ناول

رڃ ۽ پڙاڏا

ماڻڪ جي سڃاڻ هڪ منفرد ۽ الڳ ليکڪ واري آهي، جنهن لاءِ شوڪت شورو لکي ٿو ”ماڻڪ، بي رحم، قاتل ۽ ظالم ليکڪ، سنڌي ليکڪن جي ڊگهي قطار کان هٽيل، ڪٽيل ۽ الڳ. جنهن کي سنڌ ادب جا تارا ٺيڪيدار، ليکڪ مڃڻ لاءِ ئي تيار ناهن ۽ پڙهندڙ هن کي شوق سان پڙهڻ کانپوءَ گاريون ڏيندا آهن.“
هيءُ ناوليٽ پهرين ”ميسوڻي“ جي سري هيٺ 1961ع کان 1968ع ڌاري لکيو ويو. وري ٻيهر 1973ع کان 1975ع جي وچ ۾ ”رڃ ۽ پڙاڏا“ جي سري هيٺ لکيو ويو. 1992ع ۾ روشني پبليڪيشن پاران ”ٽي واليٽ“ جي سري هيٺ وري ڇپايو ويو.
  • 4.5/5.0
  • 2106
  • 1158
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ماڻڪ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book رڃ ۽ پڙاڏا

4

سمجهان ٿو، هيءَ احساس روائتي اخلاقي قدرن سبب ئي هجي. پر هن تجسس جي حقيقت پنهنجي جاءِ تي ٺوس آهي. ڇا عورتن کي به، مردن جي باري ۾ ڄاڻڻ جو ههڙو تجسس ٿيندو هوندو؟
نه چاهيندي به، عورت جي اوگهڙ نظرن ۾ پيل کتل. زال_ شاديءَ جي ڪيترا سال اڳ مروٽيل، چيڀاٽيل خواهش اجاگر ٿيندڙ.
هڪ مرد لاءِ زال جو هجڻ لازمي ضرورت؟
زال مڙس لاڳاپا: امان بابا جي زال
اڻ _ وسهندڙ، عجيب لڳندڙ! چر_پر ڪندڙ ٻه اگهاڙا وجود.
اڻ وڻندڙ. ويساهه ۾ نه ايندڙ ڪراهت.
ان ڏيک کي ڪيترن ڏينهن تائين ذهن مان ڪڍي نه سگهيو هوس ٻنپهرن مهل:
جڏهن ٻاهر کيڏي کيڏي گهر آيس عاشي ورانڊي ۾ گڏين راند ۾ رڌل هئي. مان اندر ڪوٺيءَ ۾ وڃڻ لڳس. عاشيءَ رڙ ڪئي: ”نه نه اندر نه وڃ“. ”ڇو؟“ مون کي چڙ آئي هئي. ”نه نه، ڇورا نه. بابا جهليو آهي“. جهڪي آواز ۾ پر لفظن تي زور. مونکي هٿائين وڌيڪ تجسس. در کولڻ لاءِ زور.اندران ڪڙو چڙهيل. در جي ڳڙکڙي مان اندر نظر: امان ۽ بابا اگهاڙا. عاشيءَ جو سس پس ۾ پريشان آواز، ”نه ڏس ڇورا، نه ڏس. بابا لاک لاهي ڇڏيندءُ.“
ڏيک ذهن ۾ ٽڪ ٻڌل امان لڳندڙ مظلوم، بي عزت ٿيل، ساڻس همدري، ايندڙ مٿس قياس گاڏڙ پيار. بابا لڳندڙ وحشي، ظالم، لڳندڙ ڊپ، هيبت، نفرت.
عاشيءَ کي ڏٺم. ٻئي هڪ ٻئي کي ڦڪا ڦڪا لڳي رهيا هئاسين. ڏوهاري!
ڪيترن ڏينهن تائين امان کي همدرديءَ، قياس ۽ مبهم اڻ_واضح پيار، جنهن ۾ همدرديءَ ۽ قياس اُتم هو، جي نظرن سان ڏسندو رهيس ۽ بابا کي نفرت ۽ حقارت جي نظرن سان!
هيءُ لاڳاپو منطتقي؛ پوءِ به غير منطقي لڳندڙ، فطري؛ پوءِ به غير فطري، ويساهه ۾ نه ايندڙ، لڳندڙ. معقول نا معقول لڳندڙ! امان ۽ بابا ... ممڪن آهي، هن ٺوس حقيقت کي وڌيڪ لڪائڻ، ڍڪڻ، پر اسرار بنائڻ ڪري ئي .....
اوچتو: عاشي اگهاڙي، اگهاڙي ماڻهوءَ سان ستل. وار کليل، چنبڙيل کليل پيشانيءَ تي. پگهر ۾ شل. فٿڪندڙ، پاڻ ڇڏائيندڙ، مٿان چڙهيل اگهاڙي مرد کان .....


ٿاڻي جي ڪوٺي. اگهاڙي پيل عاشي، دانهون ڪندڙ، ڪنجهندڙ، ڪڻڪندڙ. وردين جو ڍڳ.
جسم ۾ تيز گرم رت جو لوڙ. ذهن ۾ ٽڙڪاٽ: ڪاوڙ، باهه جون ڄڀيون نڪرندڙ. ڄاڙيون ڀڄيل. تارونءُ مان ٽڙڪات نڪرندڙ... ذهن خالي.
ذهن خالي. رت جي ولوڙ ۾ ماٺائي. پڄرندڙ وجود ٿڌو. اونهي شوڪاري سان، چپن تي مرڪ مڙهيندي: اهو هڪ نيچرل پراسيس آهي. انهيءَ ۾ عورت پنهنجي پيسو حيثيت ۾ اوتروئي ماڻي ٿي، جيترو مرد ايڪٽو حيثيت ۾. نه ڄاڻ ڇو منهنجي ذهن ۾، انهيءَ خيال سان، اهو ڀيانڪ تصور ڇو ٿو اڀري! نه ٿيڻ گهرجي. اهو سڀاويڪ آهي. بابا سان سمهندي، امان به ايتروئي ماڻيو هوندو، جيترو بابا. پوءِ منهنجي ذهن ۾ امان قياس ۽ همرديءَ لائق ڇو، بابا ڏاڍو، ڀوائتو ڇو! مطلب ته عاشي به اوتروئي ماڻيندي هوندي، جيترو سندس مرد ساٿي، جنهن سان هوءَ رضا خوشيءِ سان وئي آهي. البت هن عمل ۾ بنيادي سوال ”جبر“ ۽ ”رضا“ جو آهي. ها: ....
بڪواس. هي ڪهڙي ويچار وهڪ ۾ لڙهي رهيو آهيان. عجيب بيوقوفي. ڏس. مسٽر شبير! توکي هينئر سمهڻ گهرجي. رات ڪافي گذري چڪي آهي. صبح جو توکي آفيس ۾ به ڪم ڪرڻو آهي. ڇا سمجهيهءُ. ها، شاباس، هاڻي ننڊ ڪر.
اکيون پوريل. ننڊ لاءِ هٿرادو جاکوڙ: خيال کان جان ڇڏائڻ، ڌيان مٽائڻ لاءِ، ڊگهو ساهه. بيڪار. پاسي جي اٿل. انگن جي ڳڻپ، هڪ ٻه ٽي چار پنج ڇهه ست اٺ نو ڏهه يارهن... اسي ايڪاسي.... هڪ سو هڪ هڪ سو ٻه ... بيڪار.
هزار تائين ڳڻيان.
.....نو سو اٺ نوسو نو نوسو... بڪواس آهي. بلڪل بڪواس. انسان جو ننڊ تي وس هلڻ گهرجي. نيٺ_ ننڊ جون گوريون _ هون، گهر ۾ هئڻ گهرجن. تمام ضروري آهي. پر سوال آهي ته هينئر مان ڇا ڪيان؟ پسار؟ ورزش؟
ايندڙ پنهنجو پاڻ تي جک. هي دماغ به. بتي ٻاري پڙهان: ODYSSEY ذهني اورٽ ڏياريندڙ. مٿو ڳورو ڳور. سمهان ٿو. فيصلي واري لهجي ۾. وهاڻي کي ٻک. ٿڌو ٿڌو، نرم وهاڻو. سياٽو. اکيون بند. وهاڻو ٻک ۾ نرم نرم لڳندڙ. ننڊ اکين مان اوپري ٿي ويل. بي چيني. اوچتو هڪ اڻ_ ڄاتل خواهش: نرم ڪونئري جسم واري عورت، ڀاڪر ۾ هجڻ جي، ٻکيل، وچڙيل. ان سمهڻ ۾ اڻ _ ڄاتل مزو ايندڙ عورت جا لسا لسا سٿر. گڏ ستل عورت کي ڀرپور، ڇڪ، هڪ اندروني بي چيني جوش واري سگهه سان ڀاڪر. وچڙيل، بي چين ڄنگهن ۾ پاڻمرادو اوتيل سگهه جو زور. بي چيني وڌندڙ، اندروني اٿل پٿل سان ايندڙ مزو....
ڳوٺ جي کڏ، ٻوڙن ۾ محمد ڌوٻيءَ جي گڏهه، جانو، يارو، بگو، گلو _ جانوءَ جي گوڏ لٿل. گڏهه سان _ ٻيا پنهنجي واري جي اوسيئڙي ۾.
”اچ شبو تون به وَٽ وٺ“، يارو.
”نه يار“.
”ڇو؟ ڊڄين ٿو“. بگو.
”ڊڄندس ڇو.“
”پوءِ مڙسي ڪانه ٿئي ڇاڙي؟“ گلو جي ٽونڪر .
”وڃ ڙي“.
”اڙي شبن، توکي خبر آهي ته هيءُ استاد _ گهر آهي، جوءِ سان سمهڻ کان اڳ هن تي آزمائش ضروري آهي. ڇا ٻڌءِ ٻچُو“.
گڏيل ٽهڪ ..
”اڙي جانو يار جلدي ڪر اسان کي به وارو ڏي“.
جانو پگهر ۾ شل، گوڏ سنڀاليندڙ، ڳنڍ ڏيندڙ، يارو پنهنجو وارو وٺندڙ، گوڏ هيٺ پيل_
”يار اِٽَ هڻندي“، سادگيءَ وچان.
”اسان جي هيرايل آ پٽ“. يارو سهڪندي
”شبو، جي محمد ڌوٻيءَ کي ٻڌايو اٿئي ته پوءِ پٽ تنهنجو خير ڪونهي“. گلو.
”نه _ منهنجو ڇا وڃي“.
”ها، ياد رکجانءِ جي ٻڌايو اٿئيس ته هيءَ ڏاڙهي آ: پوءِ توسان ڪنداسين“. جانو.
”هل ڙي ڀڙوا. جڏهن چوان ٿو ته نه ٻڌائيندس، پوءِ اها ٽڙ ٽڙ ڇاجي ٿو ڪرين“. ڪاوڙ.
”نه شبو، جانو ڀوڳ ٿو ڪري“، بگو سمجهائيندي، ”اڙي يار، تون ڊڄين ٿو. اسين ڪونه پيا ڪيون“. اک ڀڃندي.
”وٽَ وٺ يار ... بابا ٻڌو، هن کان پوءِ شبوءَ کي وارو وٺرائينداسين“.
گڏهه_مرڪ چپن تي
ماڻيل مزي جو احساس، ياد جي پڙاڏي ۾.
ويچاري، بي وس!
جتي به، جنهن جو جيترو وس پڄي ٿو، پاڻ کان بي وس تي، پنهنجو وس نهايت ڪميڻائپ سان هلائي ٿو.
گڏهه _ عاشي _ پاڻ _ ويچارا
هون سڀ ويچارا. بي وس!
لڳندڙ ويچارو، پنهنجو پاڻ کي. ويچارگيءَ جو اهو احساس، پنهنجي بي وس هجڻ، پنهنجي ئي نظرن ۾ خسيس هجڻ جي احساس کي جاڳائيندڙ. ڪريل پنهنجي _ آڏو. خسيسپڻي جو احساس، لڳندڙ، ڪنهن اندروني، روحاني ايذاءُ تي پهو. هڪ ڀرپور خواهش جي سجاڳ: ڪو همدردي ڪري، پيار ڪري، ڳراٽري پائي.
همدردي خيرات آ _
نفرت_
عاشيءَ سان ڳراٽڙي پاتل. رئندڙ ٻئي، خاموشيءَ سان! رئڻ ۾ ايندڙ هڪ قسم جو مزو آسيس!
هارڊ بورڊ جي ڪيل پارٽيشن پٺيان هيڊ ڪلارڪ جي ڪمري منجهان ايندڙ سر ٻاٽ:
_ڪرئڪ آهي.
_نه ادا، بي غيرت آهي.
_ويچارو. ڀلا ڇا ڪري،
ويچارو، ويچارو..... پڙاڏو، ذهن جي گنبذ اندر.
ويچارو: سمجهندي پنهنجو پاڻ کي، اداسيءَ سان گڏ گهري روحاني چوٽ جي ايذاءَ جون سٽون. ان اداسيءَ گاڏڙ، پيڙا ۾، پنهنجو پاڻ سان ان محسوس ٿيندڙ همدردي، ايندڙ قياس. ڪلارڪ، پٽيوالا، عاشي، امان، فقير، آس پاس رهندڙ سڀ قياس جو ڳا! بي غيرت ٿيل. ڳتيل درد.
نيٺ؟_
آفيس ۾ اوچتو آيل وزير: سڀ وائڙا ٿي، ڊڄي اٿي بيٺل. وڏو صاحب لوسي ڪتن وانگر اڳيان پٺيان چاپلوسي ڪندي ڳالهائيندڙ.
_ مان اوهان جي ڪم مان مطمئن ناهيان. اوهان سست ڪاهل آهيو. وڏائيءَ وچان تحڪمانه انداز
_ بس سائين...
_ هوءَ ڪرسي خالي پئي آهي.
_ سائين ڪلارڪ موڪل تي آهي.
_ ڇو موڪل تي آهي. سيڪريٽري هن جي سپينشن جو آرڊر ڪڍ. موڪلون ٻوڪلون ڇڏي ڏيو، عوام جي حڪومت آهي. عوام اوهان کان پورو حساب وٺندو. لڳندڙ رٽيل لفظ.
_ سائين، هن جي نياڻي سخت بيمار آهي انهي ڪري .... هڪ ڪلارڪ جي جرئت.
وزير جون شوريل، رانڀوٽا هڻندڙ، هن کي انتهائي ڪريل سمجهندڙ نظرون: تنهنجو نالو ڇاهي ڙي.
ايندڙ چڙ، دل چوندڙ پيپر ويٽ کڻي ٺڪاءُ ڪرايانس. ساڳي وزير جي اخبار ۾ تصوير: جهڪي انتهائي چاپلوسيءَ وچان وڏي وزير کي هٿ ملائيندڙ.
ڪريل اڻ وڻندڙ بڇڙي شڪل.
ذهن خالي. سڄي وجود ۾ نفرت، ڪراهت ڀريل.
مسيت مان نڪرندڙ نمازين جو ميڙ ، اڳيان هڪ ڏاڙهيءَ وارو اڌ روٽ. ڳچيءَ ۾ پيل جوتن جو هار. جتيءَ چور .... واڪا، ٿڪون، بُجا، لعنتون، ٿفون. مسيت جو پيش امام ڏند ٽيڙي ٻڌائيندڙ ايندڙ ويندڙن کي؛ سائين ڏسو لعنتيءَ کي، الله جي گهر مان جُتي ٿي چورايائين. پوءِ گهروڙي بجو هن جي منهن ۾: ٿڪ ٿئي ڀيڻان دوزخي.
آواز: هن لعنتيءَ جون مڇون، ڏاڙهي، ڀرون ڪوڙيا وڃن. ڦڪو، رت بنا منهن. اڇيون، سڪل اکيون، خشڪ چپ، وائڙو، پريشان، حيران، ٻڏل پنهنجو پاڻ.
لنگهندڙ ڪار بيٺل، دريءَ مان ڀڇندڙ ڪار هلائيندڙ. خوشامندي لهجي ۾ ٻڌائيندڙ پيش امام: ”رئيس اوهان کي ڇا ٻڌايان. ڪهڙو زمانو اچي ويو آهي! لعنتي مسجد شريف مان جُتي چورائي“....
ڪار مان لهندي، هن کي هڪ ڀرپور چماٽ وهائيندي: ”اڙي ڀيڻچوت توکي شرم ڪونه آيو.“
هو چپ، موڳو، ڦاٽل اکيون، رت بنا منهن. ڪڇي جهڙي ڀت.
”جواب نٿو ڏين دلا“. ٻي چماٽ
ڀڻڪندڙ، لڏندڙ، ٻاڏائيندڙ چپ: ”سائين، رئيس رب ٿو ڄاڻي ٽن ڏينهن کان وٺي منهنجي گهر واري بيمار... سڪرات ... منهنجي هڙ ۾ کوٽي پائي به ... مزوري ڪونه... ڏاڪدر چيو.. اُڀ ساهي“.
”اڙي انهيءَ ڪري رب پاڪ جي گهر مان جتي ٿي چورايئي. ٿڪ ٿئي ڀيڻان ڪڃر.“ بجو.
چپ. بوتو.
”اڙي جي پالي نٿا سگهو ته شاديون ڇو ٿا ڪيو. پرائيوٽ هلايو. باقي رب جي گهر مان ... لعنت هجئي ڀيڻان_ مولوي صاحب هن خبيث کي ٿاڻي تي وٺي وڃوس، مان صوبيدار کي فون ٿو ڪان.“
جوش ۾ ٿڙ ٿڙ ڪنبندڙ هستي: بي وسي سڀ کان وڏو ڏوهه آهي. ها، ڪمزوري سڀ کان وڏو ڏوهه آهي. جيڪڏهن هو، ڪنهن مسيت مان جتي چورائڻ بدران ڌاڙو هڻي ها ته _

سرڪاري اسپتال: ڏٻرا، ڪنجهندڙ، ڪڻڪندڙ، هڏن جا پڃرا مريض، بي وس، لاچار، لائين ۾ بيٺل، ڊگهي لائين، آهستي اڳتي رڙهندڙ. اوچتو لائين بيهجي ويل.
_ڊاڪٽر چانهن پي رهيو آهي.
_ نه نرس سان....
_ سالو، اسين هتي مرون پيا، هيءُ عياشيون ڪري رهيو آهي.
نڪرندڙ، شرمايل، ڊاڪٽر جي ڪمري مان نرس، ڪنڌ هيٺ ڪيو تيز تيز ويندڙ.
ڪنهن ڳوٺ مان کڄي آيل ڳوٺاڻو مريض، کٽ تي. پوين پساهن ۾. ڊگها ساهه کڻندڙ.
_ڊاڪٽر صاحب، سيگهه ڪر همراهه
_ اڙي ها ها چپ ڪر ڄٽ، ٻڌم. مٿو نه کاءُ. ڇڙٻ. چنڊ گهڙين اندر مئل مريض.
حيثيت، سگهه! زنده رهڻ لاءِ.
هر هنڌ، هر ڄڻو، جتي به، جنهن به، جيتري به، اختيار ۽ حيثيت جو مالڪ آهي، انهيءَ آڌار تي، انتهائي ڪميڻائپ سان، ان جو فائدو وٺي ٿو. وٽس آيل حاجتمند جي بي وسي ماڻي ٿو. نه ته به اهڙي ڪوشش ڪري ٿو.