پنهنجي پاران
گرم ۽ سرد جنگ ۾ اهو فرق هوندو آهي ته گرم جنگ ۾ ماڻهو ۽ سرد جنگ ۾ نظريا، سازشون ۽ پروپيگنڊا وڙهندا آهن. ويهين عيسوي صديءَ ٻه عالمي گرم جنگيون ڏٺيون، باقي سرد جنگ جيڪا سوويت يونين، سندس زير اثر ڪميونسٽ بلاڪ ۽ آمريڪا سميت دنيا جي سرمائيداري نظام هيٺ هلندڙ ملڪن وچ ۾ هئي، اها ايڏي ته سرد هئي جو ان جي سردي ڏسي سائبيريا جي سخت برف به رجي پئي.
ميلان ڪنڊيرا سرد جنگ وارن ڏينهن ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ رهندي ان جي مقصد خلاف ڪم ڪيو. هو سي آئي اي جو ايجنٽ هيو. اها تنظيم سندس مالي مدد ڪندي هئي. هو سرمائيدارن جو پگهاردار هيو. اهڙي رپورٽ سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ سي آئي اي پاڻ جاري ڪئي هئي.
وڏي ڏک جي ڳالهه آهي ته هڪ وڏو اديبُ منافق هيو، جڏهن کيس ڪميونزم مان نيڪالي ڏني وئي ته هن کليل لفظن ۾ ان خلاف لکڻ شروع ڪيو، حيرت جي ڳالهه آهي ته اهڙي منافقيءَ جي سلي ۾ کيس اڄ ڏينهن تائين نوبل پرائيز نه ڏنو ويو آهي؟ سرد جنگ جي ڏينهن ۾ نوبل پرائيز کي ڪميونسٽ نظريي خلاف هٿيار طور استعمال ڪيو ويو.
سارتر وجوديت جو رُخ موڙي انساني آزاديءَ جي فڪر ۾ ڪميونزم جي اجتماعي نظريي خلاف ڌر بڻيو، کيس نوبل انعام آڇيو ويو پر اهو چئي وٺڻ کان انڪار ڪيو ته سندس فڪر ڪنهن به انعام جو محتاج نه آهي. نوبل انعام کيس وجوديت جي فلسفي کان متاثر ٿي نه ٿو ڏنو وڃي پر انڪري ٿو ڏنو وڃي جو اهو اڻ سڌي طرح ڪميونزم خلاف آهي.
ميلان ڪنڊيرا لاءِ سارتر هڪ مثال آهي.
ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ڪميونسٽ نظام جي پاليسين خلاف اديبن جو وڏو ڪردار آهي. خاص ڪري وچ يورپ جا يهودي جن ٻئي جنگ عظيم ۾ جرمني ۽ روس جي انهن ملڪن تي قبضي کانپوءِ ڀوڳيو.
ان وقت جو ادب سندن دل جو آواز آهي ۽ پڙهڻ سان دل تي اثر ڇڏي ٿو، انهن ڀوڳيو، حالتن سان ڪڏهن سمجهوتو نه ڪيو.
انهن ڳالهين کي پاسي رکي جيڪڏهن اعتدال سان ميلان ڪنڊيرا جي لکڻين جو جائزو وٺبو ته هن وٽ فن آهي. لکڻ جو ڏانءُ ۽ ڏات آهي. هو سٺو لکي ٿو. سندس ڪردار جيئرا جاڳندا محسوس ٿين ٿا. هن وٽ لڪيل سياست جي پس منظر ۾ ڪردارن جي ڀوڳنا هڪ ڏکندڙ درد جيان محسوس ٿئي ٿي.
مان ترجمو ڪندڙ نه آهيان، مون کان ميلان ڪنڊيرا ترجمو ٿي ويو ڇو جو ان جو سبب نثار منصور پاران ڏنل ڪتاب هيو، جنهن چيو ته ”پرک جي ميلان ڪنڊيرا نمبر لاءِ کيس ترجمو ڪري ڏيان.“
دوستن سان ”ها“ ملائڻي پوي ٿي ۽ مون ميلان ڪنڊيرا کي ترجمو ڪيو.
رسول ميمڻ
ڪراچي