سفرناما

ٽوئر ٽو آمريڪا

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (259) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”ٽوئر ٽو آمريڪا “ نامياري ليکڪ ۽ سفرناما نگار عبد الحئي پليجي جو لکيل سفرنامو آهي.

هي ڪتاب مومل سنڌو پبليڪيشن پاران سنڌيڪا اڪيڊمي وٽان 2011ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ ۽ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي. ٿورا سائين عبد الحئي پليجي صاحب جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book ٽوئر ٽو آمريڪا

حصو چوٿون

اسان تيار ٿي ناشتي واري ريسٽورانٽ پهتاسين ته ميلو متو پيو هو. ناشتي لاءِ مال به جام نظر آيو ۽ ڪا ڊش ختم ٿي ته انهيءَ جي جڳهه تي وري يڪدم ٻيا ڀريل ڊش کڻي ٿي آيا. هت مون کي غير ملڪي ماڻهن ۾ جپاني ۽ ڪورين زياده نظر آيا. اسان به پنهنجي پليٽ ڀرڻ ۾ ڪا گهٽتائي ڪا نه ڪئي. مون کي ميرپور بٺوري واري رحمت الله خواجه جي پٽ جي شاديءَ جو منظرياد اچي ويو. جنهن ۾ مون هڪ پليٽ ۾ رکيل اٺن ڏهن چڪن پيسن مان هڪڙي کي کڻن جي ڪوشش ڪئي ته هڪ همراهه کڻي ٻانهن مان ورتو چيائين سائين هيءَ ته منهنجي پليٽ آهي توهان ڊش مان چڪن کڻو. تنهن تي مون کانئس سوال ڪيو ته تون هي مال پليٽ ۾ رکي ڪيڏانهن ويو هئين ته پاڻ ٺهه پهه جواب ڏنائين ته آئون پنهنجي لاءِ اڃان به وڌيڪ کاڌو کڻڻ ويو هوس. مون کيس شاباس ڏئي، ڊش مان پنهنجي لاءِ کاڌو پليٽ ۾ لاٿو. کاڌي جي ته ڪا کوٽ ئي ڪا نه هئي فقط صبر جي کوٽ هئي. سو آئون انهي سين کي ورجائي پنهنجي پليٽ کي ڀري وڃي ڪنڊ پاسي ۾ کائڻ لڳس. کاڌن ۾ ايڏي ته ورائٽي ۽ لذت هوندي آهي جو ڇا لکي ڇا لکجي. سو به وري لاس ويگاس شهر ۾ جت چوويهه ڪلاڪ عيش عشرت جا ميلا متا پيا آهن. سياحن جي کاڌي پيتي جو ايڏو ته سٺو بندوبست هوندو آهي جو وقت، پهر ۽ پل جي ته ڪا جهل نڪا پل. هر وقت هر قسم جا کاڌا هڪيا تڪيا تيار رکيا آهن. ايڏو ته خوبصورت، وڏو ۽ سينگاريل سنواريل ڊائيننگ هال آهي جو مانيءَ کائڻ کان پوءِ ٻاهر نڪرڻ تي دل ئي ڪا نه ٿي چوي پر اندر جي رش گهٽائڻ لاءِ مجبورن ٻاهر نڪرڻو ٿو پوي. سو تقريباً اڌ ڪلاڪ کن هت گذارڻ کان پوءِ ٻاهر نڪتاسين ۽ پنهنجي ڪار ۾ چڙهي لاس ويگاس جي شاهراهن تي نڪري پياسين. ٻاهر هڪ ٻه نه پر سون جي تعداد ۾ هوٽلون. ڪيسنو، ڪلب، جوا خانا ۽ ٻيا تفريحي ماڳ جيڪي ايڏا ته ڊگها ڄڻ ته آسمان سان پيا ڳالهيون ڪن. جن تي خرچ ڪيل رقم جو ته ڪو ڪاٿو ئي ڪونهي. هت سياحن لاءِ ڪيترن ئي قسمن جي تفريح جو بندوبست ٿيل آهي. جنهن ۾ جادوئي ڪرتب جا ڪلب ۽ سڄي دنيا ۽ آمريڪا مان اچي هت شادي ڪرڻ جو شوق پورو ڪرڻ آهي. جادوئي ڪرتب ڏيکارڻ ۾ هت سيزرس ميجيڪل ايمپائر Ceasar’s Magical Empire سڀني م وڌيڪ مشهور آهي.
پش زين ڪناس بودم، شيخ گشتم پارسال غلا گر ارزان شوِد امسال ميثوم سعدي
(پهريائين ڀنگي هوس، پرسال شيخ ٿيس، هن سال جي ان ججهو ٿيو ته سيد به ٿي ويندس.)
هن عجيب ۽ غريب قسم جي تفريحي اڏاوت تي بي انداز دولت خرچ ڪئي وئي آهي. هن عجيب تعمير ۾ ڪيتريون سرنگهون، غار، ڦرندڙ ڪمرا، ٿيٽر ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه حيرت ۽ عبرت لاءِ موجود آهي.
هتي پهچڻ سان هتي جي محافظن طرفان توهان کي 24 کان گهٽ تعداد واري جٿي ۾ شامل ڪري هڪڙي کنڊر نما ماڳ وٽان گهمائي ڦيرائي پنهنجي مخصوص ڊائننگ روم ۾ رسائيندا. هتي توهان کي مقرر ذاتي جادوگر ڪجهه ساحرانه ڪرتب ڪري وندرائيندا. هتي حاضر خدمتگار توهان کي ماني کائڻ دوران مختلف ڪرتبن سان وندرائيندا. تنهن کان پوءِ مکيه ساحرانه ڪرتبن لاءِ توهان کي ٻئي ماڳ وٺي ويندا. هتي ڪيترائي ڪرتب ڏيکاريا وڃن ٿا. هتي پنجن منٽن وارو روشنين تي مشتمل شو ڏيکاريندا آهن. انهيءَ دوران اعليٰ مهارت سان رنگين روشنين جا نظر خيره ڪندڙ ڪرتب ڏيکارين ٿا. روشني تمام گهڻي هئڻ سبب نظر کي نقصان ٿئي ٿو. تنهنڪري نقصان کان بچاءُ وارا چشما پائڻ ضروري آهن. جيڪي هتي ازخود پارائيندا آهن ۽ ٻاهر نڪرڻ وقت واپس وٺندا آهن اڄڪلهه لنڊن ۽ آمريڪا ۾ اهڙيون سئنيمائون عام آهن. هتي ڀتين تي آراسته انساني هڏاون پڃرن سان ڳالهائي ۽ ڀوڳ مسخري ڪري سگهجي ٿي ۽ نه ڏسجندڙ (غائب) هستين کان موسيقي ٻڌي سگهجي ٿي جيڪا اهي گذارش ڪرڻ تي پيش ڪن ٿا. هن ايمپائر ۾ جٿي ڪٿي ڪئين قسمن جي اٽڪل بازي پڻ ڪارفرما آهي جنهن سان ماڻهو ٺڳجي سگهي ٿو. تنهن ڪري جتي به ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي ته موجود خدمتگارن کان پُڇي سگهجي ٿو. غسل خانن جي آرسين ۾ به ديون ۽ جنن جون تصويرون لڳل آهن. ٽن مرحلن واري ڊنر دوران عجيب ڪرتب ڏاڍا وڻندر ۽ مزيدار هوندا آهن. هتي مختلف بارون پڻ آهن گروٽو بار ۾ توهان ڪئين ڪلاڪ غائب فنڪارن کان موسيقيءَ سان پاڻ وندرائيندا رهندا. پُکن موجب ڏهن مان ڪنهن هڪ ڊائننگ روم ۾ وڃي ڪيترائي شو ڏسي سگهو ٿا. هتي جا جادوگر توهان کي سندن ڪرتبن ۾ استعمال ڪندا ۽ توهان جي طبيعت موافق توهان کي محذوذ ڪندا. گهٽ ۾ گهٽ ٽن ڪلاڪن ۾ سراسري طور ڪافي شو ڏسي سگهجن ٿا.
خاص ڳالهه هيءَ آهي ته ساحرانه شو صبح 11 کان 3 بجي تائين مفت ۾ ڏيکاريندا آهن.
لاس ويگاس شهر ۾ شادي ڪرڻ ۽ شاديءَ جي رسم هتي جي هڪڙي نهايت مشهور ۽ منفرد تقريب آهي ۽ هتي شاديءَ جي رسم نهايت آسانيءَ سان سرانجام ڏني وڃي ٿي.
ڪلارڪ ڪنٽري ميريج لائسنس بيورو جيڪو 8 بجي صبح کان آڌيءَ رات تائين سومر کان آچر يعني سمورا ڏينهن کليل آهي اُتي وڃي شاديءَ جو لائسنس حاصل ڪريو. شهر ۾ شاديءَ جي رسم ادا ڪرڻ لاءِ پنجاهه کان وڌيڪ مذهبي جايون ٺهيل آهن ۽ تقريباً هر وڏيءَ هوٽل ۾ پڻ ويڊنگ چيپل موجود آهي جتي هر وقت شاديءَ جي رسم ادا ڪري سگهجي ٿي. هتي رت جي تپاس يا شاديءَ لاءِ مقرر مدو يا تاريخ ڪانهي. جڏهن چاهيو شادي ٿي سگهي ٿي پر اسان هت ڪٿان ڪنوار آڻيون جو شادي ڪريون.
شادي ڪرڻ وارن چيپلن ۾ شاديءَ لاءِ گهربل سمورو بندوبست اڳواٽ ٿيل هوندو آهي. هتي وڏي ۾ وڏي توڙي ننڍي ۾ ننڍي تقريب سان شادي ٿئي ٿي. چيپل وارا مُنڊي، گلن ۽ ڪپڙن جو پڻ بندوبست ڪندا آهن ۽ وڊيو پڻ تيار ڪندا آهن. آمريڪا توڙي پوري دنيا جا ڪيترا سارا ماڻهو هتي اچي شادي ڪرڻ ۾ وڌيڪ لطف محسوس ڪن ٿا. تنهنڪري هتي هر سال هڪ لک کان مٿي جوڙا شادي رچائيندا آهن.
هڪڙي چيپل ۾ روزانو اٽڪل ڏهه شاديون منعقد ٿين پر ويلنٽائين ڊي تي سؤ سؤ شاديون پڻ ٿينديون آهن.
ايلوِس امپرسونيٽر يعني شاديءَ سميت مختلف تقريبن جو منتظم شادي، سالگره، استقباليه ۽ ٻين مختلف تقريبن جو انتظام ڪندو آهي.
امپرسونيٽر جو نالو جيسي گيرن Jesse Garon آهي سندس ٽيليفون
نمبر 9227/474/702 ۽ ويب سائيٽ ائڊريس http://www.elvis-vegas.com هن ريت آهي. هو سندس پنڪ نيون لِٽ ڪيڊيليڪ موٽر ۾ توهان وٽ اچي حاضر ٿيندو. سندس ڏهن اصولي اسباب موجب توهان جي شادي رچائڻ ۾ لڳي ويندو. اُهي ڏهه هيٺيان سبب آهن جن مواقف ماڻهو لاس ويگاس شهر ۾ شادي رچائڻ وڌيڪ پسند ڪن ٿا ۽ پري پري کان جوڙا هتي اچي شادي ٿا ڪن ۽ پوءِ هتي هني مون ٿا ملهائين.
1- پوري دنيا جي ابتڙ فقط لاس ويگاس شهر ۾ ايلوس توهان جي شادي لاءِ چوويهه ئي ڪلاڪ حاضر آهي.
2- هتي ٿيل شاديءَ جي سالگره توهان کان عمر ڀر نه وسرندي. شادي ته ماڻهو کي سدائين ياد رهندي آهي پر آمريڪا جت هر ماڻهو هر سال شادي ڪري ۽ هر سال طلاق ڏي اتي واقعي هر شاديءَ جي تقريب ياد ڪرڻ ڏاڍي ڏکي آهي پر هت ويگاس جي شاديءَ جي نه وسرڻ جي گارنٽي آهي.
3- دنيا ۾ ڪٿي به توهان شاديءَ ۾ شريڪ مهمانن کي فقط 99 سينٽن ۾ ماني نٿا کارائي سگهو.
4- هت شاديءَ جي تقريب لاءِ فقط چار لفظ خرچ ٿين ٿا.
5- شاديءَ جي رات ڪنوار کي ٻڌائي سگهو ٿا ته ڪنهن کي گم ٿيندو ڏسڻ وارو عمل يعني ڪنهن سان شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجڻ وارو عمل مون هتي جي مشهور فنڪارن ۽ اداڪارن سيگفرائڊ ۽ رائي (Roy) کان سکيو هو.
6- پنهنجي مٽن مائٽن کي پنهنجي مرضيءَ موجب شاديءَ جي تقريب ڏيکاري سگهو ٿا.
7- پوري شهر ۾ جٿي ڪٿي توهان شاديءَ جي رسم ۾ وڄندڙ گهنڊ ٻڌي سگهو ٿا.
8- شاديءَ جي رسم ۾ توهان چانورن بدران ڍارو به اڇلائي سگهو ٿا.
9- جون ڪولنس وانگر شادي سرٽيفڪيٽ ۾ پنهنجي عمر بابت ڪوڙ پڻ ڳالهائي سگهو ٿا.
10- جيڪي پيسا توهان بچت ڪريو ٿا انهن لاءِ جوا جو ڍارو ڍرندو ئي رهي ٿو.
ڪي جوان جوڙا سڄي دنيا مان ڪهي اچي هت شادي ڪن ته وري ڪي جوان ۽ جوانڙيون سچ پچ نه پر ڪوڙ پچاڻيءَ جون شاديون ڪري هني مون ملهائن ۽ هتي جي هوٽلن جي هني مون وارن ڪمرن ۾ موڪلن ۾ ڏينهن جا ڏينهن اچي گذارين. ڪو پُڇڻ وارو ئي ڪونهي.
هونئن به آمريڪا ۽ يورپ ۾ اڄڪلهه هي رواج چوٽ تي آهي، ته سواءِ شاديءَ جي ٻنڌڻ جي گڏجي گذاريو ۽ ٻار به ڄڻيو ۽ کين پاڻ سان گڏ پاليو ۽ نپايو.
اسان گهمندا ڦرندا ڪئين ميل اڳتي نڪري هن شاهراهه جي تقريباََ ٻئي ڇيڙي تي پهچي هڪ هنڌ ڪار مان لهي هڪ اڪيلي بيٺل ڇوڪريءَ کان هروڀرو ٿا پُڇون ته واندي آهين يا نه. کيس ڪارو چشمو پيل آهي ۽ وات ۾ چيوگم چٻاڙي رهي آهي ۽ رکي رکي چيوگم کي زور سان هوا ٿي ڏي ته ٻاهر نڪريو اچي ۽ پاڻ ور ور ايئن ڪري رهي آهي. قد جي ننڍي آهي چهري تي سواءِ ڪنهن به تاثر ڇڏڻ جي ڪنڌ جي ڌوڻ سان نه ڪيائين ۽ اسان کيس اتي ئي ڇڏي گاڏي اڳيان چوراهي تان ڦيرائي واپس ٻئي روڊ تي گاڏي هلائي اڳيان ٿا وڌون. هن شاهراهه جو نالو اسٽرپ آهي. هت به رڳو هوٽلون ۽ ڪلب ٿا نظر اچن هڪ نه پر سون جي تعداد ۾، ڪيترا نالا لکي ڪيترا لکجن. دل ٿي چئي ته ڪنهن سپر مارڪيٽ مان ڪجهه نه ڪجهه خريداري ڪجي ۽ اسان به محسوس ڪيون ته لاس ويگاس واقعي گهميوسين. سو هڪ وڏي سپرمارڪيٽ ٻاهران گاڏي بيهاري اندر داخل ٿي سوچيان ٿو ته ڇا وٺان. لاس ويگاس نالي واريون شرٽون، پينون، چاٻين جا ڇُڳا. پهرئين هڪ نظر سان سڄي سامان جو جائزو وٺجي پوءِ خريداري ڪجي پر هيڏي سپر اسٽور کي گهمڻ لاءِ به وقت گهرجي جيڪو اسان وٽ بلڪل ڪونهي. تنهنڪري هلندي هلندي جيڪا شيءِ اڳيان ٿي اچي سا وٺڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان ۽ ايئن تقريباً اڌ ڪلاڪ کن هت گذاري ٻاهر ٿا نڪرون. ٻاهر نڪرڻ شرط هوٽلن، ڪلبن ۽ ڪسينو جو هڪ خوبصورت ڏيک نظر ٿو اچي. ڪيڏو نه دل کي وڻندڙ ٿو لڳي. لنچ جو وقت ٿيو آهي. لنچ اڪثر ڪري ڪا نه ڪبي آهي پر اڄ شام واپس لاس اينجلس ورڻو آهي ۽ رات جو خبر نه آهي ته ڪيڏي مهل پهچجي سو بهتر آهي ته لنچ ڪري ڇڏجي. انهيءَ ارادي سان هڪ ريسٽورانٽ ۾ لنچ کائڻ لاءِ روانا ٿياسين. ننڍي هوٽل آهي ڪا خاص رش به ڪا نه اٿس. آرڊر ڏئي انتظار ٿا ڪريون ۽ آئون اخبار اٿلائي پٿلائي ٿو ڏسان. اڄڪلهه ملڪ ۾ صدارتي اليڪشن جو چرچو آهي ۽ اخبار انهن خبرن سان ڀري پئي آهي. سئو قسمن جون خبرون ڇا پڙهي ڇا پڙهجي ڇا لکي ڇا لکجي. هڪ دلچسپ خبر ته اڳوڻن آمريڪي صدرن جا حال احوال آهن.
صدر ريگن جي باري ۾ آهي ته:
1- سڀني صدرن کان وڏي ۾ وڏي عمر وارو صدر هو.
2- واحد صدر هو جنهن کي طلاق ٿي.
3- هي واحد صدر هو جيڪو ائڪٽر هو.
4- صدر ريگن واحد صدر هو جنهن تي خوني حملو ٿيو ۽ انهيءَ حملي ۾ زخمي ٿيو ۽ بچي ويو.
5- صدر ريگن واحد آمريڪي صدر هو جو ليبر يونين جو به صدر رهي چڪو آهي.
6- ريگن واحد آمريڪي صدر هو جيڪو Contact Lenses استعمال ڪندو هو.
بل ڪلنٽن جي باري م لکيل آهي ته هي:
1- آمريڪي تاريخ ۾ واحد صدر هو جنهن تي جنسي تعلقاتن جي سنگين الزامن تحت مٿس انڪوائري ٿي.
2- بل ڪلنٽن واحد صدر هو جنهن کي الرجيءَ جي بيماري آهي.
3- بل ڪلنٽن واحد کاٻڙ صدر هو جيڪو ٻه دفعا صدر چونڊيو.
4- بل ڪلنٽن واحد آمريڪي صدر هو جيڪو پيءُ جي مرڻ کان پوءِ پيدا ٿيو.
جمي ڪارٽر جي باري ۾ لکيل آهي ته:
1- جمي ڪارٽر واحد آمريڪي صدر هو جنهن پنهنجي ماءُ کي هڪ سفارتي مهم تي موڪليو.
2- هي پهريون صدر هو جيڪو اسپتال ۾ ڄائو هو.
3- هي پهريون صدر هو، جيڪو عام ماڻهن سان فون تي ڳالهائيندو هو.
رچرڊ نڪسن جي باري ۾ لکيل آهي ته:
1- آمريڪي تاريخ جو پهريون صدر هو جنهن روس ۾ ٽي وي تي روسي عوام کي خطاب ڪيو.
2- آمريڪي تاريخ ۾ هي پهريون صدر هو جنهن چائنا جو سرڪاري دورو ڪيو.
3- آمريڪي تاريخ جو هي واحد صدر هو جنهن آمريڪا جي سڀني پنجاهه رياستن جو دورو ڪيو.
4- نڪسن واحد صدر هو. جنهن صدر جي عهدي تان استعيفا ڏني. سندس استعيفا جا هي لفظ صرف هڪ سٽ هئي.
I here by resign the office of the president of the United states.
Richarad M. Nixon
جان ڪينيڊيءَ جي باري ۾ لکيل آهي ته:
1- هي واحد آمريڪي صدر هو جنهن پنهنجي ڀاءُ کي ڪئبينٽ ۾ کنيو.
2- ڪئنيڊي واحد صدر هو جيڪو رومن ڪيٿولڪ هو.
3- ڪئنيڊي سڀني صدرن ۾ ننڍي ۾ ننڍي عمر وارو صدر هو.
4- آمريڪا جي سڀني صدرن ۾ هي سُٺي ۾ سٺُي تقرير ڪرڻ وارو صدر هو.
5- هي واحد صدر هو جيڪو جرنلسٽ هو.
آمريڪي صدر فرينڪلن روز ويلٽ جي باري ۾ لکيل آهي ته:
1- هي يارهن ٻين صدرن جو مائٽ هو.
2- هي ٽي دفعا صدر چونڊيو ۽ چوٿين صدارتي ٽرم دوران مري ويو.
3- هي پهريون صدر هو جنهن کي صدارتي هوائي جهاز هو.
4- هي پهريون صدر هو جيڪو ٽي ويءَ تي ڏسڻ ۾ آيو.
صدر جانسن جي باري ۾ لکيل آهي ته:
1- هي پهريون آمريڪي صدر هو جنهن کي پهرين جنگ عظيم ۾ خدمتن جي عيوض نوبل انعام مليو.
2- هي پهريون صدر هو جيڪو PH.D پڙهيل هو.
مطلب ته اهڙين دلچسپ خبرن سان اخبار ڀري پئي آهي. اخبار پڙهندي پڙهندي گرما گرم ماني ڊائننگ ٽيبل تي پهتي ته اخبار ڇڏي مانيءَ کي لڳي وياسين. مون سبزين جو سوپ ۽ مڪس وجيٽيبل ٻوڙ ٿورن چانورن سان کاڌو. اسان ماني کائي پنهنجو بل ڏئي ٿوري دير پنهنجي هوٽل جي ڪمري تي آرام ڪري ۽ اُتي به بل ڏئي ڪمرو خالي ڪري خيال ڪيوسين ته اڃا به لاس ويگاس شهر جو ننڍڙو چڪر لڳائي يا سير ڪري پوءِ شام ٽاڻي واپس لاس اينجلس روانو ٿي وڃجي. سو ڪمري کي چيڪ ڪري سڀ سامان کڻي اچي هيٺ گاڏيءَ ۾ رکيوسين، ۽ گاڏيءَ ۾ چڙهي لاس ويگاس جي سهڻن رستن تي نڪري پياسين. اسان کي هاڻ لاس ويگاس کي گهمڻ لاءِ تمام ٿورو وقت آهي. سوچيان پيو ته باقي وقت ۾ ڇا ڏسجي ۽ ڪيئن اهي گهڙيون گهارجن. ڪئميرا ڳچيءَ ۾ ئي پاتل آهي. رول جي انگ وارو پاسو ڦيرائي ڏسان ٿو ته ارڙهن فوٽا اڳ نڪري چُڪا آهن، اڃا به ڪافي فوٽا پيا آهن ۽ سج به چمڪي رهيو آهي. هلندي هلندي هڪ تمام وڏي شينهن جو فوٽو ٿو ڪڍان جيڪو ڪنهن هوٽل جي ٻاهران تمام وڏي سائيز ۾ ٺهيل آهي. سندس هڪ پير پٿر تي رکيل آهي. پٿر تي ڪي اکر به لکيل آهن پر خدا ڄاڻي ته ڇا لکيو پيو آهي. شينهن جي سامهون هڪ ماڻهوءَ جي تصوير ٺهيل آهي پر خبر نه آهي ته ڪنهن جي تصوير آهي. رات جي وقت هي بلڊنگون روشنين ۾ جرڪي رهيون هيون ۽ هيترين روشنين ۾ اسان جو ذهن به ڄڻ ته ڦڙڪي ۽ اڏامي رهيو هو پر هينئر اهي ئي ساڳيون بلڊنگون روشنين کانسواءِ به وڏي شان مان سان ۽ رعب تاب سان اوچو ڳاٽ ڪري اسان جي آجيان ڪري رهيون آهن. اسان کين وڏي غور سان ڏسي اڳتي وڃي رهيا آهيون. ڪا گهڻي رش ڪانهي. هونئن به اڄڪلهه دنيا جي وڏن شهرن ۾ ٽرئفڪ جي وڏي رش آهي. خاص ڪري انهن شهرن ۾ جن ۾ زير زمين ۽ شهرن جي مٿان مٿان روڊ رستا ۽ پُليون ٺهيل ڪو نه آهن. جنهن جو مثال پنهنجو شهر ڪراچي آهي. توهان ڪراچي کان حيدرآباد يا ٺٽي وڃو ته گهر کان قائدآباد يا گهر کان سهراب ڳوٺ پهچندي پهچندي هڪ ڪلاڪ لڳيو وڃي. سو به رواجي طرح پر جي ڪٿ ڪنهن سبب ڪري روڊ بلاڪ ٿي وڃي ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيٺا رهو. نيوييئر، چوڏهين آگسٽ، 23 مارچ يا ڇهين سيپٽمبر تي ته ماڻهو گهر کان ٻاهر خاص ڪري رات جي وقت ته وڃڻ جو سوچي به ڪو نه ٿو سگهي. ايڏي ته رش ٿيندي آهي، خاص ڪري قائداعظم جي مقبري جي نئين سر سجاوٽ ۽ سمنڊ ڪناري سرچ لائيٽن ۽ بيچ کي ٽائيلس هڻڻ ڪري ۽ نئين هوٽلن کولڻ ڪري پر هت آمريڪا ۾ ته سياحن ۽ سيلانين جي رش کان بچڻ لاءِ هر قسم جا جتن ڪيا ويا آهن. جيئن رش جي ڪري ماڻهن جو ٽائيم خراب نه ٿئي. ڇو ته هنن ماڻهن وٽ فضول وقت ڪونهي ۽ پاڻ وٽ سواءِ فضول وقت جي ٻيو ڪجهه به ڪونهي. پنهنجو وقت گذري ڪو نه ٿو، هنن کي فالتو ٽائيم ملي ڪو نه ٿو. جيتوڻيڪ هنن کي هفتي ۾ ٻه دفعا موڪلون ملن ۽ پاڻ کي هڪ دفعو موڪل ملي.
هڪ تمام وڏو چوراهو آهي جنهن جي سامهون ڪا تمام وڏي هوٽل آهي. هوٽل جو منظر ڏاڍو وڻندڙ ۽ روح پرور آهي. دل ٿي چئي ته گاڏي روڪي بيهي رهجي يا اندر گهڙي هوٽل ڏسجي پر هت لاس ويگاس ۾ هي هڪڙي اهڙي هوٽل ٿورئي آهي. لاس ويگاس سڄو اهڙين هوٽلن سان ڀريو پيو آهي. لاس اينجلس جي مقابلي ۾ هت گرمي ڪجهه زياده آهي. لاس ويگاس جي موسم به ٿر ۽ ڪوهستان وانگر ٿئي. يعني ڏينهن گرم ۽ رات سرد، پر سرديءَ جي موسم ۾ پاڻ وٽ صدين پڄاڻا پارو پوي. پارو معنيٰ نالي ماتر برف پر هت لاس ويگاس ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڏهين ٻارهين سال ڪافي برف باري ٿيندي آهي. تنهن هوندي به هتي جي موسم پنهنجي ملڪ سان ملندڙ جلندڙ ٿئي. بهار جي مند هت گهمڻ جي لحاظ سان بهتر آهي. هت سنڌ وانگر ڪڏهن ڪڏهن تيز هوائون به لڳنديون آهن. اسان آمريڪا جي هن حسين ترين شهر کي آخري سلام ڪندا لاس اينجلس وڃڻ واري فري وي تي چڙهي چڱي خاصي اسپيڊ ۾ اوڏانهن وڃي رهيا آهيون. ڪار جي ڪئسيٽ ۾ Elvis Persily جو مشهور گانو وڄي رهيو آهي. جنهن کي ٻڌندا اڳتي وڃي رهيا آهيون.
Elvis Persily کي مُئي تقريباً پنجويهه سال کن ٿي ويا آهن پر آمريڪا جو عوام اڄ به کيس ياد ڪندي سندس ڪئسيٽ ڏاڍي چاهه سان ٻڌندو آهن. سندس ڪئسيٽن جي وڪري جي رائلٽي ڪروڙن ڊالرن جي صورت ۾ سندس اڪيلي ڌيءَ کي ملي. جيڪا ڪجهه وقت مائيڪل جيڪسن جي زال به هئي. اسان جي ڪار روڊ تي روان دوان آهي ۽ موسم به مينهوڳي مائل ٿيندي وڃي ۽ آسمان ۾ چوطرف ڪڪر ئي ڪڪر نظر اچي رهيا آهن. مون ايندي توهان کي ٻڌايو هو ته L.A کان لاس ويگاس رڳو جبل ئي جبل لڳا پيا آهن ۽ ڪٿ به تر برابر به آبادي ڪانهي. بلڪل ايئن آهي جيئن حيدرآباد ۽ ڪراچي وچ ۾ رڳو جبل ئي جبل آهن.
آمريڪا جو هي وسيع ملڪ جيڪو ڇهانوي لک ڇهويهه هزار اسڪوائر ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي. سو ٻن سمنڊن يعني اتر ائٽلانٽڪ ۽ اتر پئسفڪ ۽ ٻن ملڪن جي سرحدن جي وچ ۾ محيط آهي. يعني ميڪسيڪو ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾. سندس ٿورو بارڊر ڪيوبا سان به ملي ٿو. جيڪو وٽس ليز تي آهي. جنهن کي Guantanamo چوندا آهن هت آمريڪا جو نيول بيس آهي. آمريڪا ايراضيءَ ۾ روس جي اڌ جيڏو ۽ چين کان ٿورو وڏو آهي. جيئن پاڪستان جي سامونڊي پٽي ڪوسٽل بارڊر ست اٺ سئو ڪلوميٽر کن ٿيندي. تيئن آمريڪا جو ڪوسٽل بارڊر ويهه هزار ڪلوميٽر آهي ۽ ڪُل ايراضيءَ جو ٽيهه سيڪڙو ٻيلن تي مشتمل آهي.
ملڪ جي هيڏي وڏي ايراضيءَ تي پکيڙ پر آدمشماري صرف ٽيهه ڪروڙ ۽ ڄم جو ريٽ صرف 0.9 ۽ 0.9 Growth Rate آهي يعني نئون نسل پيدا ٿيڻ بلڪل بند. سڄي ملڪ ۾ انگريزي ٻولي ڳالهائي ويندي آهي صرف ٿورو تعداد آدمشماريءَ جو اسپينش Spanish ڳالهائيندو آهي پر مزي جي ڳالهه ته هيڏي ساري امير ۽ ترقيءَ جي بلندين تي پهتل ملڪ جو ٽي سيڪڙو اڻپڙهيل ماڻهن جو به آهي. يعني ٽيهه ڪروڙ جو ٽي سيڪڙو ٿيو ايڪانوي لک ماڻهو، هاڻ ڏيو منهن يعني نوي لک ماڻهو آمريڪا ۾ به آڱوٺي ڇاپ آهن ته پنهنجو ڪهڙو ڏوهه پر مغربي يورپ ۾ گهڻو ڪري سڀني ملڪن جا ماڻهو سئو سيڪڙو پڙهيل آهن. هونئن به آمريڪا جي مقابلي ۾ يورپ جا ماڻهو وڌيڪ ڏاها، مهذب، بردبار ۽ سُلجهيل آهن. چوندا آهن ته:
سیاست شدت مانگتی ہے اور تعلیم مدت مانگتی ہے
سو سائين آمريڪا کي مهذب ۽ تعليم يافته ٿيڻ ۾ اڃا به وقت گهرجي. يورپين آمريڪا گهمڻ ڪو نه وڃن پر آمريڪن يورپ گهمڻ وڃن. يورپين ماڻهو ڪنهن حد تائين آمريڪن کان نفرت ڪن سواءِ انگلينڊ جي ماڻهن جي، آمريڪن کي انگلينڊ کان آزادي ماڻيندي ڪئين صديون گذري ويون آهن. (آمريڪا 4 جولاءِ 1776ع ۾ انگلينڊ کان جنگ ڪري آزادي حاصل ڪئي.)
آمريڪا ۾ بيروزگاري اٺ سيڪڙو آهي. ملڪ ۾ ريل پٽڙي ٻه لک ڇهويهه هزار ڪلوميٽر آهي. پڪا رستا ٽيهٺ لک ستر هزار ڪلوميٽر آهن. آبي رستا Water ways ايڪيتاليهه هزار ڪلوميٽر ۽ ملڪ ۾ ايئرپورٽن جو تعداد چوڏهن هزار اٺ سئو ويهه آهي. آمريڪا دنيا ۾ هيڏو وڏو ملٽري پاور هئڻ جي باوجود پنهنجي G.D.P جو صرف 3.2 سيڪرو ملٽريءَ تي خرچ ڪندو آهي. يعني ($400 Billion) چار سئو بليئن ڊالر.
ٿوري برسات مان وڌي هينئر تمام تيز برسات پئجي رهي آهي پر اسان جي ڪار انهيءَ ئي اسپيڊ ۾ ڊوڙون پائيندي روڊ تي وڃي رهي آهي. چوطرف صرف مينهن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ڏسڻ ۾ ڪو نه ٿو اچي. اڳيان پٺيان صرف ڪارن جي روشني نظر اچي رهي آهي. اسان جي ڪار کي اڳيان پٺيان وائيپر لڳل آهن، جيڪي تيز تيز هلي رهيا آهن. سنڌ ۾ برساتون بلڪل گهٽ پون. ڪنهن ڪنهن سال ته بلڪل ڪو نه پون. پوءِ جنهن سال برساتون جام پون ته ڏاڍو مزو ٿئي. ٻني جا ماڻهو گهڻو ڪري بتيلن ۽ هوڙن (ننڍين ٻيڙين جا نالا) ۾ چڙهي درياءَ جو سير ڪن. انهيءَ کانسواءِ ڀرپاسي جا ماڻهو به درياءَ ۾ پاڻي دوران ٻيڙين وسيلي خوب سير ڪن ۽ ننڍا وڏا ماڻهو سڀ شام ٽاڻي درياءَ مان نڪرندڙ پراڻي پينڃاري ڦاٽ ۾ وهنجن. آئون به هڪ ٻه ڀيرا سانوڻ مند ۾ پينڃاريءَ ۾ ضرور وهنجان. اڳ ته سڄي پينڃاري تري وڃي پار پئبو هو پر هاڻ انور پاتڻي ۽ سليم پاتڻي جي ٻيڙِءَ سان گڏوگڏ تري وڃبو. جت ٿڪ ٿئي ته ٻيڙيءَ کي جهلي پوءِ وڃي پار پئبو پر سوَن سالن جي تاريخ ۾ صرف گذريل ڏهن سالن ۾ درياهه ۾ پاڻي گهٽ اچڻ ڪري پينڃاريءَ ۾ پاڻي ڪو نه آيو. سو هاڻ هي آمريڪا جون برساتون ڏسي پيا خوش ٿيون. رب پاڪ پاڻ وٽ به مينهن پاڻي ڪندو، رب سائين مان آسرو ته ڪو نه لاهبو. مينهن وسائيندا الله الله ڪندا اچي لاس اينجلس ۾ پهتاسين ۽ لاس اينجلس هاڻ اسان کي پرايو نه پر پنهنجو شهر لڳي رهيو هو. جت اسان جو يا اسان جي دوستن جو گهر آهي. جت مسافريءَ کان پوءِ وڃي آرام ڪبو ۽ C.L.I تي آيل فون چيڪ ڪري سڀني دوستن سان ڳالهائبو، حالي احوال ٿِبو. اسان شهر جي روڊن رستن، چوڪ چوراهن تان ڦرندا گهرندا اچي گهر ڀيڙا ٿياسين. هت آسمان ۾ جهڙالو هو پر برسات ۽ بوندون بلڪل ڪو نه هُيون دروازو کولي اخبار کڻي پڙهيم ۽ چانهه، پاڻي کير ڪٽليءَ ۾ ئي وجهي لائيٽ جو بٽڻ ٻاريم ته چانهه ٺهڻ ۾ دير ئي ڪا نه ٿي.
سائنس جي انهن ايجادن اسان کي محنت ۽ وقت ضايع ٿيڻ کانسواءِ هر سهولت مهيا ڪري ڏني آهي. روز وڃن ٿيون نيون ايجادون ٿينديون ۽ انسان وڃي ٿو هر روز ترقي ڪندو پر جڏهن به ڪنهن نئين ايجاد لاءِ ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته خود سائنسدانن انهيءَ کي رد ڪندي اعلان ڪيو ته اهو ممڪن ئي ڪونهي جنهن جا چند مثال هي آهن. مثلن آغا خان سر سلطان محمد پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ لکيو آهي ته دنيا جي سڀني وڏن سائنسدانن اهو يقين سان ٻڌايو ته هوائي جهاز ايجاد ٿيڻ ممڪن ئي ڪونهي پوءِ پاڻ اڳيان لکي ٿو ته اڄ منهنجو پنهنجو ذاتي هوائي جهاز آهي. اهڙي طرح سابق آمريڪي صدر نڪسن پنهنجي هڪ ڪتاب Victory without war ۾ لکيو آهي ته: 1876ع ۾ بوسٽن جي هڪ اخبار پنهنجي اداري ۾ لکيو ته:
1- فون جو ايجاد ٿيڻ ممڪن ئي ڪونهي ڇو ته تار ذريعي آواز جو هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه وڃڻ ناممڪن آهي.
2- بجليءَ جي روشنيءَ جو پهريون ڀيرو استعمال 1878ع ۾ پئرس ۾ هڪ نمائش ۾ ٿيو. جنهن تي برطانيا جي سائنسدانن کلندي هيءَ راءِ ڏني ته روشنيءَ جو اهو تجربو هن نمائش ختم ٿيڻ شرط دنيا مان ئي غائب ٿي ويندو ۽ ڪٿ به ڏسڻ ۾ نه ايندو.
3- اهڙي طرح برطانيا جي سائنسدانن ريڊئي جي ايجاد تي کلندي هيءَ راءِ ڏني ته هن بيڪار شيءِ جو دنيا ۾ ڪو به مستقبل ڪونهي.
4- خود آمريڪا ۾ ويهين صديءَ جي شروعات ۾ سائنسي ايجادن جي آفيس ڊائريڪٽر حڪومت کي لکيو ته دنيا ۾ جيڪو ڪجهه ايجاد ٿيڻو هو سو ٿي چڪو آهي هاڻ هن آفيس کي بند ڪيو وڃي. هي هڪ ٽائيم جو زيان ڪرڻ کان وڌيڪ ڪجهه به ڪونهي. انسان ڇا ٿو سوچي ۽ قدرت انسان کي ڪٿي ٿي پهچائي، جي انهيءَ ڊائريڪٽر جي مشوري تي هلجي ها يا انهيءَ دائريڪٽر کي قبر مان اٿاري اهو ڏيکارجيس ته انسان چنڊ تي پهچڻ کان پوءِ هاڻ اڳتي ٻين سيارن تي وڃڻ جي ڪوشش ۾ آهي.
1- خلا ۾ هوٽلون پيون کلن.
2- راڪيٽ ذريعي انسان لکا ميل ڪلاڪن ۾ پورو ڪريو وٺي.
3- وياگرا (S.R) سؤ سالن جي پوڙهي کي سورهن سالن واري جواني جا مزا پئي وٺرائي.
4- انٽرنيٽ ذريعي انسان حيران ڪندڙ ترقيءَ جي منزل ماڻي ورتي آهي.
5- سيٽلائيٽ ذريعي مواصلات جي ترقي انسان کي ڪٿان کان ڪٿي وڃي پهچايو آهي.
6- دنيا ۾ ماتا سلهه، ڪالرا ۽ ٻين موتمار بيمارين ڪري ڪروڙين انسان مري ويندا هئا پر هاڻ اهڙي بيماري جنهن ۾ ڪروڙين انساني جانيون ضايع ٿين جو ربّ جي مهرباني سان دنيا ۾ وجود ئي ڪونهي.
7- اڳ دنيا ۾ لکين انسان بُک وگهي مري ويندا هئا پر هاڻ اناج جا فاضل ذخيرا دنيا لاءِ مسئلو ٿي پيا آهن.
سائنسي ترقيءَ جو اهو حال آهي جو هر روز ٿيون نئيون ايجادون ٿين. هن هيڏي ساريءَ رام ڪهاڻيءَ جو مطلب ته انسان ڏينهون ڏينهن وڃي بلندين کي ڇُهندو ۽ ڪٿي ٿو وڃي دنگ ڪري سا خبر خدا کي. چانهه پي اخبارون اٿلائي ٿو ڏسان. ٻاهران پنڌ ئي پنڌ چڪر لڳائي هلڪو ڦلڪو کاڌو کائي سمهي ٿو رهان. صُبح سوير اُٿي وري اڄ جي تازي اخبار ٿو پڙهان. ناشتو ڪري ٻاهر گهمڻ لاءِ روانو ٿيان ٿو. آمريڪا ۾ ٻاهرين ملڪن جي ماڻهن جو آباد ٿيڻ وڏو مٿي جو سور آهي. اُت لاس اينجلس شهر به انهيءَ کان بچي نه سگهيو آهي.
آباديءَ ۾ انهيءَ اضافي وسيلن ۽ بنيادي صنعت تي وڏو بار وڌو آهي. گهر ۽ گهرن لاءِ گهربل زمين جي ڏينهون ڏينهن کوٽ ٿيندي وڃي. هتي جائداد جون قيمتون اڳي ئي پوري آمريڪا ملڪ کان گهڻيون وڌيڪ آهن. آمريڪا کان يورپ مهانگو آهي ۽ يورپ کان جپان مهانگو آهي. لنڊن جي Economist رسالي کي ڪوڊ ڪندي ريڊرس ڊائجسيٽ وارن جي Did you know رسالي جي 227 صفحي تي لکيل آهي ته صرف جپان جي گاديءَ واري شهر جي ميٽرو پوليٽن ايراضيءَ جي زمين جي ايڏي ته گهڻي قيمت آهي جو جنهن قيمت سان سڄي آمريڪا ملڪ جي ڌرتي خريد ڪري سگهجي ٿي. واقعي دنيا ۾ ميجي رفارمس ۽ ٻي عالمي جنگ ۾ تباهه ٿيڻ کان پوءِ جپان وڏي ترقي ڪئي آهي. جنهن جو مثال ئي نٿو ملي.
L.A شهر خواب ڏيکاريندڙ مشين وانگر ته موجود آهي پر اڃا تائين دنيا جي اڪثريت لاءِ هن شهر کي وڌيڪ پرڪشش محسوس ڪرڻ ڏکيو ٿئي ٿو. ڇو ته اهو تاريخ توڙي رسم و رواج ۾ اڃا ايترو گهڻو اڀري ڪو نه آيو آهي. جيترو پئرس، لنڊن ۽ نيويارڪ آهن پر حقيقت ۾ هتي وندر ورونهن سير و تفريح ۽ عيش عشرت جا وسيلا ۽ موقعا ساري جهان کان وڌيڪ ميسر آهن. بهترين صنعتي شين جو اڻکٽ ذخيرو خريداريءَ جي وڏي ۾ وڏي شوقين کي به ٿڪايو وجهي. بيحد لذيذ کاڌا، بيشمار ۽ هر هنڌ موجود، پئسفڪ سمنڊ جي ڪناري وٽ ميل پويان ميل تي ماڻهن جي وهنجڻ ۽ وندر لاءِ بهترين بندوبست، جتي هر ماڻهوءَ کي اچڻ جي اجازت آهي. ڪي ساحلي هنڌ ٻارن لاءِ مخصوص آهن. سامونڊي ساحل تي انساني آزادي ۽ برابريءَ جو عجيب منظر موجود هوندو آهي. جيڪو سياسيات جي عالمن لاءِ حيران ڪن هوندو آهي.
سياري جي مُند واري تفريح لاءِ وري جبل به هتان کان پري ڪو نه آهن. انهن سان متصل آهن. تفريح لاءِ موزون هتي جا مشهور سحرا، ساحلي، ڪوهستاني ۽ سحرائي ماڳ ٻاهرين تفريحن کانسواءِ جاين، جڳهين، ميوزمن، ٿيٽرن، سئنيمائن، هوٽلن، بارن، ڪلبن وغيره ۾ وري انڊور تفريحون بيشمار مقدار ۾ موجود آهن. مطلب ته لاس اينجلس ۾ جيڪا تفريح هڪڙي ڏينهن ۾ مُيسر آهي اها دنيا جي ٻين شهرن ۾ ڪئين مهينن تائين ملڻ محال آهي. شهر جي جديد ثقافت جو اهو ئي وچور آهي.
ڌارين آبادي جو مسئلو ته اسان سان به لاڳو آهي جنهن ڌرتي ڌڻين جي هڻي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي. سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري جي ابتدا حُر تحريڪ کي ڪچلڻ کان پوءِ انگريزن ڪئي، جن سانگهڙ ضلعي ۾ وڏي پئماني تي پنجابي آبادڪارن کي ٻنيون ۽ پئسا ڏئي آباد ڪيو. انهن ماڻهن وري پنهنجي مٽن مائٽن ۽ برادريءَ جي ماڻهن کي وڏي پئماني ۾ هت آڻي آباد ڪيو. تنهن کان پوءِ لياقت ورهاڱي بعد ملڪ جو وزيراعظم ۽ ٻي سڄي مشينري هندستان کان هت آئي جيڪا هت انگريزن ۽ هندن وڃڻ ڪري سڄي حڪومتي مشينريءَ تي قابض ٿي وئي. تنهن لکن جي تعداد ۾ هندستان مان مسلمان آڻي سنڌ ۾ آباد ڪيا ۽ باقاعدي انهن جي آبادڪاريءَ لاءِ مرڪز، صوبن ۾ ڪئين کاتا کولي سنڌ جا شهر ۽ سنڌ جون زمينون انهن جي حوالي ڪري ڇڏيون. ڪليمن جو کاتو کولي انهن کي انڊسٽري ۽ واپار وانگر هلايو ويو، اهو سلسلو اڃا تائين جاري آهي.
سنڌ ۾ آبادڪاريءَ جو ٽيون سلسلو ون يونٽ ٺهڻ کان پوءِ صدر جنرل ايوب شروع ڪيو جنهن ۾ سپاهي کان وٺي جنرل تائين سنڌ جون زمينون ورهايون ويون. نه رڳو زمينون پر سکر ضلعي ۾ ته ٻيلا وڍي زمينون خالي ڪري انهن جنرلن جي حوالي ڪيون ويون. هاڻ اها ڪوشش پنهنجي عروج تي آهي، ته اهو زمين جو ٽڪرو سنڌ مان ڪڍي پنجاب سان ملايو وڃي. اهو سربستو احوال اخبارن جي خبرن جي زينت بڻجندو رهندو آهي. انهيءَ دوران ڪراچيءَ ۾ ته لکن جي تعداد ۾ پٺاڻ آباد ڪيا ويا، جيڪو سلسلو اڃا تائين جاري آهي. باقي رهي سهي ڪسر جنرل ضياءُ دور حڪومت ۾ پوري ٿي. جنهن دوران افغانستان جنگ ۾ پنجٽيهه لک پٺاڻ افغانستان ۽ سرحدي علائقن مان لڏي اچي ڪراچي ۾ پنهنجا ڳوٺ آباد ڪري ويهي رهيا. تنهن پڄاڻان مهاجرن جون اکيون کليون ۽ اجرڪون ڪُلهن ۾ وجهي لطيف جا گيت ڳائي سنڌ جو لفظ صرف وات تائين آندائون (دل تائين نه) پر سندن اندر جهڙو اڳ هو اڄ به اهڙو آهي. باقي زباني جمع خرچ لاءِ سنڌ جي ڳالهه ڪرڻ ۾ ڪهڙو نقصان. باقي سندن ماضي اسان سان ڪروڌ سان ڀريو پيو آهي. جنهن جو مثال لياقت علي خان، اسلم بيگ ۽ پرويز مشرف آهي. جنهن ٿل ڪئنال جي مئل گهوڙي ۾ ساهه وجهي اسان جي ڦٽن تان کلون لاهڻ ۾ ڪا به ڪسر ڪا نه ڇڏي آهي.
اسان گاڏيءَ ۾ چڙهي شهر جي چڪر لڳائڻ لاءِ روانا ٿياسين. لاس اينجلس شهر ۾ گهمڻ ۽ خريداري ڪرڻ لاءِ تمام وڏا اسٽور ۽ چين آف اسٽورس Chain of Stores موجود آهي. جت سڄي دنيا جا سياح توهان کي گهمندي ڦرندي ۽ خريداري ڪندي نظر ايندا جن ۾ اڪثريت جپنيز، ڪورين ۽ عربن جي نظر ايندي. انهن خريداريءَ جي وڏن مرڪزن ۾ هي تمام مشهور آهن.
1. Arco Plaza
2. The Baverly Centre.
3. Century City
4. Glendale Galleria
5. Santa Monica Place
6. Sher man Oak Galleria
7. West side Pavilion
8. Wood Land Hills Promenade.
9. The Board Way Bullocks
10. Magnin May Company.
11. Neiman Mar cus
12. Nord Strom Robin Sons
13. Salk fifth Avenue.
هي مون صرف چند سپر اسٽوز ۽ چين آف اسٽورس جا نالا ڏنا آهن، نه ته سڄو لاس اينجلس شهر اهڙن سون هزارن مارڪيٽن سان ڀريو پيو آهي. اسان شهر جا اُبتا سُبتا چڪر هڻندا هڪ انڊين هوٽل تي ٻنپهرن جي ماني کاڌي ۽ پوءِ گهمندا ڦرندا واپس اچي گهر پهتاسين.
اسان اڄ رات ڪٿ ٻاهر گهمڻ ڪو نه وياسين ڇو ته اسان کي صُبح سوير آمريڪا جي هڪ ٻي نهايت خوبصورت شهر سينفرانسسڪو وڃڻو آهي. تنهن ڪري رات جو مختصر سامان پيڪ ڪري ماني کائي سمهي رهياسين ۽ صبح سوير ڪار ۾ چڙهي ايئرپورٽ آياسين. جت ٽڪيٽ وٺي سينفرانسسڪو روانا ٿياسين. سينفرانسسڪو پهچڻ ۾ هوائي جهاز کي ٻه ڪلاڪ لڳن. لاس اينجلس ۽ سينفرانسسڪو ٻئي سمنڊ ڪناري آهن ۽ ٻئي شهر ڪيليفورنيا رياست جا مُک ۽ حسين ترين شهر آهن. جيڪي سمنڊ ڪناري کي پڻ شاندار فري ويز هئڻ ڪري هڪٻئي سان گڏيا پيا آهن جت آمريڪا جون بيمثال بيچز آهن. جي سينفرانسسڪو کان انهن بيچز جي شروعات ڪجي ته سندن نالا هن ريت آهن.
1. Prince Ton
2. Half moon bay
3. Pesc adero
4. Santa Cruz
5. Wat sonville
6. Castro ville
7. Monterey
8. San S. meon
9. Camd
10. Cambria
11. Moro bay
12. Avila Beach
13. L.A Purisima
14. Lompoc
15. Sant Barbars.
16. Oxnard
17. Malibu.
18. Los Angeles
مطلب ته دنيا جي امير ترين ملڪ جي امير ترين صوبي جي امير ترين ۽ حسين ترين شهرن جي وچ ۾ قائم هنن بيچن تي سڄو سال ميلا متا پيا آهن. جن تي لکين هزارين سياح پيا اچن ۽ وڃن.
سياحت جي دنيا ۾ جن ملڪن ۾ سامونڊي ڪنارو ۽ سحر انگيز بيچز آهن، انهن ملڪن ۾ بيشمار سياح اچن سواءِ سوئيزرلينڊ جي. سوئيزرلينڊ سان ڪو به سمنڊ ڪو نه ٿو لڳي پر سوئيزرلينڊ ۾ بيشمار ڍنڍن، ندين ۽ گليشيئرس انهيءَ کوٽ کي پورو ڪري ڇڏيو آهي.
اسان جو جهاز ٻن ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ سينفرانسسڪو جي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لٿو ۽ اسان هوائي اڏي جي مرحلن کان واندا ٿي ٻاهر نڪتاسين ته ٿوري ئي پنڌ تي نظام جا دوست اسان جو انتطار ڪري رهيا هئا. اسان ساڻن عليڪ سليڪ ڪري وڃي سندن ڪارن ۾ ويٺاسين. جنهن کان پوءِ اسان دنيا جي هن حسين ترين شهر مان چڪر هڻندا اچي نظام جي دوست جي گهر ڀيڙا ٿياسين. ماني، ڪچهريءَ ۽ آرام کان پوءِ اسان شهر جي شيل تي نڪري پياسين. سينفرانسسڪو سمنڊ وچ ۾ ٽڪرين تي اڏيل شهر آهي ۽ وري انهن ٽڪرين کي خوبصورت پُلين سان ڳنڍيو ويو آهي. انهيءَ ڪري هن جي سونهن ۾ اڃان به وڌيڪ اضافو ٿيو آهي.
سينفرانسسڪو شهر جي دريافت آبادڪاري ۽ ترقيءَ جي ڪهاڻي ڪجهه هن ريت آهي.
سن 1492ع ۾ جهاز ران ڪولمبس طرفان هڪ نئين دنيا لڀڻ جي انڪشاف کان پوءِ يورپ جي تعليمي ادارن ۽ سرڪاري توڙي غير سرڪاري ايوانن ۾ ڪيليفورنيا جي زرخيز ڌرتيءَ بابت ڪئين ڳالهيون ۽ بحٿ مباحثا ٿيندا رهيا مگر ڪنهن شخص يا ڌُر کي صفا پڪ ڪا نه هئي ته اها پراسرار ڌرتي ڪٿي آهي. ڪولمبس کان گهڻو عرصو اڳ هتي ڪي چيني جهاز ران پڻ آيا هئا مگر سندن انڪشاف غير واضح آهن. تاريخي رڪارڊ موجب هن علائقي ۾ پهچندڙ پهريون يورپي ماڻهو پرتگال جو مشهور مُهم جو جُئان راڊريگيئر ڪيبريلو Juan Rodriguez Cabrillo هو. جيڪو سن 1542ع ۾ ڏکڻ آمريڪا جي ڏاکڻيءَ دنگ وٽان ڦرندڙ پئسفڪ سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ وري مٿي اتر طرف هاڪاريندو نيٺ اچي رشن نديءَ وٽ رسيو. جيڪا ڪيليفورنيا ساحل سان متصل آهي. تقريباً چاليهه سال پوءِ سن 1579ع ۾ سرفرانسز ڊريڪ Sir Francis Drake جيڪو انگريز جهاز ران هو ڪيليفورنيا جي ساحل تي سينفرانسسڪو جي ويجهو لنگر انداز ٿيو. پر اڻڄاڻائي سبب انهيءَ بستيءَ ۾ داخل ڪو نه ٿيو. هو ساحل تي پنهنجي ٻيڙي جي مرمت لاءِ ڪجهه عرصو ترسيو ۽ هن علائقي تي انگلينڊ جي راڻي ايلزبيٿ اول جي حڪمرانيءَ جي دعويٰ ڪئي.
سر ڊريڪ کان ڪجهه سالن کان پوءِ سن 1590ع ۾ هڪڙو ٻيو پرتگالي جهاز ران سيباستئين سر مينو Sebastian Cermeno هن ساحل جي ڪنگس پوائنٽ اچي دريافت ڪئي. مزي جهڙي ڳالهه اها آهي ته مٿي ذڪر ڪيل ٽنهي جهاز رانن سينفرانسسڪو شهر ڪو نه ڏٺو ڇو ته گهڻي ڌنڌ ۽ ڪوهيڙي سبب کليل سمنڊ مان شهر وارو بندر ۽ اهو بي يعني اپسمنڊ ڏسڻ ۾ نٿو اچي، جنهن ۾ داخل ٿي شهر جي بندر تي رسجي ٿو. تقريباً ٻه صديون پوءِ هي اُپسمنڊ اسپين جي جهاز ران گيسپرڊي پورٽولا ڏٺو، جيڪو هتي جيسوٽس ۽ فرانسسڪز جي باهمي اختلاف کي ختم ڪرائڻ لاءِ سن 1769ع ۾ اسپين جي حڪومت روانو ڪيو هو.
ڇهه سال پوءِ سن 1775ع ۾ اسپين جي حڪومت هن علائقي جي سروي ڪرڻ لاءِ جهاز ران جُئان آئيلا Juan Ayala جي اڳواڻيءَ ۾ هڪڙو غُراب موڪليو. اهو غراب قسمتاً سينفرانسسڪو بي ۾ داخل ٿي ويو. هتي پهچڻ شرط هنن جهاز رانن هن بي، بندر ۾ شهر جي اهميت کي حقيقي طور محسوس ڪيو ۽ ترت ئي هتي آبادڪاري شروع ٿي. سن 1776ع ۾ جُئان بئوٽسٽا Juan Bautista جي اڳواڻيءَ ۾ سوٽورا ۽ ميڪسيڪو جي سحرائن مان اٽڪل ٽيهارو کن اسپيني ڪٽنب جديد شهر جي اترئين دنگ وٽ اچي رهيا ۽ هتي پهچڻ شرط اسپين جي حڪمرانيءَ جي دعويٰ ڪيائون. سندن مذڪوره دعويٰ کان فقط هڪ هفتو پوءِ اتر آمريڪا جي تيرهن برطانوي بيٺڪن (نو آبادين) آزاديءَ جو اعلان ڪيو. اهي رياستون آمريڪا جي اڀرندي ۾ هيون. اسپيني باشندن هڪڙي قلعي ۾ پنهنجو هيڊڪوارٽر قائم ڪيو. جيڪو موجوده پريسيڊيو پارڪ Presidio Park واري هنڌ وٽ اڏيل هو. هنن آبادڪارن هتان کان هڪ ميل پري هڪڙو چرچ اڏيو هو. اهو انهن پنجن تبليغي چرچن ۾ پڻ پهريون هو. جيڪي هنن سينفرانسسڪو اُپسمنڊ جي ڪنارن تي مختلف هنڌن وٽ اڏيا هئا. هن چرچ جو نالو نوئيسٽراسينوراڊي ڊلورس Nuestra Senora de Dolores هو ۽ اهو سينٽ فرانسز آف اسيسي St: Fransis of Assisi سان منسوب ڪيو ويو هو. مقامي راهبن هن چرچ کي سينفرانسسڪو چرچ نالو ڏنو هو بعد ۾ هن پوري اپسمنڊ ۽ انهيءَ سان متصل علائقي کي به سينفرانسسڪو نالو ڏنو ويو.
سن 1821ع ۾ ميڪسيڪو اسپين جي تسلط کان آجو ٿي ويو ۽ ڪيليفورنيا جي بندرن تان پڻ اسپيني حڪومت دستبردار ٿي وئي. نتيجتاً ڪيليفورنيا جي بندرن تي آزاد تجارت شروع ٿي وئي. اهڙي ريت سينفرانسسڪو اپسمنڊ جي بَندَرن تان ڪافي مال نيو انگلينڊ ۽ نيويارڪ جي ڪارخانن ڏانهن موڪليو ويندو هو. انهن ۾ ٽالو ڪاٺ جو تيل، ميڻ، چرٻي ۽ کلون شامل هيون. سن 1822ع ۾ رچرڊ سن Richardson نالي هڪ انگريز جهاز ران شهر جي ترقي ٿيڻ تي ڀروسو ڪري هن بستيءَ ۾ اچي ساڪن ٿيو. شهر جي ڪوٽوال کي متاثر ڪرڻ لاءِ هن ڪيٿولڪ عيسائي فرقي ۾ شرڪت اختيار ڪئي. ڇو ته هو ڪوٽوال جي ڌيءَ کي چاهيندو هو. هن پنهنجي تجارتي ڪمپنيءَ تي يربا بيونا Yerba Buena يعني ڀلي ٻوٽي نالو رکيو. ڇاڪاڻ ته موجوده مونٽگمري اسٽريٽ واري علائقي ۾ انهيءَ وقت جهنگلي ڦودني جا ڪجهه قسم قدرتاً ڪافي مقدار ۾ پيدا ٿيا هئا. هن کلن جي واپار مان خوب ڪمايو جنهن ڪري پاڻ بندر جو اڳواڻ ۽ شهر جو پهريون ”تاجر نواب "Merchant Prince" ٿي پيو.
سن 1839ع ۾ شهر چڱي ترقي ڪئي جنهن ۾ آبادي جي اڪثريت انگريزي ڳالهائيندڙ ماڻهن جي هئي. انهيءَ ڪري سموري اوڻيهين صديءَ دوران انگريزي ڳالهائيندڙن ۽ ميڪسيڪو ۽ اسپيني ماڻهن ۾ جهيڙا جهڳڙا ٿيندا رهندا هئا ۽ اهي ٽيڪساس پورٽوريڪو ۽ ميڪسيڪو بارڊر تائين پکڙجي ويا. انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان ٽي سال پوءِ يعني سن 1846ع ۾ آمريڪي بحري فوجين پورٽسمائوٿ Portsmouth نالي بحري جنگي جهاز ڪاهي اچي شهر جي مکيه تجارتي ڪمپنيءَ جي عمارت تي قبصو ڪيو ۽ انهيءَ تي آمريڪي جهنڊو چاڙهي ڪيليفورنيا رياست آمريڪي حڪومت جو حصو هئڻ جو اعلان ڪيو. شهر جي انتظاميه جنهن کي پريزيڊيو Presidio سڏيو ويندو هو، ڪنهن به ڇڪتاڻ کانسواءِ ئي هٿيار ڦٽا ڪيا. انهيءَ وقت هتي جي اصل باشندن گهُر ڪئي ته هن اُپسمنڊ تي پڻ سرڪاري طور اسان جي شهر وارو ساڳيو نالو رکيو وڃي. ڇو ته انهيءَ سال سموري يورپ ۾ بيچيني، ڇڪتاڻ ۽ آئرلينڊ ۾ مفلسي ۽ خاص طور تي سينفرانسسڪو ۾ سون لڀڻ واري واقعي ماڻهن کي آمريڪا وڃڻ لاءِ هرکايو. انهيءَ دؤر ۾ اولهه آمريڪا جي زرعي دولت آهستي آهستي اوڀر آمريڪا ڏانهن وڃي رهي هئي. اڳوڻي ملاح رچرڊ هينري پنهنجي ناول ٽو ييئرس بفور دي ماسٽ Two years, Before the mast وسيلي ڪيلفورنيا جي خوشحاليءَ بابت ماڻهن ۾ وڌيڪ اتساهه پيدا ڪيو. مذڪوره صورتحال ۾ سن 1841ع ۾ قسمت آزمائيندڙن جي پهرين پارٽي سڌو ڪيليفورنيا رياست ۾ داخل ٿي ۽ شهر سينفرانسسڪو جي آبادي اپريل سن 1848ع ۾ 900 فردن تائين تي پهچي وئي پر انهيءَ وقت حد کان وڌيڪ اضافي جي ڪنهن کي به توقع ڪا نه هئي. جنهن سال هتي سون لڌو هو، انهيءَ سال جي ڇهن مهينن اندر هڪ هزار مان آبادي وڌي وڃي ڇويهن هزارن کي پهتي. جنهن مخصوص علائقي ۾ سون لڀڻ جي خبر پئي اتي فقط هڪ سال اندر هڪ لک ماڻهو پهچي ويا. ٿيو هينئن ته سوئيزرلينڊ ۾ پيدا ٿيل شخص جان آگسٽس سُٽر John Augustus Sutter جي هن علائقي ۾ آرامشين هئي. اُتي هنن سون جا ڪجهه ذرا لڌا. مالڪ خاموشي اختيار ڪرڻ چاهي پر سندس ملازم اهو راز سندس دوستن ۾ فاش ڪري ڇڏيو. نتيجتاً اها خبر اخبارن ۾ ڇپي ۽ ايئن پوري آمريڪا ۽ يورپ ۾ پکڙي وئي.
چند چست ماڻهن هيڏانهن يڪدم ڌيان ڏنو پر في الحال هتي رش ڪا نه هئي، پر هڪ ڏينهن سام برينن Sam Brannan نالي هڪ شخص سينفرانسسڪو شهر جي گهٽين ۾ ڊوڙندو نعرا هڻندو ويو ته آمريڪي نديءَ ۾ سون لڌو آهي. اتفاقي طور تي دنيا کي هيءَ خبر پهچڻ کان اڳي ئي هن ماڻهو هن علائقي جي حقيقي اهم ايراضي خريد ڪري ورتي ۽ کاڌي پيتي ۽ سون کاڻين ۾ ڪم ايندڙ اوزارن جي مارڪيٽ قائم ڪري ورتائين. دنيا جيڪا تبديليءَ جي ڪناري تي پهتل هئي تنهن هن حقيقت ڏانهن بيدليءَ سان ڌيان ڏنو پر هن طرف ماڻهن جو اچڻ شروع ٿي ويو. شهر جي دُڪانن تي اهڙيون اشتهاري تختيون لڳايون ويون هيون جن تي لکيل هو ته ”ماڻهو سون جي کوٽائي واري ڪم لاءِ ويل آهن.“ انهيءَ صورتحال جي پيش نظر يورپ جي اڪثر ملڪن، ڏکڻ آمريڪا، آسٽريليا ۽ آمريڪا جي اڀرندي ساحل وٽان سوين غراب ۽ ٻيڙا سينفرانسسڪو شهر ڏانهن ماڻهن ۽ کوٽائي جي سامان سان اهڙي طرح چڪار ٿي ايندا هئا ڄڻ ته گهڻي بار سبب اجهو ٿا غرق ٿين. تنهن کانسواءِ وچ اولهه آمريڪا جا ماڻهو سڀني کان وڌيڪ ويجها هئڻ سبب ٻين جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي تعداد ۽ تمام ٿوري وقت اندر پهچڻ لڳا ۽ ڏسندي ڏسندي شهر جي آبادي بيتحاشا وڌي وئي. خيمن جون ڪئين بستيون وجود ۾ اچي ويون. جنهن سبب سمورو سماجي ڍانچو ڊانوان ڊول ٿي ويو. روزاني واپار رڪجي ويو. جيڪو ٿي جهاز يا غراب لنگر انداز ٿيو ته تمام جلد خالي ٿي ٿيو. وچئين دؤر ۾ به هيتري وڏي پئماني تي ايتري قليل عرصي دوران ماڻهن جي لڏپلاڻ ۽ آبادڪاري ڪا نه ٿي هئي. جيتوڻيڪ سون جي کاڻين کي ويجها ٻيا به ڪافي ساحلي علائقا هئا پر جيئن ته سينفرانسسڪو شهر وڌيڪ معروف هو تنهن ڪري هر ايندڙ شخص جي منزل هي شهر هو. نتيجو اهو ٿيو ته هر ضروري ۽ غير ضروري شيءِ جي کوٽ ٿي پئي ۽ ڏاڍي مهانگائي ٿي. انهيءَ ڪري سيڙپڪارن کي نقصان ٿيو. ڪن جو ته ڏيوالو نڪري ويو. جنهن سبب آپگهات ڪيائون. مٿئين پيچيده صورتحال جي باوجود سينفرانسسڪو شهر هڪ ننڍڙي اسپيني بيٺڪ مان ڦري هڪ زبردست شهر ٿي پيو جنهن جي ترقيءَ لاءِ سمورا امڪان موجود هئا.
سن 1855ع تائين سون جا مٿاڇري وارا ذخيرا گهڻو ڪري کوٽجي کپي چڪا هئا البته هيٺئين تهه وارا ذخيرا اڃا سلامت هئا، ڇو ته انهن جي کوٽائي لاءِ موجود اوزار ناڪاره هئا. ڪا به ڪمپني اڪيلي سر گهربل خرچ ۽ بندوبست ڪرڻ کان قاصر هئي پر جيئن ته سينفرانسسڪو شهر واپار لاءِ نهايت پرڪشش ۽ موزون هئڻ سبب دنيا جي شاهوڪار ماڻهن هتي دل کولي سيڙپ ڪئي. تجارت جي اهڙي صورتحال ٿي جو ڪو واپاري هڪڙي ئي ڏينهن ۾ لکا پتي ٿي ٿيو ته ڪو ساڳئي ڏينهن ۾ ڪنگال. مطلب ته واپار ڏينهون ڏينهن ترقيءَ جا وڏا ڇال ٿي ڏنا. جنهن سبب مشهور اديب مارڪ ٽوئن Mark Twian به هتي قسمت آزمائڻ وارن مان هڪڙو هو. آمريڪي خانه جنگيءَ دوران ڪيليفورنيا رياست اتحادي رياستن ۾ شامل هئي ۽ اتحادي لشڪر جي خرچ ۽ تربيت جو گهڻو بار مٿس هو. سن 1869ع ۾ ٽرانسڪانٽينينٽل ريلوي آمريڪا جي اولهه ۽ اوڀر وارن بندرن ۽ شهرن کي پاڻ ۾ ڳنڍي ڇڏيو. انهيءَ ريلوي تي جن جاگيردارن جو ڪنٽرول هو تن جي قسمت جاڳي پئي. ريلوي سبب بار برداريءَ جا مفاصلا گهٽجڻ سان گڏ ڀاڙو ۽ خرچ گهٽ ٿيو. شيون ۽ مزوري ڪجهه گهٽي ته واپار اڃان وڌيڪ ترقي ڪئي. سينٽرل پيسفڪ ۽ سائوٿرن پيسفڪ ريلوي نظام چئن مکيه سرمائيدارن هر هڪ؛
1- لي لينڊ اسٽين فورڊ Leland Stanford
2- مارڪ هوپڪنس Mark Hopkins
3- ڪولس پي هنٽنگٽن Collis P. Huntington
4- چارلس ڪروڪر Charles Crocker
(جيڪو نهايت بيرحم شخص هو) جي قبضي ۾ هو. ريلوي ۾ گهڻا مزور چيني هوندا هئا، ڇو ته اهي سڀني کان سستا مزور هئا. اوڻيهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ ريلوي وارن حاڪمن جي ظلم سبب عوام ۾ بيچيني وڌي وئي. ريلوي سبب ٻاهران آيل سستين صنعتي شين جي اچڻ سبب ڪيليفورنيا جي ڪارخانن ۽ ٻي صنعت تي تمام خراب اثر ٿيو. صورتحال وڌيڪ خراب چيني مزورن جي لکن جي تعداد ۾ مسلسل هتي اچڻ سان ٿي. انهيءَ دوران الاسڪا ۾ به سون لڌو ته ماڻهو اوڏانهن به وڃڻ لڳا پر ماڻهو توڙي صنعتي مصنوعات سينفرانسسڪو شهر وٽان ئي الاسڪا وڃي سگهندا هئا. انهيءَ موقعي مان به هن شهر کي ڪافي فائدو ٿيو. انهيءَ وقت بينڪرس آف آمريڪا قائم ٿي جيڪا پوءِ دنيا جي سڀ کان وڏي بينڪ ٿي. اها سن 1904ع ۾ نارٿ بيچ ۾ قائم ڪئي وئي. اها بينڪ اٽليءَ ۾ ڄاول اي پي گيانني A.P. Gianini نالي سرمائيدار جي ذهني ڪاوش هئي. جنهن ڪجهه وقت پوءِ هڪڙي دريائي پل جي تعمير لاءِ ڪُجهه رقم ڏني هئي. سينفرانسسڪو شهر ۾ تاريخ 18 اپريل 1906ع تي صبح سوا پنجين بجي ريڪٽر اسڪيل موجب 8.1 پاور وارو خطرناڪ ترين زلزلو آيو ۽ پورو شهر هڪڙي زبرست باهه جي شعلن ۾ وڪوڙجي ويو. باهه وسائڻ ناممڪن ٿي پيو ۽ اها ٽن ڏينهن تائين مسلسل برقرار رهي. جنهن سبب شهر جون اٺاويهه هزارن کان به وڌيڪ عاليشان عمارتون سڙي رک ٿي ويون. نيٺ مليشيا فورس ڪجهه ڏينهن کان پوءِ باهه تي وڃي ڪنٽرول ڪيو پر ڪن ڪن هنڌن تي باهه ٻيا به ٽي ڏينهن ٻرندي رهي. شهر جا 497 بلاڪ فنا ٿي ويا. جنهن سان شهر جو اٽڪل ٽيون ڀاڱون رک ٿي ويو. انهيءَ بابت هڪ صحافيءَ جيڪ لنڊن Jack London اخبار ۾ لکيو ته”The city of san fransisco is no more يعني سينفرانسسڪو شهر هاڻي باقي نه بچيو آهي.“ زلزلي ۽ باهه شهر جو اصل هُليو مڪمل طور تبديل ڪري ڇڏيو.
شهر جي نئين اڏاوت ته اڳي کان به وڌيڪ سهڻي ۽ سٺي ٿي، ۽ اهو اڳوڻي کان وڌيڪ وڏو ٿيو پر چوڻ ۾ اچي ٿو ته منصوبابندي گهڻي بهتر ڪا نه ڪئي وئي.
سن 1915ع ۾ پيناما ڪينال جي افتتاحي تقريبن دوران سينفرانسسڪو شهر ۾ پيناما پيسفڪ انٽرنيشنل ايگزيبيشن يعني عالمي نمائش لڳائي وئي جنهن ۾ شهر جي ترقيءَ کي اُجاگر ڪيو ويو. شهر پهرئين عالمگير لڙائي کان اڳي ئي ڪافي ترقي ڪري چڪو هو. جنهن ۾ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ نفعي سان گڏ عمارتن جي پڻ عاليشان تعمير ٿي چڪي هئي.
7 ڊسمبر 1941ع تي جپان طرفان آمريڪا جي پرل هاربر تي بمباري ڪئي وئي، جنهن ڪري آمريڪا ٻي عالمي لڙائي ۾ سڌو سنئون شامل ٿي ويو ۽ بحري جنگي جهاز ٺاهڻ لاءِ پيسفڪ سمنڊ جي ڪيترن ئي آمريڪي ساحلي شهرن ۾ ڪارخانا قائم ڪيا ويا. انهن ۾ هڪڙو سينفرانسسڪو شهر پڻ هو. انهيءَ وقت هرڪارخاني ۾ روزانو گهٽ ۾ گهٽ هڪ بحري جنگي جهاز تيار ٿيڻ لڳو.
رچموند شهر جي قيصر Kaiser نالي شپيارڊ ۾ به هڪ لک کان وڌيڪ مزور ڪم ڪندا هئا. اهڙي ريت لکين ماڻهو هن عسڪري صنعت ۾ روزگار سان لڳا جن جو وڏو تعداد ٻاهران مستقل طور ايندڙ ماڻهن تي مشتمل هو. مذڪور صورتحال ۾ شهر ۾ وڏي پئماني تي رهائش لاءِ گهرن جي تعمير ٿيڻ لڳي. ٻاهران آيل ماڻهن ۾ آزاديءَ سبب ڇڙواڳي ۽ آوارگي پيدا ٿي. جنگ جي خاتمي کان پوءِ سپاهي لڏي جي گهڻائي جنهن کي هتي وڌيڪ سڪون ۽ لطف ملندو هو، اُها هِتي اچي دائمي طور آباد ٿي ۽ شهر اڳي کان به وڌيڪ وڌيو، ڪافي عمارت سازي ٿي.
نوان شاهي رستا، روڊ، تجارتي ۽ تفريحي مرڪز قائم ٿيا. انهن ۾ جديد ثقافتي عناصر جهڙوڪ جنسيات جا شوقين، هِپي، همجنس پرست ۽ البيلا جيڪي بيراهه رويءَ جا شڪار ماڻهو شامل هئا. هتي ڪجهه بشني ٽولا به پيدا ٿي پيا هئا. جسم فروشي، جوا ۽ شراب نوشي شهر ۾ فيشن ٿي پيو اهڙيءَ ريت لاقانونيت وڌي وئي. آواراگردن جو هڪڙو گروهه پاڻ کي بيٽس سڏائيندو هو. اهي پنهنجي سُڃاڻپ جينس-سوئيٽر ۽ سينڊل پائي ڪرائيندا هئا ۽ پنهنجي بيهوده خيالات جو اظهار واهيات شاعريءَ وسيلي ڪندا هئا. سندن اوائلي اڳواڻن ايلن گنسبرگ گريگري ڪورسو ۽ جيڪ ڪيروئيڪ نيويارڪ جي ڪولمبيا يونيورسٽيءَ ۾ سندن مطالبن بابت لکڻ شروع ڪيو هو. اُهي لارينس فرلنگ، هيٽي ڪينيٿ، راڪس روٿ ۽ گيري سنائڊ رسان گڏجي جدوجهد ڪرڻ سان قومي طور تي پنهنجن مطالبن کي پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
13 آڪٽوبر 1955ع ۾ بيٽس جو هڪڙو ميڙ ٿيو جتي سندن اڳواڻ شاعر گنسبرگ هائول نالي شعرن جو مجموعو پيش ڪيو، انهيءَ کي هي ٽولو انجيل تصور ڪري ٿو. فرلنگ هيٽي اهو سن 1956ع ۾ شايع ڪيو. انهيءَ ۾ گهڻي فحاشي هئي ۽ مٿس مقدمو داخل ٿيو پر ڪورٽ اظهار جي آزاديءَ جو سندن حق تسليم ڪيو.
سن 1960ع واري ڏهاڪي دوران اظهار جي آزادي اڃا به وڌيڪ وڌي جنهن جي نمائندگي هِپِيزِ ڪئي. اهو گروهه ڪلبن ۾ توڙي گهٽين ۾ ناچ ڪندو، ڳائيندو وتندو هو. هر قسم جو نشو پڻ استعمال ڪندا هئا ۽ آزاد جنسي عمل جا مرتڪب هئا. مجموعي طور سندن نصب العين منشيات، جنسيات ۽ جرائم پيشو هو.
جڏهن ٻي عالمي لڙائي کان پوءِ رٽائر فوجين جي ڪثرت سينفرانسسڪو شهر ۾ رهڻ لڳي. تڏهن کان سبب همجنس پرستي پکڙي ۽ زور وٺڻ لڳي.
ڪيليفورنيا رياست ۾ هجنس پرستيءَ جون مردن توڙي عورتن جون جدا جدا ٻه تنظيمون وجود ۾ اچي چڪيون هيون. مرداني هم جنسي پرست تنظيم ”ماٽا چين سوسائٽي“ Matta Chain Society سن 1951ع ۾ لاس اينجلس شهر ۾ هينري هي Henry Hay جي اڳواڻيءَ ۾ قائم ٿي. عورتاڻي هم جنس پرست تنظيم ”ڊاٽرس آف بيلٽس Daughter’s of Bilitis نالي سان سن 1955ع ۾ سينفرانسسڪو ۾ قائم ٿي. سن ستر جي ڏهاڪي دوران هم جنس پرستن لاءِ هڪڙو خاص علائقو مخصوص ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي هئي. جنهن موجب انهيءَ علائقي ۾ زندگيءَ جي هر شعبي ۾ فقط همجنس پرست ڪم ڪندا. اها تجويز رد ڪئي وئي. باقي هم جنس پرستي قانوني طور جائز قرار ڏني وئي. جاگرافيائي حالتن موجب سين فرانسسڪو شهر ۾ زلزلن جا ڪمزور جهٽڪا اڪثر ايندا رهن ٿا. سن 1989ع ۾ 17 آڪٽوبر اڱاري ڏينهن جي شام پنج لڳي چئن منٽن تي ريڪٽر اسڪيل موجب 7.1 ڊگري زلزلو آيو. ويهن سيڪنڊن ۾ 63 ماڻهو مري ويا پر مالي نقصان ڏهه بلين ڊالرن کان به وڌيڪ ٿيو ۽ ڪئين عمارتون ڊهي پيون. هڪڙي ٻماڙ رستي جو مٿيون حصو هيٺئين حصي تي ايئن ڪريو جو هيٺئين حصي ۾ موجود سموريون گاڏيون صفا مُڃ ٿي مانين وانگر چٻيون ٿي ويون. شهر ۾ ڪُل 37 سَون کان وڌيڪ ماڻهو ڦٽيا، ٻارهن هزار کان وڌيڪ ماڻهو دربدر ٿيا، ارڙهن هزار گهر ڊهي پيا. شهر جي ڪن حصن ۾ باهه به لڳي هئي پر باهه وسائڻ وارن نهايت بهادريءَ سان انهيءَ تي چند ڪلاڪن ۾ ڪنٽرول ڪري وسائي ورتو.
سن 1991ع ۾ شهر جي برڪلي ۽ آڪلينڊ هلس ۾ باهه لڳڻ سان 28000 گهر تباهه ٿي ويا هئا.
مطلب ته هي شهر ڪئين عروج ۽ زوال ڏسندو اڄ سڄي دنيا جي توجهه جو مرڪز بڻجي ويو آهي. اسان کي اسان جي ميزبان شهر مان گهمائيندو ڦيرائيندو آڻي شهر جي اهم تفريح جڳهه گولڊن گيٽ برج تي لاٿو. هيءَ پُل نه رڳو آمريڪا پر سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. جت ڏينهن رات سياحن جي رش لڳي پئي آهي. هڪڙا پيا اچن ته ٻيا پيا وڃن. ڪنهن جي هٿ ۾ مووي ڪئميرا ته ڪنهن جي اکين تي ڪئميرا ۽ هٿ بٽڻ تي ته ڪنهن جي هٿن ۾ هن پُل جو نقشو ۽ ڪتابچو. مطلب ته هر وقت هن پُل تي سوين ماڻهو ۽ موٽرون نظر اينديون ۽ هيٺ وري سمنڊ جو روح پرور نظارو ڏسڻ ۾ ايندو. جنهن ۾ هزارين ٻيڙيون پري پري تائين نظر اچن. هي شهر ڪيترين ئي ٽڪرين ۾ ورهايل آهي. جيڪي هڪٻئي سان پلين ذريعي ڳنڍيون پيون آهن. جنهن تي سڄو سينفرانسسڪو جو شهر آباد آهي. پُل تان هزارين ڪارون اچي وڃي رهيون آهن. اسان به هت فوٽا ڪڍيا ۽ مووي ڪئميرا سان فلم ڀري.