ناول

رڃ ۽ پڙاڏا

ماڻڪ جي سڃاڻ هڪ منفرد ۽ الڳ ليکڪ واري آهي، جنهن لاءِ شوڪت شورو لکي ٿو ”ماڻڪ، بي رحم، قاتل ۽ ظالم ليکڪ، سنڌي ليکڪن جي ڊگهي قطار کان هٽيل، ڪٽيل ۽ الڳ. جنهن کي سنڌ ادب جا تارا ٺيڪيدار، ليکڪ مڃڻ لاءِ ئي تيار ناهن ۽ پڙهندڙ هن کي شوق سان پڙهڻ کانپوءَ گاريون ڏيندا آهن.“
هيءُ ناوليٽ پهرين ”ميسوڻي“ جي سري هيٺ 1961ع کان 1968ع ڌاري لکيو ويو. وري ٻيهر 1973ع کان 1975ع جي وچ ۾ ”رڃ ۽ پڙاڏا“ جي سري هيٺ لکيو ويو. 1992ع ۾ روشني پبليڪيشن پاران ”ٽي واليٽ“ جي سري هيٺ وري ڇپايو ويو.
  • 4.5/5.0
  • 2106
  • 1158
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ماڻڪ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book رڃ ۽ پڙاڏا

3

قبرستان: ٻرندڙ ڏيئو ھڪ قبر تي.
قبرستان جي ھيءَ سانت! سنسان ماحول واقعي ڀوائتو لڳندڙ آھي. پر پوءِ به عجيب قسم جو انس –
ھن دور ۾، جڏھن جيئرن انسانن جي رھڻ جو مسئلو ايڏو شديد ٿي ويو آھي، تڏھن مئلن کي غير ضروري طور ھيڏي ساري زمين ڏيڻ ڇا بيوقوفي ۽ جھالت نه آھي ! ھن جاءِ تي چئن پنجن منزلن واريون ٻه ٽي بلڊنگون خوشيءَ سان اڏجي سگھن ٿيون. جن ۾ ڪيترن ئي جيئرن انسانن کي سولائي سان رھائي سگھجي ٿو. ممڪن آھي، اڳتي ھلي ضرورت مجبور ڪري ته پوءِ
ٻرندڙ ڏيئي واري قبر شايد نئين آھي.
موت اٽل آھي.
گھر: اجڙيل ويران، لڳندڙ کنڊر. ماضيءَ جو ھڪ يادگار. ماضيءَ ۾ ڪا زندگي ھئي، احساس ۽ جذبا ھئا. چرپر ۽ حياتيءَ جا آثار ھئا.
ذھني ٿيڙ . . . .؟
عاشي . . . .؟ ھا، اھا زندگي عاشي ھئي، جنھن جي وجود جي موجودگي؛ ڀرڀور زندگي جو اظھار ھو. ھن جي وڃڻ ڪري پيدا ٿيل ھيءُ ويراني جو احساس، انھيءَ احساس ۾ اڪيلائي، اٻاڻڪي ڳتيل! ھتي اچڻ کان اڳ، جڏھن ھوءَ نه ھُئي، اڪيلو ھوس تڏھن اڪيلائيءَ جو احساس نه ھو. پنھنجي وجود جي موجودگي جو احساس نه ھو. ڪتاب. ھا، ھڪ روٽين لائيف جو کوھ مان پاڻي ڪڍندڙ بند اکين سان پاڻي ڪڍندڙ بند اکين واري ڏاند وانگر بي منزل ڦيرو ھو. ڪڏھن نه کُٽندڙ. ھن جي اچڻ، وڃڻ؛ ڪجھه جاڳايو، جو اڳ جاڳيل نه ھو. بنھه ڪجھه ھوئي نه، ھن پيدا ڪيو. لڳي ٿو ھن جي اچڻ کان اڳ، پيدا نه ٿيل ھئس. ھن جي وجود زندگي ڏني. ھن جي اچي، ھلي وڃڻ زندگيءَ جي ھجڻ جو احساس.
زندگيءَ جو احساس ڪيڏو نه پيڙا ڀريو؛ اذيت ناڪ آھي. ڇا انسان ائين آھي؟ پوءِ به زندگي سان پيار! شايد . . . خير! سچ چيو آھي: زندھ رھڻ جي خواھش؛ ڪيڏي ڪمزوري آھي!
قبر تي ٻرندڙ ڏيئي جي ٽم – ٽم.
پر موت اٽل آھي.
اوچتو: موت جو ڊپ سڄي وجود کي وڪوڙي ويندڙ: جڏھن موت اٽل آھي ؛ پوءِ ڊپ . . .
ڪمرو: در ۾ اندران ڪڙو چڙھيل، کٽ تي بي جان جسم پيل: منھن سڌو، ھڪ ٻانھن کٽ جي ٻانھينءَ کان ھيٺ لڙڪندڙ وات ڦاٽل؛ اکيون کليل.
اِتي، ائين ڪي ڏينھن گذري ويل.
ڌپ. ڪِيليون پٽيندڙ. مکين جا ميڙ. ڪينئان رڙھندڙ. ننڍا وڏا ڪيئان؛ وچڙيل، چرندڙ لاش تي. جسم جو ڳپل حصو کاڌل. ٽنگ، مختلف ھنڌن تي. پٽيل، ٽُڪيل، کاڌل، ھڏا نظر ايندڙ.

ماڻھن جو گوڙ.
ڳڻتي – الڪو – ڊپ.
مان به عجيب آھيان. جڏھن مرڻ کان پوءِ مون کي ڪنھن به ڳالھه جو احساس نه رھندو ته پوءِ ھي بيوقوفيءَ وارو خيال ڇو! بي جان جسم جيئرن جي حوالي، وڻين ته گند جي ڍير تي ڦٽو ڪن، وڻين ته – بھرحال، اھو مسئلو جيئرن جو رھندو مئلن جو نه.
موت جو خيال موٽندي، ذھن خالي، احساس ستل، ڌاريو پنھنجو پاڻ کان، ڌاريو، پوري ماحول کان، جنھن ۾ ھلندڙ.
پاسو ورايل، وڌيل اوندھ. اوندھ جو ڏنڀيندڙ احساس. ٻرندڙ بلب. چوڦيڙ لڳندڙ سنسان، ڄڻڪ قبرستان ۾؛ بلب، ٻرندڙ ڏيئو.
قبر جي مٿان ڏيئو ٻري رھيو آھي.
سڌو سنئون ليٽيل کٽ تي، لڳندڙ مئل، پيل قبر ۾:
”بڪواس آھي.“
اڪيلائي جو احساس. ننڊ جي ڀرڀور خواھش ھوندي به، اکين ۾ ننڊ نالي ماتر به نه!
ڪتاب پڙھان. اوچتو خيال
HOMER – ODYSSEY
ڪتاب جو خيال اچي غائب ٿي ويل. نظرون ڀت ۾ کتل. ڀت تي پوندڙ پيلي پيلي روشني پراسرار لڳندڙ. ھنڌ – ھنڌ تان ڀتين جا چاپوڙا لٿل، رنگ ڦٽل. عجيب قسم جون شڪليون: اُڏامندڙ گھوڙو. ڊگھي نڪ واري ڏائڻ. جبلن جي قطار. اڏامندر پکي. لھرون. بن مانس. ھرڪيولس.
شڪليون چُرندڙ: اوچتو ھڪ نئين شڪل: اگھاڙي عورت. يڪ – ٽڪ اڀا ٿيل گوڏا.
عاشي اگھاڙي، اگھاڙي ماڻھو سان. بي وس، پگھريل، ڪاراٽيل منھن. اذيت جي احساس کي دٻائيندڙ. مٿان چڙھيل، اڌڙوٽ، بت ۾ ڀريل، اگھاڙو –
بدن ۾ تيز، گرم رت جي ڊوڙ. پگھر ۾ شل بي وس، ڪمزور ڪريل ھجڻ جو گھرو، گھرو احساس.
بي وسيءَ جي اونھي، گھري ڊگهي ساھ کڻڻ ۽ اکيون ڇنڀڻ سان، ڀت تي پوندڙ روشنيءَ ۾ عجيب شڪليون گم ٿيل – ڪٿان ڪٿان چاپوڙا لٿل. چاپوڙا لٿل ھنڌن تي چتائي ڏسي، انھن شڪلين کي ڳولڻ جي ڪوشش.
ذھن خالي. اداسي ۽ پيڙا جو گھرو احساس اداسيءَ ۽ ڏک جو اھڙو گھرو احساس؛ روح جي اونھائي ءَ ۾ ، ھيٺ؛ پاتال تائين رھڙجي پھتل. ڪجھه ڦاٽل ھنئينءَ ۾ ، ٻاھر نڪرندڙ. ڪجھه منجھيل، ھيٺ روح جي پاتال ۾، ٻاھر نڪرڻ چاھيندڙ.
بي وسي – چٽو احساس، ساڃھه سان، انجو.
اکيون ڳوڙھن سان ڀرجي آيل. ھستي ھڪ ھنڌ، ڄميل بوتي جيان. وھندڙ ڳوڙھا.

اوچتو سڏڪا، ڄميل بوتي ۾ سياٽي سان چرپر.
سڏڪا . . . .
سڏڪن مٿان سڏڪا. بوتو سڏڪا ڀريندڙ.
سڏڪا . . . ڪا مھل.
ٿميل سڏڪا ، ھڪ ھنڌ ڄميل وجود. اکيون کتل ھڪ ھنڌ.


اوچتو : پاڻ – سجاڳيءَ جي احساس سان: روئڻ ۽ سڏڪن جو احساس. اھو احساس. ويساھ ۾ نه ايندڙ سپني سمان لڳندڙ. عجيب کل جھڙو. مرڪ چپن تي، ڄڻڪ پنھنجو پاڻ تي ٺٺول. مرڪ ڦھلجندڙ، پنھنجو پاڻ تي تعجب جي احساس سان! پوءِ ٽھڪ، ٽھڪ مٿان ٽھڪ. پنھنجو پاڻ تي.
ٽھڪ . . . .
ٽھڪن سان ، اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيل.
ڪيڏو عجيب!
ٿھميل ٽھڪ. ھڪ ھنڌ ڄميل وجود. اکيون کتل ھڪ ھنڌ.

اوڊيسيس رئندڙ. سڏڪا ڀريندڙ.
ھن رنو. انھيءَ رئندڙ عورت وانگر، جيڪا پنھنجي مئل مڙس جي لاش مٿان پاڻ ڦٽو ڪري وڏي واڪي سڏڪا ڀري رھي ھئي. جيڪو بھادريءَ سان وڙھندي، پنھنجي شھر ۾ پنھنجن ماڻھن آڏو ، گھر ۽ ٻارن جو بچاءُ ڪندي مئو ھو . . . . ساڳي رحم طلب حالت ۾ اوڊيسيس رنو.
پنھنجي روئڻ تي ايندڙ کل.
ڪيڏي حماقت! کلندڙ، ڦھليل چپ.
سمھان. ڪافي وقت ٿي ويو آھي.
ننڊ نالي ماتر به اکين ۾ نه.
سگريٽ جي ٻاڙ. لڳڻ ھن وقت تائين خواب ۾، جو سگريٽ جي طلب جو ذرو به احساس نه ٿيل.
ٻرندڙ تيليءَ جو شعو. سگريٽ جو ڪش، ڪش مٿان ڪش. ھونئن ته ننڊ ڪانه ايندي. بھتر آھي ته اوڊيسيسيءَ جا ڪجھه صفحا پڙھان، ته پوءِ من –
رڙھندڙ اکر ھڪ ھنڌ بيٺل.
رڙھندڙ ڪارا اکر . . . .

اوچتو: نيٺ مان جيئان ڇو ٿو؟ جيڪڏھن مان مري وڃان، يا نه ڄمان ھان، ڪھڙو فرق پوي ھا؟
ھن کان اڳ جڏھن اڪيلو ھئس؛ روٽين لائيف ۾ ھڪ مشيني پرزي وانگر چرپر ۾ ھوس، ته مون کي پنھنجي جيئري وجود جو احساس نه ھو. آفيس – ھوٽل – ماني – گھر – ڪتاب – ننڊ ضروري حاجتن جو مشيني انداز ۾ پورائو. آفيس . . . . امان جي موت ۽ عاشيءَ جي موجودگيءَ، مون کي پنھنجي وجود جو احساس ڏنو ۽ عاشيءَ جي وڃڻ کان پوءِ، اڪيلائيءَ جو پنھنجي وجود جي بار ۽ وزن جو احساس! ھن کان اڳ، ڪتابن جي معنى منھنجي آڏو ھن کان وڌيڪ ڪانه ھئي ته : مان پڙھان ٿو، جو ٻالڪپڻي کان وٺي ڪتاب پڙھڻ جو چشڪو لڳل اٿم. ھر ڪتاب جي اھميت، ان کي پڙھڻ جي وقت تائين ھئي ۽ بس! ائين جيئن ڪاڳر جي گلاس ۾ پاڻي پي، ان کي ڦٽو ڪري ڇڏجي. ۽ ھيئنر اکرن جي ھنن ڍيرن ۾ ڄڻڪه ڪجھه نظر اچيم ٿو. گھڻو ڪجھه، لڳيم ٿو. ھيءَ ڪارا ڪارا اکر مون کي چھنڊڙيون پائي رھيا آھن. عاشيءَ ۽ حادثي ۽ امان جي موت، مون کي پنھنجي ھستي جو احساس ڏنو، جڏھن ته ھيءَ اکر ڪيلين وانگر منھنجي ھستي کي چڪ پائي رھيا آھن!
بڪواس آھي. سڀ ڪجھه بڪواس. ھيءُ ڇا سوچي رھيو آھيان: اجايو، بي مطلب. ھينئر سمھان. صبح جو آفيس بتي وسايان.
اوندھ، اکيون پوريل. ننڊ لاءِ ھٿرادو جاکوڙ. پاسن جو ورائڻ. سڌو ستل. اکين تي ٻانھن.
اوچتو: احساس، اڪيلائيءَ جو. سانت ۽ اوندھ ۾ پيل ھستيءَ، بي چين وجود ۾ ڪجھه کٽل ھجڻ جو، جو ھئڻ گھرجي.
خالي ويران گھر: عاشي جو ڇڏيل خال جو احساس اونھارو – ٿڌي ھير ھلندڙ. چانڊوڪي رات. چوڌاري سانت. پاسو ورائڻ سان ٿڌو ٿڌو مزو ڏيندڙ. پريان عاشي ستل. گول مٽون، سانورو منھن، چانڊوڪيءَ ۾ وڌيڪ پرڪشش لڳندڙ. پوريل اکيون، گھاٽين، ڊگھين، ھلڪو وريل پنبڻين ۾ وڌيڪ خوبصورت لڳندڙ. دل چوندڙ، ائين ئي چنڊ جي روشنيءَ ۾ عاشيءَ جو منھن ڏسندو رھڻ لاءِ. گھرو ڳتيل مزو ايندڙ ۽ ڇڪ.
ڀرڀور خواھش: ڳٽي تي ھٿ ڦيرائڻ جي. لسو، نرم ڳٽو. پوءِ ٻنھي ھٿن ۾ جھلي، چمڻ جي. چمڻ سان گڏ، نرم لسن ڳٽن تي نڪ گسائڻ جي –
اوچتو: عاشي جو منھن ٻنھي ھٿن ۾ جھليل. نرم نرم ڳٽا. اکيون، اکين ۾. ٻنھي جي اکين ۾ ڳوڙھا. عاشي سڏڪا ڀريندڙ. لڪايل منھن سيني ۾. پٺي ٺپريندڙ.
ستايل، قياس جوڳا، بي وس ٻه وجود.
ننڍڙي عاشي دانھن ڏيندڙ:
”امان ، شبو کي ڏسين ٿي.“
”ڇورا نپٽيا، ڀيڻ کي ستائيندي لڄ نٿي اچيئي. نه منھنجي گُڏي تون مون وٽ آءُ. ڇا ٿو ڪرئي لوفر ڇورو.“
”امان، ڳٽن تي چڪ ٿو پائي ۽ چھنڊڙيون ٿو ھڻي.“
نرم اڀريل، گول مٽول ڳٽا.
گھر ۾ آيل مھمان عورت جي ننڍڙي ڇوڪري اوچتو رانڀاٽ ڪري روئيندڙ.
”امان، او امان.“ عاشي تيز وکن سان دانھن کڻي ويندڙ، ٻڌايان ڪڪي ڇو ٿي روئي – ”ھو شبو آھي نه، انھيءَ کيس ڳٽي ۾ چڪ ھنيو آھي نه، انھيءَ ڪري“ –
”اي ڇورا، باڇاھ پير جي ڪا مار پوندئي، تون ته ٻارن لاءِ جھڙو آھين کردجال.“
خردچال – چپن تي مرڪ ڦھليل.
ڪونئرا، نرم ڳٽا، لسا لسا، تکي ڇھاءَ سان محسوس ٿيندڙ. چمي. پوءِ ڳٽن تي ھلڪيون ٿڦڪيون ھڻڻ جي ڀرڀور سڌ.
ستل عاشيءَ: منھن کان نظر ھيٺ : سيني تي. ساھ کڻڻ ڪري سيني جو اڀار ھيٺ مٿي ٿيندڙ. معصوم، سٻاجھڙو منھن.
عاشيءَ سان وھنجندڙ اڱڻ ۾. قميصون لٿل. پراڻي ڦاٽل اجرڪ جون گوڏون پيل. وٽي سان پاڻي مٿان نائڻ سان، اَڳر جو ڇنڪار ڪندڙ.
”عاشيءَ ٿورو ھيڏي اچ.“
پاڻيءَ جون ڦينگون اڏائيندي، ايندڙ.
ببڙيءَ تي آڱر رکندي، ”عاشيءَ، ھيءُ ڪارو ڪارو ڇا اٿئي؟“ ببڙيءَ کي چھنڊڙي.
”الا – مري ويس ، امان – “ عاشي دانھون ڪندڙ، پٽ سان پير سٽيندڙ.
”اڙي شبو، ھچا ڪا پوئي، تون ڇوريءَ جي پٺيان ھٿ ڌوئي اچي پيو آھيان.“
پٽ سان پير سٽيندي سٽيندي عاشيءَ جي گوڏ ڇڙُي، ڪري پيل.
نظرون کتل عاشي جي اوگھڙ تي.
گناھ جي احساس جو پڙاڏو. پڙاڏا . . . .