تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ سورن ۾ ون يونٽ کان به وڌيڪ

ڪتاب ”سنڌ سورن ۾ ون يونٽ کان به وڌيڪ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ سائين رسول بخش انڙ صاحب آهي. هي ڪتاب 1990ع ۾ ڇپيو.
رسول بخش انڙ لکي ٿو:
”منھنجي خيال ۾ سنڌ جي ماڻھن لاءِ اقتصادي ۽ انتظامي محروميون 73ع جي آئين تمام گھڻيون وڌايون آھن ۽ عوام اڳيان نعري بازي جي مقابلي ۾ اڇي تي ڪارو لکي روشن مستقبل جي راھ نروار ڪرڻ ضروري آھي ۽ ھن ڪتاب لکڻ جو سبب اھوئي آھي. منھنجي عام گذارش آھي، سنڌ جي سڄڻن کي ته ھن ڪتابڙي کي غور سان پڙھي جوابي قلم کڻن ۽ موقعي آھر جڏھن به چاھين ڪنھن به ڪاليج يا يونيورسٽي جي آڊيٽوريم ۾ مناظري لاءِ مون کي حڪم ڪيو وڃي، پيرين اگھاڙو پھچندس. “
Title Cover of book سنڌ سورن ۾ ون يونٽ کان به وڌيڪ

حق ۽ واسطا

ڇپائيندڙ: ھوشو برادرس، گاڏي کاتو حيدرآباد
قيمت: 7 روپيه
تعداد: ھڪ ھزار
مھينو: آڪٽوبر 1990ع
ڇپيندڙ: سردار پريس، گاڏي کاتو حيدرآباد

ڊجيٽل ايڊيشن : سنڌ سلامت ڪتاب گهر
ڪمپوزنگ: شاھنواز سومرو
2017