ناول

رڃ ۽ پڙاڏا

ماڻڪ جي سڃاڻ هڪ منفرد ۽ الڳ ليکڪ واري آهي، جنهن لاءِ شوڪت شورو لکي ٿو ”ماڻڪ، بي رحم، قاتل ۽ ظالم ليکڪ، سنڌي ليکڪن جي ڊگهي قطار کان هٽيل، ڪٽيل ۽ الڳ. جنهن کي سنڌ ادب جا تارا ٺيڪيدار، ليکڪ مڃڻ لاءِ ئي تيار ناهن ۽ پڙهندڙ هن کي شوق سان پڙهڻ کانپوءَ گاريون ڏيندا آهن.“
هيءُ ناوليٽ پهرين ”ميسوڻي“ جي سري هيٺ 1961ع کان 1968ع ڌاري لکيو ويو. وري ٻيهر 1973ع کان 1975ع جي وچ ۾ ”رڃ ۽ پڙاڏا“ جي سري هيٺ لکيو ويو. 1992ع ۾ روشني پبليڪيشن پاران ”ٽي واليٽ“ جي سري هيٺ وري ڇپايو ويو.
  • 4.5/5.0
  • 2106
  • 1158
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ماڻڪ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book رڃ ۽ پڙاڏا

2

¬ست پيا ٿين اڳو پوءِ ماني به کائي اچان ۽ سگريٽ به وٺي اچان. ڀانيان ٿو، سڄي رات جاڳڻو پوندو، جھڙو سوچ رخ اختيار ڪيو آھي.
لڳاتار راتين جي ھي جاڳ ھون، علاج ٿيڻ گھرجي. ٽرنڪو لائيز بھتر آھي. پر، اوچتو جيڪڏھن خودڪشيءَ جو خيال.
بڪواس آھي. ھڪ ته اھڙي جرئت ڪانه اٿم، ٻيو ته ڪيڏي به ڪڙي زندگي آھي، ان کي چھٽيل رھڻ ۾ مزو اچي ٿو. ھيءَ حقيقت مڃڻ گھرجي، وقتي خودڪشيءَ جا ايندڙ خيال، رڳو جذباتي اظھار آھن. ھا، ذھني عياشي. ھيءَ به ھڪ قسم جو رومانس آھي. ذھني داد – عشرت آھي. ھُنه
مانيءَ جي خيال سان، پٺاڻ جي جھوپڙا ھوٽل جي ٿڌي دال، اگري ڌپ وارو ٻوڙ ۽ سڪل مانيءَ جو دل ڪچي ڪندڙ تصور.
گرم ماني دٻڪيءَ تي، ديسي چينيءَ جي پياليءَ ۾ گوشت جو ٻوڙ: دونھون نڪرندڙ. وڻندڙ لذيذ گرھ.
”عاشي ٻوڙ ته واھ جو رڌو اٿئي.“
”ادا گرم مسالا وڌا اٿمانس نه.“
عاشيءَ ويٺل تاڪيءَ تي، چلھه جي ڀرسان ٻرندڙ. باھ جو ڄڀون. آلين ڪاٺين جا ٽڙڪا. تئي تي عاشي اٿلائيندڙ ماني.
مثل بک جو احساس. رڳو سگريٽ وٺي ٿو اچان. اوچتو! سگريٽ وٺي ، واپس اچڻ، کٽ تي ليٽي ڪتاب پڙھڻ، سمھڻ سمھي ڇت ۾ گھوري پاسا ورائي، ننڊ جي ڪوشش ڪرڻ جا تصور ذھني الٽي ڏياريندڙ. ان سان گڏ، گھر ۾ اڪيلي ھجڻ، اڪيلائپ ۽ سانت جا احساس ڏنگيندڙ.
انڌاھون ڦليليءَ وارو روڊ –
ڦليليءَ جو ڪپ: ڇٻر، گاھ ۽ ٻوڙن سان ڍڪيل. پاسي کان اڇي موريءَ ڏانھن ويندڙ، اونڌاھون رستو. وڻندڙ ٿڌ، پري کان شھر جون روشنيون. روڊن جي ٿنڀن تي ڌونڌاٽيل، روشنيءَ جو ڀرم پيدا ڪندڙ ميونسپلٽيءَ جا بلب ڪپ جي مٿانھين زمين تي اڏيل جھوپڙيون. تن ۾ جھڪي، پرسرار لڳندڙ لالٽين جي روشني ڦليليءَ جي ساڄي ڪپ تي روڊ سان لڳ ڦھلجي آيل قبرستان.
ھن سانت ۽ اوندھ ۾ ڪيڏي نه مانوسيت واري پنھنجائپ ٿي لڳي! دل ٿي چوي، زندگيءَ جو سمورو سفر ائين گذري وڃي زندگيءَ جو سفر، اڪيلو ئي اڪيلو، ڪيڏو اڻانگو. خاموش.
ڳالھايو اٿم ته پنھنجو پاڻ سان.
شام لھندڙ سج جا پاڇولا ڀتين تان گم ٿي ويل. در جي چائنٺ اڪرندي، سامھون در کولي بيٺل عاشيءَ جي پنبڻين جي جھالرن اندر، چمڪندڙ ۽ اوسيئڙي ۾ ڀريل اکين سان، اکين جو ٽڪراءُ.
بوٽ لاھڻ سان تيز ۽ تکي، نڪ ۾ گھڙي ويندڙ ڌپ. ذھن ۾ ٽِڪ ٻڌل، عاشيءَ جون اوسيئڙي ڀريل ۽ ڪجھه چوندڙ، پر چئي نه سگھندڙ اکيون.
ماني کائيندي.
”ادا.“
”ھون.“
”توکان ھڪ ڳالھه پڇان؟“ جھڪندڙ آواز.
”ڪھڙي؟“ کوکلي اندر جو آواز.
”تون.“ ھٻڪ، ”توھان سدائين چپ ڇو رھندا آھيو؟“
”ھي! ٿيڙ، سنڀاليندي، بس – اَھئين.“
”ادا، ڪا ته ڳالھه آھي، جڏھن اوھان ڳوٺ ۾ رھندا ھو، تڏھن به ڏاڍا کيڏندا ڪڏندا ۽ ڳالھائيندا رھندا ھو.“
بيزاري. نه وڻندڙ اھو ذڪر.
”ادا، امان جي وفات کان پوءِ ، جڏھن کان مان اوھان سان ھت، حيدرآباد ۾ آئي آھيان، سچ پچ ھيءُ گھر مون کي کائڻ ايندو آھي. ھيانءُ ٻوساٽبو آھي.“ گھڙي ماٺ کان پوءِ، ”نڪا آھي ڪا وسنھه ۽ نه ئي وري ڪو . . . .“ ھٻڪ سان: ”ادا، امان به ويچاري آسون پلي وڃي آرامي ٿي. اوھان جيڪر شادي ڪري ڀاڄائي . . . . “
عاشي: ڪنڌ جھڪيل، آڱر کي ويڙھيندڙ رئو.
”ھا ادا، ھاڻي ته اوھان به دير سان ٿا اٿو سو مونکي ڊپ . . . “
”نه، عاشي ڊڄڻ جي ڪھڙي ڳالھه آھي. شھر آھي، ڪو جھنگ ٿوروئي آھي.“
چپ.
ياد اٿم: سڄي رات ننڊ ڪانه آئي ھئي. اھو ته مان به نٿو ڄاڻان چپ ڇو ٿو رھان.
ويچاري عاشي – منھنجي شاديءَ جا خواب ڏسي ڏسي پاڻ . . . ڪٿي منھنجي شادي جي ذڪر پٺيان ھوءَ پنھنجي لاءِ احساس ته نه ڏياري رهي آھي ؟ ممڪن آھي. انھيءَ ذڪر کان پوءِ ھڪ مھيني ۾ ئي ھوءَ ڀڄي . . .
نه مون کي اھو چوڻ جو حق نٿو پھچي. ته چوان: ھوءَ ڀڄي وئي. ھوءَ منھنجي ٻانھي نه ھئي. مون وٽ پالتو جانور وانگر پاليل يا ٻڌل ڪانه ھئي، جو مان ھن جي، وڃڻ کي – ٻين لفظن ۾ خودمختياري سان پنھنجي واٽ اختيار ڪرڻ کي چوان ته ڀڄي وئي. ھوءَ آزاد ۽ خودمختيار ھئي. (ھئڻ گھرجي) ھن کي پنھنجي زندگيءَ بابت فيصلي ڪرڻ ۽ واٽ جي چونڊ ڪرڻ جو مڪمل اختيار ھو. (ھئڻ گھرجي)
ھا، البت جيڪڏھن مون کي پنھنجي فيصلي کان واقف ڪري ھا ته . . . .
ممڪن آھي ھن ائين ضروري سمجھڻ مناسب نه سمجھيو ھجي، انھيءَ ڪري – يا، ھيءُ به ممڪن ٿي سگھي ٿو ته منھنجي خاموش، ائبنارمل لڳندڙ ورتاءَ ۽ سندس ۽ منھنجي وچ روايتي گھري ناتي ۾ منھنجي ڌاريائپ واري انداز ڪري، ھن کي ٻڌائڻ ڏکيو لڳندو ھجي ۽ ھوءَ اخلاقي جرئت جي گھٽتائيءَ جي ڪري ، دل جھلي نه –
بھرحال، مون کي پراميد رھڻ گھرجي. سندس لاءِ دل جي سچائي سان نيڪ خواھشون رکندڙ مخلص دل جي اھائي تمنا ٿي سگھي ٿي ته، ھوءَ جتي به ھجي خوش ھجي. ۽ جنھن اندازي موجب مان سوچيان ٿو ته، ھوءَ سامھون رھندڙ ماستر سان ئي . . .
جيڪو اوچتو رات گم ٿي ويو، سٺي سڀاءُ جو لڳندو ھو – ڇڏ انھيءَ ذڪر کي، جوڪجھه ٿيو – ھُون، پاڙي ۾ ۽ آفيس ۾ جيڪو ڪجھه چيو وڃي ٿو ، ھا، انھيءَ جي مون کي پرواھ نه ڪرڻ گھرجي. ھڪ ته ھن ڪري جو، اھا ڀڻ ڀڻ آھستي آھستي روزمرھ جي انيڪ واقعن ۾ پاڻمرادو ڍڪجي ويندي . جڏھن انھيءَ ۾ نواڻ نه رھندي، تڏھن ڪوبه ڄڻو، مون سان لاڳاپو رکندڙ انھن ڳالھين ۾ دلچسپي وٺڻ ڇڏي ڏيندو. اھا انھن جي ضرورت آھي ته، ھھڙي قسم جي واقعن ۾ ڍونڍ وارو پھلو ڳولي، انھيءَ کي چٽيندا رھن. پر منھنجي لاءِ اھم ڳالھه ھيءَ آھي ته مان چپ رھان. البت ھيءٌ چٽيءَ ريت سمجھان ٿو ته ڏيکاءَ واري ھمدردي اھا منافقت آھي، جنھن کي مان ڪڏھن معاف ڪري نٿو سگھان. جڏھن ته اھو ڀليءَ ڀت سمجھان ٿو ته، ڏيکاءَ واري ھمدردي ڪندڙ اھي انسان، پر پٺ پنھنجي راءِ زنين ۾ ڪھڙي ريت مون بابت ڪرپٽي مٽيندا ھوندا. خير. منھنجو ڇا، بس منھنجي لاءِ اھم آھي ته، عاشي نه – ڏس، شبير تون سوچ جي پٽڙي تان لھي رھيو آھين – مان به ڪيڏو نه عجيب ڏينھون ڏينھن وڌيڪ.
ٿڌ وڌي رھي آھي. حيدرآباد جي رات گھميل ٿڌ ۾ عجيب قسم جو ڳھر آھي، جيڪو لڱ لڱ ۾ نشو ڀريو ڇڏي.
آفيس، ميز فائيلن سان سٿيل. ڪرسي، لڳندڙ وجود جو اڻڇڄندڙ جز بڻيل.
منافق.
شبير صاحب، ھو، ٻڌوسين ته خبر ناھي سچ يا آھي يا . .. . اوھان جي سسٽر . . . .
-- ھا.
-- پوءِ، ڪا خبر پيئي؟
-- نه. پر منھنجو اندازو آھي ته اسان جي گھر جي سامھون ھڪ ماستر رھندو ھو، انھيءَ سان . . .
-- پوءِ، اوھان ڪا جاچ يا ڪوشش –
-- نه. مان ڇا ٿو ڪري سگھان.
(جڏھن ته ھن پنھنجي مرضي ۽ خواھش موجب ڪنھن به صاحب سان پنھنجي زندگي ڳنڍڻ جو فيصلو ڪيو.)
-- نه، ته، به ھوءَ . . . .
-- چپ.
(ظاھر آھي ته ، اھڙو فيصلو ڪرڻ کان اڳ ھن پنھنجي مستقبل جي باري ۾ چڱي ريت سوچيو ھوندو ۽ ھيءُ به ظاھر آھي ته، ھوءَ پنھنجو پاڻ لاءِ نقصان جو ڪڏھن سوچي به نٿي سگھي. جو ڪو به انسان پنھنجو پاڻ کي ڇيھو رسائڻ نه چاھيندو)
-- نيٺ ادا، تنھنجي ڀيڻ ھئي، تون ھن کان وڏو ۽ مرد ماڻھو . . . .
-- چپ.
(کانئس وڏي ھجڻ ڪري يا مرد ماڻھو ھجڻ ڪري، مون کي سندس مستقبل جي فيصلي ڪرڻ جو ڪوبه حق ته پھچي نٿو سگھي.)
ھارڊ¬ بورڊ جي پارٽيشن سان ھيڊ ڪلارڪ جو ڌار ڪيل ڪمرو. ڪمري مان ايندڙ ڀڻ ڀڻ نما سرٻاٽ ۾ آواز،
-- ڪرئڪ آھي.
-- نه يار، بي غيرت آھي. (فيصلو)
-- ڀلا غريب ماڻھو. نه اڳ نه پٺ. ڪڇي ٿو خواري تنھن کان مٺي به ماٺ ، مُٺي به ماٺ.
-- ھونئن به ھڪ چُتون ڇوريءَ لاءِ مٿا ڪُٽ ڇو ڪري.
-- ھا، ڪني آڱر وڍي ڀلي آھي.
-- اھڙين ڀاڄوڪڙ رن کي ته گھٽو ڏئي اندرئي اندر پوري ڇڏجي.
بزدل، منافق. تنگ نظر. ڪريل، دراصل اھا چوڻي درست آھي؛ ته ڏوھ وارو احساس رکندڙ، فيصلي واري احساس کي گھٽڻ لاءِ وٺندا آھن. اھوئي سبب آھي جو ھو، فتوى ڏيڻ ۾ ڪابه دير نه ڪندا آھن.
خير. جيتوڻيڪ آفيس ۾ ھن قسم جي سرٻاٽن ڪنھن حد تائين ڪوفت ڏني آھي. پر اھو سڀ ڪجھه وقتي آھي. ستت ئي ، اھي سرٻاٽ ۽ راءِ زنيون ختم ٿي وينديون. پر جڏھن انھن سڀني ڳالھين تي منھنجو وس نٿو ھلي ۽ نه ئي ھلي سگھندو، ته ڇو مان سوچي سوچي اجايو پاڻ کي پريشان ڪري رھيو آھيان.
اوچتو: ڀنڀلائي.
اھو به ٿي سگھي ٿو.
ڪٿي مان پنھنجو پاڻ کي زوريءَ لاتعلق رکڻ جي ڪوشش ۾ ھھڙي قسم جي دليل بازي ڪري ٺڳي ته نه رھيو آھيان!
پنھنجي ڪمزوري ۽ وس نه پڄڻ سبب، سوچ جو ھيءُ انداز . ..
پاڻ ٺڳڻ . ھُئه –
ذھن خالي. ڀنواٽي.
ڪا مھل ائين.
جيڪڏھن ائين آھي به، ته پوءِ مان سمجھان ٿو ته، جيڪڏھن، مون کي زندھ رھڻو آھي ، ۽ ھنن حالتن ۾، جتي منھنجو وس نٿو ھلي، ته پوءِ: پاڻ ٺڳڻ ضروري آھي. ھڪ ضرورت؛ جا بھرحال زندھ رھڻ ۾ ھٿي ڏئي ٿي. ھڪ بي وس؛ لاچار انسان . . .
پوليس ۾ رپورٽ . . . . ؟
ريلوي اسٽيشن جو ويٽنگ روم. رات جا ٻارنھن. انتظار ڪندڙ، اڪيلو ويٺل، ويٽنگ روم ۾ اوچتو. پنج پوليس وارا ھڪ عورت، لڳندڙ مسافر، کي اندر وٺي آيل، بي وسي ٽمندڙ منھن منجھان.
”مسٽر ڪمرو خالي ڪر. انڪوائري ڪرڻي آھي.“
چپ چاپ ٻاھر نڪري آيل.
ڪمري جو در بند.
عورت جون دانھون. ڪوڪون.
دانھون ڪوڪون ماٺ ٿيل.
ڳپل دير کان پوءِ پوليس وارا نڪرندڙ ڪمري مان، حُليا ڦريل، ورديون وريل.
ڪانڊارجنڊڙ وار. ڪنا. قانوني رھزن. ڏوھاري. جن جي جسم تي تحفظ لاءِ قانوني جبو اوڙھيل آھي. رت جي ولوڙ ۾ تيزي : کانئن نفرت، انتھائي نفرت جي اظھار لاءِ لفظ نه ملندڙ، جوش جو غلبو سڄي وجود تي، ڀيڻچو .....
رستي جي هڪ ڪپ سان ويٺل چڻن وارو. پوليس واري جي چمڪندڙ ڪاري بوٽ جي لت ٿالهه تي. چڻا پکڙيل. پوءِ هڪ ڀرڀور لپاٽ، چڻن واري جي ڳل تي –
نفرت سان گڏ بغاوت.
ھي اھي ڪميڻا ڏوھاري آھن، جن جي ھر ڏوھ کي قانون جو تحفظ مليل آھي.
وڏيري جي اوطاق، گجندڙ ٿلھو صوبيدار. ھيسيل ڊنل، ڦتوءَ جي ڀيڻ.
”ڪڃري ٻڌاءِ ته ڦتو سان گڏ ڪير ٻيا ھئا؟“
”سائين ڌڻي ٿو ڄاڻي مون کي . . . ”
”چپ ڪر لونڊي. ٻيا تنھنجا جهن .... ھا جو نٿي ٻڌائين.“ چڏن ۾ لت.
”رئيس، ھيءَ ائين ڪانه مڃيندي . اڙي او – “
ڦتوءَ جي ڀيڻ جي ڪانچ ۾ پونگڙو دانھون ريھون ڪندڙ، ٽپڪا ڏيندڙ، ٻاڏائيندڙ، ايلاز ڪندڙ . . .
ٿاڻي جي ڪوٺي. اگھاڙي پيل عاشي، دانھون، ڪيڪون ڪندڙ. ڪنجھندڙ، ڪڻڪندڙ وردين جو ڍڳ. اگھاڙا بيٺل پوليس وارا
نس نس ۾ نفرت، ڪاوڙجي باھ ڏنڀ ڏيندڙ.
ڄڻڪ خواب مان سجاڳ ٿيل. موڳو، ھيڻو وجود. پاڻ ٺڳڻ لاءِ ئي سھي، پُر اميد رھڻ کان سواءِ ڇا ٿو ڪري سگھي. ڪيڏو لاچار، بي وس. زندگيءَ جي رُڃ ۾ ڀٽڪندڙ روح؛ جو آھي؛ ھستي رکي ٿو. پوءِ به ناھي جو تڇ آھي؛ ھيڻو آھي.
گھري، ڳتيل، روح جي پاتال تائين عجيب قسم جو درد ڏيندڙ پيڙا.
ڊگھو، اونھو ساھ، لڳندڙ پيڙا جو درد.
ڪش مٿان ڪش.