تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سياسي تعليمي نصاب (قومپرستي، سيڪيولرزم ۽ جمهوريت)

هي ڪتاب، سنڌ جي سياسي ڪارڪنن، بِالخصوص سنڌ جي قومپرست ڪارڪنن جي نظرياتي، سياسي ۽ تنظيمي تربيت جي نقطه نگاهه کان لکي ترتيب ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ جيئي سنڌ هلچل جي بنيادي نظرياتي پروگرام جي نقطن جهڙوڪ قومپرستي، جمهوريت ۽ سيڪيولرازم تي ڌار ڌار مضمون شامل آهن.
Title Cover of book سياسي تعليمي نصاب (قومپرستي، سيڪيولرزم ۽ جمهوريت)

1. قوم پرستي

قومپرستي يا قومپرست تحريڪ، تاريخ جي هڪڙي مخصوص دئور جي پيداوار آهي. قومپرستي جا رجحان، ڪنهن به قوم جي اندر ان وقت ظاهر ٿيندا آهن جڏهن اها قوم تشڪيل واري مرحلي ۾ يا ته داخل ٿي چڪي هجي يا انجي قومي تشڪيل مڪمل ٿي هجي. قومپرستي جو لاڙو، غلام قومن جي اندر قومي جدوجهد جي رجحان جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي جڏهن ته آزاد قومن ۾ وري حب الوطني جي رجحان ۾ ظاهر ٿيندو آهي، هڪدفعو قوم جي تشڪيل ٿيڻ کانپوءِ قومپرستي جو رجحان قوم اندر ڪنهن معنيٰ ۾ فنا نٿو ٿئي چاهي قوم غلام رهي يا آزاد. ڇو ته جيڪي شيون تاريخ جي مخصوص دور ۾ پيدا ٿينديون آهن، انهن جي فطري عمر به تاريخ پاڻ ئي طئي ڪندي آهي، اهي تاريخ جي هڪڙي ٻئي ۽ مخصوص دور ۾ ئي ختم ٿينديون آهن. مثال طور قومپرستي جو رجحان قومي تشڪيل جي مرحلي ۾ جنم وٺندو آهي ۽ ان وقت فنا ٿيندو آهي جڏهن قومون پنهنجي فطري ڄمار پوري ڪري بين الاقواميت جي تشڪيل ڪنديون آهن.
سنڌ جي اندر بين الاقواميت جو اصطلاح بي تحاشا استعمال ٿيو آهي پر انکي صحيح جوهر ۾ ڪڏهن به پيش نه ڪيو ويو آهي. اسانکي هڪ يوناني ڏاهي جا اهي لفظ ياد ٿا اچن ته ”لفظن جو غلط استعمال سڀ کان وڏو گناهه آهي“. سنڌ ۾ وسيع پيماني تي لفظن ۽ اصطلاحن جو غلط استعمال ڪيو ويو آهي، انڪري اهو ضروري ٿئي ٿو ته بين الاقواميت جي اصطلاح جي وضاحت ڪئي وڃي.
عالمگيريت ۽ بين الاقواميت ٻه الڳ الڳ اصطلاح آهن، جن کي سنڌ ۾ اڪثر ملائي جلائي پيش ڪيو ويو آهي.
اهو رجحان آهي جن ۾ طاقتور قومون، ٻين قومن کي غلام بنائي وڏيون وڏيون رياستون قائم GLOBALIZATION عالمگيريت ڪنديون آهن. طاقتور قومن جون قائم ڪيل اهي وسيع سلطنتون ۽ بادشاهتون جبر ۽ تشدد جي بنياد تي قائم ڪيون ويون آهن، انهن کي قائم رکڻ لاءِ به تشدد ۽ طاقت جو استعمال ڪيو ويندو آهي. عالمگيريت جو رجحان انهيءَ جبر ۽ تشدد جي پيداوار آهي.
: اهو مرحلو آهي جتي قومون پنهنجي راضپي سان هڪڙي عالمي برادري کي قائم ڪرڻ/ رکڻ INTERNATIONALISM بين الاقواميت لاءِ رضاڪارانا طور تي پنهنجي شناخت کي ختم ڪرڻ لاءِ راضي ٿينديون آهن. اهو عمل ان وقت تائين ممڪن نه آهي جيستائين پوري دنيا جي اندر آزاد قومن جي تشڪيل مڪمل ٿئي، ڇو ته بين الاقواميت قائم رکڻ لاءِ آزاد قومن جو وجود انتهائي لازمي آهي. بين الاقواميت لفظ ان کي ظاهر ٿو ڪري ته قومن جي وچ ۾ ڳانڍاپو آهي، ان ڪري بين الاقواميت کي جوڙڻ لاءِ پهريون قومن جي تشڪيل ۽ قومن جي آزادي اهم ۽ لازمي آهي ۽ پوءِ ٻيو، انهن جو رضاڪارانا ميلاپ بين الاقواميت جو اهم جز آهي ان جي برعڪس جبر ۽ تشدد جي ذريعي عالمگيريت جي قائم ٿيل سلطنت، قومن کي بين الاقواميت جو نالي ڏيڻ ۽ اها پرچار ڪرڻ ته اهو قومن جي وچ ۾ ڳانڍاپو ۽ بين الاقواميت جو طريقو آهي، اهو تاريخ سان سڀ کان وڏو مزاق آهي. جيڪو دليري سان ڪيو پيو وڃي. جيئن ته بين الاقواميت لاءِ قومن جي تشڪيل ۽ قومن جو آزاد هجڻ ضروري آهي انڪري قومي تشڪيل ۽ قومي آزادي کانسواءِ بين الاقواميت جو تصور ئي بي معنيٰ آهي. بلڪه ائين چوڻ کپي ته بين الاقواميت جو مقصد ئي آهي ته پهرين قومن جي تشڪيل ۽ آزادي کي هٿي ڏني وڃي ته جيئن بين الاقواميت ڪري سگھجي.
جيئن ته اسان مٿي چئي چڪا آهيون ته قومپرستي جو رجحان تاريخ جي هڪ مخصوص دور جي پيداوار آهي بلڪل ائين جيئن قوم تاريخ جي هڪ مخصوص دور جي پيداوار آهي. اهو ئي سبب آهي ته قومن جي تشڪيل ۾ قوم جو پنجون جزو تاريخي روايتن کي قرار ڏنو ويو آهي. تاريخي روايتن مان مراد آهي ته ڪا به قوم تاريخ جي هڪ ڊگھي عرصي ۾ گذري جنم ورتو هجي ڇو ته قومن جي تشڪيل ۾ مختلف وقتن تي مختلف عنصر ڪار فرما رهيا آهن. تاريخ جي مختلف دورن ۾. مختلف رنگ، نسل ۽ مذهبن جي ماڻهن قوم جي تشڪيل ۾ حصو ورتو آهي، ان ڪري ڪنهن دور ۾ قوم جي تشڪيل ۾ رنگ، نسل ۽ مذهب کي پڻ قوم جي جزي طور تسليم ڪيو ويندو آهي پر ”جديد قومپرستي“ جي فلسفي، انهن جزن (رنگ، نسل، ۽مذهب)کي قومي تشڪيل مان خارج ڪري ڇڏيو آهي، ڇو جو جنهن وقت۾ اهي جزا ڪار فرما هئا، ان وقت ۾ قومي شڪل مڪمل قوم واري نه پر قبائلي شڪل هئي، ان کي اسان قوم جي ارتقائي شڪل چئي سگھون ٿا. قبائلي شڪل مان ارتقا ڪري قبيلا قوميت جي شڪل ۾ تبديل ٿيا. جڏهن قبلين، قوميت جي تشڪيل ڪئي ان وقت ۾ رنگ ۽ نسل قومي ارتقا مان خارج ٿي ويو ڇو جو مختلف رنگ ۽ نسل جي ماڻهن ملي قوميت کي تشڪيل ڏنو. قوميت، ارتقا ڪري قوم جي شڪل ۾ مڪمل ٿيندي آهي.
جڏهن قوميت جي تشڪيل ٿيندي آهي، ان وقت مخصوص جاگرافيائي حدن جو تعين ٿيندو آهي، جيڪي قبيلا مخصوص جاگرافيائي حدن ۾ رهندڙ هوندا آهن اهي ملي، جڏهن قوميت جي تشڪيل ڪندا آهن تڏهن جاگرافيائي طرح هڪ سياسي وحدت جي به تشڪيل ٿيندي آهي. مثال طور؛ جنهن وقت سنڌ اندر قوميت جي تشڪيل ٿي رهي هئي ان وقت سنڌ جي جاگرافيائي وحدت جي تشڪيل به لازمي ٿي ويئي هئي، ۽ ان وقت قوميت جي تشڪيل لاءِ مختلف تحريڪن جنم ورتو ۽ آخرڪار ڪلهوڙا حڪمران، سنڌ جي جاگرافيائي، جيڪا مختلف نوابين ۾ ورهائجي ۽ ٽٽي پئي هئي، ان کي هڪ سياسي وحدت ۾ آڻي، سنڌ سرڪار جو نالو ڏيڻ ۾ ڪامياب ويا. اصل ۾ اها قوميت جي تشڪيل کانپوءِ، جاگرافيائي وحدت جو هڪ ٿيڻ تاريخي ضرورت ٿي ويئي هئي، جنهن کي ڪلهوڙن عملي طرح عمل ۾ آندو. ڪلهوڙن جي ان عمل سان ”سنڌي قوميت“ جي تشڪيل مڪمل ٿي ويئي، ان جي ڪري قوميت جي تشڪيل ۾ بنيادي طور چار جزا ڪم ڪندا آهن. ساڳي ٻولي، ساڳيو ڪلچر، مشترڪه تاريخي روايتون ۽ مخصوص جاگرافيائي وحدت. اهي، چار جزا مڪمل ٿيڻ کانپوءِ قوميت مڪمل ٿي ويندي آهي.
قوميت، ارتقا ڪري، قومي تشڪيل ۾ داخل ٿيندي آهي قوم ۽ قوميت ۾ بنيادي فرق اهو آهي ته قوميت جي تشڪيل ۾ چار جزا ۽ قوم جي تشڪيل ۾ پنج جزا ڪم ڪندا اهن. جيسيتائين اهي پنج جزا، مڪمل نٿا ٿين، تيسيتائين قوم مڪمل نه ٿيندي آهي. چئن جزن جو ذڪر ته اسان مٿي ڪري چڪا آهيون يعني ٻولي، ڪلچر، تاريخي روايتون ۽ جاگرافيائي وحدت. پنجون جزو، جيڪو قوم جي تشڪيل ۾ جڙندو آهي اهو آهي سياسي ۽ اقتصادي مفادن جي هڪجهڙائي. قوميت ۾ اهو پنجون جزو موجود ته هوندو آهي پر اهم نه جا وسيلا محدود هوندا آهن. Communicationهوندو آهي ڇو ته قوميت ۾ اقتصاديات ورهايل هوندي آهي. قوميت وٽ ڪميونيڪيشن هڪ علائقي کان ٻئي علائقي تائين وڃڻ جي لاءِ ڏينهن جو سفر ڪرڻو پوندو آهي. آمدورفت جا وسيلا، غير ترقي يافته هجڻ جي ڪري، ماڻهن جو واهپو ۽ ميل ميلاپ گھٽ ٿيندو آهي. پيداواري وسيلا ترقيافته نه هجڻ جي ڪري، پيداوار محدود ٿيندي آهي، انڪري هر علائقو پنهنجون ضرورتون پنهنجن حدن ۾ ئي پوريون ڪندو آهي. ان کي پنهنجي علائقي مان ٻاهر نڪرڻ جي ضرورت نه هوندي آهي. انڪري ڪنهن به هڪ علائقي ۾ زلزلو، آفت يا ڏڪار اچڻ سان ٻيا يا ته متاثر نه ٿيندا آهن يا وري تمام گهٽ متاثر ٿيندا آهن. نتيجي طور، قوميت ۾ اقتصادي مفادن جي هڪجهڙائي لڳ ڀڳ نه هجڻ جي برابر هوندي آهي. جيئن ته اقتصادي مفاد، سموري جدوجهد جو بنياد آهن، انجي ڪري قوميت ۾، جدوجهد ۾ هڪجهڙائي به پيدا ٿي نه سگهندي آهي.
جڏهن پيداواري وسيلا ترقي ڪندا آهن ته آمدرفت جا وسيلا به وڌي بهتر ٿيڻ شروع ڪندا آهن تڏهن لازمي طور ٻه شيون سامهون اينديون آهن. 1. ته پيداوار جا وسيلا ترقي ڪرڻ سان پيداوار ۾ مسلسل اضافو ٿيندو آهي ۽ اها پيداوار ان سطح تي پهچي ويندي آهي جيڪا ڪنهن مخصوص علائقي اندر وڪامڻ کان گھڻي ٿي ويندي آهي، ان وقت ضرورت پوندي آهي ته ان وڌيل پيداوار کي ٻين علائقن تائين پهچائجي. ان وقت آمدرفت جي وسيلن کي ترقي ڏيارڻ جي ضرورت ٿيندي آهي ته جيئن اهي شيون هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين آساني سان پهچائي سگهجن ۽ ٻين علائقن تائين پيداوار پهچائڻ جي ڪري خود ان شي جي به ضرورت ايندي آهي ته پيداوار کي اڃا به وڌائجي تاڪه اها قوميت جي تشڪيل ڪيل سموري جاگرافيائي حد تائين پهچ ڪري سگھي. اهڙي وقت ۾ جڏهن پيداوار، علائقائي حدن کي ٽوڙي ٻاهر نڪرندي آهي، ان وقت قوميت جي اندر مشترڪ قومي منڊي جو جڙڻ لازمي ٿي ويندو آهي، جيڪا منڊي پوري قوميت کي مال جو وڪرو ڪري سگھي. ڇو ته جڏهن پيداواري وسيلا مشترڪه قومي منڊي کي جنم ڏيندا آهن. ان وقت 2. انهن پيداواري وسيلن کي هلائڻ لاءِ سمورن علائقن مان ڪچي مال کي به خريد ڪرڻ جي ضرورت پوندي آهي. جڏهن مختلف علائقن کان سمورو ڪچو مال هڪ جڳهه تي اچڻ شروع ٿئي ۽ تيار ٿيل مال، سمورن علائقن ۾ وڪرو ٿيڻ شروع ٿئي ان وقت، قومي منڊي جي تشڪيل ٿيندي آهي. هي اهو مرحلو آهي جتي قوميت پنهنجو جوهر تبديل ڪري، قوم بڻجڻ شروع ٿي ويندي آهي. يا ٻين لفظن ۾ ائين چوڻ گھرجي ته مخصوص جاگرافيائي حدن اندر رهندڙ آبادي، هڪ قوم جي وحدت ۾ گڏجڻ شروع ٿي ويندي آهي يا قوم جي تشڪيل ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي. ان جي ڪري فلسفي اندر، قومن جي تشڪيل جي سوال جو جائزو وٺڻ وقت، اها ڳالهه سائنسي طرح ثابت ٿي ته سرمائيداري جي اسرڻ وقت، قومن جي تشڪيل شروع ٿيندي آهي ۽ سرمائيداري جڏهن پنهنجي تشڪيل مڪمل ڪري ترقي يافته سرمائيداري ۾ داخل ٿيندي آهي ان وقت ۾ پيداوار ايتري انداز ۾ ٿيندي آهي جو اها قومي حدن کي ٽوڙي بين الاقوامي منڊي قائم ڪرڻ جي ضرورت پوندي آهي. انڪري سرمائيداري پنهنجي ارتقا ۾ قومن کي جوڙيندي آهي ۽ پنهنجي انتها ۾ قومن کي ڊاهيندي آهي.
جيئن ته ترقي جي سطح هموار نه هوندي آهي، ڪي علائقا تمام گھڻا ترقي يافته هوندا آهن ته ڪي علائقا گھٽ. عالمي سطح تي سرمائيدارانا ترقي هڪ ڪري ٿيندي ئي نه آهي. انڪري تمام ترقي يافته علائقن ۾ قومي منڊيون ٽٽنديون آهن ۽ غير ترقي يافته علائقن ۾ قومي منڊيون جڙنديون آهن. انڪري انهن علائقن جي ترقي جي سطح کي نظر ۾ رکي جن جي پيداوار قومي سرحدن کي ٽوڙڻ جي حد تائين پهچي ويئي آهي اهڙن علائقن جي اندر جتي سرمائيداري جي سطح اسرندڙ آهي ۽ قومي تشڪيل ٿي رهي آهي، اتي قومي منڊي جي جڙڻ کي رد ڪرڻ ۽ بين الاقواميت جي ڳالهه ڪرڻ، تاريخي ارتقا ۽ ترقي جي غير هموار سطح کان نه صرف انڪار ڪرڻ جي برابر آهي پر اهڙي ڏاهپ، تاريخ سان مذاق ڪرڻ جي برابر آهي. اهڙي قسم جي ڏاهپ، سماجي ۽ تاريخي ارتقا ۾ رڪاوٽ پيدا ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به نتيجو نٿي ڏيئي سگھي، ڇو جو جيسيتائين ڪنهن به علائقي جي پيداوار جيڪڏهن پنهنجي قومي منڊي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ کانسواءِ ٻاهر وڪرو ڪئي ويندي ته اها اقتصادي ترقي جي بجاءِ ان قوم ۾اقتصادي بحران جي شڪل ۾ ظاهر ٿيندي.
انڪري يورپي يونين کي بنياد بڻائي انهن علائقن ۾ مشترڪه منڊي قائم نٿي ڪري سگھجي، جيڪي اڃا ترقي جي سطح ۾ تمام گھڻا هيٺ بيٺا آهن. مشترڪه منڊيون ان وقت ئي قائم ٿينديون آهن جڏهن پيداوار قومي ضرورتون پوريون ڪرڻ کانپوءِ ان اهل ٿي وڃي جو ان کي کپائڻ لاءِ مشترڪه منڊي جوڙڻ لازمي ٿي وڃي. جڏهن ترقي جي سطح ايتري هيٺ هجي جو پيداوار قومي منڊي جي تشڪيل جي لاءِ ئي مس ڪافي هجي، ته ان وقت مشترڪه منڊي جو فلسفو، خام خيالي کانسواءِ ڪجهه به ڪونهي. اهڙي ڏاهپ کي لينن، “انقلابي لفاظي” ڪوٺيو آهي. جنهن جو مقصد هوندو آهي ته انقلاب صرف لفظن ۾ هجي. جڏهن ته عملي طرح شيون تاريخ ۽ حالتن جي مخالف رخ ۾ بيٺل هجن ۽ جيڪي فلسفا تاريخ ۽ مادي حالتن جي ابتڙ هوندا اهڙن سمورن لفاظين ۽ فلسفن کي تاريخ ماري، فنا ڪري ڇڏيندي آهي. ارتقا صرف اهي شيون ڪنديون آهن. جيڪي تاريخ ۽ حالتن سان گڏ هلڻ جي اهليت رکندڙ هجن.
علم اقتصاديات ۾ منڊي مان مراد اها جڳهه آهي جتي خريد فروخت ٿئي ۽ منڊي ڪنهن به علائقي ڪنهن به مخصوص جڳهه تائين محدود نه ٿيندي آهي ڇو ته جڏهن قومي منڊي جي تشڪيل ٿيندي آهي. ان وقت ان جو ڦهلاءُ سموري قومي علائقي ۾ هوندو آهي ڇو ته مخصوص جاگرافيائي حدن اندر رهندڙ هڪ قوم جا ماڻهو خريد فروخت لاءِ هڪٻئي سان واهپي ۾ ايندا آهن.
اسان مٿي به ذڪر ڪري چڪا آهيون ته قومي منڊي جي خصوصيت اها هوندي آهي ته اها پنهنجن پيداواري وسيلن کي هلائڻ لاءِ سموري علائقي مان ڪچو مال کڻندي آهي ۽ پيدا ٿيل پڪو مال سموري علائقي ۾ وڪرو ڪندي آهي. جيئن ته قوم جا سمورا ماڻهو، خريد و فروخت ۾ شريڪ هوندا آهن. انڪري قومي منڊي جو ڦهلاءَ پوري قوم تائين هوندو آهي.
قومي منڊي جي ٻي خصوصيت اها هوندي آهي ته اها شهري علائقن کي ترقي ڏياريندي آهي ڇاڪاڻ جو سرمائيداري ۾ وڏا شهر قومي منڊي جا وڏا مرڪز هوندا آهن، انڪري اهو سمجھڻ ته قومي منڊي صرف ان علائقي يا شهر جو نالو آهي جتي پيداوار ٿيئ ٿي يا جتان ٻين شهرن ڏانهن وڪري لاءِ وڃي ٿي ته اهو مفهوم علم اقتصاديات ۾ غلط ثابت ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته علم اقتصاديات جي روشني ۾ شهر منڊي جا مرڪز ضرور هوندا آهن پر منڊي ۾ اهي سمورا ماڻهو شامل هوندا آهن جيڪي خريد فروخت ۾ شامل هجن، انڪري قومي منڊي جي اها خصوصيت ٿيندي آهي ته اها پوري قوم کي هڪ وحدت ۾ ڳنڍي ڇڏيندي آهي. جيئن ته اسان ذڪر ڪيو آهي ته قوميت ۾ پيداوار محدود هجڻ جي ڪري خريد فروخت ۽ ڏي وٺ مخصوص علائقن ۾ هجڻ جي ڪري قوميت ۾ فقط ”علائقائي منڊيون“ ٿينديون آهن پر جيئن ته قومي منڊي جو ڦهلاءُ پوري قوم ٿائين هوندو آهي، انڪري مخصوص جاگرافيائي حدن ۾ رهندڙ قوم جي ڪنهن به علائقي ۾ ڪن به سببن جي ڪري جيڪڏهن ڏڪار سوڪ يا ڪنهن علائقي ۾ ڪيڙي جي سبب فصل کي ڪو نقصان پهچي ٿو ته ان جو اثر پوري قومي منڊي ٿي پوي ٿو.
جيئن ته قومي منڊي سمورن علائقن مان ڪچو مال کڻي ٿي ان ڪري ڪنهن به علائقي ۾ پيداواري کوٽ سبب، منڊي جون ضرورتون پوريون نه ٿيڻ سبب شين جي قيمتن تي اثر پوندا آهن جڏهن ڪنهن به بحران ۾ شين جون قيمتون وڌنديون آهن ته وڌيل قيمتن جي اثرکان سموري قوم متاثر ٿيندي آهي. قومي منڊي ۾ ڪنهن به قسم جو بحران، جيئن ته پوري قوم کي متاثر ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته سڀ ماڻهو، جيڪي به منڊي سان خريد فروخت ۾ لاڳاپيل آهن، انهن جو متاثر ٿيڻ لازمي آهي. انڪري اها قومي منڊي جي بنيادي خصوصيت آهي ته اها قوم جي اقتصادي مفادن ۾ هڪجهڙائي پيدا ڪري ڇڏيندي آهي ۽ جڏهن ڪنهن مخصوص جاگرافيائي حدن اندر رهندڙ آبادي جا، اقتصادي مفاد هڪجهڙا ٿي وڃن ته ان وقت قوم جو جنم ٿيندو آهي ۽ اهو پنجون عنصر يعني سياسي ۽ اقتصادي مفادن جي هڪجهڙائي، جيڪو قوميت ۾ موجود نه هوندو آهي، اهو قومي منڊي جي تشڪيل سان مڪمل ٿي ويندو آهي.
قومي منڊي جي ٻي خصوصيت اها آهي ته جيئن ته سموري قوم جا ماڻهو، قومي منڊي اندر هڪٻئي سان واهپي ۾ ايندا آهن انڪري مختلف علائقن جي ڪلچر جا فرق، ٻولي جي لهجن جا فرق، هڪٻئي سان واهپي ۾ اچڻ جي ڪري آهستي آهستي ختم ٿيڻ شروع ڪندا آهن، انڪري مشترڪه تهذيب جنم وٺندي آهي.
قومي منڊي جي ٽين خصوصيت اها آهي ته اها سمورن علائقن کي هڪ جاگرافيائي وحدت ۾ ڳنڍي ڇڏيندي آهي. قوم جا پسمانده ترين علائقا، قومي منڊي جي پهچ کان پري رهي نه سگھندا آهن. مثال طور ٿر، ڪميونيڪيشن جي لحاظ کان انتهائي پسمانده علائقو آهي، ان ۾ جانورن جي پالنا جو انحصار ان شي تي آهي ته قومي منڊي ۾ جانورن جي طلب ڪيتري آهي...........؟ ٿر ۾ پاليا ويندڙ جانور، شهري علائقن جي خوراڪ طور ڪم اچن ٿا، نتيجي طور، ڪنهن به علائقي ۾ ٿورڙي به بحران جي نتيجي ۾، پوري قومي منڊي ۾ قيمتن جو متاثر ٿيڻ لازمي آهي ۽ ان جا اثر پوري قوم تي پوندا آهن. قومي منڊي، اقتصادي وحدت ۾ ملي هڪ ٿي ويندا آهن. انڪري پوري قوم جا سياسي ۽ اقتصادي مفاد هڪ ٻئي سان ڳانڍاپجي ويندا آهن.
قومي منڊي جي چوٿين خصوصيت اها هوندي آهي ته اها ٻولي جو تعين ڪندي آهي. فلسفي جي اندر اها ڳالهه طيءَ ٿيل آهي ته سنڌ جو سڀ کان وڏو شهر هجڻ جي ڪري ڪراچي، قومي منڊي جو سڀ کان وڏو مرڪز آهي. پر اسان واضع لفظن ۾ مٿي ذڪر ڪري چڪا آهيون ته قومي منڊي ڪنهن هڪ علائقي يا هڪ شهر جو نالو نه آهي. قومي منڊي ان سموري علائقي تي مشتمل هوندي آهي جتي ان مخصوص قوم جا ماڻهو جيڪي خريد و فروخت ۾ لاڳاپيل هوندا آهن، قومي منڊي، انهن سڀني ماڻهن تي مشتمل هوندي آهي.
قومي منڊي، واپارين جي زبان جي تابع نه هوندي آهي ته واپاري ڪهڙي زبان ٿا ڳالهائين پر واپاري ان جي تابع هوندا آهن ته جن ماڻهن کان اهي ڪچو مال خريد ڪن ٿا ۽ جن ماڻهن کي تيار ٿيل مال اهي وڪرو ڪن ٿا، اهي ماڻهو انهن جي مفهوم کي سمجهي سگھن. جيئن ته قومي ٻولي جو ڪردار قومي منڊي ۾ اهم ۽ بنيادي هوندي آهي ۽ ٻولي جي خصوصيت اها به هوندي آهي ته ٻولي، رابطي جو ڪم ڏيڻ سان گڏوگڏ سمجھڻ ۽ سمجھائڻ جو وسيلو به هوندي آهي. ان وقت واپارين جو اهو گروهه، جيڪڏهن پنهنجي مال جي خريد فروخت لاءِ ڪميونيڪيشن ڪرڻ جي اهل نه هجي شين کي سمجهائڻ جي اهل نه رهي، پنهنجي پيداوار جي خصوصيت کي ٻڌائڻ جي اهل نه رهي ته ان جي پيداوار جو وڪرو متاثر ٿيڻ لازمي آهي، اهو ئي سبب آهي ته قوم جي اڪثريتي آبادي جي ٻولي لازمي طور تي حاوي ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي، ڇاڪاڻ جو واپاري ڪهڙي به ٻولي ڳالهائيندڙ هجي پر آبادي جي اڪثريت سان رابطي لاءِ ان کي ان ٻولي جو سهارو وٺڻو پوندو آهي جنهن ۾ هو پنهنجي پيداوار کي سٺي نموني بيان ۽ وڪرو ڪري سگھي. چاهي ڪراچي جي واپاري منڊي جي ٻولي ڪهڙي به هجي پر پوري قوم سان واهپي لاءِ قومي منڊي جي ٻولي اها ئي طي ٿيندي جيڪا اڪثريتي آبادي جي ٻولي هوندي. ان جو ننڍڙو دليل اهو آهي ته اڄ کان چاليهارو سال کن اڳ ۾، جڏهن ڪراچي جي اندر سنڌي ٻولي جو هڪ لفظ به نه سمجھيو ويندو هو، ان جي برعڪس اڄ، ڪراچي جا واپاري ۽ دڪاندار خاصي تعداد ۾ سنڌي ٻولي سمجھن به ٿا ۽ سنڌي ٻولي ڳالهائڻ جي ڪوشش به ڪن ٿا ڇاڪاڻ جو ڪالهه تائين ڪراچي جي منڊي جو واهپو پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن تائين محدود هو پر قومي منڊي جي وسعت ڪرڻ سبب هاڻي انهن واپارين جو واهپو انهن ماڻهن سان به آهي جيڪي بلڪل دور دراز علائقن جا ڳوٺاڻا آهن، جيڪي اردو ٻولي نه ڳالهائي سگھن ٿا ۽ نه سمجھي سگھن ٿا. انڪري ڪراڄي جي واپاري جي اها مجبوري آهي ته اهو پنهنجي پيداوار کي وڪرو ڪرڻ لاءِ اڪثريتي آبادي جي زبان کي قبول ڪرڻ شروع ڪري.
ارتقا جي تاريخ ۾ شين کي ان نظر سان ڪڏهن به نه ڏسبو آهي ته ڪهڙي شي ڪمزور آهي ۽ ڪهڙي شي سگهاري آهي پر ارتقا جي تاريخ ۾ شين کي ائين ڏسبو آهي ته ڪمزور شيون، جيڪڏهن آهستي آهستي وڌڻ شروع ڪن ته سمجهبو ته اهي حاوي ٿيڻ شروع ٿي رهيون آهن. ۽ جڏهن طاقتور شيون طاقتور هوندي به، ڪمزور شين لاءِ جڳهه خالي ڪرڻ شروع ڪنديون ته سمجهبو ته اهي فنا جي طرف مائل ٿي رهيون آهن.
تاريخ ۾ قومي منڊي جي ارتقا جو عمل، اسان کي اهو ٻڌائي ٿو ته سنڌي ٻولي ڪمزور هجڻ جي باوجود اردو ٻولي کي قومي منڊي مان آهستي آهستي بي دخل ڪري رهي آهي ۽ اردو ٻولي، طاقتور هجڻ جي باوجود پنهنجي بي دخلي کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي رهي آهي. اها ڳالهه ثابت ڪري ٿي ته مستقبل ۾ ڪهڙي ٻولي قومي منڊي تي حاوي ٿيندي......؟ ڇاڪاڻ جو جڏهن ڪا به ڌاري آبادي ٿيڻ تاريخي طور تي اڻٽر ٿي پوندو آهي. اهو ضروري آهي تهDeculture مستقل طور تي، ڪنهن به علائقي ۾ آباد ٿي وڃي ته ان جو ارتقا جو عمل آهستي ٿيندو آهي ۽ تاريخ جڏهن ڪمزور قوتن کي اسرڻ جا موقعا ڏي ته سگھارين قوتن جو فنا ٿيڻ به لازمي آهي. ٻين لفظن ۾ اسين ائين چئون ته ڪمزور قوت، جڏهن اسرڻ شروع ڪري ته اهو سمجھبو ته اها آهستي آهستي مضبوط ٿي رهي آهي، ارتقا جي طرف مائل ٿي رهي آهي ۽ طاقتور شيءِ جڏهن پنهنجي پوري طاقت جي باوجود ڪمزور ٿيڻ شروع ٿئي ته اهو سمجھبو آهي ته اها تنزل طرف مائل آهي. ۽ جيڪي شيون تنزل طرف مائل هونديون آهن اهي تاريخ ۾ گھڻو وقت زنده رهي نه سگھنديون آهن. ۽ جيڪي شيون ارتقا ڪنديون آهن اهي، سگھاريون ٿي انهن شين جي جڳهه والارينديون آهن، جيڪي تنزل طرف مائل ٿينديون آهن.
جاگرافيائي وحدت مان مراد زمين جو ڪو عام ٽڪر نه آهي پر جاگرافيائي حدن مان مراد، ان زمين ۾ موجود اهي پيداواري وسيلا آهن جيڪي اتي رهندڙ آبادي کي پالڻ ۾ ڪم اچن ٿا. تاريخي روايتن جي روشني ۾ ڪنهن به مخصوص علائقي ۾ رهندڙ ڪنهن به آبادي کي، جيڪا صدين کان وٺي اتي آباد هجي، اهو تاريخي حق حاصل هوندو آهي ته اهي انهن پيداواري وسيلن کي پنهنجي جياپي لاءِ استعمال ڪن ۽ انهن پيداواري وسيلن مان ڌارين کان دفاع به ڪن. جيئن ته اسين اڳ ۾ ذڪر ڪري چڪا آهيون ته قومپرستي جو رجحان، غلام قومن جي اندر آزادي جي تحريڪ جي صورت ۾ پيدا ٿيندو آهي ۽ آزاد قومن ۾ اهو جذبو حب الوطني جي شڪل ۾ موجود هوندو آهي. جڏهن ڪا ڌاري آبادي، ڪنهن ٻي مخصوص قوم جي حدن ۾ موجود پيداواري وسيلن کي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي يا انهن پيداواري وسيلن جي ڦرلٽ ڪري، پنهنجن ماڻهن کي خوشحال بڻائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ته اهڙي وقت ۾، انهن جاگرافيائي حدن ۾ صدين کان رهندڙ آبادي جو متاثر ٿيڻ لازمي هوندو آهي ۽ انهن جي اقتصادي مفادن کي ڌڪ پهچڻ جي سبب، انهن جي اندر جيڪي جوابي رجحان پيدا ٿيندا آهن اهي پاڻ کي قومپرست رجحان جي شڪل ۾ ظاهر ڪندا آهن. جڏهن به ڪا ڌاري آبادي مستقل طور تي، ڪنهن به ٻي قوم جي جاگرافيائي حدن تي مستقل قبضو ڪري ويهي رهي ته قومپرستي جو اهو رجحان بتدريج شديد ٿيندو آهي ۽ پوري قوم کي متاثر ڪندو آهي.
جيئن ته اسين مٿي بحث ڪري آيا آهيون ته قومي منڊي جي تشڪيل کانپوءِ، مخصوص جاگرافيائي حدن ۾ رهندڙ قوم جا، سياسي ۽ اقتصادي مفاد ڳانڍاپجي ويندا آهن ۽ قوم جي ڪنهن به علائقي ۾ ڦرلٽ سان پوري قومي منڊي ۽ قوم متاثر ٿيندي آهي انڪري ان ڦرلٽ جي نتيجي ۾ قومپرستي جو رجحان به پوري قوم اندر پيدا ٿيندو آهي. ان ڳالهه جي وضاحت انتهائي ضروري آهي ته قومپرستي صرف غلام قوم جي اندر پيدا ٿيندي آهي ۽ غلام قومن ۾ قومپرستي جو رجحان پيدا ٿيڻ کانپوءِ، ان وقت تائين ختم نه ٿيندو آهي جيسيتائين اهو تضاد حل نه ٿو ٿئي، يا ڌاري آبادي جي قبضي کي اها پنهنجي جاگرافيائي حدن مان ختم ڪرائڻ ۾ ڪامياب نٿي ٿئي.
قومپرستي جي هڪ ٻي خصوصيت اها به ٿيندي آهي ته قومپرست لاڙي کان ماڻهو سڌي ريت پاڻ متاثر ٿيندا آهن. قومي ڦرلٽ ۽ قومي تضاد جي خلاف هڪ شعوري جنگ وڙهندا آهن ۽ ماڻهو شعوري طور ان جدوجهد ۾ شامل ٿيندا آهن. جيئن ته قوميت ۾، سياسي ۽ اقتصادي مفاد سلهاڙيل نه هجڻ ڪري جيڪڏهن، ڪنهن علائقي ۾ تاريخ ۾ ڪڏهن ڪا ڌاري يلغار ٿي به آهي ته ان يلغار کان ان علائقي جا ماڻهو ئي متاثڙ ٿيندا آهن. ۽ ان علائقي جا ماڻهو ئي مزاحمت ڪندا آهن. ان مزاحمتي جنگ ۾ ان علائقي جا ماڻهو جيڪڏهن ٻين قبيلن کان ڪا مدد طلب ڪندا آهن ته ٻين قبيلن جا ماڻهو ان لحاظ کان ان مزاحمت ۾ شريڪ نه ٿيندا آهن ته ڪو اهي ان تضاد کان متاثر هوندا آهن بلڪه اهي ان مزاحمت ۾ ان ڪري شريڪ ٿيندا آهن ڇاڪاڻ جو اهو انهن جي قبيلي يا قبيلائي سردار جو گڏيل فيصلو هوندو آهي. جڏهن ڪي ماڻهو قبيلي ۽ قبيلائي سردار جي فيصلي تحت ڪا مزاحمت ڪن ته ان کي قومپرست تحريڪ نه چئبو آهي قومپرست تحريڪ ان کي چئبو آهي جنهن ۾ ماڻهو تضاد کان شعوري ريت متاثر ٿي، مزاحمت ۾ شعوري طور شامل ٿين ڇو ته جڏهن ماڻهو قومي تضاد کان متاثر ٿي سڌي ريت شريڪ ٿيندا آهن ته اهي ڪنهن به سردار قبيلي جي فيصلي تحت ان تحريڪ يا مزاحمت مان ڪڏهن به الڳ نه ٿيندا آهن پر جيڪي ماڻهو ڪنهن قبيلي يا سردار جي حڪم تي مزاحمت ڪندا آهن ته اهي قبيلي يا سردار جي فيصلي تحت مزاحمت مان الڳ به ٿيندا آهن تنهنڪري قوميت جي اندر قوم پرست رجحان جنم نه وٺندو آهي، انڪري قومي تشڪيل ٿيڻ کان پوءِ جيئن ته پوري قوم جا سياسي ۽ اقتصادي مفاد ملي هڪ ٿي ٿا وڃن انڪري غلام قومن جي اندر، قومپرست رجحان جو پيدا ٿيڻ اڻٽر ۽ لازمي آهي ۽ جيڪي شيون تاريخي طرح جنم وٺنديون آهن اهي، ڪنهن قوم يا ڪنهن خاص علائقي سان وابسته نه رهنديون آهن پر دنيا جي هر غلام قوم جي اندر قومپرست رجحان پيدا ٿيڻ اڻٽر ۽ لازمي آهي.
قوم ۽ قوميت ۾ بحث ڪرڻ وقت اها ڳالهه سمجھڻ ضروري آهي ته قوميت جي اندر مزاحمتي جنگيون بار بار وڙهيون وينديون آهن. ڪنهن هڪ آبادي کي نيڪالي ڏيڻ کان پوءِ وري ٻي آبادي يلغار ڪندي آهي ان ڪري قوميتن کي بار بار دفاعي جنگيون ۽ مزاحمتون وڙهڻيون پونديون آهن. انجي برعڪس، قومي تشڪيل کانپوءِ جڏهن قوم شعوري طور قومپرست رجحان کان متاثر ٿي قومي جنگ وڙهندي آهي ته اها قومي غلامي جي خلاف آخري جنگ هوندي آهي ڇو جو محڪوم قوم، جيڪا آزادي وٺي سگهي ٿي اها پنهنجي آزادي جو دفاع ڪرڻ جي به اهل هوندي آهي. تاريخ ۾ اها ڳالهه ثابت ٿيل آهي ته جن به قومن، قومي غلامي خلاف قومي آزادي جي جنگ وڙهي قومي آزادي ورتي آهي اهي قومون اڄ به آزاد آهن ۽ اهو تاريخ جو فيصلو آهي ۽ تاريخ جا فيصلا ڪڏهن به غلط نه ٿيندا آهن.
اسان مٿي بحث ڪري چڪا آهيون ته قومي تشڪيل کانپوءِ، قومپرست رجحان جو پيدا ٿيڻ اڻٽر ۽ لازمي آهي. اهو رجحان پيدا ٿيڻ کانپوءِ، ان وقت تائين قائم رهندو آهي جيسيتائين قومي تضاد حل نٿو ٿئي ۽ ان جو چٽو، واضع حل، مڪمل قومي آزادي کانسواءِ ٻيو ڪو به نه آهي. اسان جيڪڏهن لفظن جي قلابازين ۾ نه پئون ته تاريخي طور اهو تضاد قومي غلامي جي خاتمي ۽ قومي آزادي کانسواءِ حل ٿيو ئي نه آهي.
قومي آزادي جي سياست يا فلسفي جي اندر تاريخي طرح، صرف هڪ ئي وصف آهي ته “اهي عنصر جيڪي قوم جي تشڪيل ڪن ٿا جيسيتائين اهي سڀ عنصر آزاد نٿا ٿين تيسيتائين قومي آزادي مڪمل نٿي ٿئي”. مڪمل قومي آزادي ان وقت ئي حاصل ٿئي ٿي جڏهن قوم جا پيداواري وسيلا يعني اقتصادي مفاد آجا هجن.
قوم جو ڪلچر، ڪنهن ڌاريي اثر ۽ غلبي کان آجو هجي ۽ قوم پنهنجي ڪلچر جي تشڪيل پاڻ ڪري. غلام قومن ۾ قومي ڪلچر جي ارتقا رڪجي ويندي آهي ڇو ته قومي غلامي جي اندر، قوم جي تخليقي صلاحيتن کي اسرڻ جو موقعو نه ملندو آهي آزاد قومون پنهنجي تخليقي صلاحيتن جو استعمال ڪري بهترين ايجادات جي وسيلي دنيا جي اندر پنهنجو عزت ۽ وقار قائم ڪري سگھن ٿيون انجي ڪري هڪ قوم جو مڪمل طرح ثقافتي طرح آزاد هجڻ انتهائي لازمي آهي تاڪه اها قوم پنهنجي تخليقي صلاحيتن کي ڀرپور طرح استعمال ڪري سگھي ۽ پنهنجي ڪلچر جي ارتقا ڪري سگھي.
قوم جو ٽيون عنصر قومي ٻولي هر لحاظ کان آزاد هجڻ کپي. جيئن ته ٻولي قومي منڊي جي تشڪيل ۾ اهم ۽ بنيادي ڪردار ادا ڪندي آهي ان ڪري ان ٻولي مٿان ڪنهن به قسم جو ڌاريو غلبو قومي تشڪيل ۽ تڪميل ۾ رڪاوٽون پيدا ڪري سگھي ٿو. ٻولي نه صرف منڊي ۾ ڪردار ادا ڪري ٿي پر ٻولي، ادب، صحافت ۽ تعليمي نقطه نگاهه کان قوم جي روحاني ارتقا ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندي آهي انڪري قومي غلامي جي خاتمي لاءِ اهو لازمي آهي ته قومي ٻولي کي اسرڻ جا ڀرپور موقعا ميسر هجن ۽ اها هر قسم جي ڌاري غلبي ۽ اثر کان آزاد هجي.
ڪنهن به قوم جي مڪمل آزادي ان وقت ئي مڪمل ٿيندي آهي جڏهن اها قوم جاگرافيائي طرح مڪمل آزاد هجي ۽ ان جي پنهنجي الڳ جاگرافيائي شناخت هجي ٻين لفظن ۾ ائين چئون ”عليحده ۽ آزاد رياست جي قيام سان ئي قومي آزادي مڪمل ٿئي ٿي“.
تاريخي روايتون ڪنهن قوم جي ڳانڍاپي جو بنيادي جز هونديون آهن ڇو ته قوم، تاريخ جي هڪ ڊگهي ارتقا جي پيداوار هوندي آهي ۽ تاريخي روايتون ئي ڪنهن به قوم کي ڳنڍڻ ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن تاريخي روايتن مان مراد، صرف ماضي جي حڪمرانن جا قصا ناهن، بلڪه تاريخي روايتن مان مراد، قوم جا اهي هيروز آهن جيڪي تاريخ جي ڊگهي عرصي ۾ جڙندا ايندا آهن. جڏهن ڪنهن به آبادي جا تاريخي هيروز هڪ ٿي وڃن تڏهن اها قوم مڪمل ٿيندي آهي انهن تاريخي هيروز ۾ اهي بهادر جرنيل به هوندا آهن جن وطن جي دفاع لاءِ شهادت ماڻي هجي ۽ اهي اديب ۽ شاعر به هوندا آهن، جن سان اها قوم محبت ڪندي آهي ۽ جن تي فخر ڪندي آهي. جيڪڏهن ڪنهن به آبادي جا تاريخي هيروز هڪجهڙا نه آهن ته اها ڪڏهن به هڪ قوم ٿي نٿي سگھي، ان ڪري مڪمل قومي آزادي لاءِ قوم جا پنج ئي عنصر هر ڌاريي اثر ۽ غلبي کان آزاد هجڻ گهرجن.