ناول

رڃ ۽ پڙاڏا

ماڻڪ جي سڃاڻ هڪ منفرد ۽ الڳ ليکڪ واري آهي، جنهن لاءِ شوڪت شورو لکي ٿو ”ماڻڪ، بي رحم، قاتل ۽ ظالم ليکڪ، سنڌي ليکڪن جي ڊگهي قطار کان هٽيل، ڪٽيل ۽ الڳ. جنهن کي سنڌ ادب جا تارا ٺيڪيدار، ليکڪ مڃڻ لاءِ ئي تيار ناهن ۽ پڙهندڙ هن کي شوق سان پڙهڻ کانپوءَ گاريون ڏيندا آهن.“
هيءُ ناوليٽ پهرين ”ميسوڻي“ جي سري هيٺ 1961ع کان 1968ع ڌاري لکيو ويو. وري ٻيهر 1973ع کان 1975ع جي وچ ۾ ”رڃ ۽ پڙاڏا“ جي سري هيٺ لکيو ويو. 1992ع ۾ روشني پبليڪيشن پاران ”ٽي واليٽ“ جي سري هيٺ وري ڇپايو ويو.
  • 4.5/5.0
  • 2106
  • 1158
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ماڻڪ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book رڃ ۽ پڙاڏا

5

سانوري پر چٽي نکريل رنگ واري نوجوان فقيرياڻي. ڪڇ تي ٻار. هلڻ جي لوڏ ۾ خاص ماڻو.
”او رئيس، ڌڻيءَ جي نالي ڏي_“
”گهڻو کپئي؟ قميص جي اڳ هيٺان چڏن ۾ کنهندڙ رئس جو هٿ ۽ اکين ۾ آڇ“
”جيڪو ڏين.“
”اچ پٺيان“
جيئري رهڻ جي هيءَ ڪمزوري! ڪيڏي نه_
انڪار_
بغاوت_
ها، جيڪڏهن سڀ بي وس، پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ڊوهه_ سرڪش
ڏند ڪرٽيل، لوندڻيءَ وٽ ٽڙڪاٽ. لڱ لڱ ڦڙڪندڙ:
ڪڃر. هنن جي _
رانڀوٽا، لتون، ٺونشا..._
رانڀوٽا، لتون، ٺونشا هڻندڙ جسم، ساڻو، پگهر، سهڪ.
نه_
هنن جي _
ڄنڊن ۾ هٿ، مضبوط پڪڙيل، ڌونڌاڙ، ڀت سان ٽڪر،
ٽڪر مٿان ٽڪر، هڪ ڀرپور، خواهش: ڀت سان ٽڪر هڻي هڻي ماري ڇڏڻ جي. سڄو جسم ڪنبندڙ. گڦ وهندڙ. مڇريل.
سوئر جا پٽو، مان نٿو مڃان.
مان نٿو مڃان.
مسٽر شبير، هي فائيل نهايت ضروري آهي. اڄ ئي مان نٿو مڃان، ٻڌءِ ڪونه.
هڪ زوردار لپاٽ هيڊڪلارڪ جي منهن تي، هليو وڃ هليو وڃ _ حڪم
ماڻهن جو ميڙ: اوهان سڀ حرامي آهيو. سوئر جا پٽ مادرچو.... مان پڇاءِ ٿو توکي اها جرئت ڪيئن ٿي هان؟
پيٽ ۾ لت.
ها؟ عاشيءَ کي ڀڄائڻ جي جرئت ڪيئن ٿيءِ؟
تنهنجي ته... اها توکي جرئت ڪيئن ٿي؟
منهن ۾ مڪ، نڪرندڙ رت نڪ مان
مڪ مٿان، مڪ، لت مٿان لت
سهڪندڙ
اوچتو ذهني ڇرڪ سان، سرت: ڏڪندڙ آڱرين، ڪنبندڙ پوري جسم جي. وهندڙ پگهر جي. پگهر ۾ آلي ٿيل گنجيءَ جي. پگهر جي تيزابي، تکي بوءِ جي.
نڪ ۾ گهڙي ويندڙ تيزابيت واري پگهر جي تيز بوءِ، دماغ تائين پهچندڙ. نه چاهندي به پگهر جي تيزابيت کي لڳاتار ساهه کڻي وري وري سنگهڻ جي ڪوشش. بڇان پنهنجو پاڻ کان. گهٽ ۽ ٻوساٽ جو احساس وڌندڙ. ڪنبندڙ هستي، ان تيزابيت ۾ ڳرندڙ. قميص ۽ گنجي لاهي ڇڏيان. پٺن کي آلي گنجيءَ جي آلاڻ چڀندڙ. سڄي ڪمري ۾ تيزابيت جي بوءِ پکڙيل. ساهه ٻوساٽجندڙ. ايندڙ اورٽ. الٽي ايندڙ.
لاٿل قميص ۽ گنجي، اڌ بدن اگهاڙو. گرمي ۽ گهٽ وڌندڙ. منجهندڙ ساهه. دل ڪچي ٿيندڙ. ڪرڀ، پنهنجي ئي جسم کان. ٻاهر اڱڻ ۾ اچي ڊگها ڊگها ساهه کڻڻ جو خيال ۽ تازي هوا جي جهوٽن مان ايندڙ مزي جو تصور نئين حياتي ڏيندڙ. پر ليٽيل ساڳي هنڌ تي.
جيڪڏهن مان هينئر مري وڃان؟ مري وڃڻ جي سوال پٺيان، مري وڃڻ جو رومانٽڪ خيال لڪل. مري وڃڻ جي سڌ گاڏڙ خيال سان، زندگيءَ جي مبهم هجڻ، بي معني هجڻ جو گهرو ۽ هستيءَ جي تجرباتي سطح تي وڌيڪ درست لڳندڙ خيال. بي وسيءَ جو احساس ان کي وڌيڪ هٿي ڏيندڙ.
ٻوساٽيجندڙ ساهه. اوچتو اٿي، ٻاهر اڱڻ ۾ اچي ڊگها ڊگها ساهه. ڪانچ جا ور مٿي کڻي پسار اڱڻ جي. وڻندڙ ٿڌڙي،


۴۱
گهميل هوا. زندگيءَ جي تازگيءَ جو احساس اوچتو، ان احساس سان: اڪيلائيءَ جو وڍيندڙ احساس. هڪ گهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻن انسانن جو وجود لازمي آهي: خيال.
پر اڳي، عاشيءَ جي اچڻ کان اڳ؛ مون ڪڏهن ٻئي انسان جي موجودگيءَ جي ضرورت محسوس ڪانه ڪئي هئي، اهڙو خال محسوس ڪونه ٿيندو هو، جنهن کي ڀريو وڃي. روٽين ۾ گم ٿيل زندگي هئي. هن جي وڃڻ کان پوءِ، ٻئي انسان جي موجودگيءَ جي ضرورت، بلڪه پنهنجي وجود ۾ هڪ کٽل، خال محسوس ڪيان ٿو! ڪيڏو عجيب آهي!
ڄايس ڇو؟
هڪ حادثو! ٻن وجودن جي ميلاپ جو نتيجو. پر منهنجي هستيءَ جي پيدائش، جوڙ ۾ منهنجو حصو ڪيترو؟ منهنجي مرضي..
اوچتو: پيٽ ۾ وٽ. هيڻائيءَ جو تکو احساس. يادگيري: رات جي ماني ڪانه کاڌل. بک. هيڻائيءَ ۾ بک جي انتها وڌيل. پر ڪجهه کائڻ جي تصور سان مئل بک جو احساس. بک، جا لڳل، پر مئل.
هينئر سمهڻ گهرجي. رات ڪافي گذري_ ڀانيان ٿو ته _ ننڊ لاءِ هڪ ڀيرو وڌيڪ جاکوڙ ڪيان... بهتر ٿيندو کٽ ٻاهر ڪڍي سمهان.
ٿڌڙي، جسم ۾ ڪتڪتائي ڪندڙ هوا. مٿي اُڀ ۾، ڪارنهن ۾ ٽمڪندڙ تارا. نظر کتل اڀ ۾.
گول ڌرتي ڦرندر. چنبڙيل ان ۾. چنبڙيل، لڙڪندڙ پتڪڙا پتڪڙا انسان. ڪيئن وانگر رڙهندا.
رڙهي رهيا آهن، چنبڙيل انسان.
ڪاڪوس ۾ گندي پاڻيءَ جو دٻو، دٻي ۾ رهندڙ ڪينئان.
لڳي ٿو اڄ به سڄي رات.
بڪواس. سمهڻ گهرجي. پاسو ورائي پوريل اکين. اوندهه. ذهن سجاڳ. اوندهه ڪاري، اوندهه ناسي، ڳاڙهاڻ مائل. ٺهندڙ، ڊهندڙ، ايندڙ ويندڙ، عجيب جاميٽريڪل شڪليون، گول، ٽڪنڊا، عورت جا اڀا چڏا، هيٺ پٽ تي وهندڙ ڳاڙهو، چٽو ڳاڙهو رت جو تلاءُ.
عاشي: پيڙا وچان بگڙيل، ڪرب ڀريل، دونهاٽيل اڻ چٽو منهن.
بي چيني. ورايل پاسو، چڏن ۾ وهاڻو. ڊگها ساهه. ننڊ لاءِ جاکوڙ: ڊگها ساهه کڻي. سيلف سجيشن: مون کي هينئر ننڊ ڪرڻ گهرجي. گهري ۽ مٺي ننڊ. مون کي هينئر سمهڻ گهرجي. ڊگها ساهه. هينئر مون کي گهري ننڊ اچي رهي آهي. غنودگي. ها، سڪون ڏيندڙ ننڊ اچي رهي آهي. پوريل اکيون. پوريل اکين اندر ڪاري اوندهه پکڙيل. ٻه اگهاڙا انسان: ٻٽ ٿيل، وحشاڻي انداز ۾ چر پر...
ڇورا نه ڏس.
مون کي هينئر اجايا خيال نه اچڻ گهرجن. سڪون واري ننڊ اچي رهي آهي.
پوريل اکين اندر ڪاري اوندهه ناسي طوفان ۾ تبديل ٿيل. اوچتو ٺڪاءُ. ڌرتيءَ جو تيز ڦرندڙ گولو. چٽو احساس پوري ويساهه هيٺ: زلزلو. ڌرتيءَ جو گولو ڦاٽل، ڪپهه جي پڻين وانگر اڏامندڙ ذرا. ٺڪاءُ. وڏا لوڏا، جهٽڪا. گرمائش چوڌاري پکڙيل تئُه. لڙهندڙ، گرم، ٽچڪندڙ وهڪري ۾...
ڊپ. اوچتو اکيون پاڻمرادو کليل. لڏندڙ کٽ.
چند گهڙين تائين نيٺ، بنهه ڪجهه به نظر نه ايندڙ. پوءِ ڏڪندڙ دل سان چوڌاري نهار. ڊگهو ساهه. مٿي آسمان ۾ هلندڙ هوائي جهاز جو آواز ڪنن تي، مٿي نهار: ٽمڪندڙ تارا، چرندڙ هوائي جهاز جون ڳاڙهيون سايون بتيون.
هيڪلي گهر ۾ هيڪلي هجڻ جو تکو احساس. در جي کٽ کٽ.
چور؟
شعوري سطح تي پاڻ کي نديندي: ڀاڙي. هٿرادو کنگهه، پنهنجي زندهه هستيءَ جي نماءَ لاءِ ته آهي. پر اندر من ۾ اٿيل ڊپ کي دٻائڻ ڪاڻ.
کنگهندي اٿي، پيشاب لاءِ ڪاڪوس ڏانهن ويندي، ٻاهرين بتي ٻاريندي جا هن مهل تائين نه ٻاريل. ڪنڍن ۽ درن جي ڪڙن جي جاچ، هن اندروني انديشي سان ته چور نه هجي.
پيشاب ڪري، کٽ تي اچي، ڄنگهون هيٺ لڙڪائي، سٿرن تي وهاڻو رکي سوچيندڙ: ننڊ لاءِ. سڀاڻي آفيس ۾ ڪم ڪينءَ؟
گم پنهنجو پاڻ کان.
اوچتو: ننڊ انهيءَ ڪري ڪيان جو آفيس ۾ ڪم ڪرڻواٿم! آفيس ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ننڊ ڪيان.
ذهني اورٽ ايندڙ. نفرت. پهرين ڀيرو چٽو احساس ته: آفيس، آفيس جو ماحول اڻ وڻندڙ. لڳندڙ: گهڻو اڳ ماضيءَ ۾، جڏهن اڪيلو حيدرآباد آيو هو، زندهه رهڻ لاءِ گذر جي وسيلي واسطي، تڏهن پهرين هن نوڪريءَ ۾ دلڪشي هئي، پوءِ انهيءَ احساس جي موت سان: پاڻ آفيس جو هڪ پرزو بڻيل. حياتيءَ جي هن اهم حصي تي ڪڏهن به ڌيان سان نه سوچڻ جي باوجود، اهو سڀ ڪجهه سڀاويڪ لڳندڙ، سوچ جي تندن کي نه ڇهندڙ.
ڪيڏوعجيب آهي. سچ پچ: ننڊ انهيءَ ڪري ڪرڻ گهرجي جو آفيس ۾ ڪم ڪرڻو اٿم، آفيس ۾ ڪم انهيءَ ڪري ڪرڻو اٿم جو، زندهه رهڻ لاءِ اتان ڪجهه ملي ٿو. نه ته مان، ننڊ نه اچڻ جي پرواهه نٿو به ڪري سگهان.
جيئرو ڇو ٿو رهان؟ اٽڪيل، ڦاٿل سوال ذهن ۾: نوڪري ڪرڻ لاءِ، نوڪريءَ جي عيوض، پگهار وٺڻ لاءِ، پگهار انهيءَ لاءِ جو زنده رهڻو اٿم ۽ زنده انهيءَ ڪري رهڻو اٿم؟ نوڪري ڪرڻي اٿم!
بڪواس.
مرڻو اٿم. زندگيءَ جي پڄاڻي نيٺ موت ته آهي ئي.
هيءُ سڀ ڪجهه ڪيڏو احمقانه ۽ عجيب ڍونگ آهي سرت سان.
نه چاهيندي به، ... ماحول کي، نوڪريءَ کي، هيءُ جيڪو ڪجهه آهي، ان کي جيئن جو تيئن رکڻ لاءِ، انهيءَ ۾ محض چرپر ڪرڻ لاءِ زنده رهڻ.
آفيس. انکان سخت نفرت. ٻئي ڏينهن، ان کان پوءِ ٻئي ڏينهن ۽ ان کان پوءِ ٻئي ڏينهن....
آفيس نه وڃڻ لاءِ دل.
ٻه_ ٽي ڏينهن موڪل وٺان_
خيال: پر. اهي ٻه ٽي ڏينهن ڇا ڪندس؟
آفيس جي روٽين واري ڪم ۾ رڌل پنهنجو وجود ۽ ان کان پوءِ جي عام رواجي زندگيءَ واري روٽين ۾ گم ٿيل هستي، جنهن جي هجڻ جو ڪڏهن احساس نه رهيو، عاشيءَ جي وڃڻ کانپوءِ نمايان ٿي بيٺل: ڪيڏي اڪيلي، پيڙا ڀري، خال محسوس ڪندڙ، پنهنجي روپ ۾: ڀوڳيندڙ.
پوءِ به جيئڻ لاءِ ڀرپور آس رکندڙ!
مان آهيان جو احساس، انهيءَ احساس پٺيان ڇو آهيان جو سوال. ڇو جي پٺيان سوچ جو لڳاتار سلسلو. اها سوچ، جيڪا پنهنجيءَ هستيءَ کي ڌونڌاڙي ڇڪي، اُڀو ڪري آڏو بيهاريندڙ. ڇو ؟ نيٺ ڇو؟ ڪلارڪي ڪرڻ لاءِ؟
هي سڀ انسان انهيءَ ڪري جيئن ٿا، جيئڻ جي جاکوڙ ڪن ٿا، ذليل ٿين ٿا، ذليل ڪن ٿا، سرخرو ٿين ٿا، سرخرو ٿي ماڻين ٿا، سرخرو ٿيڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڪميڻايون، ذلالتون، ڪريل کان ڪريل ڏوهه ڪن ٿا، رڳو انهيءَ لاءِ جو _ عجيب مشڪري آهي.!
جيئڻو آهي. جيئڻ لاءِ نوڪري ڪرڻي آهي. شادي ڪرڻي آهي. شاديءَ لاءِ نوڪري ڪرڻي آهي. ٻار ڄڻڻا آهن. ٻار پالڻا آهن. وري شاديون.... وري بار .... وري_
هڪ اڻ_ کٽ سلسلو.
مرڪ چپن تي _ مرڪ ڦهلجندڙ. مرڪ جو احساس. مرڪ جو احساس احمقانه لڳندڙ. کل پنهنجو پاڻ تي. پنهنجي منهن کلڻ تي. ايندڙ کل پنهنجو پاڻ تي.
اوچتو سنجيدگيءَ سان: ڪٿي منهنجي دماغ جي ڪا رڳ ته نه ٿڙي رهي آهي!
سخت ڳڻتيءَ سان: مون کي ڇا ٿي ويو آهي!
لڳندڙ عجب، پنهنجو پاڻ تي، لڳندڙ ڌاريو پنهنجو پاڻ کي.
ڌاريو، پنهنجو پاڻ آڏو. هڪ پرولي، جا سمجهه ۾ نه ايندڙ.
منجهيل ذهن.
پاڻيءَ جي اُساٽ.
پاڻي پيئندي، لهندڙ اڃ مان مزو ايندڙ. پاڻي پي، کٽ تي اچي ليٽيل سگريٽ جي ٻاڙ. ٻرندڙ شعلو.
ذهن کوکلو. خالي
کوکلي ذهن اندر، ٿڪل ڪاهل، سوچ جي چرپر.
حرامزادي عاشي. هن جي ئي پاڻمرادي خيال اچڻ سان ويچارن جو هيءُ سلسلو _ پاڻ ته موجن ۾ هوندي. اجايو مونکي _ اوچتو ڇرڪ سان پاڻ ته موجن ۾ هوندي، جو پڙاڏو پنهنجي ذليل هجڻ، انتهائي ڪريل قسم جي ڏوهه ڪرڻ، بزدليءَ ۽ ڪانئرپڻي جو وڍيندڙ احساس.
ممڪن آهي هو کيس ڀنڀلائي وٺي ويو هجي.
پر هنن حالتن ۾ مان ڇا ٿو ڪري سگهان؟ بي وسي. ان ڏوهاري هجڻ جي وڍيندڙ احساس جي اذيت کي گهٽ ڪرڻ لاءِ منطقي سوچ جو سهارو: جڏهن هوءَ پنهنجي مرضيءَ سان وئي آهي. هن پنهنجي اختيار جو ايترو استعمال ڪيو جو، مون کي آگاهه ڪرڻ جي ضرورت به محسوس نه ڪيائين. انهيءَ جي معني ته: هن پنهنجي نئين زندگيءَ لاءِ جيڪا نئين واٽ ورتي انهيءَ ۾ هڪ ته هوءَ خوش هئي ۽ ٻيو ته هن منهنجو دخل مناسب نه سمجهيو. انهيءَ حالت ۾ مان ڪير ٿيندو آهيان جو...
بڪواس. تون محض ڏوهاري هجڻ جي وڍيندڙ احساس کان پاڻ _ بچائڻ لاءِ، پاڻ ٺڳيندڙ سوچ جو اهو انداز اختيار ڪري رهيو آهين.
ڦڪي، بي حيائيءَ واري مرڪ.