شاعري

سج الائي ڪٿي ڪِري پيو

ومي سدارنگاڻي جي نظمن جو ڪتاب سج الائي ڪٿي ڪري پيو اوهان اڳيان پيش آهي.
ومي سدارنگاڻي هند ۽ سنڌ جي اها شاعره آهي، جنهن ننڍڙي وهيءَ ۾ ئي ايترا ته پختا ۽ من کي ڇُهندڙ نظمَ سنڌي ٻوليءَ کي ڏنا جو 1994 ۾ جڏهن هوءَ انڊيا جي سنڌي شاعرن ۽ اديبن جي وفد سان سنڌ جي دؤري تي آئي ته لڳ ڀڳ سنڌ جي پوري ادبي دنيا هن جي نالي ۽ نظمن کان واقف هئي.
Title Cover of book سج الائي ڪٿي ڪِري پيو

جڏهن اهو ڏينهن ايندو آهي

جڏهن اهو ڏينهن ايندو آهي
سپاهي پنهنجي ماءُ جا پيرَ ڇهندو آهي
پنهنجي زالَ ڏانهن سِڪَ سان نهاريندو آهي
پنهنجي ٻارَ جي پيشاني چمندو آهي...

جڏهن اهو ڏينهن ايندو آهي
سپاهي موت جو سامان پاڻ سان کڻندو آهي
بمَ ۽ مسائل پنهنجي ڳچيءَ ۾ ٻڌندو آهي.
پاڻ کي سخت دل ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي

جڏهن اهو ڏينهن ايندو آهي
سپاهي لڙائيءَ جي ميدان تي پهچندو آهي
پنهنجي وطن کي بچائڻ لاءِ وڙهندو آهي....

جڏهن اهو ڏينهن ايندو آهي
ڏينهن گذرندو آهي ، رات گذرندي آهي
ڌرتي ڳاڙهي هوندي آهي
آسمان ڳاڙهو هوندو آهي
۽ ڳاڙهي رنگ کان سواءِ ڪجھ ڪونه بچندو آهي...

جڏهن اهو ڏينهن ايندو آهي
سپاهي اکيون ٻوٽي مشڪندو آهي
هو دنيا ۾ شانتي آڻڻ لاءِ جيئندو آهي
هو دنيا ۾ شانتي آڻڻ لاءِ جنگ ڪندو آهي
هو دنيا ۾ شانتي آڻڻ لاءِ مرندو آهي
۽ آخر ۾ شانتيءَ جي دنيا ۾ هليو ويندو آهي....
جڏهن اهو ڏينهن ايندو آهي.

مان ئي آهيان توهان جي آخري اميد

مون کان پڇو ته ڇا ٿيندي آهي دهشت؟
مون کان پڇو ته ڇا ٿيندي آهي دهشت گردي؟
مون کان پڇو ته ڪير ٿيندا آهن دهشت گرد؟

مان ان پيءُ جو پٽ آهيان
جنهن ساهه ڇڏيو
انَ گوليءَ کي گلي لڳائي
جيڪا ان لاءِ ته ڪونه ٺهي هئي
هُو ته هڪ امن پسند شخص هو.

مان ان ماءُ جو پٽ آهيان
جنهن ڦٿڪي ڦٿڪي جان ڏني،
کنگھي کنگھي اکيون ٻوٽيائين
انهيءَ بنڪر ۾
مان ان لاءِ دوا به نه آڻي سگھيس.

مان ان ننڍڙي ڀيڻ جو ڀاءُ آهيان
جيڪا پئي آهي زمين تي آسمان هيٺ،
ان جي مٿان پيل آهي دهشت جي چادر،
۽ هيٺيان وڇايل آهي بارودي سُرنگ،
هو ڊپ کان بي خبر
سندس معصوم اکين ۾ سمايل آهي
ٻاراڻي شرارت
هوءَ جاڳندڙ اکين سان خوابُ پيئي ڏسي
ماءُ جي هنجَ جو، کيرَ جو، بسڪوٽ جو،
چاڪليٽ جو، ڦوڪڻن جو...
مان به ڏسان پيو خوابَ
روٽيءَ جا، پاڻيءَ جا، روشنيءَ جا،
سانت هوا جا، کليل دريءَ جا....
مان لڪو ويٺو آهيان هن ڪوٺڙيءَ ۾
گذريل چئن ڏينهن کان،
پنهنجي ننڍڙي ڀيڻَ کي
پنهنجين ٻانهن ۾ ڀري،
ڪير ته مون کي ٻڌائي،
سجَ جي روشني ڪهڙي هوندي آهي؟
چنڊ جي چانڊوڪي ڪهڙي هوندي آهي؟
جبلَ ڪيترا اوچا هوندا آهن؟
گل ڪهڙن رنگن جا هوندا آهن؟
ائين ڇو ٿو لڳي مون کي،
ته مون ڪڏهن
ڏٺو ئي ناهي سج،چنڊ، جبل، گل........

توهين پڇو ٿا ڪير آهيان مان؟
ڪهڙي ملڪَ جو رهواسي آهيان؟
ته ٻڌو،
مان ٻارُ آهيان هندستان جو،
مان ٻارُ اهيان پاڪستان جو،
مان ٻارُ آهيان آمريڪا جو،
مان ٻآرُ آهيان افغانستان جو،
مان ٻارُ آهيان بوسينيا جو،
مان ٻارُ آهيان پيليسٽائين جو،
مان ٻارُ آهيان سڄي دنيا جو،
سڄي دنيا منهنجي آهي.
ڪير ته مون کي ٻڌائي ته
آخر اها ڪهڙي شانتي آهي
جنهن کي آڻڻ لاءِ
ضرورت آهي لڙائيءَ جي !
رَتُ جي،بندوقَ جي،
ها، سچ آهي ته ان سڀ سان
شانتي ايندي هڪ ڏينهن
۽ اها هوندي آخري شانتي.

بس،
باقي هڪَ ئي ڳالهه چوڻي آهي اوهان کي،
”مون کي مرڻ نه ڏجو!“
”مان ئي آهيان اوهان جي آخري اُميد......“