هي جي لکان گيت : اياز گل
لکڻ ۽ اهو به ٻارن لاءِ لکڻ، سچ پڇو ته سولو ڪم ناهي، اهڙو ئي ڏکيو ڪم آهي، جهڙو ڪنهن ضدي ٻار کي ضد تان لاهڻ، يا رُسي ويل ٻار کي پرچائڻ، يا اڃا به استاد جي مار جي خوف کان ڏڪندڙ ٻار کي، اسڪول وٺي وڃڻ جو ڪم، مان پوءِ به اهو سڀ ڪجهه ڪريان ٿو... رڳو ان ڪري جو ٻارن سان پيار ٿو ڪريان ۽ جي مان به اهو ڪم نه ڪندس ته ٻيو ڪير ڪندو...؟ ٻارن لاءِ جيڪي به لکن ٿا سي پڪ
مان، انهن سان پيار ٿا ڪن.... بي حد پيار. ۽ جيڪي ٻارن لاءِ نٿا لکن، لنوائن ٿا، ٻارن لاءِ لکڻ ۾ پنهنجي گهٽتائي ٿا سمجهن... انهن لاءِ ڇا چئجي...؟ ادب جي وڏن وڏن ليکڪن ٻارن لاءِ لکيو آهي، انهن اها گهٽتائي محسوس ڇو نه ڪئي...؟ حيرت ڪرڻ گهرجي!!
جڏهن کان لکڻ شروع ڪيو اٿم تڏهن ئي ٻارن لاءِ به لکندو ٿو اچان... اڳ ۾ گهڻو لکندو هوس، هاڻي ٿورو، پوءِ به ٻارن سان ناتو ٽوڙيو نه اٿم، مڙيئي راند رچيل آهي هن مجموعي جا ڪجهه شعر گهڻو اڳ ٻارن جي دلپسند رسالي ”گلن جهڙا ٻارڙا“ ۾ منهنجي شعرن جي ڪالم ”هي جي لکان گيت“ ۾ ڇپيل آهن. ڪجهه ”گل ڦل“ ۽ ٻين رسالن ۾، ۽ ڪجهه بلڪل ئي نوان آهن، خاص طور تي هن مجموعي لاءِ لکيل، پراڻن ڇپيل شعرن جو گهڻو تعداد مجموعي ۾ نه آندو اٿم، جو انهن مان گهڻين ڳالهين ڪري مطمئن نه هيس، مقصد اهو ڪونهي ته ڪو هنن شعرن مان مطمئن آهيان... قطعي مطمئن ڪونهيان، مان سمجهان ٿو ته ڪنهن فنڪار کي پنهنجي فن مان مطمئن ٿيڻ به نه کپي، تڏهن ئي هو سٺو ۽ صحت مند تخليق ڪري سگهي ٿو، مطمئن ٿيڻ هڪ طرح مري وڃڻ جو نالو آهي.
ها، ڪوشش، ڪندس ته اڳنا، هن کان گهڻا سٺا دلچسپ ۽ وڻندڙ شعر ٻارن کي ڏئي سگهان.
ٻارن کي سندن ئي گيتن جي هيءَ ننڍڙي نماڻي سوکڙي ڏيندي، ايتري ئي خوشي محسوس ڪيان ٿو، جيتري ننڍپڻ ۾ پهريون درجو پاس ڪرڻ جي خبر ٻڌي محسوس ڪئي هئم، يا جيتري خوشي پهريون ڀيرو پنهنجو شعر ڇپجڻ تي ٿي هئم، هونئن به هڪ شاعر لاءِ ان کان وڏي خوشي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته سندس ڪتاب ڇپجي ۽ پڙهيو وڃي ۽ پڙهڻ وارا اهي هجن، جن لاءِ هن لکيو هجي، ننڍڙن، ادڙن، سٻاجهڙن ٻارن (گل ۽ تارن) جي هي ڪتاب پڙهيو، ڪجهه پرايو ۽ مزو ماڻيو ته مون لکَ لڌا، منهنجو سڄو پورهيو سجايو ٿيو.
ٿورا:
ٿورائتو آهيان سائين ولي را م ولڀ جو، جنهن ڪتاب جو مهاڳ لکيو ۽ پنهنجن پيارن دوستن تاج جويي، نصير مرزا، مختيار ملڪ، جيئرام ڏيوناڻي ۽ نثار حسيني جو جن مختلف مرحلن ۾ (ڪتاب بابت) منهنجي مدد ڪئي.
لک لائق، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مرڪز جا جنهن ٻارن جو عالمي سال ملهائيندي هي ڪتاب وڏي تعداد ۾ خريد ڪيو ۽ نه وسارڻ جهڙيون مهربانيون، پيارن قيس عالم ابڙي ۽ خدابخش ابڙي جون، جن ڪتاب جي سينگارڻ ۽ سنوارڻ لاءِ ايتروئي ڪم ڪيو آهي، جيترو مون ڪيو آهي.
اوهانجو ئي...
[b]اياز گل
[/b]ڀٽا روڊ سکر سنڌ.