ڪامريڊ ڄام ساقي جي وڇوڙي تي تعزيتي ميڙاڪو
آيل مهمانن جي ڀليڪار ڪندي اسد سولنگي چيو ته سنڌ جي ترقي پسند سياست جي سرواڻ ۽ پيڙهيل طبقي جي اڳواڻ ڄام ساقي جي وڇوڙي کي ترقي پسند سياست ۾ هڪ اڻ وسرندڙ باب سمجهيو وڃي ٿو. ڄام ساقي روپوشي واري دور ۾ منهنجي والد محترم ۽ راشد مورائي وٽ اچي رهندو هو. اڄوڪي تعزيتي تقريب ۾ شريڪ سڀني ساٿين کي ڀليڪار چوان ٿو. ان بعد عوامي ورڪرس پارٽي جي امير لغاري تعزيتي ميڙاڪي ۾ پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو ته اڄ جي دور ۾ روشن خيال ۽ ترقي پسند سياست ڪندڙ نوجوانن لاءِ ڄام ساقي جي جدوجهد اتساھ جي علامت آهي. سندس ڪردار کي هميشه ياد رکيو ويندو. نوجوان تاريخدان ۽ اديب پروفيسر شمشاد احمد سومري چيو ته کاٻي ڌر جي سياستڪار ڄام ساقي پنهنجي دور ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن کي پنهنجي آماجگاهه بنايو جنهن ۾ ٻلهڙيجي، خيرپور، ميهڙ، سکر ۽ مورو اچي وڃن ٿا. سندس موري ۾ ڪيترن ئي روشن خيال ماڻهن محبوب شاھ، مٺل ڪمالاڻي، راشد مورائي، استاد محمد پريل سيال، ڊاڪٽر سليمان سولنگي، مولوي عزيز ۽ ٻين سان ويجهڙائپ رهي.
ان کانپوءِ عوامي ورڪرس پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل يونس راهو خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جي کاٻي ڌر جي سياست ۾ ڪامريڊ ڄام ساقي جو اهم ڪردار آهي. پاڻ پورهيت ۽ مزدور يونين جي تنظيمن کي متحرڪ ڪري منظم ڪيو. ون يونٽ ۽ مارشل لا خلاف ٿيندڙ مزاحمتي تحريڪن ۾ ڄام ساقي جو ڪردار تاريخ جو هڪ سونهري دور آهي. سندس 4 مارچ وارو يادگار شاگرد سياست وارو باب انتهائي شاندار لکيو وڃي ٿو. جنهن ۾ پروفيسر عمر ميمڻ، اقبال ترين، يوسف لغاري، ڄام ساقي، مسعود نوراني ۽ ٻيا شاگرد اڳواڻ اچي وڃن ٿا.
ان بعد مزدور ٽريڊ يونين اڳواڻ ۽ نوجوان ليکڪ استاد مخدوم اظهار ڄام ساقي سان پنهنجون ساروڻيون ٻڌائيندي چيو ته منهنجي پهرين ملاقات ساڻس سکر سينٽرل جيل ۾ ٿي. ان کانپوءِ کانئس متاثر ٿي سندس نظرئي ۽ فڪر سان لاڳاپيل ڪامريڊن سان ويجهڙائي ٿي. سندس ٻي شادي رڪن الدين قاسمي جي نياڻي اختر بيگم سان ٿي، جنهن ۾ مان به شريڪ ٿيس. ڪامريڊ هڪ باڪردار ۽ روشن خيال سياستدان هو، جڏهن ته هاڻ سياست ۾ اهڙا ڪردار نه رهڻ سبب گندگي ٿي وئي آهي. ڄام هميشه هر ملڻ واري ماڻهو کي چمي ڏئي ملندو هو. هن چيو ته پاڻ هميشه ڀٽائي جو شهر پڙهندو هو ته:
جي لوڻ لگين لائين، چيري چيري چم
مون نه ڪڏهن ڪيو، اهڙو ڪوجهو ڪم
جان جان دعوي دم، تان تان پرت پهنوارن جي.
ان کانپوءِ ڪامريڊ بهادر لانگاهه چيو ته ڄام جي وڇوڙي کان پوءِ مان هوش سنڀالي نه سگهيو آهيان، لکين ماڻهن ۽ پورهيتن جي حقن لاءِ جان ڏئي ويو. جاگيردارن، وڏيرن ۽ ظالمن سرمائيندارن خلاف سندس ڪيل جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا.
جنهن بعد سگا ساٿي ڪامريڊ وزير فرهاد سولنگي پنهنجون ساروڻيون ٻڌايون، هن چيو ته عام رواجي ماڻهن وانگر سرڪاري بسن ۾ سفر ڪندو هو. سفر ڪندي پورهيتن جي ٿيندڙ ميڙاڪن ۾ شرڪت ڪندو هو. سندس ملڻ جو انداز سادگي، سچائي ۽ پنهنجائپ جو سڀاءُ هو. هر ملندڙ کي ڪنڌ تي پيار منجهان چمي ڏيندو هو. هڪ ڀيري چميءَ جو مفهوم ٻڌايائين ته محبوب سرڪار پنهنجي ٻنهي ڏوهٽن کي چمي ڏيندو هو. مون انهيءَ سلسلي جي پيروي ڪندي اها روايت اپنائي آهي. ڊسمبر 1991ع ڌاري امن لانگ مارچ جيڪو ڪمون شهيد ڪراچي تائين هيو. ان ۾ سندس پير پٿون ٿي پيا ۽ سنڌ جي قومي شاهراھ تي آباد ٿيل ڳوٺن ۾ رهندڙن ماڻهن ڀرپور استقبال ڪيو. جنهن ۾ هاري، ناري، پورهيت، عورتون، ٻارڙا پنهنجي اکين ۾انقلابي سماج ۾ سندن منزل ڳولڻ جي هڪ اميد شامل هئي ۽ پنهنجي انهيءَ آس سان ته پنهنجا حق واپس ورائينداسين اچي ڄام کي ڀاڪر ۾ ڀريندا هئا ۽ شاندار استقبال ڪري پنهنجي محبتن جو اظهار ڪندا هئا.
ميڙاڪي ۾ ڪامريڊ مسرور چانڊئي پنهنجون يادگيريون ۽ ويچار ونڊيا. هن چيو ته ڄام ساقي تمام اهم سياسي اڳواڻ هو. هن سڄي زندگي مظلوم پورهيتن ۽ هارين لاءِ جدوجهد ڪئي. جڏهن ته اڄ سنڌ جو سياستدان مال ميڙڻ جي چڪر ۾ آهي. عوام ۽ ماڻهن سان محبت دوکو ۽ فريب آهي. اهڙن بدڪردار سياستدانن، وڏيرن، جاگيردارن ۽ ظالمن خلاف عوام کي اڳيان اچڻو پوندو ۽ ڪردار ادا ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.
ساس ضلعي نوشهروفيروز سيڪريٽري اظفر سعيد ميمڻ پڻ خطاب ڪيو ۽ چيو ته سنڌ اندر نوجوانن ۾ فڪر پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. تعزيتي ميڙاڪي کي سياسي سماجي اڳواڻ عظيم سنڌي ڳالهائيندي چيو ته ڄام ساقي غريب مسڪين ۽ پورهيت ڪلاس سان تعلق رکندڙ اهم سياسي اڳواڻ هو ۽ تمام سگهارو ماڻهون هو. هن شاگرد تحريڪ جا ڪيترائي سندس واقعا پڻ ٻڌايا. هن چيو ته موري سان سندس پنهون وارو ناتو هو.
ان بعد سگا صدر اسلم عباسي ڳالهائيندي چيو ته ڄام ساقي پورهيت ۽ مزدور اڳواڻ هو. هڪ باڪردار سياسي ليڊر هو جيڪو ڪڏهن ڪين جهڪيو. هڪ صديءَ جي شاندار تاريخ آهي. هن چيو ته ون يونٽ ۽ ايوب جي مارشل لا بعد سنڌ اندر جي ايم سيد، رسول بخش پليجي ۽ ڄام ساقيءَ سياسي شعور پيدا ڪيو ۽ ان وقت سنڌ اندر سياسي اٿل پٿل هئي.
مهمان خاص ڪامريڊ هاشم کوسي تقرير ڪندي چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي جيڪا ڪيل جدوجهد اڄ جي نوجوان نسل لاءِ اتساهه جي علامت آهي. جيئن ملڪ اندر ملڪي سياست ڪندڙ ڌرين ۾ ترقي پسند ۽ روشن خيالي آهي اهڙي طرح قومپرستن ۾ به روايتي ۽ روشن خيالي جي ڌارا به شامل آهي. اسان جي قومپرست سياست سنڌ جي خودمختياري، لبرل ۽ روشن خيال آهي. ڄام ساقي هڪ انسان دوست، مدبر اڳواڻ ۽ سياسي رهنما هو، سنڌ جي پٺتي پيل ٿر جهڙي علائقي مان هو اڳتي نڪري آيو.
صدارتي خطاب ڪندي برک اديب ۽ ڄام ساقي جي ساٿي عبدالله خان جيسر چيو ته منهنجو ساڻس روح جو رشتو هو. 12 سال گڏ رهياسين تمام سچو ۽ مخلص سياسي رهنما هو. اڪثر تقريرن ۾ شاهه لطيف جا بيت پڙهندو هو جن ۾:
جکرا جيئو شال، آءَ مدومور نه سڻان
اڃا ڪالهوڻي ڪالهه، ڏرت ٽاريا ڏيهه جا،
نه ڪا ڪن فيڪون هئي، نه ڪي لڱ لهم،
بڻيو هو نه بت ۾ اڃان ڪي آدم
مون توهين سين سنڱ، اها ساڃاھ سپرين.
ڪامريڊ ڄام ساقي سان لانگ مارچ دوران ڪيتريون ئي يادون وابسته آهن. لانگ مارچ جڏهن هالا کان پهتي ته ڪامريڊ منهنجي ننڍڙي نياڻي سنڌو کي هنج تي کڻي تقرير ڪيائين، جنهن دوران تقرير ڪندي هن چيو ته هي پنڌ ڪجهه به نه آهي ۽ ڪڏهن به ٿڪ جو احساس نه ٿو ٿئي. جڏهن اهڙين نياڻين کي پنڌ ۾ ڏسان ٿو ته ٿڪ ئي لهي وڃن ٿا. ۽ پاڻ روئي ڏنائين. ڪامريڊ ڄام سنڌ جي تاريخ جو هڪ ارڏو ۽ ايماندار ڪردار آهي. سندس جدوجهد کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. سگا ساٿين ۽ ادبي سنگت موري جي ساٿين کي جس ڏيان ٿو. جن سندس ياد ۾ هي پروگرام ڪيو آهي. ۽ ڄام جي ڪيل جدوجهد کي نوجوانن تائين پهچايو آهي. اهڙي طرح هي پروقار تقريب پنهنجي پڄاڻي تي پهتي.