ناول

رڃ ۽ پڙاڏا

ماڻڪ جي سڃاڻ هڪ منفرد ۽ الڳ ليکڪ واري آهي، جنهن لاءِ شوڪت شورو لکي ٿو ”ماڻڪ، بي رحم، قاتل ۽ ظالم ليکڪ، سنڌي ليکڪن جي ڊگهي قطار کان هٽيل، ڪٽيل ۽ الڳ. جنهن کي سنڌ ادب جا تارا ٺيڪيدار، ليکڪ مڃڻ لاءِ ئي تيار ناهن ۽ پڙهندڙ هن کي شوق سان پڙهڻ کانپوءَ گاريون ڏيندا آهن.“
هيءُ ناوليٽ پهرين ”ميسوڻي“ جي سري هيٺ 1961ع کان 1968ع ڌاري لکيو ويو. وري ٻيهر 1973ع کان 1975ع جي وچ ۾ ”رڃ ۽ پڙاڏا“ جي سري هيٺ لکيو ويو. 1992ع ۾ روشني پبليڪيشن پاران ”ٽي واليٽ“ جي سري هيٺ وري ڇپايو ويو.
  • 4.5/5.0
  • 2106
  • 1158
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ماڻڪ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book رڃ ۽ پڙاڏا

1

ڏھاڙيءَ وانگر آفيس مان نڪري:
نپوڙيل ذھن سان، ساڻي جسم سان گھليندي گھليندي گھر جي در تي پھچڻ تائين، احساس نيستا، وڃايل، اڻ ڄاڻ پنھنجو پاڻ کان.
ڪلف کولي اندر گھڙڻ سان: ڪلھه وانگر اڄ به، تپيل ھوا جي اوچتي جھوٽي وانگر خالي خالي گھر جي عجيب سانت، ٻسي زندگي، موت جھڙي ويرانيءَ جو احساس ڇپائيندڙ .
گھر، لڳندڙ: ڄڻڪ، زندگي، زندگيءَ جي چرپر ۽ تازگي ڪي گھڙيون اڳ موڪلائي ويل. مروٽيل روح ۾ رانڀوٽا ھڻندڙ ڀيانڪ سپني سان سانت.
ان کي سرءَ واري اداسي وڌيڪ چٽو ڪندڙ. چاپوڙا لٿل ڀتين تان مٽجندڙ اس جا تڙڪا، ان ٻاسائيءَ کي وڌيڪ ڀيانڪ بنائيندڙ.
جھوليءَ کٽ تي پاڻ سٽيندي، نپوڙيل ذھن ۽ نستن احساسن ڪارڻ ھيڻائيءَ جو ڳھر سنڌ سنڌ. جي سور مان ملندڙ، مٺڙو، ھلڪڙو سرور ڀريو مزو.
پاڻ تڳندڙ ويساھ سان ته : ٿڪ ڀڄندڙ!
مروٽيل احساس، ساڻا سنڌ، ڪا مھل، ڳپل تائين ائين ئي چڪنا چور، اڌ – مئا – پيل، ڳپيل جھوليءَ کٽ اندر، جيئن جو تيئن، ڪيتريءَ مھل تائين بي سرتو.

وڌندڙ اوندھ، سانت ۽ ويرانيءَ کي وڌيڪ ڀوائتو بنائيندڙ. اوچتو، ڊگھي، اونھي ساھ سان: مروٽيل حواسن اندر، زندگيءَ جي ويران ھجڻ ، ڪنھن زبردست کوٽ ھجڻ جي چيريندڙ وھڪ جي رواني.
ھيءَ حياتي به ناسن مان ڊگھو، اونھون کنيل ٻيو ساھ، جسم جي چرپر: ٻنھي ھٿن جون آڱريون ملائي ٺڪاءَ ۽ جسم کي سيٽي ٽڙڪاٽ.
ھن چرپر سان ڦٿڪندڙ، بولاٽيون کائيندڙ روح، ان ڀوائتي، سانت واري ويرانيءَ ۾.
ٻرندڙ تيلي جوشعلو، سگريٽ جو ڪش، ڪش مٿان ڪش ڦھلجندڙ دونھون.
عاشي. ڀريل، مٿي اڀريل ڳٽاءَ خماريل اکيون. سانورو رنگ، در کوليندي، : ”ادا، دير ڪيئي؟“ پريشاني ليئا پائيندڙ منھن منجھان،
ڪشن مٿان ڪش، ڦھلجندڙ دونھون، آڳر جي ڪنڊ ۾ اجڙيل چلھه، ڀرسان پيل ڪاٺيون. چلھه ۾ اڱر ۽ ڇار. پٺيري ويٺل عاشيءَ منجي تي. ٻرندڙ باھ چلھه ۾، تئي تي پچندڙ ماني. عاشي جو مٿي تان رئو سرڪي ويل، ڊگھي ڪاري، چوٽيءَ جو گل زمين کي ڇھندڙ.
پڇتاءَ: ڀانيان ٿو کيس ڀڳي ھي ٻيو مھينو اچي ٿيو آھي، اوچتو، سگريٽ جي ٻاڙ. ٻرندڙ تيلي جو شعلو. ڪش مٿان ڪش. ڦھلجندڙ دونھون.
زندگي جو ھي سفر به ڪيڏو ڀوائتو آھي!
“Your mother died reach immediate.”
ڏڪندڙ ھٿن ۾ تار پوري زور سان ڌڙڪندڙ دل. سمجھه ۾ ڪجھه نه ايندڙ. ڏڪندڙ ھٿ، ڦاڙيندڙ پنو، لکندڙ درخواست موڪل جي.
”ماءُ مرئي، اڃان ته ماءُ جيئري ٿئي. يڪو وڃي پرديس ۾ “ ڀاڪر ۽ چميون، دعائون گھنجيل منھن جي سسيل اکين ۾ ڳوڙھا، ڳوڙھا ٽمندڙ، ڊگھي نڪ جي چوٽي ڳاڙھي ٿيل. سنھڙا چپ دعائون ورجائيندڙ.
”عاشي ، ائي امان! ڀايڙي لاءِ پاڻي ڪوسو ڪونه ڪندين ءَ ته ھٿ منھن ڌوئي.“ اکر، اکر مان پاٻوھ ٽمندڙ.
”ھا امان، اجھو ٿي ڪيان.“
ويندڙ عاشي رڌڻي ڏانھن. ڊگھي چوٽي جو گل پولھه تي ، ھاڻ ٺينگ ڏيندڙ.
” س ابا، شل ڌڻي وڏي ڄمار ڏيئي“، اونھو ساھ، ساھ ۾ ڳتيل پيڙا جو پڙلاءُ، ”مرحيات پڻھين جي وڃڻ کان پوءِ جيڪو جيءَ ۾ ست ھيم، جان ھيم ، سا ابا؛ توھان جي لاءِ ٻچا، وسان ڪين گھٽايم. بس، ھاڻي ته اچي پڳي آھيان. تون به ھاڻ جوان آھين، پنھنجي پيرن تي بيٺل عاشي به اچي چڙھي آھي. الاءِ ڪيترو جيئان. ھاڻي ته ھيءَ جھوري اٿم ته، پنھنجو گھر وسائي ۽ نياڻي جو بار لاھي پوءِ وڃي قبر . . . .“
زالن جي روئڻ جو آواز.
اڱڻ جي وچ ۾ کٽ تي پيل، اڇي ڪپڙي ۾ ويڙھيل.
”ادا – امان ھاءِ “ عاشيءَ جي اوڇنگار.
”ابا، ماڻھين کي آخري ڀيرو.“
”بس ٻچا رب جي رضا ھئي، بندو ڇا ٿو “
رت – بنا، اڇو ڪاڳر جھڙو منھن اکيون پوريل.
”ھاءِ امان. منھنجي جيجل “ عاشيءَ جي اوڇنگارن جو لڳاتار سلسلو.
لڳاتار سلسلو.
خاموش، بت بڻيل، ھڪ ھنڌ بيٺل.



ڳوٺ جو گھر: ڪچو اڱڻ ورانڊو ٻه ڪوٺيون – پينگھو – ڪوٺي ۾ کٽ تي ھنڌن جو ڍير – ھلڪي اوندھ – ليپي ڏنل مٽيءَ جو سڳنڌ – عاشيءَ سان راند: اک ٻوٽ – گڏين – چيڪلي – آڳ بڄائڻ – لڪ – لڪوٽيءَ
سرءَ جي مند: ٻپھريءَ جا ورندڙ پاڇا . موٽيل اسڪول مان، کائڻ کان پوءِ
”عاشي اچ ته راند ڪريون.“
”ڪھڙي؟“ ”ڳٽي ۾ چگھه“
”تون ٻڌاءِ“
”نه ڀائي تون ٻڌاءِ”
”مان ٻڌايان؟“ گھڙي سوچ کان پوءِ تڪڙي آواز ۾ پينگھي ۾ گاڏيءَ گاڏيءَ.
”چڱو.“
”مان ڊليون ٿو ٿيان ۽ تون گاڏي ۾ چڙھجانءِ، ھا نه.“
”چڱو.”
”ھا – ”
زَم سان لڏندڙ پينگھو
ڇهُ – ڇهُ – ڇهُ – ڇهُ – ڇهُ – ڇُه – ڪوَ – ڪوُ ڪوُ !
”پاسو ڪيو ڀائو، پاسو ڪيو. گاڏي اچي ويئي. ڪُو – ڪوُ ڪوُ! “ زم سان لڏندڙ پينگھو بيٺل. اچو اچو، جلدي وھو، نه ته گاڏي ھلي ويندو. وڏي واڪي.
عاشي: مٿي تي پوتي – برقعو ٿيل. بغل ۾ ڪپڙي جي گڏي. ھٿ ۾ ڪپڙن جي ھڙ. وھندڙ پينگھي ۾
عاشي ٽڪس ورتي اٿئي؟
”نه ڀائي.“ عاشي بغل ۾ گڏي کي لوڏيندي؛ پرچائيندي.
”مائي پھرين ٽڪس وٺ پوءِ گاڏيءَ ۾ چڙھ .”
”چڱو گاڏي وارا ڳوٺ جي ٽڪس ڏي. ھڪ منھنجي ھڪ منھنجي ھن ڪڪيءَ جي .“
ڪوُ – ڪوُ ڪوُ ڇهُ – ڇهُ – ڇهُ – ڇهُ – ڇهُ – ڇُه سان ھلندڙ پينگھو.
”مئا پينگھي جي پويان ڇو اچي پيو آھين. لھه ته ٽنگ نه ڀڃانءِ.“
”امان راند ٿا ڪريون.“ ايلاز
”نه نه پينگھو ڀڄي پوندو . پڻھين جيئرو ويٺو آھي جو ٺھرائي ڏيندو. “
لٿل، ھارايل منھن.
”اڙي شيطان ڪن کولي ٻڌ: ھينئر گھڙي کن لاءِ ليٽان ٿي، جيڪڏھن گوڙ ڪيو اٿئي ته پاڻھي خبرون پوندئي.“
سُسُ پُس ۾ عاشي چوندڙ: ادا شبو، ھاڻي ڇا ڪيون؟
چپن تي آڱر: ”شٽ“ سرٻاٽ ۾ .؛ امان کي سمھڻ ڏي.
”عاشي ڪھڙي راند ڪيون؟“
”اک ٻوٽ.“
”نه ڀائي گوڙ ٿيندو.“
”ڀلا گھر _گھر رھون. تون ٿيءُ بابا ۽ مان امان ھيءَ گُڏي اسان جي ڌيءُ.“
”چڱو، پنھنجو گھر ھن ڪوٺيءَ ۾ ٿا ڪيون.“
بند ڪوٺي، منگھه مان ڇڻي ايندڙ روشني. عاشي ڪوڙ – پچاڻيءَ ۾ ٻوڙ رڌيندڙ. لائي، ڀڳڙن ۽ بوڙينڊن جو کاڌو کائڻ کان پوءِ عاشي ڪوڙي اوٻاسي ڏئي چوندڙ : ”ائي الا! رات ٿي وئي آھي. اچو ته سمھون.“
آمھون سامھون ستل. ڪوڙ ۾ اکيون ٻوٽيل.
ڪوٺيءَ جي ٿڌاڻ ۾ ڪجھه ڪجھه محسوس ٿيندو. اڻ ڄاتل سرندڙ اڳتي عاشي ڏانھن، ”عاشي ٿورو اورتي سر“ پاسيرا ٻه جسم مليل. چمي، ڀاڪر – عاشيءَ جي ببڙيءَ کي چھنڊڙي. زور سان ڀاڪي.
”ھاءِ الا! شبو ڪيڏو مزو ٿو اچي.“
ھلڪو ڏڪندڙ آواز، شبو مون کي ته سيءُ ٿو ٿئي، ٿورو اورتي سِرُ.
اوچتو لپاٽ – حواس وڃايل. ”مئا بدافعال، اھو افعال سکيو آھين . ڀيڻ سان.“
لپاٽ مٿان لپاٽ. ڄنڊن ۾ ھٿ، ڇڪي مٿي بيھاريل. عاشيءَ کي لت. ”اٿ ڇوري، ڪار مُنھين، بي حيا.“
عاشيءَ جو ھيسيل ڊنل، رت بنا منھن.
”ھل ڙي ٻاھر.“ تکو، کھرو آواز. ڳاڙھيون اکيون. ”وري جي ھن لوفر سان کيڏي آھين ته چڏا چيري لوڻ ٻرڪيندي سانءِ، ڪُتي ڪنھن جاءِ جي.“
ڪنڊ ۾ بيٺل. ڪنڌ ھيٺ، پشيماني ۽ مبھم پر گھري ڏوھ جو احساس.
منھن ۾ گھروڙيل بُجو: ”ٿُڪ ٿئي بي غيرت. ڄمندي موت نٿي آيئي.“
سگريٽ جي ٻاڙ. وڌندڙ اوندھ ۾. ٻرندڙ تيليءَ جو شعلو. وساميل تيلي. دکندڙ سگريٽ جو ٽانڊو.
ياد اٿم: اھا شام ۽ اھا رات، ڳپل مھل تائين پيڙا ڇولين ۾ گناھ ۽ پڇتاءَ جي گھري احساسن ھيٺ ڇيڇاڙ ۽ لوءِ پوءِ . ڀڻڪ سان پڪو پھه ڪيو ھيم ته: ھاڻي ڪڏھن به عاشيءَ سان نه کيڏندس . نيٺ ھوءَ ڇوڪري آھي مان ڇوڪرو.
ان ڏينھن کان پوءِ عاشيءَ سان ڳالھائڻ ڇڏي ڏنو ھئم. ساڻس نظرون ملائيندي شرم پئي آيو . کانئس پري پري ۽ ڇڊو رھڻ لڳس. امان سان ڳالھائيندي لڄ ٿيندي ھئي. عجيب ڏوھ جو احساس کائيندو ھو.
۽ ان کان پوءِ ھڪ ڀيرو – اوڏيءَ مھل امان اندر ستي پئي ھئي. مان اسڪول مان موٽيو ھئس. ورانڊي ۾ عاشي، اڪيلي گڏين راند کيڏي رھي ھئي. ڳچيءَ مان ڪتابن جي ڳوٿري لاھي کٽ تي ڦٽي ڪيم. مانيءَ لاءِ چلھه ڏانھن وڌڻ لڳس. عاشي اٿي اڳ وٺي بيٺي.
منھن ۾ ڏسندي ؛ ”ڀائو شبن تون رُسي ويو آھين؟.“
ڪوبه جواب نه ڏنم.
”ھان ادا ٻڌاءِ نه. تون سچي پچي رسي ويو آھين. “ ھان؟
”عاشي، ھاڻ اسان ھڪٻئي سان نه کيڏنداسين.“
”ڇو ڀلا ، ادا“
”ان ڪري جو مان ڇوڪرو ۽ تون ڇوڪري آھين نه. ان جي ڪري.“
ان ڏينھن وارو امان جو منھن ڪڏھن وساري نٿو سگھان: تپي ڳاڙھو ٽانڊاڻا اکيون، تن مان نفرت جو ڇٻيون. اھا نفرت ڪڏھن وساري نٿو سگھان. ۽ اھو خال، جيڪو عاشيءَ سان راند کيڏڻ ڇڏي ڏيڻ کان پوءِ کٽڪو لڳو ھو.