سفرناما

ٽوئر ٽو آمريڪا

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (259) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”ٽوئر ٽو آمريڪا “ نامياري ليکڪ ۽ سفرناما نگار عبد الحئي پليجي جو لکيل سفرنامو آهي.

هي ڪتاب مومل سنڌو پبليڪيشن پاران سنڌيڪا اڪيڊمي وٽان 2011ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ ۽ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي. ٿورا سائين عبد الحئي پليجي صاحب جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book ٽوئر ٽو آمريڪا

حصو پنجون

اڄ موسم ڏاڍي خوشگوار آهي. سج جي روشنيءَ ۾ سمنڊ ۾ اندر هلندڙ ٻيڙيون چوطرف گهمي ڦري رهيون آهن، جن جا اڇا سِڙهه انهيءَ روشنيءَ ۾ ڏاڍا وڻندڙ لڳي رهيا آهن. هونئن به آمريڪا ۾ ڪيليفورنيا رياست جي موسم سڀني رياستن کان مختلف آهي. ڪيليفورنيا کي هت آمريڪا ۾ موسم جي لحاظ سان هندستان ۽ پاڪستان سان ڀيٽيو ويندو آهي. يورپ ۾ سڄو سيارو ملڪ سياحن کان خالي هوندو آهي ڇو ته يورپ ۾ سياري ۾ سخت سردي ۽ برفباري هوندي آهي پر ڪيليفورنيا رياست جا شهر پنهنجي لاجواب رنگيني ۽ وڻندڙ موسم ڪري سڄو سال سياحن لاءِ کليا پيا آهن. خاص ڪري هت بهار جي موسم ته ڏاڍي لاجواب هوندي آهي جنهن ۾ سڄي دنيا کان بي انتها سياح آمريڪا ۽ خاص ڪري هن رياست ڪيليفورنيا جي شهرن ۾ گهمڻ ڦرڻ اچن. سينفرانسسڪو ۾ ڪوهيڙو جام ٿئي پر اڄ موسم صاف ۽ وڻندڙ آهي.
هي آگسٽ جو مهينو آهي هن مهيني جي نه رڳو موسم سٺي آهي پر هن مهيني ۾ هت ڪئين سُٺا سُٺا ساليانه تهوار به ٿين. جنهن ڪري به آمريڪا ۽ ٻي دنيا جا سياح هت وڏي شوق سان اچن. انهن تهوارن ۾ Renaissance Pleasure Fair خاص قابل ذڪر آهي. جنهن ۾ راندين، آرٽ، ثقافت ۽ کاڌي ٺهڻ جا خاص جشن ۽ وڏا پروگرام ٿين جيڪي سڄو آگسٽ جو مهينو هلن. هونئن به سينفرانسسڪو پنهنجي ڏيهاڙن ۽ تهوارن ڪري نرالو ۽ سڄي آمريڪا ۾ مشهور آهي. انهن تهوارن ۾ به هي تهوار هت ڏاڍا مشهور آهن جيڪي سڄو سال ترتيبوار هيٺين ريت ملهايا وڃن.
Janruary
1. Sanfrancisco Sprots and Show
February
2. Chinese New Year
March
3. St: Patricks Day Parade
April
4. Cherry Blossom Festival
May
5. Cinco de mayo celebration Bay to breaks foot Race Carnival.
June
1. Union Steet Art Festival.
2. Haight Steet Fair
3. North Beach Festival.
4. Sanfrancisco Lesbain, Gay Bisexual Parade Celebration
July
1. Jass and All that art on fill more.
2. Fourth of july celebration.
3. Sanfrancisco Marathan
August
1. Ala Carte Ala Park
September
1. Open in the park
October
1. Reggae in Park.
December
1. Francisco Balle
مطلب ته سينفرانسسڪو ۾ سڄو سال جشن لڳا پيا آهن رڳو هت پهچڻ جي دير آهي.
سينفرانسسڪو جي هيءَ جڳ مشهور پُل اُپسمنڊ Bay ۽ پيسفڪ وڏي سمنڊ کي پاڻ ۾ ملائيندڙ آهي. سامونڊي نار Strait جو نالو گولڊن گيٽ راس آهي اها سامونڊي ڳچي Strait اٽڪل ٽي ميل کن ڊگهي ۽ هڪ ميل کن ويڪري آهي. منجهس حسب معمول وهڪرو ساڍا چار ناٽ ۽ ساڍا ست ناٽ في ڪلاڪ رهي ٿو. هن راس تي اهو نالو آمريڪي فوج جي ڪئپٽن جان فرمونٽ John Fremont جيڪو فوج ۾ ٽوپو گرافيڪل انجنيئر هو تنهن استنبول شهر جي هڪڙي گودي Harbour جي نالي ڪرائيسو سيرس Chrysoceras يعني سُنهري سنڱ کان متاثر ٿي سن 1846ع ۾ رکيو هو. هن راس Strait تي ٺهيل هن پُل جو نالو به راس وارو ئي اختيار ڪيو ويو. هن پُل جي ڪهاڻي هن ريت آهي.
1. هن پُل جي ڪُل ڊيگهه 8981 فوٽ
2. سڀني کان وڏو اسپان 4200 فوٽ ڊگهو
3. سڀني اسپانن جي ڊيگهه 6450 فوٽ
4. پاسن وارن اسپانن جي ڊيگهه 1125 فوٽ
5. پُل جي ويڪر 90 فوٽ
6. پُل جي روڊ جي ويڪر 62 فوٽ
7. فوٽ پاٿ جي ويڪر 62 فوٽ
8. پاڻيءَ جي سطح کان پُل جي ڇت تائين ڪليئرنس 220 فوٽ
9. پُل جي پلرن جي پاڻيءَ اندر پيڙهه 110 فوٽ
10. پُل جي ٽاورن جي پاڻيءَ جي سطح کان اوچائي 746 فوٽ
11. ٽاورن جي پُل واري روڊ تي اوچائي 500 فوٽ
12. پُل جي پلرن جي ويڪر 54 فوٽ ۽ ٿولهه 33 فوٽ
13. پُل ۾ لڳل ڪيبلس جو وزن 61500 ٽن
14. پُل جي ٻن ٽاورن جو وزن 44400 ٽن
15. هڪڙي ڪيبل جي ڊيگهه 7650 فوٽ
16. ڪيبل جو قطر 8/3 36 ارنچ= هڪ ميٽر
17. هر ڪيبل ۾ لڳل وائرن جو تعداد 27572
هر ڪيبل ۾ 61 ننڍيون رسيون آهن. جيڪي گڏجي هڪ ڪيبل ٺاهين ٿيون. هنن ڪيبلن ۾ ڪم آيل وائرن جي ڪُل ڊيگهه اَسي هزار ميل آهي.
هيءَ پُل پنهنجي شاندار ٽاورن، سهڻن ڪيبلن ۽ شاهي اسپانن جي بدولت دنيا جي تمام سهڻين پلين ۾ به پنهنجي نرالائي جي حامل آهي. پُل جي تعمير لاءِ اوائلي منصوبو پُل جي موجوده تعمير ٿيل ڍانچي جي ڀيٽ ۾ نهايت سادو هو. اهو خاڪو چيف انجنيئر جوزف بي اسٽرائس Josephj B. Strauss پيش ڪيو هو. انهيءَ سلسلي ۾ هڪ معاون انجنيئر ليون ايس موئيسيف Leon S. Moissciff راس تي وڏن اسپانن واري پُل ٺاهڻ لاءِ راءِ ڏني. انهيءَ وقت تائين هيتري وڏي اسپان واري پُل اڃا تائين دنيا ۾ ڪٿي به ٺهيل ڪا نه هئي. هيءُ منصوبو اڃا زير غور هو، حتمي ۽ قابل عمل نقشو معاون معمار مسٽر اورنگ ايف مارو Lving F. Morrow ۽ سندس زال گرٽروڊ سي مارو Gertrude C. Morrow جي راين کان پوءِ تيار ڪيو ويو. هنن معمارن پُل جي سونهن بابت جيڪي صلاحون ڏنيون تن کي اختيار ڪيو ويو. مثلاً هنن فٽ پاٿن کي سولو بڻايو ۽ موٽرن جي سهولت لاءِ رستو وڌيڪ آسان. روشنيءَ وارا پول پڻ وڌيڪ مناسبت سان فٽ ڪرايا. وقتي طور قائم ٽاورن تي ڪشاديون پٽيون عمودي انداز سان لڳرايون. جيئن سج جي روشني پُل کي وڌيڪ اجاگر ڪري. هنن ٽاورن جي اوچائي پڻ زياده ڪرائي. انهن خوبين کي پوري دنيا ۾ واکاڻيو ويو. 16 اپريل 1936ع ۾ معاون يا معمار مسٽر پارو پُل جي رنگ ۽ روشنيءَ جي سجاوٽ لاءِ هڪڙي رپورٽ چيف انجنيئر جوزف اسٽرائس کي پيش ڪئي، جنهن ۾ هن پُل جي وڏي سائيز ۽ عظمت کي ڌيان ۾ رکندي روشنيءَ جو نهايت سهڻو بندوبست ڪيو. جنهن تحت ٽاورن جي چوٽين تي هلڪي روشني وڌي وئي. پُل جي روڊ توڙي فوٽ پاٿ تي هلڪي داٻ واري سوڊيم سان ڀريل بجليءَ واريون بتيون آويزان ڪرايائين. انهيءَ وقت سن 1937ع ۾ اهي بتيون ۽ بلب جيڪي دنيا ۾ جديد ترين ۽ بهترين هئا. سي ئي پُل تي نصب ڪرايا ويا.
45 سال پوءِ پُل جي روڊ تي اڳوڻين هلڪي پريشر وارين بتين جي بدران گهڻي داٻ واري سوڊيم واريون بتيون نصب ڪيون ويون. هنن جديد بتين جي استعمال تي خرچ گهٽ ٿو ٿئي. بتين تي پلاسٽڪ جا ايمبر ڪَورَ چاڙهيا ويا آهن جيئن روشنيءَ جي اجائي تيزي ضابطي ۾ رهي. ٽول پلازه جي اوڀر ۾ گفٽ سينٽر وٽان پُل تي اصلوڪيون بتيون ٻرندي ڏسجن ٿيون. رقم جي کوٽ سبب شروعات ۾ ٽاورن ۾ بجليءَ جو گهڻو سينگار ڪو نه ڪيو ويو هو. پُل جي پنجاهه ساله جشن جي موقعي تي بجليءَ جي ڊيڪوريشن تي 1.2 ملين خرچ آيو. جيڪو پيسفڪ گيس اينڊ اليڪٽرڪ ڪمپنيءَ چندي طور قسطن ۾ ادا ڪيو. ٽاورن ۾ بجليءَ جي فٽنگ ايبٽ اليڪٽرڪ ڪمپنيءَ هڪ ملين ڊالرن جي ٺيڪي تحت ڪئي.
گولڊن گيٽ پُل انٽرنيشنل آرينج يعني ڳاڙهاڻ مائل، نارنگي رنگ سان پينٽ ڪئي وئي آهي. انهيءَ رنگ کي عام طور انٽرنيشنل آرينج سڏيندا آهن ۽ اهو رنگ پري کان ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ٽوڪيو ٽاوَر جيڪو هن کان گهڻو پوءِ ٺهيو جيڪو مون به ڏٺو آهي، انهيءَ ۾ به انهيءَ رنگ جو استعمال زياده ٿيل آهي. هي رنگ پڻ مسٽر مارو ئي چونڊيو ۽ ڪم آندو. سندس چوڻ موجب فقط اهو ئي رنگ هن شاندار پُل جي عظمت کي حقيقي طور تي عيان ڪري ٿو. جيڪڏهن پُل جو ڪم آمريڪي بحريه جي حوالي هجي ها ته اها پُل کي ڪارو رنگ ڏياري، ان تي پيلا پٽا پينٽ ڪرائي ها. جيئن کيس جهاز رانيءَ ۾ آساني ٿئي. پُل جي رنگائي جو ڪم ڪو هڪڙي ڏينهن جو ڪونهي. اهو ضرورت موجب وقتاً فوقتاً ٿيندو رهندو آهي. ڇو ته فقط رنگ ئي اهڙي شيءِ آهي جيڪا پُل جي لوهي ڍانچي کي زنگ ۽ ڪٽ کان بچائي ٿي.
هيءَ پُل هر سال مڪمل طور نئين سرپينٽ ڪا نه ٿيندي آهي. پنهنجي تڪميل سان اها مڪمل طور ريڊلين پرائيمر يعني انٽرنيشنل آرينج رنگ سان رنگي وئي. باقي پوءِ ضرورت موجب جزوي طور سندس پينٽنگ ٿيندي رهي. سن 1965ع ۾ گهڻي زنگ لڳڻ سبب اڳوڻو سڙي ويل رنگ لاهي پهريون تهه زنڪ سليڪيٽ سان پينٽ ڪيو ويو ۽ مٿيون يعني پويون هٿ ايڪرائلڪ ايملشن سان رنڱيو ويو. پُل جي رنگائي سن 1995ع ۾ مڪمل ٿي.
پُل جي وچئين اسپان ۽ ڏاکڻيءَ چبوتري تي اصلوڪا فاگ هارس يعني توتارا، پنجاهه سالن تائين صحيح حالت ۾ وڄندا رهيا. جيڪي سينفرانسسڪو جي شهرين کي ڌنڌ ۽ ڪوهيڙي جي گهاٽائي بابت خبردار ڪندا هئا ۽ پُل وٽان لنگهندڙ ٻيڙين ۽ لانچن لاءِ آساني پيدا ڪندا رهيا.
سن 1970ع جي آخر ۾ وچئين اسپان وارو هارن خرابيءَ جو شڪار ٿي پيو. هي هارن صحيح حالت ۾ ٻن قسمن جو آواز ڪڍندو هو ۽ هاڻي فقط هڪ قسم جو آواز ڪڍڻ لڳو. نيٺ سن 1985ع ۾ انهن پراڻن هارنن کي هٽائي لِسلي ايئر هارن ڪمپنيءَ جا ٺهيل جديد هارن نصب ڪيا ويا. اهي هڪڙي قسم جو آواز ڏيڻ جي باوجود اصل مقصد خوش اصلوبيءَ سان پورو پيا ڪن. هي ڪوهيڙي بابت خبردار ڪندڙ هارن روزانا سراسري طور اڍائي ڪلاڪ وڄندا آهن. مارچ ۾ اهي اڌ ڪلاڪ کن مس وڄائيندا آهن پر گهڻي ڪوهيڙي واري مند دوران يعني جولاءِ کان آڪٽوبر تائين اهي پنجن ڪلاڪن کان به وڌيڪ وقت وڄندا رهندا آهن.
جن ننڍڙين ٻيڙين ۾ راڊار سسٽم سان رابطو ڪونهي اهي ڪوهيڙي جي مُند ۾ هنن هارنن جي آواز موجب سفر ڪن ٿيون.
مذڪوره هارنن کانسواءِ هن راس ۾ جهاز رانيءَ جي سهولت ۽ خبرداريءَ لاءِ ۽ هوائي جهازن کي سگنل ڏيڻ واسطي پُل ۾ هر ٽاور تي ڪيترن ئي قسمن جون سگنل بتيون نصب ٿيل آهن. سن 1983ع ۾ انهن جي جاءِ تي جديد ۽ وڌيڪ سُٺيون بتيون هنيون ويون. انهن کي بيڪن Beacon سڏيندا آهن. پُل ۾ لڳل ڪيبلس تي پڻ ڳاڙهي رنگ سان ليڪون ٺهيل آهن.
هيءَ گولڊن گيٽ پُل 5 جنوري سن 1933ع ۾ ٺهڻ شروع ٿي ۽ 27 مئي 1938ع تي ٺهي راس ٿي. انهيءَ ڏينهن پيدل ماڻهن لاءِ پُل چالو ٿي. ٻئي ڏينهن يعني 28 مئي 1938ع تي وقت جي صدر فرينڪلن روز ويلٽ پنهنجي وائيٽ هائوس واري آفيس ۾ ٽيلي گراف جي چاٻي ڦيرائي پُل تي گاڏين جي ٽريفڪ چالو ٿيڻ جو افتتاح ڪيو. اهڙيءَ طرح هيءَ پُل پئسي جي کوٽ جي باوجود مقرر وقت کان اڳ ۾ تيار ۽ چالو ٿي وئي ۽ اڄ اسان ٻني جا ڳوٺاڻا هت پهچي هن پُل جو ديدار ڪري رهيا آهيون ۽ فوٽا ڪڍي رهيا آهيون. مون هن پُل جا ايترا ته فوٽا ڪڍيا جو ڪئميرا جو رول ختم ٿي ويو ۽ مون ڪئميرا ۾ ٻيو رول وڌو. هونئن به ماڻهو جون يادون صرف فوٽو ذريعي زنده رهن ٿا. اسان هتان ڪار ۾ چڙهي وڏين وڏين ٽڪرين جي ڀرسان ٺهيل شاندار روڊن تان هلندي روڊ جي ٻنهي پاسن ۾ ٺهيل سگنلن کي ڏسندي ڏسندي اچي شهر جي وچ ۾ پهتاسين. اسان هڪ وڏي چوڪ تي گاڏي بيهاري هيٺ لٿاسين ۽ هت هڪ تمام وڏي سُپر مارڪيٽ ۾ گهڙي پياسين. جيڪا گولڊن ايرا بلڊنگ Golden Era Building جي منٽگمري اسٽريٽ تي آهي. هن بلڊنگ تي هي نالو هتان نڪرندڙ مشهور رسالي گولڊن ايرا Golden Era کان متاثر ٿي رکيو ويو آهي. اسان کي صرف ڪئميرا جو رول وٺڻو هو. پر هت ته رنگ لڳا پيا آهن. ڪئين فلورن تي ڦهليل هن مارڪيٽ جي سڀني طبقن تي رش لڳي پئي آهي. مارڪيٽ جا Elevater يا لائيٽ تي هلندڙ ڏاڪڻيون اهڙي ته سهڻي نموني ۽ ترتيب سان لڳايون ويون آهن جو هنن تي لهندي چڙهندي مزو پيو اچي ۽ ڪيترن مردن ۽ عورتن سان ڀريا پيا آهن. اسان به گهمڻ جي خيال سان هن مارڪيٽ ۾ چڪر لڳايو. مون ڪئميرا جي رول سان گڏ هڪ نيڪ ٽاءِ ۽ هڪ ڪتاب به ورتو ۽ اڌ ڪلاڪ کن هت چڪر هڻندا اسان کائي پي پوءِ اچي ڪار ۾ چڙهياسين. جتان کان پوءِ اسان سينفرانسسڪو جي گلن جي گهٽيءَ ڏانهن روانا ٿياسين. جنهن کي هت چون لام بارڊ اسٽريٽ Lambard Street . جيستائين انهيءَ حسين منظر تي پهچون تنهن کان اڳ ۾ ڪئين حسين سهڻا گلن سان سنواريل روڊ رستا ڏسندا اڳتي وڃي رهيا آهيون. هت روڊن تي آمريڪن ڪارن سان گڏ ڪافي جپاني ڪارون ڏسڻ ۾ آيون پر انهن جو معيار ۽ بناوت پنهنجي ملڪ ۾ هلندڙ جپاني ڪارن کان تمام وڌيڪ مضبوط، سٺي ۽ سهڻي آهي، جيڪو روڊن رستن تي هلندي ڏسندي پسندي چٽي طرح محسوس ٿي رهيو هو. جپاني گاڏين کانسواءِ يورپين ملڪ جي گاڏي ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ نظر ٿي آئي، نه ته گهڻو ڪري سڀ آمريڪي وڏيون گاڏيون روڊن تي هلي رهيون هيون. جيڪي اسان ننڍي هوندي حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ ڏسندا هئاسين. جنهن ۾ شيورليٽ ڊاج ۽ بيوڪ خاص قابل ذڪر هونديون هيون پر اڄ جي پاڪستان جي شهرن ۾ اهي وڏيون گاڏيون روڊن تي هلن ته جيڪا ٽريفڪ جي رش هينئر آهي جنهن ڪري ڪلاڪن جا ڪلاڪ ماڻهوءَ کي روڊن تي بيهندي ئي گذريو وڃن، سا رش پوءِ ڪي ڏينهن ۾ تبديل ٿي وڃي، نه ته شوق پوري ڪرڻ لاءِ ماڻهو صرف ڪلفٽن ۽ ڊفينس ۾ ئي چڪر لڳايو واپس گهر پهچيو وڃي يا وري ٻئي طرف لاءِ آلٽو Alto ۾ چڙهي وڃي.
ڳالهين ڳالهين ۾ اسان پنهنجي منزل لام بيرڊ اسٽريٽ Lam bard Street پهچي وياسين جيڪا خود هائيڊ ۽ ليون ورٿ Leaven worth اسٽريٽ جي وچ ۾ آهي. هت ٽوئرسٽن جي تمام گهڻي رش هوندي آهي ۽ ٻيو ته ڪارون ماڻهوءَ جي اسپيڊ کان به گهٽ اسپيڊ ۾ هلن. تنهنڪري جيسين انهيءَ گلن جي گهٽي تي گاڏي هلڻ لاءِ پهچي تيسين هت ڪجهه وقت انتظار به ڪرڻو ٿو پوي. اسان سان گڏ ٻيون به بي شمار گاڏيون بيٺل آهن. ٿوري دير هلندا هلندا اسان به وڃي انهيءَ هنڌ تي پهتاسين، جتان اسان کي شروعات ڪرڻي آهي. هن اسٽريٽ جو هڪ پاسو تمام مٿي ته ٻيو پاسو هيٺ آهي. جتان شروعات ڪجي ٿي اهو پاسو مانهين تي آهي ۽ ايئن مٿان کان هيٺ هلڻو ٿو پوي ۽ هي رستو سڌو نه پر ورن وڪڙن (Zig Zag) وارو آهي ۽ هلڻو به تمام آهستي ٿو پوي. جيئن ڪنهن شاديءَ جي سرگس ۾ گهوٽ جي گاڏي هلندي آهي. سو هت هن منظر ڏسڻ جو ڪافي وقت ٿو ملي ۽ ٻيو ته جيئن ماڻهو ٽوڪيو وڃي ته ٽوڪيو ٽاور ضرور ڏسي اورلانڊو وڃي ته واٽر ورلڊ ضرور ڏسي. لاس اينجلس وڃي ته يونيورسل اسٽوڊيو ۽ ڊزني لينڊ ضرور ڏسي. پئرس وڃي ته ايفل ٽاور ضرور ڏسي. وينس ۽ ائمسٽرڊم وڃي ته ٻيڙين ۾ سير ضرور ڪري. آگري وڃي ته تاج محل ضرور ڏسي. قاهراهه وڃي ته پئرامڊس ضرور ڏسي. بيجنگ وڃي ته ديوار چين ڏسي. لاڙڪاڻي وڃي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي مزار ۽ موهن جو دڙو ضرور ڏسي. امرتسر وڃي ته گولڊن ٽيمپل ڏسي. مليشيا وڃي ته پيٽروٽاورس ڏسي. مطلب ته ماڻهو جنهن ملڪ يا شهر وڃي ٿو انهيءَ جي اڳواٽ ڄاڻ وٺي ٿو ۽ انهيءَ ملڪ ۽ شهر جا مشهور ماڳ مڪان ۽ مکيه جڳهيون ضرور ڏسي ٿو. سو ماڻهو سينفرانسسڪو وڃي ۽ گولڊن گيٽ برج، فشرس مارڪيٽ ۽ هن گُلن جي گهٽيءَ کي ضرور ڏسي ۽ ڪار ۾ چڙهي هن گُلن جي گَهٽيءَ جو چڪر نه لڳائي ته سينفرانسسڪو وڃي ڇا ڪيائين.
اسان به تمام گهٽ اسپيڊ ۾ يعني سرگس واري اسپيڊ ۾، پر اسان پاڻ کي گهوٽ نه پر ڄاڃي محسوس ڪندي هن سرگس ۾ وڃي رهيا آهيون ته واقعي هڪ گهوٽ ڪنوار جي سفيد وڏي ڪار گلن سان سينگاريل جنهن ۾ سچ پچ گهوٽ ڪنوار ٺهيا جُڙيا ويٺا آهن، تن تي نظر پئي، اسان کان ٻه ٽي ڪارون اڳيان آهن. شايد چرچ مان دعا گهري هت چڪر لڳائي پوءِ پنهنجي هني مون واري ماڳ تي وڃي سُرهي سيج تي موجون ماڻيندا پر هت آمريڪا ۽ يورپ ۾ ڇوريون ڇورا ڏاڍا ريجالا آهن. اهي ننڍي هوندي کان ئي انهن موجن تي هريا پيا آهن. شادي ته رڳو قانون جي پاسخاطري آهي ٻيا ڪم ته اڳ ۾ ئي لهيو وڃن پر انهن حرڪتن تي ٻنهي ڌرين کي ڪو به اعتراض ڪونهي. هت ته:
مومل نه سهي، سو مل ئي سهي
کاڌل نه سهي، پيتل ئي سهي.
يا
جوڻهائي سهي مگر پيار توکر
وارو حساب لڳو پيو آهي. واقعي ڊسپوزل پيار Dispoal love ۽ سچي پيار جار رستا هڪٻئي کان ڪوهين ڏور آهن.
اسان جي ڪار مان اسان هاڻ هنن گهوٽ ڪنوار کي چٽي طرح سان ڏسي رهيا آهيون جيڪي هڪٻئي جي بدن سان چهٽي سڄي جهان کان لاپرواهه ٿي هڪٻئي کي پيار ڪري رهيا آهن. ماڻهو کين کلي کيڪارون ڏيئي رهيا آهن. ايتري ۾ مون نظام کي چيو ته نظام گاڏي خيال سان هلائج متان پرائي شاديءَ ۾ عبدالله ديوانا واري ڪار نه ٿئي. تنهن تي نظام وڏو ٽهڪ ڏيندي جواب ڏنو ته پليجا صاحب توهان بي فڪرا ٿي ويٺا هجو، اسان هاڻ آمريڪا ۾ اهڙن نظارن جا عادي ٿي ويا آهيون. هاڻ توهان هت آمريڪا ۾ سڀ سِڪون لاهي پوءِ ملڪ واپس وڃجو. متان وري فون ڪري ڪنهن رهيل ڪم جي ڪا ميار ڏيو. اسان سڀ کلڻ لڳاسين. سينفرانسسڪو سٽي گورنمينٽ City Govt وارن هن اسٽريٽ کي خوبصورت ڪرڻ لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏي آهي. چونڊيل سهڻا قيمتي گُل جيڪي سهڻن رنگن جي ترتيب سان سينگاريل سنواريل آهن، جن کي صبح شام ڪَٽي هڪ جهڙو رکيو وڃي ٿو جيئن بناوت ۾ وڻندڙ ۽ جاذب نظر لڳن. هنن گلن کي ڏسندي سچ پچ ته اهڙي موج ۽ مزو پيو اچي جيئن پئرس جي شانزلي زي بازار ۽ لاس ويگاس ۽ مونٽي ڪارلو جي نائيٽ ڪلبن ۾ سهڻن جي ڀريل ڀاڪرن ۾ رقص ڪندي لڏندي لمندي هي گانو ياد ڪندا.
باہوں میں تیرے مستی کے گھیرے
۾ مزو اچي. رستي جي پاسن ۽ ورن وڪڙن جي وچ ۾ وڏا ساوا ٻوٽا ۽ انهن جي وچ ۾ اڳيان، پويان سهڻن رنگن جا گل جنهن ۾ سوين قسمن جا وڻندڙ رنگ ڏسيو هانءُ ۽ نيڻ پيا ٺرن. وري انهن ورن وڪڙن ۾ وڏيون وڏيون ڪاريون سج جي روشنيءَ ۾ پيون جَرڪن. انهن ڪارن ۾ ويٺل حسينن جي منهن تي سنهڙو پگهر ڏسي فيض جو هي شعر ياد اچيو وڃي ته:
کیسے ہیں مغرور حسینائوں کے برفاب سے جسم
کہ گرم ہاتھوں کی حرارت سے پگھل جاتے ہیں
سو، سائين دل پئي چاهي ته هي سفر نه کٽي پر نه چاهيندي به آئون سمجهان ٿو اسان جي ڪار وچ رستي تي پهچي چُڪي آهي. اهڙي قسم جي تفريح مون صرف هت سينفرانسسڪو ۾ ڏٺي، نه ته آمريڪا سڄو هزارن قسمن جي تفريح گاهن سان ڀريو پيو آهي، ڪهڙا نالا لکي ڪهڙا لکجن. ڪارون ٿورو آهستي هلڻ لڳيون ته اسان جي اڳيان ڪار ۾ ويٺل جوڙو هڪٻئي کي (Kiss) چُمڙي ڏئي وري هڪٻئي کان ڌار ٿي گاڏي آهستي آهستي اڳيان ريڙهي رهيو آهي ۽ اسان به اڳيان پٺيان اهڙا نظارا ڏسندا وڃي رهيا آهيون. هت ڪار جي رستي ساڻ ننڍڙو فٽ پاٿ به ٺهيل آهي. جيئن پيدل ماڻهو به سير ڪن ۽ هن اسٽريٽ جي رونقن مان لطف اندوز ٿين. اسان هت جنهن موسم ۾ گهمون پيا سا بهار جي مُند آهي. تنهنڪري هت موسمي سهڻن گلن جي ڏاڍي رونق لڳي پئي آهي. هتان کان پوءِ اسان هڪ پاڪستانيءَ جي گهر وياسين. جنهن اسان جو ڪافي آڌر ڀاءُ ڪيو. انهيءَ کان پوءِ اسان رات جي رهائش جي هوٽل تي وياسين جت پنهنجو سامان ڇڏي، فريش ٿي پوءِ هڪ ڊسڪو ڪلب وياسين. پنهنجي ملڪ ۾ به ضياءُ الحق کان اڳ لاجواب بارون ۽ نائيٽ ڪلب هوندا هئا. جنهن ۾ پاڪستانين سان گڏ بيشمار غير ملڪي سياح به وڏي شوق سان ايندا هئا، جن جو معيار به ڏاڍو سٺو هوندو هو. شهيد ڀٽي ته ڪراچي بيچ تي هڪ لاجواب ڪسينو ٿي ٺهرايو پر پوءِ اهو ڪم اتي ئي رهجي ويو. اهو اڌ ٺهيل ڪسينو هاڻ بيچ تي آفيسن طور استعمال ٿيندو آهي. پاڪستان ۾ ڪراچي ۽ ٻيا وڏا شهر ته پري ٿيا پر ننڍن ننڍن شهرن ۾ به آمريڪا ۽ يورپ جا سياح وڏي تعداد ۾ گهمڻ ايندا هئا. جن ۾ منڇر، ڪينجهر، هاليجي ڍنڍ، موهن جو دڙو، ڀنڀور، مڪلي خاص قابلِ ذڪر آهن. جت توهان کي غير ملڪي سياح وڏي تعداد ۾ ڏسڻ ۾ ايندا هئا پر دنيا ۾ آمريڪي مفادن ڪري غريب ملڪن جي مفادن کي هر طرح سان ڇيهو رسيو آهي. ٻيو عيسائي ملڪن جي پروپئگنڊا به سياحت تي وڏو اثر وڌو آهي. انهيءَ پروپئگنڊا کان متاثر ٿي ماڻهو يورپ ۽ آمريڪا جو رُخ ڪن ٿا. نه ته رب پاڪ پنهنجي سڄي سرزمين کي سهڻو ۽ سرسبز بڻايو آهي. جنهن جو مثال توهان کي پنهنجي ملڪ ۾ ملي ويندو. پاڪستان جا ماڻهو سياحت لاءِ وڏي انگ ۾ ڪوهه مري ٿا وڃن ڇو ته اُت هر سهولت ۽ گهما گهمي آهي ۽ ڪوهه مري پنجاب ۾ آهي. انهيءَ ڪري پنجاب حڪومت ۽ مرڪز ۾ ويٺل پنجابي ڪامورا ڪوهه مريءَ تي زياده ٿا خرچ ڪن. جنهن ۾ روڊ، رستا، هوٽلون ۽ ٻيون تفريحي سهولتون شامل آهن ڪوهه مَرِيءَ جي مقابلي ۾ سوات، ڪاغان ۽ ناراڻ لک دفعا وڌيڪ سرسبز، پرامن ۽ حسين واديون آهن پر اُت ڪوهه مريءَ جي مقابلي ۾ گهٽ سهولتون هئڻ ڪري اُت توهان کي سياح گهٽ نظر ايندا.
اڄ ته ائڊورٽائيز جو دؤر آهي. ماڻهو ڏسي وائسي به پيزا هٽ، مڪڊونلڊ ۽ K.F.C تان رپئي جي شئي به سؤ رپين ۾ خريد ٿا ڪن. سو هني مون ملهائيندڙ جوڙن کي ڪوهه مريءَ ۾ پرل ڪانٽينينٽل (P.C) جهڙي لاجواب هوٽل ملي وڃي جيڪا سينٽرل هيٽيڊ آهي جنهن جي ڪمري مان سياري ۾ به برف باري ٿيندي ڏسندي بدن گرم لڳو پيو هوندو آهي، سو ڪهڙي ضرورت آهي جو ماڻهو سوات يا ڪاغان وڃي جتي ته ماڻهو کي هني مون ملهائڻ سان گڏ رات جو سرديءَ ۾ ڏند به ٺڪ ٺڪ سان هلائڻا پوندا ۽ هڪ رات جي سرديءَ ۾ ئي ماڻهو اڌ مُئو ٿيو وڃي سو اُهو سون گهوريو جيڪو ڪن ڇني.
اسان جي ڪار ڊسڪو ڪلب وڃڻ لاءِ سينفرانسسڪو جي هڪ تمام حسين ترين علائقي مان لنگهي رهي آهي. جنهن علائقي کي هت چون يونين اسڪوائر. آمريڪا ته پنهنجي پئسي ۽ ڏنڊي جي زور تي سڄي ملڪ کي ڇا مان ڇا بڻائي ڇڏيو آهي.
جيئن ايوب خان جي دؤر ۾ اسلام آباد ۽ نواز شريف جي دور ۾ سڄي ملڪ جي دولت لاهور تي خرچ ٿي. تيئن هت آمريڪا ۾ ڪو نه ٿئي ته وقت جو حاڪم، صرف پنهنجي شهر يا اسٽيٽ تي خرچ ڪري. هت جنهن اسٽيٽ ۾ سياح زياده اچن اُت اصل رونقون لڳيون پيون آهن. اهي تفريحي مقام ڊزني لينڊ، يونيورسل اسٽوڊيو، واٽر ورلڊ، سمنڊ جا حسين ڪنارا جت اربين رپين سان ٺهيل هوٽلون اهي سڀ آمريڪا جي ملٽي نيشنل ڪمپنين جا ڪارنامه آهن، جن نه رڳو آمريڪا پر پيزاهٽ، K.F.C ۽ مڪڊونلڊ کي آڻي اسان وٽ حيدرآباد پهچايو آهي ۽ اسان به شام جو ٻه ڏوڪڙ بچت وارا انهن جي حوالي ڪريو اچون. اسان جا ته ڪم اڳ ۾ ئي آمريڪا جي دوا-سگريٽ- چانهه، پئٽرول ۽ مشروب ڪمپنين لاهي ڇڏيا آهن، باقي رهي سهي ڪسر هي پيا لاهين. اسان جي حق حلال جو ناڻو ڊوڙندو خود به خود انهن يهودين جي ڪمپنين ڏانهن هليو وڃي جيڪي ڪمپنيون انهن ئي پئسن مان پيون اسرائيل کي مضبوط ۽ سگهارو ڪن ۽ هو پيو مظلومن جو قتل عام ڪري ۽ انهن کان ڪو پُڇڻ وارو ئي ڪونهي. وري اچون ٿا سينفرانسسڪو گهمڻ جي احوال تي، جنهن کي چاهيون ٿا ته سواءِ هڪ منٽ به ضايع ڪرڻ جي گهڻي کان گهڻو گهمون ڦرون، ڏسون وائسون. هينئر رات ٿي چُڪي آهي چوطرف روشنيون ئي روشنيون آهن. آمريڪا ايراضيءَ ۾ هڪ ملڪ نه پر ڪئين ملڪ ڇا پر هڪ کنڊ ٿو لڳي.
سندس صرف هڪ رياست ٽيڪساس Texas جي پکيڙ به سڄي فرانس ملڪ کان ٻيڻي آهي ۽ وري آمريڪا جي هڪ ٻي رياست الاسڪا جي پکيڙ ٽيڪساس کان به ٻيڻي آهي. منهنجي هن ايراضي ٻڌائڻ جو مطلب هي آهي ته آمريڪا ملڪ ۽ سندس شهر ڳتيل ستيل نه پر ويڪرا ۽ ڪشادا آهن. جنهن ڪري روڊ رستا به ڪشادا آهن ۽ ٽرئفڪ جي رش سواءِ ڪيليفورنيا جي ڪن رستن يا موٽرويز جي باقي ٻي آمريڪا ۾ گهٽ محسوس ٿئي ٿي. سينفرانسسڪو به ڪشادو، پکڙيل ۽ ويڪرو آهي.
سينفرانسسڪو شهر پيسفڪ سمنڊ ۽ سينفرانسسڪو اپسمنڊ جي وچ ۾ پکڙيل خشڪي پٽيءَ تي اڏيل آهي. انهيءَ جزيره نما جي ڊيگهه اٽڪل 32 ميل کن ٿيندي. شهر جي ايراضي اٽڪل 46 چورس ميل کن ٿيندي. شهر جو سڀ کان مٿانهون هنڌ اٽڪل 900 فوٽ سمنڊ جي سطح کان مٿي ٿيندو. هن ڀاڱي کي جاڙيون ٽڪريون Twin Peaks سڏين ٿا. شهر ۾ اول ته ڪجهه مُنجهه سُنجهه ٿئي ٿي پر جلد ئي ماڻهو ماحول ۾ هريو وڃي، پر اسان جيان ٻه ٽي ڏينهن رهندڙ لاءِ اهو ممڪن ڪونهي.
اسان جنهن علائقي مان لنگهي رهيا آهيون انهيءَ جو نالو يونين اسڪوائر Union Square آهي. هي شهر جو وڏو واپاري مرڪز آهي. اڪثر مکيه هوٽلون ۽ تمام وڏا ڊپارٽمينٽل اسٽور هن اسڪوائر جي چوڌاري موجود آهن. انهن شاهي عمارتن جي وچ ۾ ڪيترائي ريسٽورانٽ، بٽيڪ ۽ گئلريون آهن.
هتان کان ٿورو اوڀر طرف ايمبارڪيڊور سينٽر تعمير ٿيل آهي. جيڪو ساڍا اٺ ايڪڙ ايراضي تي اڏيل هڪڙو زبردست گهڻ ماڙ مينشن آهي. انهيءَ ۾ سوين آفيسون، گهر، دُڪان ۽ ريسٽورانٽ قائم آهن. هن ڪامپليڪس کان ڪجهه مفاصلو اڃا اوڀر طرف مشهور ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي عمارت آهي. ان جي ڀرسان فيري بلڊنگ آهي. سائو سيليٽو ۽ لارڪسپر ڏانهن ويندڙ پاتڻي ٻيڙيون فيري، بوٽس اڃا تائين هن بلڊنگ وٽان وينديون آهن. پُل ٺهڻ کان اڳ ۾ سموري بار برداريءَ جي آمدرفت جو مرڪز اها فيري بلڊنگ هوندي هئي.
سينفرانسسڪو جي نائيٽ لائيف ٻين آمريڪي شهرن وانگر ڏاڍي رنگين آهي پر جيئن ته سينفرانسسڪو سڄي دنيا ۾ گيز Gays ۽ ليزبين Lesbain جو مرڪز آهي. تنهنڪري هتي جي راتين جون رونقون اڃا به اور آهن. سڄي دنيا جي گيز ۽ ليزبين جو مرڪز هي شهر سينفرانسسڪو آهي. هتي جي نائيٽ ڪلبن ۾ اڳواٽ فون ڪرڻ سان توهان کي اضافي فيءَ تي پنهنجي لاءِ عورت ڊانسر به ملي ويندي. جنهن جي في تقريباً ويهن کان چاليهه ڊالر کن هوندي آهي. اهو فون نمبر هي 2582-552/415 آهي پر ڊانس ڪلب پهچڻ کان ڪجهه وقت اڳ فون ڪرڻ گهرجي، پر اها ڇوري صرف توهان جي ڊانس جي وندر تائين محدود آهي ٻيو آسرو نه ڪرڻ گهرجي، باقي، ”جتنا گڙ ڊالينگي اُتنا ميٺا هوگا “ وانگر ته سڀ ڪو اُڪريو پار وڃيو پوي پر اهو ڊپارٽمينٽ وري عليحده آهي. سينفرانسسڪو جي نائيٽ ڪلبن ۾ وسڪي ۽ وائين به دستياب هوندو آهي پر اُن جو اگهه نائيٽ ڪلب جي معيار تي آهي.
اهو گهڻو ڪري ساڍن ٽن ڊالرن کان ڇهن دالرن تائين هڪ پيئگ هوندو آهي. بهتر آهي ته کائي پي ٽُن ٿي اچي نائيٽ ڪلب ۾ داخل ٿجي. باقي سوڻ خاطر هڪ اڌ پيئگ کڻي پاڻ ۽ پنهنجي ڊانس پارٽنرکي پيارجي، پر جي شروعات ئي پيئڻ جي اچي هت ڪيائين ته پوءِ ته صُبح تائين جو حساب لاهه ڪڍي ڇڏيندو. سينفرانسسڪو جي سڄي شهر جي نائيٽ لائيف جو تمام سٺو معيار آهي پر انهن ۾ به وڌيڪ ورائٽي توهان کي سوما Soma ۽ نارٿ بيچ North Beach تي ملندي.
سو اسان به سوما جي علائقي جنهن کي هت مارڪيٽ اسٽريٽ Market Street جي نالي سان به سڏيندا آهن اچي پهتاسين. هت ڪئين لاجواب انٽرنيشنل اسٽينڊرڊ جا نائيٽ ڪلب آهن، جن ٻاهران سون قسمن جون لائيٽون جهرمر جهرمر ٻري رهيون آهن. ٻاهر ڪا به خاص رش نه نظر آئي پر جڏهن اندر داخل ٿياسين ته ايڏي ته رش هئي جو تر ڇَٽڻ جي جڳهه ڪا نه هئي. هن نائيٽ ڪلب جو نالو جوليس سپر ڪلب Jullis Super clubs هو. مٿي رش هئڻ ڪري اسان هيٺ بيس مينٽ Basement ۾ وياسين. اهو به نائيٽ ڪلب جو حصو هو. هت به ڪافي رش هئي پر مٿي کان گهٽ. اسان مان ڪي رسپشن تي ڪي ڊانسنگ فلور تي، ته ڪي وري نيڪڊ پورشن ۾، نيڪڊ ڊانسنگ ڏسڻ ويهي رهيا. انهيءَ نيڪڊ ڊانس ڏسڻ لاءِ اڃا به ڪجهه اضافي پيمنٽ ٿي ڪرڻي پوي پر آئون انهيءَ طرف ڪو نه ويس. مون کي الف عورت صرف اڪيلائي ۾ وڻندي آهي نه ڪي هجوم ۾. سو آئون ڪائونٽر تي هڪ اڌ پيگ پي ڪجهه دير دل کي وندرائي واپس اچي هڪ جڳهه تي ويهي سڀني جو تماشو ڏسڻ لڳس. مختلف زاوين ۽ طرفن کان روشنين جو هڪ ٻئي سان ٽڪراءُ ڏاڍو دلچسپ لڳي رهيو هو. هونئن به موج ۾ اچڻ کان پوءِ هر شيءِ ۾ سونهن ۽ سوڀيا ڪجهه سرس نظر ايندي آهي. ڇو ته آمريڪا ۾ چوڻي آهي. "More Whisky More Thinking" پي، کائي وڃڻ سان هيڏي حسين ماحول ۾ مزو ته خود به خود اچيو وڃي ۽ انهيءَ مزي ۽ موج لاءِ پيسو خرچ ڪري ماڻهو هت ٿو پهچي.
آئون هتان اُٿي رسيپشن ڪائونٽر تي ويٺس ۽ هڪ ٻه پئگ اتي ويٺي ختم ڪيم پر ڀر ۾ ويٺل ڇوريءَ جي سگريٽ جي دونهين ڏاڍو بور ڪيو. ايتري ۾ نظام به اچي اُت پهتو. پاڻ ويهڻ شرط چيائين ته ڪيئن سائين مزو اچي پيو. مون کيس هاڪار ۾ جواب ڏئي چيو ته هاڻ واپس هلڻ گهرجي. پاڻ به شايد منهنجي صرف انهيءَ چوڻ جي انتظار ۾ هو ۽ ايئن اسان پنهنجي رهائش واري هوٽل ڏانهن روانا ٿياسين. جت ڪپڙا بدلائي سمهي پياسين. صبح دستور مطابق آئون سوير اٿيس. تيار ٿي ناشتو ڪري پوءِ نظام جي هڪ دوست جي هوٽل تي آياسين. هوٽل بلڪل اهڙي هئي جهڙي مڪڊونلڊ وارن جي ڊفينس سائيڊ تي ڪراچي بيچ تي آهي. هيءَ مڪڊونلڊ وارن جي نه پر Kings ڪنگس ڪمپنيءَ وارن جي ريسٽورانٽ آهي. هت آمريڪا ۾ چين آف هوٽلس Chain of Hotles جا ته ڪئين قسم ۽ نالا آهن. ڪيترا ياد ڪري ڪيترا ياد ڪجن. پاڻ وٽ پاڪستان ۾ به ته اهڙيون صرف پنج يا ڇهه قسم جون ڪمپنيون آهن. مثلاً
1. Macdonald’s
2. K.F.C
3. Piza Hut
4. Mr Burger,
5. Donal Dunken.
۽ اهڙي نموني سان ٻن ٽِن رهائشي هوٽلن جون هت شاخون آهن. نظام جي دوست اسان جي سندس هوٽل تي تمام گهڻي آڌرڀاءُ ڪئي. پاڻ اسان کي خوش آمديد چوڻ کان پوءِ اسان کي ڪيترن ئي قسمن جا برگر، سئنڊ وچ ۽ ٻيا الاهي ڪيترن قسمن جا جوس، ڊرنڪس پيارڻ کان پوءِ تحفا ڏنائين. جنهن کان پوءِ شهر جي مشهور تفريح گاهه فشرس وارن بيچ گهمائي، جت اسان ٻه ڪلاڪ کن گذاريا. فشرس بيچ تان اسان اُت رکيل ڪجهه شيون به خريد ڪيون. فشرس وارن بيچ سينفرانسسڪو جو وڏو تفريحي مقام آهي. جت تفريح لاءِ ڪئين وندرون هر وقت موجود آهن. هت سمنڊ ڪناري تي ڪافي رش آهي. پر وڌيڪ رش ۾ ئي وڌيڪ مزو ايندو آهي. هت ڪنهن زماني ۾ ڪافي ڪارخانا هوندا هئا پر هينئر اهي ختم ٿي ويا آهن، هينئر صرف ۽ صرف تفريح گاهه طور هي علائقو استعمال هيٺ آهي. اسان ٿوريءَ دير لاءِ اچي هڪ هوٽل تي ويٺاسين. هوٽل اندر تمام گهڻي رش آهي. ڪيترا ماڻهو بيٺا آهن سوچيون پيا ته ڪٿ ويهون، پر جڳهه ملڻ جي ڪا به گنجائش ڪانهي سو ٿورو اڳڀرو نو سموڪي No smokey پورشن ۾ هليا وياسين ته ڪنڊ ۾ هڪ اڌ خالي ڪُرسي نظر آئي. جيسين ڪرسين ڀيڙا ٿيون، تيسين اُتي ئي ڪنڊ ۾ ويٺل ڇوريءَ کي ڏٺم ته نو سموڪي حصي ۾ به هٿ ۾ هيٺ سگريٽ جهليو ويٺي هئي. منهنجي نظر پوڻ تي مشڪي لڄاري ٿي کڻي سگريٽ سينڊل هيٺ اڇلايائين ۽ مٿان پير رکي صفا بي خبر ٿي ويهي رهي. اسان به کيس وڌيڪ شرمندگيءَ کان بچائڻ لاءِ انهيءَ طرف صفا بي توجهه ٿي پنهنجي ڪچهريءَ ۾ لڳي وياسين. تيسين چٽڪمرن ڪپڙن ۾ هڪ ٺاهوڪي ڇوري اسان کان آرڊر وٺڻ لاءِ اچي حاضر ٿي. اسان جو ميزبان کيس لمبو چوڙو آرڊر ڏيڻ جي موڊ ۾ هو، پر اسان کيس چيو ته هينئر ئي توهان جي دوست جي هوٽل مان گهڻو ڪجهه کائي آيا آهيون ۽ وري به توهان گهر مانيءَ لاءِ اڳواٽ چيو آهي سو صرف چانهه پيبي ۽ ٻيو ڪجهه به نه ۽ ايئن اسان چانهه پي بل ڪائونٽر تي ڏئي رش کان ٿورو اڳيان سمنڊ ڪناري سمنڊ مٿان ڪاٺ جي ٺهيل هڪ وڏي پيسيج تي هلندي هلندي ڪافي اڳتي نڪري وڃي هڪ ڪنڊ تي بيٺاسين. پري کان بيشمار سياح ٻيڙين ۾ گهمي رهيا آهن. ٻيڙين جا سفيد سڙهه سج جي چمڪندڙ روشنيءَ ۾ ڏاڍا خوبصورت لڳي رهيا هئا. ڪي ٻيڙيون گهڻي اسپيڊ ۾ اچي سمنڊ ۾ ڄڻ ته ٽپ ڏئي تري رهيون هيون. اسان سان گڏ سمنڊ به ڪشادي سيني سان کين آڌر ڀاءُ ڪري رهيو هو. ٻيڙين ۾ تفريحي، ٻيڙين جون رانديون، مڇي مارڻ ۽ ترڻ Swimming اڄڪلهه هر آمريڪي جي شوق جي شيءِ آهي. موڪلن وارن ڏيهاڙن ۾ آمريڪي شهرين جو گهڻو انگ انهن راندين ۾ وڏي شوق سان ۽ چاهه سان حصو وٺندو آهي.
بوٽنگ ۽ سوئمنگ ته اڄڪلهه اولمپڪ گيمز ۾ به شامل آهن. جنهن ۾ سڄي دنيا وڏي چاهه سان حصو وٺي.
ڊاڪٽر جيمس برنس جڏهن هندستان کان سنڌ جي مير حاڪمن جو علاج ڪرڻ ڪڇ کان ٿيندو پيڃاري ڦاٽ رستي درياءَ سنڌ ڏٺو ته اهو شهر ٻنون هو جيڪو هينئر ٺٽي ضلعي ۾ آهي. ٻنون درياءَ سنڌ جي ڪناري تي هڪ خوبصورت شهر هو. جنهن جي ڪپرن وٽ هُن ڪئين ٻيڙيون بيٺل ڏٺيون جنهن جو تفصيلي احوال پاڻ سندس ڪتاب ”سنڌ جي درٻار“ ۾ ڪيو آهي.
ٻنون سنڌوءَ جي ڪپرن تي ڪنهن وقت ڏاڍو خوبصورت شهر هو، جنهن جون گهٽيون ڏاڍيون سڌائي سان ۽ نقشي مطابق ٺهيل هيون ۽ شهر جا چوڪ ۽ چؤ واٽا ڏاڍي ترتيب ۽ سنوت ۾ ٺهيل هوندا هئا. جنهن مان وڏيون ٽرڪون به آرام سان ڦري سگهنديون هيون پر هينئر ته هڪ ڪار به گهٽيءَ مان مس ٿي لنگهي سگهي. منهنجو هي ٻني جو ذڪر انهيءَ لاءِ آهي ته ڪنهن زماني ۾ ٻنون به درياءَ جي ڪپ تي هڪ لاجواب شهر هو، جيڪو لاڙ جي گيٽ وي Gate way طور استعمال ٿيندو هو. جت ڪئين ٻيڙيون مسافري، مال برداريءَ، پلو، مڇي مارڻ ۽ تفريح لاءِ موجود هونديون هيون پر هينئر ٻيڙيون ته ٺهيو پر درياءَ ۾ پاڻيءَ ڦڙو به ڪونهي جو چوپايو مال پيئي. پر هي آمريڪا جي سمنڊ جا ساحلي ڪنارا جيڪي ڪنهن وقت فوجي مقصد ۽ مڇي مارڻ طور استعمال ٿيندا هئا، هاڻ دنيا جا وڏا تفريحي مقام ٿي پيا آهن. جت سڄي دنيا کٽي ڪمائي اچي پيسو لٽائي ٿي ۽ اسان به هينئر انهيءَ تفريحي ماڳ تي بيهي هي سڀ ڪجهه ڏسي وائسي ۽ توهان کي به انهيءَ تفريح ۾ شامل ڪري لطف اندوز ڪري رهيا آهيون ۽ هنن به پنهنجن تفريحي ماڳن کي سنوارڻ سينگارڻ ۾ ڪا ڪوتاهي نه ڪئي آهي.
سينفرانسسڪو به آمريڪا جي انهن چند شهرن مان هڪ آهي جن کي پنهنجي تاريخي اهميت وارن ماڳن ۽ مڪانن جي نمائش ۽ پذيرائيءَ جو عاليشان هنر ۽ مهارت حاصل آهي. اهو ئي سبب آهي جنهن ڪري هي مهاڻن جو تَڙِ پوري دنيا جي سياحن لاءِ سڀ کان وڌيڪ پرڪشش علائقو ٿي پيو آهي. سو بلڪل صبح جو تمام سوير پهچڻ ڪري هتي اڳوڻو مڇيءَ جو شڪار ته مور ڏسڻ ۾ ڪو نه ايندو جيڪو هن تڙ ۽ گهاٽ تي اڳي عام جام ٿيندو هو. هاڻي ته هتي فقط سياحن جي ناڻي واري شڪار جي ريل پيل لڳي پئي آهي. هن تَڙِ جو اصل نالو ”ميگ وارو گهاٽ“. Meigg’s Whart هو. وهارف جو موجود نالو انهن مهاڻن جي ڪري پيو. جيڪي ڪيترن ئي نسلن کان وٺي پنهنجي ٻيڙين کي آڻي هن تڙ تي بيهاريندا هئا. اڄڪلهه هي سامونڊي ڪنارو ڪجهه بدبودار ۽ مهلڪ مادن جي موجودگيءَ سبب آلودگيءَ جو شڪار آهي، جنهن کان حتي الامڪان بچڻ لاءِ خبردار ڪندڙ تختيون جتي ڪٿي ٽنگيل نظر اينديون. هن تڙ تي اڃا تائين ٽيهارو کن ٻيڙيون موجود آهن. پر شڪار لاءِ نه بلڪه سياحن کي گهمائڻ ۽ سير ڪرائڻ لاءِ ڪم اچن ٿيون. حقيقت اها آهي ته موجوده وقت ۾ تڙ وارو سمورو ڪنارو هڪڙي شاهي بازار ۾ تبديل ٿي ويو آهي. جيڪا اولهه طرف گيئرارڊيلي اسڪوائر Ghirardelli Square کان شروع ٿي اوڀر طرف 39 Pier يعني ٿلهي نمبر 39 وٽ وڃيو ڇيهه ڪري. ڪجهه ماڻهو هن گهاٽ سان ته دل لڳائي ويٺا آهن ۽ ڪي وري اهڙا به آهن جيڪي هن پُرڪشش ماڳ کان اجايو پري رهڻ نٿا گهرن پر تمام گهڻن ماڻهن جي اها خواهش آهي ته زندگيءَ ۾ هڪ دفعو هن گهاٽ جو سير ضرور ڪرڻ گهرجي پوءِ سندس نيت انهيءَ سلسلي ۾ ڀلي ته ڪهڙي به هجي.
هن ئي علائقي ۾ هڪ لاجواب اسڪوائر پولڪ ۽ لازڪن گهٽين جي وچ ۾ 1884ع ۾ جڙي راس ٿيو. جنهن ۾ لشڪر لاءِ يونيفارم تيار ڪرڻ لاءِ ڪارخانو به قائم ڪيو ويو هو پر پوءِ هيءَ عمارت جنهن کي عرف عام موجب گيئرار ڊيلي چوندا هئا مارڪيٽ ۾ تبديل ڪيو ويو. جنهن ۾ 50 وڏا جنرل اسٽور ۽ ويهارو کن مانيءَ جا هوٽل آهن پر اسان هت ماني ڪو نه کاڌي. عمارت جي الهندي ڀاڱي ۾ بازيگر به سدائين بازي پکيڙيو ويٺا آهن. دڪان اونهاري ۾ صبح ڏهين بجي کُلن ۽ رات جو نائين بجي بند ٿين ۽ سياري ۾ اهي 6-7 بجي تائين کليل رهندا آهن.
ٻي به هڪ سمنڊ ڪناري تي ساڍن چئن ايڪڙن تي مشتمل هڪڙي شاهي عمارت آهي. جيڪا مهاڻن واري تڙ کان اوڀر طرف چند چوڪڙين جي مفاصلي تي آهي. مال لاهڻ ۽ چاڙهڻ لاءِ ٺهيل دِڪي تي هيءَ عظيم عمارت هن وقت هڪڙي حسين تفريح گاهه ۾ تبديل ٿي وئي آهي. جتي اڳوڻي ڪنهن ڪار گذاريءَ جو ڪو نالو نشان به نظر ڪو نه ايندو. هن وقت هن پيئر تي سدائين خريدارن جي پيهه لڳل هوندي آهي. مشهور زمانه اخبار لنڊن آبزرور موجب جڳ مشهور تفريح گاهن ڊزني ورلڊ Disney World ۽ ڊزني لينڊ Disney land کان پوءِ پوري دنيا ۾ هيءَ ئي ته تفريح گاهه آهي جتي هر سال گهڻي ۾ گهڻا سياح سير ۽ تفريح لاءِ اچن ٿا. هتي سئو کان وڌيڪ وڏا جنرل اسٽور ۽ ڏهه عاليشان هوٽل ڪناري تي پاڻيءَ سان بلڪل لڳو لڳ ٺهيل آهن. انهيءَ کانسواءِ هڪڙو ٿيٽر ۽ فلم هائوس پڻ موجود آهن. هتي سينفرانسسڪو شهر جي پراسرار زندگيءَ جي نمائش ٿئي ٿي.
فشرمينس وهارف جي تفريحي لوازمات ۾ هڪڙي نئين شيءِ جو اضافو ڪيو ويو آهي. انهيءَ جو نالو انڊرواٽر ورلڊ Under Water World يعني ”زير آب جهان“ آهي. هي هڪڙو تلاءُ آهي جنهن ۾ اٽڪل ست لک ستر هزار گيلن پاڻي پيل آهي ۽ منجهس ڪيترائي هٿرادو آبي جانور رکيل آهن. انهن جي نمائش پاڻيءَ اندر شفاف ڪپڙي جي سرنگهن ۾ سياحن کي گهمائڻ دوران ڪئي وڃي ٿي.
پيئر 39 وٽ ننڍين تفريحي ٻيڙين بيهارڻ لاءِ به ٿلهيون ٺهيل آهن. جتي اٽڪل ساڍا ٽي سئو ياچ ٻيڙيون بيٺل آهن. جن کي بلو اينڊ گولڊ بي سائيٽ سيئنگ فليٽ Blue and gold bay site sieing fleet سڏين ٿا. هن پيئر وٽ 600 کن ساموندي شينهن جن کي سيل پڻ چوندا آهن دِڪن ۽ ٿلهن تي چڙهي ويٺل نطر اچن ٿا ۽ ڪڏهن ڪڏهن عجيب آواز ڪڍي ڪافي شور پڻ مچائين ٿا. هنن آبي شينهن جي حياتي، صحت ۽ طبيعت ۾ انهن لاءِ موزون ماڳن ۽ ماحول بابت هتي سياحن کي ليڪچر ڏيڻ جو انتطام پڻ ٿيل آهي پر اسان جو ان ليڪچر ٻڌڻ جو ڪو به پروگرام ڪونهي. سو اسان هاڻ گاڏيءَ ۾ چڙهي واپس پنهنجي ميزبان جي گهر پيٽ پوچا لاءِ وڃي رهيا آهيون. اسان جي ميزبان جو گهر هن تفريح مقام کان گهڻو پري ڪونهي. جنهن ڪري اسان کي ات پهچڻ ۾ خاص دير نه لڳي. اسان جي ميزبان جو گهر بلڪل آمريڪن اسٽائل جو هڪ نئون ۽ جديد گهر هو. جيڪو اندر ڏاڍي نفاست سان سينگاريل هو. گهر ته آمريڪي طرز جو هو پر کاڌو بلڪل پاڪستاني اسٽائل جو هو.
کاڌا سڀ پاڪستاني، هندستاني طرز جا ٺهيل هئا ۽ سٺي ترتيب سان سيٽ ڪري فرينچ ڪراڪريءَ ۾ ٺاهي جوڙي رکيا ويا هئا. هڪ ٻه تمام اوچي قسم جا فرينچ وائين به ڊائيننگ ٽيبل تي رکيل هئا. جن مان سڀني رڳو تبرڪ طور گلاس ۾ وجهي پنهنجي پنهنجي اڳيان رکي ڇڏيو ۽ آخر تائين سڀني صرف هڪ هڪ گلاس ختم ڪيو. اسان جي ميزبان تمام ٿورو ٿورو وري به سڀني جي گلاسن ۾ وڌو يا وجهڻ جي ڪوشش ڪئي.
کاڌي ۾ ته سڄي دنيا ۾ امير ۽ غريب لاءِ صرف ٽي ئي قسم آهن. يعني سي فوڊ Sea food، گوشت (ڪُڪُڙَ ۽ تتر جو به ته گوشت ئي آهي) ۽ سبزيون
پر کوپڙي کوپڙي مت نياري
سو انهن ٽن قسمن مان خبر ناهي ته ڪيترا ٿا طعام تيار ٿين. اهڙي نموني سان مٺاين جا به سوين قسم ٿين ۽ هر قسم جو ذائقو عليحده عليحده ٿئي پر تيار ته صرف ٽن شين يعني کنڊ، گيهه ۽ ميدي مان ٿين. ماني لڳي چڪي آهي مون سبزيءَ جو سوپ پنهنجي پيالي ۾ لاٿو. سوپ عام سبزيءَ جي سوپن کان ٿورو ڇڊو هو پر ٽيسٽ لاجواب هئس. کاڌي ۾ مون سڪل فروٽن ۾ رڌيل چانور ٿورڙا پليٽ ۾ لاٿا. چانور عام چانورن کان ٿورا ٿلها هئا. اسان جي ميزبان ٻڌايو ته هي چانور خالص آمريڪي چانور آهن ۽ ڏاڍا مهانگا آهن. هت آمريڪا ۾ هنن چانورن کي سڏين جهنگلي چانور. سڀني ڊشن مان ٿورو ٿورو ٽيسٽ ڪيم. گهڻي وقت کان پوءِ هڪ لاجواب لنچ کائڻ جو موقعو مليو. مون کي پنهنجي والد صاحب جي کاڌي جي باذوق هئڻ ڪري ننڍي هوندي محمد يوسف چانڊئي جي دعوتن ۾ وڃڻ ڪري (سڄي دنيا جا مک حڪمران سندس ڍنڍ تي شڪار لاءِ ايندا هئا) ۽ سالها سال ڪراچي ايئرپورٽ ۽ سي پورٽ تي نوڪري ڪرڻ ڪري نه رڳو سٺا کاڌا کائڻ جو موقعو مليو پر دنيا جي مشهور ماڻهن ۽ ڪيترن ئي ملڪن جي سربراهن کي ويجهو ڏسڻ، ملڻ ۽ کين ٻڌڻ جو موقعو مليو. (مون اهو احوال پنهنجي ”آتم ڪٿا“ ۾ بيان ڪيو آهي.) جنهن مان گهڻو ڪجهه پرايم. لنچ کان پوءِ آمريڪي رياست هوائي جا ڪيترائي لاجواب ميوا ڏسڻ ۽ کائڻ جو موقعو مليو. جنهن ۾ هي فروٽ خاص قابل ذڪر هئا. ايروڪيڊو، ناسپاتيون، مٺن رسن سان ٽمٽار گدرا، تمام نفيس سنها ۽ ڊگها انگور ۽ سڪل ميون ۾ ميڪا ڊيميا، اخروٽ سڀني ڏاڍي چاهه سان کاڌا. مون کي آمريڪا جي ٽوئر ۾ جت به موقعو ملندو هو ته ناسپاتين جو جوس ضرور پيئندو هوس. ڏاڍو لاجواب هوندو هو. ڪراچيءَ ۾ به Agha’s Super Store وارن کي ڪيترائي دفعا اهو جوس ۽ ايراني زم زم ڪولا جو آرڊر لکرايو اٿم پر رڳو آسرا پيا ڏين ٻيو مڙئي ٿيو خير. آخر ۾ سُئيز آئس ڪريم سان ماني پنهنجيءَ پڄاڻي کي پهتي. اسان ڊائننگ هال مان اُٿي اچي ڊرائنگ روم ۾ ويٺاسين جت هڪ لاجواب ڊيڪ تي اڳ ۾ ئي هلڪي ميوزڪ وڄي رهي هئي. جنهن دوران ئي پاڪستان، آمريڪا ۽ دنيا جا حال احوال به هلندا رهيا ته غريب ملڪن جا حال اڳ ئي بُڇڙا، وري فوج ۽ حڪومتن تي خرچ به ڳاٽي ٽوڙ آهن. مثال طور هندستان ۽ پاڪستان اڳ ۾ ئي مقروض ملڪ وري ٻنهي ملڪن جي حڪومت ۾ ڪيڏي ڪئبينٽ جنهن تي ڳاٽي ڀڳا خرچ ٿين، پر هت آمريڪا ۾ سون سالن کان وٺي هڪجيتري ڪئبينيٽ يا وزارتي ڪائونسل يعني صرف چوڏهن وزارتون ۽ وزيرن تي مشتمل ڪئبينيٽ جن جو تعداد، نالا ۽ کاتا ڪجهه هن ريت آهن.
Cabinet Members Under Barak Obama
1. Secretary of state: Helry Clinton
2. Secretary of the Treasury:
3. Secretary of Defense:
4. Attorney General:
5. Secretary of the Interior
6. Secretary of Agriculture:
7. Secretary of Commerce:
8. Secretary of Labour:
9. Secretary of Health and Human Services:
10. Secretary of Housing and Urban Development:
11. Secretary of Transporation:
12. Secretary of Enrgy:
13. Secretary of Education:
14. Secretary of Veteran’s Affairs:
اسان جي هن دعوت ۾ اسان جي ميزبان سندس ٻين دوستن کي به دعوت ڏني هئي جيڪي سڀ جا سڀ ڪافي وقت کان هت رهندڙ هئا ۽ سڀ غير سنڌي هئا پر انهن کي اُت ڪافي وقت رهڻ ڪري پاڪستان ۾ قوميتن جي تضادن جي تفصيلي ڄاڻ ڪا نه هئي. تنهنڪري هنن ۾ پنجابي پناهگير واري شائونزم نظر ڪا نه آئي، جيڪا هت انهن ۾ نظر اچي ۽ پاڻ کي حاڪم محسوس ڪرائين. اسان جي هن ڪچهريءَ ۾ ناسٽراڊيمس جي اڳڪٿين کان وٺي سينفرانسسڪو جي گيز ۽ ليزبين جو ذڪر وڏي تفصيل سان ٿيو. ڳالهين هلندي ڪافيءَ جو دؤر به هليو. هن پر اهتمام لنچ کان پوءِ اسان هن لنچ جهڙو ئي هڪ لاجواب ٽوئرسٽ مرڪز ڏسڻ وياسين. جيڪو سڄي دنيا ۾ ڊزني لينڊ ۽ ڊزني ورلڊ کان پوءِ ٽيون نمبر وڏو تفريح مرڪز آهي. اسان سڀ هڪ ٻئي کان موڪلائي ڪارن ۾ واپس پنهنجي پنهنجي ماڳن ڏانهن روانا ٿي وياسين. اسان سينفرانسسڪو شهر جي حسين جميل شاهراهن ۽ چوڪن تان ڦرندا گهرندا اچي انهيءَ تفريحي ماڳ تي ڪارن مان لٿاسين، هت اندر داخل ٿيڻ لاءِ ڪا به في نه وٺن سو ٽڪيٽ وٺڻ کان سواءِ اندر هليا وياسين.
گولڊن گيٽ قومي تفريحي علائقو شهرن ۾ ٺاهيل پارڪن ۾ سڄي دنيا ۾ سڀني کان وڏو پارڪ آهي ۽ نيويارڪ شهر جي مرڪزي پارڪ سان هڪجهڙائي رکي ٿو. هي تفريحي علائقو، ٽن ڪائونٽين جي تقريباً 28 ميل ڊگهي ساحلي پٽي تي مشتمل آهي. جنهن کي گلن ڦلن ۽ ساوڪ جو سهڻو پوش پهرايو ويو آهي. سينفرانسسڪو شهر جي اتر ۽ اولهه واري ساحل تي مشتمل هي تفريحي علائقو نيشنل پارڪ سروس نالي جي انتظام هيٺ آهي. جتي عوام کي مفت ۾ تفريح ڪرڻ جي اجازت آهي. هن تفريحي علائقي ۾ موجود ڪافي مزيدار پڪنڪ پوائنٽون آهن. مثلاً: اڪواٽڪ پارڪ، ڪلف هائوس، فورٽ ميسن ۽ اوشن بيچ جهڙا پر لطف ماڳ هتي هلندڙ مِني بس نظام وسيلي گهمي سگهجن ٿا. انهن جو مختصر احوال دلچسپيءَ کان خالي ڪونهي. مثلاً: اڪواٽڪ پارڪ، هائيڊ اسٽريٽ واري دِڪي سان متصل عمارت آهي. انهيءَ ۾ ترڻ جي اجازت آهي. هن پارڪ جي ويجهو ئي سينفرانسسڪو ميري ٽائيم نيشنل هسٽاريڪل پارڪ ۾ بحري جهاز جي شڪل جهڙو هڪ مزيدار عجائب گهر پڻ گهمڻ وٽان آهن.
فورٽ ميسن سينٽر جي اسٽريٽ ۽ شور لائين جي وچ ۾ ڪئين ننڍن وڏن دِڪن ۽ عمارتن تي مشتمل تفريحي مرڪز آهي. هتي ٺهيل دِڪا ٻي عالمي لڙائي دوران آمريڪي بحريه جي استعمال ۾ هئا پر هاڻي انهن دِڪن تي عاليشان عجائب گهر، ناٽڪ گهر، هوٽلون، وندر گاهون ۽ سماجي تنظيمن جي دفترن لاءِ تمام سهڻيون عمارتون ٺهيل آهن. انهيءَ کانسواءِ هتي پارڪ هيڊڪوارٽرس نالي هڪڙو تمام سهڻو باغيچو پڻ پوکيل آهي. اسان هن باغيچي ۾ ڪئين فوٽا ڪڍيا.
اولهه طرف ڪجهه اڳتي ليگُونا اسٽريٽ جي اترئين ڇيڙي وٽ مرينا گرين نالي هڪ مخصوص ايراضيءَ ۾ ماڻهو پنڌ ڪندي، ڊوڙندي، لغڙ اڏائيندي نظر ايندا. هن اسپاٽ تي سينٽ فرانسزياچ ڪلب پڻ موجود آهي. جتي سير لاءِ ٺهيل ننڍيون ٻيڙيون ماڻهن کي گهمائڻ لاءِ هر وقت حاضر آهن. هن هنڌ وٽان گولڊن گيٽ پرومينيڊ Golden Gate Promenade نالي اهو ساڍا ٽي ميل ڊگهو ساحلي پٽو شروع ٿئي ٿو جيڪو گولڊن گيٽ برج وٽ ڇيهه ڪري ٿو. هي سمورو پٽو فرش ٿيل آهي. هتي ڊوڙندڙ کانسواءِ سائيڪلن ۽ موٽر سائيڪلن وارا شوقين گهڻي تعداد ۾ نظر ايندا. ساحل جو هي ٽڪرو ڏاڍو پيارو ٿو لڳي. اسان انهيءَ مان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ هت ڪافي دير بيهي رهياسين. هن ئي ايراضيءَ ۾ تختن تي ترندڙ چنچل نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي پڻ لطف اندوز ٿيندو ڏسي سگهجي ٿو. نوجوانن سان گڏ ڪافي وڏي عمر جا شوقين به انهن تختن تي ترندي نظر آيا. دل تي ٻني واري پيڃاري ۾ ترڻ واريون يادون اچي ويون. هن تفريحي علائقي ۾ موجود فورٽ پوائنٽ نالي عمارت سن 1853ع ۾ بندر جي هڪڙي سوڙهي گهاٽ جي بچاءَ خاطر هڪڙي ننڍي قلعي جي صورت ۾ تعمير ڪئي وئي، جتي پنج سؤ کن سپاهي رهندا هئا. هن قلعي ۾ منهن ڀرتيءَ واريون 126 توپون نصب ٿيل هُيون. سن 1900ع ۾ عمارت جي قلعي واري حيثيت ختم ڪري هتان فوج ۽ رکيل توپون هٽايون ويون پر هي سرن سان ٺهيل سهڻي جڳهه اڃا تائين سٺي حالت ۾ موجود آهي ۽ اربع کان آچر تائين صبح 10 بجي کان شام پنجين بجي تائين مخصوص قسم جي سير واسطي کولي وڃي ٿي. ۽ وندر طور اُتي پيل توپن مان ڪڏهن ڪڏهن هڪ ٻه فائر پڻ ڪيا ويندا آهن پر اسان فائر جا آواز ڪو نه ٻڌا. لِنڪن بوليوارڊ يعني وڻراهه، اولهه طرف واري ساحل سان لڳو لڳ اڳتي وڌندي بيڪر بيچ نالي ترڻ واري هنڌ وٽ وڃيو دنگ ڪري. تفريحي علائقي جي هن مخصوص هنڌ کي اُس کائڻ يا اُس ۾ بدن سيڪڻ، مڇي مارڻ ۽ پنڌ ڪرڻ لاءِ بهترين هنڌ قرار ڏنو ويو آهي.
هتي پيدل هلندڙ سياح، سامان پٺن تي رکي مزي سان پنڌ ڪندا لينڊس اينڊ ماڳ ڏانهن روان دوان نظر ايندا. بيڪر بيچ کان ٿورو اڳتي هت ساحلي گهاري آهي جنهن کي چائنا بيچ چوندا آهن، هتي ترڻ جي اجازت آهي. هتي ڪيترائي ريسٽ روم، چينجنگ روم، ۽ خاص حمام پڻ ٺهيل آهن. هن هنڌ کان اولهه طرف ڪجهه مفاصلو اڳتي لينڊس اينڊ نالي هڪڙي مخروطي بُٺي آهي اها ۽ ٻين ڀر وارين ننڍين ٽڪرين تي پائين ۽ سائپريس جا وڻ ڪثرت سان موجود آهن. جن جو نطارو ڏاڍو وڻندڙ لڳي رهيو آهي.
هن هنڌ کان ڪجهه اڳتي ساڳئي ساحل تي پهرين پوائنٽ لوبوس آهي، تنهن کان اڳتي سٽرو باٿس ۽ انهيءَ کان به ٿورو پري ڪلف هائوس نالي سلسليوار الڳ الڳ نهايت سهڻا ماڳ آهن. جتي تفريح جو سمورو بندوبست ٿيل آهي. ڪلف هائوس نالي ماڳ وٽ سامونڊي شينهن يعني سِيلُن جو آستانو آهي. هن هنڌ سامونڊي پکي پڻ تمام گهڻي تعداد ۾ موجود آهن.
هتي هڪڙو اطلاعاتي مرڪز پڻ قائم ڪيو ويو آهي. انهيءَ جي ڀر ۾ وندر لاءِ هڪڙو شيڊ ٺاهيو ويو آهي. جتي راندين جون اهڙيون مشنيون رکيل آهن. جن ۾ ڪجهه مقرر ڪيل سڪا وجهي راند ڪري سگهجي ٿي پر جيئن ته منهنجي ڀاڳ ۾ جوا ۾ کٽڻ (جيت) لکيل ئي ڪانهي سو انهيءَ ۾ سڪا وجهي کيڏڻ جو ڪو به پروگرام ڪونهي.
وهنجڻ ۽ ترڻ لاءِ هي هنڌ سموري ساحل تي سڀ کان وڌيڪ سٺو ماڳ آهي، جتي چوويهه هزار ماڻهو هڪ ئي وقت وهنجڻ ۽ ترڻ جو مزو ماڻي سگهندا هئا پر سن 1966ع ۾ خطرناڪ باهه لڳڻ سبب هي سمورو هنڌ سڙي خاڪ ٿي ويو. انهيءَ کي وري نئين سر تعمير ڪرڻ لاءِ اڃا تائين ڪا به ڪوشش ڪا نه ٿي آهي. تنهنجو سبب معلوم ڪونهي. اهو احوال اسان کي اُت ڊيوٽيءَ ڏيڻ وارن پُڇڻ تي ٻڌايو. ساحل کان ٿورو پنڌ خشڪيءَ ڏانهن ڪيليفورنيا اسٽريٽ جي الهندي دنگ وٽ لِنڪن پارڪ بيحد سرسبز ۽ شاداب ماڳ آهي. هن پارڪ جي حدن اندر گولف راند جو بيحد سهڻو ۽ وسيع ميدان ٺهيل آهي. ان کانسواءِ پارڪ ۾ آمريڪي فوج جو هڪڙو عاليشان عجائب گهر هن ئي پارڪ ۾ ٺهيل آهي.
اوشن بيچ واري ماڳ جي ڏکڻ واري دنگ وٽان ساحل کان چار ميل کن پري فورٽ فنسٽون جي چوڌاري هڪڙو ٻيو پارڪ به آهي. هتي پيدل سياح وڏي تعداد ۾ ننڍين ٽڪرين جي آسپاس لاهين چاڙهين تي چڙهندا ۽ لهندا نظر ايندا. هتان کان اڃان به ڏکڻ طرف روٽ نمبر 280 سان متصل سُئيني رج Sweeney Ridge نالي ٽاڪرائون سلسلو سرسبز ساحلي ٽڪرين جو حسين نظارو پيش ڪري ٿو جيڪو فقط موٽر گاڏين وسيلي ئي ڏسي وائسي سگهجي ٿو. هي حسين ساحلي ماڳ هزارين ايڪڙ ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. سن 1769ع ۾ ڊون گيسپر ڊي پورٽولا جي اڳواڻيءَ ۾ بحري مهم جو ٽولو سينفرانسسڪو بي ڏسڻ وقت پهرين هن سُئيني رج سان متصل ساحل تي لنگر انداز ٿيو هو.
گولڊن گيٽ قومي تفريحي علائقي جي حد ميرين ڪائونٽيءَ ۾ شامل آهي جتي ميڊلينڊس، موئر وُڊس، نيشنل مونيومينٽ اوليما واديءَ نالي تفريح گاهون به موجود آهن.
آمريڪا سڄو تفريح گاهون ٿيو پيو آهي. ڇا گهمي ڇا گهمجي سڄو پئسي جو ٽڪساٽ آهي. ”پئسا ڦينڪ تماشا ديک“ وارو کهيل آهي.
اسان کي هن لاجواب تفريحي علائقي ۾ ڪافي وقت گذري ويو پر ڪا به خبر نه پئي. خبر انهيءَ وقت پئي جڏهن سڀ جون سڀ لائيٽون يڪدم روشن ٿي ويون ۽ ڏينهن مان ڦري رات ٿي پئي ته سڀني دوستن کي احساس ٿيو ۽ سڀني ورڻ جي ڪئي. اسان سڀ هڪٻئي کان موڪلائي پنهنجي پنهنجي آکيري ڏانهن روانا ٿي وياسين ۽ اسان ڦرندا گهرندا سوڪ سينٽر واري خوبصورت علائقي مان گذرندي جت سهڻا گهر، نيون عمارتون مثلاً اوپيرا هائوس، سٽي هال، مک لائبريري جي بلدنگ لاجواب نيون خوبصورت ريسٽورانٽ ۽ ڪلبن جون سهڻيون خوبصورت بلڊنگون ڏسندا اچي پنهنجي رهائش جي هوٽل تي پهتاسين. اسان جي هوٽل جنهن علائقي ۾ آهي انهيءَ علائقي کي سن سيٽ ڊسٽرڪٽ Sun Set District سڏين. هت بارون ۽ ڪلبون به جام آهن. هن علائقي کي عياشين ۽ من موجين جو علائقو چئجي ته بهتر. هت ڪجهه هپي به نظر آيا. جيڪي ڪنهن زماني ۾ ڪراچي ۾ نظر ايندا هئا ۽ هپي ڇوريون ته هر هڪ ڪار واري کان لفٽ گهرنديون رهنديون آهن. هتان کان ٿورو پريان ڪول اسٽريٽ آهي. اُهو علائقو هن علائقي کان وڌيڪ پرسڪون ۽ ماٺار وارو آهي. هي علائقو ڳتيل لڳي ٿو. جتي گهمندي ڦرندي، هلندي سوڙهه محسوس ٿئي ٿي. هي علائقو باقي سڄي شهر کان سستو آهي. هت ميڪسيڪن ڪافي تعداد ۾ رهندا آهن. جيڪي هت به پنهنجي طور طريقي سان پنهنجا تهوار ملهائيندا رهندا آهن. هي علائقو انهيءَ ڪري به ڏاڍو مشهور آهي جو تهوارن دوران شهر جي ٻين علائقن جا ماڻهو به انهن تقريبات کي ڏسڻ ايندا آهن. تڏهن هن علائقي ۾ وڌيڪ رش ۽ گهما گهمي نظر ايندي آهي ميڪسيڪن سان گڏ هت ڪجهه ڏکڻ آمريڪن ماڻهو به آباد آهن.اهي به پنهنجي روايتن ۽ ڏيهاڙن کي برقرار رکيو اچن. دنيا جي هر وڏي شهر ۾ گهڻو ڪري چائنا ٽائون نالي علائقو آهي پر هي دنيا جو شايد واحد شهر آهي جت چائنا ٽائون سان گڏوگڏ رشين ٽائون، جپان ٽائون ۽ ميڪسيڪن ٽائون به آهن. مزيدار ڳالهه ته آمريڪن کي جنهن نالي کان چِڙَ آهي انهيءَ نالي سان هت هڪ ڊسٽرڪٽ قائم دائم آهي. يعني ڪاسٽرو ڊسٽرڪٽ Castro District پرڪاسٽرو سان فيڊرل جو اضافي رنگ هن سان ڳنڍيل ڪانهي. شايد انهيءَ ڪري هن نالي کي برداشت ڪيو اٿن نه ته صدام، اُسامه ۽ فيڊرل ڪاسٽرو نالا هن لاءِ ماءُ جي گار کان به وڌيڪ ايذاءَ رسائيندڙ آهن.
هوٽل جي ڪمري ۾ چادر- صابڻ- ٽوال- چمپل- نائٽيز بدلائڻ سان گڏ روزانه اخبار سينفرانسسڪو گارڊين جي هڪ ڪاپي ۽ هفتيوار سينفرانسسڪو گارڊين رسالي جي هڪ ڪاپي به ڪمري ۾ رکي ويندا هئا. جي رات جو هوش حواس سالم هوندا هئا ته ضرور پڙهندا هئاسين ۽ آمريڪا جي باري ۾ حال احوال معلوم ٿيندا هئا. باقي پنهنجي ملڪ پاڪستان جي ته آمريڪن کي تڏهن خبر پوندي آهي، جڏهن هن خطي ۾ جنگ لڳندي آهي يا پاڪستان ائٽمي يا ميزائلي تجربا ڪندو آهي. نه ته ٻيو ٿيو خير، ۽ هونئن به ته پاڪستان جي نالي کان ايئن بي خبر آهن جيئن پاڻ ڪيترن آفريڪي ملڪن جي نالن کان بي خبر آهيون. مثلاً:
1. Sychelles
2. Surinam
3. Trinidad and Tobago
4. Benin
5. Equatorial
6. Guinea
7. Gugana
8. Honduras
9. Lesotho
ٿي سگهي ٿو ته پاڻ مان به ڪن عام معلومات ياد ڪندڙن ۽ سي-ايس- پي جي تياري ڪندڙ شاگردن کي انهن غير اهم ملڪن جا نالا به ياد هجن پر گهٽ ۾ گهٽ مون کي ياد ڪونهي.
اخبار جي پهرين ۽ آخري صفحي تي نظر ڊوڙايم باقي ٻين صفحن کي اٿلائي پُٿلائي کڻي اخبار مان هٿ ڪڍيم. ٻي عالمي جنگ کان پوءِ اتحادين ليگ آف نيشنس کان وڌيڪ مضبوط اداري جي دنيا ۾ ضرورت محسوس ڪئي ۽ انهيءَ مضبوط اداري جوڙڻ لاءِ جنهن شهر ۾ سڀ اتحادي اچي گڏيا اهو اعزاز به هن شهر سينفرانسسڪو کي حاصل آهي، جت تمام گهڻي بحث مباحثي کان پوءِ اقوام متحده جي جوڙجڪ ٿي. اقوام متحده جي اداري کي دفتر ٺاهڻ لاءِ ان وقت جي دنيا جي امير ترين ماڻهو يعني راڪفيلر نيويارڪ شهر ۾ مفت ۾ زمين ڏني. جنهن زميني اقوام متحده جي موجوده بلڊنگ ٺهي راس ٿي. انهيءَ کان اڳ سينفرانسسڪو شهرين به اقوام متحده جي هيڊڪوارٽر کي هت قائم ڪرائڻ لاءِ ڪافي ڪوشش ڪئي پر اهو ٿي نه سگهيو. اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ جو پهريون اجلاس 1946ع ۾ لنڊن جي سينٽرل هال ۾ ٿيو جنهن ۾ 51 مندوبين شريڪ ٿيا. انهيءَ کان پوءِ ٻيو اجلاس نيويارڪ جي ويجهڙائي ۾ فليشينگ نالي علائقي ۾ ٿيو. سلامتي ڪائونسل جو هيڊڪوارٽر پهرين نيويارڪ شهر کان پنجويهه ميل پري سڪسن ڍنڍ وٽ قائم ڪيو ويو هو. اقوام متحده جو هيڊڪوارٽر ڪهڙي ملڪ ۾ قائم ڪجي انهيءَ تي هر ملڪ جو پنهنجو رايو هو. پهريائين جن شهرن جا اقوام متحده جي هيڊڪوارٽر هئڻ لاءِ نالا تجويز ڪيا ويا تن ۾ ڪوپن هيگن. پئرس ۽ جنيوا خاص قابل ذڪر هئا پر هر ملڪ جو پنهنجو رايو هو ۽ آخر ۾ راءِ شماري ٿي جنهن ۾ کليل ووٽ ذريعي راءِ ورتي وئي. جنهن ۾ ٻه ميمبر غير جانبدار رهيا. ٽيويهن ملڪن يورپ جي حق ۾ ۽ پنجويهن ملڪن آمريڪا جي حق ۾ ووٽ ڏنا. اهڙي طرح آمريڪا ۾ اقوام متحده جو هيڊ ڪوارٽر قائم ٿي ويو. ٻي عالمي لڙائي دوران اتحادي ملڪ سندن دوست ملڪن جي ساٿ کي سڏيندا ئي اقوام متحده هئا. جنگ کان پوءِ قائم ٿيندڙ عالمي تنظيم کي اهو ئي نالو ڏنو ويو. پهرئين جنوري 1942ع ۾ اتحادي ملڪن ٻي عالمي لڙائي جي اسباب ۽ مقاصد بابت پڌرنامو جاري ڪيو. انهيءَ پڌرنامي جو عنوان هو ”اقوام متحده جو پڌرنامو“ انهيءَ وقت کان وٺي اقوام متحده وارو لفظ پکڙجي مشهور ٿيڻ لڳو.
واشنگٽن شهر جي هڪ علائقي ڊمبارٽن آڪس ۾ 21 آگسٽ 1944ع ۽ 7 آگسٽ 1944ع ۾ دنيا جي چئن وڏن اتحادي ملڪن آمريڪا، برطانيا، روس ۽ چين طرفان ڪانفرنس ۾ هن مستقل عالمي تنظيم جي تشڪيل لاءِ مکيه ۽ اهم ڪم ڪيو ويو هو پر انهيءَ بابت هڪ مڪمل ۽ متفقه منصوبو جُڙي ڪو نه سگهيو ڇو ته آمريڪا ۽ برطانيا جو ٻن مکيه معاملن تي اختلاف ٿي پيو. هڪڙو مجوزه سلامتي ڪائونسل ۾ ووٽ ڏيڻ ۽ فيصله ڪن ووٽ يعني ويٽو پاور جي اختيار وارو مسئلو ٻيو اقوام متحده جي ميمبر ٿيڻ واري اصول جو اختلافي مسئلو. روس سوويت يونين جي سمورين رياستن جي اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ ۾ جداگانه ۽ آزادانه ميمبر شپ جي گهر ڪئي هئي. اها برطانيا ۽ آمريڪا قبول ڪا نه ڪئي. بعد ۾ يالٽا ڪانفرنس دوران آمريڪي صدر روزويلٽ برطانوي وزيراعظم چرچل ۽ روسي صدر اسٽالن مٿين اختلافن کي ختم ڪيو ۽ اقوام متحده نالي تنظيم ۾ اڳوڻي عالمي تنظيم ۾ موجود ٽرسٽي شپ وارو نظام رائج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اهڙيءَ طرح يالٽا ڪانفرنس ۾ ڊممبارٽن ڪانفرنس واري خاڪي ۾ ترميمون آڻي اقوام متحده جي تشڪيل لاءِ وڌيڪ ڳالهيون ڪرڻ لاءِ هڪڙو مناسب بنيادي خاڪو اتفاق راءِ سان جوڙيو ويو. انهيءَ موجب 25 اپريل 1945ع تي اتحادي ملڪن سينفرانسسڪو شهر ۾ ڪانفرنس منعقد ڪئي. جنهن ۾ اقوام متحده جو چارٽر مرتب ڪيو ويو. انهيءَ چارٽر تي انهن 46 ملڪن 26 جون 1945ع تي صحيح ڪئي، جن جي نمائندن سينفرانسسڪو ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي هئي. ڪانفرنس هلندي چئن ٻين قومن يوڪرين، بائلو روس، ارجنٽائين ۽ ڊينمارڪ کي پڻ انهيءَ ۾ شامل ڪيو ويو. تنهن کانسواءِ هن ڪانفرنس ۾ شامل نه رهندڙ ملڪ پولينڊ کي پڻ اقوام متحده جو ميمبر بڻايو ويو. اهڙي ريت اقوام متحده جي ميمبر ملڪن جو تعداد 51 بڻيو. 24 آڪٽوبر 1945ع تي اقوام متحده وارو چارٽر اصولي طور نافذ ڪيو ويو. انهيءَ وقت چئن عالمي طاقتن يعني آمريڪا، برطانيا، روس ۽ چين سان گڏ فرانس ۽ باقي ميمبر ملڪن جي اڪثريت انهن تي چارٽر موجب عائد ضروري اسناد پيش ڪري ڇڏيون هيون. سينفرانسسڪو ڪانفرنس، گذريل هزار سالن جي ڊگهي عرصي ۾ عالمي پئماني تي سڏايل پهرين ڪانفرنس هئي. جنهن تي ڪنهن به يورپي قوم جو غلبو ڪو نه هو.
سينفرانفسسڪو ڪانفرنس نه فقط جاگرافيائي طور تي يورپ کان تمام پراهين پڊ تي منعقد ڪئي وئي هئي پر انهيءَ ۾ سوويت روس ۽ اولهه وارن فقط نون 9 يورپي ملڪن شرڪت ڪئي هئي. انهيءَ ڪانفرنس ۾ آمريڪا جي 21 ملڪن، 7 ويجهن مشرقي ملڪن، 6 دولت مشترڪه جي ملڪن، 3 سوويت رياستن، 2 ڏور اوڀر جي ملڪن ۽ 2 آفريڪي ملڪن سموري دنيا جي نمائندگي ڪئي. اتحادي ملڪن جي مخالف 9 ملڪن جرمني، اٽلي، جپان، هنگري، آسٽريا، رومانيا، بلغاريه، فن لينڊ ۽ ٿائيلينڊ، 8 غير جانبدار ملڪن: سوئيزرلينڊ، اسپين، پرتگال، سويڊن، آئرلينڊ، افغانستان آئيرلينڊ، يمن ۽ پڻ پولينڊ هن ڪانفرنس ۾ نمائندگي ڪا نه ڪئي.
اڳوڻي ليگ آف نيشنس جو پهريون صدر آغا خان سلطان محمد (جيڪو سنڌ ڄائو هو) هو ۽ هن نئين قائم ٿيل اقوام متحده جو پهريون سيڪريٽري جنرل ناروي جو ٽريگولي چونڊيو ويو. سينفرانفسسڪو جي شهرين ۽ ميونسپالٽي جي لک ڪوششن جي باوجود به هي شهر اقوام متحده جو هيڊڪوارٽر ته نه ٿي سگهيو پر سڄي دنيا جي گيز ۽ ليزبين جو هيڊڪوارٽر ٿي ويو. شايد اهو ئي سندس نصيب ۾ لکيل هو. جيئن سنڌ جي فاتح نيپئر جي نصيب ۾ ڪراچيءَ جي چڪلي جو نالو پيو.
فرج مان کير ڪڍي پي پوءِ لائيٽ وسائي سمهي پيس ۽ دستور مطابق صبح سوير جاڳ ٿي. تمام هلڪي آواز ۾ وائيس آف آمريڪا تان خبرون ٿو ٻڌان. عورت جي سُريلي آواز ۾ خبرون ٻڌندي مزو پيو اچي. هونئن به صبح جو سانت ۾ هر شيءِ پئي وڻندي آهي، هي ته زنانو آواز آهي. انگريز هر ڳالهه ۾ اڳتي آهن پر راڳ ۾ مار کائي ويا آهن، پوءِ اهو عورت جي آواز ۾ هجي يا مرد جي آواز ۾. ننڍي هوندي سئنيما ۾ فلم ڏسندي جي انگريزي فلم ۾ گانو شروع ٿيو ته سڀ ماڻهو کلڻ لڳندا هئا. گانو ٻڌندي ٻڌندي سڄو سئنيما هال ٽهڪڙا ٿي ويندو هو. جيسين وڃي گانو ختم ٿئي. گاني کانسواءِ انگلش اسٽائل جي ڊانس به ٻارن جي پي ٽي P.T وانگر لڳندي آهي.
راڳ ۽ ڊانس هندستان کان پوءِ دنگ آهي. جت بادشاهن جي محلن کان وٺي ٻيلن ۾ ڌنار تائين هر ڪو انهيءَ شوق جو شيدائي هو ۽ آهي.
مولانا ابوالڪلام آزاد پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ”غبار خاطر“ ۾ راڳ تي ڏاڍو سهڻو لکيو آهي نه رڳو راڳ تي پر هر ٽاپڪ تي لاجواب لکيو اٿس.
آئون هوٽل مان نڪري ٻاهر تازي هوا ۾ رستي تي ٿو هلان. ٻاهر بلڪل سانت لڳي پئي آهي. نه ٽرئفڪ جو گوڙ نه ماڻهن جو آواز، پري پري ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو ڏسڻ ۾ اچن پيا. آئون پنڌ هلندي هلندي ڪافي اڳيان نڪري ٿو وڃان. هڪ هنڌ اخبارون شيشي جي ڪٻٽ ۾ رکيون آهن پر ڪو به ماڻهو ڪونهي. اهو توهان کي لاس اينجلس، لاس ويگاس، سين ڊيگو ۽ سينفرانسسڪو ۾ عام نظر ايندو. سو اخبار کڻي پئسا اُتي رکي گهمندو ڦرندو واپس ڪمري تي اچي اخبار ٿو پڙهان. ٿوريءَ دير کان پوءِ هوٽل جي ڊائيننگ هال مان ٿرماس ۾ پيل چانهه ڪوپ ۾ وجهي کڻي اچي ڪمري تي پيتم. اسان جي هن هوٽل جو ڊائيننگ هال سيلف سروس اسٽائل جو آهي. هن مان کاڌو ۽ پيتو توهان جي مرضيءَ مطابق توهان اُت کائي يا ڪمري تي کڻي اچي کائي ٿي سگهيا پر اهو صرف ناشتي تائين محدود هو. باقي ٻين کاڌن لاءِ ٻيو ڊائيننگ هال هو. جت کاڌو آرڊر سان ٻين هوٽلن وانگر کائبو هو پر اسان سينفرانسسڪو جي هن هوٽل ۾ ٻن ڏينهن واري قيام ۾ صرف هڪ دفعو کاڌو نه ته گهڻو ڪري ماني يارن دوستن جي گهرن تي کائبي هئي پر انهيءَ لاءِ به ٽائيم ڪو نه ملندو هو ۽ ڪيتريون دعوتون رهجي ويون ڇو ته اسان اُت دعوتون کائڻ نه پر گهمڻ ڦرڻ ويا هئاسين. سو هر هنڌ ۽ هر شهر ۾ اها ڪوشش هوندي هئي ته کائڻ پيئڻ ۽ سمهڻ گهٽ پر گهمڻ زياده هجي. اخبار پڙهندي دوست اٿيا ۽ اسان ناشتو ڪري تيار ٿياسين ته نظام جو هڪ دوست گاڏي کڻي پهچي ويو ۽ اسان انهيءَ سان ڪار ۾ چڙهي روانا ٿي وياسين. سينفرانسسڪو جون مشهور جڳهيون گهمي ورتيون سين. هاڻ ڪيڏانهن وڃجي اهو سوچيندا سوچيندڪار ۾ سينفرانسسڪو جي سهڻن شاهران تان لنگهي رهيا آهيون. اڄ اسان کي واپس لاس اينجلس به وڃڻو هو. تنهن ڪري سوچيوسين ته شهر جو مختصر چڪر هڻي ايئرپورٽ ڀيڙا ٿيون سو پرين جي داستان جهڙي هن حسين شهر کي سلام ڪندا وڃي ايئرپورٽ تي پهتاسين. جت هوائي جهاز ڄڻ ته حيدرآباد ريلوي اسٽيشن ٻاهران بيٺل ٽانگن جيان لڳا پر پنهنجي انهيءَ هوائي جهاز جي ڪائونٽر تي وياسين جنهن هوائي جهاز ڪمپنيءَ ۾ لاس اينجلس کان هتي آيا هئاسين ۽ پنهنجا ٽڪيٽ ڪڍي پنهنجي ايئرلائين ڪائونٽر تي ويٺل آمريڪي ڇورين جي حوالي ڪياسين. انهن اسان کي بقول شمن ميراليءَ ته:
”توکي جيءَ ۾ جايون ڏيندس.“
وانگر خوش آمديد ڪري کڻي ٽڪيٽ ۽ اسان جو سامان پنهنجي حوالي ڪيو ۽ انهيءَ جي عيوض چند منٽن ۾ اسان جا بورڊنگ ڪارڊ ۽ سامان جا بئگ کڻي اسان جي حوالي ڪيا ايئن اسان سينفرانسسڪو انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي پئسينجرن جي لائونج ۾ پهچي پهريائين ڊيوٽي فري شاپس جو چڪر هڻي اچي نيٺ پنهنجي منزل يعني هڪ ڪتاب گهر ڀيڙا ٿياسين جتان مون هڪ ٻه ڪتاب پنهنجي لاءِ، هڪ ٻه ڪتاب يارن دوستن لاءِ ۽ ٻه ڪتاب فرخ ۽ محبوب لاءِ ورتا. ته اسان جي جهاز جي اڏام جو اعلان ٿيو ۽ اسان پنهنجا ڪتاب ڪَڇُن ۾ هڻي جهاز جي ڄاڻايل گيٽ ڏانهن روانا ٿياسين، جت اسان پنهنجي ميزبانن کان موڪلائي جهاز اندر داخل ٿياسين ته جهاز جي عملي جنهن ۾ ڪئين ايئرهوسٽس حسين مرڪن سان اسان کي خوش آمديد چيو ۽ اسان کين کلي جواب ڏئي پنهنجي پنهنجي سيٽن ڏانهن روانا ٿياسين. سامان مٿي رکي اسان هيٺ سيٽن تي ويهي رهياسين. سڀ مسافر اڇي چمڙي وارا ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ڪارو نظر آيو. پاڪستاني صرف اسان هئاسين. ايئن اڌ کن جهاز مسافرن سان ڀيرو ته جهاز جي هلڻ جو اعلان ٿيو ۽ اسان پنهنجا سيٽبيلٽ درست ڪري سيٽ سڌي ڪري ويٺاسين ته جهاز آهستي آهستي هلي پنهنجي ڄاڻايل رنوي Run way تي ڊوڙون پائيندو زمين کان کڄي هوائن جي هنج ڀيڙو ٿي ويو ۽ اسين هيٺ آمريڪا جي سمنڊن ۽ سرزمين کي ڏسندا وائسندا اڳتي وڃي رهيا آهيون.
مٿي آسمان ۾ سفيد ڪڪر ايڪڙ ٻيڪڙ نظر اچي رهيا آهن نه ته آسمان گهڻو ڪري صاف لڳو پيو آهي. جهاز هوائن ۾ پنهنجي جڳهه والاري ته بيلٽ کولڻ جو آواز ٿيو ته اسان به پنهنجا بيلٽ ڍرا ڪري اندر ايئر هوسٽس کي ٽراليءَ سميت پاڻ ڏانهن ايندڙ ڏسي تيار ٿي ويٺاسين ته خبر نه آهي ڪهڙي ٿي اسان مٿان ورکا ٿئي ۽ اسان انهيءَ ورهاست کان محروم نه ٿي وڃون.
ڳاڙهي وردي سفيد شرٽ پهريل ۽ اڌ ٽنگون اگهاڙي ايئر هوسٽس کي ڏسي مون کي هڪ پراڻو قصو ياد اچي ويو. چون ٿا ته سنڌ ۾ انگريز دؤر ۾ ڪنهن مير صاحب کي انگريز لنڊن گهمڻ لاءِ موڪليو. مير صاحب لنڊن گهمي ڦري جڏهن واپس سنڌ پهتو تڏهن کيس لنڊن مان واپس اچڻ تي مبارڪ ڏيڻ وارن کي ڏاڍي عجب مان ٻڌايائين ته ابا لنڊن ۾ مايون سُٿڻون پائين ئي ڪو نه ٻيو ته ات ننڍڙن ٻارن کي به انگريزي اچي.
سو اسان به انهن ايئر هوسٽس کي ڏسي خوش ٿي کڻي، سندن هٿن مبارڪن سان ڏنل سامان پنهنجي پليٽن مان کڻي کائڻ لڳاسين. جنهن ۾ چَهرو گهٽ مٺو زياده هو. مون هميشه وانگر ناسپاتين جو تازو جوس پنهنجي لاءِ ورتو پر انهيءَ کان اڳ پاڻيءَ جو گلاس به پيتم ، کائيندي پيئندي ڪنن تي چڙهيل ايئرفون تي ميوزڪ ٻڌندي هنن حسين محجبين ايئرهوسٽس کي ڏسندي هوائي جهاز لاس اينجلس پهچڻ ۾ دير ئي ڪا نه ڪئي.
جهاز جيئن ئي هيٺ زمين ڀيڙو ٿيو ته اسان پنهنجو سامان کڻي جهاز مان نڪري سواءِ ڪنهن به چيڪنگ جي ايئرپورٽ بلڊنگ مان نڪري ٻاهر اسان جي انتظار ۾ بيٺل ڪار ۾ چڙهي پنهنجي رهائش جي جڳهه تي پهتاسين. ڪجهه دير آرام ڪرڻ کان پوءِ اُٿيس. مون اڄ جي اخبارن تي سراسري نظر وڌي. اڄ جي اخبارن ۾ لاس اينجلس شهر ۽ ان جي واپار ۽ سياحت تي خاص مضمون لکيل هئا. شايد اڄ ڪو خاص ڏينهن هو.
لاس اينجلس ۽ ان جا پاڙيسري علائقا تجارت، صنعت، اعليٰ صنعت، زراعت ۽ فضائي حرفت جي لحاظ سان آمريڪي ترقيءَ لاءِ پاور هائوس جي حيثيت رکندڙ آهن. اقتصادي لحاظ کان ڪيليفورنيا رياست پوري دنيا ۾ ڇهون نمبر وڏي ۾ وڏي قوت جي حامل آهي. آمريڪا جي سڀني رياستن کان اها پيداوار، زراعت توڙي وندر ۽ ورونهن ۾ گهڻو اڳتي آهي. باقي فقط تيل ۽ گئس ۾ اها چوٿون نمبر آهي. باقي واپار ۾ گهاٽي واڌي اها سڄي آمريڪا وانگر هتي به ڪڏهن ڪڏهن ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ هي شهر اهڙي ته بهترين هنڌ تي قائم آهي. جتي هر طرح سان واڌاري، سڌاري، ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ جا موقعا دائمي طور موجود آهن.
پئسفڪ رائيزنگ Pacific Rising ڪتاب جي ليکڪ سائمن ونچيسٽر لکيو آهي ته ”لاس اينجلس شهر پئسفڪ سمنڊ جي حوالي سان اهڙي حيثيت حاصل ڪندو. جيڪا حيثيت ايٽلانٽڪ سمنڊ سان وابسته شهر نيويارڪ کي حاصل آهي. اهو قدرتي طور تي ايڪيهين صديءَ ۾ دنيا جو هڪڙو عظيم ۽ نهايت شاندار گيٽ وي، زبردست بندر، بيحد پيارو شاهوڪار ترين، جديد ترين ۽ تمام گهڻي آدمشماريءَ وارو شهر ٿي ويندو.“
لاس اينجلس پنهنجي مختصر مگر شاندار ماضيءَ موجب پنهنجي بيهڪ ۾ خوشنصيب شهر آهي. شهر جي اوڀر ۾ صحرائن ۽ پهاڙي سلسلي جي صورت ۾ تقريباً شهر جي سرحد متعين آهي. طبعي نفسياتي ۽ اقتصادي وسيلا توڙي موقعا شهر جي اولهه طرف وافر مقدار ۾ موجود آهن. جتي ايشيائي ماڻهن جي اچڻ سان مذڪوره وسائل ۾ ترقي ۽ خوشحالي حقيقي روپ ڌاريندي. جيئن هن جي ڏکڻ ۾ سين ڊيگو ۽ اتر ۾ سينفرانسسڪو شهر جي اهميت رهي آهي. مگر لاس اينجلس شهر جي پوري پيسفڪ ساحل تي سمورن شهرن جي ڀيٽ ۾ مرڪزي حيثيت حاصل آهي.
سنڌيءَ ۾ چوندا ته: ”ابي چاڙهي (ڪُني) ادي چاڙهي مون نه چاڙهي ڄڻ ته ڪنهن نه چاڙهي“ سو سائين آمريڪا ۽ ڪيليفورنيا ۽ لاس اينجلس ته امير آهن پر پنهنجي ملڪ پاڪستان ۽ سنڌ جا ته حال ڏينهون ڏينهن وڃن هيڻا ٿيندا.
ماڻهو چاهين ٿا ته هت ڪم وارا ۽ دولت وارا ماڻهو اچن جيئن ڪم به ٿئي ۽ دولت به اچي، نه ڪي هت کوٽي ۽ کٽل اچن. جنهن ڪري ئي ٿائي، بنگلاديش، فلپنو ۽ انڊين کي هت مزوري لاءِ گهرائيندي پسند ڪيو ويندو آهي. ڇو ته هي ويچارا محنت به گهڻي ڪندا آهن ۽ ڏاڍا هيڻا ۽ رضا تي راضي رهڻ وارا هوندا آهن. مون خود به آمريڪا، يورپ، سعودي عربستان ۽ دبئي ۾ به ڏٺو ته انهن ملڪن جا شهري اُت وڏي تعداد ۾ آباد هئا. اسان هت هڪ سپرمارڪيٽ ۾ وياسين، جيڪا تمام وڏي هئي. لاس اينجلس جا فري ويز ۽ سپر اسٽور ايڏا ته وڏا آهن جو آمريڪا ۾ ته ٺهيو پر دنيا ۾ به ڪو نه هوندا.
اسان هت خريداري ته گهٽ ڪئي پر مڙئي ٽائيم پاس ڪرڻ ۽ هت وڙڪڻ ڪري ڪافي وقت لڳايو. مون ڪجهه دوائون ۽ شرٽس خريد ڪيون نظام اسان لاءِ سٺا جوس ۽ ٻيو گهر جي استعمال لاءِ سامان خريد ڪيو. ايڏو وڏو اسٽور هو ۽ ايڏي وڏي تعداد ۾ شمعدان ۽ لائيٽن جي جهرمر هئي جو دل ئي ڪو نه ٿي چاهيو ته هتان نڪرون پر رات جو نظام جي دوستن جي دعوت هئي سو هتان نڪري گاڏيءَ ۾ چڙهي شهر مان ڦرندا گهرندا اچي گهر پهتاسين. جت سامان رکي هڪ ٻه فون ڪري اسان، اسان جي ميزبان جي گهر ڏانهن روانا ٿياسين. لاس اينجلس شهر سڌاري لاءِ تبديلي آڻڻ جا هر ماڻهوءَ لاءِ موقعا فراهم ڪري ٿو پر عقل ۽ محنت جي به ضرورت آهي نه ته اسان جا ڪيترا سارا واقفڪار سالن کان آمريڪا ۽ انگلينڊ ۾ رهندا آهن پر سيٽ نه ٿي سگهيا آهن ۽ ڏاڍا پريشان آهن. هن شهر جي مٿان تمام ڪشادو آسمان ۽ نهايت وسيع افق موجود آهي. جتي بيشمار وسيلا ۽ موقعا موجود آهن.
شهر جي مثالي ترقيءَ جا بنياد ڪشادي ۽ وسيع علائقي، بي انداز جائداد، اوسر ۽ بي تحاشا آمدرفت تي قائم آهن. مغربي دنيا ۾ هن شهر کي خوابن کي تعبير ڏيڻ واري فيڪٽري طور بيان ڪيو ويندو آهي. انهيءَ چوڻي موجب اهو سدائين ترقي ۽ خوشحاليءَ جا ڪيترائي خواب ڏسندو ۽ تعبير ڪندو رهندو آهي.
ڪڏهن ڪا عارضي تعمير پڻ مستقبل جي امڪان کي روشن ڪري وجهي ٿي. ڀلا لاس اينجلس کانسواءِ ٻيو ڪهڙو هنڌ يا شهر اعليٰ پايي جي، جديد فني شاهڪارن کي ڪنهن دُڪان ۾ سجائي سگهيو ۽ انهن تي ”عارضي همعصر“ وارو نالو رکي سگهبو ڇا؟ عجيب ڳالهه اها پڻ آهي واقعي! لاس اينجلس جي موجودات پڻ گهڻي ڀاڱي عارضي ٿي سگهي ٿي ۽ لاس اينجلس همعصر شهر ته از خود آهي ڇو ته ٻيا به ڪيترائي شهر هن جي عمر جيترا ۽ هن سان گڏ دنيا ۾ بلڪه پيسفڪ ساحل تي موجود آهن.
شهر جو فري وي، سڌريل، گهڻو وهندڙ ۽ ڏاڍي رش وارو آهي. جتي ڪڏهن ڪڏهن ٽريفڪ جام ٿيڻ سان بدمزگي ۽ بدامني پڻ سرزد ٿيندي آهي. جنهن جو ذڪر آئون اڳ به ڪري آيو آهيان. لاس اينجلس اهو شهر آهي جنهن ۾ مِڪي مائوس جهڙا مزيدار ڪارٽون، پيزا جهڙا لذيذ طعام ۽ ويليٽ جهڙا مزدور جٿي ڪٿي ملندڙ هجن ۽ جهڙو ڪر آمريڪي خواب وارو دلفريب ناٽڪ جاري هجي، جيڪو سڄي آمريڪا ۾ فقط هن ئي شهر ۾ موجود آهي. ڇو ته پوري آمريڪا ۾ اها اضافي خصوصيت فقط هن ئي شهر کي حاصل آهي.
ماحوليات جي ماهر ليکڪ واليس اسٽيگلز جي تجزيي موجب ”آمريڪا اهڙو ملڪ آهي، جنهن ۾ هر شيءِ جي فراواني آهي“ واقعي هت هر شئي جي گهڻائي آهي. اهو پر رئونق آهي هتي ڪا به شيءِ گهٽ يا غير معياري ڪانهي. هتي ناممڪن ڳالهيون امڪان ۾ ايندي محسوس ٿين ٿيون.
شِوِ نيپال نالي هڪڙي ٻئي ليکڪ جي بيان موجب آمريڪا فقط قسمت آزمائيندڙن ۽ ڪاميابي چاهيندڙن جي آماجگاهه ڪونهي، پر هي نئون تشخص پيدا ڪرڻ وارن جو پڻ ملڪ آهي.
تنهنڪري ڪيليفورنيا وارن جو نصب العين يوريڪا Eureka شايد واقعي درست آهي. جنهن جي معنيٰ آهي ته ”مون لڌو آهي.“ مطلب ته هي اهو هنڌ آهي جتي مون کي زندگي جون عظيم ڪاميابيون حاصل ٿينديون آهن. واقعي عقل ۽ محنت سان ماڻهو آمريڪا ته آمريڪا آهي پر غريب ملڪن ۾ به وڏيون ترقيون ڪري مقام حاصل ڪيو آهي. ڳالهين ڳالهين ۾ اچي اسان پنهنجي ميزبان جي گهر پهتاسين. جت اسان جا ميزبان اسان جا منتظر هئا، رڳو اسان جي اچڻ جي دير هئي. اسان هڪ ٻئي سان ملي اندر ڊرائينگ روم ۾ داخل ٿياسين. اسان جي ميزبانن ٻين به دوستن کي دعوت ڏني هئي جيڪي پڻ ڊرائينگ روم ۾ ويٺل هئا. انهن جو اسان سان تعارف ڪرايو ويو. اُهي سڀ پنجابي هئا. هت سندن وڏا ڌنڌا ڌاڙي هئا ۽ نظام جا ويجها دوست هئا. جنهن ڪري اسان جي دعوت ڪئي هون. ڊرائينگ روم ۾ لائيٽ تمام گهٽ هئي ۽ هلڪي ميوزڪ هلي رهي هئي. ”دورپي دور چلي“ شايد اسان جي دير سان پهچڻ ڪري اڳ ئي جاري هو.
گهر تمام نفاست سان سيٽ ڪيل هو ۽ هڪ پر تڪلف دعوت جو اهتمام ٿيل هو. ملڪي، غير ملڪي، سياسي ۽ معاشي حال احوال ٿيا. آخر ۾ هڪ تمام پر تڪلف ڊنر جو اهتمام ٿيو. اسان دير سان واپس گهر پهتاسين ۽ دير سان سُتاسين ٻئي ڏينهن ايئرپورٽ پهچي جهاز ۾ عملي طرفان روايتي خوش آمديد جو جواب ڏئي وڃي اندر پنهنجي سيٽ ڀيڙو ٿيس. چند منٽن کان پوءِ جهاز رن وي تي ڊوڙڻ لڳو ۽ ايئن آئون آمريڪا کي آخري دفعو ڏسندو پيسفڪ سمنڊ مٿان جهاز ۾ اڏامي رهيو آهيان.