ٻيو حصو
فيمليءَ وارن ماڻهن جي سهولت لاءِ هتي بيبي ڪيئر سينٽر Baby Care centre، ڪُتا آڻيندڙن لاءِ ڪينل Kennel ۽ ڪئين ريسٽ روم موجود آهن.
ڊزني لينڊ گهمڻ لاءِ گهربل ٽڪيٽ کي پاسپورٽ سڏيندا آهن. ٻن ۽ ٽن ڏينهن لاءِ گهربل پاسپورٽ ۽ سٺ سالن کان وڏي عمر وارن ماڻهن لاءِ اگهن ۾ ڪجهه ڇوٽ ڏجي ٿي. هن پارڪ کي هڪ ڏينهن ۾ مڪمل طور ته مور نٿو ڏسي سگهجي ڇو ته عجائبات جو تعداد تمام گهڻو آهي. هي پارڪ ستن مکيه ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. ڊزني لينڊ ريلوي پنهنجي ڏيڍ ميل واري چڪر ۾ سمورن ڀاڱن جو هڪڙو دلفريب نظارو ڏيکاري ٿي.
پارڪ جي هر ڀاڱي ۾ ڪيترائي ريسٽورانٽ آهن جتي هر قسم جو کاڌو پيتو مُيسر آهي.
پارڪ ۾ سير جي شروعات مين اسٽريٽ يو ايس اي نالي مکيه دروازي وٽان ٿئي ٿي. گهڙيال جي ڦيري موجب سمورن ڀاڱن مان ٿيندي آخري ڀاڱي ٽومارو لينڊ ۾ دنگ ڪري ٿي. سمورن ڀاڱن ۾ ڪيترائي موسيقار ۽ بازيگر ماڻهن کي اضافي طور وندرائڻ لاءِ موجود آهن.
والٽ ڊزني هڪ ڀيرو چيو هو ته” مون کي اميد آهي ته اسين هڪڙي نهايت عجيب شيءِ کي ڏسڻ ڪو نه وسارينداسين ۽ اها شيءِ آهي ”مڪي مائوس“ يعني اهو ڪُئو جنهن جي نمائش هتي سڀني اسمن کان پهرين ۽ اڳي ڪئي وئي هئي.“
پارڪ جي تقريباً سمورن ڀاڱن ۾ ڪيترائي هٿرادو ساهوارا نمائش لاءِ رکيل آهن. انهن ۾ انسان، حيوان ۽ پکي پڻ شامل آهن. انهن کي اينيميٽرانڪس Animatronics سڏجي ٿو. اهي ساهوارا اهڙي ته ڪاريگريءَ سان ٺاهيل آهن جو اهي ڪنهن به طرح هٿرادو نٿا لڳن. سندن چرپر ۽ آواز حقيقي ساهوارن سان مڪمل طور ملندڙ آهي، جنهن سبب ماڻهو کي هن طلسم تي يقين نٿو اچي. هتي ڪيترن ئي قسمن جا هٿرادو گل ۽ وڻندڙ ٻوٽا پڻ نمائش لاءِ آراسته ڪيل آهن. ڊزني لينڊ اسان گهمي رهيا آهيون ۽ توهان کي به گهمائي رهيا آهيون.
پارڪ جي پهرئين ڀاڱي کي ايڊوينچر لينڊ Adventure land سڏيندا آهن. هن ڀاڱي ۾ پاڻيءَ جا ڪيترائي واهڙ ۽ تلاءُ آهن جن ۾ تراکڙين ٻيڙين ۾ هٿرادو نموني ايشيا، آفريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي مختلف تفريح گاهن جا نظارا ٻيڙين ۾ سير وسيلي ڏيکاريا ويندا آهن. جٿي ڪٿي پاڻيءَ ۾ پاڻي وارا وڏا وڏا مختلف قسمن جا مڇ ڏسڻ ۾ ايندا آهن. جيڪي پنهنجي پنهنجي مزاج مواقف ڪرتب ڏيکاريندا رهندا آهن.
پارڪ جي ٻئي ڀاڱي کي ڪريٽر ڪنٽري Critter Country سڏيندا آهن. هن ڀاڱي ۾ اتر اولهه آمريڪا جي جهنگلن جي طرز تي گهاٽا جهنگل ڏسڻ ۾ اچن ٿا. انهن جي وچ ۾ ننڍا واهڙ به موجود آهن. هتي جهنگلن ۾ رڇ (Bear) کي ڪرتب ڪندي ڏيکاريو وڃي ٿو. هن جهنگل ۾ وهندڙ واهڙن ۾ وڻن جي ٿڙن مان ٺهيل ننڍيون ٻيڙيون ترنديون آهن، انهن تي چڙهي به ماڻهو هن ڀاڱي جو سير ڪري سگهي ٿو ۽ وڌيڪ لطف وٺي سگهي ٿو.
پارڪ جي ٽئين ڀاڱي کي فينٽاسي لينڊ Fantasy Land سڏيندا آهن. هن ڀاڱي ۾، ڊزني اسٽوڊيو ۾ ٺهيل فلمون ڏيکاريون وڃن ٿيون. انهن ۾ اوڻيهين صديءَ دوران انگلينڊ جي سماجي صورتحال هڪ مخصوص انداز ۾ پيش ڪيل آهي.
جهڙوڪ ميڊ هيٽر واري چانهه پارٽي، مسٽر ٽوڊ جي جهنگلي سواري، سليپنگ بيوٽيءَ وارو ڪيسل وغيره، تنهن کانسواءِ وائيٽ نِڪل ٽرپ مزيدار راند آهي. جنهن ۾ هڪ ننڍڙيءَ گاڏيءَ ۾ ماڻهو سوار آهن، اهي اوچتو هڪ مٿانهين هنڌ تان هيٺ گوڏن ڀر اچي ڪرن ٿا. هتي هڪڙي ٽرين ۾ هڪڙو سرڪس گهمايو وڃي ٿو جنهن ۾ ٽن ننڍڙن سوئرن جا ڪرتب ڏيکاريندا آهن ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي مزيدار شيون ڏيکارين ٿا.
ڊزني لينڊ پارڪ جي چوٿين ڀاڱي کي فرنٽيئر لينڊ Frontier Land سڏين ٿا. هن ڀاڱي ۾ قديم مغربي دنيا کي مخصوص انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. هتي آمريڪي ندي مسيسيسپي Mississippi جو نقل ٺاهي منجهس مارڪ ٽوئن ۽ ڪولمبيا نالي جهازن جو سفر ڏيکارين ٿا. ماڻهو انهن جهازن تي چڙهي ۽ گهمي سگهن ٿا. تنهن کانسواءِ هتي هڪڙي ريل گاڏي هڪڙي غار يا کاڻ مان لنگهندي ڏيکارين ٿا. جتي پٿرن جا ٽڪر ڪرندا ۽ چمڙا وغيره اڏامندا نظر اچن ٿا.
مين اسٽريٽ يو ايس اي Main Street U.S.A نالي واري ڀاڱي ۾ اوڻيهئين صديءَ واري آمريڪي صورتحال ڏيکاري وئي آهي. هتي فقط ٽانگا ۽ بگيون هلايون وڃن ٿيون. هتي سينيما اوپيرا هائوس ۽ ٻارن جي رانديڪن ۽ کائڻ پيئڻ جي شين جا دڪان به آهن. اوپيرا هائوس ۾ هڪ شو ڏيکارين ٿا انهيءَ جو نالو آهي مسٽر لنڪن سان گڏ گذاريل عظيم لمحات Great Moments with Mr. Linconانهيءَ ۾ آمريڪي صدر ابراهام لنڪن آمريڪي تاريخ تي هڪڙو ليڪچر ڏيندو آهي.
نيو اورلينس اسڪوائر New Orleans Square نالي ڀاڱي ۾ مارڊي گراس پريڊس ۽ ڊڪسيلينڊ جاز نالي موسيقي ۽ ناچ حقيقي فنڪارن طرفان پيش ڪيو وڃي ٿو. تنهن کانسواءِ قديم ڏکڻ آمريڪي تهذيب جي جهلڪ پڻ ڏيکاري وڃي ٿي. جهڙوڪ ڪيريبئين ٻيٽ جيڪو درياهي چورن جو ڳڙهه آهي. اوڏانهن هڪ ٻيڙيءَ جو سفر ڏيکاريو وڃي ٿو ۽ هڪڙي جنن ڀوتن واري آستان جو سير پڻ ڪرايو وڃي ٿو.
ڊزني لينڊ پارڪ جي ستين ڀاڱي جو نالو آهي ٽومارو لينڊ Tomorrow Land. هن ڀاڱي ۾ سائنسي ڪرتب ۽ ڪرشما ڏيکاريا وڃن ٿا. هتي خلائي سفر، سيارن جو سير ۽ سمنڊ اندر آبدوزن وسيلي سفر جون فلمون ۽ جهلڪيون ڏيکارين ٿا.
مٿي ڄاڻايل سمورن ڀاڱن ۾ پيش ٿيندڙ عجيب ۽ غريب سير ۽ سفر کانسواءِ هن پارڪ ۾ راڪ، فاڪ، پاپ ۽ بگيئينڊ موسيقي ۽ قديم توڙي جديد ناچن جو پڻ جوڳو بندوبست ٿيل آهي جتي هر ماڻهو پنهنجي پسند موجب موسيقي ۽ ناچ مان لطف اندوز ٿي سگهي ٿو.
هت گهمڻ لاءِ ماڻهوءَ کي پورو هفتو گهرجي پر هڪ ٽورئسٽ جيڪو آمريڪا صرف چند هفتن لاءِ گهمڻ اچي جيئن اسان سو صرف ڊزني لينڊ کي هڪ هفتو گهمي پوءِ هن کي آمريڪا گهمڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ سال گهرجي پر نظام الدين جتوئي جهڙو سٺو دوست گائيڊ هجي ته پوءِ هڪڙي ڏينهن ۾ ماڻهو گهڻو ڪجهه گهمي سگهي ٿو. نه ته به مکيه، دلچسپيءَ وارا ماڳ ته ضرور ڏسي وٺندو. هت هر جڳهه ۽ هر شي دلچسپيءَ کان خالي نه آهي پر سج لٿي کان پوءِ رات جي رونقن ۽ رنگينين ۾ جيڪو رنگبرنگي سرڪس نڪري ٿو سو ڏاڍو دلچسپ ۽ نه وسرندڙ پروگرام هوندو آهي. جنهن کي ويجهو ڏسڻ لاءِ سياح سج بيٺي ئي سٺي جڳهه ڳولي ويهي رهندا آهن ۽ ايئن ويٺلن جون لائينون لڳي وينديون آهن. اسان به سڄو ڏينهن ڪئين پروگرام ڏسي نيٺ ٿڪجي هڪ جڳهه تي هن رنگين پروگرام کي ڏسڻ لاءِ ويهي رهياسين. ڪي اهڙيون ڳالهيون ۽ منظر ۽ مثال هوندا آهن جن کي زبان سان پيش ڪرڻ ته ممڪن ئي ڪونهي. جيئن هڪ کدڙي کي وصال جو مطلب سمجهائڻ ممڪن ئي ڪونهي تيئن دنيا ۾ به ڪئين اهڙا ماڳ مڪان آهن جن جو عيني مشاهدو ئي اصل حقيقت آهي سو هي ڊزني لينڊ جو آخري سرڪس يا لاسٽ پريڊ به هڪ روح پَروڙ منظر کان گهٽ نه آهي. جنهن کي سڄي دنيا جا ماڻهو وڏي چاهه سان هر روز ڏسن ٿا. اسان به رنگينين جي هن ماڳ ۾ هي منظر ڏسي رهيا آهيون. جنهن کي ڏسڻ وارا لکن جي تعداد ۾ ته حصو وٺڻ وارا به هزارن جي تعداد ۾ هي من موهيندڙ پروگرام ڏاڍي سهڻي نموني پيش ڪري رهيا آهن.
پرين وانگر سينگاريل عورتون هن جلوس ۾ سڀني ماڻهن کي هٿ ٻڌي سلام ڪري رهيون آهن ۽ پبلڪ انهيءَ مان لطف اندوز ٿي رهي آهي. سلام به اهڙي ته ناز نياز سان لُڏي لَمي ڪري رهيون آهن ڄڻ ته هي پروگرام ختم ٿيڻ شرط اسان سان گڏجي گهر هلنديون يا ٻاهر گاڏيءَ ۾ اسان جو پڪ ئي پڪ انتظار ڪري رهيون هونديون، رڳو اسان ان جي ٻاهر وڃڻ جي دير آهي. ڪافي دير تائين هن جادوئي نگريءَ ۾ هي آخري پروگرام ڏسي هيڏي ساري رش مان ٻاهر نڪري پنهنجي گاڏيءَ ۾ چڙهي گهر ڏانهن روانا ٿياسين. لاس اينجلس جي روڊن رستن تي روشنيون جهرمر ڪري اسان کي سلام ڪري رهيون آهن ۽ اسان دنيا جي هن حسين ترين شهر جي رنگينين ۽ روشنين مان لنگهي پنهنجي گهر وڃي رهيا آهيون. اڄ رات نظام الدين جي دوستن اسان جي مان ۾ هڪ شاندار دعوت جو اهتمام ڪيو آهي. اسان پنهنجي گهر پهتا آهيون. نظام سندس گهر جي هيٺان ڪار پارڪنگ ۾ ڪار پارڪ ڪري گاڏيءَ ۾ پيل ڪتاب، اخبارون ۽ سامان کنيو ۽ اسان مٿي چڙهي پنهنجي فليٽ تي پهچي ڪجهه دير آرام ڪري فريش ٿي ڪپڙا تبديل ڪري چانهه پيتي. پوءِ نظام سندس دوست کي فون ڪئي. جنهن پڄاڻان اسان وري به لاس اينجلس جي روشنين ۾ گهمندا ڦرندا وڃي نظام جي دوستن جي گهر پهتاسين. هت چار پنج نظام جا دوست اڳ ئي ويٺا هئا جن سان نظام اسان جو تعارف ڪرايو. هنن سان ملي ايئن پي لڳو ته ڄڻ اسان اڳ ۾ ئي هڪ ٻئي جا واقف آهيون. اهو توهان کي آمريڪا ۾ هر هنڌ محسوس ٿيندو. هڪ ٻئي سان نه تڪلف نه رک رکاءُ. جيئن مليو هيلو هيلو، نه مليو ته مڙئي خير. مليو ته وڏا ڀاڪر، پر گهر اچڻ يا ڪا ٻي صلاح بلڪل نه يعني:
ہوتا نہیں دوست
ہر ھاتھ ملانے والا
ڪير به ڪنهن کي چهٽي ڪو نه پوي، ڪم سان ڪم، هتي پاڻ وانگرڪونهين ته ادا آئون تو وٽ کوڙ دفعا آيو آهيان هاڻ تون مون وٽ اچ نه ته هاڻ آئون وري تو وٽ ڪو نه ايندس. ڀلي نه اچ مون ته توکي اڳ به اچڻ جو ڪو نه چيو هو، تون اڳ به پاڻهين آيو هئين هاڻ به پاڻ ٿو چوين ڪو نه ايندس پر چئبو ته ڪو نه اسان هت سڄي سنگت سان ملياسين، سڄي رات دؤر پي دؤر چلي واري محفل ڄمي ۽ ايئن ڏسندي ڏسندي اڌ رات آمريڪا ۾ گذارڻ وارين راتين مان گذري وئي. رات جو دير سان واپس گهر روانا ٿياسين ۽ صبح دير سان ننڊ مان اٿياسين. نيرن به منجهند جو کاڌيسين پر آمريڪا ۾ گهرن ۾ ويهي ڏينهن راتيون ضايع ته ڪرڻيون ڪو نه آهن ۽ هت پل پل مان لطف اندوز ٿيڻو آهي. سو تيار ٿي سوچيان ٿو ته ڪيڏانهن وڃون. خيال ڪيوسين ته اڄ ڊائون ٽائون جي طرف وڃون جت هر شيءِ موجود آهي. ماني به اُت کائڻ جو پروگرام جوڙي گاڏيءَ ۾ چڙهي روانا ٿي اچي ڊائون ٽائون جي علائقي ۾ لٿاسين. ڊائون ٽائون يعني ”هيٺاهون شهر“. شهر جو هي ڀاڱون پئسفڪ وڏي سمنڊ کان اوڀر طرف 12 ميلن جي مفاصلي تي هاربر (SR-11) هالي ووڊ (US-101) سانٽا مونيڪا (10-1) ۽ فري وي جي شموليت سان چوڪنڊي جهڙي علائقي تي مشتمل آهي هي سمورو علائقو ڏينهن جي وقت ۾ ٿيندڙ تجارت جو اعليٰ مرڪز ۽ شهر واري ڦيري لاءِ ڀلو ڀاڱو آهي. هن ڀاڱي ۾ انهيءَ سان گڏ چائنا ٽائون، لٽل ٽوڪيو ۽ شهر جو تاريخي طور اسپين وارن جو قائم ڪيل علائقو ايل پيو ڊي لاس اينجلس به شامل آهن.
هرٽ آف دي هرٽ يعني دل جي دل مطلب ته سڀ کان وڌيڪ وڻندڙ شيءِ اُترئين مکيه گهٽي ۽ اتي تعمير ٿيل پلازه جيڪا وڻڪار سان ڇانيل ميدان آهي. جتي سنڪو ڊي مايو وغيره ميڪسيڪو جا ساليانه تهوار ملهايا ويندا آهن. اسان هتي مک مک ماڳن اڳيان ڪافي فوٽا ڪڍيا. مذڪوره پلازه ۾ اولويرا اسٽريٽ نالي سن 1930ع ۾ ميڪسيڪن مارڪيٽ/ ٿيم پارڪ نئين سر تشڪيل ڪيو ويو. هن علائقي ۾ تاريخي ۽ عمارتسازي جي لحاظ کان مشهور جايون جهڙوڪ روشن خياليءَ واري اسٽائل ۾ اڏيل ميسنڪ ٽيمپل، وڪٽوريا راڻيءَ واري دور ۾ اڏيل فائير هائوس ۽ مشن طرز تعمير موجب جوڙيل يونين پيسينجر اسٽيشن موجود آهن.
ڊائون ٽائون جي اسپيني طرز زندگي جي يادگار براڊ وي آهي جيڪو ميڪسيڪو رياست جي سرحدي شهر ٽجوئانا جي باقيات جي صورت ۾موجود آهي. براڊ وي جي اتر ۾ چائنا ٽائون نالي علائقو آهي جتي چيني لساني گروهه جو واسو آهي. هتي چيني طرز جا دُڪان، هوٽل ۽ ريسٽورانٽ پڻ موجود آهن. هتي رهندڙ ماڻهن ۾ اڪثريت ويٽنام ۽ ڪمپوچيا کان آيلن جي آهي. هتي جي مخصوص علائقي ايس ڏانهن سينٽرل اَيوِ Ave ۽ پهرئين اسٽريٽ جي وچ وارو علائقو لٽل ٽوڪيو يعني ننڍڙو ٽوڪيو شهر سڏجي ٿو. چائنا ٽائون جي ڀيٽ ۾ ڊائون ٽائون جو هي علائقو وڌيڪ منظم ۽ پرڪشش آهي. جيتوڻيڪ اهو علائقو ثقافتي طور تي خالص ڪونهي. اسان هتي جپنيز زبان ۾ لڳل ڪافي پوسٽر پڻ ڏٺا. ڊائون ٽائون وارو مالياتي علائقو ڏکڻ اولهه ۾ فلاور اسٽريٽ جي چوڌاري پکڙيل آهي.
هن علائقي ۾ بهترين هوٽلون، اعليٰ قسم جا شاپنگ سينٽر- ريسٽورانٽ ۽ ميوزڪ سينٽر- ميوزم آف ڪانٽيمپرري آرٽس ۽ ٽيمپرري ڪانٽيپمپرري نالي ميوزم موجوده آهن مگر رات جي پهر ۾ هتي چهل پهل گهٽجيو وڃي. L-A جا رهاڪو ۽ سياح راتيون گهڻو ڪري ڪلبن، ڊسڪو ڪلبن، دعوتن ۽ رنگينين ۾ گهاريندا آهن. ڏکڻ اولهه حد کان ڪجهه اڳتي تجارتي سرگرمي ڪجهه زياده آهي. هتي ڪپڙن يعني تيار لباس جي زبردست مارڪيٽ آهي، جت مون ڪجهه خريداري ڪئي. سياحن لاءِ انهيءَ کان به وڌيڪ دلچسپيءَ واريون چند يادگار عمارتون آهن، جهڙوڪ رابرٽ ڊيراهه واري ڪوڪا ڪولا بلڊنگ جيڪا سائوٿ سينٽرل ايو وٽ ٺهيل آهي. مين ٿيٽر جيڪو سائوٿ هل اسٽريٽ وٽ ٺهيل آهي. اسپيني مشينري جوليا مارگن واري تعمير ٿيل هيرالڊ اگزيمز بلڊنگ جيڪا 11115 سائوٿ براڊ وي تي تعمير ٿيل آهي. تنهن کانسواءِ ايڪسپوزيشن پارڪ پڻ نهايت دلچسپي وارو ماڳ آهي. جتي عظيم ميوزم، راندين جا ميدان. ميموريل ڪوليزم يعني آکاڙو ۽ شرائين آڊيٽوريم بهترين طرز سان اڏيا ويا آهن.
ڪوليزيئم لفظ سان توهان جي ذهن ۾ اٽليءَ وارو جڳ مشهور ڪوليزيئم ياد نه اچڻ گهرجي پر لاس اينجلس ۾ انهيءَ نالي کانسواءِ هت وينس ارپنا مڪو انڊيانا ميڪسيڪو، لٽل ٽوڪيو، چائنا ٽائون نالي سان ٻين ملڪن جي شهرن ۽ رياستن جا کوڙ نالا نظر ايندا. خود وائيٽ هائوس ۾ چائنا روم آهي پر هي چون ٿا ته انهيءَ روم جو چائنا ملڪ يا قوم سان ڪو به تعلق ڪونهي پر انهيءَ ڪمري تي چيني جي سامان هئڻ ڪري نالو پيو.
اسان جو اڄ ٻنپهرن جو ماني کائڻ جو ارادو به چائنا ٽائون واري علائقي ۾ ڪنهن چائنيز هوٽل ۾ آهي سو اسان پنهنجي گاڏي آڻي نانڪنگ Nanking نالي هڪ هوٽل جي اڳيان بيهاري، جنهن جو مينو (Menu) ايڏو مهانگو ڪونهي جيڏو يورپ جي هوٽلن جو آهي. هي هوٽل هلائيندڙ چائنيز آهن. مانيءَ ۾ ڪافي بوءِ محسوس ٿي. اها بوءِ توهان کي هانگ ڪانگ جي هوٽلن ۾ چائنيز کاڌي ۾ وڌيڪ محسوس ٿيندي. پاڻ وٽ ته چائنيز کاڌا هاڻ پنهنجي مزاج مطابق تيار ڪن. تنهنڪري هاڻ انهن ۾ چائنيز کاڌي واري بوءِ بلڪل ڪا نه ٿئي. اسان دريءَ جي ڀرسان ويٺاسين. ان تي لڳل پردو هٽايوسين ته ٻاهر ايندڙ ويندڙ ماڻهو ۽ ٽرئفڪ سواءِ ڪنهن گوڙ جي صاف نظر اچڻ لڳا. آمريڪا ۾ رستا ۽ گاڏيون تمام وڏيون آهن. شهر اندر به ڪافي تعداد ۾ رستا ٻه طرفا يعني Double way آهن. تنهنڪري رش گهٽ ٿئي.
آمريڪا يورپ وانگر ڳتيل ڪونهي انهي ڪري هر هنڌ رش گهٽ نظر ايندي سواءِ چند وڏن شهرن جي. باقي اڃان ته آمريڪا سڄو خالي پيو آهي. توهان کي ڪن جڳهين تي ته سون سون ميلن ۾ ٺلها ميدان نظر ايندا. جيئن اسان خود لاس اينجلس کان لاس ويگاس ڏانهن ويندي ڏٺو. رڳو جبل ئي جبل ۽ خالي پيل برپٽ، ڪٿ ڪٿ فري ويز تي هوٽل يا ڪا وسندي نظر ايندي. پر يورپ ته سڄو ڳنڍيو پيو آهي ڳتيل آبادي گهر گهر سان سلهاڙيل آمريڪا کي ايئن آباد ٿيڻ ۾ اڃان سوين، هزارين سال لڳندا. ٻاهر پوليس جي ڪار سائرن وڄائيندي ڊوڙندي نظر اچي رهي آهي ۽ اسان ماني کائي رهيا آهيون ۽ ڪچهري به ڪري رهيا آهيون ته اهو به سوچي رهيا آهيون ته ترقي يافته ملڪ ڪيڏي نه تيزي سان ترقي ڪري رهيا آهن ۽ ملڪن جا مفاصلا ڪيئن نه اک ڇنڀ ۾ ختم ٿي رهيا آهن. ڪڏهن ته حج تي وڃڻ ۾ به سال لڳي ويندا هئا. پوءِ جڏهن ريل ۽ سامونڊي جهاز ايجاد ٿيا ته دنيا جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين انهن سوارين ۾ سن 1900ع ۾ ٻه مهينا لڳندا هئا ۽ پوءِ پنکي تي هلندڙ جهاز ايجاد ٿيو ته اهو فاصلو گهٽجي چار ڏينهن ٿيو ۽ وري اَسي واري ڏهاڪي ۾ جڏهن آواز کان تيز هوائي جهاز يعني جيٽ ايجاد ٿيو ته اهو فاصلو اڃان به گهٽجي صرف چوويهه ڪلاڪ وڃي بچيو آهي پر اڄ جڏهن ڪنڪارڊ Con card به هاڻ مسافري لاءِ ايجاد ٿي هوائن ۾ پرواز ڪري رهيو آهي ته اهو فيصلو صرف ٻارهن ڪلاڪ وڃي رهيو آهي. چون ٿا ته صرف ٻن ٽن سالن ۾ سپرسانڪ ڪنڪارڊ جي ايجاد ٿيڻ کان پوءِ خلا ۾ سفر ذريعي اهي فاصلا صرف چند منٽن ۾ طئي ٿي ويندا. خوش نصيب هوندا اهي انسان جيڪي انهن هوائي جهازن ۾ سفر ڪندا، نه ته سر آغا خان پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ لکيو آهي ته ”منهنجي جوانيءَ ۾ مون کي دنيا جي وڏن وڏن سائنسدانن خود ٻڌايو ته هوائي جهاز ايجاد ٿيڻ ناممڪن آهي پر اهو ايجاد ٿيو ۽ مون خود اُن ۾ سفر ڪيو“ اڄ دنيا جو هر ماڻهو انهيءَ کي اڏامندو ڏسي رهيو آهي.
جديد دنيا نه صرف هوائي ۽ خلائي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن پر اقتصادي ترقيءَ ۾ به وڏي ترقي ٿي آهي. سٺ جي ڏهاڪي کان اڳ ماڻهو لاءِ اٽو، لٽو ۽ اجهو وڏو مسئلو هو. پاڪستان هر سال آمريڪا کان لکين ٽن ڪڻڪ گهرائيندو هو سو نون ٻِجَنَ جي ايجاد ٿيڻ کان پوءِ ڪڻڪ، چانور، ڦُٽِي، کنڊ ڪپڙو، تازا فروٽ، انب، مڇي سبزي، سنڌ جو گلاب جو گل ۽ ٻيون به ڪئين کاڌي جون جنسون دنيا ۾ ايڪسپورٽ ڪندو آهي. انهيءَ کانسواءِ صحت ۽ تعليم جي شعبي به دنيا وڏي ترقي ڪئي آهي. ٻني جهڙي ننڍي ڳوٺڙي ۾ به ڏهه ڊاڪٽر ۽ ڇهه ميڊيڪل اسٽور آهن. انهيءَ کانسواءِ مواصلات جي ترقي ته سڄي دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي. پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ به ڊائريڪٽ فون ڪارڊليس فون/ فون، موبائيل فون، ڊش، ڊجيٽل سيٽلائيٽ سسٽم ننڍن ننڍن ڳوٺن ۽ واهڻن تائين پهچي ويو آهي. جنهن مان هر ماڻهو جهرجهنگ مستفيض ٿي رهيو آهي. انهيءَ ترقيءَ مان جت بي انتها فائدا ٿيا آهن اُت بي انتها خراب اثر به ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن. هاڻ ٻيلن ۾ ڌاڙيلن وٽ به موبائيل فون پهچي چُڪا آهن، جنهن جو بي انتها غلط استعمال ٿي رهيو آهي.
اسان ماني کائي بل ڏئي هن ئي علائقي ۾ دنيا جي مشهور ترين علائقي هالي ووڊ Holly wood ۾ گهمڻ لاءِ روانا ٿياسين. هالي ووڊ ۽ آسڪر ايوارڊ جا نالا ٻڌڻ شرط ماڻهن جو ذهن حورن ۽ پرين جي سنسار ۾ پهچيو وڃي. آسڪر ايوارڊ جي تقريب به هت ٿيندي آهي. انهيءَ هال ۾ صرف هڪ هزار ڪرسين جي گنجائش آهي. جت سال ۾ هڪ ڀيرو اها تقريب ٿيندي آهي. هن علائقي ۾ دنيا جا سٺي ۾ سٺا ۽ مهانگي ۾ مهانگا نائيٽ ڪلب، هوٽلون، ٿيٽر ڪلبون ۽ ٻيون تفريح گاهون آهن. A.B.C ٽيليويزن وارن جي بلڊنگ ۽ آمريڪا جي اها مشهور هوٽل به هن علائقي ۾ آهي جت آمريڪا جو سابق صدر رونالڊ ريگن اچي رهندو هو. هي علائقو هن جي پسند جو علائقو هو. مطلب ته هي علائقو لاس اينجلس، آمريڪا ۽ دنيا جو مهانگو ۽ حسين ترين علائقو آهي.
اڄ جي دنيا ۾ هي ڳاڻيٽا ڳڻيا ٿا وڃن ته:
1- دنيا ۾ خلائي طاقت جو مرڪز ناسا Nasa
2- فوجي طاقت جو مرڪز ماسڪو (دنيا ۾ اڄ به ائٽم (Atamic) ۽ ميزائلن جي فوجي سگهه ۾ ماسڪو آمريڪا کان به وڌيڪ طاقتور آهي. (ڏسو آمريڪي صدر جو ڪتاب ليڊرز)
3- نيويارڪ دنيا جي دولت جي طاقت جو مرڪز، جتي آمريڪي دولت، اقوام متحده، I.M.F ۽ ورلڊ بئنڪ جا هيڊڪوارٽر آهن.
4- فيشن، نزاڪت ۽ نفاست جو مرڪز پئرس
5- علم جي طاقت جو مرڪز لنڊن، (آڪسفورڊ ۽ ڪئمبرج، لنڊن اسڪول آف ايڪانامڪس (آمريڪي صدر بل ڪلنٽن پنهنجي سوانح حيات ۾ لکيو آهي ته دنيا ۾ علم جو مرڪز اڄ به انگلينڊ آهي)
6- ذهانت جو مرڪز ٽوڪيو
7- سياحت جو مرڪز پئرس ۽ اسپين (جت الحمرا پيلس آهي)
(ڏسو گنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ)
8- تيل جو مرڪز عرب دنيا
(دنيا ۾ تيل جي پيداوار جو ٻاهٺ سيڪڙو عرب دنيا ۾ پيدا ٿئي ٿو.
9- Pano-Disco-Rock-Jazz-Cabaret –Casino, Sex Clubs, Live Shows جو مرڪز لاس ويگاس آهي.
10- لاس اينجلس دنيا جو تفريحي مرڪز Entertainment Capital of world
11- روم دنيا جي تهذيب ۽ ثقافت جو مرڪز
12 نيويارڪ سياست جو مرڪز، جت اقوام متحده ۾ دنيا جي قومن جي ڇيڙي نبيري ٿيندي آهي.
لاس اينجلس پوري دنيا ۾ تفريح جو وڏي ۾ وڏو مرڪز آهي. جت هر قسم جي تفريح موجود آهي. فقط لاس اينجلس پهچڻ جي دير آهي ۽ وري لاس اينجلس شهر ۾ به خاص ڪري رات جو توهان کي هالي ووڊ ۽ سانتا مونيڪا Santa Monica ۾ گهڻو ڪجهه ملندو. لاس اينجلس ۾ ٻي تفريح سان گڏ توهان کي مزاحيه ڪلب Comedy Clubs به جام ملندا. جنهن ۾ رابن وليئم ۽ ايڊي مرفي Robin Williams and Eddie Murphy جا مزاحيه ڪلب ته سڄي آمريڪا ۾ ڏاڍا مشهور آهن. جيڪي سڄي دنيا جا ماڻهو پاڻ به ڏسن ته پنهنجي ٻارن کي به ڏيکارين.
لاس اينجلس شهر ۾ تفريح گاهن جي نالن جي لسٽ لکڻ سان هن جهڙو هڪڙو ٻيو ڪتاب لکجي ويندو ۽ هيڏي وڏي لسٽ ڏيڻ توهان کي بور ڪرڻ برابر ٿيندو. باقي مختصر گهمڻ جي ماڳن جو احوال آئون اڳ لکي چڪو آهيان. آئون توهان کي صرف دلچسپ ۽ مزيدار معلومات ٿو ڏيان. توهان جو جڏهن به لاس اينجلس وڃڻ ٿئي ته توهان ڪولمبيا پڪچرز ۽ وارنر برادرز Cloumbia Pictures and Warner Brothers جي اسٽوڊيوز ۾ ضرور وڃجو جت توهان پيسا ڏئي فلمن جي شوٽنگ ڏسڻ سان گڏ دنيا جي مشهور ائڪٽرن سان گڏ ماني به کائي سگهو ٿا. انهيءَ پروگرام لاءِ اسٽوڊيوز ۾ جدا جڳهه ۽ ٻن ڪلاڪن جو ٽائيم مقرر ٿيل آهي. جنهن ريسٽورانٽ ۾ توهان ائڪٽرن سان گڏ ماني کائيندا انهيءَ جو نالو ڪمپني ريسٽورانٽ Company Restarant آهي. هن پروگرام لاءِ توهان کي اڳواٽ بڪنگ ڪرائڻي پوندي.
هالي ووڊ نالي علائقو شهر جو هڪ امير ترين علائقو آهي جيڪو سنئون ميداني پٽ ۽ اتريون ڀاڱو، ننڍين ٽڪرين تي مشتمل آهي. هن علائقي ۾ جديد پڪي شاهراهه موجود آهي. انهيءَ جو نالو هالي ووڊ فري وي 101-101 Hollywood Free way آهي. Lee نالي ٽڪريءَ جي ڏاکڻيءَ پاسي تي هالي ووڊ لفظ وارا اکر نشانيءَ طور ٺاهيا ويا آهن. جيڪي ڪيترائي ميل پري کان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اڳي هي علائقو فلمي صنعت جو عالمي مرڪز هو مگر هاڻي اها حيثيت وڃائي ويٺو آهي. ڇو ته گهڻو ڪري وڏا فلمي اسٽوڊيوز هڪڙي ٻئي علائقي بربينڪ Barbank ڏانهن منتقل ٿي ويا آهن ۽ آمريڪا جا مشهور فلمي ستارا جيڪي اڳ ۾ هالي ووڊ ۾ رهندا هئا، اُهي هاڻ هتان لڏي لاس اينجلس شهر جي ٻي وڌيڪ خوبصورت علائقي يعني بيورلي هلز ڏانهن هليا ويا آهن.
موجوده وقت ۾ هاليووڊ بوليوارڊ ۽ وائين اسٽيٽ جو ظاهري نماءُ اڃا برقرار آهي پر اصلوڪو جاه جمال مفقود آهي انهيءَ ڪري هن سابق فلمي راڄڌانيءَ جي ترقي لاءِ مناسب اپاءُ وٺڻ شروع ڪيا ويا آهن. مثلاً اڳوڻي ايل ڪيپٽن ٿيٽر El capiton theater تي اٽڪل 6 ملين ڊالر خرچ ڪري انهيءَ کي سڌاري سنواري وري چالو ڪيو ويو آهي.
ساڳئي سال سائلينٽ مووي ٿيٽر پڻ نئين جوڙجڪ سان ٺاهي وري کوليو ويو آهي. هاليووڊ جي نئين ترقياتي منصوبي ۾ ايل ڪيپٽن سميت هن بوليوارڊ ۾ اٺن بلاڪن تي مشتمل نئين اڏاوت شامل آهي. انهيءَ علائقي کي سئنيما ڊسٽرڪٽ Cinema District نالو ڏنو ويو آهي. هاليووڊ کي 1920ع ۽ 1930ع واري اوج تي آڻڻ لاءِ ٻيا به ڪيترائي ترقياتي منصوبا جوڙيا ويا آهن ڇو ته ماڻهن ۾ هالي ووڊ جي اڳوڻي اوج وارو چاهه اڃا تائين موجود آهي. هاليووڊ بوليوارڊ جو وائين Vine ۽ سائڪا مور Sycamore جي وچ وارو علائقو قومي تاريخي اهميت وارو ڀاڱو قرار ڏنو ويو آهي. هن علائقي ۾ هاليووڊ جي اڳوڻي اوج واريون ڪافي عمارتون اڃا تائين چڱي حالت ۾ موجود آهن. انهن ۾ مانس چائنيز ٿيٽر Mann’s Chinese theater ۽ واڪ آف فيم اسٽوڊيو Walk of fame studio به شامل آهن. ته ان سان گڏ ڪيپيٽل رڪارڊس ٽاور Capital Records Tower جهڙو موسيقيءَ جو مرڪز پڻ اچي وڃي ٿو.
لاس اينجلس جي مضافات ۾ موجود چار بوليوارڊ هر هڪ هاليووڊ سن سيٽ، سانٽا مونيڪا ۽ ميلروز ڏينهن دوران تجارتي مرڪزن جي حيثيت جا حامل آهن ته اهي رات جي وقت ۾ تفريح، وندر ۽ ورونهن جا مکيه مرڪز آهن پر هالي ووڊ جي حيثيت مڙني کان مٿانهين آهي. اهو لاس اينجلس جو روايتي توڙي جديد ٿيٽر جو مرڪز آهي. جت سڄي دنيا جا سياح صرف هن جي نالي جي ڪشش ڪري ڪٿان ڪٿان ڪهي هن کي ڏسڻ لاءِ ايندا آهن.
اسان هاليووڊ جي علائقي جي هڪ بهترين ريسٽورانٽ ۾ ويهي رهياسين جو صبح کان هلي هلي گهمي ڦري ٿڪجي پيا آهيون پر هتان وڃڻ لاءِ دل نٿي چوي. هوٽل ۾ آئسڪريم گهرائي کاڌيسين. آئسڪريم جو پيالو چڱو خاصو وڏو هو پر بل ايڏو وڏو ڪو نه هو، جيڏو وڏو پيالو هو. هوٽل جون ڀتيون سرن جون ٺهيل آهن مٿن پلستر ٿيل ڪونهي.
پاڻ وٽ اهڙي جاءِ ڏسي ماڻهو سمجهندا ته کٽي ويو آهي. جو اهڙي خوبصورت گهر کي پلستر ڪو نه ٿو ڪرائي. هوٽل جي ڇت بلڪل بلئڪ ڪلر جي آهي. سروس تي گهڻو ڪري سڀ ڇوڪريون آهن جيڪي سڀ ٽين ايجر لڳي رهيون آهن ۽ سڀني کي هڪجهڙو لباس پهريل آهي. جيڪي سهڻي ڊزائين ۽ رنگن ڪري ڏاڍو وڻندڙ لڳي رهيو آهي. ڪيڏو نه سادو پر ڪيڏو نه سهڻو آهي. انهيءَ ڊريس ۾ هي جل پريون يا بُلبُلون ڪيڏيون نه چست ۽ پروقار لڳي رهيون آهن. ڪپڙن پائڻ جو اهو لاجواب ذوق توهان کي سڄي آمريڪا ۾ هر هنڌ نظر ايندو. خاص ڪري عورتن ۾ لاجواب ڊزائينون ۽ دلفريب رنگن جي ڪري ننڍيون نيٽيون عورتون ته واهه واهه! پر پوڙهيون به پيون وڻن. آمريڪا ۾ هر هنر لاءِ سوچي سمجهي پوءِ ان کي قبول ڪيو ويندو آهي.
اسان جهڙي غير باشندي وٽ هتي ايترو وقت ڪٿي مُيسر آهي ته هو وينس جي ساحل تي مختصر ڪپڙن ۾ اڱاري جي ڏينهن اڳين جو وڃي ترڪڻ راند ڪري يا اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري ته سپر مارڪيٽ جي آسڻ تي ويٺل ڇوڪرو مائيڪل جيڪسن جو سنگتي سڏائڻ جي شوق ۾ جيڪسن وانگر ڇو پيو نچي ڪڏي؟ اڃا ٻئي طرف دُڪانن اڳيان نفسياتي ماهر عجيب انڪشاف ۽ ڏس پيا ڏين. فري وي تي ڪنهن پير مرد کي هڪ هٿ سان گاڏي هلائيندي ٻئي هٿ سان شرنائي وڄائيندي پڻ ڏسي سگهجي ٿو. وري ڏسو ته نوجوان کي گَهِرنِ شيشن وارو چشمو پاتل ۽ هٿ ۾ ڪو دٻو اٿس ڪنهن ٻهراڙي واري رستي تي سائيڪل هلائيندو وڃي. شهر جي ڪنهن ڪلب ۾ ڏسندا ته ٿلهين مُڇين وارو ماڻهو ڏاڍي تيزيءَ سان ڪلب ۾ داخل ٿيو آهي. جنهن سان ستارن جي ڀرت واري تمام سوڙهي لباس ۽ سنهي ڊگهي کُڙيءَ وارو سينڊل پاتل هڪ چنچل ناري پڻ گڏ آهي. هتي توهان هڪ ريسٽورانٽ ۾ جوليا نالي ڪنهن خادمه کي ڪنهن ننڍڙي ناول جي وڻندڙ ڪهاڻي وانگر مينو پڙهي ٻڌائيندي پڻ ڏسي سگهندا. جيڪا پسند جي کاڌي لاءِ گهربل آرڊر وٺڻ لاءِ نهايت شائستگي سان ڪوشان هوندي.
هتي هر ڪنهن کي آزادي حاصل آهي ته پنهنجي مزاج موجب عمومي رويو اختيار ڪري سگهي.
تنهنڪري اڪثر و بيشتر هر ڳالهه عام رواجي ڀانئجي ٿي. هتي ٺهندڙ فلمن ۾ هر ڪنهن ڳالهه يا عمل ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ هن ٽنسلٽائون Tinsiltown يعني ستارن جي دنيا هالي ووڊ ۾ هرڪو پنهنجي ناٽڪ جو هيرو آهي. هيءَ ڳالهه ته خسيس محسوس ٿي سگهي ٿي پر حقيقت ڪري هيءَ وندر ورونهن واري صنعت يعني فلمي صنعت تفريح سان گڏ، تاريخ، ادب، فلسفي، مذهبيات ۽ حالات حاضره جي حقيقي صورتحال پيش ڪري ٿي.
هن خواب ڏيکاريندڙ شهر ۾ رهندڙ ماڻهوءَ لاءِ اها ڳالهه بلڪل مشڪل ٿي سگهي ٿي ته هو وري به هڪ دفعو مڪمل طور سجاڳ ۽ باشعور ٿي پوي.
لاس اينجلس ۽ سندس پاڙيسري ڪائونٽين جي ماڻهن جي واضح اڪثريت زندگيءَ کي سنوارڻ ۽ سڌارڻ ۾ يقين رکندڙ شريف ۽ نيڪ نفسيءَ تي مشتمل آهي. هن علائقي جي پنهنجي نرالي ثقافت آهي جنهن کي پيسفڪ ثقافت سڏيندا آهن. هنن ماڻهن جو مزاج اتر ائٽلانٽڪ جي ساحلن وارن ماڻهن کان بلڪل مختلف آهي. هتي روزگار توڙي وندر جي بي انت موقعن ۽ وسيلن سبب صدين کان وٺي دنيا جي ڪُنڊ ڪڙڇ مان ماڻهو موج در موج ۽ ٽولن تي ٽولا ٿيندا هنن علائقن ۾ آباد ٿيندا رهن ٿا. انهن ۾ ڪارا توڙي گورا، يورپي توڙي آفريڪي ۽ ايشيائي وغيره سمورن نسلن جا ماڻهو شامل آهن. انهن ڌارين جي اچڻ جو سلسلو اڃا تائين برقرار آهي. انهن سمورن جو مجموعي طور تي اهو ئي خيال ۽ خواهش آهي ته جيترو به ٿي سگهي وندر ۽ ورونهن کان ڪنهن به صورت ۾ محنت مزدوري وڌيڪ ڪجي ۽ خوشحالي ماڻجي.
مون هڪ ننڍي فائيل ۾ رکيل بل کي هڪ پاسيرو ڪري پنهنجي ڪُرسيءَ کي پٺيان گسڪائي اُٿي دروازو کولي ريسٽورانٽ کان ٻاهر نڪري هالي ووڊ جي بلو وارڊن تي نظر ڊوڙائي، ڪار جو دروازو کولي ڪار ۾ لڳل بيلٽ ڪنڌ کان ڦيرائي بدن کي ويڙهي ويهي رهيس ته پاڻ کي هاليووڊ جي ڪنهن فلم جو ڪردار سمجهڻ لڳس ته ڪار به فلمي انداز ۾ اسٽارٽ ٿي هالي ووڊ جي روڊن رستن تي ڊوڙڻ لڳي، نظرون چوطرف گهمڻ ڦرڻ لڳيون. هالي ووڊ جي هن حسين علائقي ۾ اڄڪلهه جپاني وڏي تعداد ۾ ملڪيتون خريد ڪري رهيا آهن. جنهن جو ڏک ته آمريڪين کي گهٽ آهي پر کين هيءَ ڳالهه دل ۾ کٽڪي رهي آهي ته لاس اينجلس شهر جي سڃاڻپ جا اهڃاڻ آمريڪين جي هٿن مان نڪري جپانين جي هٿن ۾ وڃي رهيا آهن. هونئن به لاس اينجلس آمريڪا جو اهو واحد شهر آهي جنهن تي آمريڪا جي مُک شهرن نيويارڪ ۽ واشنگٽن کان وڌيڪ جپان جي گاديءَ واري شهر ٽوڪيو جو اثر آهي.
ڪئليفورنيا رياست ۽ انهيءَ ۾ لاس اينجلس سڄي شهر ۾ توهان کي جپاني هر هنڌ ملندا. لٽل ٽوڪيو واري علائقي ۾ ته رڳا جپاني رهندا آهن.
اسان جي ڪار هن شهر جي ڪشادن روڊن تان ڊوڙندي اچي اسان جي گهر جي گيريج ۾ بيٺي. انهيءَ کان اڳ جو گهر پهچون ٿوري ئي پنڌ تي هڪ انڊين جي دڪان تان دستور مطابق روزمره جو سامان وٺڻ لاءِ دروازو کولي اندر داخل ٿياسين ته سندس دُڪان يا مِني سپر اسٽور بلڪل خالي پيو هو ۽ پاڻ اسان کي ڀليڪار چئي لاس اينجلس شهر ۾ گهمڻ ڦرڻ جون خبرون پڇڻ لڳو ته مون وري کانئس هندستان ۾ سندس رهائش واري صوبي جو نالو ۽ سندس نالو پُڇيو ته پاڻ سندس نالو نٿو رام ٻڌايائين جنهن تي مون کيس چيو ته هندستان ۾ ماڻهو پنهنجو نالو نٿو رام رکندا آهن ڇا؟ پاڻ اهڙو سوال ٻڌي چپ ٿي ۽ مون ۾ غور سان نهارڻ کان پوءِ مون کان ئي سوال ڪيائين ته ڇو؟ انهيءَ نالي رکڻ جو هندستان ۾ نه رکڻ جو ڪهڙو سبب. مون کيس چيو ته اهو ته ڏاڍو خطرناڪ نالو آهي. دل ۾ سوچيم ته هي آمريڪا جو هندو آهي نه سنڌ جو، سو اهڙن آڏن سوالن پڇڻ کانسواءِ سڌو سنئون کيس ٻڌايم ته جنهن انسان جي هٿن سان هلايل گولين جي ڪري گانڌي قتل ٿيو انهيءَ جو نالو به نٿو رام هو. پاڻ وڏو ٽهڪ ڏيئي چيائين ته Realy وڌيڪ هڪ لفظ ڳالهائڻ کانسواءِآئون پنهنجو سامان کڻي واپس گهر ڏانهن هلندي اهو سوچيان ٿو ته ڪيڏو خوش نصيب هو گانڌي جو سندس خدمتن ۽ قربانين جي عيوض کيس ڪيڏي نه وڏي مڃتا ملي پر دنيا ۾ ڪي اهڙا به ماڻهو هوندا جن جون خدمتون ۽ قربانيون گانڌيءَ کان به تمام گهڻيون هونديون پر اڄ دنيا ۾ ڪو سندن نالو به وٺڻ وارو ڪونهي. دنيا ۾ ڪيڏا نه خوش نصيب آهن اهي ماڻهو جن کي پنهنجي فن ۽ پورهئي جي ڪري مڃتا ملي ۽ انهن جو نالو وڏي شان ۽ مان سان هميشه لاءِ قائم آهي. جيئن پڪاسو، رافيل، ليورناڊو، ڊائيونچي ۽ مائيڪل اينجلو کي سڄي دنيا سڃاڻي ۽ پنهنجي ڳلي جي سُرن جي سونهن سبب لتا، اُمه حبيبه، ميڊونا، مائيڪل جيڪسن، راحت فتح علي سڄي دنيا ۾ سڃاتا وڃن ٿا پر هنن جي فن ۽ پورهئي کان ڪروڙها دفعا وڌيڪ پورهيو ۽ فن جو حسن اجنتا الورا، کجاراءُ الحمرا مصري، پائرامِڊس، تاج محل، ديوار چين جي ٺاهيندڙن جو آهي. اهڙا بيشمار يادگار يورپ ۽ آمريڪا ۾ نه ڪالهه هئا نه اڄ آهن نه سڀاڻي هوندا پر آمريڪا ۽ يورپ پنهنجي سياحت جي ڪري هنن عظيم ۽ بي مثال شاهڪارن کي ايڏي شهرت ڪو نه ٿو ڏي. جيڏي يورپ ۽ آمريڪا ۾ هڪ معمولي شيءِ کي ڏني وڃي ٿي. گهر پهچي ٽي وي ٿو کوليان ۽ ريموٽ کڻي مختلف چئنلن کي هيٺ مٿي ڪري واپس ريموٽ رکي تڙ ڪري ماني کائي سمهي ٿو رهان. صبح جو سوير تيار ٿي ڪار ۾ چڙهي سين ڊيگو ڏانهن روانا ٿياسين. جيڪو لاس اينجلس کان 127 ميل پري آهي. يعني بلڪل ايترو پري جيترو حيدرآباد کان ڪراچي وايا ٺٽو پري آهي.
سين ڊيگو ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي هوائي سروس سندس لنڊ برگ فيلڊ lind Bergh Feild انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان چوويهه ڪلاڪ چالو آهي. تنهن کانسواءِ ٻنهي شهرن ۾ تيز ترين ريل سروس به هر وقت روان دوان آهي پر اسان کي سين ڊيگو فري وي ذريعي وڃڻو هو. جيئن آمريڪا جي ڪنٽري سائيڊ Country Side ڏسون ۽ گهمي ڦري سگهون. انهيءَ لاءِ ئي اسان باءِ روڊ وڃي رهيا آهيون. سين ڊيگو وڃڻ لاءِ ٻه فري وي آهن. هڪ وايا لاس ويگاس ۽ ٻيو پئسفڪ سمنڊ جي ڪناري. ڪناري جي ڪيترن بيچز تان ٿيندو پوءِ ٿو سين ڊيگو پهچجي. اسان کي لاس ويگاس وڃڻو ته هو پر اُت هڪ ٻه راتيون رهڻ جو ارادو هو پر سين ڊيگو ۾ رات رهڻ جو پروگرام ڪو نه هو. انهيءَ ڪري اسان پئسفڪ ڪناري واري فري وي تان تمام تيزيءَ سان گاڏيءَ ۾ ڊوڙندا چوطرف جي ماحول مان لطف اندوز ٿيندي اڳتي وڌي رهيا آهيون.
هت سوات، ڀورڀن ۽ يورپ واري قدرتي ساوڪ، حسين موسم ڪانهي پر هت پيسي جي پاور سان جهنگل کي منگل ڪيو ويو آهي. شاندار فري وي جنهن ذريعي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچڻ ۾ دير ئي نه لڳي، جن تي بيشمار گاڏيون ماڪوڙين جيان ڊوڙي رهيون آهن. ٿوري ٿوري پنڌ تي محل نما هوٽلون ۽ پئٽرول پمپ جن ۾ سياحن لاءِ هر سهولت موجود آهي.
اسان آمريڪا اچڻ کانپوءِ پهريون دفعو شهرن کان ٻاهر جي ماحول کي ڏسي وائسي اڳتي وڃي رهيا آهيون. گاڏين ۾ ويٺل گهڻو ڪري ٻه ماڻهو يعني هڪ مرد هڪ عورت پر ايڪڙ ٻيڪڙ گاڏين ۾ صرف هڪ ماڻهو يا ڪن گاڏين ۾ ٻئي سيٽ تي هڪ ٻار يا ڪتو. گاڏيون سڀ ايئرڪنڊيشن جن جا شيشا بند سو ٻاهر جو آواز ٻڌڻ ۾ ئي نٿو اچي. آمريڪا ۾ ايڏا سهڻا روڊ رستا جو هڪ شهر کان ٻئي شهر ۾ پهچڻ ۾ دير ئي نه ٿئي. ڪلاڪن جا سفر منٽن ۾ پورا ٿيو وڃن. سو اسان جي ڪار به سين ڊيگو پهچڻ ۾ دير ئي ڪا نه ڪئي ۽ اسان شهر ۾ داخل ٿيڻ واري روڊ 163-S.R ذريعي شهر اندر داخل ٿي وياسين. اسان گاڏي بيهاري ڪئميرا لاءِ رول ۽ سين ڊيگو مان شايع ٿيندڙ مشهور اخبار دي سين ڊيگو ٽربيون The saindiego Tribune ۽ سين ڊيگو مئگزين خريد ڪري شهر جي شاهراهن تان لنگهندا چؤطرف نظرون ڊوڙائيندا اڳتي وڃي رهيا آهيون.
آمريڪا جا شهر ڪيڏا نه ڪشادا، خوبصورت ۽ وڻندڙ آهن. ڇا ڏسي ڇا ڏسجي. سين ڊيگو ۾ گهمڻ ڦرڻ لاءِ ايترو ڪجهه آهي جنهن کي ڏسڻ لاءِ ڏينهن گهرجن ۽ اهو فيصلو ڪرڻ به ڏکيو ته ڇا ڏسي ڇا ڏسجي. سياحن جي گهمڻ ڦرڻ لاءِ آمريڪي حڪومت ڇاڇا نه ٺاهي ڇڏيو آهي.
1. Aero space museum.
2. Botanical Bld
3. California Tower
4. Centro cultural De-La Raza
5. International Aerospace hall
6. Museum of man
7. Natural History Museum
8. Old Globe theatre.
9. Sain Deigo Zoo
10. Orgain pavilion
11. Timken Art Gallery
12. Bazaar Del mundo.
13. Sian Diego union Building.
14. State historic park.
تنهن کانسواءِ سين ڊيگو سڄو لاجواب بيچن سان ڀريو پيو آهي. جت سياحن جي لاءِ ڪنهن به شيءِ جي کوٽ ڪونهي.
سين ڊيگو شهر جي زندگي سندس ساحل وانگر ڏاڍي سهڻي آهي. سين ڊيگو شهر جو بنياد سن 1552ع ۾ ان وقت پيو جڏهن هڪ يورپي مهم جو روڊريگوئيز ڪيبريلو Rodraguez Cabrillo شهر جي پوائنٽ لوما Point Loma نالي ماڳ وٽ پنهنجو ديرو ڄمايو. سن 1769ع ۾ گيسپر ڊي پورٽولا Gaspar de Portola ۽ پيڊري جونيپيرو سيرا Padre Junipero Serra سين ڊيگو نديءَ جي ڇوڙ ويجهو هڪڙي عبادتگاهه اڏي مٿس هڪڙو صليب نصب ڪيو ۽ اهڙي ريت پوري ڪيليفورنيا رياست ۾ هيءَ پهرين يورپي بيٺڪ قائم ٿي هئي. اسپيني قبضي جي تاريخ جا نشان ته آهن مگر اهي هن جاهه ۽ جمال واري جديد آمريڪي شهر ۾ ٽڙيل پکڙيل ۽ غير معروف رهيا آهن. هتي شايد وچ آمريڪا واري تاثر ۾ ڪافي وڌاءُ ڪيو ويو آهي. آمريڪي ۽ ميڪسيڪو واري سرحد هتان کان فقط 18ميل ڏکڻ طرف آهي. مگرسين ڊيگو هن سموري ساحل تي آباد شهرن کان ڪافي مختلف آهي ۽ اهو رومي سمنڊ جي ساحلي شهرن سان مشابهت رکندڙ آهي. پنهنجي اتر طرف وارن پاڙيسري شهرن سان ڪا به حقيقي هڪجهڙائي ڪا نه اٿس. حقيقت ڪري هن شهر ۾ نه ڪا سين فرانسسڪو شهر واري صفائي سٺائي ۽ نه ئي وري لاس اينجلس جهڙي سونهن سوڀيا ۽ چلتو آهي. غالباً سين ڊيگو شهر مذڪوره شهرن جي ديو مالائي ڪهاڻين کان قاصر رهيو آهي. جيڪي انسان جي خيالن تي ڇانئجي وينديون آهن. هتي نه ڪا ماڻهن جي گهڻائي آهي نه ئي ڪو عشقيه انقلاب، نه هالي ووڊ واري جنت درجهان ۽ نڪو ڪو ڀون چال وغيره. هتي ته بس چند چڱا چوکا ماڻهو ساڪن آهن. اصل ۾ موجوده سين ڊيگو شهر سندس پاڙيسرين جي بهترين خصوصيتن جي آماجگاهه آهي. لاس اينجلس شهر جي مکيه علائقي ڊائون ٽائون وانگر هتي پڻ اهڙو علائقو برپا ڪيل آهي ۽ حالتن موافق ترقي ڪري رهيو آهي. شهر جي آسپاس وارا علائقا پڻ نهايت پرڪشش آهن. شهر ۾ هڪڙو عظيم پارڪ پڻ آهي. شهر ۾ مختلف فنون موسيقي، ٿيٽر، ڪلب ۽ اعليٰ قسم جا ريسٽورانٽ موجود آهن. تنهن کانسواءِ اتر ساحل جي سمورن شهرن جي مقابلي ۾ هتي ساحلي ثقافت اوج تي آهي. اڄ به ڏاڍي وڻندڙ ۽ خوشگوار موسم آهي. آمريڪا اچڻ کان پوءِ وارن ڏينهن ۾ سٺي ۾ سٺو ڏينهن آهي. هي شهر هن رياست جو ٻيو نمبر وڏو شهر ۽ پوري آمريڪا ۾ ڇهون نمبر وڏو شهر هئڻ جي باوجود نه تمام گهڻي آدمشماري وارو ۽ نه وري تمام ڇڊي آباديءَ تي مشتمل آهي. شهر جي ڪُل آبادي ٻارنهن لک آهي يعني حيدرآباد کان ٿورو ننڍو پر ڪٿي حيدرآباد ڪٿي سين ڊيگو.
سين ڊيگو ڪائونٽن جي ڪُل آبادي 2.5 ملين آهي. موجوده شهر ۾ زبردست فوجي بندر، ٽونامڇيءَ جي ماهيگيريءَ ۽ واپار جو وڏو مرڪز قائم آهي. شهر سان متصل ڪنئين مضافاتي وسنديون آهن. جيڪي نڍين ٽڪرين جي صورت ۾ موجود آهن. جن کي سامونڊي ننڍيون کاريون هڪٻئي کان جدا ڪنديون آهن. اهي وسنديون ڪنئين سؤ چورس ميلن تي پکڙيل آهن. انهن مان ڪي ماڳ نهايت پرڪشش ۽ دلپذير آهن. انهن مان هڪڙو علائقو ڊائون ٽائون وارو آهي. هن علائقي جو مکيه حصو هارٽن پلازه Horton Plaza هڪ زبردست شاپنگ ڪامپليڪس آهي. جيڪو شهر جي ساڍن ڇهن بلاڪن تي مشتمل آهي. هن پلازه کي مشهور معمار مسٽر هارن جي نالي سان منصوب ڪيو ويو آهي. جنهن هن علائقي ۾ سڀ کان پهرين تعمير نو جو ڪم سرانجام ڏنو. هت ريسٽورانٽ، ڪلب ۽ هوٽلون قائم ڪيون. هي پلازا ڊائون ٽائون علائقي اندر اهميت ۾ وڌيڪ آهي. ڪنوينشن سينٽر جنهن شهر جي معيشت ۾ استحڪام آندو ۽ هتي جي زندگيءَ ۾ وندر ۽ ورونهن واري رنگينيءَ ۾ وڌيڪ اضافو آندو. هن سينٽر وارين عمارتن جو رُخ ساحل واري پاڻيءَ طرف آهي. انهن جون ڇتيون اهڙيءَ فني ڪاريگريءَ سان ٺاهيل آهن جيڪي غورابن ۽ ٻيڙن جي سڙهن يعني بادبانن وانگر ڏيکائي ڏين ٿيون. ٻين جديد طرز تعمير وارين عمارتن سان گڏ هنن عمارتن پڻ شهر جي جدت ۾ اعتماد کي نئين سر تازو ڪيو آهي ۽ ترقيءَ جي علامت طور موجود آهن. اهو سچ آهي ته سين ڊيگو ۾ ڪيليفورنيا جي ٻين شهرن جهڙي ڪشش ڪانهي پر سياحن لاءِ بلاشڪ نهايت موزون ماڳ آهي. اسان هت ٻنپهرن جي ماني هڪ انڊين هوٽل ۾ کاڌي جيڪا ڏاڍي سليقي سان ڊيڪوريٽ ٿيل هئي. هوٽل جي انڊين اسٽاف کي اردو بلڪل ڪا نه ٿي آئي. اسان کي ٻڌايائون ته اسان تامل آهيون. اسان جي صوبي ۾ هندي يا اردو ڪا نه ڳالهائي ويندي آهي. پوءِ ياد آيم ته هي ته ٺهيو پر هندستان جو هڪ اهڙو به وزيراعظم ٿيو هو جنهن کي هندي بلڪل ڪا نه ايندي هئي، نالو ديوِ گوڙا هوس.
سٽي سينٽر جي ويجهو بالبوئا پارڪ ۾ قائم ڪيل Zoo يعني خشڪي-آبي ۽ هوائي جاندارن جي نمائش سموري دنيا ۾ مشهور آهي. لاجولا، پئسفڪ بيچ، مشن بي ۽ ڪورو ناڊو چار ساحلي وسنديون قائم آهن جيڪي گهڻي حد تائين هڪٻئي کان بلڪل مختلف آهن ۽ پنهنجي پنهنجي الڳ خصوصيت جون حامل آهن.
لاجولا جو انداز سڀني کان نرالو آهي. هتي جي کاري پاڻيءَ جي ڀيٽ ۾ پيسي جو زور زياده آهي ڇو ته هتي فيشن، جدت ۽ عشرت جي ڪثرت نمايان آهي. سن 1960ع ڌاري ٽوم وولفي نالي شخص لاجولا واري علائقي جي ونڊنسي Windansea ماڳ وٽ ڇيڳرن ڇوڪرن جو هڪڙو ٽولو سامونڊي گجيءَ ۾ ترندي ۽ ڪئين مزا ماڻيندي ڏٺو. انهن کي پوءِ پمپ هائوس گينگ آف سَرفَروس Pump House Gang of Surfers سڏيو ويو. اڄڪلهه ونڊنسي ماڳ کان وٺي مشن بي، پسئفڪ بيچ ۽ سين ڊيگو نديءَ جي ڇوڙ تائين سموري ساحل تي سامونڊي گجيءَ ۾ وهنجندڙ، ترندڙ ۽ گجيءَ تي ٻيڙيون ڊورائيندڙن جا هشام هزارن جي تعداد ۾ موجود آهن. انهن کانسواءِ اهو تماشو ڏسڻ وارا ته تعداد ۾ انهن کان تمام گهڻا هوندا آهن. اسان هت پنهنجي آخري پروگرام ۾ ڪورو ناڊو، سين ڊيگو بي وارن وارياسن ساحلي علائقن ڏانهن وياسين. جتي ماحول نهايت پرسڪون، خاموش ۽ جهڙوڪر جهان کان جدا جنت نما مڪان هجي. اسان هت هڪ بئنچ تي ويٺا آهيون، جتي سون جي تعداد ۾ سفيد پکي اڏري رهيا آهن.
سين ڊيگو جي تاريخ ۾ مقناطيسي قوت هئڻ جي سبب هت ڪجهه عناصر دلچسپيءَ جا حامل ضرور آهن. جهڙوڪ ڪيبريلو نيشنل مونيومينٽ. اولڊ ٽائون ۽ بالبوئا نيشنل پارڪ ۾ قائم عجائب گهر گهري دلچسپيءَ وارا عناصر آهن، ٻي مکيه ڳالهه هيءَ آهي ته هتي لاس اينجلس جهڙي اجائي ۽ فضول گهما گهمي ڪانهي جنهن جو آئون اڳ به ذڪر ڪري چڪو آهيان. جيڪا ماڻهوءَ کي مت مان ڪڍيو ڇڏي. اتي جي ڀيٽ ۾ سين ڊيگو جي مڙني ماڳن گهمڻ ۾ وڌيڪ سولائي ۽ وڌيڪ لطف حاصل ٿئي ٿو. هتي پهچڻ پڻ وڌيڪ سولو آهي.
جيتوڻيڪ گهمڻ لاءِ موٽر نهايت موزون بلڪه لازمي آهي جيڪا اسان وٽ موجود آهي مگر چند مخصوص علائقن جهڙوڪ ڊائون ٽائون، مشن بيچ، لاجولا، ڪورو ناڊو ۽ ڊيل مار وغيره ۾ پيدل گهمڻ ۾ پڻ واهه جو مزو آهي. هونئن به ٽوئرسٽ کي زياده ۾ زياده پيدل گهمڻ ڦرڻ گهرجي. آئون هر ملڪ جي شهر ۾ اها ڪوشش ڪندو آهيان ته هر هنڌ پيدل گهمان ڦران ايئن ڪرڻ سان هڪ سياح کي انهيءَ ملڪ جي ماڻهن کي ويجهڙائي کان ڏسڻ ۽ سمجهڻ جو موقعو ٿو ملي. جيڪو گاڏين ۾ هلندي ڪڏهن به نصيب نٿو ٿئي. ڪن ڪن شهرن ۾ سياحن کي گائيڊ پنڌ گهمائيندا ڦيرائيندا آهن جنهن لاءِ هو پيسا به وٺندا آهن. آئون ننڍپڻ ۾ پهريون ڀيرو ڪوه مريءَ گهمڻ ويس ته هڪ ماڻهو ٻيو به مونسان گڏوگڏ هلڻ لڳو. اسين ٻئي گڏگڏ گهمي ڦري رهيا هئاسين. آئون جڏهن واپس اسلام آباد وڃڻ لاءِ وئگن ۾ چڙهيس ته مون کي چيائين ته مون کي منهنجي في ڏي مون کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. سو پڇيو مانس ته ڇا جي في تنهن تي پاڻ ٻڌايائين ته آئون گائيڊ آهيان ۽ مون توهان کي هيتري دير گهمايو ڦيرايو آهي انهيءَ جي في. همراهه جند ئي نه ڇڏي آخر ۾ پنج رپيا ڏئي جان ڇڏائيم انهيءَ وقت يعني 1961ع ۾ هڪ ڊالر پنجن رپين جي مُلهه برابر هو. سو ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي.
اسان تبرڪ طور سين ڊيگو شهر مان ڪجهه خريداري به ڪئي. انهيءَ ارادي سان شهر جي هڪ نهايت ئي خوبصورت مارڪيٽ جي سپر اسٽور تان گهمي ڦري ٻه ٽي شرٽس، پينون، هڪ چشمو ۽ هڪڙو ننڍو پر نهايت ئي خوبصورت گهڙيال خريد ڪيم جنهن مان ڏاڍا وڻندڙ آواز نڪري رهيا هئا. ننڍي ننڍي سامان رکڻ لاءِ هڪ ننڍو ڪاري رنگ جو ٿيلهو به خريد ڪيم ۽ ايئن سين ڊيگو شهر کي آخري سلام ڪندا واپس لاس اينجلس ڏانهن وڃي رهيا آهيون. جنهن فري وي تان واپس وڃي رهيا آهيون. انهيءَ تي رڳو بيچز ئي بيچز آهن. جنهن تي لکن جي تعداد ۾ آمريڪن ۽ ٻيا سياح هر روز اچن. سين ڊيگو ۽ ان جي آسپاس وارا سامونڊي (بيچز) ڪنارا هيٺيان آهن جيڪي وڌيڪ مشهور آهن.
1- سن سيٽ ڪلفس
2- روشن بيچ
3- مشن بيچ
4- پئسفڪ بيچ
5- مشن بي
6- ونڊن سي بيچ
7- چلڊرنس پول
8- لاجولا ڪووِ
9- لاجولا شورس
10- ٽوري پائينس اسٽيٽ بيچ
11- ڪورو ناڊو جوسلور اسٽرانڊ اسٽيٽ بيچ
12- ڪورو ناڊو ميونسپل بيچ
13- سولانا بيچ
14- امپيرئيل بيچ
15- مون لائيٽ اسٽيٽ بيچ
16- لير سيڊيا اسٽيٽ بيچ، ڪارلسبيڊ ۽ مشن بي.
هت وڏي پئماني تي سياحت جو بندوبست ٿيل آهي. جت سال ۾ آمريڪي ۽ ٻي دنيا جا سياح لکن جي تعداد ۾ گهمڻ اچن. سو اسان به خيال ڪيو ته لاس اينجلس ويندي ويندي ڪنهن دلبر بيچ تي چند گهڙيون گهاري اڳتي وڃون. سو اهو سوچي يو ايس هائي ويز U.S. High Ways جي هن رن وي Runway جهڙي روڊ تان ميوزڪ ٻڌندي وڃي رهيا آهيون. آمريڪا ۾ روڊ رستا چار مختلف ادارا ٺهرائيندا آهن. جيڪي هن ريت آهن.
1- يو ايس هائي ويز U.S High ways
2- انٽر اسٽيٽ هاءِ ويز Inter State High ways
3- اسٽيٽ هاءِ ويز State high ways
4- ڪائونٽي هائي ويز County High ways
۽ اسان هن وقت يو ايس هائي ويز جي دلڪش روڊ تان گهمندي ڦرندي اڳتي وڃي رهيا آهيون ۽ آمريڪا جي هيڏي وڏي ترقيءَ تي سوچي رهيا آهيون ته ڪيئن نه قومون محنت سان ترقي ٿيون ڪن نه ته قدرتي وسيلن سان ته خدا تعاليٰ اسلامي ملڪن کي به مالا مال ڪري ڇڏيو آهي. يعني سڄي دنيا جي قدرتي دولت جو ستر سيڪڙو (جنهن ۾ تيل-گئس ۽ معدني دولت شامل آهي) مسلمان ملڪن ۾ آهي پر علمي دولت ۽ ٻي دولت ۾ مسلمان ملڪ تمام پٺتي آهن. ايترو ته پٺتي آهن جو اسان هاڻ اهو عدم توازن برابر ئي نٿا ڪري سگهون. جنهن جا صرف ٻه مثال ئي انسان جو دماغ چرخ ڪيو ڇڏين.
1- تعليمي عدم توازن، سڄي دنيا جي سڀني مسلم ملڪن ۾ صرف (430) چار سؤ ٽيهه يونيورسٽيون آهن. جڏهن ته صرف جپان ۾ هڪ هزار يونيورسٽيون آهن.
2- سڀني مسلمان ملڪن ۾ هر سال صرف پنج سئو شاگرد سائنس ۾ پي ايڇ ڊي P.HD ڪندا آهن جڏهن ته صرف هندستان ۾ هر سال پنج هزار شاگرد پي ايڇ ڊي ڪندا آهن.
دنيا جي ڇهه ارب آدمشماريءَ ۾ مسلمانن جي آدمشماري سوا ارب يا هڪ سئو پنجويهه ڪروڙ آهي پر سڀني مسلمان ملڪن جي G.D.P ٻارهن سئو بلين ڊالر آهي. جڏهن ته صرف جپان جي (Gross Domestic Product) G.D.P پنج هزار پنج سئو بلين ڊالر آهي. هي هيڏو سارو عدم توازن برابر ڪيئن ٿيندو. ڳالهه سمجهه کان زور آهي. اسان تاج محل ته ٺاهيو پر هارورڊ ۽ آڪسفورڊ ٺاهي نه سگهياسين. ڪميونسٽ ورلڊ ختم ٿيڻ کان پوءِ هاڻ مسلم ورلڊ آمريڪا کي اک ۾ ڪنڊي برابر آهي ۽ هو تر برابر به مسلم ورلڊ کي اڳيان وڌڻ لاءِ گهٽي ڪو نه ڏيندو جنهن جو مثال آمريڪي صدر جي واتان نڪتل هي لفظ آهن ته ”اسان هاڻ صليبي جنگيون لڙڻ لاءِ بلڪل تيار بيٺا آهيون. (صليبي جنگين مان مراد مسلمانن ۽ عيسائين جون جنگيون آهن).
سوچن ۾ گم هلندي هلندي اچي اوشن سائيڊ بيچ Ocean Side beach تي پهتاسين ڇا ته منظر آهي. دي سٽي آف اوشن سائيڊ شهر ڪنهن زماني ۾ فوجي شهر سمجهيو ويندو هو ڇو ته اُهي پينڊلٽن نالي هڪ فوجي ڪئمپ سان بلڪل گڏيو پيو هو ۽ اڄڪلهه سياحن جي زبردست آماجگاهه آهي. شهر جي ساحل ۽ بندر تي ماڻهو تمام گهڻي تعداد ۾ سدائين موجود هوندا آهن. انهن ۾ مقامي ماڻهن سان گڏ سياح ۽ سيلاني پڻ اڪثر ڪري شامل هوندا آهن.
شهر جو سامونڊي ڪنارو وارياسو ۽ ڪافي ڪشادو آهي. انهيءَ تي پام جا وڻ سموري ساحل کي سهڻي نموني ڍڪيو بيٺا آهن. انهيءَ ڪري هن ساحل تي ترڻ، سن پاٿنگ توڙي خالي چڪر لڳائڻ ۾ به تمام گهڻو لطف حاصل ٿئي ٿو.
ڪناري لڳ هڪڙو رستو آهي جنهن کي ”دي اسٽرانڊ“ سڏين ٿا. هتي موٽر سائيڪل وغيره به هلائي سگهجي ٿي ۽ اها ماڻهن جي گهمڻ لاءِ به تمام سولي آهي.
سمنڊ ڪناري والي بال راند جا ڪيترائي گرائونڊ ٺهيل آهن. پائير يعني ٿلهو جيڪو سمنڊ اندر ٺهيل آهي. انهيءَ پائير تي ويهي اتي گڏ ٿيل سامونڊي گجيءَ ۾ موجود مڇيءَ جو شڪار ڪرڻ ۾ آساني ٿئي ٿي.
سٽي آف اوشن سائيڊ جي ساحل تي ريسٽ روم، هوٽلون ۽ بارون جام آهن. جنهن مان هڪ هوٽل ۾ گهڙي چانهه پي، باٿ روم مان فريش ٿي ٻاهر نڪتاسين ته هڪ آمريڪن کي پنندي ڏسي حيرت ٿي ۽ سوچيان ٿو ته سون، هزارن، لکن جي تعداد ۾ انسان هت به ته انتهائي غربت جي زندگي گذاري رهيا آهن. ايئن ڇو آهي؟ ڇا هي ماڻهو لڪي ڇپي پني رهيا آهن يا هنن جي حڪومت کي خبر نه آهي يا هنن جي ڪو به سار سنڀال لهڻ وارو نه آهي. ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي.
بيچ تي لائيف گارڊ عملو پڻ موجود آهي هن ساحل جي ويجهو ڪيپ ڪوڊ وليج ۾ ريسٽورانٽ ۽ ٻيون سهولتون به موجود آهن. شهر جي هاربر يعني بدنر تي ياچ نالي ٻيڙيون موجود آهن جن وسيلي سمنڊ ۾ گهمڻ ۽ چڪر لڳائڻ جو بندوبست ڪيل آهي پر اسان وٽ هت ٿورو وقت آهي. تنهنڪري اسان انهيءَ سهولت مان فائدو وٺي نه سگهياسين. هتي اوشن سائيڊ مرينا اِن نالي هڪ زبردست هوٽل پڻ موجود آهي. جتي طعام ۽ قيام جو اعليٰ بندوبست آهي پر پاڻ کان زور آهي. تنهنڪري اسان هوٽل ۾ به داخل ڪو نه ٿياسين.
موٽرڪار ذريعي سٽي آف اوشن سائيڊ ڏانهن سفر ڪرڻ لاءِ ڪوسٽ هاءِ وي رسڻ لاءِ سين ڊيگو شهر مان نڪرندڙ فائيو نارٿ انٽر اسٽيٽ هاءِ وي وٺڻو پوندو ۽ اسان انهيءَ رستي شهر اندر داخل ٿياسين.
سٽي آف اوشن سائيڊ جي ساحل تي ٺهيل پائير جي ٻنهي پاسن تي گاڏي پارڪنگ لاءِ بڪنگ ڪرائڻ لاءِ اسٽال موجود آهن. انهيءَ کانسواءِ مفت ۾ پارڪنگ لاءِ ساحل جي ڀرسان موجود گهٽي دي اسٽرانڊ ۾ فري لاٽ پڻ موجود آهي، اتي به قسمت آزمائڻ جو موقعو موجود آهي. اسان انهيءَ مفت واري پارڪنگ ۾ پنهنجي گاڏي بيهاري. بلڪل سمنڊ ڪناري بيٺا آهيون. جت هزارن جي تعداد ۾ سياح سمنڊ ۾ موٽر سائيڪل ويرن تي هلائيندڙن کي ڏسي رهيا آهن ۽ اهي موٽر سائيڪل هلائڻ وارا انهيءَ انتظار ۾ بيٺا آهن ته ڪڏهن ٿي وڏي وير چڙهي ۽ ڪڏهن ٿا اسان ٽپو ڏئي انهيءَ مٿان سوار ٿيون. انهيءَ راند ۾ حصو وٺندڙن جو تعداد به سوَن ۾ آهن. جنهن ۾ به وري اڪثريت عورتن جي آهي. انهن جي جسم تي ڪپڙا ايترا آهن جيتري ٽئين دنيا جي غريب ملڪن ۾ جمهوريت . اسان به ڪجهه وقت بيهي اهو منظر ٿا ڏسون. اهڙو دلڪش منظر انهيءَ کان اڳ مون صرف انگريزي فلمن ۾ يا ائڊورٽائيز جي فلمن ۾ ڏٺو هو. دل پئي چئي ته اهو منظر ڏسندو رهجي پر ڪافي دير ٿي چڪي آهي ۽ اڳيان به منزل پئي آهي، سو پنهنجي گاڏيءَ ۾ چڙهي ساڳئي هاءِ وي ذريعي واپس لاس اينجلس ڏانهن مُنهن ڪيو اٿئون. هينئر رات ٿي چڪي آهي ۽ روڊن تي ٽريئفڪ وڌي وئي آهي. شايد سڀ آمريڪن پنهنجي پنهنجي مومل سان ملڻ لاءِ ڪاڪ وڃي رهيا آهن ۽ اسان سهڻي من موهڻي ميوزڪ ٻڌي مست ٿي واپس پنهنجي ماڳ ڏانهن وڃي رهيا آهيون. هيترين گاڏين ۽ هيتري اسپيڊ ۾ به گاڏي اندر ڪو به ٻاهريون آواز ٻڌڻ ۾ ڪو نه ٿو اچي.
اسان سين ڊيگو کان لاس اينجلس ويندي ويندي دنيا جي هن عظيم ملڪ جي ٻنهي اهم شهرن جي وچ تي پهتا آهيون. ڪارن جي تيز رفتار هلڻ ڪري ايئن ٿو لڳي ڄڻ ته روڊ ڪارپيٽ وانگر ويڙهجندو وڃي.
سندر سپنن جهڙي ڌرتي ڪيليفورنيا تي مشهور ناول نگار ريمونڊ چينڊلر Raymond Chandler سن 1949ع ۾ سين ڊيگو شهر جي فيشن واري ساحلي علائقي لاجولا LaJolla ۾ پهچڻ سان پنهنجو ترت تاثر بيان ڪندي لکيو ته ”سندم پهرين خواهش اها اُڀري ته جيڪر عين ٻنپهرن جو ٻاهر گهٽيءَ ۾ اچي چئن حرفن واري لفظ يعني پيار (Love) جا زوردار نعرا هڻان.“ چينڊلر هتي لڳاتار ڏهه سال رهيو. انهيءَ دوران هن هڪڙو جاسوسي ناول لکيو، تنهنجي هيري جو نالو فلپ مارلوو Philip Marlowe آهي ۽ اهو سين ڊيگو شهر جي اتر ۾ موجود عظيم شهر لاس اينجلس جي روشنين جي تهه ۾ موجود بڇڙائين جي گهرائين جو انڪشاف ڪندڙ آهي.
لاس اينجلس نهايت پرڪشش، پرلطف، اتساهيندڙ ۽ بيحد شاهوڪار شهر هئڻ سان گڏ حقيقت ۾ ڪمال جي حد کان موٽيل آهي.
سين ڊيگو تمام گهڻو وڻندڙ شهر آهي پر اڃا سن بلوخ عمر کي مس رسيو آهي.
آمريڪا جي ڪيليفورنيا رياست جي شهرن ۾ خصوصاً تاريخي هڪجهڙايون ڪافي آهن. مثال طور پرتگالي نسل جي جهاز ران جُئان راڊ ريگوئيز ڪيبريلو Juan Rodriguez Cabrillo جي اڳواڻيءَ ۾ يورپي ماڻهن ڪيليفورنيا رياست جي سين ڊيگو اپسمنڊ جي ڪناري تي پهرين پهرين 28 ڊسمبر سن 1542ع ۾ پنهنجا پير ڌرتي تي کوڙيا. ڪيبريلو اها مهم ميڪسيڪو رياست جي انهيءَ وقت واري وائيسراءِ جي حڪم موجب سرڪئي. پوءِ ترت ئي هن سين پيڊرو ۽ سانٽا مونيڪا نالي ماڳ پڻ ڏٺا. هن انهيءَ وقت مقامي ماڻهن جي ٻاريل باهه جا دونهان انهيءَ هنڌ ڏٺا جيڪو ماڳ هن وقت لاس اينجلس شهر جونشيبي علائقو آهي.
هن رياست جي تقريباََ هر ساحلي شهر ۾ يورپي ماڻهن جي اوائلي آبادڪاري ارڙهين صديءَ جي آخر ڌاري عمل ۾ آئي سا انهيءَ عرصي دوران آمريڪا ۾ هلندڙ ”مقدس مهم“ جي فروغ جو نتيجو هئي جنهن ڪري ڪيليفورنيا جي سموري ساحلي علائقي ۾ ڪُل 21 ڪيٿولڪ تبليغي جماعتون قائم ڪيون ويون. سڀ کان پهرئين تبليغي جماعت سين ڊيگو ڊي الڪالا SanDiego de Alcala ۽ چوٿين نمبر تي سين گيبريئل آرڪ اينجل نالي تبليغي جماعت هئي.