تاريخ، فلسفو ۽ سياست

سنڌ سورن ۾ ون يونٽ کان به وڌيڪ

ڪتاب ”سنڌ سورن ۾ ون يونٽ کان به وڌيڪ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ سائين رسول بخش انڙ صاحب آهي. هي ڪتاب 1990ع ۾ ڇپيو.
رسول بخش انڙ لکي ٿو:
”منھنجي خيال ۾ سنڌ جي ماڻھن لاءِ اقتصادي ۽ انتظامي محروميون 73ع جي آئين تمام گھڻيون وڌايون آھن ۽ عوام اڳيان نعري بازي جي مقابلي ۾ اڇي تي ڪارو لکي روشن مستقبل جي راھ نروار ڪرڻ ضروري آھي ۽ ھن ڪتاب لکڻ جو سبب اھوئي آھي. منھنجي عام گذارش آھي، سنڌ جي سڄڻن کي ته ھن ڪتابڙي کي غور سان پڙھي جوابي قلم کڻن ۽ موقعي آھر جڏھن به چاھين ڪنھن به ڪاليج يا يونيورسٽي جي آڊيٽوريم ۾ مناظري لاءِ مون کي حڪم ڪيو وڃي، پيرين اگھاڙو پھچندس. “
Title Cover of book سنڌ سورن ۾ ون يونٽ کان به وڌيڪ

سنڌي ٻولي بِل ۽ آرڊيننس

سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد، صورت خطي دفتر ۽ ڪاروبار ۾ استعمال ٿيڻ ۽ ان جو ڪارائتو ھجڻ تي بحث ٿيا ۽ ٿيندا رھندا. ڪن دوستن کي اھو وھم آھي ته سنڌي ٻوليءَ کي ڪتابي صورت ۾ انگريزن آندو، جو سراسر غلط آھي. سنڌي ٻولي ۽ ان جي لپي جي قدامت جي اھڃاڻن لاءِ اسان وٽ محققن ۽ سياحن جا احوال موجود آھن جي ثابت ڪن ٿا ته ديبل، منصوره ۽ ملتان ۾ (مسلمانن جي شروعاتي دور ۾) عربي ۽ سنڌي ٻوليون ڳالھايون وينديون ھيون. سن 270ھ/ 883ع ۾ يعني اڄ کان 1110 سال اڳ قرآن پاڪ جو سنڌي ٻوليءَ ۾ پھريون ترجمو به ڪيو ويو (پير راشدي) ان مان ثابت آھي ته عربن جي دور ۾ سنڌي نه فقط ڳالھائي ويندي ھئي پر لکي به ويندي ھئي. عرب سياحن جي احوالن ۽ تازين کوجنائن سان ثابت ٿيو آھي ته عرب حڪومت جي شروعات کان اڳ سنڌي زبان عام ماڻھن جي روزمرھ توڙي تجارت توڙي واپار جي استعمال واري ٻولي ھئي ۽ سنڌي، عام ماڻھن، واپارين ۽ عالمن وٽ مقبول ھئي. جاحظ (864ع) لکي ٿو ته سنڌ جي ماڻھن کي اسان نجوم ۽ حسابن ۾ گھڻو اڳتي ڏٺو. انھن جو ھڪ خاص سنڌي رسم الخط آھي. ابن موقل ۽ اسطخري (951ع) لکي ٿو ته ”منصوره، ملتان ۽ ان جي آس پاس جي ماڻھن جي ٻولي سنڌي ۽ عربي ھئي.“ مسعودي (957ع) لکي ٿو ته ”سنڌ جي زبان ھندوستان کان مختلف آھي. سنڌ اسلامي ملڪن سان قريب تر آھي.“ بشاري مقدسي لکي ٿو ته ”ديبل ھڪ سامونڊي شھر آھي. ھن سان ھڪ سؤ ڳوٺ مليل آھن. ھتي جا باشندا واپاري آھن. سنڌي ۽ عربي زبانون ڳالھائين ٿا.“ ابن نديم (995ع) لکي ٿو ته ”سنڌ جي ماڻھن جو زبانون ۽ مذھب باھم مختلف آھن ۽ رسم الخط متعدد آھن. ھنن جا تقريباً ٻه سؤ رسم الخط آھن. سنڌ جي ماڻھن وٽ 9 رسم الخط رائج آھن.“ البيروني لکيو آھي ”اسلام جي آمد وقت سنڌي ٻولي نه فقط ڳالھائي ويندي ھئي، پر اھا ڌار ڌار رسم الخط ۾ لکي به ويندي ھئي.“
ڀنڀور جي دڙي جي تازي کوٽائي مان لڌل ٺڪرين تي لکيل حرف، اٺين صدي جي ”آڳاٽي ناگري“ نموني جا آھن ۽ سنڌي ٻولي متعلق عرب سياحن جي حق گوئي ۽ راست بازي جي ساک ڀري آھي. سنڌي ٻولي ھڪ کان وڌيڪ ديسي رسم الخط ۾ لکي ويندي ھئي. ھر قوم کي پنھنجو رسم الخط ھوندو ھو. سنڌي لھاڻا پنھنجي نموني لکن ٿا ته ڀاٽيا پنھنجي رسم الخط ۾ لکن. اھڙي طرح ٺٽائي ڀاٽين ۽ سيوھاڻي ڀاٽين جو رسم الخط الڳ ھو. پڻ راجائي، ونگائي، مالواڙي ۽ سئندو به رسم الخطن جا نالا ھئا. عرب سياحن جي احوالن مان صاف ظاھر آھي ته سنڌي ٻولي واپاري ڏي- وٺ ۽ عام استعمال واري ٻولي ھئي ۽ ان وقت به شاھوڪار، معياري ۽ وسيع ٻولي ھئي. ان ۾ نجوم، ھيئت، طب ۽ ٻين علمن توڙي واپار، تجارت، روزانو استعمال جي شين، مختلف قسمن جي ڪپڙن، دوائن وغيره لاءِ لغتي خزانو ھيو. مطلب ته اسلام جي آمد کان به اڳ ۾ سنڌي ٻولي جدا جدا لکتن ۾ لکي ويندي ھئي. (الانه)
مذڪوره سنڌي لکتن کان سواءِ خواجڪي سنڌي صورت خطيءَ جو حوالو ڪئپٽن اسٽيڪ به ڏنو آھي. لوھاڻڪي خط ۾ واڌارو آڻي سنڌ ۽ ڪڇ جا نوان مسلمان (اسماعيلي) سومرا دور ۾ عام طور استعمال ڪرڻ لڳا. ان ۾ پير صدرالدين سائين جن ماترائون شامل ڪري ۽ ان سان گڏ ٻيا سڌارا ۽ واڌارا آڻي، ان تي خواجڪي سنڌي يا چاليھ اکري نالو رکيائون. مذھب جي اثر ڪري عربي- سنڌي حرفن استعمال ڪرڻ جو واھپو وڌڻ لڳو. ڊاڪٽر دائود پوٽي جي خيال موجب عربي- سنڌي لکڻي جو قديم نمونو شاھ ڪريم بلڙي جي ڪلام ۾ ملي ٿو. پر ان رسم الخط جو حقيقي ۽ پختو پايو وجھندڙ مخدوم ابوالحسن ھو، جو ڪلھوڙن واري دور جي وڏن عالمن مان ھيو. ھن ضروري سمجھيو ته نو مسلم ماڻھن لاءِ اسلامي اصول سندن مادري زبان ۾ لکيا وڃن. تنھنڪري ھن اول صورت خطي ٺاھي، جا نه فقط ٺٽي ۾، پر سنڌ جي ٻين حصن ۾ به تحرير جو وسيلو بڻي ۽ 1853ع تائين ھيءُ ئي خط ڪم ايندو رھيو. پر سنڌيءَ کي ٻيا ديسي رسم الخط جا نمونا به ھئا. حالانڪ پارسي، ادبي ۽ سرڪاري زبان ھئي پر سنڌي سڀني جي روزمره جي زبان ھئي. امير خواھ غريب سنڌي ڳالھائيندا ھئا. ھندو ۽ مسلمان واپاري پنھنجو سمورو ڪاروبار سنڌيءَ ۾ ھلائيندا ھئا. ھندو ديوناگري نموني تي ٺاھيل ھندو- سنڌي صورت خطي ڪم آڻيندا ھئا. اسٽيڪ جي بيان موجب، سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تحريري صورت لاءِ ڪيترائي خط ڪم اچن ٿا ۽ سنسڪرت وانگر کاٻي ساڄي لکيا وڃن ٿا. ان مان ثابت آھي ته انگريزن جي دور کان اڳ ۾ به سنڌي ٻولي لکي ۽ پڙھي ويندي ھئي، پر لکتون مختلف ھيون. (الانا)
1843ع ۾ انگريزن سنڌ جي حڪومت تي قبضو ڪيو. 1845ع ۾ بمبئيءَ جي بورڊ آف ايڊيوڪيشن سنڌ ۾ تعليمي ايجنسي ٺاھڻ جو سوال ھٿ ۾ کنيو. پڻ سنڌيءَ کي صوبي جي سرڪاري زبان بڻائڻ جو مطالبو ٿيو. ان تحريڪ نيٺ وڃي مادري ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيڻ جو سوال پيدا ڪيو. 1848ع ۾ بمبئي صوبي جي گورنر سر جارج ڪلارڪ ھڪ حڪم نامو ڪڍي سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي دفتري ٻولي بڻايو.
حڪمنامي ۾ ھيٺينءَ ريت لکيل آھي-
”اسان کي سرڪاري لکپڙھ لاءِ ملڪي ٻولي يعني سنڌي رائج ڪرڻ گھرجي. مان نٿو سمجھي سگھان ته ڪھڙي نموني اسان جا روينيو ۽ عدالتي آفيسر ڪاميابيءَ سان ڌاري ٻولي جھڙوڪ فارسي يا انگريزيءَ ۾ لکپڙھ ھلائي سگھندا. تنھنڪري 18 مھينن جو مُدو اھڙن ملازمن کي ڏنو وڃي جنھن ۾ ھو سڀ سنڌي ٻولي جو امتحان پاس ڪن. گرامر ۽ لغت ڇپرائڻ جو ڪم به تُرت ڪيو وڃي.“
1851ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر ھڪ اطلاع نامو ڪڍي سرڪاري عملدارن کي ھدايت ڪئي ته ھو سڀ سنڌيءَ ۾ امتحان پاس ڪن ۽ ان ۾ ڄاڻايل ھو ته:
”(الف) آئيندي سڀ سرڪاري لکپڙھ سنڌيءَ ۾ ھلي.
(ب) يورپي ۽ ٻيا پرڏيھي آفيسر سنڌيءَ ۾ امتحان پاس ڪن.
(ث) سنڌي اسڪول کُلن.
پر سنڌي ٻوليءَ کي ڪا ھڪ مقرر صورت خطي ڪانه ھئي. ان ڪري مسٽر ايلس جي صدارت ۾ ھڪ ڪميٽي مقرر ٿي. ڪميٽيءَ جي ميمبرن جا رايا مختلف ھئا. ڪن جو رايو ھو ته ديوناگري خط مقرر ڪيو وڃي. اختلاف جي ڪري 1853ع تائين ھڪ به ڪتاب ڇپجي نه سگھيو. ۽ آخر ۾ سنڌي زبان لاءِ عربي- سنڌي صورت خطي مقرر ٿي ۽ آخر ۾ سر بارٽل فريئر جي سفارش تي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ فيصلو ڪيو ته سنڌي لکڻ لاءِ عربي- سنڌي رسم الخط اختيار ڪيو وڃي.
سنڌي ٻولي کي سنڌ ۾ دفتري زبان بڻائڻ لاءِ سنڌ جي ڪمشنر 25 مارچ 1857ع تي سنڌ جي ڪليڪٽرن ڏانھن حڪم نامو موڪليو ته سنڌي ٻولي روينيو ۽ عدالتن ۾ عام استعمال ڪئي وڃي. نتيجي طور سنڌ جي ڪليڪٽرن (ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور) ۽ سياسي ناظم اپر سنڌ، ڪمشنر سنڌ کي 12 ڊسمبر 1857ع تائين اطلاع ڪيو ته سنڌي مڪمل طور عدالتي ۽ روينيو دفتر جي ٻولي ٿي چڪي آھي ۽ ڪمشنر 28 ڊسمبر 1858ع تي بمبئي سرڪار کي اطلاع موڪليو ته سنڌ صوبي ۾ سنڌيءَ کي دفتري ۽ حساب ڪتاب جي ٻولي بڻايو ويو آھي. (الانا)
اھو سلسلو 13 آگسٽ 1947ع تائين ھلندو آيو ۽ پڻ پاڪستان ۾ ھن بل پاس ٿيڻ واري ڏينھن به سنڌيءَ جي ساڳي حيثيت ھئي.
1935ع جي ائڪٽ موجب انگريزي گڏيل ھندوستان جي دفتري ٻولي آھي ۽ 1947ع جي آزاديءَ واري ائڪٽ ھيٺ ٻوليءَ بابت نئون فتنو پيدا ڪيل ڪونه ٿو ڏسجي. ان مان ظاھر آھي ته انگريزيءَ کي سرڪاري ٻولي بڻايو ويو. 1956ع جي دستور موجب آرٽيڪل 214 تحت اڙدو ۽ بنگالي کي مرڪزي سرڪار جون سرڪاري ٻوليون (يعني انگريزي جي جاءِ تي) بڻايو ويو. پر 1962ع جي آمريت واري دستور ۾ اڙدو ۽ بنگالي قومي ٻوليون ٺھرايون ويون. جيئن ايوب خان ملڪ جي نوڪر مان ترقي وٺي ڏنڊي جي زور تي صدارت جي ڪرسي والاري تيئن اڙدو کي به ترقي ڏيئي قومي ٻولي بڻايو ويو. ايوب صاحب ڪامورن جي قوم جو چڱو مڙس ھو. اڙدوءَ 25 سال ڪامورن کي وندرايو آھي. وري عارضي آئين وارن به قومي ۽ سرڪاري ٻوليءَ ۾ فرق ڪڍڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي. ٻئي طرف کان جيڪڏھن 1947ع، 1956ع، توڙي 1962ع واري دستور ۾ سنڌيءَ بابت ڪجھ به لکيل نه آھي پر انھيءَ حالت ۾ سنڌيءَ جي حيثيت ۽ مرتبي تي ڪوبه اثر ڪونه پيو ڇاڪاڻ ته سنڌي، سنڌ اندر عدالتي ۽ دفتري ٻولي ھئي، ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو فيصلو قائم ھو. اھو به چيو ٿو وڃي ته 1954ع واري دستوري خاڪي ۾ سنڌيءَ جي حيثيت چِٽيءَ طرح مڃي وئي ھئي پر غلام محمد گورنر جنرل کي سنڌ جي زمين ھڙپ ڪرڻ جي لڳي ۽ اُھو ٺاھيل دستور پان واري جي دڪان تي طور جي حساب سان وڪڻي ڇڏيائين. پوءِ جا ڪتاب ته صرف ون يونٽ جي ٻولي ڳالھائڻ لڳا. عارضي دستور 1972ع جنھن جي عمر وڌ ۾ وڌ ھڪ سال رکي ويئي آھي. آرٽيڪل 267 ڀاڱي ٻه ۾ صوبائي ٻوليءَ جو ذڪر ڪيل آھي. قومي ٻوليءَ جو ذڪر ڪيل آھي. پاڪستان ۾ مقيم چار قومون سنڌي، پنجابي، بلوچ ۽ پٺاڻ آھن. پر تعجب جي ڳالھ اھا آھي ته قومي ٻولي اردوءَ کي ڪيو ويو آھي. اڙدو ٻوليءَ کي قومي ٻولي بڻائڻ تي شھزاده سيدنا آغا خان حضرت سلطان محمد شاھ لکن مسلمانن جي روحاني رھبر ۽ تاريخ ساز شخصيت پنھنجن زرين خيالن کان اسان کي آگاھ ڪيو آھي. پاڻ حضرت قائد اعظم محمد علي جناح جا به روحاني مرشد ھيا.
معتمر عالم اسلامي جي گڏجاڻي تاريخ 9 فيبروري 1951ع تي ڪيل تقرير مان ٽُڪرو ھيٺ ڏجي ٿو:
”قومي زبان بڻائڻ لاءِ توھان جو اڙدو وارو خيال توھان کي ڏاکڻي پاڙيسري ملڪ سان ڪنھن به طرح نه ڳنڍيندو. اوھان ڀلي عربي فارسي اکر اڙدو ۾ ملايو ۽ پر اڙدو جي اصل ترڪيب، نمونو ۽ پاڙون ھنديءَ مان نڪتل آھن. ڇا اڙدو، ھندوستان ۾ مسلمانن جي اوج وارن ڏينھن ۾ مسلمانن جي زبان ھئي؟ مغلن جي شھنشاھيت ۾ ھيءَ ٻولي تعليم يافته ماڻھو ڪونه ڳالھائيندا ھئا. منھنجي ھر ڪنھن کي دعوت آھي ته ڪو مون کي شھنشاھ اورنگزيب، شاھجھان، جھانگير، اڪبر، ھمايون يا بابر جو اڙدوءَ ۾ لکيل خط يا تحرير جو ڪو نمونو پيش ڪري سگھي. مان اورنگزيب جون ڪيتريون لکتون پڙھيون آھن، اھي فارسيءَ ۾ لکيل آھن. تاج محل کي ڏسو، شھنشاھ ۽ راڻي جي مقبري تي ڇا لکيل آھي ۽ ڪھڙي ٻولي لکيل آھي. اسان کي اکيون کولي تاريخي حقيقتون ڏسڻ کپن. اڙدو ھندوستان جي مسلمانن جي ٻولي ان وقت ٿي جڏھن انھن جو زوال آيو. ھيءَ زبان زوال جي زبان آھي. ھن جا وڏا شاعر زوال جي دور جي پيدائش آھن. اڙدوءَ جا عظيم ليکڪ شڪست ۽ ڏتڙيل دور جي پيدائش آھن.“
ٻولين جي حيثيت تي اھڙو غلط فيصلو ڪنھن به ملڪ ۾ ڪونه ڪيل آھي. پر ھتي ته اڙدو بحيثيت قومي زبان جي، نظريه پاڪستان ۾ ايمان جو جزو بڻائي ويٺي آھي. اھو قومن جي حَقن جو بدترين مثال آھي. 1962ع واري دستور ۽ اڙدو صوبن مٿان مڙھيل نه آھي پر عارضي دستور ۾ جيڪو صرف ھڪ سال لاءِ آھي، ان ۾ اڙدو صوبن جي ڳچيءَ ۾ وڌي ويئي آھي. شايد سنڌي ميمبرن کان اھا نظر چوڪ ٿي ويئي ھئي ۽ ھاڻي پڪي دستور ٺاھڻ وقت اکيون کوليندا.
سنڌي ٻوليءَ وارو بل صوبائي سطح جو قانون ھو. اھو دستور جي فقرن موجب پاس ٿيو. ان تي ايترا سارا ھنگاما ٿيا. انھيءَ لاءِ نه ته سنڌي صوبائي ٻولي نه ٿئي پر اھو ان لاءِ ته سنڌيءَ جي دفتري ۽ عدالتي ٻوليءَ واري حيثيت کي نقصان پھچايو وڃي. ڪن دوستن جو خيال آھي ته سنڌي ٻوليءَ کي قانوني حيثيت ڪانه ھئي. اسين اھڙن دوستن کي با ادب اختلاف ٿا رکون. 1858ع تائين گڏيل ھندوستان جو نظام ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ھيٺ ھيو. ڪمپنيءَ جي ڊئريڪٽرن جو 1853ع ۾ يڪراءِ فيصلو سنڌ صوبي جي دفتري ۽ عدالتي ٻولي بڻائڻ جي حَق ۾ آھي. ان تي عمل ٿيو ۽ بل پاس ٿيڻ تائين به عمل ٿيندو رھيو. عدالتي ٻولي ملڪ جي ٻين سڀني ٻولين کان اتم آھي. اڙدو ڪٿي به سنڌ اندر عدالتي ٻولي ڪانه ھئي ۽ ان جي برعڪس سنڌ سول ڪورٽس رولس 1954ع جي قاعدي 33 ڀاڱي 4 کي پڙھڻ سان معلوم ٿيندو ته سنڌ چيف ڪورٽ به سنڌيءَ کي عدالتي ٻوليءَ جي حيثيت سان قبول ڪيو آھي. (پڙھو فقرو 33 ڀاڱو 4) ”ھر ھڪ دعويٰ جيڪا ضلع يا ماتحت عدالت ۾ داخل ڪئي وڃي ۽ ان جي رقم 5 ھزار يا ان کان مٿي آھي ته انگريزي يا سنڌيءَ ۾ لکي ويندي ۽ سنڌيءَ جي حالت ۾ انگريزي نقل شامل ڪيو ويندو.“
قاعدي نمبر 82 ۾ آھي ته ڪاروائي عدالتي ٻولي سنڌي ۾ ھلائي ويندي يا جيڪڏھن قانون اجازت ڏئي ته انگريزيءَ ۾. قائدو نمبر 95 نوٽيس ۽ سمن بابت آھي ۽ ان ۾ عدالتي ٻولي (سنڌي) ڏيکاريل آھي.
ھنن فقرن تي عمل ٿيندو رھيو آھي ۽ ٿئي ٿو. ان کان علاوه سول سروس ڪلاسيفڪيشن قاعدا 1952ع جي قاعدي نمبر 11 موجب ھر غير سنڌي ملازم کي ملازمت ۾ گھڙڻ کان ھڪدم بعد ٻن سالن اندر سنڌي ٻوليءَ جو امتحان پاس ڪرڻو ھو. قائدو 101 جنھن ۾ چيل آھي ”سڀ گزيٽيڊ ۽ نان گزيٽيڊ آفيسر نوڪري حاصل ڪرڻ کان پوءِ ٻن سالن اندر سروس ڪميشن جي نگرانيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو امتحان پاس ڪندا. مقرر ڪيل مدت ۾ امتحان پاس نه ڪرڻ جي حالت ۾ ھن جي نوڪري ختم ڪئي ويندي. پر خاص حالتن ۾ سنڌ سرڪار اھا مدت وڌائي سگھي ٿي پر وڌايل مدت دوران اھو ملازم نه اضافي جو حقدار رھندو ۽ نه ترقي وٺي سگھندو.“
ايترو سارو قانون موجود ھجڻ جي باوجود ھڪ بل پاس ٿيو. شايد عارضي بل پاس ڪيو ويو، جنھن ۾ سنڌيءَ سان جيڪا دفتري ۽ عدالتي زبان آھي، اڙدوءَ کي به جاءِ ڏني ويئي. ھڪ ته بل به ايسٽ انڊيا ڪمپني جي يڪراءِ فيصلي جي خلاف آھي. ان وقت ڪمپني کي انگلينڊ جي پارليامينٽ جا اختيارات ھئا، ٻيو ته اھڙي بل پاس ڪرڻ جي ضرورت ڪانه ھئي. تنھنڪري اھو صاف ٿي چڪو ته سنڌي عدالتي ٻولي ھئي ۽ آھي پر اردو عدالتي ٻولي ڪانه ھئي. ھاڻي شايد عدالت ۾ حجت سان ڳالھائي سگھجي.
وئي سون ڪاڻ، پر ڪَن ڪپائي آئي.
آرڊيننس ذريعي سنڌي سِکڻ کان اڙدودانن کي 12 سالن جي مھلت ڏني ويئي آھي. اھا مھلت اڄوڪي دور ۾ جڏھن اخبارون، ريڊيا، ٽيليويزن، اشتھار، فلم، ۽ ٻيا آڊيو- ويزل ايڊ (ڏسڻ ۽ سِکڻ) جا انيڪ طريقا نڪري پيا آھن. اھا وڏي زيادتي آھي. ڪھڙي به نموني سان کوڙو ھڻو پر حساب منجھي ٿو پوي. انگريزن نئين رسم الخط سِکڻ لاءِ 1851ع ۾ ملازمن کي 18 مھينا ڏنا. اڙدو وارا سنڌ ۾ نوان آيا، پر ون يونٽ کان اڳ واري سنڌ سرڪار ھنن کي صرف ٻه سال ڏنا. پر پنجويھ سالن رھڻ کان پوءِ انھن کي 12 سال مھلت ڏني ويئي آھي ۽ انھن کي جيڪي ڄاوا به سنڌ ۾ آھن، ٿوري سوچڻ سان پنھنجي غلطيءَ جو احساس ٿيندو ۽ پڻ مطلب به معلوم ٿي ويندن.
سنڌ يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ ھئي. اتي انگريزي ۽ سنڌي جوابي ٻوليون ھيون. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ اڙدو به آئي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي جاءِ تي ڪراچي يونيورسٽي ٿي. 53- 1954ع ۾ جيتوڻيڪ سنڌيءَ ۾ جواب ڏيڻ وارن شاگردن جو تعداد 48 سيڪڙو ھو، تڏھن به ان وقت جي وائيس چانسلر سنڌيءَ ۾ جواب ڏيڻ ميٽرڪ کان مٿي وارن شاگردن لاءِ بند ڪري ڇڏيو ۽ سنڌي پڙھائڻ کي به گھٽائي ڇڏيو. سنڌي شاگردن احتجاج ڪيو، پُڪاريو، پر جناب ذوالفقار علي ڀٽي صدر پاڪستان کي خبر آھي ته انھن پڪارن ۽ احتجاجن مان وريو ڇا. سنڌي شاگردن جي اڳواڻ ۽ ان وقت بحيثيت ھڪ ”سنڌي قومپرست“ جي جناب ذوالفقار علي ڀٽي پاڻ اڳواڻي ڪئي. وري 1958ع ۾ مارشل لا آيو ۽ جنرل ٽڪا خان ڊائريڪٽر تعليم سنڌ کي زباني نياپو موڪليو ته سنڌ جي اسڪولن ۾ غير سنڌي شاگردن تان سنڌي سبق پڙھائڻ معاف ڪيا وڃن. وري آئي ايوبي تعليمي ڪميشن جنھن ۾ سنڌ يونيورسٽي جي حدن ۾ به سنڌي پنجين پرائمري کان مٿي اختياري بڻائي ڇڏيو. يعني ٻين لفظن ۾ ته ٽَپڙ ويڙھيو. غير سنڌي ملازمن تان سنڌي ٻوليءَ جا امتحان به معاف ڪيا ويا يا اختياري بڻايا ويا. اھي احڪام نه صرف ايوب ڪڍيا پر کانئس پوءِ يحيٰ ۽ ڀٽي به پوئواري ڪئي پر ساري ڪامورا شاھي اھڙن قانون تي کِڳيون ھڻندي رھي. ۽ پوءِ حالتون اھڙيون پيدا ڪيائون ته نوڪرين جا خواھان سنڌي شاگرد وڃي اڙدوءَ جي تعليم وٺن. ھٿ سان پنھنجي ٻارن کي سنڌي ٻوليءَ جي نعمتن کان پري رکي ھاڻي ٿا ھٿ ھڻن.
اخلاق جي تقاضا ۽ پڻ ضرورت به صرف ايتري آھي ته سنڌي سکڻ لاءِ فقط ھڪ سال ڏنو وڃي. تنھن جا 18 مھينا ھجن- پر ھنن 12 سال ورتا آھن. انھن ۾ ھنن جي وڏي مصلحت ٿي ڏسجي. ايندڙ ٻارنھن سالن اندر شايد اسان جي اڙدو دانن جو پروگرام اھو آھي ته پنجاب، سرحد ۽ ھندوستان مان ايترا غير سنڌي سمگل ڪري سگھندا جو سنڌين کان سياسي طاقت ۾ وڌي ويندا. ۽ سنڌ اسيمبليءَ جو بل رد ڪري نئون بل پاس ڪندا. عام حالتن ۾ اڙدو شاگرد مئٽرڪ تائين سنڌي پڙھڻ تي ڇھ سال لڳائيندو پر 12 سالن واري مھلت وري به شَڪ و گمان پيدا ٿي ڪري، ان کان علاوه اِھو 12 سالن جو مُدو غير مناسب ۽ غير واجبي آھي. مُدو ٻن سالن جو ھجي.
بِل ۽ آرڊيننس: بل اسان جي سنڌ اسيمبليءَ پاس ڪيو آھي، تنھن ڪري اسان عزت ۽ احترام سان بل جو نالو وٺون. پر جيڪڏھن وزيرِ تعليم ھڪ انتظامي مراسلو لکي اڙدو اسڪولن ۾ چوٿين ڪلاس کان سنڌي رائج ڪرائي ھا ته وڌيڪ سٺو ٿئي ھا. ٻئي طرف کان آرڊيننس اھڙو ته غلط لکيل آھي جو سنڌ ۾ سنڌين لاءِ صوبائي معاملن ۾ به اڙدوءَ جي ڄاڻ اڻ سڌي طرح لازمي ڪئي ويئي آھي. ھن تحفظ جي گھُر ته ڪنھن به سنڌيءَ ڪانه ڪئي ھئي. ٻيو ته آرڊيننس مان غلط مطلب ٿو نڪري. آرڊيننس جي ڪري سنڌ سول سروس ڪلاسيفڪيشن رولس 52 جو قائدو 11، چئن ڀاڱن سميت بيڪار ٿي ويو. ملازمتن لاءِ سنڌي ڄاڻ لازمي ھئي پر ھاڻي اڙدوءَ جي ڄاڻ اڻ سڌي طرح لازمي ڪئي ويئي آھي. سنڌيءَ جو امتحان ٻن سالن ۾ پاس ڪرڻ وارو ھاڻي 12 سالن ۾ پاس ڪيو ويندو. بل به اڙدوءَ جي حفاظت ٿو ڪري پر آرڊيننس کان پوءِ بل جي اھميت ڊائريڪٽر تعليم جي سرڪيولر جيتري رھي آھي. دراصل اسان جي اڙدو ڀائرن جون دانھون تڏھن ٺھن ھا جڏھن سنڌيءَ کي سنڌ جي ھر سطح تي سرڪاري زبان بڻايو وڃي ھا ۽ بل ۾ اڙدوءَ کي سنڌ اندر ختم ڪيو وڃي ھا. سنڌيءَ جي استعمال لاءِ بل جي فقري تحت قاعدا ٺھڻا ھئا. وڌيڪ اعتراض ان وقت ڪري سگھجي ھا. ھن آرڊيننس کان پوءِ شايد قاعدن ٺاھڻ جي گنجائش نه رھي آھي. بل ۾ سنڌي صوبائي ٻولي بڻائي ويئي آھي. پر آرڊيننس ۾ سنڌي اڙدو سرڪاري ٻوليون بڻايون ويون آھن. جناب ممتاز علي ڀٽي کي سندس واعدن جي روشنيءَ ۾ عرض ٿو ڪجي ته ھن آرڊيننس پاس ڪرڻ کان اڳ ۾، مٿي بيان ڪيل قانوني حجتن جو ملاحظو فرمائي ھا ۽ اسيمبلي ۾ آرڊيننس کي رد ڪرڻ جو ٺھراءُ پاس ڪرائي ھا.
۽ ھينئر سنڌي ٻوليءَ جو ڪيس 1973ع جي آئين تحت ختم ڪري سنڌي ماڻھن کي نعرا ۽ مرثيا ڳائڻ تي مجبور ڪيو ٿو وڃي. مرثيو ماضيءَ جي ڳالھ ڪندو. سنڌي ميمبر ڪل 37 آھن ۽ آئين ۾ ترميم ڪرڻ لاءِ 158 ميمبرن جو ساٿ گھرجي. سنڌي عوام ٻوليءَ جي لاءِ گڏيل پاڪستان ۾ به لڙندو رھيو. سنڌيءَ ۾ لسٽون لکو جو معرڪو 1969ع ۾ ٿيو جنھن ۾ ھزار کان وڌيڪ ماڻھو جيل ۾ ويا ۽ ان کان بعد جي حڪومت سڀ ليڪا لنگھي ون- يونٽ ۾ ٻوليءَ جي بچايل حيثيت به ختم ڪري ڇڏي. 1973ع جو آئين جوڙيندڙ ۽ اکيون ٻوٽي نعري بازي سان ان تي ناز ڪندڙن کان پڇڻ گھرجي. ھندوستان جي قومي ٻولين ۾ سنڌيءَ جو ذڪر به آھي. پر 1973ع جي متفقه آئين کان پوءِ ڪوٽڙي ميونسپالٽيءَ وارن جي به مرضي آھي ته دفتري لکپڙھ اڙدوءَ ۾ ڪن يا سنڌيءَ ۾.