڪري ڇڏيندا هئا. پوءِ کين نيئرن سان ٻڌي ڇڏبو هو ته هو وري ڪجهه به ڪو نه کائيندا هئا ۽ چاهيندا هئا ته بُک وگهي مري وڃون پر زندهه آمريڪا نه پهچون. ڊڪليئريشن آف انڊپينڊنس Declaration of Independence ۾ به غلامن کي ڪو فائدو ڪو نه ٿيو.
1865ع کان پوءِ ابراهام لنڪن وڏي جاکوڙ کان پوءِ هنن کي ڪجهه حق ڏياريا. 1920ع کان پوءِ هنن کي ووٽ جو حق مليو ۽ عليحده اسڪول ۾ پڙهڻ جو خاتمو 1954ع ۾ ٿيو. يورپين شيدين کي آمريڪا ۾ گهڻو ڪري زراعت جي مزوري لاءِ استعمال ڪندا هئا. هنن جي گهڻي محنت ڪري زراعت ايتري ته وڌي وئي جو آمريڪا دنيا جو امير ترين زرعي ملڪ ٿي ويو. سندس زرعي پيداوار ايتري ته وڌي وئي جو هو چاليهه سيڪڙو پنهنجو زراعت جو سامان ٻي دنيا کي موڪلڻ لڳو. آمريڪا ۾ غلاميءَ جو سلسلو ايترو ته وڌي ويو جو نيٺ مجبور ٿي آمريڪي ڪانگريس 1808ع ۾ هن ڪاروبار تي مڪمل بندش وجهي ڇڏي ۽ نيٺ وڃي ويچارن آفريڪين شيدين جي جان ڇٽي. اهو آهي دنيا ۽ آمريڪا ۾ غلاميءَ جو مختصر احوال. اڄ ڪارا آمريڪا جا معزز شهري آهن. جيڪي سڄي آمريڪن معاشري ۾ برابر جا ڀائيوار آهن ۽ ملڪ جو صدر به شيدي آهي. اسان جو هوائي جهاز هاڻ يورپ کان پري ۽ آمريڪا کي ويجهو وڃي پهتو آهي. منهنجي ڀرواري سيٽ تي هڪ اڪيلي ننڍي نيٽي آمريڪن ڇوڪري ويٺي آهي. فلم پئي ڏسي ۽ اوٻاسيون پئي ڏي. سندس سٿرن تي ڪا مئگزين به پئي آهي جنهن کي ڪيڏي ڪيڏي محل کولي ڏسي ٿي. آئون ٽيڏي اک سان کيس ڏسي رهيو آهيان. سندس ڌيان سامهون فلم اسڪرين ڏانهن آهي. پٽاپٽي رنگ برنگي شرٽ ۽ جينس پهريل اٿس. پاڻ سيٽ لائيٽ ٻاري پرس مان نيل پالش رموور ڪڍي ننهن تان آهستي آهستي پالش کرڙي لاهي رهي آهي. آئون سندس توجهه ڇڪائڻ لاءِ سامهون بيٺل ايئرهوسٽس کي سڏي هروڀرو چوانس ٿو ته مون کي ننڍو ويهاڻو ڏي ڇو ته هيڏي وڏي مسافري ڪري چيلهه چٻي ٿي پئي آهي پر پاڻ مون ڏانهن متوجهه نه ٿي. ڪينئن ڳالهايانس خبرون چارون پڇانس ۽ فون نمبر وٺانس. انهن سوچن ۾ هي آواز جهاز ۾ گونجڻ لڳو ته پاڻ هاڻ ٿوري دير ۾ آمريڪا جي بوسٽن Boston انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهچڻ وارا آهيون، توهان پنهنجا پنهنجا بيلٽ وغيره درست ڪري سڌا ٿي ويهو ۽ پنهنجا ايئر فون وغيره واپس جهاز جي اسٽاف کي ڏيو. پنهنجو سامان جهاز ۾ وساري نه وڃجو. توهان جي وڏي مهرباني جو اسان جي جهاز ۾ سفر ڪيوَ. اميد ته وري به اسان جي ايئرلائين کي ئي سفر دوران موقعو ڏيندا. اميد ته اسان سان سفر ڪري توهان خوش ٿيا هوندا. سفر دوران ڪوتاهي ٿي هجي ته انهيءَ لاءِ اسان کي معاف ڪندا بوسٽن ۾ هينئر مقامي وقت .... هي آهي، توهان پنهنجون واچون درست ڪريو ۽ تيسين سڌي سيٽ تي ٻڌل بيلٽ سوڌو ويٺا هوندا جيسين وڃي اسين توهان کي ٻڌايون. اسان جي ايئرهوسٽس توهان کي اميگريشن ڪارڊ ۽ ٻيو فارم ڪنهن شيءِ کي ڊڪليئر ڪرڻ لاءِ ضرور ڏنو هوندو. اميد ته توهان اهي فارم ڀري ڇڏيا هوندا جي نه ته جلدي جلدي ڀري وٺندا. جيئن توهان اهي ڪارڊ آمريڪن اميگريشن ۽ ڪسٽم اختيارين وارن حوالي ڪري سگهو. انهن جي ڀرڻ ۾ ڪا دقت محسوس ڪريو ته اسٽاف کي چئو ته اسٽاف توهان جي مدد ڪندو. ٻيو عرض ته اهي مسافر جن جي منزل بوسٽن نه پر اڃان اڳتي آهي، اهي جهاز مان لهڻ شرط هيٺ ايئرپورٽ بلڊنگ ۾ اسان جي ايئرلائين جي ڪائونٽر تي پهچن. توهان جي وڌيڪ مسافري لاءِ اسان جا جهاز توهان جي انتظار ۾ بيٺا هوندا. توهان جو سامان توهان کي هت گهرجي يا اڳتي واري منزل تي. اهو سڀ ڪجهه توهان اسان جي ڪائونٽر وارن کي ٻڌائيندا ته اهي توهان جي مدد ڪندا. اڳتي وڃڻ لاءِ جي جهاز اڏام ۾ دير هجي ته ڪائونٽر وارا کاڌي لاءِ توهان کي ووچر ڏيندا پر جي ڀُل چڪ ٿي وڃي ته اُهي ووچر ضرور وٺي پوءِ ايئرپورٽ بلڊنگ ۾ مفت جو کاڌو کائيندا.
ڀر واري سيٽ ڏانهن نهاريم ته ڇوري اڃا ننهن کي لڳي پئي هئي. ڪيڏي ڪيڏي مهل هٿ سڌا ڪري آڱرين کي هيٺ مٿي ڪري وري وري نيل پالش رموور ٿي لڳايائين. تان جو جهاز آهستي آهستي ڌرتيءَ کي ڇهڻ لڳو ۽ هلڪو جهٽڪو محسوس ٿيو ته خبر پئي ته آسمان کان لهي زمين تي پهچي ويا آهيون. جيئن ته هي جمبو جيٽ جهاز آهي سو ٻين عام جهازن کان وڌيڪ ڊوڙي پوءِ پنهنجي ڄاڻايل گيٽ تي لڳو. ٿوريءَ دير ۾ جهاز جو دروازو کليو ۽ اسان اندران اندر هلندا وڃي ٻاهر بلڊنگ ڀيڙا ٿياسين.
اڄ کان ڪجهه سال اڳ آمريڪن ايئرپورٽن تي اڄ جهڙي سختي ڪا نه هئي. جو پاڪستان جي سرڪاري وفد جي ميمبرن ۽ وزيرن ۽ پاڪستان حڪومت جي فوجي ترجمان کي نيويارڪ ايئرپورٽ تي پيرن مان جُتا لهرائي ۽ اهڙي ته سخت چيڪنگ ڪيائون جو پاڪستان جي سڀني اخبارن ۾ انهيءَ جو ذڪر نمايان طور شايع ٿيو ۽ انهيءَ ڪري انهن کي وڌيڪ مشهوري ملي، يا خواري ملي.
اسان کي ڪسٽم ۾ ڪا به شيءِ ڊڪليئر ڪرڻي ڪا نه هئي تنهنڪري اسان ڪسٽم وارو فارم ڀريو ئي ڪو نه هو ۽ سامان جي باري ۾ لنڊن ايئرپورٽ تي ئي جهاز وارن کي ٻڌائي ڇڏيو هوم ته اسان کي بوسٽن ايئرپورٽ تي نه پر لاس اينجلس ۾ گهرجي. سو ڪسٽم وارن اسان واري سامان کي هٿ ئي ڪو نه لاٿو ۽ نه وري اميگريشن وارن ڪنهن قسم جي پڇ پڇان ڪئي. سواءِ ڪنهن سوال ڪرڻ جي اسان کي ٽن مهينن جي ويزا جو ٺپو هڻي پاسپورٽ کڻي هٿ ۾ ڏنائون ۽ اسان پنهنجو پاسپورٽ کڻي اڳتي روانا ٿياسين.
آمريڪا دنيا جو وڏو سياسي ۽ معاشي پاور آهي، تنهن ڪري سڄي دنيا جي غريب ملڪن جي ماڻهن جي اها ڪوشش هوندي آهي ته آمريڪا وڃي پيسا ڪمايون ۽ جي ٿي سگهي ته آمريڪا ۾ رهائش پذير ٿي وڃون. تنهن ڪري هنن کي ۽ وري ٻي پاسي خود آمريڪا کي پڙهيل لکيل ماڻهن جي گهڻي ۾ گهڻي ضرورت آهي. انهيءَ ضرورت جي ڪري هنن گرين ڪارڊ لاٽري ۽ ٻيون بي شمار واپاري سهوليتون سڄي دنيا جي ماڻهن لاءِ متعارف ڪرايون آهن. جيئن پيسو ۽ دماغ سڄي دنيا مان ڊوڙي هنن جي ملڪ ۾ اچي پر تڏهن به هنن پنهنجي ملڪ کي صاف سُٿرو رکڻ ۽ غير ملڪي شهرين لاءِ هڪ مضبوط ڪسٽم اميگريشن ۽ صحت پاليسي مرتب ڪئي آهي جنهن مطابق آمريڪا ويندڙ ماڻهن لاءِ اتر آئرلينڊ کانسواءِ باقي برطانوي باشندن، نيوزيلينڊ، جپان ۽ يونان کانسواءِ اولهه يورپ جي سمورن ملڪن جي شهرين لاءِ آمريڪا وڃڻ لاءِ ويزا جي ضرورت ڪانهي. بشرطيڪه اتي 90 يا گهٽ ڏينهن رهندا ۽ ويڪيشن ملهائڻ يا واپار سانگي وڃڻ گهرندا. هوائي جهاز يا بحري جهاز وسيلي ايندڙن وٽ تصديق ٿيل آن ورڊ يا اوٽ موٽ واري ٽڪيٽ هئڻ لازمي آهي.
برطانوي شهرين کي 90 ڏينهن کان وڌيڪ وقت رهڻ لاءِ ويزا گهربل آهي. سرڪاري رڪارڊ موجب اخلاقي ڏوهه جو مرتڪب، سلهه جو مريض، ايڊز يا ايڇ آءِ وي پازيٽو ماڻهو يا اهو ماڻهو جنهن کي اڳ ۾ ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي، انهن مڙني حالتن وارن ماڻهن لاءِ آمريڪا وڃڻ لاءِ ويزا لازمي آهي. دنيا جي آمريڪي سفارت خانن ۾ ويزا بابت مڪمل معلومات موجود آهي. آمريڪا ۾ مسواڙ تي موٽرڪار وٺڻ لاءِ ڊرائيونگ لائسنس ۽ غير آمريڪي جي صورت ۾ پاسپورٽ پڻ ڏيکارڻ ضروري آهي. ڪجهه ڪمپنيون موٽ وارو ٽڪيٽ پڻ طلب ڪن ٿيون. جيڪڏهن توهان نجي موٽرڪار ۾ ڪنهن ٻئي ملڪ مان آمريڪا ۾ داخل ٿيندا ته توهان کي ڪار رجسٽريشن ۽ انشورنس وارو سرٽيفڪيٽ پڻ آڻڻو پوندو. آمريڪا ۾ طبي نگهداشت ته سٺي آهي پر تمام مهانگي آهي. تنهنڪري غير آمريڪين لاءِ طبي انشورنس کي گهڻي ترجيح آهي. جنهن جو احوال تنوير عباسي پنهنجي سفر نامي ۾ هن ريت ڪيو آهي ته سندس پٽ سرمد کي ڏند ۾ سور ٿيو ، کيس ڏندن جي ڊاڪٽر کي ڏيکاريو. ڊاڪٽر سرمد جا ڏند ڏسڻ کان پوءِ چيو ته سرمد جا ٽي ڏند خراب آهن. جنهن جي ڪڍڻ جي في تقريباً هڪ لک رپيا ٿيندي ۽ تنوير لکيو آهي ته ايتري رقم جو ٻڌي اسان ڏند ڪڍرائڻ جو ارادو ختم ڪري ڇڏيو. هتي سامان جي پڻ انشورنس ڪندا آهن. جيڪڏهن توهان وٽ ڏهه هزار ڊالرن کان وڌيڪ رقم روڪ صورت ۾ آهي ته پوءِ اوهان کي آمريڪي ڪسٽمس سروس وٽ رجسٽري ڪرڻي پوندي. سفر دوران ٽريولرس چيڪس کڻڻ عقلمندي ٿيندي. خاص ڪري جڏهن توهان جو سفر نيويارڪ ۽ شڪاگو ڏانهن هجي. ٽريولرس چيڪ آمريڪا ۾ جٿي ڪٿي قائم ايجنسين ۾ ورتا ۽ مٽايا وڃن ٿا.
آمريڪي شهري جيڪي ٻين ملڪن مان واپس آمريڪا اچن ٿا انهن کي پنهنجو سامان ڪسٽمس واري عملدار کان چيڪ ڪرائڻو آهي. باقي سمورن غير آمريڪين کي پهرين پاسپورٽ چيڪ ڪرائڻو آهي. تنهن کان پوءِ پنهنجو سامان ڪسٽمس آفيسر وٽ چيڪنگ لاءِ آڻڻو آهي. تمام گهڻن مسافرن سبب جهاز مان لهي ۽ ايئرپورٽ کان نڪرڻ تائين عموماً ڪلاڪ کن لڳيو وڃي.
نان ريزِيڊينٽِس چند شيون جهڙوڪ 200 سگريٽ يا 50 سگار يا چروٽ، ٻه ڪلو تماڪ هڪ لٽر شراب پاڻ سان آڻي سگهن ٿا. انهن تي ڪسٽمس ڊيوٽي ڪا نه لڳندي.
آمريڪا ۾ نائن اليون واقعي کان پوءِ اُت اميگريشن ۽ ڪسٽم قانون ۾ ڪئين ترميمون ڪيون ويون آهن خاص ڪري پاڪستان ۽ مسلمان ملڪن جي شهرين لاءِ ته هنن تقريبن دروازا ئي بند ڪري ڇڏيا آهن. هِن سال انگلينڊ جي حڪومت پڻ شاگردن جي پڙهائي کان پوءِ ٻن سالن واري ورڪ پَرمِٽ ۽ ٽيئر ون واري پاليسي ئي ختم ڪري ڇڏي آهي يعني پڙهائي پوري ٿيڻ شرط ملڪ مان نڪرو ۽ پنهنجي ملڪ واپس وڃو.
بوسٽن ايئرپورٽ تمام وسيع علائقي تي پکڙيل آهي. جنهن ۾ بي انتها ايئرلائين جا ڪائونٽر، شاپس، ڊيوٽي فري دڪان، هوٽلون. ريسٽورانٽ، بئنڪون، ناڻي مٽا سٽا، هيلٿ، اميگريشن ڪسٽم ۽ خود هوائي اڏي جي سيڪيورٽي عملي جون آفيسون ۽ ٻين پڻ ڪيترن قسمن جا شاپس آهن جن جي اسٽاف ڏينهن رات مسافرن جي سروس ۾ ڪا به ڪسر ڪا نه ٿي ڇڏي. هوائي اڏي جي چؤطرف وڏا وڏا وڻ اهڙي ته سهڻي ترتيب سان لڳل هئا جو ماڻهوءَ کي موهي ٿي ڇڏيائون. اسان ارائيول جي مرحلن کي پورو ڪري اڳتي وڃڻ لاءِ پنهنجي ايئرلائين جي ڪائونٽر ڳولڻ لاءِ ٻي هڪ ايئرلائين ڪائونٽر وارن کان پڇيو جن ٻڌايو ته توهان جي ڪانٽينٽل ايئرلائين جي آفيس مٿئين ماڙ تي ساڄي پاسي آهي. اسان کي ايئرلائين جي آفيس ملي وئي جت هڪ سيڪنڊ هئنڊ آمريڪن عورت ويٺي هئي. جنهن اسان کي باقي ڊوميسٽڪ سفر لاءِ بورڊنگ ڪارڊ ۽ ٻيا ضروري ڪاغذ ڏنا جيڪي اسان وٺي باقي وقت اچي هڪ هوٽل ڀيڙا ٿياسين. اسان جي هوائي جهاز جي اڏام ۾ اڃان هڪ ڪلاڪ پيو هو. اسان خود چاهيو ٿي ته اهو هڪ ڪلاڪ گهمي ڦري گذاريون. ڇو ته لنڊن ۽ بوسٽن جي سفر دوران ويهي ويهي بدن ساڻو ٿي پيو هو. سو ڪافي پي ٿورو وڙڪڻ جي ارادي سان مختلف دڪانن تي پُڇ پُڇان ڪندا هلندا هلندا اچي هڪ ڪتابن جي دڪان تي بيٺاسين. دڪان ڪافي وڏو هو. مون دُڪان تان پنج ڪتاب ورتا. هڪ ابراهام لنڪن جي سوانح حيات، ٻه اڳوڻي صدر رچرڊ نڪسن جا لکيل ڪتاب، هڪ هينري ڪيسنجر جو ڪتاب ۽ رابرٽ ڪپيلان جو ڪتاب. ڪتاب ڪافي مهانگا هئا. پاڪستان ۾ آمريڪا يا يورپ جي ليکڪن جا ڪتاب خود هنن جي ملڪن کان سستا ملندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته سيل ۾ اُهي ڪتاب تمام سستا ملندا آهن. مون ڏٺو آهي ته آمريڪا جي ڪتاب گهرن ۾ گهڻو ڪري سڀ نوان ڪتاب رکيل هوندا آهن پر انهيءَ جي مقابلي ۾ پنهنجن ڪتاب گهرن ۾ نوان ڪتاب گهٽ پراڻا ڪتاب گهڻي تعداد ۾ هوندا آهن. اسان ڪتاب خريد ڪري پئسا ڏئي اچي ٻي هڪ اسٽور تي چڙهياسين جت سنهو ٿلهو سامان خريد ڪري اچي فلائيٽ بورڊ جي ڀرسان پيل صوفن تي ويهي رهياسين، جت ٻيا به بيشمار سياح ويٺا هئا جن مان ڪن جي چهرن تي ٿڪ ۽ ننڊ جا خمار ته ڪي اڳتي مسافريءَ تي وڃڻ لاءِ بلڪل تازا توانا، ڳالهه ٻولهه تي کل ۽ مسڪراهٽ هلڻ جي انداز ۾ تيزي ۽ ڦڙتي جيئن هر ماڻهوءَ کي پهرين ڪار هلائڻ جو شوق ۽ پوءِ وري صفا دل نه چوي، اهڙيءَ طرح سان اسان کي پهريائين جهاز ۾ اڏام جو شوق ۽ پوءِ زندگيءَ جي آخر ۾ ڊگهين فلائيٽن کان لهرائڻ ۽ مسافري تي وڃڻ لاءِ دل نه ڪري. انهن سوچن ۽ لوچن ۾ اسان جي جهاز جي اڏام جو اعلان ۽ گيٽ نمبر جي ڄاڻ ته فلاڻي گيٽ تان توهان پنهنجي جهاز ڀيڙا ٿيندا. جهاز جي اڏام جو ٻڌي سامان سهيڙي ٻڌايل گيٽ ذريعي اچي جهاز ۾ پهتاسين. جهاز ۾ رش بلڪل ڪا نه هئي. اسان ايئرهوسٽس جي رهنمائي ۾ پنهنجي سيٽن تي اچي ويٺاسين. هي هيڏو سارو هوائي جهاز اڌ کان به وڌيڪ خالي پيو هو. آمريڪا ۽ يورپ ۾ هوائي، سامونڊي ۽ خشڪيءَ ذريعي سفر جو ڀاڙو تقريباً برابر آهي تنهنڪري جهاز ۾ اهو اضافي فائدو ٿئي ٿو جو ٽائيم بچيو پوي نه ته سامونڊي ۽ خشڪيءَ رستي سفر دوران ماڻهوءَ جا ويهي ويهي لاهه نڪريو وڃن. سو انهيءَ ڪري آمريڪا ۽ يورپ ۾ ماڻهو جهاز ۾ مسافري کي اوليت ڏين تنهنڪري انهن ملڪن ۾ تمام گهڻيون ايئرڪمپنيون آهن ۽ جهازن جي کوٽ ئي ڪانهي. هڪ هڪ روٽ تي بيشمار هوائي پروازون ۽ ننڍن ننڍن شهرن ۾ به هوائي سروس جون سهوليتون آهن تنهن کانسواءِ بيشمار ماڻهن جا پنهنجا جهاز آهن. سو اڪثر ڪري ملڪ اندر هلندڙ جهازن ۾ رش گهٽ ٿئي ۽ سيٽ به آسانيءَ سان مليو وڃي. جيئن پاڻ وٽ جهاز ۾ چڙهڻ ۽ لهڻ دوران هوائي اڏن تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ لڳيو وڃن، يورپ ۽ آمريڪا ۾ ايئن بلڪل ڪونهي. ايئرپورٽن تي لهڻ چڙهڻ ۾ تمام ٿورو وقت ضايع ٿئي، سواءِ انهيءَ دوران جڏهن هوائي اڏن تي بيشمار فلائيٽون هجن اسان جهاز ۾ ويٺاسين ته جهاز به هلڻ ۾ دير ڪا نه ڪئي. اهي ساڳيون سمجهاڻيون ته جهاز ۾ خرابي ٿئي ته هينئن ڪريو، جي جهاز سمند ۾ ٻڏي ته هونئن ڪريو. مطلب ته ساڳيو گڏهه، ساڳيا آٿر. اهي ئي جوس، سافٽ ڊرنڪس، پيٽيز، پيسٽريز، فرق صرف هي جو لنڊن کان بوسٽن ايندي رات ئي رات ۽ سمنڊ ئي سمنڊ پر هاڻ جهاز کان ٻاهر سج جي روشني ۽ هيٺ آمريڪا جي سرسبز زمين جنهن تي وڻن سان ڍڪيل پهاڙ ۽ حسين واديون نظر پيا اچن. جي جهاز هيٺ اڏام ڪري ته وڏيون وڏيون نديون ۽ ڍنڍون سفيد ليڪن ۽ ڊَهنِ وانگر نظر اچن. بوسٽن کان لاس اينجلس ٻن ڪلاڪن جو سفر آهي تنهنڪري جهاز پهچڻ ۾ دير ئي ڪانه ڪئي. پائليٽ جي انائونسمينٽ کان اڳ لاس اينجلس جي روشنين اسان جو استقبال ڪيو. اسان جو جهاز انهن رنگين روشنين مان اڏامندو اچي پنهنجي آکيري تي پهتو.
تقريباً سمورين بين الاقوامي هوائي ڪمپنين ۽ آمريڪي ملڪ اندر هلندڙ هوائي ڪمپنين جا جهاز لاس اينجلس جي هن ليڪسن نالي بين الاقوامي هوائي اڏي تي لهندا ۽ چڙهندا آهن جنهن ڪري اهو دنيا جو ٽيون نمبر مشغول ترين هوائي اڏو ٿي پيو آهي. مثال طور سن 1990ع ۾ هن اڏي تي ساڍن چئن ڪروڙن کان به وڌيڪ مسافر آيا ۽ ويا. هن هوائي اڏي تي چار EW رنويز ٺهيل آهن ۽ اٺ الڳ الڳ ٽرمينل موجود آهن. جيڪي ٻن يعني اپر ۽ لوئر ليولس سان منسلڪ آهن. تنهن کانسواءِ هڪڙو الڳ امپيرئيل ٽرمينل پڻ ٺهيل آهي جتي نان شيڊيولڊ اڏامون ۽ چارٽرڊ جهاز لهندا ۽ چڙهندا آهن.
اپر ليول سان منسلڪ ٽرمينلن تان ٻاهر ويندڙ اڏامون ٿينديون آهن.
لوئر ليول ٽرمينلن تي پهچندڙ جهاز لهندا آهن، هتي سروس ڪندڙ بسن ۽ گاڏين جو رنگ بلو، سائو ۽ اڇو آهي جيڪي ٻنهي ليولس درميان هلن ٿيون. لوئر يعني ارائيول ليول تي سامان رکڻ جون جڳهيون، پئسا مٽائڻ جا ڪائونٽر، ٽيليفون بوٿ، سوکڙين پاکڙين وارا دڪان، ريسٽورانٽ ۽ بارون پڻ موجود آهن. هتي ٺهيل نئين ٽام بريڊلي انٽرنيشنل ٽرمينل تي مسافرن جي ترسڻ ۽ سمهڻ جو پڻ بندوبست ٿيل آهي. هيءَ مسافرن لاءِ تمام وڏي سهوليت آهي.
ليڪسن ايئرپورٽ کي پنهنجو مخصوص انفارميشن دفتر پڻ آهي جت ڪيترين ئي ٻولين ۾ مسافرن کي معلومات فراهم ڪئي وڃي ٿي. هوائي اڏي کان شهر پهچڻ لاءِ زير زمين ٽرانسپورٽ، جيڪا شهر جي مختلف علائقن تائين پهچائي ٿي اها تمام سٺي آهي. اها بسن ۽ ٽئڪسين واري ٽرانسپورٽ آهي. بسون ٽئڪسين کان سستيون آهن هتي ليموسين گاڏيون ٽئڪسيءَ طور هلنديون آهن، البته مهانگيون آهن. پر ڏاڍيون آرامده آهن. مڪي کان مديني ويندي به توهان کي اهڙيون ليموسين ملي وينديون. لاس اينجلس شهر ڪنهن روايتي نقشي ۾ سمائجڻ کان قاصر آهي. هن شهر جي بيهڪ ۽ اڏاوت بابت سوچڻ سان هڪ اهڙي علائقي جو تصور پيدا ٿئي ٿو جنهن ۾ 82 شهر اڏيل هجن. 1500 ميل فري وي ٺهيل، 12500 ميل پڪيون گهٽيون هجن ۽ ملڪ جو ٻيو نمبر وڏي ۾ وڏو شهر جيڪو 464 چورس ميل ايراضيءَ تي پکڙيل آهي پر هتي جا ماڻهو شهر کي اهڙي انداز سان ڪو نه ٿا ڏسن.
شهر جي فري وي سان متصل بي انتها طويل تجارتي علائقا قائم آهن. جتي اڌ ميل کن ويڪري تجارتي پٽي ۾ خريدار کي ٻن ڏينهن جي وقت ۾ اٽڪل 50 کن ميل پنڌ ڪرڻو پوي ٿو. اهي مزيدار تجارتي علائقي واريون حدون انهيءَ انداز ۾ انهيءَ ڪري قائم آهن ڇاڪاڻ ته شهر جي ترقيءَ جو انداز جاگرافيائي طور گهربل منصوبابنديءَ کانسواءِ سرزد ٿيو.
بيورلي هلس، پسنڊينا، سانٽا مونيڪا ۽ ٻيا اهڙا متصل شهر آهن، جيڪي هن شهر جي حدن ۾ سمائجي ويا ڇو ته انهيءَ صورتحال ۾ اهڙن پرڀرن هنڌن تي رهڻ جو مطلب پاڻيءَ کان پري جيئڻ هو جيڪو ماڻهن کي ڪونه آئڙيو.
لاس اينجلس شهر کي سڃاڻڻ ۽ سمجهڻ لاءِ ان کي ڇهن مکيه ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، جيڪي هيٺيان آهن.
1- ڊائون ٽائون
2- هالي ووڊ
3- ويسٽ سائيڊ
4- ڪوسٽل
5- ويليز
6- سينٽرل
دلچسپيءَ وارا آسپاس وارا علائقا هيٺيان آهن.
1- مائونٽينس
2- ڊزرٽس
3- سينٽرل ڪوسٽر
4- آرينج ڪائونٽي
5- سين ديگو
جن جو ذڪر الڳ تفصيل سان بيان ٿيندو. جت اسان هڪ ايراني ڇوڪريءَ سان گڏ گهمڻ ويا هئاسين. مٿي ذڪر ڪيل انداز سان لاس اينجلس ۽ ڏکڻ ڪيليفورنيا انتظامي لحاظ سان مناسب ڀاڱن ۾ ورهايا ويا آهن ۽ اهڙيءَ ريت هن رياست ۽ لاس اينجلس شهر جا ماڻهو ڪمائين ۽ کائين ٿا.
جهاز جون انجڻيون ايئرڪنڊيشن کي هلائڻ لاءِ هلنديون رهيون پر جهاز خاموشي سان پنهنجي منزل تي اچي بيهي رهيو ۽ اسان پنهنجين گهڙين جو ٽائيم هڪ دفعو وري ٺيڪ ڪندي جهاز مان هيٺ لهي وياسين ته اسان جي ميزبانن اسان جو هيٺ استقبال ڪيو ۽ اسان انهيءَ سان گڏ لاس اينجلس جي حسين ترين شهر جي روڊ رستن تي هلڻ لڳاسين. هيڏا وڏا رستا. ڪارون، سپر اسٽور، پارڪ هر شيءِ سليقي ۽ ترتيب سان جوڙيل. هي سڀ ڪجهه ٿيو ڪيئن، اهو سڀ ڪجهه ڏسندا وائسندا لاس اينجلس جي روڊن رستن تان ڪارن ۾ ڄڻ ته ڊوڙندي پنهنجي منزل ڏانهن وڃي رهيا آهيون.
لاس اينجلس جي شهر وانگر لاس اينجلس جي ماڻهن جو مزاج، رهڻي ڪهڻي ۽ طرز زندگي به جڳ جهانن کان نرالي ۽ نهايت عجيب آهي. اُهي هر نرالي، نئين ۽ غير معمولي شئي، ڳالهه ۽ عمل ۾ چنبڙي ويندا آهن ۽ عجيب غريب عملن لاءِ هر وقت تيار نظر ايندا. هتي جي معمارن جي باڪمال تعميرات، روشني ۽ رنگن جي حسن ۽ بي تهاشا دولت جو تفريح ۽ عشرت تي ٿيندڙ خرچ ڏسي هرپرديسي جو عقل چرخ ۽ وات پاڻي ٿيو پوي، ڇو ته هتي هر شئي جي فراواني آهي.
لاس اينجلس جي خاص شاهڪار يادگارن ۽ مکيه معلومات جو مجموعي طور يا اختصار جي صورت ۾ احوال خواهشمند حضرات کي پيش ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو مواد موجود آهي. مثال طور وُڊي ايلن جي مزاحيه طنز موجب ٻين سڀني ڳالهين کانسواءِ هتي رهڻ سان هر واحد ثقافتي فائدو اهو پڻ آهي ته توهان قانون جو احترام ڪندي هر چيڪ پوسٽ تي بيهڻ ۽ سڌو عشرت گاهه رسڻ لاءِ ڀليءَ ڀت لائق ٿي وڃو ٿا. يقيناً فقط لاس اينجلس شهر جي بيهڪ اهڙي نرالي آهي جهڙوڪر شهر جا موجود 49 ڀاڱا خود شهر جي تلاش ۾ سرگردان هجن يا وري مشهور ڪاميڊيئن فريڊ ايلن جي مذاق موجب ”توهان جيڪڏهن آرينج نسل جا شهزادا آهيو ته پوءِ توهان جي رهائش لاءِ هي شهر تمام سُٺو آهي.“ يعني شاهوڪار يا شوقين آهيو ته پوءِ واهه واهه .
لاس اينجلس شهر جي ماڻهن کي ٻين جو انهن ڏانهن چتائي ڏسڻ گهڻو خراب نٿو لڳي. انهيءَ مان ته اهي پاڻ لطف وٺندا آهن. کين خبر آهي ته سندن شهر جديد شهري زندگيءَ ۾ سرواڻ جي حيثيت ۽ خصوصي امتياز جو حامل آهي. هتي جي اخبار لاس اينجلس ٽائيمز Los Angeles times ۾ هڪڙو مستقل ڪالم ”فقط لاس اينجلس ۾“ عنوان تحت شايع ٿيندوآهي جنهن ۾ شهر جون خصوصيتون ۽ نراليون ڳالهيون بيان ٿيل هونديون آهن. سياحن لاءِ هي عجيب ارشاد آهي ته تجربي کانسواءِ دروازا نه کڙڪايو. هتي سڀني گاڏين هلائيندڙن کي اها آزادي حاصل آهي ته اهي عشرت گاهن ڏانهن وڃڻ جو موقعو هميشه حاصل ڪري سگهن ٿا.
”شهر جون متصل 49 آباديون“ وارو محاورو پڻ عجيب معنيٰ جو حامل آهي. شهر جا اهي ڀاڱا جن کي پنهنجو الڳ سٽي سينٽر اهڙي حيثيت جو مالڪ آهي ڄڻ ته اهو سمورين آبادين جو مرڪزي سينٽر آهي. اڃا عجيب ڳالهه هيءَ آهي ته نارنگين، بدڪن ۽ قطبي رڇن جي لاءِ موزون آبهوا جي وچ ۾ پسند ۽ چونڊ جو ته ڪو مقابلو ئي ڪونهي پر انهيءَ جو مطلب اهو به ڪونهي ته هن شهر ۾ ڪنهن شيءِ جي ڪمي ڪانهي. هر وڏي شهر جا مسئلا ظاهر ۽ آشڪار هوندا آهن. هتي اڪثر ڪري ڌنڌ يا ڪوهيڙو گهڻو هوندو آهي، عام شاهراهن تي ٽريفڪ جام ٿيندي رهندي آهي، بي گهر ۽ رول پارٽين جو هل بکيڙو پڻ ڏسڻ ۾ ايندو آهي، بي توجهيءَ سان مزا ماڻڻ ۽ بيخياليءَ واري لالچ ۽ لوڀ پڻ هتي پسجي ٿو.
سن 1992ع ۾ هتي پوليس عملدارن هڪ شيديءَ تي تشدد ڪيو. ان جي وڊيو فلم ٽي ويءَ تي ڏيکاري وئي. بس پوءِ ته شهر ۾ قتل و غارت تي مبني ڀيانڪ فساد شروع ٿي ويا. جنهن جي نتيجي ۾ ڪئين انساني حياتيون، ڪروڙن، اربن جون جائدادون، جايون جڳهيون تباهه ٿي ويون ته ٻئي طرف موقعي پرست ماڻهن چوري، ڦر ۽ ڌاڙن جون ڪَئيِن وارداتون ڪيون. انهيءَ ساري ڀڃ ڊاهه ۽ افراتفري هوندي به شهر جي شهرت ۾ ڪا گهٽتائي ڪانه ٿي. هتي آباد ٿيندڙ ٻاهريون ماڻهو به اصل لاس اينجلس جو باشندو معلوم ٿئي ٿو.
ڪيليفورنيا جنهن کي گولڊن اسٽيٽ به سڏيو ويندو آهي تنهنجي ايل ڊوراڊو El Dorado علائقي ۾ سڀني کان پهرين پهچندڙ اسپيني ماڻهن هتي سون ۽ ولايتي مصالحن لاءِ جستجو ڪئي. انهن ٻنهي شين جي حصول وارا خيال اڃا تائين ماڻهن جي ذهنن ۽ خيالن تي ڇانئيل آهن. پنهنجي خواهشن جي تڪميل جو تصور ڪيليفورنيا وڃڻ سان وابسته ڪيو وڃي ٿو. ڪيليفورنيا وڃڻ وارو نقطو تصور توڙي حقيقي طور تي مرڪزي حيثيت رکندڙ آهي.
اوڻيهين صديءَ جي هڪ ليکڪ پنهنجي ڪتاب دي اميٽيئر اميگرانٽ The Amateur Immigrant ۾ ڄاڻايو ته 120 سال اڳ واري صورتحال ۾ نيواڊا (Nevada) جي جبلن جي الهندي ڀاڱي جا لڪ لتاڙيندي کيس پنهنجي وطن کان هتي پهچڻ واري اڙانگهي سفر جا سمورا ڏک ۽ ٿڪ هتي پهچڻ سان پنهنجي ڪلهن تان لهندي محسوس ٿيا. اڳتي لکي ٿو ته سفر جي هر موڙ تي اسان پنهنجي خوشحال آئيندي لاءِ ڌرتيءَ تي وک اڳيان ٿي وڌائي، هر هنڌ اسان ڪڪڙن جون سڀاڳيون ٻانگون ٿي ٻڌيون، جيڪي اسان کي نئين ڏينهن ۽ نئين ڏيهه جو ڏس ڏيئي رهيون هيون. اهو ئي ته ماڳ اسان جي منزل مقصود هئي جنهن لاءِ اسان گهڻي وقت کان وٺي واجهائيندا رهياسين. هيستائين هتي تمام وڏي تبديلي ٿي چُڪي آهي. تنهن سان گڏ ڪنهن ڏس ۾ اڃا تائين صورتحال ساڳي پڻ رهي آهي. ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ مستقبل سان وڌيڪ چاهه، ڪنهن به روايت جي پابندين کان آزاد بيپايان قوت ۽ تخليقي صلاحيت ۽ تقريباً خالص آبهوا ۾ ڪم ڪرڻ جا بهترين موقعا هتي جون مکيه خصوصيتون آهن. پوري ڌرتيءَ تي ڪنهن به علائقي ۾ گهڻن ماڻهن لاءِ هتي کان وڌيڪ موقعا موجود ڪونه آهن. ڪي ماڻهو هتي ڪامياب ٿين ٿا ته ڪي ناڪام. اهو دنيا ۾ هر هنڌ ٿئي ٿو. اهو پاڪستان سنڌ ۽ ٻني ۾ به توهان کي نظر ايندو. مگر لاس اينجلس شهر اڃا تائين ماڻهن لاءِ گهربل موقعا فراهم ڪري پيو. 1980ع واري ڏهاڪي دوران شهر جي آبادي، اقتصاديات، روزگار، پيداوار ۽ آمدني ۾ ڪمال جو واڌارو رڪارڊ ڪيو ويو. اهو سڀ ڪجهه نون آبادڪارن ۽ بهتر آئيندي جي يقين سبب ممڪن ٿي سگهيو. لاس اينجلس شهر اڃا اڻپورو هجڻ وارو تصور اڃا به برقرار آهي. تبديليءَ جو امڪان موجود هئڻ سبب بهتر آئيندو اڏڻ لاءِ ڪوشش برقرار آهي. انهيءَ ڏس ۾ تصور فلمي اسڪرپٽ وانگر غير متوازن به ٿي سگهن ٿا، ته اهي ٺوس ۽ حقيقي به ٿي سگهن ٿا. جهڙوڪ يقيني بهتر پيداوار ۽ آمدني، عاليشان تعليم جو حصول ۽ بهتر طبي سهوليتون وغيره، فلمي صحرائي روشني ۾ صاف مطلي هيٺان رهندي اهو تصور تقريبا ً غلط محسوس ٿئي ٿو ته مٿيون ڳالهيون شايد حاصل ٿي نه سگهن. هتي هر ڪنهن ڳالهه ۽ ڪم جي امڪان واري اصول ۾ اڃا تائين پختو يقين آهي. اهو تصور خصوصي طور اولهه يورپ وارن گهٽ ڪامياب ماڻهن لاءِ به سلامتيءَ وارا اپاءَ گهٽ مقدار ۾ پر مهيا ڪري ٿو. لاس اينجلس جو معاشرو آزاد خيال ۽ آزاد پسند ته آهي پر اِهو پاڻ وانگر ڇڙواڳ سماج ڪونهي.
هت Rule of law يعني قانون جي حڪمراني آهي. جنهن کي ٽوڙڻ جي ڪنهن کي به مجال ڪانهي. ايئن لاس اينجلس شهر کي ڏسندا ۽ سندس باري ۾ سوچيندا اچي پنهنجي منزل ڀيڙا ٿياسين. رات ڪافي ٿي چڪي هئي تنهنڪري ماني کائي وڃي آرامي ٿياسين.
آمريڪا ۾ پهرين رات گذري وئي. ٻڌو هوم ته لاس اينجلس جي موسم سنڌ جهڙي آهي پر هت ته آگسٽ جي مهيني ۾ به ڪمري اندر بلئنڪيٽ جي ضرورت محسوس ٿي، جيڪو بيڊ تي رکيل هو ۽ مٿان ڪرڻ سان مزو پئي آيو. باقي سج لهڻ ۽ اڀرڻ جو وقت بلڪل پاڻ وانگر، نه ڪي يورپ وانگر جو رات جو ٽين بجي اسڪاٽلينڊ ۾ اُٿي دريءَ کان ٻاهر نِهار ته ڄڻ ڀنڀرڪي لڳي پئي آهي پر هت ايئن ڪونهي. صبح ٿي چڪو آهي، بسترو ڇڏي اٿي اچي دريءَ تي بيٺو آهيان. رستن تي ٿوري ٿوري ٽرئفڪ آهي. ڪيڏا نه وڏا ۽ ڪشادا رستا ۽ ڪيڏيون نه وڏيون گاڏيون پر گاڏين کي گهڻو ڪري پاڻ وارين گاڏين جيان چار دروازا نه پر فقط ٻه دروازا آهن. گاڏيون، روڊ، رستا، فوٽ پاٿ، گهرن جون دريون، دروازا، ڀتيون، ڇتيون سندن رنگ روپ، دڪان، مارڪيٽون، بجليءَ جا ٿنڀا تن جون تارون. ٽرانسفارمر، پيدل هلندڙ ماڻهو تن جون شڪليون ۽ رفتار، سندن هلڻ جو انداز، کين پهريل ڪپڙا ۽ بوٽ، سندن تڪڙا تڪڙا قدم، ڪو به سگريٽ ڪو نه ٿو پيئي، ڪنهن جي به هٿ ۾ اخبار ڪانهي، شايد هر گهر ۾ اخبار اچي ۽ سڀڪو اخبار گهران پڙهي پوءِ ٻاهر نڪري. ڪهڙي ضرورت آهي هٿ ۾ اخبار کڻي هلڻ جي.
عورتن جي پيرن ۾ وڏين کڙين وارا سئنڊل، چپن تي سنهي ليڪ جيان لپسٽڪ لڳل، ميڪ اپ نه هئڻ جي برابر، يورپ جي مقابلي ۾ روڊن تي تمام گهٽ ماڻهو، ڪارن موٽرن ۾ زياده ماڻهو. هيٺ زمين تي ملڪ ملڪ جا ماڻهو ۽ سندن ڀاڳ مختلف پر مٿي ساڳيو ئي نيرو آسمان جيڪو سڀني کي مون وانگر ڏسي ۽ عجب کائي رهيو آهي. ڪافي وقت ٿي چڪو آهي پر اخبار نه آئي سو ٻاهر نڪري آيس ته روڊ جي ٻئي پاسي شيشي جي نفيس ڪَٻُٽَنَ ۾ جيڪي زمين تي ليٽيا پيا آهن.تن ۾ بيشمار اخبارون پيون آهن. ڪو به ماڻهو ڪونهي. پنهنجي پسند جي اخبار کڻو پيسا اتي ئي رکي هليا وڃو جي پئسا نه رکو ته ڪو به پڇڻ وارو ڪونهي.
اخبارن سان گڏ بيشمار مئگزين پيل آهن. مٿان مٿان لاس اينجلس جي مشهور ۽ زياده ڇپجڻ واري اخبار لاس اينجلس ٽائيمز رکي آهي. هن اداري جا ٻه رسالا لاس اينجلس ماهوار ۽ هفتيوار پڻ نڪرندا آهن. اخبار کڻي پيسا رکي اخبار جي مکيه سرخين تي نظر ڊوڙايم ۽ ايئن اخبار هٿ ۾ کڻي روڊن رستن تي هلڻ لڳس. هاڻ ڪجهه زياده رش نظر پئي اچي پر پيدل هلڻ وارا گهٽ، گاڏيون زياده نطر اچي رهيون آهن. ٿوري ئي پنڌ تي ٽوئرسٽ ڪمپنيون ۽ ايئرلائينن جون بيشمار آفيسون آهن پر سوير هئڻ ڪري سڀ بند پيون آهن. ايئرلائين آفيسن جي بورڊ تي ڪمپني جي نالن سان سندن فون نمبر به لکيا پيا آهن.
1- ايئرڪئناڊا: 4226232 (800) Air Canada:
2- آمريڪين ايئرلائين؛ 4337300 (800) : American Air line
3- برٽش ايئرويز: 2479297 (800) British Air Ways:
4- ڊيلٽا ايئر لائين: 2211212 (800) Delta Air line:
5- جپان ايئرلائينز: 5253663 (800) Japan Air Lines:
6- نارٿ ويسٽ ايئر لائينز: 2252525 (800) North West Air Lines:
7- يونائيٽيڊ ايئر لائينز: 2416522 (800) United Air Lines:
8- يو – ايس – ايئر: 4284322 (800) U-S- Air:
هي ته ٿيا چند ايئر لائينن جا نالا ۽ فون نمبر پر جيڪر آئون سڀني هوائي ڪمپنين جا نالا ۽ انهن جا فون نمبر لکڻ شروع ڪيان ته شايد سون جي تعداد ۾ ٿي وڃن. ٽريولر ۽ ٽوئرسٽ ڪمپنين جا نالا پڙهندو هيڏانهن هوڏانهن ڏسندو وائسندو اڳتي وڃي رهيو آهيان. منهنجي ڀرسان آمريڪن ڇوڪريون تڪڙو تڪڙو لنگهي رهيون آهن. ڪنهن ٻئي طرف ڌيان ڪونهين. آئون کين ڏسي رهيو آهيان. آمريڪن ڇوڪريون جرمني کانسواءِ باقي سڀني يورپين ملڪن جي ڇوڪرين کان وڌيڪ ٿلهيون آهن. سونهن ۽ سوڀيا ۾ يورپ جي سڀني ملڪن کان آخر ۾ آهن. هت ته سڄي دنيا اچي گڏ ٿي آهي. ظاهر آهي ته نسل به اهڙو پيدا ٿيندو. رڳو لاس اينجلس شهر جي اسڪولن ۾ پنجاسي ٻوليون ڳالهائيندڙ شاگرد پڙهن ٿا. باقي آمريڪا جو ته ڪو ڇيهه ئي ڪونهي.
چون ٿا ته لنڊن شهر ۾ ٽي سؤ ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهو رهن ٿا.
آئون گهر کان ٻاهران ڪافي اڳتي نڪري ويو آهيان پر هي سڀ ڪجهه ڏسي مزو پيو اچي ۽ اڃا به اڳيان وڃي رهيو آهيان. ٻيا پيدل هلڻ وارا ماڻهو به گهڻو ڪري اڪيلا اڪيلا اچي وڃي رهيا آهن. ڪو به ڪنهن ڏانهن ڌيان ڪو نه ٿو ڏي، سڀ ڪو پنهنجي پنهنجي دنيا ۾ مست مگن لڳو پيو آهي.
آئون جنهن علائقي مان وڃي رهيو آهيان اهو سڄو رهائشي علائقو آهي. هڪجهڙا گهر، هر گهر جي اڳيان تمام خوبصورت پارڪ ۽ سهڻا قيمتي وڻ تن ۾ اڪثريت ناريل ۽ کجين جي وڻن آهي جيڪي ايڏا ته وڏا آهن جو ڄڻ ته آسمان سان ٿا ڳالهيون ڪن. آمريڪي گهر يورپ جي گهرن کان بلڪل مختلف ۽ وڌيڪ سهڻا ۽ دلڪش آهن. جن تي تمام گهڻو پيسو خرچ ٿيل نظر ٿو اچي. اندر ته الاءِ ڇا هوندو. گهرن کي ڏسڻ سان ماڻهو تي رعب طاري ٿيو وڃي. ڏاڍا شانائتا ۽ پروقار گهر آهن. هاڻ واپس ورڻ گهرجي ڪافي دير ٿي وئي آهي. واپس ورڻ ۾ گهٽ دير ٿي. اسان تيار ٿي دنيا جي لاجواب تفريح گاهه يعني ڊزني لينڊ ڏانهن روانا ٿياسين پر بهتر سمجهيوسين ته شهر جو چڪر هڻندا پوءِ ڊزني لينڊ پهچون. لاس اينجلس شهر دنيا جي چند انهن شهرن مان هڪ آهي جت گهمڻ ڦرڻ لاءِ بي انتها تفريح گاهون آهن. جيڪو سڄي دنيا جي سرزمين تي شاهوڪار ترين زمين جو ٽڪروآهي. هتي سڄي دنيا جا سياح گهمڻ ڦرڻ ۽ تفريح لاءِ هر سال وڏي تعداد ۾ اچن. هتي جي موسم ٻارهن ئي مهينا سياحت لاءِ موزون آهي. هتي صرف هڪ بلڊنگ يعني يونيورسل اسٽوڊيو بلڊنگ جي قيمت پنجاهه بلين ڊالر آهي صرف آمريڪا جي انهيءَ هڪ عمارت وڪڻڻ سان سڄي پاڪستان جو سٺ سال پراڻو قرض لهي وڃي. پوءِ اندازو لڳايو ته سڄي آمريڪا ۾ ڇا ته دولت هوندي. ڪير ٿو مٿو هڻي انهيءَ حساب ڪتاب تي. پاڻ ٿا لاس اينجلس گهمون. لاس اينجلس ۾ مکيه گهمڻ ڦرڻ جا ماڳ مڪان هن ريت آهن. جيڪي ڪوشش ڪري هر سياح کي ڏسڻ گهرجن باقي ڀلا ڀليءَ جو ته ڪو ڇيهه ئي ڪونهي.
سينٽرل L-A جا مکيه سياحتي مرڪز
1- ايرو اسپيس بلڊنگ
Aero Space Building
2- ڪئليفورنيا آفرو- آمريڪن ميوزم
California Afro American Museum
3- ڪئليفورنيا اسٽيٽ ميوزم
California State Museum
4- ايڪسپوزيشن پارڪ
Exposition Park
5- وئٽس ٽاورس
Watts Towers.
ڊائون ٽائون Down Town
1- چائنا ٽائون China Town
2- سٽي هال City Hall
3- ايڪو پارڪ Echo Park
4- براڊ بري بلڊنگ Brood Bury Building
5- ايليشن پارڪ Elysian Park
هاليووڊ Holly Wood
1- فارمرس مارڪيٽ Farmers Market
2-هاليووڊ ميموريل Holly Wood Memorial
3- واڪ آف فيم Walk of Fame
4- چائنيز ٿيٽر Chinese Theater
5- برنسڊال پارڪ Barnsdall Park
انهيءَ کانسواءِ فلمي اسٽوڊيو بيچس، ويلز ۽ ٻيون هزارين گهمڻ جون جڳهيون جن تي لکن جي تعداد ۾ سياح پيا اچن ۽ وڃن. آئون ٻاهر روڊن رستن تي ڏسڻ سان گڏ هٿ ۾ جهليل اخبار کولي ڏسان ٿو. اخبار ۾ مکيه خبرون مغربي مفادن جو احوال ۽ واکاڻ، ٻي سڄي دنيا هنن جي نظر ۾ دهشتگرد، اڻ سڌريل، ظالم ۽ غير مهذب آهي. اسرائيل هنن جي نظر ۾ امن جو رکوال ۽ مظلوم آهي. تنهنڪري ته لکن عربن جي قاتل شيرون کي هنن امن جو علمبردار سمجهي سڄي دنيا مان ڳولي کڻي سندس ڳچيءَ ۾ نوبل امن ايوارڊ وڌو ۽ انهيءَ جي مقابلي ۾ فلسطيني هنن لاءِ ڪچي گار آهن. چي هي وڏا دهشتگرد آهن ۽ موچڙن کانسواءِ ڪو نه سڌرندا. تنهنڪري هر وقت هنن کي گولين سان اٿارجي ويهارجي. مطلب ته آمريڪا جون سڀ اخبارون اهڙين خبرن سان ڀريون پيون آهن. اخبارن ۾ اهڙيون خبرون پڙهي پڙهي ضمير ۽ ذهن کي ڏاڍي تڪليف ٿيندي هئي. پر بقول شاعر جي ته
”روڄ راڙي کانسواءِ، مجبور ماڻهو ڇا ڪندو.“
خبر ناهي قدرت کي ڪڏهن هنن ماڻهن تي رحم ايندو. اسان لاس اينجلس جي روڊن، رستن، بلوارڊن تان گهمندا ڦرندا اچي ڊزني لينڊ جي ڪار پارڪنگ تي بيٺاسين. ٽڪيٽ وٺي اندر وياسين ته ميڙو متو پيو هو، رڳو اسان جي اندر وڃڻ جي دير هئي. موسم ڏاڍي خوشگوار هئي. سڄي دنيا جي ماڻهن کي هڪ هنڌ ڏسي عجب سان گڏ خوشي به ٿي. آئون سمجهان ٿو ته شايد ئي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جو ماڻهو رهيل هجي. ڪارا، گورا، ڀورا، مشرق کان مغرب تائين، ڪنهن ڪنهن قوم جا نالا لکجن.
خدا جب حسن دیتا ہے
تو نزاکت آہی جاتی ہے
جڏهن پئسو اچي ٿو ته جهنگل ۾ منگل لڳيو وڃن. هي سڀ ڪجهه ته انسان جي دماغ ۽ هٿن سان اڏيو ويو آهي.
جيئن جيئن قومن ۽ ماڻهن وٽ دولت اچي ٿي تيئن تيئن هو پنهنجي زندگيءَ کي وڌيڪ سينگارين ۽ سنوارين ٿا سواءِ پنهنجي ملڪ پاڪستان جي. پر پاڻ به گهٽ ٿوري آهيون آمريڪا وٽ ايف 16 لڙاڪا جهاز آهن ته پاڻ وٽ به آهن نه رڳو آهن پر ڪجهه ايف 16 جهازن جا پئسا به آمريڪا ڏي رهن ٿا. انهيءَ لحاظ سان آمريڪا اسان جو قرضي به ٿيو. ڊزني لينڊ اندر تمام وسيع ۽ ڪشادو آهي سو گهمڻ جي شروعات ڪٿان ڪريون، اهو سڀ ڪجهه ته هر هنڌ لکيو پيو آهي. پوءِ ٿا اهي بورڊ پڙهون. پهرئين گيٽ جي سامهون جت وڏن اکرن ۾ ڊزني لينڊ لکيو پيو آهي، اُتي ٿا فوٽا ڪڍون پر هت ته تمام گهڻي رش آهي ۽ هر ٽوئرسٽ چاهي ٿو ته گهمڻ جي شروعات هتان فوٽو ڪڍرائي پوءِ ڪجي. رش هوندي به هڪ ٻئي جو خيال رکيو وڃي ٿو. تنهنڪري زياده دير ڪا نه ٿي لڳي. آئون هروڀرو هڪ اڪيلي ڇوڪريءَ کي ڪئميرا هٿ ۾ ڏئي ساڻس ڳالهيان ٿو ۽ کيس عرض ٿو ڪريان ته اسان جا فوٽا ڪڍي. پاڻ کلندي مرڪندي ها ها ڪندي اسان جا فوٽا ٿي ڪڍي ۽ آئون غور سان کيس ڏسان ٿو. ربّ پاڪ ڪيڏا نه سهڻا مهانڊا ۽ انگ ڏنا اٿس. دل ۾ سوچيان پيو ته فوٽن ڪڍڻ کان پوءِ ساڻس ڳالهه ٻولهه ڪريان پر ڇا چوانس. ها اهو بهتر ٿيندو ته کيس چوان ته تنهنجو فوٽو ڪڍان يا اسان سان گڏ فوٽو ڪڍراءِ. سندس ٻانهون سڄيون اگهاڙيون آهن. جن تي شايد وارن لاهڻ وارو ڪريم ڪو نه لڳائيندي آهي ڇو ته سندس ٻانهن تي ننڍا سنها ڀورا وار نظر اچي رهيا آهن. بدن تي ڪاري شرٽ ۽ بلو چڊي پاتل اٿس. پاڻ شايد آمريڪن ڪانهي. سندس نڪ چپ، ڳل ۽ اکيون ڪيڏا نه وڻندڙ آهن. سندس وار نه وڏا آهن ۽ نه ئي ننڍا آهن. ڪيڏي نه ترتيب سان سنواريل آهن. ڪاري قميص تي ڀورا وار ڏاڍا پرڪشش لڳي رهيا آهن ۽ هوا تي اڏرڻ مهل ڪيڏا نه سهڻا ٿا لڳن. سفيد اکڙين ۾ ڀورا تارا ڄڻ ته آسمان ۾ چنڊ هجي. فرينچ ڇوڪرين وانگر ڏاڍي سهڻي هاٺي Body اٿس. هيڏي سهڻي ڇوڪري هن هيڏي ميلي ۾ اڪيلي اڪيلي پئي گهمي. شايد ڪنهن جي اچڻ جو انتظار اٿس. انتظار ته هن جو ڪجي هيءَ ڇو پئي انتظار ڪري پر جي انتظار ڪري ته به ٻاهر ڪرڻ گهرجيس ها پر هن سڄي ڊزني لينڊ اندر هي هڪڙي اڪيلي اڪيلي ٿورئي آهي ٻيون به ته سون جي تعداد ۾ هن جهڙيون، اڪيليون اڪيليون پيون گهمن ڦرن. گهڻين اڪيلين کي مُنهن ڏبو، ڇڏين کڻي، پنهنجو ڪُرو.
ڊزني کي گهمڻ ڦرڻ لاءِ هڪ وڏي بورڊ اڳيان نظر وجهي پڙهان ٿو. سوچيان ٿو ته گهمڻ ته پري ٿيو پر هن بورڊ کي پڙهڻ لاءِ به ڪلاڪ گهرجي پر گهمڻ جي شروعات ته سوچي سمجهي پوءِ ڪجي سو مختصر نموني سان بورڊ تي نظر ڊوڙائي اڳتي ٿا وڌون. اسان وٽ سڄي ڏينهن جي گهمڻ واري ٽڪيٽ آهي. تنهنڪري سڄي ڏينهن ۾ سموري ڊزني لينڊ ۾ ڪٿي به گهمي ڦري سگهجي ٿو. سڄي ڊزني لينڊ جي لکن هزارن ماڻهن ۾ آئون واحد ماڻهو آهيان جنهن کي سفاري سوٽ پهريل آهي، ڇو ته آمريڪا ۽ يورپ ۾ ڪير به سفاري سوٽ نه پائي، تنهنڪري پاڻ کي هنن سڀني ۾ اوپرو محسوس ڪري رهيو آهيان. اها ماڻهو جي پنهنجي سوچ آهي نه ته هت اگهاڙو پيو هل پر تو ڏانهن ڪير نهاريندو به ڪو نه ته تون ڪهڙي باغ جي موڙي آهين پر انساني ذهن ۾ هروڀرو اهي خيال پيا ڊوڙندا آهن ته هي سڀ ماڻهو منهنجي لاءِ پيا سوچين. اها سوچ به ماڻهو کي ڪنهن حد تائين ذهني مريض ڪريو ڇڏي.